سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: مٽي منهنجي مٽي آهي

صفحو :5

 

ڏي جواب!

 

گل نه ٿي، تو اڳ پٽي ڇو؟

آهي مکڙي، ڏي جواب!

تنهن جي دل تان يار ساري،

ياد اکڙي، ڏي جواب!

 

آسرا بي آسرن جا،

آسرن جا ٿيا شڪار،

ڪوڙ ڪيني سان ڀري تو،

يار ڪکڙي، ڏي جواب!

 

پيٽ پنهنجي کانسواءِ تو،

وٽ نه پاڙي جي پچار،

تنهنجي سامهون رات رُکڙي،

ڏات ڏکڙي، ڏي جواب!

 

اگهه لاهڻ، اگهه چاڙهڻ،

تنهن جي هٿ جو کيل آهي،

ڇو بکاين تان هٽائين،

ڪين بکڙي، ڏي جواب!

 

تنهنجي محفل ۾ يڪايڪ،

چهچٽو چوڌار آهه،

واءِ ٻاٻيهن جي ٻاري،

آهي ٻُکڙي، ڏي جواب!

 

تنهنجا سک آرام ۾ ٿا،

هت لنگهن مهينا ۽ سال،

هن کي حاصل ناهه ساعت،

جي به سکڙي، ڏي جواب!

 

ڀل ڀيلي قوم جا تو،

هائي ڪيا ڀيلاڙ ڀينگ،

هن جي چاري لئه ڇڏي تو،

ڪانه چُکڙي، ڏي جواب!

 

***


 

 

 

 

هي تان ٿاڻو بولا خان

جنهن جي وادي واهه حسين، جنهن جي سهڻي صاف زمين،

جنهن جي مٽي باتسڪين، جنهن جي ڌرتي زور زرين،

جيڪو پنهنجو پاڻ جهان، هي تان ٿاڻو بولا خان.

 

 

جنهن ۾ بُرفت بااڪرام، جنهن ۾ پيرن جو پرنام،

جنهن ۾ هندو ڪن هرنام، جنهن ۾ ميمڻ گڊا جام،

جنهن ۾ جيلاني جيلان، هي تان ٿاڻو بولا خان.

 

 

جنهن ۾ ملڪاڻين جو راڄ، جن کان دشمن کائي ڀاڄ،

جنهن ۾ وڏا وڏا ڪاڄ، جنهن ۾ قسمين قسمين کاڄ،

جنهن ۾ آگي جا احسان، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

 

جيڪو شهرن ٻن جو وچ، جيڪو جيئي جيئي نچ،

جنهن ۾ لاريون کچا کچ، جنهن ۾ هاڻي ناهي هچ،

جنهن کي روڊ ڪيو آسان، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

 

جنهن سان هاڙهي پٻ جو پيار، جنهن کي هار وجهي هالار،

جنهن جو ڪارو چوڪيدار، جنهن کي ڪانڀو جي ديوار،

جنهن جا بار کڻي باران، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

 

جنهن ۾ مان محبت ميٺ، جنهن ۾ کيمچنداڻي سيٺ،

ٿي ويو سونهن سجاول نيٺ، جنهن ۾ ليلو، ڄيٺو، ڄيٺ،

جنهن ۾ ڀال ڪيا ڀڳوان، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

 

جنهن ۾ ٽيئون رام، جيڪو پڌرو پنهنجي نام،

جيڪو ڳائي ڇلڪن جام، نغما ڇيڙي نکري شام،

گهيرا گهمرا ڪن پروان، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

 

جنهن ۾ وڻجارا وينجهار، ڪن جو ٽنڊي ۾ واپار،

ڪن جو بار بديڻن پار، ڪي ڪي پٻڻ پاڪ سنگهار،

ڪن جو سيوهڻ ۾ سامان، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

 

جنهن جا ماروئڙا مسڪين، جن وٽ رجهي پچي ڪين،

آخر ڏيساور ڏورين، پنهنجا ٻچا ٻار ڇڏين،

هي جي هيڏا سرگردان، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

 

جنهن ۾ جيئڻ جي جاکوڙ، جنهن ۾ ماڻهو جانٺا جوڙ،

جيڪي محنت ڪن سرٽوڙ، جن جي منزل توڙان توڙ،

جيڪي جوڌا جنگ جوان، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

 

جنهن ۾ هر دم گهلي هير، جنهن جو پاڻي شربت کير،

جنهن جو کاڌو ڄڻ اڪسير، جنهن جا ماڻهو ٻاون گهير،

جنهن ۾ الفت ۽ ايمان، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

 

جنهن جي ٿڌي ٿڌي رات، جنهن ۾ بوندون ۽ برسات،

جنهن ۾ مٺي مٺي بات، جنهن ۾ گرمي کائي مات،

جنهن ۾ ڪو نه لڙي لقمان، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

 

جنهن ۾ مرض نه پهچي مور، جنهن کان ٽي بي ڀڄي دور،

جنهن ۾ ناهي ٻرو سور، جنهن ۾ ماڻهو سڀ مسرور،

جنهن ۾ دردن جو درمان، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

جنهن ۾ محلا ماڳ مڪان، جنهن ۾ جايون عاليشان،

جنهن ۾ اڱڻ ۽ ايوان، جنهن ۾ راندين جا ميدان،

جنهن ۾ روشن روشندان، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

 

جنهن ۾ عالم ۽ استاد، جنهن ۾ ٺاهوڪا نقاد،

جنهن ۾ ناهي بغض عناد، ناهي جهيڙو جنگ فساد،

جنهن ۾ اخلاقي انسان، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

 

جنهن ۾ ماڻهو صاف دماغ، جنهن ۾ باغيچا ۽ باغ،

جنهن ۾ دل جا مٽجن داغ، جنهن ۾ ليڙا لاڏو لاغ،

جن تي خاص چڙهن خانان، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

 

جنهن ۾ قربن واري ڪوٺ، ڀرسان ڳوٺاڻا ۽ ڳوٺ،

جنهن ۾ مڱ، پٽاٽا موٺ، جنهن ۾ آب اُٺي جي اوٺ،

جنهن ۾ محبوبي مهمان، هي تان ٿاڻو بولا خان.

