سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تو در آيس

صفحو :4

 

50-

حياتي جي هر شئي ته مهمان ٿي وئي

جو حيرت به حيرت جو سامان ٿي وئي

 

حياتي لڳي جنهن حياتي ٺهڻ ۾

اُها هڪ گهڙي ۾ پريشان ٿي وئي

 

طبع عشق ۾ عقل کان دور ٿي وئي

جا نادان نه هئي سا به نادان ٿي وئي

 

مصيبت جو حملو قيامت سمان هو

مصيبت پر آئي ته آسان ٿي وئي

 

اوهان جي ملڻ ساڻ دل کي خوشي ٿي

اهائي خوشي دل جو ارمان ٿي وئي

 

اوهان جي رفاقت مسيحا اثر ٿي

بيابان حياتي گلستان ٿي وئي.


 

51-

جان جلائي خاڪ ڪري ڇڏ

جيئن به ڪرين تيئن پاڪ ڪري ڇڏ

 

هڪ پنهنجي الفت ڇڏ مون وٽ

باقي سڀ بيباڪ ڪري ڇڏ

 

ڪانه مصيبت ماري سگهندي

صبر رضا ۾ تاڪ ڪري ڇڏ.

 

تون ئي تون هج دل به هجي ڇو

هي به خس و خاشاڪ ڪري ڇڏ

 

آب بنائي ماڪ ڪري ڇڏ

اي صاحب لولاڪ! ڪري ڇڏ

 

تون هيڻن جي هاڪ ڪري ڇڏ

ڪا دشمن تي ڌاڪ ڪري ڇڏ.


 

52-

اچڻ لاءَ جي اجازت ڏئي

مان ايندس، ها جي فرصت ڏئي

 

پرين روئي به پرچايون

رڳو پڇتاءَ جي فرصت ڏئي.

 

تلافي جو سبب سوچيون

اِهو ايذاءَ جي فرصت ڏئي.

 

ڏسون، ڇا ويو، بچيو ڇا هي؟

تکي هي واءَ جي فرصت ڏئي.

 

رهايون عشق کي دل ۾

پر آڌر ڀاءُ جي فرصت ڏئي.

 

سڏيندڙ کي به ڪو سڏ ڏيون

فقط پڙلاءَ جي فرصت ڏئي.


 

53-

ازل کان رهيو روح رولاڪ پنهنجو

ڪيئين گهر زمين کي، نه افلاڪ پنهنجو.

 

مليءَ خاڪ ۾ جسم ٿيو خاڪ پنهنجو

اڳيان ٿِئي خاڪ ڪيئن قصو پاڪ پنهنجو.

 

شڪايت بهاني ۽ فرياد سانگي

رکيم حال هيڻو، گلو چاڪ پنهنجو.

 

ڪٿي نفس نادان هو سناڪ پنهنجو

ڪري آخري دم نه غمناڪ پنهنجو.

 

اٿئي خاص حيلو وسيلو ڪرم جو

رکج سحر جو وقت نمناڪ پنهنجو.

 

ارادو ئي پنهنجو، نه ادراڪ پنهنجو

نه هو عقل چالاڪ، بيباڪ پنهنجو.


 

54-

ڪُنن مان ڪنارن کي سولو سڃاتم

سفر ۾ سهارن کي سولو سڃاتم

 

اونهارن، سيارن کي سولو سڃاتم

سرءَ، سيءَ جي پارن کي سولو سڃاتم

 

ڍلن کي، ڀلن کي ته ڪارن اڇن کي

۽ يارن پيارن کي سولو سڃاتم

 

سڪڻ جي سيپارن کي سولو سڃاتم

اُتان عشق وارن کي سولو سڃاتم

 

خزان ۽ بهارن کي سولو سڃاتم

انهن جي اشارن کي سولو سڃاتم

 

بره جي بيمارن کي سولو سڃاتم

اڀنهن رازدارن کي سولو سڃاتم

 

نظر جي نظارن، وهائو ستارن

بدلجڻ جي پارن کي سولو سڃاتم.

