سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تو در آيس

صفحو :3

 

22-

محبت محبت جدا ياد رهندي

انهيءَ ياد سان ئي سدا شاد رهندي.

 

نه ڪنهن حال هيڻي به ناشاد رهندي

ابد تائين ان طور آباد رهندي.

 

نه تقدير ظاهر نه تدبير ظاهر

نشانو، نه زخمي، نه ڪو تير ظاهر

 

اسيري، غلامي، نه زنجير ظاهر

مگر قيد جي آهه تصوير ظاهر.

 

ڇڏياسين چمن باغ بستان باده

محّبت دل و جان کان هئي زياده

 

رکياسين سڄا دل جا صفحات ساده

لکياسين انهن تي اوهان جا ارادا.


 

23-

بچي جيڪا دل سا به تنهنجي حوالي

انهيءَ کي ته رکجان به تون ئي سنڀالي

 

ڇڏيو ڪونه ڪجهه بيڪسن جي جهان ۾

اوهان جي عجب عشق نروار نرالي

 

مهانگو اِهو شوق سرڪار پالي

ڪٿي ويو هتان جيئرو ڪير جالي

 

هُو پنهنجو ڪري ٿو ڪرم سان يا غم سان

بچائي نه ڪنهن ڍال ماري نه ڀالي

 

تو امرت ڀري ٿي ڏنو جنهن ۾ ساقي

کِلي زهر پيئنداسين ساڳئي پيالي.


 

24-

جا دل تنهنجي درد دکائي، بچندي؟

ٻيو بچندو ڪجهه ڪونه، جدائي بچندي.

 

آگ ته جيڪا عشق جلائي بچندي

تِنهنجي صدقي نغمه سرائي بچندي.

 

الفت جي هنگامه آرائي بچندي

جا ان سان ٿئون آس لڳائي بچندي

 

جيڪو قرب ونڊيوسين ياد رهيو آ

شايد ان جي ياد به ڪائي بچندي

 

جا به سخا دامن ۾ آئي بچندي

تو ڪئي جيڪا يار چڱائي بچندي.

 

باقي صرف خدا جي خدائي بچندي

هن جي ئي رخ جي رعنائي بچندي.


 

25-

منهنجين آزين نيازين کي

ڏس ڪجهه اکڙين آلين کي

 

تنهنجين منهنجين ڳالهين کي

دائم ياد رهڻ وارين کي

 

ڪن راتين، ڪن باتين کي

ڪن لاتين کي، جهاتين کي

 

تن جو ڇاهي محلن ۾

ياد رکن جي وارين کي

 

هُن دنيا جي سانگين کي

هِت جو شوق نه سامين کي

 

درد نگر جي واسين کي

روڪ نه رمندي راهين کي

 

ياد ڪرين روئي جن کي

ياد آهين تون پڻ تن کي

 

ديس ڇڏي پرديس پڳا

دوست ويا سي ورهين کي.

 

26-

تنهنجو منهنجو عشق عجب ٿيو

جو ٻڌندو سو حيرت ڪندو

 

موت قبوليم سو به انهيءَ لئه

ميڙو روز قيامت ڪندو

 

پهرين پئي نه خبر مون کي هي

عشق ڪو ايڏي آفت ڪندو

 

روز نئين دنيا ڳوليان مان

ٻن جي هر ڪو حسرت ڪندو

 

منهنجي قسمت مون سان، تنهنجو

هر هڪ لڙڪ ندامت ڪندو

 

ائين ڪندين الفت وارن سان

ڇا ڪو الفت الفت ڪندو.

 

27-

تعلق هو ڪو قسمت جو قضاني سان

ملياسين خوب الفت جي بهاني سان

 

لکين وابسته آهن خاص خوشبختيون

فقط پنهنجي محبت جي زماني سان

 

غم و آلام جا اذڪار شامل ٿيا

خبر ڪيئن پوءِ حسرت جي فساني سان

 

مڃيا ”عابد“ سمورا حڪم اڄ تنهنجا

تو ماريو هوس نوڙت جي نشاني سان

 

نمائش جي ٺلهي قربت، نه شاني سان

سڪونِ دل ٻڌل دل جي تراني سان.