 

 

جنهن ۾ مٺا مٺا ٻير، جنهن ۾ وکر ڍيرون ڍير،

جنهن ۾ بصر کائي ڪير، جنهن ۾ مکڻ مڻين سير،

جنهن ۾ پاپڙ ۽ پڪوان، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

جنهن لئه سينگاريو ڪا سيڄ، جنهن ۾ کوليو ڪو ڪاليج،

جنهن ۾ ڏيڻو پوندو ڏيج، جنهن جو کڻڻو پوندو کيج،

جنهن لئه ٿيندو ڪو اعلان، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

 

ڪجي پاڻي هڪڙي هنڌ، ڪٺو جوڙي شاهي بند،

پکڙن پوکون ڪڻڪ ڪمند، بنجن موريون رستا رند،

حاصل ماڻهو ڪن گذران، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

 

ڇاکون ڪوهه مري تي ڪاهه، ڇاکون هن تي ناهه نگاهه،

ڪرڻو پوندو هن سان ٺاهه، جڙندي جلد سياحت گاهه،

لهندا دل جا سڀ ارمان، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

 

جنهن ۾ ملڪي ڪا سرڪار، کولي ڪار ڪري سهڪار،

آڻي پاڻي تي اختيار، ٺاهي سانگين جو سنسار،

ماڻي ماڻهو ماڻهو مان، هي تان ٿاڻو بولاخان.

 

***

 

سارين جو رونبو

راڄ سڄو رونبي تي، گهر خالي خالي ٻارن سان هو،

باقي پويان پوڙهيون پهتيون، ماني لسي پارن سان هو.

 

جوڙا جوٽي جوڳون ڪن ٿا، ڪوڏاريان ڪڏ ڪارن سان هو،

جون مهينو ڪيڏا ڪاڙها، يار وهن ٿا يارن سان هو.

 

سلا ڀلا ساوا ساوا، ٻارا سڀ ٻيجارن سان هو،

هٿ جا باغ لڳائن هاري، آڱوٺي جي آرن سان هو.

 

اوڙي پاڙي ساڻ وهن ٿا، گڏجي آپت وارن سان هو،

آپت وارن جي ڪن آجيان دهلن ۽ يڪتارن سان هو.

 

گهر مان نڪري ٻنيءَ تي ٿا پهچن چنڊ ستارن سان هو،

ٻٻر هيٺان گڏجي کائن ماني مڻيا وارن سان هو.

 

واهه گوراڙن جا گل دستا، سونهن ٿا سينگارن سان هو،

سنهي سنهي مرهي موڙي، وهرائين قطارن سان هو.

 

پاڻي پوڇڙ تي اڻپورو، ونگ هڻن ٿا وارن سان هو،

ڌرتي جا ڌن وان لڙن ٿا، طوفانن ۽ پارن سان هو.

 

ساريون پوکي ساهه پٽيائون، مرڪن ميگهه ملهارن سان هو،

پنهجي پوري پتي ڪارڻ، پانڌاڪن پرمارن سان هو.

 

ٻارن پويان ٻارا وهري، نبرن نينهن نظارن سان هو،

وچئين ويلي وهنجي سنهنجي، موٽن مال متارن سان هو.

 

سلو سلو سانڍي رکن، ساهه جي تندن تارن سان هو،

چانور داڻو داڻو سمجهن، مٽ نه هيرن هارن سان هو.

 

ڪتيءَ ۾ ڪا دير نه آهي، کڻندا کيٽ خرارن سان هو،

کرا کوڙيون کوڙ ڀريندا، انن جي انبارن سان هو.

 

سمجهي سرچي سرکا ٿيندا، ڪامورن ڪمدارن سان هو،

پاڻيهي سي پورا پوندا زوراور زردارن سان هو.

 

ٿورا مور نه ٿورا چئجن، ٿورن لک هزارن سان هو،

گلڙا گلڙا ڄاڻ سمايا، رهندا گل گلزارن سان هو.

 

اڄ بي هاري هاري آهي، اڄ بي ٻني ٻي جي ڪاهي،

دل سان ڌرتي پوکي ٺاهي، نيڻ ٽمائي نارن سان هو.

 

***


 

 

قومي ڏينهن

جابر سان هو جنگ لڙن پيا،

جوڌا چوٿين مارچ وارا،

دودي واري ويڙهه وڙهن پيا،

دودا چوٿين مارچ وارا،

سنڌ امڙ تان گهور ٿين پيا،

سوڍا چوٿين مارچ وارا،

ڳوٺان آيا ڳالهه پڄائي،

ڳوڌا چوٿين مارچ وارا،

عظمت واري آهي اسان وٽ،

يار برابر چوٿين مارچ،

عظمت وارا آهن سنڌي،

سما، ڌما، ٻٻر، ٻارچ.

