سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تو در آيس

صفحو :2

 

تعارف

محبت اسان جي اجائي ڪٿي وئي

دنيا جي سموري شاعريءَ، پوءِ چاهي اها ڪهڙي به فڪري رجحان يا مجبه فڪر جي اثر هٺ رهي هجي، ان جو سڌي يا اڻ سڌي طرح محرڪ، محبت ئي آهي. فرق فقط اهو آهي ته اظهاري انداز ۾ ڪٿي اهو جذبو بنهه پڌرو ته ڪٿي وري مبهم محسوس ٿيندو آهي.

”رون ساريکا سپان“ ڏسندڙ ڪوي عبدالغفور ”عابد“، دردن جو درياهه پار ڪري، اڄ کان ويهه ورهيه اڳ پنهنجا سادا شعر جڏهن عوام کي آڇيا هئا ته هن پنهنجن تخليقن جي حوالي سان اهو اطمينان حاصل ڪيو هو ته هن جو احساس ۽ جذبا، پڙهندڙ جي دلين تائين رسائيءَ جي سگهه رکن ٿا. ان ڪري ئي هن چيو هو ته:

• محبت اسان جي اجائي ڪٿي وئي؟

ايتري عرصي گذرڻ بعد، اڄ وري جڏهن هو پنهنجن جذبن جي نئين گلدستي سان آيو آهي ته اسين سندس آجيان ڪندي کيس چئون ٿا ته:

• محبت اوهان جي اجائي ڪٿي وئي.

ڏات نگر کان دور، دنيا جي وهنوار ۾ ويهه ورهيه گذرڻ جي باوجود، عابد جي اندر ۾ ڏات جو ڏيئو جهڪو جهڪو ئي سهي، پر روشن ضرور رهيو. هونئن به شاعري ڪو جسماني پورهيو ته ناهي جو پنهنجي مرضي مطابق ڪنهن به وقت ڪو غزل ٺاهي ڇڏجي، هيءَ ته احساس ۽ جذبن جي ٻولي آهي، جيڪا اندر جي ماٺي سمنڊ ۾ طوفان جيان اچي لهرون پيدا ڪندي آهي. اهوئي سبب آهي جو نثر جي ڀيٽ ۾ نظم، اظهار جو بهتر ۽ وڌيڪ اثرائتو ذريعو سمجهيو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڊگهي مضمون ۽ ڪهاڻيءَ جي ڀيٽ ۾، شعر جون ٻه سٽون دل تي گهرو اثر ڇڏينديون آهن. هڪ ڀيري امام غزالي رح هڪ وعظ ۾ چيو هو ته:

”اي مسلمانو! توهان کي وعظ ۽ نصيحت ڪندي مون کي چاليهن سالن جو عرصو گذريو آهي. انهيءَ ڊگهي عرصي ۾ مون اوهان کي جيڪي نصيحتون ڪيون آهن، اهي فردوسيءَ پنهنجي هڪ شعر ۾ بيان ڪري ڇڏيون آهن. اهو شعر آهي:

روز گرز کردن انديشه کن

پرستيدن داد گر پيشه کن

امام غزاليءَ جي انهن سٽن مان شعر جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

مشهور شاعر ذوالفقار راشدي، پنهنجي شعري مجموعي ”سوچ کي لوچ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو: ”ادب، شعر، آرٽ ۾ ڪجهه به بنهه نئون نڪور ۽ اڻ ڇهيل چئي ڪونه سگهبو، ڇڙو وقت، ڌرتي، ٻولي، لفظن، انفرادي انداز، شخصي لاڙي ۽ Treatment جو تفاوت ٿيندو“.

انهيءَ راءِ جي روشنيءَ ۾ چئي سگهجي ٿو ته هر نئين تخليق جو پس منظر روايتن سان ئي جڙيل هوندو آهي ۽ اسان کي ان کي پنهنجي انفرادي انداز يا شخصي لاڙي جي آڌار تي نئين دؤر سان هم آهنگ بڻائڻ جا سانگ رچايون ٿا.

شخصي لاڙي جي حوالي سان عبدالغفور عابد اهڙو شاعر آهي جنهن وٽ عاجزي ۽ نماڻائي آهي، جيڪو پارسائيءَ کان پري فمتيريءَ ۾ پناهه ڳولي ٿو.