 

28-

رات ته وئي پر خواب ڇڏي وئي

پويان درد عذاب ڇڏي وئي

 

ڌرتي ڀي دولاب ڇڏي وئي

اڪثر خوار خراب، ڇڏي وئي

 

عمر اسان جي اهڙي گذري

ڪو نه گناه ثواب ڇڏي وئي

 

شابس الفت جي عادت کي

جيڪا پورهيو صاب ڇڏي وئي

 

ڇا نه ڪيوسين دنيا ڪارڻ

پر خانه خراب ڇڏي وئي

 

ڏونگر جيڏي ڏينهن لئه ڏک جو

تيز تکو تيزاب ڇڏي وئي.

 

29-

حسنِ سندي مستوري ماريو

دل کي آس اڌوري ماريو

 

دلبر يار جي دوري ماريو

دوري جي مجبوري ماريو

 

قسمت ۾ لکجي آئي هئي

تنهن سوري منصوري ماريو

 

منصف صاف قصوري ماريو

حاڪم جي مهقوري ماريو

 

دنياداري پوري ماريو

مفت جي ان مزدوري ماريو

 

دل جي غير حضوري ماريو

نور جي ٻيو بي نوري ماريو

 

غفلت جي غرقوري ماريو

جو سنبت اڻپوري ماريو

 

هجر سندي مهجوري ماريو

سو به تکي انبوري ماريو

 

30-

صاف نٿي ڏسجي لڙڪن مان

تنهنجي شڪل حسين جمالي

 

پارن پالي، سور سنڀالي

پرت اسان جي ٻولي ڀالي

 

ميندي بدران رت جا رنگڙا

وه وا تنهنجو قرب ڪمالي

 

لبڙن لالي آلي آلي

ڪير جهلي ٿو جاه جلالي

 

تو ته نه ڪئي دل جي رکوالي

وئي ڪٿ منهنجي خام خيالي.

 

31-

سڪائج نه صاحب! سلام کي

ڪڏهن قرب جي هڪ ڪلام کي

 

ڏيئي پانڌ پنهنجي پناه جو

سلج عيب منهنجا نه عام کي

 

دنيا جي ڌنڌي ئي تمام کي

اسان کان رکج دور دام کي

 

هواؤ هوس جي هنگام کي

پري ڪج انهيءَ صبح شام کي

 

خطاڪار دل جي غلام کي

متان نفس جي ڏين لغام کي.

 

32-

لوڪ نه، ٻوڪ نه ٽوڪ نه، روڪ نه،

ٿيئڻ ڏي جيڪو ٿيئڻو آ

 

شوق به، ذوق به، جوق در جوق به

آءٌ ويندس جيڏانهن وڃڻو آ

 

عشق ايمان به، شان به، جان به،

عشق اندر جيئڻو، مرڻو آ

 

اير به، ڀير به، دير، سوير به

سڀ ڪجهه مالڪ تي ڇڏڻو آ

 

لاڀ، ثواب، عتاب، عذاب به

فڪر نه ڪنهن شئي جو ڪرڻو آ

 

تخت به، بخت به، لخت و لخت به

قسمت جو ڪم ٿي رهڻو آ

 

بود به، هست به، مست الست به

ڏاڪو ڏاڪو ٿي چڙهڻو آ

 

واڳ به، ماڳ به، ڀاڳ به، لاڳ به

حاڪم جي حڪم تي هلڻو آ.

