سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: مٽي منهنجي مٽي آهي

صفحو :4

 

 

مِٺيءَ جو شهر

 

مٺي سڀ کان، مٺي سٺي،

سهڻي سندر، بستي آهي،

ماڻهو کائڻ پيئڻ وارا،

تن جو روز الستي آهي.

 

 

جهڙي تهڙي حالت ۾ هي،

ماڻهو مال گذارو ڪن ٿا،

پيٽ ۾ تن جي بک سهي پر،

من ۾ هر ڪا مستي آهي.

 

 

جت ڪٿ نهرون کوهه کڄن پيا،

ڏولاوا ۽ ڏک ڀڄن پيا،

هت پڻ آهي ضرورت اهڙي،

وڻجارن جي وستي آهي.

 

 

پنهن جي مڙسيءَ وارا ماڻهو،

ماڳ ملهايو ويٺا آهن،

تن ۾ هرڪا قومي ملڪي،

همت حشمت هستي آهي.

 

 

علم تجارت ۾ هي اڳرو،

گويا ٿر جو پيئرس آهي،

هن کي پئنچاتون راڄوڻيون،

هن کي بالادستي آهي.

 

 

اچڻ وڃڻ ڏاڍو مشڪل،

اڌريون پڌريون پل صراطون،

چيزون چوٽ سهانگيون آهن،

مزدوري هت سستي آهي.

 

 

قرب هنن جو ڪنڊن سان ۽ ،

مٽيءَ ساڻ محبت ناتو،

قوم هنن وٽ سڀ کان پياري،

ڪيڏي قوم پرستي آهي.

 

 

وايون شاهه ڀٽائيءَ واريون،

قصا دودي مارئي وارا،

سوچ سلوڪت سامي واري،

سچل جي سرمستي آهي.

 

 

اڄ ڀي اونداهيءَ ۾ آهي،

شهري ڏهري ڏيهي ڏوٿي،

ماروئڙن جي ملڪ سڄي ۾،

پڌري پڌري پستي آهي.

 

 

روڊ رسيو مس مٺيءَ تائين،

ٽانڪي پهتي چٺيءَ تائين،

ريج رٿائون رولي ۾،

اڻپوري بندو بستي آهي.

 

 

هيڏا سارا حاڪم آيا،

ڪونه لٿو ڪو ٿر جو ٿورو،

ڄام هتي ارباب هتي ڪو،

ميمڻ، مري، دستي آهي.

 

 

وڏن ماڻهن سيٺين جو هر،

ڪم تي پورو قبضو آهي،

سانگي آهن سورن ۾ سڀ،

سکڻا ئي سر بستي آهي.

 

 

ضلعي وارو منصب ماڻي،

هاڻي مٺي سڀ کان اول،

جي به رٿائون آهن تن ۾،

منهن جي خاص درستي آهي.

 

***

 

ٻاٻيهن سان ٻول!

ويڙهيچن جي وچ ۾ ويهي،

ڪارونجهر سان قول ڪريون ڪي،

ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي.

 

 

پيرون پَسي ڏونرا پٽي،

جهانگيئڙن جا جهول ڀريون ڪي.

ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي.

 

 

چانڊوڪي ۾ چنگ ٻرائي،

چوڌاري چوٻول ڪريون ڪي،

ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي.

 

 

ڪنهن پر ريجهي پنهنجو راڻو،

ڏاڍا رنگ رتول ڪريون ڪي،

ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي.

 

مارو منهنجا موتيءَ داڻا،

اڃا وڌ انمول ڪريون ڪي،

ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي.

 

 

پنهنجائپ ۾ پنهنجا ويجها،

ڍاٽي ڍول پٽول ڪريون ڪي.

ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي.

 

 

قوم مٿان سر گهورڻ وارا،

پيد اول، اڏول ڪريون ڪي.

ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي.

 

 

ڀڃي، ڀوري، ڀورا ڀورا،

قهري ڪوٽ ڪڙول ڪريون ڪي.

ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي.

 

 

کنڊي دل سان کاٽ هڻن جي،

تن جا پڌرا پول ڪريون ڪي.

ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي.

 

پنهنجي پونجي پاڻ بنايون،

ٽپڙ ٽاڻا ٽول ڪريون ڪي.

ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي.

 

 

هت جي ٽُلڪي ٽُلڪي پهچن،

سي ته روانا رول ڪريون ڪي.

ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي.

 

 

فهم فراست، محبت سان ئي،

سانگا سانگ سڻول ڪريون ڪي.

ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي.

 

 

اگهه نه وس ۾ آهن باقي،

سروس جا در کول ڪريون ڪي.

ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي.