وڏي معافي گناهگارن جي لئه آهي

پڇا هوندي سموري پارسائي ۾.

هو انهن ظاهري عبادتن کي (جن ۾ ڪا غرض سمايل آهي. ڪنهن موٽ جي طلب آهي) سوديبازي تصور ڪري ٿو. هو پرينءَ جي راضپي کانسواءِ ڪجهه به نٿو چاهي. جيئن خواجه محمد زمان فرمايو آهي.

 

•       عارف ۽ عشق، پسڻ گهرن پرينءَ جو

جنت جا مشتاق، اڃان اور اهان ٿيا.

ساڳئي سوچ هيٺ عابد چوي ٿو ته:

•       اهي ڪجهه به ڪونهن، جهنم نه جنت

رڳو هڪ رضاءِ خدائي کپي.

تخليقي اظهار زمان ۽ مڪان جو پابند نه هوندو آهي. سالن جا سال هڪ سٽ به سرجي نه سگهندي آهي، پر جڏهن اوچتو جذبن جا طوفان اٿندا آهن. ته پوءِ شعر هوائن جيان، دل جون دريون کولي هليا ايندا آهن. ائين ئي عابد سان ٿيو آهي. شاعري هن تي ساوڻ جي مينهن جان وسي آهي. لنڊن ۾ لکيل سندس هيءَ تازي شاعري، جديد اشرن کان پري سندس ماضيءَ واري شاعريءَ جو هڪ تسلسل آهي، ائين کڻي چئجي ته، هن جي تخليقي وکر جي ماهيت اڄ به ساڳئي آهي. هو شاعريءَ کي محبت جي مهرباني ٿو سمجهي ۽ چوي ٿو:

اسان سان ڪري ايتريون مهربانيون

پڇاڙيءَ جو مرڳوئي شاعر ڪري وئي.

هو انهيءَ راهه ۾ پنهنجي عمل تي مطمئن آهي، جو سندس ڪاوشون قبول پيون آهن:

شابس الفت جي عادت کي

جيڪا پورهيو صاب ڪري وئي.

جڏهن عشق اندر ۾ آستان بڻائي ٿو ته انسان پنهنجن مڙني مامرن کي محبوب جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو. هن جي آڏو سڀ خواهشون حقير بڻجي وڃن ٿيون ۽ دنيا جي هن اڳيان معمولي حيثيت وڃي رهي ٿي.

•       عشق اندر ۾ گهر ٺاهيو

باقي دنيا ٿي دربانُ.

عشق ۾ تدبيرن جو ڪو چارون نه هوندو آهي. حضرت علي رضه جو قول آهي ته: ”ڪڏهن ڪڏهن انسان جي ڪيل تدبير هن لاءِ تقدير بڻجي ايندي آهي.“

واقعي، ائين به ٿيندو آهي جو موت کان بچڻ لاءِ ورتل تدبيرون ئي موت جو سبب بڻجي پونديون آهن. عابد به اهڙو ئي اظهار ڪري ٿو ته:

•       اهو ئي ڏٺو سي ڪري هربار تدبير

ته تدبير حاصل نه هڙڪابه ڏي ٿي.

محبت جي جذبن کي جنهن خوبصورت انداز ۾ عبدالغفور عابد بيان ڪيو آهي. اهو لهجو دل ۾ ڇڀندڙ ۽ محسوس ڪرائيندڙ آهي. هيٺين شعرن ۾ اهڙا احساس، نهايت سادي، مگر پُر اثر نموني ۾ ملن ٿا.

•       ڪنهن جو پيار وساري ڇڏجي

تنهن کان پاڻ کي ماري ڇڏجي

•       يار تي سونهن تهمت نه ڪا

سارا الزام بدنام تي.

•       دور نه ٿي دل کان هڪ دم لاءِ

پوءِ جيئنداسين ڪهڙي ڪم لاءِ.

•       حياتيءَ کي چئبو ته جلدي گذر

اوهان بعد جيئڻ جي حسرت ڪٿي آ.

•       تنهنجا عاشق جيڏانهن ٿي ويا

سور به سارا تيڏانهن ٿي ويا.