 

33-

رب زورآور بي پرواه جي

حد بي نيازي کان ڊپ ٿو ٿئي

 

جيڪا ضايع زيان وڃي ٿي

اهڙي آزي کان ڊپ ٿو ٿئي

 

بخت نه وجهجي رولاڪي ۾

بخت جي بازي کان ڊپ ٿو ٿئي

 

حق واري جي حق تي ناحق

دست درازي کان ڊپ ٿو ٿئي

 

ويٺل لاءِ ضرور وڙهي ٿو

رب تي راضي کان ڊپ ٿو ٿئي

 

نيڪ انجام شهيد کڻي ويو

جيئري غازي کان ڊپ ٿو ٿئي

 

سک جي ماضي، ڏيک نه نمازي

دولت تازي کان ڊپ ٿو ٿئي

 

دنيا جي دنيا سازي ۾

دخل اندازي کان ڊپ ٿو ٿئي

 

عشق مجازي جي دمسازي

نينهن نوازي کان ڊپ ٿو ٿئي.

 

34-

جي منصور، سرمد ۽ ابن علي ويا

سندن نقش پا تي هزارين هلي ويا.

 

مرڻ کان به اڳ ئي جي ماڻهو مري ويا

اُهي ئي ته جيئڻ کي دراصل جي ويا.

 

جڏهن ذوق ذاتي ڪا للڪار لاتي

گهري زهر پي ويا ۽ سقراط ٿي ويا.

 

ڊڄي ويا اُهي ويا، وڌيا سي وڌي ويا

ڪي عامي خدا وٽ رسي خاص ٿي ويا.

 

صداقت تي صدقي ٿيڻ جي دعا گهر

دعا سان عطا جا خزانا کلي ويا.

 

ڏيڻ وارو ڏاتار آهي ازل کان

چوڻ وارا سارو اهو سچ چئي ويا.

 

35-

سو منظر، اُها هڪ نظر ناز واري

اُنهيءَ جاءِ تي ڪيئن وڃي وقت واپس

 

وساري سندي گهر جا رستا، گهٽيون، گس

صدا آ لبن تي ته هاڻي ڏجو ڏس

 

پنهون کي وڃائي ڀنڀوران ڪيئي بس،

لکئي جي هٿن ۾ ها ڪاغذ، قلم، مس.

 

بندي کي ندامت جو موقعو مليو مس

اچي هاڻ ڪيئن پر ويئي عمر واپس.

36-

اي شاعر نه لک لفظ تون هاڻ غمگين

اميدن سان رک هي شب روز رنگين

 

دلين جي افق تي ڏسين ڪونه ٿو ڇو

محبت جا روشن لکين ماه پروين

 

خيالن سان رک زندگي خواب آگين

سدا ڪج سڄڻ جي سلامن تي آمين

 

اکر ڪو اُچارج تون بيزار ٿي ڪين

جو سرها متان يار اَرها ٻُڌي ٿين

 

جڏو حال اڄ جو ڇڏي ٿي نظر بين

توڪل جي تُرهي تَريا سي ٻڏن ڪين.

 

37-

جڏهن کان يار کي سولو سڃاتو سين

تڏهن کان روز نئين سر نينهن لاتو سين

 

جتي هُن يار جي منزل نظر آئي

اُنهيءَ جاءِ عشق ڀي لاچار پاتوسين

 

ٻَڌل هر آسرو اُميد آ توسين!

مگر سرڪار! سامهون چئون به ڇا توسين؟

 

اندر ۾ عشقِ پوشيده جا جولاني

سڀئي انڪار ۽ اظهارها توسين!

 

مرڻ جهڙو جڏهن جيئڻ سوا توسين،

تڏهن ڪيسين ڀلا جيئون جدا توسين.

 

38-

هليو هل مسافر هلون يار

پراڻن پڊن ڏي وراءَ واڳ

 

ڏسي ڪي اچون سي وري يار

اڳيون سڀ ڇڏيل منزلون ماڳ

 

اُٿي جاڳ، ڏي تياڳ، ڇڏ چاڳ

جو کُٽڻوئي ناهي هي کٽراڳ

 

ڏٺاسين گهڻا بخت، ڪي ڀاڳ

وِرهه جو وري ويو پوءَ ويراڳ

 

ڏٺوسين سڄو جڳ جو جنسار

رپئي راڳ، رُڳي آڳ، ٺلهو لاڳ.