 

***

 

 

ڏٽا ڪيسين؟

جهانگيئڙن سان جهيڙا ڪن جا هوندا جهيڙا جهٽا ڪيسين؟

ڏٽا ڏيندڙ ڏوٿيئڙن کي ڏيئي ڏيندا ڏٽا ڪيسين؟

 

ليکي ۾ هو ليکاري ٿا لاکيڻن جا لاهن ليکا،

اڃا سانگيئڙن تي هوندا سٽوڙين جا سٽا ڪيسين؟

 

روزانو هت خون ٿين ٿا، ڪارو ڪاري روز ڪسن ٿا،

روڊن، لوڊن تي هي هوندا، ڇٽڪارون ۽ ڇٽا ڪيسين؟

 

گهوڙا ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجن، دنگ نه ڪن ڪي تنهنجون ديهون،

پاپي وٺندين پاپ سان اڃا، پنهوارن جا پٽا ڪيسين؟

 

آب حياتي اوتڻ وارا، اُڃ اُڃايا اڃا تائين،

ويري ڏيندا وانگيئڙن کي، ويتر وهه جا وٽا ڪيسين؟

 

واري سان ٿو ويهه سبائين، هڪڙا ليهن ٻيا ٿو پائين،

هوڏي لاکيڻن جا هوندا، ليرون ليرون لٽا ڪيسين؟

 

ڪُتا ڪڪڙ پالڻ وارا، ڪنهن جي پورهئي تي ٿو پلجين،

پورهيت کي تون کارائيندين، اٽا کارا کٽا ڪيسين؟

 

راجا پرجا جون ٿي ويون، ريتون رسمون رد سموريون،

اڃا ڳچين ۾ هي هوندا ڳارا ڳٽيون، ڳٽا ڪيسين؟

 

ڳاڙها ڳڀرو ڳوٺاڻا هو، ڳڀا ڳڀا ڳترا ٿي ويا،

هيڻن تي هي هيڏا هاڃا، ڪندا هٽا ڪٽا ڪيسين؟

 

خالي اڄ بي خالي آهن، ڀرتو ڀرجي ڀرجي ڦاٽن،

دولت جي اڻپوري، ابتي هوندي مٽا سٽا ڪيسين؟

 

مهل تي ماني مرغي مڇي، ماکي مکڻ مربو ميوو،

چانور چٽڻيء، چاپون کائي ڪندا چوکا چٽا ڪيسين؟

 

چوڌاري چوگرد ڏسون ٿا، علم و ادب جو چرچو آهي،

ڄاموٽن جي ڌرتي جا هي ڄايا هوندا ڄٽا ڪيسين؟

 

هيڏو ڪمند شگر ملون، کنڊ جو راشن رائج اڃا،

فوج ملازم ڊيپو ڪيپر، ڪٽي رکندا ڪٽا ڪيسين؟

 

هلندو رهندو ڪوڙن ڪيسين وارو هت دستور اڃا ڀي،

جيلن ۾ هو جهرندا رهندا، راجا رانٽا رٽا ڪيسين؟

 

قيد ۾ ڪي آزاد دليون، ڪي آزاديءَ ۾ قيدين جهڙا،

هت حياتي جا هي هوندا چالا ۽ چهچٽا ڪيسين؟

 

***


 

 

 

 

 

شهيد غلام حسين انڙ

اڄ جي شام غلام حسين،

تنهنجي نام غلام حسين،

اُنڙ ڄام غلام حسين،

با اڪرام غلام حسين.

 

 

تنهنجو هلندو رهندو سوڳ،

جيلن ۾ تو ڪاٽي جوڳ،

دشمن کي نه ڇڏيندو روڳ،

هي ڪو چرچو ناهي ڀوڳ.

 

 

توسان ٿي ويو هيڏو دوهه،

ڪنهن جي کاتي لکجي ڏوهه،

تولئه رنو رائو روهه،

حاڪم کي هو هيڏو موهه.

 

 

ٿيندو نيٺ سهائو صاف،

دشمن ڀل ته هڻي پيو لاف،

ڏوهه نه ٿيندا آهن معاف،

آخر ٿيندو ڪو انصاف.

 

***

 

 

سنڌ بچايو

سنڌي گڏ ٿي سنڌ بچايو

پروانا ٿي پاڻ بچايو.

 

تن کي ماريو ٻاريو ساڙيو

جن هي سارو ڏيهه ڏچايو.

 

ملڪ ۾ ميٺ محبت وارا

جت ڪٿ ميلا خوب مچايو.

 

محفل ۾ ٻن پيسن جي لئه

يار نه پنهن جا ننگ نچايو.

 

سنڌ ۾ جت ڪٿ شعر ادب جو

راحت وارو رنگ رچايو.

