سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام اشرف

صفحو :5

 

هوت پنهل توکي هاڻ، ڏونگر ڏوري شال ڏسان.

 

ڇلي پونديس ڇپرئين، ڪيچيڙن جي ڪاڻ،

رائي رڙهي شال رسان.

آءُ ڪيئن ملنديس اوٺين آهيان زور اڄاڻ،

ڪنهن پر پهچي   شال پسان.

ڪنديس ڪوهيارل سان، روئي روح رهاڻ،

ور وٽ وڃي شال وسان.

پاڻهين اڱڻ ”اشرف“ چئي، پرين ايندا جيڏيون پاڻ،

روندي هيڪر شال هسان.

*

آيو سڄڻ آيو، ٿيون شاديون شهر ڀنڀور ۾.

ڪي ڏينهن ڪنعاني ٿي هت چاڪر چوايو،

نت مالڪ هو به مصر جو شاهه آڻي نينهن نمايو.

 

و نفخت فيح من روحي اچي سيني ۾ سمايو،

صاب هر صفت ۾ جلوو لالن لايو.

 

آدم بنياد ربه منجهه پڙدي پاڻ ڇپايو،

انا احمد بلا ميمي عربي ائين الايو.

 

”اشرف“ اناالحق جو ڏس وارو عشق وڄايو،

عالم ليکي آدمي اي حق ٿي حق هلايو.

*

نال نماڻي سو ور ناتو شال م نينهن نبيري ...لا

واڳي هيڙيس پنهنجي ور سان، هوت پنهل جي ساٿ سڳر سان،

مان ملان ٻي ڀيري ... لا

دانهون ڪنديس دوست پنهل کي، ٻاجهه پوي مان ٻاروچل کي،

ڪوڪ سڻي ڪنڌ ڦيري ... لا

ڏسو ڏيرن جا ڪي ڏاڍائي، پورهيت پنهنجي ڇپر ڇلائي،

لڙڪ ڪري ۽ ڪيري ... لا

جبل جتن لاءِ جوڳ وجهنديس، ڪافن ۾ منڌ ڪانهون ڪنديس،

پٺي پنهل جي پيري ... لا

”اشرف“ عشق اصل آهي اڙانگو، ڇڪي ڇڏائي سر جو سانگو،

ڇرڪ وجهي ۽ ڇيري ... لا

 

 

*

پاڻ هڻي ويو ٻاروچل، مون کي تيلانهه چري ٿي چايان ... لا

هيڪر ڏورينديس هي حب هاڙهو،

سڃو ڀنڀور ٿيو مون کي ساڙو،

ٻر ٻر ڪيو ٻاڏايان ... لا

ڪان ڪرن ٿا قرب جا ڪاري،

باهه برهه جي ٻاروچي ٻاري،

محبت مچ مچايان ... لا

ڏونگرين سان هيم ڪا جا ڏيٺي،

ڇلي ڇسپر ۾ تڏهين آءُ پيٺي،

وڻ وڻ مينهن وسايان ... لا

درد فراق جون ڪنديس دانهون،

عشق منجهارا ڪري نت آهون،

سارو جبل جلايان ... لا

روز پنهل لاءِ روهه رلنديس،

جوڳڻ ٿي آءٌ ٽڪر ٽلنديس،

ڪنر ڪنن ۾ پايان ... لا

”اشرف“ چئي جي ملي جت جاني،

ساهه پساهه ڪريان قرباني،

هي سر گهور گهمايان ... لا

 

 

 

*

پنهل پورهيت پنهنجي، ڇڏيو ڇپر ۾ ڇو ٿا.

 

ڪوجهي ڪوڙي ٻانهي ٻانهوٽي، هوت آهيان آئون آنهنجي،

گڏيو گوندر آئين وڃو ٿا.

نالي سيس ننگ اوهان جي، ٻي نه ڪنيزڪ ڪنهن جي،

سڏيو سڳر سين نه سو ٿا.