عبدالغفور عابد جو اظهاري انداز نهايت سادو ۽ اسان اهي هُن جو فڪر، نظريت ۽ ازمن بدران، احساساتي ۽ وجداني ڪيفيتن تي ٻڌل آهي. اهائي هن جي انفراديت به آهي، جنهن ۾ هُن جي ذاتي مزاج جو رنگ به شامل آهي. هن جي تخليقن ۾ ڪٿي به رعب جي جهلڪ نظر ڪانه ٿي اچي. هن جو لهجو نهايت ٿڌو ۽ نرم آهي، جنهنڪري سندس ڪاوڙ يا احتجاج ۾ به ڪڙاڻ يا تلخي ناهي، جيئن هي شعر پڙهو:

•       دير سوير برابر ٿئي ٿي

ظالم لاءِ تباهي آهي.

ڪافي عرصي کانپوءِ عابد جڏهن وري شاعريءَ ڏانهن موٽيو آهي ته اظهار جا انداز ۽ لهجا تبديل ٿي ويا آهن. پڙهندڙ بدلجندڙ روين ۽ نئين دور جي گهرجن مطابق تخليق جي طلب ڪن ٿا شعرن ۾ عڪسن، تشبيهت، استعارن ۽ ٻين جمالياتي عنصرن جي اڻاٺ جي باوجود، عابد جو احساساتي ۽ جذباتي اظهار اهڙو پختو ۽ خوبصورت آهي جو شعر پڙهڻ مهل ٻين شعري ضرورتن جو احساس نٿو رهي. اها شاعر جي اظهار ۽ خوبي ليکبي جو هو پنهنجي ئي انداز سان (جيڪا سندس انفراديت آهي) پنهنجي دل جي ڳالهه کي بهتر نموني ۾ چوڻ جو ڏانءُ رکي ٿو ۽ سندس اندر جو آواز اسان کي پنهنجو لڳي ٿو.

 

ادل سومرو

12 مارچ 1995ع

واري تڙ سکر

 

1-

صبر ته ڪر سولو ته ڏسان مان توکي

لڙڪن مان جو صاف نظر نه اچين ٿو.

 

آيو آهين ڪيڏي دير ڪري ڏس

دلبر تون ائين جلدي ڪاڏي وڃين ٿو.

 

اوسيڙو بي موت اسان کي ماري

ايڏو تون به سڄڻ ڇو دور رهين ٿو.

 

آءٌ جنهن جاءِ هجان، جنهن حال به پيارا،

مون کي ياد اچين ٿو، ياد رهين ٿو.

 

يار دعا ٿئي ۽ لک وار اٿئي سا

تون خوش شان هجين جنهن جاءِ هجين ٿو.

 

منهنجي روح، جگر، دل منجهه وسين ٿو

هڪ دم لاءِ ڇڏي ئي ڪاڏي نه وڃين ٿو.

 

خواب خيال سڀئي، ويچار سمورا

سڀ تي پنهنجو قبضو ڪيئن ته ڪرين ٿو.

2-

دنيا جو دستور عجب ڏس

جيڪو آيو سو گذري ويو.

 

جن پيارن دل کي وندرايو

تن پيارن مان روح رچي ويو.

 

دنيا جو سڀ فڪر فنا ٿي

دور صفا دل کان نڪري ويو.

 

هو ياد آيو، ايئن ياد آيو

مون کان باقي سڀ وسري ويو.

 

”عابد“ جي ڇا ڀاڳ ۾ آئين

هي قسمت جو سڪندر ٿي ويو.


 

3-

دل تي ظلم ستم جي آيا

راس قدم به قدم سي آيا.

 

روح رهيو آباد به، شاد به

ڇا ٿيو غم جي غم تي آيا.

 

هر ڪنهن عرض، نئين کان اڳ ۾

سامهون سئو ته شرم ٿي آيا.

 

هن جي ياد جڏهن ڀي آئي

هن جا ياد ڪرم ٿي آيا.

 

درجا درد الم تي آيا

سک ته سُٺا پر ڪم هي آيا.


 

4-

دل ۾ ديرا تنهنجا پيرا

مفت رلياسين ڪيڏو هرسُو

 

چنڊ ستارا سڀ ويچارا

تو خيرات ڏني جن کي ضو

 

ڇا بي نيازي! ڇا دلداري!