 

ڪوس ڪراچي ۾ ٿيو ڪيڏو

هاءِ هچارن ملڪ هچايو.

 

سنڌ مٿان سر گهوريو سنڌي

هرگز خالي پهه نه پچايو.

 

سچ ڪنان پڻ سچا سنڌي

”سچو“ بنجي سچ سچايو.

 

رت رُئي ٿي ڌرتي ماتا

پٽڙا ان کي نت پرچايو.

 

سنڌي بنجو دولهه دودا

ڳوڌا بنجي ڳچ ڳچايو.

 

سنڌ سان سارو ساٿ نڀايو

ويڇا ٽوڙي وچن وَچايو.

 

سورٺ، مارئي، ٻاگهل وانگر

سنڌ امڙ کي سرچايو.

 

***

 

 

رهون ڪٺا

رهون هر مصيبت ۾ دائم ڪٺا،

ته دشمن جا دٻجي وڃن اٺسٺا.

 

 

رهون پاڻ ۾ تيئن اسان گڏ سدا،

رهن سنگ ۾ جيئن داڻا ڪٺا.

 

 

اسان ڪالهه ڪشتيون ڪلهن سان ڌڪيون،

اڃا ڪين ميٽيا گلابي گٺا.

 

 

اسان ديش دشمن سان وڙهندا اچون،

رکون سار ۾ ساٿ سانگا سٺا.

 

 

نوان ڳوٺ نجهرا اڏيندا اچون،

نه آهن کُٽا ڪاٺ بانٺون بٺا.

 

 

نه زبرو ڪو ضربون اسان جون جهلي،

نه لاهڻ سان لهندس بدن تان بٺا.

 

 

اسان کان اسان جا اثاثا ويا،

وڪاڻا ٺڪاڻا، ڳريا ڳهه ڳٺا.

 

 

نه ڌرتي اسان جي اسان جي رهي،

اجهورون به وييون اجها پڻ ڊٺا.

 

 

جڏهن سنڌ وارن ۾ ايندي ٻڌي،

تڏهن هيٺ ٿيندا هٺيلا هٺا.

 

 

اسانجي ٺهيا سون ته ويندا ڦٽي،

ٺڳوڙن جا ٺٺ ٺاٺ ٺانٺا ٺٺا.

 

 

مٺا ستاويهين ڇليا به نه اسان،

هلايا هٿوڙو لٺوڙا لٺا.

 

زمانا ٿا سنڀرون ڏکن جا ڏکيا،

ڳڙا موت جا نت اسان تي وٺا.

 

 

اسان پنهنجو ماضي نظر ۾ رکون،

اسان جي هڪل ساڻ هاٿي ٽٺا.

 

 

اسان جو پڪو عزم آهي اهو،

نه ڇڏبا وطن ۾ مداري مٺا.

 

 

نه ڪوشش بنا ڪاميابي ملي،

پڇو پير، پنڊپ پٿورا پٺا.

 

 

پتا راند وارا، اسان وٽ وڏا،

ڪندا ڇا ستاڙا، اٺاڙا، اٺا.

 

 

اسان تي ڪو زوري مڙهيو ٺاهه ويو،

اوس ٿيڻو آهي، اهو ٺاهه ٺا.

***

 

 

ٿڙڪن ٿاڪ

جت ڪٿ ڌاڙيلن جا ڌاڙا،

جت ڪٿ حالت هيبت ناڪ.

 

 

جت ڪٿ ماروئڙن تي مارا،

جت ڪٿ ٿڙڪن ٿر جا ٿاڪ.

 

 

جت ڪٿ پاپ ننگر جا پاپي،

جت ڪٿ نام ڪٺيا، ناپاڪ.

 

 

جت ڪٿ پاپ جي مايا ڪايا،

جت ڪٿ ڦرلٽ جي املاڪ.

 

 

جت ڪٿ نيلامن جا ڌنڌا،

جت ڪٿ وڪرا واڌو واڪ.

 

 

جت ڪٿ ڪپجن ٻٻر ٻيلا،

جت ڪٿ لڏجي پيئي ڏاڪ.

 

 

جت ڪٿ مزدورن جي ڇانٽي،

جيت ڪٿ تالا تاڙا تاڪ.

 

 

جت ڪٿ چيزون چوٽ مهانگيون،

جت ڪٿ نيلامي پوشاڪ.

 

 

جت ڪٿ مومل مونجهاري ۾،

جت ڪٿ خاڪ اڏائي ڪاڪ.

 

 

جت ڪٿ پاپي پردن پويان،

جت ڪٿ هاڃارن جي هاڪ.