جدائي جا جاني جڏي کي، تير تڪيو دل تنهنجي،

تڏيو هر هر هنئين هڻو ٿا.

”اشرف“ چوي اوٺي اٻاجها، سائي ڪيان جا لڳيان سنهن جي،

لڏيو نه هرڙين هلو ٿا.

*

ٻاروچل مون سان ٻڙيون، لنئون پنهل ويو لائي.

سڌ سڪڻ سندي اوهان کي نه سرتيون، رندن تي ڪري رڙيون

وجهان هوند جيءُ جلائي.

وڃو سڀئي وري ورتيون، سورن ۾ آئين نه سڙيون،

موٽ آيل موڪلائي.

بر وڃان آئون مون سر آئي، ڪيئن گهاريان هت گهڙيون،

ٻاڻ هڻي ويو ٻولائي.

ساٿ لڏيندي مون نه سڏيائون، توڏن کي ڏيئي تڙيون،

ڇوري ويا ڇپر ڇلائي.

نڌر ندوري ڇڏيائون ننڊ ۾، ڪامون ڪرهن هڻي اڙيون،

رائي ۾ ويم رلائي.

”اشرف“ چوي اٺن ۽ اوٺين سان، منهنجي جيءَ جون جڙيون،

شال مولو مون ملائي.

*

عشق تنهنجڙي آري، وڌي ڇپر منجهه ڇولي.

 

چيٺيان چڱو نه ٿئي، ڪان هنيوئي جو ڪاري،

ٻيهر ٻاروچل ٻولي.

ڇلي پيس ڇپرين، آئون جا محبت ماري،

ڇوري ڇڏيئي ڇو رلي.

جت چڙهي ويا سرجمل جي، پوءِ ڇڏي هي پاري،

سا ٿي جبل ڳليون ڳولي.

”اشرف“ چوي آري الله لڳ، نج تون نال نيڪاري،

ڇڏم ٽڪر ڏکي ٽولي.

*

دوست آيس در نتهنجي، وٺي هي حال هوتاڻي.

ٻاجهه ڀريا کڻ اکيون الله لڳ، پورهت ڏي وڙا پنهنجي،

پنهل پاڻ سڃاڻي،

ڌاران در تنهنجي هوت ٻاروچل، ڪاهي وڃان در ڪنهن جي،

نڌر آئون نماڻي.

ساجن توري ڪين سجهي ٿو، ٺاهه جنهن سان کڻي ٺهجي،

ٿينديس جبل جوڳياڻي.

”اشرف“ چوي هيءَ ڪنيزڪ، شال م روهن رهجي،

اچج تون آرياڻي.

 

*

ويٺي نهاريان واٽ، سڄڻ مان اچن.

 

ڏوريم ڏونگرين لاءِ، گهيڙ گهٽيون گهٽ گهاٽ،

ڪنهن پر محب ملن.

 

ڏير چڙهي ويا ڏونگرين، جبل ڪيائون جهاٽ،

ٻاجهه نه ٻاروچن.

روئي رت ڦڙن سان، ڇپر ڪنديس ڇاٽ،

ڪارڻ ڪيچيڙن،

آئون پيادي پنڌ ۾، ڪيچين هيٺ ڪنواٽ،

تر نٿا ترسن.

روز ڏسان راهن ڏي، ڳوڙهن ڀريو ڳاٽ،

پڇان بات پرين.

”اشرف“ چوي ان جي،ا ٿم اڄ اساٽ،

جگر جوش جلن.

 

 

داستان روپ پورب

ڪا سٻاجهڙي لات، لنؤن کنياتل ڪانگ.

 

ٻولي ٻاٻيهڙا ڪا ٻڌائج، مٺي وائي ڪري وات،

ٻانگ الستي ٻانگا.

 

ساميئڙن جي صحبت ڪارڻ، روئي وهايم رات،

نال نيندم شال نانگا.