 

55-

تو سان ٿيو اقرار الڳ

منهنجي الفت، پيار الڳ

 

تون آن بلڪل يار الڳ

اي دل جا دلدار الڳ

 

56-

اسان پرت جا ڪي اڪيلا پکي

اسان کي ٻه ٽي ٻول ٻولڻ تي ڏي

 

ڪٿي ٿو رسي روح، رولڻ ته ڏي

قيامت سهي، قرب ڳولڻ ته ڏي

 

هتي جنهن پڄايو وطن کي ڇڏايو

انهيءَ عشق جو حال اولڻ ته ڏي

 

اڪيچار ويسن وڳن ۾ لڪل

رخ حسن جو راز ڳولڻ ته ڏي

 

ڀُليي ڀل اشارا به ڍولڻ ته ڏي

اسان کي به ٿورو پتولڻ ته ڏي.

 

57-

هوڏانهن ٿي ويا، هيڏانهن ٿي ويا

ڇا ته ڪيئون ٿي، ڪيڏانهن ٿي ويا

تنهنجا عاشق جيڏانهن ٿي ويا

سور به سارا تيڏانهن ٿي ويا

 

الفت اصل بڻي هر شئي جو

۽ الفت جو رنگ لڳي ويو

تو کان دوري موت برابر

جو تو سان جي ويو سو جي ويو

 

نينهن نوازڻ سان حد ڪئي

عشق اجارڻ سان حد ڪئي

موت ته مارڻ سان حد ڪئي

بخت سنوارڻ سان حد ڪئي

 

شب ڪاڏي ٿي، سحر ڪاڏي وئي

سڀ شئي پوئين پهر ڪاڏي وئي

بلبل دانهي، عشق به ڳولي

تن کان رات خبر ڪاڏي وئي

 

58-

دل ويچاري درد حوالي

ڪير سنڀالي، ڪير سنڀالي

 

هيڏا صدما هيڏي هلاڪت

سا به لکون پر ڪنهن جي نالي

 

ڪنهن جي وس ۾ ڪاٿي قسمت

ڪنهن نه ملي سا ٻولي چالي

 

عشق ڏني سڀ حال حقيقت

عاشق هڪڙي ٻولي ڀالي

 

ڪنهن نه ذري جي ساري طاقت

ليک لکئي جا ڪيئن ڪو ٽالي

 

شعر چياسين پُراز حڪمت

سور سمورا سانڍي پالي.

 

59-

پريشان حيران جي هجر کان

سي ڪن ڇا مداوا هن آزار جا

 

جداين کي آءٌ ڇا ڪري ڇا ڪريان

اکين تي سڀئي حڪم سرڪار جا

 

اگهن ڪاش فرياد، ناله و فغان

گنهگار، بدڪار، بيڪار جا

 

خبر هاڻ ٿيندا ڪڏهن خير سان

ڪي ديدار، دلدار، منٺار جا

 

دلاسا نوان روز نياپا نوان

اِهي آر، سڀ پار هُن يار جا

 

ڪيئون قلب کي قيد هر ڪرت سان

هي جلوا جي جانيءَ جي جنسار جا

 

نه رو يار منهنجا نه رو درد مان

عجب اجر ٿئي صبر جي ڪار جا.


 

60-

پيادو مسافر پري کان هليو آ

شڪسته قدم کي ڪا ساهي کڻڻ ڏي

 

گهڙيءَ جي سا غلطي جا ٿي وئي اسان کان

سڄي عمر افسوس ان جو ڪرڻ ڏي.

 

اسان تان کلڻ وارا هيڪر کلڻ ڏي

چون ٿا چوڻ وارا جيڪو چوڻ ڏي.

 

حياتي ۾ غلطيون ڪيونسين سدائين

سزا جن جي گهرجي ملڻ سو ملڻ ڏي.

 

61-

سڄو جڳ ته ورسيو نه پر روح ورسيو

چڱو وقت آيو ته ڪنهن پر نه ترسيو

 

بهارون نه بيٺيون جو بادل نه برسيو

نه ڪي عيش آيا جو دلبر نه ترسيو.