 

قومي ڏينهن مان هي آهي،

پنهنجو هڪڙو قومي ڏينهن،

ڏينهن انهيءَ تي جابر سان هڪ،

جبري جنگ لڙي ويا شينهن،

معصومن تي موري سامهون،

موت وسايان ڪيڏا مينهن،

سنڌ نديءَ تي نيزن سامهون،

نبريا ڏاڍا ڏاڍا نينهن،

ياد سدائين رهڻي آهي،

يار اسان کي چوٿين مارچ،

ٽولا ٽولا ٽانڊاڻن مان،

ٿيندا ٿي ويا ٽانڊا ٽارچ.

 

 

 

چوٿين مارچ وارا مانجهي،

سوريءَ کي ويا سيج بنائي،

پنهنجي ڳاڙهي ڳوڙهي رت جو،

ڌرتيءَ تي ويا ريج بنائي،

هوڏيا ڪوڏيا هيڪاندو ويا،

هر ڪنهن دل ۾ هيج بنائي،

خون انهن جو ڌرتيءَ تي پيو،

وهندو کونرا کيج بنائي،

آزاديءَ جي پهرين منزل،

آهي اسان وٽ چوٿين مارچ،

دشمن جي لئه آهي ڪاتي،

ڪرٽ ڪهاڙو ڪرچا ڪارچ.

 

 

چوٿين مارچ تي گڏ ٿيندا،

آزادي جا پروانا سڀ،

چوٿين مارچ تي سڏ ڏيندا،

ديس جا دلبر ديوانا سڀ،

چوٿين مارچ تي هت ايندا،

وانجهي مانجهي مردانا سڀ،

ميڙاڪن ۾ ميڙا ٿيندا،

مستيءَ وارا مستانا سڀ،

ڏيهه ڏهاڙن مان هي آهي،

ڏينهن ڀلارو چوٿين مارچ،

هر ڪنهن دل ۾ آڻيندو هي،

قومي ملڪي سرچا مارچ.

 

***

 


 

 

 

 

چونڊيون سو اڳواڻ

جيڪو هوندو سوڍو شينهن،

ڪندو ڏور ڏکن جا ڏينهن،

مارو ڏسندا موجون مينهن،

نج نسورو رهندو نينهن،

مارو ماريندا ميدان.

چونڊي چونڊيون سو اڳواڻ.

 

 

هر جا آهي خوف هراس،

ڄڻ ڪو راڄن ۾ راڪاس،

ناهي ولڙين ۾ ڪو واس،

هر جا اوندھ اُٻ اُماس،

جيڪو لاهي ڏک ارمان،

چونڊي چونڊيو سو اڳواڻ،

 

هاري ناري ۽ مزدور،

هر ڪو ماريل ۽ مجبور،

تن کي گهرجي ساٿ ضرور،

جيڪو سوري تن جا سور،

جيڪو آڻي تن ۾ جان،

چونڊي چونڊيو سو اڳواڻ،

 

 

جيڪي آمر ۽ اڙٻنگ،

جن کان ماڻهون ماڻهون تنگ،

جن جا ڏوٿيئڙن تي ڏنگ،

جيڪو جوٽي تن سان جنگ،

ڪاري ضرب لڳائي ڪان،

چونڊي چونڊيو سو اڳواڻ.

 

 

گهاٽا گهاٽ گهڙي ٿو شير،

قومي جنگ لڙي ٿو شير،

ڀٽون نانگ تڙي ٿو شير،

ڪڙو منجهه ڪڙي ٿو شير،

جنهن وٽ الفت جو اعلان،

چونڊي چونڊيو سو اڳواڻ.

 

 

ڏاڍا ڏونگر ڏاري ڪير؟

ويون وٿون واري ڪير؟

پنهنجن سان پت پاري ڪير؟

ٻيڙو پار اوڪاري ڪير؟

هي جو ڪامل ڪشتي بان.

چونڊي چونڊيون سو اڳواڻ.

 

 

جنهن جي پڪي ٻولي ٻول،

جنهن جي لولي ڍول پٽول،

جهانگين لئه جو کولي جهول،

غدارن جا کولي پول،

جهن وٽ ماروئڙن جو مان،

چونڊي چونڊيون سو اڳواڻ.

 

 

جنهن سان ننڍا وڏا گڏ،

جنهن سان لاکيڻن جي لڏ،

جنهن سان مانجهي وانجهي مڏ،

جيڪو سڏ ڀري ٿو سڏ،

جيڪو رکندو قومي شان.

چونڊي چونڊيون سو اڳواڻ.

***

 

 

 

ٿلها موٽا

هو جي ٿلها موٽا آهن،

قوم وطن جي غدارن جا،

پوٽا ۽ پڙ پوٽا آهن.

 

هو جي ٿلها موٽا آهن،

زوري ۾ ڪمزور گهڻو ڄڻ،

اڪ جا سُڪل سوٽا آهن.

 

هو جي ٿلها موٽا آهن،

قربانين جي ميدانن ۾،

ٻارن کان پڻ ڇوٽا آهن.

 

هو جي ٿلها موٽا آهن،

چوپڻ جي چوگان تي چرندڙ،

ڳاڙها ڳوٽا گوٽا آهن.

 

هو جي ٿلها موٽا آهن،

چمڙي مان يا سُٽ مان ٺاهيل،

پاڃاري جا جوٽا آهن.