تو سان آهي تنهنجي خوءَ بوءَ

 

تنهنجو چشم آ چشمِ آهو

مشڪ عنبر جيئن تنهنجي خوشبوءَ

 

حسن سمورو توتي پورو

گل تنهنجي رنگت سان گلرو.

 

5-

دل جي صاف گواهي آهي

هي ڪنهن شاهه جي شاهي آهي.

 

سوئي هڪڙو خالق مالڪ

سوئي اوهي واهي آهي.

 

هڪ اڌ پل جي ساهي آهي

هرڪو عدم ڏي راهي آهي

 

دير سوير برابر ٿئي ٿي

ظالم لاءِ تباهي آهي.

6-

لکون جيڪو، سوچيون به جيڪو

لک عنوان، تون هڪڙو مضمون

 

خبر ناهه هي عشق ڇاهي

مگر دل جو مطلب رڳو تون

 

اسين قول ڪوڙا شروع کان

شرم کان ڪڇون ڪجهه نه واتئَون

 

ڪري ڳالهه ڪهڙي سگهن سي

جنين بيوسن کان ته سڀ ويون

 

اوهين دستگيري ڪريو خود

اسان جو ڏسي حال هيڻو.

7-

ير! لنو لنو ۾ جا لڳڙي لات

تنهن نه محبت ڪا کاڌي مات

 

ڏينهن ڏکيو، ٻي انڌيري رات

سو گهائي وئي گهاتن جي گهات

 

چار پهر ڳالهين جا ٿي ويا

ڪا وائي آئي، نه آئي وات

 

ڪا جيڪا بخشي ڏاتر ڏات

ساري ڪونه سليسين سا بات

 

ترت هلڻ جي جت هيڏي تات

اُت هيريون ڪيئن هينئون هيهات

 

سر تي دوري جا قهري ڪات

ڇا پڄندو جي اهڙا حالات

 

وقت جٽاءُ، نه ڪو ويهڻ وس

غير ثابت ڪري ڇا اثبات

 

دل کي بخشي سورن سوغات

عشق ۽ الفت واري عادات

 

اطمينان، سڪون ڏٺو قلب

منجانب الله جي آيات.

 

8-

حياتي مان انسان ايندا ۽ ويندا

دلين جا به مهمان ٿيندا ۽ ويندا

 

محبت جا ارمان ايندا ۽ ويندا

شب و روز آسان ٿيندا  ۽ ويندا

 

عنايت جا سامان ايندا ۽ ويندا

۽ دردن جا درمان ٿيندا ۽ ويندا

 

اسان جهڙا نادان ايندا ۽ ويندا

انهن جا نگهبان ٿيندا ۽ ويندا

 

اسان جا جگر جان ايندا ۽ ويندا

نوازش جو نيشان ٿيندا ۽ ويندا

 

مگر دوست منهنجا! توجهڙا به مشڪل

اسان جا قدردان ٿيندا  ۽ ويندا


 

9-

پڙهي غم، خوشي جا سمورا ئي باب

اوهان تي ڪيم ختم دل جو ڪتاب

 

علامت به احسان مندي جناب!

نذر آهه تحفي ۾ هڪڙو گلاب

 

ڪرم جو به تو وٽ نه آهي حساب

اِنهيءَ خوش ادائيءَ جو ڪهڙو جواب.

 

وجود ئي سڄو جنهن جو مثلِ حباب

اُنهيءَ جي اجائي سڄي آب تاب

 

خيالن ۽ خوابن خبر ۾ خراب

سو ڪهڙا ڪندو ڪم به سولا صواب

 

ڪو پورهيو نه پورهيي به جهڙو پڳو

پوي پوءِ آخر ڀلا ڇا ته صاب.

 

10-

هي انڪار، اقرار، تنهنجا ته دلدار!

اِهي اصل ۾ سڀ محبت جا آثار

 

سجايا سڀئي حڪم، آرا، آزار

بره جي ته باتين منجهان ڪجهه نه بيڪار

 

پڪي مس سان دل جي پٽي تي لکيا ٿئون

ٻڌائڻ نه جهڙا لکين ذڪر اذڪار

 

محبت بنا هن جهان کي ڪندين ڇا؟

خريدار سان آهه بازار سرڪار!

