سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام اشرف

صفحو :15

 

5- مداح

پير خدا لڳ خير ڏئار، نانءُ نبيءَ جي پوڄ پيار،

جام پياري جيءُ جيار، دولهه آيس تو درٻار،

پئس اچي آءٌ انهنجي پار،  نظر مهر جو نيڪ نهار،

ڏيل منجهان ڪڍ ڏرت ڏئار، مرشد مڃ مريد جي آر،

 

دشمن تي تون دست الار، ملحد موذي مرتد مار،

اهکي کان تون اچي اڪار، حضرت پير محمد غوث،

لاهين تون تن من جي تونس، (رحمت الله عليه)

 

مرشد هادي منهنجا پير، ڪرم توسين ڪيا رب قدير،

ڪامل مربي قطب ڪبير، وهلي واهر ڪر تون وير،

فائق سڻ فرياد فقير، داد رساڻهو دامنگير،

 

دوست خدا جا ڏي دلڌير، سور تڙي ڪڍ منجهان سرير،

هر دم ڏي خوشحال کير، دشمن ڪلي ڪر دلگير،

پوش ٿين مون پرتقصير، حضرت پير.

 

واهر ويلو وارث ور، داتا جهليم تنهنجو در،

ٻيو نه ڀروسو ساريان ڀر، نيڪ خدا لڳ ڪر نظر،

سدا وسيلو تون سيڌر، دشمن تي ڪر ڪوپ قهر،

 

کهي مريد سين جو ٿو کر، ڏاڍ مٿس ڪر ڏوٺ ڏمر،

ناحق کسي جو خچر، ظالم تي ڪر زور ضرر،

ڪيم تڳي شل پلڪ پهر، حضرت پير.

 

ڪرم قريشي ڪامل ڪر، پير اوهان جي ايها پر،

وارث وير ڪرڻ نت ور، آءٌ پڻ دان مڱان تو در،

پاند پينار جو ڀيري ڀر، عاجز آهيان آئون اپر،

 

دست مبارڪ مون تي ڌر، پازي پنهنجي کي پکر،

تونهين شامل شام سحر، تڪيو توهين بر بحر،

مڃيو توکي مون برسر،حضرت پير.

 

تون هينم واهر وير وريام، تنهنجو گولو آئون غلام،

توتي مهر خدا جي مدام، آئون جماعتي تون امام،

کڻ تون منهنجو ڪلي  ڪمام، اڌر ڏي دل کي آرام،

 

جال پياري تون پر جام، خطرو ڪڍ خاطر مان خام،

ٻي در مون کي وڃڻ حرام، واجب تنهنجو شاهه ملام،

منهنجو ڪر مقبول ڪلام ، حضرت پير.

 

پير سڃا قبول ڪلام،حضرت پير.

هه خام، شاهه خام،

و،

ل دوچارا،

ناميارا مولودي ان کي مجلسن ۾ پيش ڪندا رهن ٿا. (مرتب)

38ع بمبئي تان هٿڻج پنهنجو شان، روشن آنهنجو نانءُ نشان،

سختي سپر تون سرت سڄاڻ ،تنهنجو ڀنڊ آئون ڀٽ ڀان،

دهرو مڱان تو کان دان، ڏڏ آهيان ڏي ڏوڙا ڏان،

 

دنيا دولت دين ايمان، ٻنهين جهانن امن امان،

هتي هتي جو سڀ سامان، مرشد رک مريد جو مان،

جبر عدو تي ڪر جولان ،حضرت پير.

 

آڌر اڳهه تون اڙين، مردي ڏنئي نامردن،

ترت جياريئي مرد مئن، نظر ڏنئي کي نابينن،

ولد ڏياريئي لاولدن، گس لايو تو گمراهن،

 

ادب سيکاريئي بي ادبن، اڄ پڻ سائل سو سڄن،

آس ڪريو اندر اچن، پورا ڪم ڪيا تون تن.

 

دانهه تنهنجي آءٌ دامن، حضرت پير.

ظاهر عجائب ڪريان قصو، سيد محمد شاهه سندو

عشق مجازي هوس سچو، زال ڪنڀاري ڏانهن غلبو،

 

ڏينهڪ تنهن کي هو ڏسندو، ات ڪو هو نادان ٻيو،

طعن تنهن زبون هنيو، سي سيد کي جنب چڙهيو،

تنهن آڱرو پنهنجو وڍي وڌو،نظر ڪري ڪيان ثابت سو،

آڱر اڳئين کان ٿيو آڳرو، حضرت  پير.

 

نالي مصري مئو جياريئي، امر الاهي سان اٿياريئي،

نالي وسڻ قريب المرگ بچايئي،  وڻ جا ڏينهن وٺي سو ورايئي.

سڏ سنڌ ۾ ڪيئي گجرات سڻايئي، دائم پنهور کي اتي ڄاڻايئي،

 

ٻئو سڏ ٻهڳڻ ترت ٻڌايئي، ڏوران سمو مهراڻ آڻايئي،

اهڙن ڳڻن سان ڪين گهٽايئي، بي دينن کي دين سيکاريئي،

ڪتن ٻلن کي ذڪر ڪرايئي، حضرت پير.

 

هادي مرشد سوال سڻيج، اوڳڻ منهنجا ڪيم ڳڻيج،

ڪئين وڙ ڪوڙي ساڻ ڪريج،وارث اهکي وير اچيج،

وير مرڻ جي مون نه مٽيج، ڍارو سهکائي جو ڍاريج،

ايمان گهري کان ڏاتر ڏيج، قبر ڪشادي نور ڀريج،

جواب سوال سيکاريج، روز  حشر ۾ ٿو رسيج،

پار صراط پهچائيج، حضرت پير.

 

”اشرف“ عرض ڪري ٿو آهه، لائق سڻ تون لڳ الله،

ٻي نه رهيم ڪا وارث واهه،شرم رکي منهنجو شاهنشاهه.،

هر دم هوئج پشت پناهه،صلح سندي مون ڏي سر پاهه،

صيفل تنهنجي نيڪ نگاهه، ڏي صفائي قلب سياهه،

ڪر دل مئل نور ماهه،  بي راهي کي لائين راهه،

ڪلمون پڙهندي ڏيان پساهه،لا اِلله اِلا الله محمد رسول الله،

صلي الله عليه وسلم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org