 

هو جي ٿلها موٽا آهن،

راشن واري کنڊ سڳوري،

تنهن جي پوئين ڪوٽا آهن.

 

هو جي ٿلها موٽا آهن،

پيتل کاڌل ٻاريل ساڙيل،

سگريٽن جا ٽوٽا آهن.

 

هو جي ٿلها موٽا آهن،

قهري ڪوٽڻ محلاتن جي،

پيڙهه جا سروٽا آهن.

 

هو جي ٿلها موٽا آهن،

بوبڪ واري ڀنگ ڀلاري،

تنهن جا گهاٽا گهوٽا آهن.

 

هو جي ٿلها موٽا آهن،

کوٽن نوٽن سڪن وانگر،

دل جي سچ پچ کوٽا آهن.

 

هو جي ٿلها موٽا آهن،

اڄ يا سڀاڻي گم ٿي ويندا،

پاڻي تي ڄڻ ڦوٽا آهن.

 

هو جي ٿلها موٽا آهن،

گدو واري نار تي ڦرندڙ،

اُبتا سبتا لوٽا آهن.

 

***

 

هي ڌرتي

 

(1)

هي ڌرتي ڌڱ ڌڱاڻن جي

 

هي ڌرتي ڏاڍن ماڻهن جي

 

هي ڌرتي راڄن راڻن جي

 

هي ڌرتي آ سرواڻن جي

 

هي ڌرتي جُنگن جوڌن جي

 

هي ڌرتي منهنجي دودن جي

 

هي ڌرتي غيرت وارن جي

 

هي ڌرتي پيارن پيارن جي

 

 

(2)

هي ڌرتي لک ڪروڙن جي

هي ڌرتي گهوٽڻ گهوڙن جي

هي ڌرتي سيجن موڙڻ جي

هي ڌرتي لوهه مروڙن جي

هي ڌرتي جانٺن جبرن جي

هي ڌرتي تيرن تبرن جي

هي ڌرتي مست متارن جي

هي سوري جي هسوارن جي

 

 

(3)

هي ڌرتي منهنجي ٻولي جي

هي ڌرتي ڏور پرولي جي

هي ڌرتي جهومر لولي جي

هي ڌرتي چُنري چولي جي

هي ڌرتي اجرڪ لوئي جي

هي ڌرتي ڏونرن ڏوئي جي

هي ڌرتي ميگهه ملهارن جي

هي سانوڻ جي وسڪارن جي

 

 

 

 

(4)

هي ڌرتي هوت حضورن جي

هي ڌرتي منهنجي سورن جي

هي ڌرتي گهايل گهورن جي

هي ماضيءَ جي مذڪورن جي

هي ڌرتي هن جي ڳالهه وڏي

هي مارن جي ميراث مڏي

هي ڌرتي راڄ دُلارن جي

هي ڌرتي مڻيادارن جي

 

 

(5)

هي ڌرتي هوشو حيدر جي

هي ڌرتي سيد سُندر جي

هي ڌرتي اڇي اندر جي

هي ڌرتي دل جي مندر جي

هي ڌرتي شاهه عنايت جي

هي بختاور باهمت جي

هي ڌرتي ڀٽ ڀلارن جي

هي سچو صاف سچارن جي

 

 

 

(6)

هي ڌرتي ميلن عيدن جي

هي آسرن ۽ اميدن جي

هي فرزانن فهميدن جي

هي غازين شاهه شهيدن جي

هي رامن ۽ گهرامن جي

هي ڄاموٽن ۽ ڄامن جي

جان بازن جي، جونجهارن جي

سردارن جي ڪردارن جي.

 

 

(7)

هي ڌرتي شاهه ڀنياڻي جي

هي ٽلٽي کرڙي مياڻي جي

هي رني رن پٽياڻي جي

هي هاساڻي هالاڻي جي

هي درگاهن ۽ ديرن جي

هي سنڌو پاڪ جي پيرن جي

هي جهانگارن، باجارن جي

هي وانجهارن، وڻجارن جي.

 

 

 

 

(8)

هي ڌرتي ننگر ڀونگر جي

هي ڌرتي ڪرڙي ڏونگر جي

هي ڌرتي دولهه دلبر جي

هي ڌرتي قومي ورڪر جي

هي ڌرتي شاهه بلاول جي

هي ڌرتي اڄ جي ڄاول جي

هي ڌرتي بهڳڻ ٻارن جي

هي هيمون جهڙن يارن جي.

 

 

(9)

هي ڌري مارو لوڪن جي

هي جهانگيئڙن جي جهوڪن جي

هي بند براچن موڪن جي

هي هوشوءَ واري هوڪن جي

هي ڌرتي هستي مستي جي

هي ڌرتي روز الستي جي

هي ڌرتي نيهن نظارن جي

هي ڌرتي چنڊ ستارن جي

 

 

 

(10)

هي ڌرتي سنڌو وادي جي

هي آڳاٽي آبادي جي

هي روپا جي شهزادي جي

هي ديبل جي بربادي جي

هي موهن جي کنڊراتن جي

هي ٺٽي جي باغاتن جي

هي ڌرتي ناماچارن جي

هي ڌرتي نج نبارن جي

 

 

(11)

هي ڌرتي نغما ڇيڙي ٿي

هي پلٽا پور پکيڙي ٿي

هي غدارن سان جهيڙي ٿي

هي پنهنجا محسن ميڙي ٿي

هي تن کي حال سڻائي ٿي

هي جمالو پڻ ڳائي ٿي

هي ڌرتي هيرن هارن جي

هي سينگارن سهڪارن جي

 