 

39-

رکي سامهون الفت بهاني جي خاطر

حياتي گذاري زماني جي خاطر

 

اِنهيءَ حال تي هئي ته ملڻي ضروري

وڏي ڪا سزا، تازياني جي خاطر

 

مگر رحم ٿي ويو خبر ناهه ڪهڙي

عزيز آشنا، ڪنهن بيگاني جي خاطر

 

اوهين لئي، اوهين لام، اوهين ڪک، اوهين رک

اوهين آسرو، آشياني جي خاطر

 

نه روليو خدا آب داڻي جي خاطر

نه خواهش ڪا ڌاري خزاني جي خاطر

 

40-

سنواري بگاڙي، بگاڙي سنواري

حياتي سموري اِجهو ائين گذاري

 

کَٽيسين نه ڪا نفس سان جنگ جاري

ڀريوسين اِنهيءَ جو به تاوان ڀاري

 

ڪئي هئي ڪڏهن جنهن نظر ناز واري

پُراڻي سا ياري اُنهيءَ يار پاري.


 

41-

جڏهن الوداعي ڪو لمحو اچي ٿو

نظر جي سو منظر به سامهون اچي ٿو

 

جدائي محّبت جو انجام آهي

سڄو سمجهه ۾ صاف مضمون اچي ٿو

 

اِهي سور ساڳيا اِهي پور ساڳيا

رڳو عشق ٿي روز نئون سنئون اچي ٿو

 

اڳيئون ئي اچي ٿو يا پويئون اچي ٿو

محّبت ۾ سرڪار صدمو اچي ٿو.

 

هينئر سان ٿئي پئي اندر بيقراري

اڳي باهه کان ڪجهه ته دونهون اچي ٿو.

 

42-

تنهنجو در ڪو ڏيکاري ها

ڪو دک درد نه هيئن ڳاري ها

 

آءٌ نه کڻان ها سر کي جهڪائي

سر ڪاٽي ئي ڪو ٽاري ها

 

عمر وئي گس رستا پڇندي

عمر عزيز نه ڪو کاري ها!

 

لڙڪن سان ڌوئي تنهنجا در

پوءَ پنبڻين ساڻ ٻهاري ها.

 

نيڻ کڻيو روز نهاري ها

ڪير نه ويٺل کي واري ها

 

وقت وڃائي پهتا آهيون

ڇو افسوس اِهو ماري ها.

 

عشق سوير ڀرو ساري ها

”عابد“ پاري ڏيکاري ها.

 

43-

جنهن جو آ بخت عاليشان

تنهن جو ناهي ڪو نقصان

 

عشق نه هو جان واقفڪار

تيسين هئاسين ڄڻ نادان

 

عشق اچي ٿيو جو مهمان

هر مشڪل ٿي وئي آسان

 

عشق اندر ۾ گهر ٺاهيو

ساري دنيا ٿي دربان

 

عشق بنايا خاص ڪئين

انسانن جهڙا انسان

 

دير ڪيم سو ٿيو انڌير

ان جو ئي آهي ارمان.

 

44-

اشڪن ۾ آرام نه ڳول

ڏوه ڏسي انعام نه ڳول

 

قسمت ڄاڻي قسمت ساڻ

هٿ سان غم آلام نه ڳول

 

عشق سراسر تابعدار

عشق ڪري اڪرام نه ڳول

 

وٺ جنهن جاءَ به مِلي ٿو قرب

اِن لئه خاص و عام نه ڳول

 

پاڻ سلام ڪلام نه ڳول

تون خود نام پيام نه ڳول

 

عشق وڙهي به، ٺهي به، مُڙي به

عشق به خوش انجام نه ڳول

 

پير گڏي هل الفت ساڻ

اِن جا راز تمام نه ڳول.