 

ڪانگل ڪاڪل ڪاپڙين جي، هو جي هلئا هنگلات،

ساڻن منهنجا سانگا.

 

لوف لانگوٽيا لال لاهوتي، رسيا رفيع الدر جات،

سامي سليم سڀاڳا.

 

تڪيا تاڙي ساهه سلهاڙي، ويا ڪنهن وڏي ولات،

جوءِ اڙانگي اڙانگا.

 

ترڪ ڪري ڪل تحفا طول وهاڻا، زريون زيور زيبات،

ڌڻائون ڌڙڪيون ڌاڳا.

 

”اشرف“ چوي ايندا آديسي، تن جنين جڙي تات،

ٿيندا مون ڀاڳ سڙانگا.

*

لايئي نينهن ته نڀائج، جيئن ۾ ورچين او ويراڳي.

جي ڀائين آئون گرسان گڏجان ته سوري سر سنڀاهج،

سامي ڇڏ تون سڀئي سانگا ڪاپڙين پٺ ڪاهج.

لڏو پنهنجو لک سيڻن لاهوتي لالچ پئي م لاهج،

اڏي ويهج ڪيم اجهائون م ڍرو مڙهه ڍاهج.

لائي کنون لاجو لانگوٽئا وهمن ۾ تو واهج،

”اشرف“ ٻئي جڳ ٻن ڏيئي راول سان رس راهج.

*

لنون ڪانگل ڪڏهن ايندا، ايندا ساميئڙا ميان

جي جڙيو منهنجو جن جوڳين سان .... وو ميان،

ساهه سوگهو منهنجو  تن ساميئڙن سان .... وو ميان.

 

ناد نفيليون تريون نرسينگا وو،

سک سامي سڻائيندا.

ڪينر ڪرنائيون مرليون سرليون،

وري اڱڻ وڄائيندا.

راسا توسا ڀڳوان ڪيسريا،

ويس راول رنڱائيندا.

لال لانگوٽيا لوف لاهوتي،

ساهه اندر سهائيندا.

 

”اشرف“ چوي عشق آرانڀا،

مچ ملنگهه مچائيندا.

*

جب نور هوا مغفور هوا، اب جا بيچ حضور هوا.

 

من بينم چشم نمائي تب رين پئي روشنائي،

تم ديوو مينون صاف صراحي اس مد ڪو پي مخمور هوا.

بيحد لاڳا برهه بدن سون جان جلاوي عشق اگن سون،

جا ڪهو تسي سجن سون ڪڍ ڪان ڪليجي ڪلور هوا.

 

منجهه لڙني ڪي شوخ سپاهي درنين هوئي سرخي سياهي،

ميگان تير تفنگ نگاهي ويک مکڙا مين مهجور هوا.

 

دو جڳ دي وچ محمد ”اشرف“ هر طرف تسڪا تصرف،

موليٰ ڪر اس نال مشرف جس رخ ڪا مين رنجور هوا.

*

تن سا من جو سرهو سنگت، آيل ڙي منان مور نه وسري.

 

ماء ويراڳين جا ويڻ مٺا، تن نانگن جا مون نيڻ ڏٺا،

سارئو انکي ويٺي رونئان رت، جن جهڙو سنڌ نه ڪو سري.

 

ماء جوڳيئڙا جا مير ويا، مون کي پلپل تن جا پور پيا،

هو پورڀين سان وڃڻ پهت، گولي سا جا گسن تي گسري.

 

ماء جان جلائي جوڳيئڙن، جڏهن گودڙيا ڪرئو هوءِ هلن،

تنهن سنگ ۾ ڪو جو سو ڀاڳت، من ان ڏي اسڙڪيو، اسري.

 

ماء جوڳيئڙن جي جيءَ ۾ جهوري، لاءِ لانگوٽين گهمان گهوري،

سڀ ڏيهه پڇان پوئم ات، توڻي هند شام بخارا بصري.

