سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: مٽي منهنجي مٽي آهي

صفحو :1

مٽي منهنجي مٽي آهي

محمد خان مجيدي

 

مون پاران

 

مٽي منهنجي مٽي آهي؛

جنهن ۾ سنڌو چٽي آهي؛

مٽي مورئون مٽيان ڪين؛

ان جي الفت ڀانيان دين.

 

محمد خان مجيدي

1999-4-18ع

ارپنا

 

پنهنجي جيون ساٿياڻي

نورجهان جتوئي

جي نالي

جنهنجي سچي ساٿ ۽ سهڻي

سهڪار کانسواءِ آءُ زندگيءَ

جي ڪابه سلڦتا ماڻي نه

سگهان ها!

 

محمد خان مجيدي

 

 

جاڳندڙ ضمير جو ڳائيندڙ شاعر

 

مهاڳ

اسان وٽ ادبي مجلسون ۽ ڪتاب رونمايون ته عام جام ٿينديون رهن ٿيون، پر اڪثر خود نمائي يا ”پاڻ پسورائي“ سواءِ اهڙن ميڙن جو ٻيو ڪوبه حقيقي مقصد نه هوندو آهي. اهو ئي خاص سبب آهي جو ڪارگذاري پوري ٿيڻ بعد، مختصر عرصي ۾ ئي انهن جو جوش ذائل ٿي ويندو آهي ۽ انهن منجهان اهڙو ڪوبه اثر پيدا ٿي نه سگهندو آهي جو عوام جي دلين تي نقش ٿي رهي. اهي رسمي مجلسون نه ته قومي امنگ جي آبياري ڪن ٿيون ۽ نه وري ڪنهن مثبت ادبي روايت اسرڻ جو ڪارڻ بنجي سگهن ٿيون.

پر جنهن ميڙ ۾ محمد خان مجيدي جهڙو سچو انسان، قابل استاد، سماج ۽ ديس جو هڏڏوکي شاعر هجي، تنهن محفل جو رنگ ئي ٻيو ٿيندو آهي. هن ديس پريمي شاعر، جي موجودگي سان ساري ماحول ۾ روح ڦوڪجي ويندو آهي ۽ سڻ منڊل پرجوش ٿي ويندو آهي. دراصل اهو رڳو ٺڙڪو فن يا کوکلي احساس جو شاعر ناهي بلڪ قومي تهذيب جو ترجمان ۽ حقيقي جذبن جو شاعر آهي. هن کي سماجي مسئلن جو شعور به آهي ۽ ان سان گڏ زندگيءَ سان پيار ۽ وطن جي ڇوٽڪاري ۽ آجپي جي اڻ مٽ آس به آهيس. مجيدي گويا پنهنجي وطن واسين جي حقيقي جذبن، خوشين ۽ دردن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نظم لکي ٿو، جنهن سان عوام ۾ هو عزت ڀرئي مقام ماڻڻ جو جذبو جاڳائيندو رهندو آهي. مجيدي جنهن وقت پنهنجي دل لڀائيندڙ آواز سان نظم جا ٻول هڪ ٻئي پٺيان ٻولڻ لڳندو آهي، تنهن وقت ٻڌندڙ جي اکين سامهون سماج جي ٻوليندڙ تصوير اچي بيهندي آهي ۽ سندس ڀريل آواز ۾ هر ڪو فرد ٻڏي ويندو آهي. هن جي نظم ۾ سماجي تصوير جو ڪونه ڪو رخ  يا راويو چٽو ٿي بيهندو آهي، جنهن جي ڪيفيت ٻڌندڙ جي ذهن کي ولوڙي ۽ دل کي جهوري ڇڏيندي آهي. اهڙيءَ ريت هو جيڪو واقعو نظمائي ٿو سو ٻڌڻ سان هميشه لاءِ حافظي ۾ محفوظ ٿي وڃي ٿو ۽ ڪنهن به ردعمل ٿيڻ سان اهو ماڻهوءَ جي احساس ۽ جذبي ۾ هميشه تري ايندو آهي!

مجيدي پنهنجي ڪلام سان بلاشڪ ماڻهن کي ڪيفيت ۽ سرور ۾ مبتلا رکي ٿو، مگر اهڙو نه جيڪو کين محض ”خوابي دنيا“ ۾ مگن رکي. هو فقط دردمندي ۽ حقيقي احساس جو ڪيف پيدا ڪرڻ چاهيندو آهي. شاعر جو ڪلام ٻڌڻ سان مغموم ٿيڻ بجاءِ ماڻهو ۾ بي تحاشا اميد جو ترورو پيدا ٿئي ٿو ۽ هو باهمت ۽ پر جوش ٿي ويندو آهي. اهو ڪلام جو جادو چئبو جو ٻڌڻ سان ئي هر ڪنهن فرد ۾ وطن جي خوشحالي ۽ سونهري مستقبل بابت يقين ويهي رهي ٿو.

”سنڌي معاشرو“ اڃا به قابل ذڪر صحتمندانه روايتون پاڻ ۾ پيدا ڪري نه سگهيو آهي، ان جو خاص سبب به اهو ئي آهي جو اسان جي سماج تي باطل قوتون گهڻي قدر حاوي ٿي چڪيون آهن، جن جي سرزنش کان ادبي ميدان به هرگز خالي ڪونهي. انهن قوتن رياڪارانه عمل سان حقيقي، معمار ۽ خالق ادب کي پٺتي ڌڪي رکيو آهي ۽ پنهنجي ڪوڙي پروپئگنڊه سان نقلي چاندي جو دڪان چمڪائي رکيو آهي. فن ادب يا ثقافت متعلق سرگرميون فقط مخصوص مفاد رکندڙ لابين جون ڪاروايون بنجي رهجي ويون آهن. جن جو مقصد خود پرستانه اظهار سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي. اسان وٽ هر حقيقي تعميريءَ ۽ افادي ادب اڳيان هٿرادو ديوارون کڙيون ڪيون وينديون آهن، جيئن ان جو جوهر ڪڏهن به ظاهر ٿي نه سگهي ۽ ادبي ميدان تي کرن بجاءِ کوٽا سڪا بنا ڪنهن رنڊڪ جي چالو رهي سگهن. عوام ۾ اعليٰ ادب جو ذوق ڏينهون ڏينهن گهٽبو وڃي. سنڌي عوام ويچارو غلط رايا پڙهي ٿو. تڏهن سندن ذهن ۾ ”ادب“ جو ڪو اڇوتو عڪس سمائجڻ بجاءِ بي اختيار گمراه ٿي وڃي ٿو ۽ هو هر پراگنده تحرير کي ادب سمجهڻ لڳي ٿو. اهڙي طرح حقيقي ادب اسرڻ يا صحيح شعور پيدا ٿيڻ جون سڀئي راهون مسدود ٿينديون وڃن ٿيون، هٿ ٺوڪيا اديب ۽ شاعر هر ميڊيا تي هٿ ناٽن ذريعي ڇانيل رهن ٿا، ايتري قدر جو سونهندار تخليقڪارن کي ادبي ميدان ۾ رڳو پذيرائي ملڻ به مشڪل ڳالهه ٿي پئي آهي، ٻيو ته ٺهيو پر ماضي توڙي حال ۾ اڪثر نمائنده اديبن ۽ شاعرن جي فن کي به تنقيد ۽ پرک جي لائق نه سمجهيو ويو آهي. هاڻوڪي دور ۾ خصوصاً استاد بخاري، سرويچ سجاولي يا ابراهيم منشي تي به فقط نالي ماتر لکيو ويو آهي. منشيءَ سرويچ جهڙن بليغ گو شاعرن کي محض لاڙي شاعر سڏي سندن فن جي به گهٽتائي ڪئي ويئي آهي. حالانڪ سندن ڪلام مان ڪنهن مخصوص علائقي جو ڪوبه شائبو پيدا ڪونه ٿو ٿئي هو ٻوليءَ جا معياري ۽ شسته ۽ پڪي محاوري جا خالق ۽ معمار آهن. اهڙي طرح اسان جي سنڌي ٻولي جي بديع ۽ يگانه شاعر محمد خان مجيدي کي به اڪثر نمايان ۽ وڏن شاعرن ۾ ڳڻائڻ کان ڪنارو ڪيو ويو آهي يا ادبي دائري کان ئي ڄاڻي ٻجهي کيس ٻاهر رکيو ويو آهي.

