سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام اشرف

صفحو :4

 

عشق ڪوئي بشيهر، ڏکيان نون ڏنگ مريندا.

ڪڏهان هي قاضي  ڪڏهان هي غازي،

ڪڏهان مومن ڪڏهان ڪافر مٿي پر تلڪ ڌاريندا.

 

ڪڏهان ڪاسائي ڪڏهان هي ٻڪرا،

برهه وچ باذر ذابح ذبح ڪريندا.

 

ڪڏهان بت خانه ڪڏهان هي ڪعبه،

ڪڏهان شراب ڪوثر ڪڏاهان حج پڙهيندا.

 

ڪڏهان ڪنعاتي ڪڏهان صنعاتي،

ڪڏهان سلطان مصر ڪڏهان خنزير چريندا.

 

”اشرف“ آءُ تون عشق صحيح ڪر،

ڪڏهان بي دل هي بهادر ڪڏهان ڏي خوف ڏريندا.

*

مرشد مون کي ائين چيو ساڳي صورت سڃاڻج.

 

صورت سندو ڏس ڏنائون،

هيڏهان هوڏهان جو ڪين چيائون،

ايهو امر بجاء آڻج.

 

صورت کان ڪي سور پرايئي،

وحدت واري ۾ وک پايئي

تون تان محبت جون موجون ماڻج.

 

صورت ۾ تون پائي جهاتي،

نفي ڪمائي ڪر اثباتي،

تون تان ڄاڻ فڪر جو ڄاڻج.

 

صورت مورت ثابت سوئي،

”اشرف“ اولي آهي اوهوئي،

تون تان طرف انا احد جي تاڻج.

*

سر ڏيڻ جي سٽ، محبوبن سان آهي اڙانگي.

ڌڪن مٿي ڌڪڙا لوڻ وجهندئي ڦٽ،

نالو ڳنج نينهن جو ڏيئي ڪنڌ ڪرٽ.

 

ڪسڻ سندو ڪوڪرو حبيباڻي هٽ،

سگهه نه ساري جي سگهين سڌم ڪر چٽ چٽ،

 

ڳهرون ڪرڻ سهکڙيون ڳوٺ ڳلي ڳٽ ڳٽ،

سانگو ڇڏي ساه جو ڪو پڙاڏو پٽ.

 

”اشرف“ سودو اهڙو مٿو نيئي مٽ.

 

*

نت نت نوان سنيهڙا، مون ڏي محبن موڪليا،

 

ڪها ڪانگل جيڪي پرين فرمايو،

تون تان اڄ اتاهين آيو،

تان ڪي ٻول مٺا ٻاٻيهڙا.

 

سو سلام پرين جي پاران،

سڻي آزاد ٿيس آزاران،

ويڙا ڏکن سورن جا ڏينهڙا.

 

هم غم وهم وئا وسواسا،

نفي ٿيا سڀ اوسا پاسا،

لڳا ونحن اقرب سان نينهڙا.

 

”اشرف“ اڱڻ عجيب آيا،

ان جي نينهن نوان رنگ لايا،

وٺا محبت موافق مينهڙا.

*

تو بنا دل ماندي، سڄڻ مل نانءُ موليٰ ميان.

يار وسارڻ لازم ناهي بلڪل پنهنجي باندي،

مقابل، جي مٽ ناهيان.

 

جيهي ڪيهي پيش آئون تنهنجي پرين ملي پيراندي،

تان ڪي کل، ته نئون بهار ٿيان.

 

اڄٺئي پهر عجيب اوهان جي ناهيان ورهه کان واندي،

توڻي تل، آءُ ته آءٌ جيان.

 

”اشرف“ چوي مرشد منهنجا هونئان توسان هيڪاندي،

اڱڻ ٽل، ته گهورون گهوريان.

*

لوڪ رُسي ته رُسي وڃي، جاني تون نه رُس!

ڪوهه ڪندو جي لوڪ رسندو،

جي تون صاحب هيڪ تسندو،

جڳ ڀلي پيو ڀانڃ ڀڃي.

خوب طرح جو خواب ڏيکارييءِ،

محب مشتاقن جو جيءُ جيارييءِ،

تو ڏٺي سڀ غير وڃي.