 

 

 

(12)

هي ڌرتي ڪاڪ ڪڙولي جي

هيڌرتي ڌوڃ ڌڻولي جي

هي ڌرتي گهاٽ گهڙولي جي

هي ڌرتي واٽ وڙولي جي

هي ڌرتي ڄام تماچي جي

هي ڌرتي ڪُن ڪلاچي جي

هي ڌرتي خدمتگارن جي

هي مَکي جي مهندارن جي

 

 

(13)

هي ڌرتي ناهي ڌارين جي

هر مزدورن ۽ هارين جي

هي ڌرتي منهن موچارين جي

هي ڌرتي نرمل نارين جي

هي ڌرتي منهنجي شيرن جي

هي ڌرتي مرد مٿيرن جي

هي ڌرتي ڌرتي وارن جي

هي هيڪاندي هاڪارن جي

 

***

 

 

ڇڏي ويا

اوهان ڪنب، ڪشمور، مورو ڇڏي ويا،

سجاول، سرهاڙي، بٺورو ڇڏي ويا،

اوهان جاٽ جاتي، پٿورو ڇڏي ويا،

اوهان ڍٽ، ڍيليار، ڍورو ڇڏي ويا،

ڇڏي ويا صدين جي پراڻي ثقافت،

هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.

 

 

وطن ۾ ئي قومون ڄمن ٿيون مرن ٿيون،

وطن ۾ ئي قومون تڳن ٿيون ترن ٿيون

وطن ۾ ئي ويجهن ۽ پلجن پرن ٿيون،

وطن ۾ هلن ٿيون چلن ٿيون ورن ٿيون،

لڏڻ جي اچي ٿي نه تن تي ڪا نوبت،

هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.

 

 

وطن جي محبت کي ايمان سمجهڻ،

وطن کي ئي گيتا ۽ قرآن سمجهڻ،

وطن کي ئي داتا ۽ ڀڳوان سمجهڻ،

وطن تان ڪسڻ کي وڏو شان سمجهڻ،

اها آهي حب وطن جي علامت،

هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.

 

 

اوهان ساڌ ٻيلو ۽ ٻيلو ڇڏي ويا،

اوهان ئي ملوڪن جو ميلو ڇڏي ويا،

اوهان لاڙڪاڻو ۽ ريلو ڇڏي ويا،

اوهان خاص مندر جو چيلو ڇڏي ويا،

اوهان پنهنجي ساري ڇڏي ويا ڪتابت،

هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.

 

 

اوهان پنهنجي پوشاڪ ٻولي ڇڏي ويا،

ڏياري دسهڙو ۽ هولي ڇڏي ويا،

هو موٽڻ ۽ موهن جي ٽولي ڇڏي ويا،

اچڻ واري ساعت سڻولي ڇڏي ويا،

اوهان ڪا نه سوڀي جي سمجهي سياست،

هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.

 

 

اوهان مارئي جي حقيقت کان واقف،

ڀٽائيءَ جي قومي قدامت کان واقف،

امڙ جي اطاعت اصالت کان واقف،

اڏيري ۽ سچل، عنايت کان واقف،

اوهان جي وڃڻ جي نه هئي ڪا عبارت.

هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.

 

 

اوهان پنهنجا ڌرمي ترانا ڇڏي ويا،

حياتيءَ جا حيلا بهانا ڇڏي ويا،

گرن جا اوهان گيت گانا ڇڏي ويا،

اوهان پنهنجا علمي خزانا ڇڏي ويا،

ڇڏي ويا اوهان پنهنجي پوري شناخت.

هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.

 

 

هو گيتن گلابن جو چندر ڪٿي ٿيو،

هو سوکي، سري، شاهبندر ڪٿي ٿيو،

مروت محبت جو مندر ڪٿي ٿيو،

اجاريو هو جنهن ڪالهه اندر ڪٿي ٿيو،

نڪو ڏور ڏيهي نڪو ڏور ڀارت،

هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.

 

 

هتي ئي رهيا سي هتي ئي رهن پيا،

اباڻي وطن ۾ سي ڏاڍا ٺهن پيا،

سوين لاڳ لهڻا ۽ ليکا لهن پيا،

نه پرديس جا سور صدما سهن پيا،

رهن سيم پنهنجي ۾ سوڍا سلامت.

هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.

 

 

دکايل ضيا، پنجواڻي کڻي ويا،

اتم، سندري، موٽواڻي کڻي ويا،

هو ڪلياڻ، موتي، درياڻي کڻي ويا،

اوهان پنهنجي آتم ڪهاڻي کڻي ويا،

اسان کان نه ورتي اوهان ڪا اجازت.

هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.

 

 

ورهايون وڃن ٿيون، ورهاڱي ۾ ڌرتيون،

ورهايا وڃن ٿا نه سرتا نه سرتيون،

ورهايا وڃن ٿا نه گهر ٻار گهرتيون،

نه ڇڏجن ايئن ٿيون مرادون ۽ مرتيون،

وڃڻ وارا تن سان هلي ڪا نه حجت،

هتي ئي اوهان جي ٿئي ها حفاظت.

 

***

 

نوان ميهار

نون ميهارن مينهيون ڌاريون،

کٿا ساڙي دونهيون ٻاريون.

 

ڪي ته نظر کان نڪري وييون،

نيٺ بلائن بکن ماريون.