محمد خان مجيدي سنڌ جو اهو عمر رسيدو شاعر آهي. جيڪو وطن عزيز جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ادبي ميڙن ۽ قومي جلسن کي سالن کان پنهنجي نظمن جي حدت سان گرمائيندو آيو آهي. مجيدي جو ڪلام عام حلقن ۾ جيتوڻيڪ ڪشش جو باعث رهيو آهي، تاهم ان جا ساراهه جوڳا گڻ اڃا تائين ادبي حلقن تي ظاهر نه ٿيا آهن. مجيدي جو ڪلام ٻڌندڙن تي ڪيئن جوش ۽ اثر طاري ڪري ٿو. ان جو آئون خود به شاهد آهيان، اهو ئي تاثر هن تنقيدي مطالعي لکڻ جو به سبب بنيو آهي.

محمد خان مجيدي سنڌي نظم گوئيءَ جو روح روان شاعر آهي. هو سنڌ جي جاڳندڙ ضمير جو آواز آهي ۽ نظمن ۾ هن سنڌ جي زنده روح جو عڪس چٽيو آهي. دور حاضر ۾ ”سنڌي حيات“ چٿيل، لتاڙيل، هيسيل ۽ سراپا احتجاج بنيل آهي، جنهن سان شاعر هر وقت هر هڪ زنده ۽ تابنده روح ڳولي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان لحاظ کان مجيدي هوبهو امريڪا جي والٽ وٽمين سان مشابهت رکي ٿو. ان جي فن وانگر ئي هن جي نظمن ۾ هڪ روان دوان وهڪري مثل زندگي جاري ۽ ساري آهي. جنهن ۾ نهارڻ سان ٻوليندڙ ضمير جي مردانه وار جهلڪ نظر اچي ٿي!

سنڌي لکڻهار اديبن جو اهو عام وطبرو رهيو آهي جو اهي پڙهندڙن تي پنهنجي علميت جي ڌاڪ ويهارڻ خاطر گهڻي کان گهڻا عالمي اديبن جا نالا پنهنجي تحريرن ۾ ٽنبيندا رهندا آهن (فقط نالا پرک نه) انهن ۾ اڪثر اهڙا ليکڪ هوندا آهن، ڀلئي چڪئي به ڪنهن غير ملڪي اديب جو مطالعو نه ڪيو هوندو آهي ۽ منجهن اهڙي فن کي پروڙڻ جي اهليت به پوري ساري هوندي اٿن. والٽ وٽمين به انهن غير ملڪي اديبن مان اهي، جيڪو غير متعلق حوالن ۽ مفهوم ۾ ڪثرت سان بيان ٿيندو رهيو آهي.

والٽ وٽمين جو نالو انگريزي ادب خصوصاً امريڪا جي جديد ادب ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو، هو امريڪا جي ”نئين شاعري“ جي اڏيندڙن مان اول درجو رکندڙ تخليقي شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعري ۾ نئين ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ ديس ۽ ان جي رهواسين جي زندگيءَ جي نج پج متحرڪ عڪس ڀريل آهي.

والٽ وٽمين جڏهن شاعري جي شروعات ڪئي تڏهن ان وقت نظم جا جيڪي نمونا مروج هئا، تن کي پنهنجي واسطي تمام تنگ ۽ هر لحاظ کان نامناسب خيال ڪيائين. هن کي پنهنجي جمهوري فڪر و نظم ۽ اجمل جذبي جي اظهار لاءِ هڪ لکيل شعري واٽ جي انتهائي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. مگر اهڙي راه اختيار ڪرڻ ۾ روايتي واٽ تي هلندڙ ادبي حلقن طرفان بدتميزي اٿڻ جو يقيني امڪان موجود هو، ڇو ته ”مقرر قواعد“ کان هٽي ڪري لکڻ هڪ تمام معيوب ڳالهه ليکي ويندي هئي ۽ ادبي اصولن ۾ اڃا تائين به انگلينڊ جي تقليد ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪيو ويندو هو. انگريزي بيٺڪ شاهي جو اثر اڃا امريڪي سرزمين تي قائم هو، جيتوڻيڪ ان زماني ۾ خود انگلينڊ ۾ به اهو خيال پيدا ٿي چڪو هو ته انگريزي شاعريءَ جا اصول گٺل پٺل قاعدن تي بيٺل ”تڪلف ورڊ“ آهن ۽ وسعت خيال توڙي جديد احساس کي اظهارڻ لاءِ اهي مڪمل طور ناموزون آهن. امريڪا هڪ نئون ملڪ هو، جنهن جو عوام هر شعبي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ هڪ تمام وڏي تڙپ رکندو هو. امريڪين جي جذبن ۽ ولولن کي گرمائڻ ۽ منجهن ڪر موڙيندڙ زندگي بخش احساس کي ظاهر ڪرڻ لاءِ والٽ وٽمين نيٺ شاعريءَ جي هڪ نظم جو هڪ اهڙو فني انداز گهڙيو، جيڪو دريا جي اٿل ۽ وهڪ وانگر نظر اچڻ لڳو، جنهن ۾ خيال ۽ جذبي جي اٿلڻ سان قالب خود بخود گهڙجندو هلي ٿو.