 

45-

هر الفت جو بيان جدا

ڇو جو مڪان جدا، زمان جدا

 

جرم الڳ، تاوان جدا

ساٿ الڳ، سامان جدا

 

شڪر خدا جو، هر مشڪل

ٿيندي وئي آسان جدا

 

عهد الڳ، پيمان جدا

وقت الڳ، انسان جدا

 

ڪيئن نه ڀلا ٿئي پوءَ منهنجو

درد الڳ، درمان جدا

 

مون لاءِ هو فرمان جدا

قسمت جو ڪو شان جدا.

 

46-

اوهان جي ياد سان آباد آهي دل

اوهان کي ڇو نه بلڪل ياد آهي دل

 

محبّت ۾ نه ٿي ناشاد آهي دل

اِنهيءَ وهنوار ۾ ئي شاد آهي دل

 

سڀئي دشمن اجايو ئي کِلي خوش ٿيا

انهن ليکي بنهه برباد آهي دل

 

زماني جي سڀن بيڪار ڌنڌن کان

سدا آزاد هئي، آزاد آهي دل

 

ملڻ ۾ دير جي بيداد آهي دل!

اِهوئي هڪ فقط فرياد آهي دل

 

رهي هر حال ۾ دلشاد آهي دل

وفائن جو اُتي ڪو داد آهي دل؟

 

محبّت ۾ وفاداري بڻي سڀ ڪجهه

اکين تي حڪم هرڪو صاد آهي دل.

 

47-

رلايو ٿئي، جلايو ٿئي، ستايو ٿئي

سڪايل ساهه کي ڇا لئه سڪايو ٿئي

 

ڪو نياپو، خواب، خط، ڪا ياد، ڪجهه ڪونهي

اي نازڪ! نينهن هي ڪهڙو نڀايو ٿئي

 

سڏايو ٿئي، نه رايو ٿئي سڏائڻ جو

مگر عاشق ته آيو ٿئي، هي آيو ٿئي

 

الاجي ڪهڙي مستيءَ ۾ هي مست آهي

ٻڌائي ڪجهه ته ڇا هن کي ٻُڌايو ٿئي؟

 

ٺهيل ٺاٺو سمورو جو ڦٽايو ٿئي،

رکيو دل ۾ خبر ڪهڙو ته رايو ٿئي.

 

يقيناً، خاطري سان ڪنهن ٻُڌايو ٿئي،

ته عاشق! عشق جو لايو سجايو ٿئي.

 

48-

اوهان سان عشق جي حسرت رکي ٿي دل

نه پر ڪا صبر جي طاقت رکي ٿي دل

 

خبر ڪانهيس رستن جي نه منزل جي

ٺلهو هڪ شوق سو البت رکي ٿي دل

 

گهڻي ماريل زماني جي به ظلمن جي

عجب جهڙي مگر عادت رکي ٿي دل

 

محّبت، ذوق، سڪ، الفت رکي ٿي دل

ڀلا ٿيس ڀاڳ جي همّت رکي ٿي دل

 

شروع ٿي آزمائش ختم ڀي ٿيندي

گمان سڀ نيڪ ان بابت رکي ٿي دل.

 

49-

جدايون نصيبن ۾ آهن

ملاقات جا ڏينهن ناهن

 

ڪري ياد پيارن کي پنهنجن

ٿا پرديس ۾ اشڪ واهن

 

جي تقدير سامهون ته مجبور

سي لاچار سينو ڇا ساهن

 

هينئر بخت بلڪل نه ڦرندو

جي بيچين چاهن نه چاهن

 

ملڻ جي گهڙي اصل ايندي

نه الله مان امّيد لاهن

 

سو في الحال سينو نه ساڙن

بره جي وجهي تيز باهين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org