 

ڪي ڪي چورن چوري ڪاهي،

نيئي پنهنجي ڌڻ سان چاريون.

 

ڪي ته ڪُنن ۾ ڪاهي پيون،

ڪنهن نه اُڪاريون واريون تاريون.

 

ڪن ته پرايون پوکون ڀيليون،

ڍڪ رساڻيون ڍليون، ڪاريون.

 

ڪي ته دلين تي ياد نه آيون،

ڪنهن ته سنڀاليون، ڳوليون، ساريون.

 

ڪير اُٿاري، ٻڌي ڇوڙي،

آهي ڌڻيڪو ڌڻ نه ڌناريون.

 

جيڪي نظرن سامهون آيون،

سي ته وٿاڻن ڏي تن واريون.

 

ڪين مڙيون، ڪي ڦرڙن ڌاتيون،

خالي ماٽيون، پارا، پاريون.

 

***

 

مينهن وريو

هنڌ ٽپڙ مجهه ڪريو مينهن وريو ڪار ڪري،

مال مٺا خوب تريو مينهن وريو ڪار ڪري.

 

اڃ لٿي، بُک لٿي، ڏک ڀڄي ڏور ٿيا،

ڏيهه مٿان ڏرت ٽريو، مينهن وريو ڪار ڪري.

 

سج ڪني ڪانه ڪڍي، چنڊ ستارا به لڪيا،

نيٺ پَرين پت پريو، مينهن وريو ڪار ڪري.

 

مينهن وسڻ کان نه ڇڏي ڪابه ڪٿي ڪُنڊ ڪڙي،

پٽ ڀري ڍٽ ڍريو، مينهن وريو ڪار ڪري.

 

جن به ڪيو ڪالهه ڪَٺو، هاڻ اهي هٿ هڻن،

هيل سندن هانءَ ٻريو، مينهن وريو ڪار ڪري.

 

کيٽ کرا خوب ڦري، جن به ڪيا کوڙ وڏا،

سال سندن صاف کريو، مينهن وريو ڪار ڪري.

 

جهڪ لڳڻ ساڻ جتي، اڪ سُڪي ٺوٺ ٿين،

ڄاڻ اتي ٺاڻ ٺريو، مينهن وريو ڪار ڪري.

 

وڄ وري وار ڪري، رات منجهان ڏينهن ڪري،

پل ڀريو ڪاڄ سريو، مينهن وريو ڪار ڪري.

 

دنگ دڙا، گهاٽ گهڙا، ٿاڪ ٿڙا تار ترن،

ٿاڪ رسيو ڄاڻ ٿريو، مينهن وريو ڪار ڪري.

 

ڪوهه مٿي، روهه مٿي، بند ٽٽا گاهه ڦٽا،

ماڳ اچي مال چريو، مينهن وريو ڪار ڪري.

 

اوک نڪا روک نڪا، جهنگ پڪا جهول ڀريا،

تار وهي نار نريو، مينهن وريو ڪار ڪاري.

 

يار ٿري تنهنجي ڀري، ڪير ڪري اڳڀري،

شال رسي ڳوٺ ڳريو مينهن وريو ڪار ڪري.

 

رنگ رچي مال مچي، ساڳ پچي نينهن نچي،

گهور وجهي گهوٽ گهوريو، مينهن وريو ڪار ڪري.

 

ويس جتي کيس کٿي، مال جتي ڪاٺ ڪُٽو،

کاڄ جتي ڏٿ ڏريو، مينهن وريو ڪار ڪري.

 

يار اچو هر کڻي، ريج ڪيا مينهن ڪڻي،

ٻج ڇٽيو ڌن ڌريو، مينهن وريو ڪار ڪري.

 

واهه وسي وڏ ڦڙي، ڪس ڪسر ڪانه ڇڏي،

پار ٿيو پار ڪريو، مينهن وريو ڪار ڪري.

 

موڙ ٻڌيو گوڙ ڪندو، ڊوڙ ٻنا ٻوڙ ڪندو،

ڇار ڇريو ڀاڳڀريو، مينهن وريو ڪار ڪري.

 

***

 

 

ڏاڍا تنهنجي

ڏاڍا تنهنجي ڏاڍ ڏمر جا

ڏينهن ڏهاڙا کٽڻا آهن

دم دم گهٽجي ٿو دم تنهنجو

او ڪارا ۽ اٽڻا آهن.

 

 

ڏاڍ جي ڏنڊي ڏوهه بنا  جي

ڏوهي ٺاهي ڏيل رسايا

نڪري ويا، ڪي نڪرن پيا

هو قيدي سارا ڇٽڻا آهن.

 

 

پٿر ٿيندا پرزا پرزا

ڇپر ڇڄي ٿيندا ڇيتو

ٽڪر ٿيندا ٽُڪر ٽُڪر

ڪوهَه مڙيئي ڪُٽِڻا آهن.

 

 

مومل راڻا رات رَساڻا

ڪاڪ نئين سر اڏجي پيئي

بازاريون ۽ باغ لڳي ويا

گل ڦل ميوا ڦٽڻا آهن.

 

 

شيش محل مان ڪندين ڪيسين

پاڙيچن تي پٿر بازي

ٽاٽو تنهنجي ٽاٽ محل جا

ٽاٽ پراڻا ٽٽڻا آهن.

 

 

دودن پويان دودا ايندا

پڳون پاڙا پٽ پليندا

ڌرتي تي ڪو ڌاريون آيو

جنگي جوڌا جٽڻا آهن.