اول اول ته امريڪا جا نامڪٺيا اديب والٽ وٽمين کي فقط هڪ علمي درجي جو نظم ڪار سمجهي کيس نظرانداز ڪرڻ لڳا، ايتري قدر جو ان وقت جي نامور شاعرن ته ايڊيٽرن کي ائين به لکي موڪليو ته ”وال وٽمين جو نظم رسالي جي جنهن شماري ۾ ڇپيو، ان ساڳي پرچي ۾ سندن نظم شايع نه ٿيڻ کپي، ڇو ته ايڏي ڪريل معيار واري نظم نگار سان اعليٰ پايه جي شاعر جو نظم ڇپجڻ خلاف شان آهي.“ اگر ڪڏهن اهڙو اتفاق ٿي ويندو هو ته پوءِ حضرت اعليٰ شاعر ايڊيٽر سان احتجاج ڪندي رسالي سان ئي قطع تعلق جو اعلان ڪري ڇڏيندو هو پر اهو معائدانه ماحول گهڻو عرصو قائم رهي نه سگهيو. ادبي طور سجاڳ ذهن ۽ باشعور عالم والٽ وٽمين جي ڪلام ۾ محنت ڪش عوام ۽ انسانن جي ڌڙڪندڙ جذبن کي بخوبي محسوس ڪرڻ لڳا. هو شاعري ۾ انسانيت جي سهانن خوابن کي ڪڙهندو ۽ للچايندو ۽ زندگي کي بجنسي حالت جنگ ۾ ڏسي دنگ رهجي ويا! هن جي شاعري ۾ پرجوش ۽ مسلسل خيالن جو وهڪرو بنا روڪ ٽوڪ جي جاري رهي ٿو، هو پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪري ٿو، جنهن سان چرندڙ ڦرندڙ نقش سياه و سفيد رنگ ۾ نظر اچڻ لڳن ٿا. سندن خيال اٺاءُ وارو نه بلڪ رواجي هوندو آهي. ان طرح هن جو ڪلام مصنوعي شاعرانه بندشن ۽ صنعتي ترڪيبن يا هٿرادو جڙاوتن کان بلڪل عاري هوندو آهي. ان جو اسلوب ايترو سادو، لسو ۽ روان ٿئي ٿو. جو اچارڻ سان ذهن ۾ لهي وڃي ٿو. والٽ وٽمين جي ڪلام ۾ سندن هلچل جا سڀئي آواز ۽ عڪس پيل هئا. ايتري قدر جو ماڻهن جي دلين جون ڌڙڪنون به ان مان ٻڌڻ ۾ اينديون هيون. اهڙي امنگ ڀرئي ڪلام جي انگريزي ۽ خاص ڪري امريڪن انگلش ادب ۾ پنهنجي ڪابه روايت اڳ ۾ موجود نه هئي! زندگاني سان ڀرپور اهڙي ديسي ڪلام آمريڪي اڪابرن کي موهي ”والٽ وٽمين“ جي قريب آڻي ڇڏيو. والٽ وٽمين کان اڳ امريڪا جي نام نهاد جديد شاعرن تي مردگي ڇانيل هئي. هنن جي شاعري اندر جي رڳو اهڙي اوٻر هوندي هئي. جنهن ۾ خيالي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو هو!

آءٌ آمريڪا کي ڳائيندو ٻڌان پيو. ”I hear America Singing“ والٽ وٽمين جو شهره آفاق نظم آهي، جنهن لاءِ چون ٿا ته هن امريڪا جو روح ان ۾ سمائي ڇڏيو آهي، شاعر ان ۾ پاڻ کي حيات رنگ و بوءِ جمهوري پهلن سان جوڙي رکيو اٿس. اگرچه هن جا رواجي ۽ سادا خيال آهي، تاهم اڀرندڙ تاثر کي نظمن جي رواني مان بخوبي محسوس ڪري سگهجي ٿو. ساڳيائي روان دوان زندگي جا جمهوري جذبا ۽ احساس اسان جي شاعر مجيدي جي نظمن ۾ پڻ ڀريل آهن. تقابلي موازني لاءِ وٽمين جي مٿين نظم جو ترجمو لڳائي سگهن ته ٻنهي شاعرن ۾ خوبين جو ڪهڙو مشترڪه اعجاز پنهان آهي.

آءٌ ٻڌان پيو آمريڪا کي ڳائيندو

I hear America Singing

نظم جو آواز تخليقي ترجمو

آءٌ ٻڌان پيو امريڪا کي ڳائيندو

روح ۾ جشن مسيحائي جو نغمو رلائيندو.

 

هو ڏسو هي ڪاريگر چڻ ڀڻ ۾ ڳائي پيو

سڀڪو مهل مهل تي اٽل رهي ٿو.

 

واڍو تختن ۽ ٿاڦن جي پيمائش ڪري پيو

ماڳ تي ڀڻ ڀڻ ۾ ڳائي پيو.

 

ڪشتيبان ڪشتي ۾ سامان رکي پيو

ڊيڪ جي اوٽ ۾ من تن ڳائي پيو.

 

آگبوٽ جي ڊيڪ تي مصروف آ ڪو

مستي ۾ ڪمي ٺهه ڦهه ڳائي پيو.

 

رازو ڪم لاءِ سنبري يا فارغ موٽي ٿو

هر مهل گن گن آلاپي پيو.

 

موچي بينچ تي اٽالو کولي ويهي ٿو

چاهه مان چپن ۾ ڪجهه چوي ٿو.

 

ٽوپلي فروش ڪم تان راهي ٿيو آ

هو چڻ مڻ ۾ ڪجهه ڳائيندو هلي ٿو.

 

هاري نينگر صبح ساجهر يا سج لٿي

ڪم تان ايندي ويندي ڪجهه جهونگاري ٿو.

 

ماءُ مڌر سر آلاپي پئي

نوجوانڻي ڪم ۾ رڌل ڳائي پئي.

 

مشن هلائي يا ڪپڙا ڌوئي اچانڪ

سُڻ سُڻ ڪو مدر سُر ٻري ٿو.

 

هر ڪنهن کي ڪم ڪار يا ڳائڻ آ

مرد يا عورت ڪوبه واندو ناهه.

 

اندر جو آلاپ آ سڀ کي

جشن جو راڳ چپن چپن تي آ.

 

ڏينهن لهي ٿو ۽ شام سويلي

پورو ٿئي محنت باب مگر

 

رات جو دوستانه محفلون ٿين برپا

هستي جوش ۽ مستي جاڳي هر جاءِ.

 

نوجوان بلند آواز ۾ ٿا ڳائين

گيتن ۾ اٽل ارادو ٿا ورجائين.

 

گيتن جو مڌر آواز اٿي ٿو

منهنجو روح جشن مسيحائي ۾ جهومي ٿو.

 

هر ڪو نچي ٽپي ڳائي پيو.

امريڪا سراپا جاڳي پيو!

 

شاعر سادي سودي نظمي ترڪيب استعمال ڪئي آهي، جيڪا نثر جي بلڪل تمام قريب لڳي ٿي. جهڙو هن جا خيال عام رواجي جمهوري انداز رکن ٿا، تهڙو ئي هيئت به ٻولي جي سادي بناوٽ مطابق اٿس، تاهم نظم ۾ جيڪو تاثر قائم آهي، تنهن جي اسپرٽ کي وٽس ڪندي قائم رکيو ويو آهي.