 

”اشرف“ ساري اداسيڙن، جن ساهه سلاڙئو ساميئڙن،

شال ماڻن سنبهي سدا سچ ست، دم دل ۾ پرت نت پسري،

*

دلدار تنهنجي درسن لاءِ، جوڳيئڙو سامپئڙو سنياسي آهيان.

لنئون لايو لالن تو لاءِ لڇان، تهدل تنهنجا پنڌ پار پڇان،

پريم پسڻ لاءِ پياسي آهيان.

جيئري ملان جاني توکي، تو لاءِ وڌم جيئڙو جوکي،

تون آءُ الله لڳ اداسي آهيان.

دلبر مون کي دلشاد ڪر، درشن اچي امداد ڪر،

اکڙين ڏسڻ جو اڪاسي آهيان.

”اشرف“ ڪري اندر آهون، دردن فراقن جون دانهون،

آ سڻي سڄڻ آءُ الاسي آهيان.

 

*

نفع ضرر جي خبر رکين ٿو، بندگي ويلي بي خبري،

ويس ڍڪيو ٿو هنر هلائين، عين ايهائي بي هنري.

 

ڪامل بزرگ نيڪ ڪهائين، ٺڳ ٺڳي جا ٺاهه ٺهائين،

لوڪ اڳيان لس لڙڪ وهائين، اثر نه آهي اي بي اثري.

 

نفس جي غرض جي تو غمناڪي، عالم ليکي استغراقي،

يار وساري ٿئڙون ياڪي، ذرو نه وسرئي سيم زري.

 

دوست وسارئو وتين ديوانا، دام منڊيو دز پڙهين دگانا،

يار حقيقي بنان يارانا، ڪرڻ سراسري بي ثمري.

 

ويئي جواني آئي پيري، ظاهر ٿيا عنوان ظهيري،

ريش سفيد احوال صغيري، اڃان ته توکي بي فڪري.

 

هي هي عمر وڃايئي هاريا، بلڪل سمجهين ڪين سنواريا،

نفس ڪميني جي ڪم ڪاريا، ڪري ستار نه بي ستري.

 

”اشرف“ عاشق نام  سڏائين، پئسا پانديون ڪوهه ڇڏائين

پوءِ وريو ڪيئن پاڻ پڏائين، صبرا چئي ڇڏ بي صبري.

 

 

 

*

مون وڙ بلڪل ڪون ڪيو سائين، تو وڙ ڪيا لک ڪوڙيين پدم،

جيئن وڙ ڪيڙئي هتي هزارين، تيئن هت ڪي ڪج پنهنجا ڪرم.

 

پيدا ٿي مون پاپ ڪمايا، هي جي هئڙس اندر عدم،

اوڳڻ منهنجاڳڻڻ کان ويڙا، ڌڻيم ڪيڙم ڪون ڌرم،.

 

ظالم اظلم نفس اماري، ڪپر کڻايا ڪئين قدم،

تون ڍڪيندڙ تون بخشيندڙ، باري تو هٿ ڀيم ڀرم.

 

حرص هوس ۾ هڄي ويئي دل، ماري خيالن  ڪئي مڌم،

تون جيار ته منهنجي دل جيئي، ڏيئي نظارو ڪريين نرم.

 

مون وڙ مدايون تو وڙ چڱايون، ياد نه ڪيم توکي هڪدم،

بي شرمائي سين ڪين گهٽايم، صاحب توڳل سڀئي شرم،.

 

مذهب امتي ”اشرف“ جهڙو ڄائو ڪون حوا آدم.

لا.ئق ڪلمي ساڻ لڏائين حرمت شه محمد مڪرم.

 

 

 

 

*

منهنجي جيءَ  جو جياپو، ڀلي جاني آيو.