 

 

پوڃاڙي جو پوٺن تي هو

پهرو پهريان پنوهارن جا

ڇيڪ چرن جي ڇيليون ڇيلا

ڇاڇر ۾ سي ڇٽڻا آهن.

 

 

ارڙهن سالن جا جن اُڌا

ساماڻا رڻ ريج بنايا

گهوٽڻ کي جن گهات ڪيوسي

گهٽي ماري گهٽڻا آهن.

 

 

ڪوٺين مان جن ڪوٺي ڪُٺا

ڪالهه اسان جا ڪوپا ڪونڌر

ٻوڙي ٻوڙي ٻوساٽي سي

ٻُٽا ٻوکا ٻٽڻا آهن.

 

 

تنگ ڪندين يا جنگ ڪندين ته به

توسان نيٺ نبيرو ٿيندو

کير پيالا کٽا مون لئه

ڄٽا تو لئه ڄٽڻا آهن.

 

***

 

ياري پَڪِي

سيوهڻ سان جيئن سونهي لڪي

ٽڪي چونڪي، پنجي ڇڪي

يارو پنهنجي ياري پڪي

 

 

تنهنجون منهنجو تيز نگاهون

ڏسي دشمن ويندو ڏڪي

يارو پنهنجي ياري پڪي

 

 

دشمن چانور چڻا ٻاجهر

پنهنجي پاٽ پُڙن سان چڪي

يارو پنهنجي ياري پڪي

 

 

سنڌو سارو امرت ڌارو

ڦٽيل سٽيل جي لئه ڦڪي

يارو پنهنجي ياري پڪي

 

 

جنهن سان رکون توڙ نبايون

يڪدل ياري رکون يڪي

يارو پنهجي ياري پڪي

 

 

جيجل هن جا هي سڀ ڄايا

تن ۾ شڪ رکي ٿو شڪي

يارو پنهنجي ياري پڪي

 

 

پاڻ ۾ پنهنجا پاڻ ٿياسون

نيٺ نظر ٿي هن جي جهڪي

يارو پنهنجي ياري پڪي

 

 

هن کي تڏو توهه ڏنوسين

هن تان ساري طاقت تڪي

يارو پنهنجي ياري پڪي

 

 

ٽَڪن لئه هن پاڻ کي ٽوڙيو

هاڻ نه کڻندو ٽڪو ٽڪي

يارو پنهنجي ياري پڪي

 

 

ڇڪن مان هن ڇا نه ڪمايو

هاڻ نه هڻندو ڇڪو ڇڪي

يارو پنهنجي ياري پڪي

 

 

سو به زمانو هو جو گذريو

ڌمڻ هن جا هاڻي ڌڪي

يارو پنهنجي ياري پڪي

 

 

هن جون ساريون غلطيون ساريون

هار مڃيندو هڪي تڪي

يارو پنهنجي ياري پڪي

 

هن جو پڌرو پاپ ڪجي ڇا؟

سڀ جي ڍڪي ڀلي ڍڪي

يارو پنهنجي ياري پڪي

***

 

 

شهيد علي محمد هنڱورو

علي محمد جوڌا جنگ

دشمن کي ٿيا دل تي ٽنگ

 

تنهن جو هلندو رهندو روڄ

دشمن کي پڻ ٿيندي سوڄ

 

هنڱوري جي ڪهڙي ڳالهه

هاءِ جدا ٿيو ڪونڌر ڪالهه

 

اڄ هت توتي ڪڙڪيو ڪال

اڳ نه بنيو هو ههڙو حال

 

فرمائي ٿو ملڪ الموت

مون نه اوهان جو ماريو هوت

 

سنڌ ۾ ڪيئي ملڪ الموت

تن هي اجهائي هوندي جوت

 

ماريو ويو هو ڪالهه اشوڪ

اڄ پڻ ماريو مرد ملوڪ

 

هي تان ڌرتي جو هو ڌوڪ

هن لاءِ لڇي ڦٿڪي لوڪ

 

هن کي قيد ڪيو سرڪار

هن جي ڪانه لڌي ڪنهن سار

 

هي هو مير صاف سچار

رکيو هن پنهنجو وقار

 

هاڻ نه مرنداسون هن ريت

نيٺ اسان جي ٿيندي جيت

 

***

 

 

 

غلام الله جو شهر

جتي بگهاڙ جو ڪنڌو،

عجب واپار ۽ ڌنڌو،

جتي انبن ۽ ميون جو،

نڪو سيڙهو، نڪو سنڌو،

اهو آهي غلام الله.

 

 

 

جتي چوگرد آباديون،

جتي وهسن وسن واديون،

جتي شاهي شغل شاديون،

جتي گادي ڌڻي گاديون.

اهو آهي غلام الله

 

 

 

جتي ڪوٺيون وڏا ڪوٺا،

جتي سک سهنج ۽ سوٺا،

جتي ڳوٺن پٺيان ڳوٺا،

ڀليون پوکون ڀلا پوٺا.

اهو آهي غلام الله.

 

 

 

جتي هاشم کٽي جهڙو،

ڪٿي عالم نه ٿيو اهڙو،

بيان تنهنجو ڪجي ڪهڙو،

نڪو تعليم ۾ تهڙو.

اهو آهي غلام الله.

 

 

مٺا ماڻهو، مٺيون ٻوليون،

ڪري ٽولا ٽلن ٽوليون،

اندر ڇوها اندر ڇوليون،

لطيفي لات ۽ لوليون،

اهو آهي غلام الله.