والٽ وٽمين وانگر اسان جو مجيدي به ڪو وڏو عالم ناهي، پر هڪ پڙهيل ڪڙهيل ۽ آدرشي انسان جي حيثيت رکي ٿو ۽ هن وانگر ئي سنئين سڌي انداز ۾ هنرمندانه اٽڪل سان نظم گوئي جو ملڪو ڄاڻي ٿو. والٽ وٽمين وانگر ئي ساڳي دور جا شاعر ان ساڳي طرز ۾ محمد خان مجيدي سان به شاعري ۾ مقابلو نٿا ڪري سگهن. والٽ وٽمين جو ڪلام عوامي امنگن جو ترجمان ۽ زنده رهڻ جو سبق ڏيندڙ آهي. اهڙي طرح محمد خان مجيدي جي شاعري به سنڌي ماڻهو جي قومي احساسن ۽ جدوجهد جو چٽو پٽو اظهار آهي.

هت محمد خان مجيدي جا ٻه نظم ”ورڪر“ ۽ ”ڏٽا“ پيش ڪجن ٿا جو سندس ٻي شاعري وانگر لس ڪلام آهي. پهرين ۾ ان ”محنت ڪش“ جو ذڪر آهي، جيڪو عوام ۾ ورڪر جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ هو ڪنهن سياسي پارٽي طرفان مقرر ٿيل آهي، تاهم هن اها لائين حقن جي حاصلات لاءِ عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ واسطي اختيار ڪئي آهي، ورڪر عوام منجهان ئي هڪ عام فرد آهي ۽ سندس معاشي درجو به هيٺين طبقي کان مٿڀرو ناهي. هن صرف انقلاب لاءِ راهه پيدا ڪرڻ واسطي ئي اها واٽ ورتي آهي. سندس نيت ۾ شڪ شبهو نٿو ڪري سگهجي. هن جي سياست عوامي احساس کان مبرا ناهي. ڏکن اهنجن ۾ عوام جو هو سچو ساٿي آهي. سندس جذبا عوامي احساس کان الڳ ناهن. شاعر نظم ۾ ساڳيون ئي حقيقتون هڪ تعميري جذبي سان خوش دلانه انداز ۾ بيان ڪيون آهن. اچو ته پڙهون.

 

ورڪر

واهڻ واهڻ ۾ ٿو وهسي

ورڪر چئجي وڪڙو چئجي.

 

پير پيادو پنڌ لتاڙي

موٽر چئجي ڇڪڙو چئجي.

 

پنهنجي ذات ۾ آهي. گم سم

هيجب چئي، هڪڙو چئجي.

 

سنگت جو هو انگ ڍڪي ٿو

ڪپهه چئجي ڪڪڙو چئجي

 

آهي مشيني ماڻهو گويا

طوفانن کان تڪڙو چئجي

 

روز ڏري ٿو دل جا داڻا

جانڊهه چئجي جنڊڙو چئجي

 

ملهه دسي ٿو ميدانن ۾

ڄنگهه ۾ پائي مڪڙو چئجي

 

ستل قوم اٿارڻ وارو

ڀير تي ڏونڪو ڏڪڙو چئجي

 

جيسين ڪو طوفان اچي هي

تسين جهونڪو جهڪڙو چئجي

 

چوڌاري جي چور گهمن ٿا

تن لاءِ چهبڪ چڪڙو چئجي

 

جبلن جا جنسار پسي ٿو

لڪي چئجي لڪڙو چئجي

 

سادو کائي سادو پائي

خرچ ڪرڻ ۾ پڪڙو چئجي

 

محنت هوندي مڃتا ناهي

ڄڻ ڪو آمهون اڪڙن چئجي

 

اڀرن جي لئه اولو آهي

ڍول ڍڪيندڙ ڍڪڙو چئجي.

 

ليڊر جنهن کي نڪ نه آهي

ان جي منهن تي نڪڙو چئجي.

 

يڪي سر ٿو ياري پاري

ياور يڪدل يڪڙو چئجي.

 

سندس سادا مگر دل پذير خيال هن ريت آهن:

جنهن وستي يا واهڻ يا ڳوٺ ۾ وڃو، عوام سان گهلي ملي ويل جيڪا هستي ملندي سا سياسي ورڪر جو وجود آهي. هن جي طبيعت ۾ محنت ۽ جدوجهد مليل آهي. هو عوام سام ڏک درد ونڊڻ لاءِ هر جاءِ ڪنهن مشني گاڏي وانگر وقت کان اڳي رسي وڃي ٿو، جو سندس ڦڙتائي ۽ فرض شناسيءَ جو مثال آهي. ڪپهه جو ڪڪڙو جيئن صنعت جو اَڌار آهي، تيئن هو سچائي سان ساٿين جون گهرجون پوريون ڪندو رهي ٿو. عوام جي ڏکن جو هو ساٿي آهي ۽ جانڊهه وانگر سور ڏري کين غم کان هلڪو ڪندو رهي ٿو. ڏکيون مهمون ائين سر ڪري ٿو جيئن ملهه مقابل کي انگڙو هڻي پنهنجي سرسي ڪندو آهي. عوام کي آگاهي ڏيڻ خاطر هو ڀير جي ڏونڪي وانگر واڄٽ ڪڍندو رهي ٿو، جيئن انقلاب جي آگاهي ڏيندو هجي. هن بظاهر ناتوان ورڪر جي جدوجهد به تيز جهڪ جي جهوٽي کان گهٽ ناهي، هن جي تحريڪ سنڌ جي مٺ گهرن لاءِ ٻل وٺ (مزاحمت) کان گهٽ ناهي. ورڪر اها هستي آهي، جيڪا وطن جي ذري، ذري، ٿر بر، دريا ٻيلن گهاٽين ۾ هنڌ هنڌ لڪي يا ٽڪري وانگر سروقد (اٽل) بيٺل آهي ۽ حالات سان جنبيل آهي. هو ليڊر وانگر تعيش ڪونه ٿو ڪري مگر سادگي تي ڪمربسته آهي. ليڊر جي سڄي ڪايا ۽ هستي ورڪر ڪري ئي آهي، جيڪو پاڻ عوام کان ڏور گذار ٿو. ان ڪري فقط ورڪر جي باعث ئي اڳواڻ جي حرمت قائم آهي. گويا هو ليڊر جي منهن تي نڪ مثل آهي. هيڏي ساري جدوجهد باعث کيس نه ان جو ڦل مليس ٿو ۽ نه وري هو ڪنهن انعام جو تمنائي به آهي. ڄڻ ته بيابان ۾ بيٺل ڪو اڪيلو اڪُ آهي.

ورڪر کان پوءِ شاعر جنهن فرد کي مختلف زاوين کان گهڻي ۾ گهڻو فوڪس ڪيو آهي سو وري سياسي ليڊر آهي، اچو ته سياسي ماحول ۽ ليڊر بابت سندس طنزيه خيال آرائي جو هيٺين نظم مان لطف وٺون. شاعر جو نظم ”ڏٺا ڪيسين“ پيش ڪجي ٿو. ان ۾ جتي هو عوام جي محرومي ۽ ڪسمپرسي جون جا بجا تصويرون ڏيکاريندو هلي ٿو، اتي هو سياسي ليڊر جي ٻهروپيائي کي به هنڌ هنڌ وائکو ڪندو رهيو آهي.