 

سڪ ۽ انتظاري، گهڻي بيقراري

اُتي جا اُتي آ، انهيءَ جو ڪجي ڇا

 

اجايائي حيلا هلائي ڏٺاسين

علاج ان جو ڪنهن ٻئي کان ڪوئي ٿئي ڇا.

 

62-

اِها حسرت نه ڏي دل کي

ته پهتاسين نه منزل کي

 

سوا ديدار ليليٰ جي

ڪندو ڇا قيس محمل کي

 

اسان راضي رضا آهيون

ٻڌايو صاف قاتل کي

 

اچي ويا سر ڏيڻ وارا

خبر ڏيو يار ڪامل کي

 

سهڻ جو تاب ڪجهه ڪونهي

نه هاڻي گهور گهائل کي

 

سزا جي سخت قابل کي

ڪندين قائل ڇا قائل کي

 

حصولِ عمر پاتوسين

اُنهيءَ جي ياد حاصل کي.

 

63-

نينهن متان نروار ڪرائي

سو به سرِ بازار ڪرائي

 

ڏي ڪا بشارت بخشش جي اڄ

جرم سڀئي اقرار ڪرائي

 

پيار ڪبو آ پيار ڪرائي

دير بنا ديدار ڪرائي

 

خلق کلايئي خوب اسان تان

عشق کُليو اظهار ڪرائي

 

مفت نه دل مون کي ئي ماري

شوق هٿان لاچار ڪرائي.

 

64-

زنجيرون ته باندين کي ڪو عار ناهن

هي پنهنجي ئي مرضي جا آزار آهن

 

هي بيمار بلڪل به بيمار ناهن

مسيحا جي خواهش تي لاچار آهن

 

اهي يار جا غم بنهه بار ناهن

اهي غم به دمساز، دل دار آهن

 

هي محرومِ آداب، سرڪار ناهن

مصيبت جا ماريل خبردار آهن

 

جو مجبور، بيوس به بيزار ناهن

دُعا جي اجابت جا آثار آهن.

 

65-

اچڻ جو هُن جي ڪو امڪان ڪونهي ڪو

نهاريندڙ نظر کي ڪير سمجهائي

 

اڳيان ڪنهن کي ٻڌڻ جو ڌيان ڪونهي ڪو

پر آهِ بي اثر کي ڪير سمجهائي

 

جيئڻ مشڪل، مرڻ آسان ڪونهي ڪو

مگر ڪنهن بي خبر کي ڪير سمجهائي

 

نه مَرجي جت مرڻ جو مان ڪونهي ڪو

اِهو دربانِ در کي ڪير سمجهائي

 

زمانو ايترو نادان ڪونهي ڪو

طرارو تيز تر کي ڪير سمجهائي

 

سچو ڪونهي اُهو انسان ڪونهي ڪو

اکر هي بي اثر کي ڪير سمجهائي

 

گداءِ عشق تي احسان ڪونهي ڪو

هٺيلي حسن ور کي ڪير سمجهائي

 

نه پورو ٿيو اُهو ارمان ڪونهي ڪو

پر ”عابد“ بخت ور کي ڪير سمجهائي.

 

66-

عشق ڪريون ۽ شعر لکون ڪجهه

مار نه، گار نه، ساڙ نه، هاڻ نه

 

گل به ڏکيو لڳندوسون تنهنجو

دنيا پهڻ هڻي، تون پاڻ نه

 

غايت، غرض اٿئون پنهنجن ۾

جيارج، مارج، دشمن ساڻ نه.

 

ڊوهه، دغا هِت ماريا ڪي ئي

نيڪ، بُري جي ڄاڻ سڃاڻ نه.

 

پنهنجو عبد، غلام رکج تون

يار، ڪڍائج ڪنهن جي ڪاڻ نه.

 

هُن تي رک سڀ، ڇڏ هي آءٌ آءٌ

علم نه ٿئي، پوءَ پنهنجي تاڻ نه.

 

رمز نئين ڏس، راز نئون ڏس،

رول نه، روح اڳيان تون ڀاڻ نه.