جيهي تيهي تنهنجي آءٌ ٻانهي،

اول آخر تون دل جاني،

لوڪ مڃي توڙي نه مڃي.

”اشرف“ کي تون اچي هڪ واري،

جي هوند دوست ڏنبن دلداري،

ڪير ٻيو ڪو سور سڃي.

 

*

منهنجون سڄڻ لهن سنڀارون، ٻيو ڪير لهي ڪل مُئيءَ جي.

مون ۽ محبوبن سنديون ميان،

پيون ملڪن منجهه مقالون،

اها ڳالهه هلي دل هنئيءَ جي.

آءٌ ڪا آهيان جوڙ جتيءَ جي،

سائين منهنجون ناهن مجالون،

اچي سڌ لهو سڱ سسيءَ جي.

ساقي ايندا  سترڪ سنڃيندا،

شال ڏيندا وِٿ وصالون،

ڪندا داڙ دارون مون مئيءَ جي.

”اشرف“ اڱڻ عجيب آيا،

ٿيڙون نو نهالون،

وئي دور دل تان سڌ دوئيءَ جي.

*

منهنجي يار سڄڻ کي نيئي، ڏج ساٿي سنيها ساري.

ڳالهيون هوند ڪريان ڪيچين سان، ساري دل جون سڀئي،

شال والي وڇوڙئا واري.

ور ووڙينديس پنهنجو ميان، وندر ۾ ور ڏيئي،

شال ڏاتر مون ڏيکاري.

ڪانگل ڪل ڪيچين ڪا تو،  اڄ عجيب آهيئي،

سچ ايندم ڪي اوتاري.

لاتقنطو من رحمت الله، جيڏيون ويڙم سور سڀئي

شل قول پنهل مون سين پاري.

ٺري دل اکيون ”اشرف“ جون، جانب منهنجا جيئي،

آيا ڪيچي ڪرهه قطاري.

*

توکي غفلت ڪيو گمراه، نه ته تو گڏ آهي شاهنشاه.

شڪ دوئي جي دور ڪيڙون، اَوڏو آهه الاه.

وفي انفسڪم ڄاڻ ته تو ۾، ب اري بي پرواهه

وهو محڪم سمجهه سهي ڪر، پنهنجو ساهه پساهه.

هوئڻ تنهنجو اوڏو حق کي، پردو آهه پناهه.

”اشرف“ اڄ سئين تو نه پروڙيو، اوءِ ڏيندءِ فهم فتاح.

*

مون تي ٻاجهه ٻاروچا مان ڪن،

مون تي ڪهل ڪوهيارا شال ڪن.

جيءُ جکي ٿو جن لئه، لنؤ کيانتل اوءِ اچن،

اسان ڏانهن اچڻ جو، سانگو پوي ڪو سڄڻن.

پرين ڏسن شال پاڻ ڏي، ڏوهن ڏي م ڏسن،

اڱڻ آسروند جي، پاڻ ڀلائي پرين پير ڏين.

 

نماڻيءَ جي نجهري، هميشه شال هوت هوئن،

ڪڪر ٿي ڪرم جو، مون ويچاريءَ تي وَسن.

 

آءٌ ميائي گهوري، جانب منهنجا جال جيئن،

”اشرف“ چوي اُن جا پلپل مون کي پور پون.

*

آئون تن قدمن تان قربان،

پاڻ ڀلائي جي پرين پير پاتا.

پاتا پير پرت جا پرين، پنهنجو سڃاتائون شان،

لوڏ موچاريءَ مون سڃاتا.

ديري دردوندن جي دلبر، آيا ڪيائون احسان،

ڀال سندن مون بيحد ڀاتا.

اڱڻ آسروند جي آيا، وسايائون ويران،

ٿورا ٿڪيءَ کي تن لک لاتا.

ڪوڙيءَ سان پنهنجو ڪرم ڪيائون، دُرس رکيائون ڌيان،

بار کُهين جا تن سرچاتا.

 

لحظي ۾ اچي سڀ لاٿائون، ”اشرف“ چوي ارمان،

تيئن مليس جيئن مون ٿي ڄاتا.