 

 

 

جهانگيئڙن سان جهيڙا ڪن ٿا،

هوندا جهيڙا جهٽا ڪيسين،

ڏٽا ڏيندڙ ڏوٿيئڙن کي،

ڏيئي ڏيندا ڏٽا ڪيسين؟

 

 

ليکي ۾ هو ليکاري ٿا،

لاکيڻن جا لاهن ليکا،

اڃا سانگيئڙن تي هوندا،

سٽوڙين جا سٽا ڪيسين؟

 

 

روزانو هت خون ٿين ٿا،

ڪارو ڪاري روز ڪسن ٿا،

لوڊن روڊن تي هي هوندا،

ڇٽڪارون ۽ ڇٽا ڪيسين؟

 

 

گهوڙا ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجن،

دنگ نه ڪن ڪي تنهنجون ديهون

اڃا پاپي پاپ سان وٺندين،

پنهوارن جا پٽا ڪيسين؟

 

 

آب حياتي اوتڻ وارا،

اڃ اڃايا اڃا تائين،

ويري ڏيندا وانگيئڙن کي

ويتر وه جا وٽا ڪيسين؟

 

 

واري سان تو ويهه سبائين،

هڪڙا لاهي ٻيا ٿو پائين،

هوڏي لاکيڻن جا هوندا،

ليڙون ليڙون لٽا ڪيسين؟

 

 

ڪُتا ڪڪڙ پالڻ وارا،

ڪنهن جي پورهئي تي ٿو پلجين،

پورهيت کي تون کارائيندين،

اٽا کارا کٽا ڪيسين؟

 

 

راجا پرجا جون ٿي ويون،

ريتون رسمون رد سموريون،

اڃا ڳچين ۾ هي هوندا،

ڳارا ڳيون ڳٽا ڪيسين؟

 

 

ڳاڙها ڳڀرو ڳوٺاڻا هو،

ڳڀا ڳڀا ڳترا ٿي ويا،

هيڻن تي هي هيڏا هاڃا،

ڪندا هٽا ڪٽا ڪيسين؟

 

 

خالي اڄ ڀي خالي آهن،

پر تو ڀرجي ڀرجي ڦاٽن،

دولت جي اڻ پوري ابتي،

هوندي مٽا سٽا ڪيسين؟

 

 

مهل تي ماني مرغي مڇي،

ماکي مکڻ مربو ميوو،

چانور چٽڻي جاپون کائي،

چوکا ڪندا چٽا ڪيسين؟

 

 

قيد ۾ ڪي آزاد دليون،

ڪي آزادي ۾ قيدين جهڙا،

موت حياتيءَ جا هي هوندا،

چارا ۽ چهچٽا ڪيسين؟

 

 

هيڏو ڪمند، شگرملون،

کوٽ ۾ هونديون اڃا کنڊون،

فوڊ ملازم، ڊيپو ڪيپر،

ڪٽي رکندا ڪٽا ڪيسين؟

 

 

هلندو رهندو ڪيسين ڪوڙ،

وارو هت دستور ادا ڙي،

جيلن ۾ هٿ جهرندا رهندا،

راجا، رانٽا رٽا ڪيسين!

 

شاعر ليڊر جي عوام دشمن رويي جو ذڪر، جن مستانه وار سٽن ۾ ادا ڪيو آهي، تن جو مطلب ڪجهه هن طرح نڪري ٿو.

مسڪيني حال ۾ گذران ڪندڙ عوام سان اسان جا ليڊر آخر ڪيستائين ويساهه گهاتيون ڪندا رهندا؟ ڪيترو انهن کي ڪوڙن دلاسن تي هلائيندا؟ هو اقتدار ڪاڻ سٽوڙين وانگر ديس جي مفاد کي داءُ تي لڳائيندا رهن ٿا. سندن مفاد جو اهو ظالمانه ڪاروبار ڪيستائين رهندو؟ هو عوام کي غافل رکڻ خاطر منجهن جاهلانه ۽ نسل ڪش وارين رسمن کي همٿائيندا ۽ خون بيداري مچائيندا رهن ٿا. آخر ان جو انت ڪڏهن ايندو؟ ليڊر جي هٻڇ کٽڻ جي ناهي. هو مسڪينن جا ٻه چار ايڪڙ به ڦٻائي پنهنجي دولت وڌائيندا وڃن ٿا. ليڊر پنهنجي لاءِ دنيا ۾ ئي بهشت جوڙيو ويٺا آهن. اڃ لاهڻ لاءِ به صحت بخش شفاف پاڻي واپرائين ٿا، پر غريب اهو ئي غلاظت وارن واهن جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي. مسڪين ماڻهو ته ڦاٽل ٽٽل ڪپڙا پائي ٿو پر ليڊيز قيمتي لباس ۾ پيا ڇڄن. غرض مال تي پلجندڙ ليڊر تعيش جي زندگي گذاري رهيو آهي، پر عوام کي رکي سکي به ميسر نٿي اچي. ليڊر پنهنجا خزانا ڀري رکيا آهن پر عوام کي رکي سکي به ميسر نٿي اچي. ليڊر پنهنجا خزانا ڀري رکيا آهن پر عوام کي محنت مزوري ۾ ڳهڻ کان پوءِ ايترو نٿو ملي جو سندس ضرورتون ان مان پوريون ٿي سگهن. هي رڳو نالي جي آزادي آهي، جنهن ۾ حقن کان محروم عوام غلاميءَ واري زندگي بسر ڪري رهيو آهي صنعتڪار ۽ ڪارخانيدار مزدرون جون زوري ڪٽوتيون ڪري سندن اجرتن ۾ لاٿ آڻي پنهنجا ڀڀ ڀرائيندا رهن ٿا، پر ڪوڙ ۽ بي انصافي تي بيٺل ٺانٺو ڪيستايئن قائم رهي سگهندو ۽ محب وطن ڪيستائين قيدن ۾ سور سختيون سهندا رهندا؟

مٿي ڏنل مثال وانگر مجيديءَ جي سڀني نظمن ۾ عوامي زندگي جي جذباتي جهلڪ ملي ٿي. دراصل هو جيڪي ڪجهه اظهار خيال ڪري ٿو، سو فقط شاعر جو ضمير ناهي بلڪ عوام جو ۽ ديس جو ضمير آهي، جنهن کي هن شعرن ۾ ڳايو آهي. هن ڪيترائي يادگار نظم لکيا آهن. ٻاٻيهن سان ٻول، ظالم، چونڊيون سو اڳواڻ، چيٽ چٽا، پلاند ڪرڻ، ويري آهي، ڪاڪ، ڄاڻ اٿيا، ڇڏي ويا، مورڙا، جاڳيوڙي، لکان مان، پکي جو پيرو، ڳالهه نه آ، ڳوٺاڻن جي ڳالهه، خدا وغيره وغيره هر نظم ۾ جذبي جي سچائي کي سادگي ۽ خوبصورتي سان بيان ڪيو ويو آهي. اهو شاعري جو عمومي رنگ ئي آهي، جنهن ان جي سٽا ۽ انداز بيان کي تمام سادو ۽ يڪسو بنايو آهي. ايتري قدر جو نظم جي خيال ۽ صورت ۾ ڪابه تفريق نٿي رهي. اهو ڄڻ ته هڪ ڪيف آهي، جيڪو لرزش ۾ اچيو گيت جي سريلن ٻولن جيان هڪ ٻئي پٺيان ادا ٿي رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سندس جذبي سان ٽمٽار شاعري قومي تحريڪ کي اڀاريندڙ ثابت ٿي آهي.