 

67-

هجر جا سور ٻُڌ، درد ڏس

وصل جا عرض ايلاز ڏس

 

حڪم تُنهنجو اکين تي رکي

سر تريءَ تي رکيم، نياز ڏس

 

عشق تي جو وهيو، واپريو

حسن کي تنهن کان بي نياز ڏس

 

پنهنجو سمجهي ستايو اٿس

عشق تي حسن جا ناز ڏس

 

هر ستم کان اڳي، پوءِ ٿو

دم دلاسو اچي، راز ڏس

 

ڪير روڪي زبردست کي

دل جهٽيئين مثل شهباز ڏس.


 

68-

اسان کي ته احسان جي وار سان مار

بد آهيون، ته توکان ڀلائي کپي ٿي

 

اِهي ڪجهه به ڪونهن، جهَنم نه جَنت

رڳو هڪ رضاءِ خدائي کپي ٿي

 

بنا ياد هڪ دم جي ڪونهي اجازت

نه دلبر کي ٻي ڳالهه ڪائي کپي ٿي

 

جدائي کان اڳ ۾ بطورِ عنايت

اوهان جي خصوصي ادا ئي کپي ٿي

 

نه پهتي اسان کان وفا ۽ صداقت

اسان کي مگر ته به وفا ئي کپي ٿي

 

نه بلڪل سهڻ جي رهي آهه طاقت

نه ڏوهن جي تنهن لئه سزا ئي کپي ٿي

 

خوشيءَ ۾ ته هر شخص خوش ئي رهي ٿو

غمن ۾ به هڪ خوش ادائي کپي ٿي

 

جڏهن هي حياتي وڃائي کپي ٿي

تڏهن هُن جهان ۾ رسائي کپي ٿي.

 

69-

دل وارن جا ساهه سهانگا

ڪاٿي هلندن شوق مهانگا

 

همدردي جي آس اجائي

ڌاريا ڏاڍا، پنهنجا اڻانگا

 

تن کي پاڻهي يار ڍڪيندو

نينهن ڪيا جي ماري نانگا

 

لهرون لوڙهي هڻندءِ ڪُن ۾

هيڪر آب ڇڏيئي جي تانگها

 

پنهنجي گهر ۾ سڀ ڪجهه آهين

دنيا ليکيندءِ ڪو لانگها

 

پنج ئي وقت چيئي سچ ٻانگا

هڪڙي رب ريءَ ڪونهن سانگا.

 

70-

ڌار نه ٿي دل کان هڪ دم لاءِ

پوءِ جيئنداسين ڪهڙي ڪم لاءِ

 

تون ئي پئو هر درد خوشي ٿي

ڇا تڙپون هِن سک، هُن غم لاءِ

 

محب بڻئين تون ڏينهن ازل کان

عشق لکي ساري عالم لاءِ

 

جيڪو پورهيو دين ڌرم لاءِ

سو سڀ پنهنجي غرض، ڀرم لاءِ

 

عرض ڪياسين جيڪي ڪرم لاءِ

اگهجي آيا پنهنجي شرم لاءِ

 

ڏينهن دنيا جي ڌنڌن خاطر

رات رکيسين چشمِ نم لاءِ

 

ذڪر اوهان جي روح بچايو

خير گهرون ٿا هڏ ۽ چم لاءِ.

 

71-

رنج ٿي ڪونه پرتا پرين

جي وڻيئي سي وس ڪر ميان

 

کيل ناهن خوشي جا اِهي

ڳولي، گوندر جا گس ڪر ميان

 

جر اِهو پوءَ اڳي ماڳ ٿئي

ٻيڙو درياه وس ڪر ميان

 

حرف هڪڙو نه مجبور ڪڇ

بدتميزي کان بس ڪر ميان

 

واءُ وٺي پئي وڃي جي ڪڪر

سي پرائي ته وس ڪر ميان

 

شڪر ڪر، هوند تي حمد چئي

سئو، جُڙيءَ کي ئي جس ڪر ميان

 

پنهنجا ڌاريا سمورا ڏٺئي

هاڻ ڀنڀوران بس ڪر ميان

 