 

 

 

گهراڻا، وڏ گهراڻا جت،

وڏن راڄن جا راڻا جت،

مُکي ڳاها مهاڻا جت،

وڏا ڇڇ ڇور ڇاڻا جت،

اهو آهي غلام الله.

 

 

 

کڻن جت ڪارخانا ڪر،

جتي سارين جي ڏرڻي ڏر،

جتي پنهنجن جي پنهنجي پر،

جهلي ناهين، بلوچن ڀر.

اهو آهي غلام الله.

 

 

 

جتي سورج خوشيون آڻي،

جتي هرڪو مزا ماڻي،

جتي ماکي مٺي ڇاڻي،

ڀري شيشا رکن تاڻي.

اهو آهي غلام الله.

 

 

 

ڪرم پور ٿيو ڪٺو جنهن سان،

لڳي سيمينٽ بٺو جنهن سان،

ملي مڪلي ٺٽو جنهن سان،

وهي ور ۽ پٺو جنهن سان.

اهو آهي غلام الله.

 

 

 

جتي علم و ادب آهي،

حياتيءَ جو سبب آهي،

جتي منظر عجب آهي،

ترقيءَ جي طلب آهي.

اهو آهي غلام الله.

 

 

 

جتي هر محنتي ماڻهو،

جتي هر مينڌرو راڻو،

جتي هر ساهه سيباڻو،

رکي هر شان شاهاڻو،

اهو آهي غلام الله.

 

 

 

جتي قومون قبيلا گڏ،

جتي حيلا وسيلا گڏ،

جتي ساٿي سريلا گڏ،

جتي جهرمٽ جهميلا گڏ.

اهو آهي غلام الله.

 

***

 

 

سکڻا دلاسا

رڳو هي وڏيرن جا سکڻا دلاسا،

سدا مند پانڌي هي رهندا پياسا.

 

جهريل جهوپڙين ۾ هي جهانگي ڏسون ٿا،

انهن وٽ اڏڻ لئه نه ٿوڻيون نه داسا.

 

نه مارن کي محلات وارا سڃاڻن،

هي مظلوم محروم اڀرا اڻاسا.

 

هي ٻوڏن جا ماريل انهن کي ڇا ملندو؟

اٽي ان جا ملندا نه ٽويا نه ڪاسا.

 

بکين جون بکون ڪين نعرن سان لهنديون،

نه نعرن ۾ آهي ڪا اڀرن جي آسا.

 

هتي ڪو وڏن مان اڳي ڪو نه آيو،

رسيا خير سان خان خاصا خلاصا.

 

سياست نه ڏاڏن جي جاگير چئبي،

هتي وارثن جا نه ورثا وراثا.

 

سدا سنڌڙيءَ جي سياست نه جن وٽ،

لڳا تن جا چونڊن ۾ پٺا ۽ پاسا.

 

هتي چونڊ ۾ يار چوکن کي چونڊي،

ڪبا سڀ عوامي عمل راس راسا.

 

نه مارن سان مرڻي  ۽ پرڻي ۾ گڏجن،

وٺي ووٽ ڪندا نماڻا نراسا.

 

چون ٿا ڪري ياد لاکاٽ لاکا،

پڳاسون ڇڏي يار لنڊن ۽ لاسا.

 

هو لنڊن ۽ پئرس ۾ ليکا چڪائي،

وجهن پير پڙ ۾ ٿا ارکا اراسا.

 

جڏهن ڪاميابيءَ سان ڪرسيءَ تي وهندا،

تڏهن ڪڍندا ڀوتار دل جا ڀڙاسا.

 

ٽڪيٽن بنا جي لڙن، مڙس چئبا،

ڌڪيندا ڌڄا سان سي اونده اُماسا.

 

وڃائي ڇڏيو هوش، نعرن ۽ جهنڊن،

هي ماڻهو اڳي کان به اڳرا اُداسا.

 

هو ووٽن لئه سيٺيا وڏيرا اچن پيا،

هنن جا نه وانگي، نه ونگا ولاسا.

 

هنن وٽ هي لنڊن جون هيڏيون ٽڪيٽون،

پرين پوءِ به ڪن پيا پسارا ۽ پاسا.

 

ٽڪيٽون هي قسمت جا ڪاڳر انهن لئه،

گهمن نيش نالي چڙهيا نت نراسا.

 

هي مزدور هاري، لکين ووٽ جن جا،

ٽڪيٽن جا تن تي نه ٽنگيو ٽياسا.

 

نه اٽو، نه لٽو نه اجهو ٿو گهرجي،

کٽي راند راجا ڪبا راس راسا.

 

نڪو ماڻ ماڻهن ۾ آهي وڏن جو،

مڻن جي اڳيان ڄڻ هو تولا ۽ ماسا.

 

جي پنهنجي لياقت ۽ خدمت نه هوندي،

ڪري پٽ پوندا وڏا تُوپ تُرپ تاسا.

 

ٽڪيٽون نه ملنديون ته ملندا به مهڻا،

مليون جي ته تڙ تڙ تي ٿيندا تماشا.

 

ملي ويون ٽڪيٽون ته سڀڪجهه ملي ويو،

ٽڪيٽون حياتيءَ جي آڻ کَٽ اثاثا.

 

ڪي چڙهندا ڪي ڪرندا، ايئن کيل کٽندو،

دنيا کي هراسان نه هاسا نه گاسا.

 

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org