مجيدي والٽ وٽمين وانگر ئي سنڌ جي عوام کي ڳايو آهي. هن سنڌ جي عوامي طبقن ۽ پورهيت کي جتي ساراهيو آهي، اتي غرصمالي اڳواڻن ۽ ڌارين قبضيدارن کي خون ننديو آهي. هن وطن جي سرخروئي، خوشحالي، روشن مستقبل، آزادي ۽ آجپي جي آس ڏياريندڙ جذبن کي تمام اتساهيندڙ ۽ اڀاريندڙ انداز سان ڳايو آهي. شاعريءَ ۾ ديس جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت کي ان جي ماضي ۽ حال کي قومي نقطه نظر ۽ شرح سان بيان ڪيو ويو آهي.

مجيدي جا شعر پڙهندي ائين ٿو محسوس ٿئي ته شاعر مصيبت ۾ گهيريل ديس جي سنگلاخ ڌرتي تي تنها مسافر آهي. جيتوڻيڪ ڌرتي کانئس اڳتي سرڪندي هلي ٿي هو ڪڏهن به ٿڪجي نٿو. سندس ڪنهن به نظم جو بند پڙهندا ته اهو ڀرپور جذبي سان سرشار ملندو. هو قومي احساس کي کڻي مسلسل هلندو رهي ٿو. هن جو جذبو هاريل کي همت ڏياريندڙ آهي. هيٺ ”چيٽ چٽا“ نظم مان ٻه ٽي بند درج ڪجن ٿا. ڏسو ته ڪشش انگيز روانگيءَ سان شاعر ڌرتيءَ ان جي عوام سان ازلي رشتي جو موزون اظهار ڪيو آهي.

 

ڌرتي تنهنجو منهنجو آهي

ساٿ سٽاڻو سالن کان

تنهنجي سينڌ سنوارڻ خاطر

ساري ساريان ساٿ سٽا

 

تو ۾ مون ۾ سونهن به ساڳي

ساڳيو آهي ساهه سڳو

تنهنجون منهنجون يادون ساڳيون

پڊ پراڻا - ڦاٽ ڦٽا

 

ڏاڍن جي ٿي ڏاڍي ڏسجي

هيڻن تي هڻ مار اڃا

ڳاڙهن ڳوڙهن سان هي ڳاڙها

ڪيسين ٿيندا ڳاٽ ڳٽا.

 

ڌاڙيلن جو روپ ڌري تو

ماروئڙن جا مال ڦريا

هاڻ نه ڀربا تنهنجا ڦانڊا

ڀينگيا تنهنجا ڀاڳ ڦٽا

 

گجري پاتو گج گلابي

گل گل ۾ گلزار سوين

سڪ جي آه سرهه ڦلاري

چاهت جا ٿيا چيٽ چٽا.

 

مجيدي جو ڪهڙو به نظم پڙهندا ائين محسوس ٿيندو ته هو ننڊ ۾ غلطان قوم کي جاڳائيندو هجي. هو اهڙي سوچ نٿو رکي جنهن سان ماڳهين قوم جو حوصلو ختم ٿي وڃي يا سندس قوت پوئتي پئجي وڃي. هو فيشن طور نٿو سوچي بلڪ عمل ۽ جدوجهد پيدا ڪرڻ جو خواهان آهي. هو فقط نعرن ذريعي سماجي ۽ معاشي انقلاب آڻڻ نٿو گهري بلڪ هو عملي طور پنهنجي جان کپائي رهيو آهي. ڪلام ذريعي نه رڳو ڏک درد اوري ٿو بلڪ قوم ۾ روح ڦوڪي ڇڏي ٿو. چونڊيون سو اڳواڻ جا ڪجهه بند پڙهو ۽ ڏسو ته شاعر ڪيئن نٿو قوم کي بيدار ڪري.

هاري ناري ۽ مزدور

هرڪو ماريل ۽ مجبور

تن کي گهرجي ساٿ ضرور

جيڪو سوري تن جو سور

جيڪو آڻي تن ۾ جان

چونڊي چونڊيون سو اڳواڻ.

 

جيڪو آمر ۽ اڙٻنگ

جن کان ماڻهو ماڻهو تنگ

جنهن جا ڏوٿيئڙن تي ڏنگ

جيڪو جوٽي تن سان جنگ

ڪاري ضرب، لڳائي ڪان

چونڊي چونڊيون سو اڳواڻ،

 

جنهن جي پڪي ٻولي ٻول

جنهن جي ٻولي ڍول پٽول

جهانگين لئه جو کولي جهول

غدارن جا کولي پول

جنهن وٽ ماروئڙن جو مان

چونڊي چونڊيون سو اڳواڻ.

 

شاعر ڪلام ذريعي پست حالتن ۾ ڦاٿل قوم جو مورال بلند ڪرڻ چاهي ٿو، جيئن اها بلندي تائين رسي وڃي. هو معاشرتي ڪمزورين ۽ قومي وڏن جي اهڙي طرح بيخ ڪني ڪري ٿو. جو سنڌي قوم انسانيت جي پاسبان ۽ بلند بنجي وڃي. اها ئي قوم باهوش ۽ بهادر چئبي، جيڪا مشڪلاتن مان نڪري آزاديءَ جو مقام ماڻي سگهي. ”پلاند“ نظم جا هي بند پڙهو.

ڪهڙو آهي هي دستور،

نڪتو ناهي هي ناسور،

هن ۾ ڪنهن جو آه قصور

ماڻهو ٿي ويا سڀ مجبور

ڪنهن وٽ پنهنجا سور سلين

ڪهڙو مسلڪ ڪهڙو دين؟

 

هيڏا جُرڳا هيڏا جوڙ

موت جي منهن ۾ ماڻهو کوڙ

ڪن پيا جاکوڙي جاکوڙ

مقصد جا ڪي ٻڌجن موڙ

ڄاڻ رسيا انصاف امين

ڪهڙو مسلڪ ڪهڙو دين؟

 

هيڏا هاڃا ڪن ٿا هُوڙ،

پاوا نڪتا ڀڳي چُوڙ،

ڪارو ڪاري قصو ڪوڙ

ڪوڙ جي منهن ۾ آهي ڌوڙ

ماڻهو وارو ماڳ مٽين

ڪهڙو مسلڪ ڪهڙو دين؟

 