 

 

جت ڪٿ گهاءُ گهڻيرا گهاٽا،

جت ڪٿ چهڪن دل جا چاڪ.

 

 

جت ڪٿ جان جلائي جابر،

جت ڪٿ دلڙيون ڦارون ڦاڪ.

 

 

جت ڪٿ اٿلن اڌما اُلڪا،

جت ڪٿ ٽهڪي منجهند ٽاڪ.

 

 

جت ڪٿ سم ڪلر جو ساٽو،

جت ڪٿ سن کي ماري ماڪ.

 

 

جت ڪٿ ڄرڪن ڄاڙيون کوليون،

جت ڪٿ کڳٽيرا خوراڪ.

 

 

جت ڪٿ آهن رت پياڪا،

جت ڪٿ حلون جا هيراڪ.

 

 

جت ڪٿ ڇوڪر ڇڪجن ڌڪجن،

جت ڪٿ شاٽا شعلا شاڪ.

 

 

جت ڪٿ رولي منجهه چڱائي،

جت ڪٿ بڇڙائي بي باڪ.

 

 

حالت هن مان نڪرڻ لئه،

کوليون الفت جي اوطاق.

 

 

قومي حق چڪائي لاهي،

بنجون ليکي ۾ بي باق.

 

***

 

 

 

مورڙا

بانڪا بهادر مورڙا، ٿورا نه تنهن جا ٿورڙا،

مانگر جي مارڻ لئه ٻڌا، ڏاهي ڌڻي تو ڏورڙا.

 

مانگر به لاٿا زورڙا،پر زور تنهنجا زورڙا،

زوري ۾ توکان زور ناهن، زورڙا شهزورڙا.

 

مانگر هٿان ويا مارجي، ڀائر بنيا سڀ ڀورڙا،

مانگر ڪلاچي ڪن جا، ڇوڪر بنايا ڇورڙا.

 

تنهنجي مقابل گهاٽ تي، گهاتو نه گهيڙا گهورڙا،

مانگر کي ماري ۽ وڍي، ٻهڳڻ ڀريا تو ٻورڙا.

 

هن ڪاميابيءَ سان لٿا، هيڻن جا هُرکا هورڙا،

هت ڳائبا پيا قوم ۾، نت قرب تنهن جا ڪورڙا.

 

تنهنجي ڪلاچي ڪن جا، گر پير ٿي ويا گورڙا،

مهراڻ ۽ منِڇر سُڪا، ڍنڍون سُڪي ٿيو ڍورڙا.

 

ناهن مهاڻا مياڻ ۾، چارن تي چاري چورڙا،

هي ڪارڙا ڪاڏي وڃن، ويڙحي تڏا ۽ تورڙا.

 

توئي پري وارا بنايا، اوڏڙا ۽ اورڙا،

توئي جهروڪن ۾ وڌا جهانڪا ۽ جهرڻا جهورڙا.

 

مانگر مريو ويو ڪالهه، اڄ مرندا هي نانگا نورڙا،

تنهنجو ملهائڻ ڏينهن ڪو، لاڙا، لکائي لورڙا.

 

تحسين توکي ٿا چون، سڀ ڪارڙا ۽ ڳورڙا،

هيرن ۾ توکي تورجي، تورا نه اهڙا تورڙا.

 

***

 

اکڙيون

بادل برسائي ٿيون بيهن،

ڪڪرن وانگي ڪاريون اکڙيون.

 

پوٺن پٽن کي پلٽائن،

مورئون ميگهه ملهاريون اکڙيون.

 

هيرائڻ سان ڪين هرن هي،

ڌر کان ٽهڻيون ڌاريون اکڙيون.

 

وڳ ورائڻ سولو آهي،

هي نه ورائڻ واريون اکڙيون.

 

قربن وارا روز ڪُهن ٿيون،

ڪجليون ڪان ڪٽاريون اکڙيون.

 

ڪهڙي هي تعريف ڪجي هت،

سهڻيون سهڻيون ساريون اکڙيون.

 

پٿر جهڙين سخت دلين مان،

پار پون ڌوپاريون اکڙيون.

 

پيار پسارن پرکائن ۾،

آهن سڀ کان پياريون اکڙيون.

 

مڌ پيالا روز پيارڻ،

واريون خاص خماريون اکڙيون.

 

***

 

 

ڦيرو

جت نه پکيءَ جو پيرو،

اُت به اسان جو ديرو.

 

دور رهون ٿا جيڪر،

ڪين ڀڳوسون ڀيرو.

 

پاڻ گهڻا ٿي گڏجي،

هاڻ هٽايون گهيرو.

 

منهنجي ڏسڻ سان هن کي،

ڄاڻ وٺي ٿو ڄيرو.