*

تو تان دانهن ڪري اٿي ڀڄ،

هت اڳيئي سرتين سور پرايا.

 

ڇڏ اڙانگا ڪوڙا سانگا، ڀڄ ٻيلي ٿي رَڄ،

ان ڦير هوڻ جي ڪئين ڦيرايا.

 

وير وڏا هن وير وڙهايا، هنينءَ م حرص ۾ هج،

ان ڪن ڪپر ڪوڙين ڪيرايا.

ڪوڙي قيل مقال اجائي، ڀڳل گهڙي جئن مَ وڄ،

ان ڇيڏڪ نفاق هزارين ڇيرايا.

”اشرف“ غير گمان وڃائي، پرينءَ ساڻ پهج،

تو تان ناحق نيڻ هيرايا.

 

داستان روپ کنڀات

ڪوهه ڄاڻان اڄ ڪوهه ٿيوم،

جيڏيون ڙي ڪا مون سمجهائي.

 

شرم شعور نه هوش هشياري، فهم فڪر دل دينداري،

ڪيڏانهن ڪل ڪيوم.

 

ننگ ناموس نه قرب قرابت، ڪڙم قبيلو ٿيو قباحت،

وسري ڪل ويوم.

 

زهد عبادت، تقويٰ طاقت، خرقو شيخي ۽ خلافت،

نسنگ نينهن نيوم.

 

جيڪس اي ڪل ناهي اَن کي، جيڪي اندر ۾ گذري مان کي،

تيلانهه ٿيون ڏوهه ڏيوم.

 

”اشرف“ اکين جوش جاڳايو، نظر تنين کي ڪي جو آيو،

تنهن سان پيچ پيوم.

*

دل رهي نه ڪو دين، جيڏيون ڙي ائين ڪين ڄاڻون ٿيون.

 

ڪفر حقيقي هل مچايو، ٿيان ٿيان ڪري ناچ نچايو،

ٿيڙو عشق امين.

 

دين ڪفر وچ فرق نه ڪوئي، سوئي مڃي نه مڃيندڙ سوئي،

سوئي خودي خودبين.

 

اسم نه جسم نڪا نيشاني، هوش نه گوش نه سا حيراني،

غم نه ڪو غمگين.

 

صوفي عشق صفا ڪيو صفاتي، نفيءَ ۾ اچي ٿيو اثباتي،

اناحق، حق اليقين.

 

”اشرف“ يار سڃاڻن سڀ ۾، سوئي زمين ۾ سوئي اُڀ ۾،

هادي حسن حسين.

 

داستان روپ آسا

آ مل پيارل يار، نال ميڏي وس رس جي.

 

چپ چپاتي پاڪي جهاتي، گويا ناگفتار،

ڪيون يار ويندئين نس نس جي.

 

ٻهون اسان نون شوق ملڻ دا، بيحد بي شمار،

ٻول مٺا هس هس جي.

 

اولي گهولي صدقي جاوان، زلف سيه خمدار،

دلڙي نيدئين کس کس جي.

 

”اشرف“ عاشق نام تيڏي دا، رووي زارو زار،

ڏانؤ تيڏا ڏس ڏس جي.

*

آدم ڪيسي ذات ڪيسي ديسئون آيا هي،

حق ڪي ذات صفات رنگي برقعا پايا هي.

 

صورت مورت رنگ به رنگي حسن قبح زيب آورزنگي،

جس ول پائون جهات تس ول درس دکهايا هي.

وحدت  ڪي درياء وچالي موج امواج وصال وکاڻي،

اس قلزم ڪي قطرات ويکو وري رنگ لايا هي.

 

انا احد مرلي صوت سڻايا قم باذني بين بجايا،

صم بکم ڪي بات طوطي وانگ بلايا هي.

 

”اشرف“ عشق الولان ڪيتيان جس پر جام صر احيان پيتيان،

صانع وچ صنعات اپنا نور کنڊايا هي.

*

حسن قبح سڀ تيرا جلوا، هر هر صورت تون سماڻا.

 

تيرا نور ظهور وي تيرا، توهين مالڪ مقصد ميرا،

دل ميڏي وچ تيڏا ديرا، تون موليٰ ميڏي من ڪو ڀاڻا.