مجيدي ڄڻ ته ٻوليءَ جو بازيگر آهي. نظم لکڻ وقت هن جي پيٽاري مان ٻول نچندا ٽپندا نڪرن ٿا. عام انداز جا فقره ۽ سخنيون Pharases ٺاهيندا جز ڪلام بنجي وڃن ٿا. هو پنهنجي فن ۾ ادبي دستگيري يا سخنوريءَ بدران ڪلام بنجي وڃن ٿا. هو پنهنجي فن ۾ ادبي دستگيري يا سخنوريءَ بدران عام وهنوارڪ ٻوليءَ تي تڪيو ڪري ٿو. اهڙا ٻول جيڪي هڪدم زبان مان ادا ٿين، تن کي اُچڇل ٻولي يا اُجهڪو ٻول چوندا آهن ۽ اهو ئي گڻ سندس ڪلام کي سيبتو ۽ با معنيٰ بنائي ٿو. توهان انهن ٻولن کي Free Talk به چئي سگهو ٿا. هم ڪلامي يا تخاطب جو اهڙو انداز جڏهن ٻولي يا ادب ۾ اختيار ڪيو ويندو آهي. تڏهين انگريزيءَ ۾ Doing Thing off hands جهڙن لفظن ۾ به عموماً ان جي تشريح ڪئي ويندي آهي، يعني ٺاهي ٺوڪي گفتگو ڳالهائڻ يا تهذيب يا ڪلچر جو رنگ چاڙهڻ بدران بلڪل عام وهنوارڪ نموني سان چٽڪو بنائي ڳالهه ڪرڻ يا هم ڪلام ٿيڻ آهي. انگريزيءَ ۾ ان ڌوپار ڳالهائڪ ٻولي کي Slangs چوندا آهن ۽ سنڌيءَ ۾ ان کي سُبڪي ٻولي يا وري آسانيءَ خاطر صرف سُبڪيون چئي سگهون ٿا.

 

مثلاً

ليڊر جنهن کي نڪ نه آهي

تنهن جي منهن تي نڪڙو آهي.

”نڪ نه هجڻ“ بلاشڪ سنڌي ٻوليءَ جو سادو ۽ نبار اصطلاح آهي مگر نڪ کي نڪڙو چوڻ ان شاعر خوش ذوقيءَ واري اظهار ۾ سهڻي سٺار (طنز) ڪئي آهي، جنهن سان ليڊر جي شاطرانه شخصيت ۽ ورڪر جي ايماندرانه شخصيت هڪ ئي سُبڪي ۾ ظاهر ٿي وئي آهي. شاعر جو چوڻ آهي ته پبلڪ ۾ ليڊر جي اهميت يا لڄ جو جيڪو ڀرم آهي. سو صرف ورڪر جي محنت سببان آهي. اهو مطلب تمام خوبصورت انداز ۾ ادا ٿي سگهيو آهي. مجيدي جي نظم جي هر بند ۾ اهڙي ڳالهه مهارڪ انداز ۾ چيل آهي.

پنهنجا پنهنجي ويجها

ڍوليا ڍاٽِي ڍول ڪريون ڪي.

***

 

قوم مٿان سر گهورڻ وارا،

پيدا اول اڏول ڪريون ڪي.

***

 

 

فهم فضيلت محنت سان ئي،

سانگا سانگ سڻول ڪريون ڪي.

***

 

ڏاڙهون ڏاٺون ڏند نه تنهنجا،

هاڻ نه ڪنهن کي ڏاڙهيندين تون.

***

 

ٻاکا پنهنجا ٻرگهل ڪندا،

باٻيهن جا باڻ ٻٽا.

***

 

هيري ڦيري ڄاڻ ٿو هُو،

هن جي سر ۾ ڦيري آهي.

***

 

لوڊن روڊن تي هي هوندا،

ڇٽڪارون ۽ ڇٽا ڪيسين؟

***

 

اڃا پاپي پاپ سان وٺندين،

پنهوارن جا پٽا ڪيسين.

***

 

چاور چٽڻي چاپون کائي،

چوکا ڪندا چتا ڪيسين.

***

 

پير پيادو پنڌ لتاڙي،

موٽر چئجي ڇڪڙو چئجي.

***

 

ستل قوم اٿارڻ وارو،

ڀير تي ڏونڪو ڌڪڙو چئجي.

***

 

محمد خان مجيدي شاعريءَ ۾ پنهنجي طرز جو يڪتا استاد فن آهي، هن جي ڪلام جو تاثير توڙي فني انداز جيئن آءُ مٿي چئي آيو آهيان ته والٽ وٽمين جي شاعري سان گهڻي مشابهت رکي ٿو. اهو حسن اتفاق چئبو جو مجيدي ۽ وٽمين جي فن توڙي زندگي ۾ ڪيتريون هڪجهڙايون ملن ٿيون. سندن مشاهديءَ ۽ تجربي ۾ هم آهنگي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پنهنجي عملي زندگي جو آغاز ٻنهي شاعرن هڪ استاد جي حيثيت ۾ ڪيو. تعليم جو پيشو هنن ٻنهي لاءِ هڪ قدرتي دين بنجي پيو، جتان هو قوم جي تهذيب ۽ عملي سکيا ڏانهن رجوع ٿيا. والٽ وٽمين امريڪي عوام ۾ محنت ۽ جدوجهد واري جذبي کي ساراهي ٿو ۽ هنن ۾ زندگيءَ جو روح ڦوڪي ٿو. گويا شاعري وسيلي هو قوم جي تاديب ڪري ٿو. محمد خان مجيدي جي ڪلام جو افادي پهلو به ان کان مختلف ناهي، هو قوم ۾ مشڪل حالتن منجهه زنده دليءَ سان جيئڻ جو حوصلو پيدا ڪري ٿو. هن معاشري جون خوبيون يا خاميون هڪ خوشدلانه تاثر سان ڳايون آهن. جئين ڏکن ڏڌل قوم ۾ زندگي جو سلو مرجهائڻ جي بدران ترو تازه رهندو اچي، جيئن امريڪي عوام والٽ وٽمين جو ڪلام ٻڌڻ سان وطن جي محبت سان سرشار ٿي اٿي ٿو. تيئن ئي مجيدي جا نظم ٻڌي سنڌي ماڻهو پنهنجي وطن، ڌرتي ۽ تهذيب سان پيار ڪرڻ لڳي ٿو. هن ۾ اهڙو احساس جاڳي ٿو. جنهن جو اڳي ڪڏهن به شعور نه هو، اها ٻي ڳالهه آهي ته آمريڪا ۾ آزاد معاشري ۽ آزاد قوم وسڻ باعث والٽ وٽمين جي ڪلام ۽ آواز کي زندگيءَ ۾ جيڪا امرتا حاصل ٿي، تنهن جي رتي، جيتري موٽ به مجيدي جي ڀاڱي ۾ نه آئي. ان جو خاص سبب اهو ئي آهي جو هتي انسان طرح طرح جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. هو آزاد فڪر ۽ احساس سان زندگي گهارڻ کان محروم رکيو ويو آهي.