 

هي ته اسان جي دشمن،

ڪار ڄڀو من ميرو.

 

هي ته پکي پرديسي،

هت نه سندس آکيرو.

 

ڪالهه ڪري ويو ڪاڙها،

اڄ به جلائي جيرو.

 

هيءَ بنهه بي پاڙي،

شال بچي ڪانڊيرو.

 

ٽوٽ ۾ ويندو آخر،

سٽ ڪچي جو ڍيرو.

 

ڇيد ڪندو ڇاتيءَ ۾،

ڇوٽ اسان جو ڇيرو.

 

نانگ نه ويندو نڪري،

ڦوڪ ڇڏيندو ڦيرو.

 

***

 

 

بلبل

گلابي گلن جو وٺي واس جا،

اسان وٽ نه اهڙي ڪا بلبل ادا.

 

گلابن گلن مان نه ڄاڻون اسان،

رکون قرب ڪنڊن سان سالم سدا.

 

هنن هت وڏن جي ثقافت ڇڏي،

اسان ديس پنهنجي جا گولا گدا.

 

هتان جي وطن کي ڇڏي ويا لڏي،

اُهي ڪونه سهڻي جي سُڻندا صدا.

 

ڪندا ياد هوندا اُهي سنڌ کي،

نه ڪنهن ته ڪا اهڙي اچي آپدا.

 

اسان وٽ رواجن ۾ هلندا اچن،

اڃا هيستائين بدن تي بدا.

 

وڄت ۾ وڄارن کان ٻيجل وڌي،

اداڪار ڪنهن جي نه اهڙي ادا.

 

چڱائي کي سمجهي ٿوهر ڪو چڱو،

مدائي ۾ ڪيسين هي رهندا مدا.

 

***


 

 

 

 

ننڊ ۾...؟

هو شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آهن ڌماڪا،

ستل ننڊ ۾ ڇو اڃا آهي آقا؟

 

هو  ٽالين ٽرينن ۾ ماڻهو پيا ڦرجن،

ٻڌن ڇو نه ٻوڙا ٿا واٽن تي واڪا.

 

هو ڌاڙيل، بندوق، بارود، بم سان،

ڀڄائي نه سگهندا انهن کي ڦٽاڪا.

 

پڪي پوک کي يار لوڙهو پيو کائي،

پروڙيو پراڻيون پروليون پهاڪا.

 

هو ماڻهو کڄن پيا، هو راکا ڀڄن پيا،

هو ڦرجن ٿا بئنڪار بنگلا ۽ ناڪا.

 

نه ڪو امن آهي، نه ايمانداري،

نڪا واهه واهر نه آهن وراڪا.

 

مصيبت ۾ هر ڪو اڪيلو اڪيلو،

نه آهن مددگار ماما ۽ ڪاڪا.

 

سلامت هو ڌاڙيل شهرن ۾ آهن،

سلامت نه زر مال تاجر نه تاڪا.

 

روا ٿيو سياست ۾ مارڻ ۽ ٻارڻ،

سياست جا ساڙيل سوين هت علاقا.

 

ڪسڻ جا تڙي سڀ ڪڍون ڪارناما،

بنايون نه بستين کي بيروت، ڊاڪا.

 

هي ماڻهو نڌڻڪا، ڌڻيڪا ٿين شل!

اچن ايڪ ايڪي ۾ ايڪا ڏهاڪا.

 

عمل سان ٺهي قوم جو ٿو مقدر،

اچن ڪي تخيل ۾ ليڪا ۽ خاڪا.

 

***

 

اُڃايل ٿر

چِندن ۽ خيراتن سان ڪو ٿر بچائي سگهبو ڇا؟

هاٿيءَ جو ڪو پيٽ ڀريندو چارو ڳارو سير سوا،

مهر گهرون ٿا موليٰ جي شل پلٽي پلٽن پوٺا پٽ،

مينهن آئي موجون ٿينديون، کير مکڻ جا ڀربا مٽ.

 

 

ٿر بچائڻ سولو ناهي، مشڪل کان هي مشڪل ڪم،

ڪو نه ڪري ڪو سگهندو ليڊر، اهڙي دعويٰ اهڙو دم،

ڇو نه ستايون موليٰ کي، جو تار بنائي ڍورا ڍٽ،

مينهن آئي موجون ٿينديون، کير مکڻ جا ڀربا مٽ.

 

 

ماڻهو جو وس ڪونه هلي ٿو، يارو وس وسڪاري تي،

ڪابه حڪمت حاوي ناهي ٻوڏن، سوڪن، پاري تي،

موليٰ جي اختياري آڏو ماڻهو جي اختياري گهٽ،

مينهن آئي موجون ٿينديون، کير مکڻ جا ڀربا مٽ.