مظهر ڪل وچ ڪرون نظارا، نور مقدس روشن سارا،

ظاهر باطن ديد تمهارا، سمجهي سو جو سرت سياڻا.

 

توهين حاضر ناظر توهين، توهين ناطق ناظر توهين،

توهين ڪل شيءِ قادر توهين، ونحن اقرب تيڏا ٿاڻا.

 

آپي اکيوئي اني انا الله، ڦر فرمايئي ماسو الله،

سخن حديثي لي مع الله، ڦر فرمايئي ماسو الله،

سخن حديثي لي مع الله، انا احد وت ڪون الاڻا.

 

”اشرف“ آکي يا الاهي، جت ڪٿ تيڏي نوبت شاهي،

سائي هير سوئي شاهه ماهي، سوئي کيڙا گهول گهلاڻا.

*

مذهب ملت عشق الاهي، محتب ري ٻي سڀ گمراهي.

 

چارئي مذهب ديندارن، مذهب محبت جو ورهه وارن.

عشق اجاري قلبن ڪارن، بي پروڙن بي ويساهي.

 

مالڪ شافعي حنبل حنيفو، هر مذهب جو عشق خليفو،

علم حلم سڪ ورد وظيفو، هادي ڏين حق همراهي.

 

چار ڪتاب سبب سڪ آيا، سڀ صحيفا حب هلايا،

سچن نبين سي سمجهايا، امر نهي جي تن آگاهي.

 

”اشرف“ ڪيڙا پرت پسارا، هي جڳ هو جڳ عشق اولارا،

وير وڄائن وحدت وارا، عشق نغارو شاهن شاهي.

*

عشق اسان وٽ هو، ته آءٌ توسان ڏينهن گذاريان.

 

پاڻ ڀلائي ڪيڙ ئي ڀيرو، دل ۾ پاتئي اچي ديرو،

تن جيارم تو، ته ويٺي نت پرت پچاريان.

 

عشق عجائب سندئي چالي، جنهنکي ڪريين مست موالي،

سوريءَ چاڙهين سو، ايها پر جي پاريين پاريان.

 

اصل عادت آهي تنهنجي، ساڻ محبت موهي منهنجي،

دل ڌوٻيءَ جيئن ڌو، سڪڻ ساڻ پاڻ سينگاريان،

 

عشق اسان کي ٿورو لائج، يار حقيقي مون ملائج،

جڳ جو والي جو، ته ڏسي ڏسي ڏک وساريان.

 

”اشرف“ چوي ساڻ عشاقن، ڀيرو مستن سان مشتاقن.

ڪر سبب سو ڪو، ته تون هين تون هين تند تنواريان.

 

 

داستان روپ راڻو

آءُ ميان راڻا م ڪر ماڻا، توکي ساريان نت نهاريان.

 

وسهه مون کي وهه ٿيا، توري ٽول ٽڪاڻا،

ور ڪر مون تي ولها، سڪڻ ڪيا سنڌ ساڻا.

 

ڪر هو ڪاهي ڪاڪ تي ڪين آئين ڪوهه ڄاڻا،

ساريو راڻا رهاڻيون ٿيڙم نيڻ نماڻا.

 

روئي رنڱئم رت سان، تو لئي وڇاڻ وهاڻا،

باهيون باغن کي ڏيان، پرين مَ تو پڄاڻا.

”اشرف“ چوي آءُ تون، ڪوهه پري ڪيئي پاڻا.

*

آءُ ميان راڻا رهه ڪا رات، ڪاڪ وڻن ۾ تون ڪڏهين.

 

راتين ڏينهان روح کي ميان، طلب تنهنجڙي تات،

هيئن م وسارج مون هڏهين.

ورڻ سنديون ولها ميان، وايون ڪر ڪي وات،

تن مون جياريندين تڏهين.

توکي ساري سپرين، پريتم ٿي پرڀات،

موت مرينديس آئون مڏهين.

”اشرف“ چوي آءُ تون، سوڍا سٻاجهڙي ذات،

منهنجو جيئڻ ٿيئي جڏهين.