 

جاني آيو جوءِ ۾، لٿو کرن جو کاراپو،

مولي سو محب ملايو.

 

ڏکن سورن جو يار سڄڻ کي، ڏيان سو ڪيئن ڏوراپو،

پرين  پاڻ  ڀلايو.

 

پاران پرين جي قاصد آيو، ڳنهي سو نينهن نياپو،

رنگ ڀري رنگ لايو.

 

اڱڻ ”اشرف“ جي عيدون ٿيڙيون، ويو سورن جو سهاپو،

رکيو سڄڻ جڏهن رايو.

 

 

داستان روپ هير رانجهو

ڪرو سيالين نه ٽوڪان، اسانون عشق الاهي.

نديان ترڪي پار جو ويسان، جائي جاني ديان جهوڪان،

جٿان جالي يار ماهي.

 

مين رانجهن دي هورهيان، لکا پيئي وچ لوڪان،

بيرون ٿئي بدخواهي.

 

عشق اسانون صبر وساريا، لائيان محبت موڪان،

ڏتي اکيان آ گواهي.

 

”اشرف“ آکي سانون لڳڙيان، نيڻين واليان نوڪان،

مليوسي شوخ نگاهي.

*

هئين دلين دا ٺڳ وي، شه رانجها البيلا.

دين ايمان توهين ميڏا رانجها،

کيڙ ڪفر دا ٺڳ وي،

خلعت شاهي سر پر سونهندي،

ڀوري لائي جهڳمڳ وي.

تخت هزار ڇوڙ ڪرهڻ،

پڇندين جهنگ دا دڳ وي.

سڀ سيالين اولي گهولي،

صدقي سارا جڳ وي.

”اشرف“ دائم در تي هويا،

سهڻا تيڏا سڳ وي.

*

تخت هزاري دا شاهه، چاڪ سڏاڪي آيا.

 

احد تون احمد بن بن چاڪ هوا،

عرش اوپر رانجهن حق پاڪ هوا،

نينهن نظاري دا شاهه برقعا پاڪي آيا.

 

عبديت دا پوش پهني لڳا،

عبده و رسوله ڪهني لڳا،

سر اسراري دا شاهه ناد بجاڪي آيا.

 

لي مع الله وقت ايسي رمز رها،

انا احمد بلاميم آپ ڪها،

اي اظهاري دا شاهه بار اٺاڪي آيا.

*

ڪجهه سجن درسن ديوو تجهه ٻاجهون رووان زار زار،

حال تم سن ري پيا مجهه بي قراري بار بار.

 

حسن ديان فوجان چڙهيان برسر اسان بي اختيار،

دل سڄڻ لٽ نيتي هي پاڪي ڪجل ڪي ڌار ڌار.

 

آج ميري پاس مين آتا هي ميرا دلربا،

گلبدن گلنار تون جند واريان لک وار وار.

 

هو  بيراگن اب ڦرون دلدار ڪي درسن ڪو مين،

بات اپني ڪيا ڪهون لڳي هي نينان دي تار تار.

 

ڪهتا ”اشرف“ آج هم ني يهه تماشا ويکيا،

جسم سارا گم هويا هڻ هور هيا سڀ يار يار.

*

ميڏي دلبر دل لٽ نيتي جهاتي پائي جهاتي.

 

ناز نينان دي نال پياري، دل چا ڪملي ڪيتي،

مين لاتي لنئون لاتي.

 

مل سياليان ڏيوو مبارڪان، جاني آيا جند جيتي،

خاطي آيا خاطي.

 

اڱڻ اساڏي رانجهن آيا، سهڻي چا دل سيتي،

ڇاتي لائي ڇاتي.

 

ڳاله انهيدي ڪل انهان ڪون، جنهان سرڪي پيتي،

تنهان چاتي ڪاتي.

 

”اشرف“ عاشق جي سڏائين، ڪڍ چا غير پليتي،

ٿي ذات وچ ذاتي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org