مجيدي نظم گوئيءَ ۾ سادي سودي پاڻ واڻي واٽ ورتي آهي، جيڪا ٻوليءَ جي فطري ڪلام ماهيت مان ڦٽي نڪري ٿي. اسان جي شاعر زندگيءَ جو به نئين سر مشاهدي لاءِ هڪ نئون انداز ورتايو آهي جيڪو اڳ ۾ ڪنهن به تخليقڪار جي اک تي نه چڙهيو هو، والٽ وٽمين جي نظم ۽ ان وقت جي رائج ادبي نظم ۾ جيڪو فرق آهي، سو ساڳيو ئي مجيدي جي عوامي نظم ۽ ادبي نظم ۾ پڻ آهي. ٻنهي شاعرين جو گهاڙيٽو ٻوليءَ جي سادي سودي فطرت تي قائم آهي ۽ هنن جا ويچار به ڳوڙها هئڻ بدران عوام جي ذهني رسائي مطابق عام فهم آهن. هتي فني مزاج جي وضاحت لاءِ سنڌي بيت ۽ نڙ بيت جي ڀيٽ به ڪنهن حد تائين معاون ثابت ٿيندي. سنڌي بيت کي ادبي درجو حاصل آهي، اهو زبان ۽ بيان توڙي فن ۽ فڪر جو معيار سمجهيو وڃي ٿو. سادن سودن خيالن کان علاوه شاعرن اعليٰ فڪر کي بيان ڪرڻ لاءِ به بيت کي ادبي ڪاوش طور اختيار ڪيو آهي. عام سنڌي بيت ۾ فني طور سٽن جو ڳاڻيٽو برقرار رهي ٿو، يعني ته سٽن جي لامنتهايت بدران ان ۾ حدبنديءَ جو ڪو نه ڪو تصور قائم آهي، جتي بيت جي فن ۽ خيال کي مختصر انداز ۾ اظهارڻ جو قصد ڪيو وڃي ٿو. اتي نڙ بيت ۾ لفظن جي ٻنڌ ۽ سٽن جي ڊيگهه جو ڪو ڇيهه ئي ڪونه هوندو آهي، ان ۾ هڪ اڻ کٽ ورجاءُ پيو هلندو. نڙ بيت ۾ سگهڙ وٽ ڀلي ته ٻول کٽي وڃن ته ڪلام جي پڄاڻي جو تصور نه هوندو آهي. نڙ بيت معياري ادب بدران لوڪ رس Folk Lore جي ادبي صنف آهي، سکڻن لفظن سواءِ ان ۾ عمدي خيال جو گذر تمام گهٽ هوندو آهي. ان ۾ ٻول برائي ٻول ۽ گفتو برائي گفتو هوندو آهي. جنهن مان ڪڏهن ڪو مطلب نه به سرندو آهي. البت ٻول جي ورجاءُ مان ٻڌندڙ کي چس ۽ رس ضرور پڙ پوندو آهي.

مجيدي جو نظمي تجربو به عوام جي ذهني سطح تائين سادو آهي. ان ۾ شعري ترڪيبن جي گنجائش بدران بي ڌڙڪ خيالن جي اُٿل آهي. هن وٽ بندن يا سٽن جي تعداد جي ڪابه بندش ڪانهي. خيال کٽي يا لفظ کٽن نه ته ڀلي ته نظم جتي هلي پورو ٿئي. پر ان هوندي به نڙ بيت وانگر هنن ۾ بي معنويت نه هوندي آهي. مجيدي جا نظم لوڪ رس جو وڻندڙ سٽاءُ رکندي به پنهنجي پر ۾ جيئري جاڳندي معاشري جو زنده احساس رکن ٿا. ۽ وقت ۽ زماني جي زبردست للڪار آهي. هن جا نظم هڪ باقاعدي شعور ۽ عمل طرف عوام جي رهنمائي ڪندڙ آهن. سندس ڪلام ڄڻ ته جاڳندڙ ضمير جو آواز آهي.

محمد خان مجيدي جي نظمي جوڙجڪ ۾ باقاعدگي آهي، جيڪا پورن بندن ۽ سٽن تي ٻڌل ٿئي ٿي. هن جي سادي بناوت ۾ تصرف جو امڪان گهٽ هوندو آهي. اڄ ڪلهه جا شاعر ته پنهنجي من ماني هلائيندا آهن، جي نظم جي هڪڙي مصرع ۾ ٻارهن رڪن آهن ۽ ٻي ۾ هڪڙو ته به کين ان ۾ ڪنهن به قسم جو عار محسوس ڪونه ٿيندو آهي، پوءِ کڻي پڙهندڙ کي اهو ڪيڏو به اجوڙ ڇو نه لڳندو هجي. ان کان علاوه مجيدي جي نظمن ۾ شاعرانه تشدد Poetie Intensity جو هڪ جهڙو لهجو ٻڌل ٿئي ٿو. جنهن ڪري هو هڪ قسم جو دل لڀائيندڙ آلاپ ۽ لاجواب موزونيت پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿو وڃي. دراصل اهو مصراعن ۽ بندن جو خاص تسلسل ئي آهي، جيڪو شاعر جي حق ۾ وڃي ٿو. جنهن لاءِ ڏسجي ته نظم جي تخليق وقت فنڪار سموري ۽ مسلسل ڪوشش کان ڪم وٺي ٿو. اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري سندس نظم جو هڪ پئٽرن نمايان طور اڀريل آهي، جنهن جي شاعرانه اسلوب بيان کي روزمره جي ٻولي تي ٻڌل فقط هڪ سولو سپاتو دڳ چئي سگهجي ٿو.

محمد خان مجيدي جو ڪلام پڙهڻ سان ظاهريءَ طرح ائين سمجهه ۾ ايندو ته اهو ڪو پنهنجي دور جي شڪست ۽ ربخت کان عبارت آهي، پر اسين پنهنجي ذهن تان پردا هٽائي غور ڪنداسون ته هڪدم اها ڳالهه سمجهه ۾ ايندي ته شاعر نه صرف سماجي عمل جي تهه ۾ جهاتي پائي ڏٺو آهي، بلڪ هو چپي چپي تي زندگي بخش قوتن سان ڀرپور ساٿ ڏئي رهيو آهي. ڪلام کي پڙهندي اعتبار اچي ٿو ته ادب واقعي هڪ زندگي بخش عمل آهي، جيڪي نام نهاد اديب مجيدي جي شاعريءَ کي خواهه مخواه جو جوشيلو ڪلام سڏين ٿا، تن کي ياد رکڻ گهرجي ته هو سطحي شاعر هرگز ناهي، بلاشڪ هو خزان جي موسم ۾ پن ڇڻ سان واسطو رکندڙ فرد آهي، تاهم هو ڪوڙي اميد ڏياري قوم کي بهارن جون خوشخبريون ڪونه ٿو ٻڌائي، بلڪ ماڻهن جي حوصلي وڌائڻ لاءِ کين ڇڻيل پن ۽ ڪکن پنن ٻهارڻ لاءِ تلقين ڪري ٿو.

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org