 

 

داستان روپ سسئي

لايو مون نينهن جو ناتو، جاءِ اڙانگي جيڏيون،

پاڻان ڏاڍن سهيليون سرتيون، پيچ نيئي دل پاتو.

ڀينر ڀانيم ٿي سڪڻ سهيليون سهکو، برهه اوکو نه مون ڀاتو.

هيج ڏيئي دل هوت هڻي هيئن ويندا، ڄاڻ نه مون ائين ڄاتو.

”اشرف“ اوٺيئڙا زور اٻاجها، سمجهي تو نينهن نه لاتو.

*

لڳو نماڻيجو ناتو، ذات زورآور توسان.

زورا زوري چڙهي ويا چوري، اديون ڏيئي اوراتو.

هتان ڪو لنگهيو ساٿ سڄڻ جو، ادا ڏونگر ڪل ڪا تو.

پنڌ اڙانگو پهڻ پٻ جو، چمين برسر مون چاتو.

”اشرف“ چوي قدر عشق جو، جن لاتو تن ڄاتو.

 

*

گهوريو آئون هي سر گهوريان،

يار سڄڻ سائين توتان.

 

ڳاليهون ڳجهيون ڳجهه اندر جون،

آءُ پرينم توسين اوريان.

 

لنئون ٻاروچا لائي جا ويڙون،

چت اندر ويٺي چوريان.

 

نال نماڻي نينهڙو ناتو،

توڙ پنهل توسين ٽوريان.

 

ٻڌو سورن سندرو ڀلو ميان،

ڏکي ڏونگر ڀڻي ڏوريان.

 

”اشرف“ چوي اڄ الله لڳ،

سڄڻ تو لئي گس سوريان.

*

سهڻي سڄڻ ساڻ ڏينهن گذاريان،

جيڏيون جي منهنجو جاني اچي.

قالو بليٰ ڪيم قول پرينءَ سان،

وري سي ڪيئن ويڻ وسزاريان.

انگ اصل منهنجا جيئن لکيا هئا،

سي تان تيئن پاريو ويٺي پاريان.

قيدالماء قوي ٿيو نت،

ڪيئن گهڙي هت گهاريان.

”اشرف“ چوي دوستن کان دل،

سا تان ڪين وري توڻي واريان.

سورن سندرو ڀلو ميان،

ڏکي ڏونگر ڀڻي ڏوريان.

 

”اشرف“ چوي اڄ الله لڳ،

سڄڻ تو لئي گس سوريان.

*

سهڻي سڄڻ ساڻ ڏينهن گذاريان،

جيڏيون جي منهنجو جاني اچي.

قالو بليٰ ڪيم قول پرينءَ سان،

وري سي ڪيئن ويڻ وسزاريان.

انگ اصل منهنجا جيئن لکيا هئا،

سي تان تيئن پاريو ويٺي پاريان.

قيدالماء قوي ٿيو نت،

ڪيئن گهڙي هت گهاريان.

”اشرف“ چوي دوستن کان دل،

سا تان ڪين وري توڻي واريان.

سورن سندرو ڀلو ميان،

ڏکي ڏونگر ڀڻي ڏوريان.

 

”اشرف“ چوي اڄ الله لڳ،

سڄڻ تو لئي گس سوريان.

*

 

لگ ڪامام ڪامي يار وو-

تون تان آءُ اڱڻ ڪڏهين منهنجي،

مون کي تانگهه طرف ڏانهن تنهنجي.

 

توکي ساجن ساريو ساريان،

آئون ويل ڪنهين نه وساريان،

نت روز پڇان پنڌ پار وو-

 

ڪر ياد پازي پنهنجي،

پڇ حال نام الله جي.

 

تنهنجي شوق مچايو شور شر،

روئي روئي ڪيڙم نينهن نشر،

لائي محبت مارو مار وو-

 

آيو عشق سر اسان جي،

مون کي جوش جلايو جنهن جي.

 

سائين ساريو صحبت ڏينهڙا،

سر ورهه وساريان مينهڙا،

نت نيڻ ٽمايان نار وو-

 

ڪنهن ٺاهه نه تو ري ٺهجي،

هوند ساڻ رڪاب رهجي.