 

اسان کي ڏسي يار بيڪار بيڪار

خبر ٿئين ڪڏهين ڇو نه بيزار بيزار

 

ٿِئي ڪِٿ اسان جي ته معافي نه مشڪل

بڻايو اِنهي فڪر بيمار بيمار

 

نه اعمال، ڪو حال، ڪا ڳالهه آڌار،

اسين ته به طلبگار، تو ۾ طمعدار.

11-

محبت تمنا، محبت خدا آ

انهيءَ لاءِ جو زندگي ئي اها آ

 

حياتي وڃائي اجاين ڪمن ۾

اسان جي اها مختصر ماجرا آ

 

ڪري جو سگهين تون ته سارو ڪرم ڪر

فقيرن جي هاڻي اها ئي صدا آ

 

اسان کان ته پنهنجا ئي وعده به وسريا

تڏهن ئي ته همت نه حجّت صفا آ

 

جا نعمت به آهي سا تنهنجي عطا آ

جا تڪليف آهي سا منهنجي خطا آ

 

ڪري ڇا انهن کي ڪندي هاڻ دنيا

ڪرم جن تي تنهنجو بنهه بي حساب آ

12-

پنهنجا بي حد ڏوهه ڏسون ٿا

۽ تنهنجا احسان ڏسون ٿا

 

وصل ڪٿي آسان ڏسون ٿا؟

در کي ڏسي دربان ڏسون ٿا

 

سوچي سوچي جاچي جاچي

خود کي نپٽ نادان ڏسون ٿا

 

اڻ پورا ارمان ڏسون ٿا

سورن جا سامان ڏسون ٿا.

 

زنده آهيون خير خوشي سان

توکي منهنجي جان! ڏسون ٿا

 

نئين مشڪل هر آن ڏسون ٿا

خطري ۾ ايمان ڏسون ٿا.

 

داد دهش لک دان ڏسون ٿا

شاهي تنهنجو شان ڏسون ٿا.

 

جيڏا ويهي عرض ڪياسين،

اوڏائي امڪان ڏسون ٿا.

13-

ذڪر ڪيوسين، فڪر ڪيوسين

صبر ڪيوسين، شڪر ڪيوسين.

 

عشق ڪيوسين، قهر ڪيوسين

خير لکيل هو، امر ڪيوسين

 

ڏوهه ڪياسين، عذر ڪيوسين

خوف ڪيوسين، حذر ڪيوسين

 

جو به مليوسين، قدر ڪيوسين

امرت هرڪو زهر ڪيوسين

 

تنهن نه ذرو به زيان ڪئي دل

جنهن دلبر تي فخر ڪيوسين

 

شب کي آخر سحر ڪيوسين

چين وڃي وچ قبر ڪيوسين.

 

دل جي هڪڙي دلبر خاطر

دشمن سارو شهر ڪيوسين.

 

ڪجهه نه هياسين، ڪجهه به نه آهيون

ماڻهو هن جي مهر ڪيوسين.

 

14-

حيراني ۾ حيران آهيون

ايڏو نوازيئين، ايڏو نوازيئين

 

وات ته وائي آهي اِهائي

ڪيڏو نوازيئين، ڪيڏو نوازيئين

 

پاڻا سڏيائين پيار منجهارا

جيڏو ڀڳاسين، تيڏو نوازيئين

 

تِنهنجي لائق ڪاٿي هئاسين

حد کان بيحد جيڏو نوازيئين

 

هرڪو بڇڙو، ميرو نوازيئين

ڏسندو نوازيئين، تيڏو نوازيئين

 

مطلب هوس نوازڻ سان ڪو

تيڏو نوازيئين، ميڏو نوازيئين.


 

15-

سڄڻ يار، دوست، اي دلدار، دلبند

ازل کان ئي تنهنجا اسين آرزومند

 

پراڻي ڪا هئي آشنائي، ڪم آئي

سڃاڻي اوهان کي وڌا پيار پيوند

 

سوا عشق جي ڪجهه نه حاصل ڪيوسين

نه دنيا جي ڪم جا، نه قابل هنرمند

 

نه ڪا روڪ تو وٽ اچڻ کان جهليندي

هجن ڀل سڀئي گس، گهٽيون بند، در بند

 

لڳي تنهنجي هر ڳالهه گفتار گلقند

ڪيئي قلب قابو صفا ائين نطربند

 

انهن عاشقن تي ميارون به ڪهڙيون

مليون عشق جي لاءِ جن کي گهڙيون چند.