 

 

آهي گهڻو تاثير دعائن، آهن توڙي دانهن ۾،

ٿر جا مٺڙا ماڻهو آهن، موت جي ٻکن ٻانهن ۾،

موڪل ملندي مينهن کي ۽ لاکيڻن تان لهندي لٽ،

مينهن آئي موجون ٿينديون، کير مکڻ جا ڀربا مٽ.

 

 

هاڻي سگهوئي موت جي مُنهن مان نڪري ويندا ماڻهو سڀ،

دردن ماريا دان ۾ وٺندا داتا کان نت داڻو سڀ،

پل ۾ پرور پل ڀريندو، جهوريون لاهيندو جهٽ پٽ،

مينهن آئي موجون ٿينديون، کير مکڻ جا ڀربا مٽ.

 

 

پنهنجي پر ۾ خير ڪرڻ ۾، ڪونه ڪندو ڪو ڪوتاهي،

رڻ جا راهي، تن سان ٿيندي، خاص خدا جي همراهي،

ڏوٿيئڙن تان ڏک ڏمر جا، نيٺ لهندا ڳورا ڳٽ،

مينهن آئي موجون ٿينديون، کير مکڻ جا ڀربا مٽ.

 

 

موليٰ وٽ سڀ مال خزانا، خير ۾ ناهي دير هتي،

جيئن ٿو پالها پالي سانڍي، پاليندو ٻيو ڪير هتي،

ٿر بچائڻ وارو هو ڪجهه، ناهِه وزيرن اميرن وٽ،

مينهن آئي موجون ٿينديون کير مکڻ جا ڀريا مٽ.

 

 

ووٽ وٺڻ لئه وڏا ماڻهو، هردم ڏاڍا حيلا ڪن،

واڳونءَ وارن لڙڪن سان ڳل، پنهنجا ڳاڙها پيلا ڪن،

ڪيسين هلندا ڏٽا سٽا، ڪيسين هلندا هي ترڪٽ،

مينهن آئي موجون ٿينديون، کير مکڻ جا ڀربا مٽ.

 

***

 

 

عيد جو چنڊ

ڳوليندي ڪي سال لنگهي ويا،

عيد کي ڳولي ڳولي پيو هو

ڳولڻ وارو آخر لهندو

عيد کي ڳولي ڳولي پيو هو

عيد جو چنڊ لڌو هُن ڳولي

عيد کي ڳولي ڳولي پيو هو.

 

 

عيد تي هر ڪا چيز مهانگي

ڪپڙي کان به سلائي ڳوري

ٻارن جا ٽي ڪپڙا درزي

ٽولاڪن ۾ ٽولي پيو هو

عيد جو چنڊ لڌو هُن ڳولي

عيد کي ڳولي ڳولي پيو هو.

 

 

دم دم يار دلاسا ڏيندو

ٻارن کي پرچائي پيو، هو

ٻار به پرچڻ وارا ناهن

خالي کوکا کولي پيو هو

عيد جو چنڊ لڌو هُن ڳولي

عيد کي ڳولي ڳولي پيو هو.

 

 

مٺي ڀت جي پاٽوڙي سان

عيد هتان ڪا آئي ويئي

ور ور وصفون ورجائيندو

ويئي عيد وڙولي پيو هو

عيد جو چنڊ لڌو هُن ڳولي

عيد کي ڳولي ڳولي پيو هو.

 

 

عيد اڌوري مارن جي پرمارن

پيتين اندر پوري

آجي ٿي ساگهر گهر ويندي

ڇپر ڇپون ڇولي پيو هو

عيد جو چنڊ لڌو هُن ڳولي

عيد کي ڳولي ڳولي پيو هو.

 

 

سڀني جي هي عيد سڳوري

منهنجي اڱڻ تي نه اچين تون

دل جو دل ۾ اورڻ اوري

عيد سان ٻولڻ ٻولي پيو هو

عيد جو چنڊ لڌو هُن ڳولي

عيد کي ڳولي ڳولي پيو هو.

 

 

سڀرو ويٺو سانگ رچائي

عيد نه اڀرن تائين پهچي

عيد جي سڀني سوغاتن کي

ڪڙي منجهه ڪڙولي پيو هو

عيد جو چنڊ لڌو هُن ڳولي

عيد کي ڳولي ڳولي پيو هو.

 

 

حق حقيقت جي هيءَ ٻيڙي

لڏڻي آهي، ٻڏڻي ناهي

اندر وارو يار سُکاڻي

اوتڙ اولا اولي پيو هو

عيد جو چنڊ لڌو هُن ڳولي

عيد کي ڳولي ڳولي پيو هو.