هو ته موجود حاضر سدا

تون وڃين ڪنهن ڏِس ۽ وس ميان

 

ڪِي توّڪل جي تُرهي به تَر

سڀ نه ڏاهن جا ڏس ڪر ميان

 

لِيلا وارا ئي وس ڪر ميان

پر مڻيي کان ته بس ڪر ميان

 

دستِ ساقي ڪڙو ڏي، مٺو

سڀ چکي چِت ۾، چس ڪر ميان

 

خوش ٿي صدقي ڪيئي ساهه، سر

معاف ٿيندين ته مس ڪر ميان

 

72-

ڇا ڪُڇون، ڪهڙي آڌار سان؟

پنهنجي مرضيءَ جي مُختيار سان

 

هجر ۾ ذڪر ايئن وصل جو

زهر امرت جي جيئن ڌار سان.

 

حال احوال ڪهڙا ڪريون

هُن خبردار سرڪار سان

 

جو هِريل ٿيو گهڻي آر سان

تِنهن کي پرچائبو پيار سان

 

معاملو عشق جو يار سان

جيئن مسيحا جو بيمار سان

 

صبر دشوار، ڪونهي قرار

ڪيئن گذاريون اِن آزار سان؟

 

ڪو بدلبو، اِنهيءَ پار سان

هُڻ جو انڪار، اقرار سان؟

 

درد ويندو ڪو اظهار سان

هلڻو آهي اِنهيءَ بار سان

 

عرض منهنجي، نه اصرار سان

وقت ڦرندو سندس سار سان

 

اجنبي ڪنهن، نه اغيار سان

اوربو راز دلدار سان

 

ويندا غم ڪنهن آچار سان

سک به ايندا سِگهي وار سان.

 

73-

چنيسر جي چت ۾ خبر ناهي ڇاهي

خبر ناهي ڇا هي، خبر ناهي ڇاهي

 

چنيسر کي منٿون ڪي ميڙيون ڪريو سڀ

مڃايوس ڪنهن ريت، چاهي نه چاهي

 

جي ڪنهن کان ٺهي ٿو سگهي معاملو هي

ته ٻيلي سو ٺاهي، اچي جيئن به ٺاهي

 

اُميدون ڪي آسون نه ليلا ٿي لاهي

نه ٿي سا ته لاهي، نه ٿي سا ته لاهي

 

ڌڻيءَ پاڻ ناراض ٿي ويا جنهين کان

انهن جا اُٿي ڪير لاچار لاهي

 

برابر هي بيحد ڏکي ڳالهه آهي

ڦٽل ڀاڳ هاڻي ڀلا ڪير ٺاهي

 

اِهو حال ٿيندو ئي آهي اُنهيءَ جو

جا سينو اُٿي يار حاڪم سان ساهي

 

مڻيي جي بنا اڳڀري هُئي سڀن کان

مڻيي پاڻ پويان ڇڏيس راهه راهي

 

ڏسيو ڪنهن نه ڏاهي، ويو نفس واهي

پيئي هاڻ دانهي سا پورن جي پاهي.

 

74-

قول پاريو، وفادار ٿيو

سائين! ڇو ٿا ستمگار ٿيو

 

اڳ ۾ انڪار اقرار ٿيو

پوءِ اقرار انڪار ٿيو

 

مون کي اِن تي عجب يار ٿيو

تو کي اڄ پيار کان عار ٿيو

 

يار مان جيڪو بيزار ٿيو

تِنهن کان الفت جو انڪار ٿيو

 

جِنهن جو پنهنجن سان تڪرار ٿيو

تنهن جو جيئڻ به بيڪار ٿيو

 

دل ڌتاري، محّبت ڪري

هاڻ ڇو دل تي ٿا بار ٿيو؟

 

ساهه، سر سڀ کي صدقو ڪريون

بس رڳو جي طلب گار ٿيو

 

هِت گهڙيءَ پل جا مهمان سڀ

ڪو مسافر به آزار ٿيو؟

 

سير ۾ سِرڪي ڪئين غرق ٿيا

هڪڙي ئي ٻيڙيءَ جا سوار ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org