 

هادي مرشد مون تي موٽ ڪر،

اچي ”اشرف“ تي تون اوٽ ڪر،

غم لاهه اچي غمخوار وو-

وڃِ دانهن ڏيان ٻي در ڪنهن جي،

لڳو دامن آهيان انهنجي.

*

آئون اڪنڍي آهيان پسڻ لئه پرين.

 

ڪوڙيون ٿي ڪانگ اڏايان سرتيون لئه سيڻن،

دعا ڪريو آئين جيڏيون منهنجا اوٺي شال اچن.

 

ڏجڻ هي ڏيهه جا مرپر ۾ ٿا پچن،

منڌي پئي موڳن کي ڪڻڪيو ڪين ڪٺن.

 

هيڻي سان هاڃو ڪيو آري جن اُٺن،

جدائي جا جان تي مون کي دونهان روز دکن.

سرتيون سڀئي سکيون آءٌ جا ڏکي منجهه ڏکن،

ڪرها ڪيچيڙن جا وڃي ٽڪر مان ٽڪن.

”اشرف“ چوي ان جا مون کي تازا چاڪ چڪن.

*

هيڪلڙي مون هت، سڄڻ چڙهيا اچي چت،

سي ڪيئن وهان هوت وساري.

اٿم آڳانجهي گهڻو پرين ساڻ پرت،

جيئڙو جن ري گنگهر گذاري.

ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان سور وڃايم سرت،

ٻاروچو ويو مچ ٻاري.

پون پير لڪائيا نيڻين نه پوءِ نرت،

ڪيچي ويا ڪرهه قطاري.

ويٺي روئان رت ڦڙا جيجان  ساريو جڳت،

مادر  موت وڇوڙو ماري.

آءُ پڻ وينديس، اوڏهين جانب منهنجا جت،

ڏاتر سو شل ڏيهه ڏيکاري.

ساريان آءُ ”اشرف“ چئي ٻئو نه ڀروسو ڀت،

سرتيون ڌاران پنهل پاڳاري.

*

ويٺي روئان رت، ياد سدا جيءَ ۾ جت،

سو ور وري ڪيئن وساريان.

 

نيڻ نماڻي پاڻ سان، پنهل جو هو پهت،

گولي ٿي وڃي ڪيچ گذاريان.

آڌي رات اٿي ويا، آيل پيم نه ات،

سرهو ساٿ سنگت ٿي ساريان.

اديون آتڻ واريو، ڪوهه ٿيو چؤ مون کي ڪت،

چرخو ڀڃي هوند ٻارڻ ٻاريان.

لکان لڙڪ وهائيان، خان ٻاروچل ڏي خط

ڳوڙها ڳاڙيو دفتر ڳاريان.

”اشرف“ چوي عجيب ري، ڪون ساريان ٻيو ست،

کڻيو نيڻ پنهل ڏي نهاريان.

*

زور آور سان نينهن، نڌر ڇوري لائين ڇو ٿي.

توسان ڪيڙو ڪيچين، ڏاڍو قيامت ڏينهن،

ان ساڻ جيءُ اڙايئي ڇو ٿي.

ويٺي سر تي وساءِ تون، سندو محبت مينهن،

ايڏو پور پرايئي ڇو ٿي.

هيڏي شهر ڀنڀور ۾، ڪنهن نه چيئي سچ سرينهن،

هينئڙو ننڊ هيرايئي ڇو ٿي.

”اشرف“ چوي عشق جو، شور متو ڪر شينهن،

پوءِ ٿي پاڻ بچايئي ڇو ٿي.

*

جيڏيون لاءِ جتن، وندر سارو وڙوليندس.

پنڌ اڙانگو پٻ جو، جاڏو ۾ جبلن،

 

اي ٻاروچي سين ٻوليندس.

تازو ڦٽ فراق جو، ڪيو جو ڪيچيڙن،

روئي اڄ اکوليندس.

جيري جانب جت کي، ڪاڪيون ڪاف وڻن،

ڳوڙها ڳاڙي ڳوليندس.

”اشرف“ چوي عشق ۾، هيڪر لاءِ هو تن،

ٽڪر جيئڙو ٽوليندس.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org