 

 

سون ۾ توري سيٺين ورتو

عيد جي قربانيءَ جو ٻڪرو

جان جي قرباني جو ڪو ڏيو

ٺڪر ٺوٻر ٺولي پيو هو

عيد جو چنڊ لڌو هُن ڳولي

عيد کي ڳولي ڳولي پيو هو.

 

 

ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه عيدون هُن جون

عيد جي ڏينهن به عيد نه هن جي

ڦورن جي ڦرماريءَ جا هو

ڦورا ڦندا ڦولي پيو هو

عيد جو چنڊ لڌو هُن ڳولي

عيد کي ڳولي ڳولي پيو هو.

 

 

مسڪينن جون عيدون اينديون

روز نه هوندا روزا تن لئه

آئنده جي آس لڳائي

دل جي رنجش رولي پيو هو

عيد جو چنڊ لڌو هُن ڳولي

عيد کي ڳولي ڳولي پيو هو.

 

 

ڳالهه نه آ

هت ڌاڙيلن جا خون سوين،

ڪنهن هڪڙي خون جي ڳالهه نه آ.

 

مضمون مڙيئي خونن جا،

ڪنهن ٻئي مضمون جي ڳالهه نه آ.

 

ڪن سالن کان هي حال رهيو،

هي مارچ جون جي ڳالهه نه آ.

 

سڀ سنڌي راڄ عذابن ۾،

هي نائچ نون جي ڳالهه نه آ.

 

سڀ ديرا آهن گهيرن ۾،

هي ديرا دون جي ڳالهه نه آ.

 

هي سنڌ سلامت رهندي نت،

هي برلن بون جي ڳالهه نه آ.

 

هت ڪالهه ڌماچن ڌوڳ ڏنا،

ڪنهن امن سڪون جي ڳالهه نه.

 

ڌاڙيل رهي پيا ڳوٺن ۾،

ڪنهن آل ارغون جي ڳالهه نه آ.

 

هو چور ڇٽي ويا ٿاڻن مان،

ڪنهن ٽيليفون جي ڳالهه نه آ.

 

اڄ پنهنجا مارا پنهنجن جا،

ڪنهن جاٽ جدون جي ڳالهه نه آ.

 

هت دهشتگرديون بند ڪبيون،

ڪولون، سلون جي ڳالهه نه آ.

 

سڀ سنڌي اُلڪن سڏڪن ۾،

ڪنهن گيان گنون جي ڳالهه نه آ.

 

هت ڦورن وٽ ڦرمار بنا،

ڪنهن فن فنون جي ڳالهه نه آ.

 

هي جهيڙا ننگن دنگن جا،

ڪنهن رنگ رنگون جي ڳالهه نه آ.

 

هي ڳالهيون پنهنجن ڏاهن جون،

ڪنهن افلاطون جي ڳالهه نه آهه.

 

هو باغ وڍيا ويا انبن جا،

ڪنهن ڦل زيتون جي ڳالهه نه آ.

 

سڀ ڳوٺ اُجاڙيا ڌاڙيلن،

ڪنهن ڳوٺ زبون جي ڳالهه نه آ.

 

ڌاڙيل محافظ ليڊر جا،

ڪنهن جوش جنون جي ڳالهه نه آ.

 

جي راڄن تان سر گهور وڃن،

ممنون رهون جي ڳالهه نه آ.

 

سڀ روڊ سنڀاليو ڳوٺاڻا،

ڪنهن خوف خزون جي ڳالهه نه آ.

 

سڀ ڳوٺ لٽيرن خوب لٽيا،

ڪنهن ٻٽ ٻرهون جي ڳالهه نه آ.

 

جن جيل ڀڃي ڌاڙيل ڪڍيا،

ڪنهن مل ملعون جي ڳالهه نه آ.

 

اڄ دودن، جوڌن، ارڏن جي،

ڪنهن تاب تنون جي ڳالهه نه آ.

 

هي ڌوڪ به لڻندا، ٿوڪ سريون،

ڪنهن پر پرچون جي ڳالهه نه آ.

 

هي ڳالهه جمهور جي ڌاڙن جي ڪنهن فر فرعون جي ڳالهه نه آ.

 

ڌاڙيل رهن ٿا بنگلن ۾،

بيرون درون جي ڳالهه نه آ.

 

هي جهنگ پني، ڀرچونڊي جي،

ڪا سير الون جي ڳالهه نه آ.

 

هت ڌاڙيلن وٽ يار اڃا،

گردون ستون جي ڳالهه نه آ.

 

هت ڳالهه هلي ٿي ڌاڙن جي،

ڪا تپ طاعون جي ڳالهه نه آ.

 

هت ڌاڙيلن جي ڀاڳن ۾،

نيڪ شگون جي ڳالهه نه آ.

 

هت ڌاڙيلن جي ليکي ۾،

بارود بلون جي ڳالهه نه آ.

 

***

 

 

هونداسون گڏ!

مڙندا جُنگ جوان جڏهن هت،

وڙهندا پاڏا سان جڏهن هت،

کڙندا ڪي چوگان جڏهن هت،

تڙندا ماڳ مڪان جڏهن هت،

پاڻ تڏهن گڏ هونداسون گڏ.

 

 

 

ايندا ڪي بحران جڏهن هت،

ڏيندا دودا جان جڏهن هت،

ٿيندا ڪي پيمان جڏهن هت،

ويندا ڪي ارمان جڏهن هت،

پاڻ تڏهن گڏ هونداسون گڏ.

 

 

 

لڙندا دريا خان جڏهن هت،

چڙهندا ڀاڳت ڀان جڏهن هت،

سڙندا ڪي دگران جڏهن هت،

ڪڙهندا ڪي ڪفران جڏهن هت،

پاڻ تڏهن گڏ هونداسون گڏ.

 

 

 

ڇڏبا سود زيان جڏهن هت،

اڏبا ڪي ايوان جڏهن هت،

سڏبا ڪي مستان جڏهن هت،

گڏبا ڪي جولان جڏهن هت،

پاڻ تڏهن گڏ هونداسون گڏ.

 

 

 

منڊبا ڪي ميدان جڏهن هت،

ڳنڍبا شير زمان جڏهن هت،

ڇنڊبا ڪي نقصان جڏهن هت،

سورن جا سامان جڏهن هت،

پاڻ تڏهن گڏ هونداسون گڏ.

 

 

 

پچندا ڪي پروان جڏهن هت،

مچندا ڪي گهمسان جڏهن هت،

رچندا، راڌڻ ڀان جڏهن هت،

نچندا ڪي نگران جڏن هت،

پاڻ تڏهن گڏ هونداسون گڏ.

 

 

 

ٻکبا ڪي ٻلوان جڏهن هت،

تکبا تير ڪمان جڏهن هت،

لکبا حد نشان جڏهن هت،

رکبا قومي شان جڏهن هت.

پاڻ تڏهن گڏ هونداسون گڏ.

 

 

 

سُرندا ڪي دربان جڏهن هت،

چرندا ڪي چالان جڏهن هت،

ٻُرندا ڪي اعلان جهن هت،

گهرندا ڪي سردان جڏهن هت.

پاڻ تڏهن گڏ هونداسون گڏ.

 

 

 

ڪڙڪيا ڪي طوفان جڏهن هت،

لڙڪيا ڪي مروان جڏهن هت،

ڦڙڪيا بي ايمان جڏهن هت،

وڙڪيا ڪي مهمان جڏهن هت.

پاڻ تڏهن گڏ هونداسون گڏ.

 

 

 

ٽٽندا ڪي زندان جڏهن هت،

کٽندا ڪي شيطان جڏهن هت،

ڇٽندا ڪي انسان جڏهن هت،

ڦٽندا ڪي بستان جڏهن هت.

پاڻ تڏهن گڏ هونداسون گڏ.

 

 

 

سٽبا ڪي سلطان جڏهن هت،

مٽبا کوٽا خان جڏهن هت،

ڪٽبا قهري ڪان جڏهن هت،

وٽبا نانگ ندان جڏهن هت.

پاڻ تڏهن گڏ هونداسون گڏ.

 

 

 

سهندا ڳڀرو ڳان جڏهن هت،

لهندا شڪ گمان جڏهن هت،

رهندا مارن ماٽ جڏهن هت،

ٺهندا ڪي ديوان جڏهن هت.

پاڻ تڏهن گڏ هونداسون گڏ.

 

 

 

تُرندا ڪي ميزان جڏهن هت،

چُرندا ڪي فرمان جڏهن هت،

ٽرندا ڪي ترخان جڏهن هت،

هرندا ڪي ارڪان جڏهن هت.

پاڻ تڏهن گڏ هونداسون گڏ.

 

 

 

ايندا ڪي اڳواڻ جڏهن هت،

ڏيندا ڪي درمان جڏهن هت،

ٿيندا ڪم آسان جڏهن هت،

مارو خوش خندان جڏهن هت.

پاڻ تڏهن گڏ هونداسون گڏ.

 

 

 

ڏيندا دل دوران جڏهن هت،

ايندا مرد مهان جڏهن هت،

ٿيندا ڪي قربان جڏهن هت،

ويندا ڪي امڪان جڏهن هت.

پاڻ تڏهن گڏ هونداسون گڏ.

 

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org