 

16-

مريضِ محّبت وڃي جان بلب ٿيو

انهيءَ جو اچانڪ خبر ڇا سبب ٿيو

 

حق عاشق جو هر هڪ زماني غضب ٿيو

مگر ڪونه هي با ادب بي ادب ٿيو

 

جدائي جا ٿي سو سراسر غضب ٿيو

مگر هونءَ قصو پيار جو سڀ عجب ٿيو

 

گنهگار ٿي ويا گناهن مان بيزار

مگر معاف ڪندي نه بيزار رب ٿيو

 

اسان جو طريقو جو عيش و طرب ٿيو

انهيءَ جي نتيجي ۾ غيض و غضب ٿيو

 

ڪئي توبه سو بار لک جرم ته به ٿيو

۽ ساڳيو تماشو اِهو روزو شب ٿيو


 

17-

ملاقاتِ آخر جي هِمّت ڪٿي

انهيءَ سخت صدمي جي طاقت ڪٿي

 

نه اوٺي، نه اُٺ، جت نه جاني، نه جت

رسايو اسان کي محبّت ڪٿي

 

هليو دوست وڃجان ڪو دلبو ڏئي،

جو وعدن وعيدن جي مهلت ڪٿي.

 

گهڻو ڪجهه چوڻ جي به ڪوشش نه ڪج

انهيءَ مهل اهڙي اجازت ڪٿي.

 

ڪڏهن ڪونه ويندا وڃڻ کان جهليم

جو منٿن ۽ ميڙن جي عادت ڪٿي.

 

سدا جا توّڪل جي ترهي تڳي

انهيءَ دل کي هجّت جي عادت ڪٿي.

 

حياتي کي چئبو ته جلدي گذر

اوهان بعد جيئڻ جي حسرت ڪٿي.

18-

محّبت جو ماتم کڻي ڪِٿ وڃون

جبل جيڏو هي غم کڻي ڪِٿ وڃون.

 

هليا جي وڃون ڀي، ته ڪاڏي وڃون

اِهي غم اڳيان ايندا جاڏي وڃون

 

وڃون ٿا ته هي غم وڃڻ ڪين ڏين،

ويهون ٿا ته هلڪا به ڪنهن پر نٿا ٿين.

 

ڪلهي تي وڏا بار ڀاري رکيا

سڀئي سلسلا جام جاري رکيا.

 

سهڻ سان اِهي بار سهنجا به ٿيا

اِهي غم رهي دل ۾ پنهنجا به ٿيا

 

سنڀالي نباهيو اسان درد سان

حياتي ڏيئي ان جهان گرد سان.

19-

اِنهيءَ امر جي خاطري آ حضور

ته آخر ملاقات ٿيندي ضرور

 

هي جيڪا جدائي ٿي تنهن منجهه يار!

اوهان جو قصور آ نه منهنجو قصور

 

حياتي عجب جنهن جي هر ڳالهه عجيب

متان دل کي لاهيو، متان ٿيو ملور

 

وفا تي ازل کان دلين جو مدار

نه ويجها ئي ويجها نه ڪي دور، دور

 

گهڙيون گڏ گذاريل سي وسرن نه مور

سدائين رکيئون روح منهنجو رنجور

 

اوهان سان ئي آهي سکن ۾ سرور

جدا ٿي بلاشڪ اِهو ٿيو شعور.

20-

پيارن جي ۽ يارن جي جدائي ۾

رهيس مايوس پنهنجي نارسائي ۾

 

ڪڏهن پرديس ۾ تسڪين آئي ڪا،

ته آئي هئي اها ڪنهن حال ڀائي ۾.

 

سڄو احوال جو معلوم پنهنجو ٿيو

سو پنهنجي شاعري نغمه سَرائي ۾.

 

وڏي معافي گنهگارن جي لئه آهي

پڇا هوندي سموري پارسائي ۾.

 

خدا سان واسطو ماڻهو جو گهٽجي ويو،

زماني جي گهڻي هنگامه آرائي ۾.

 

خيال و جواب جي دنيا اجائي هئي،

ملي جا شئي سا جذبن جي سچائي ۾.

21-

اميدون سلامت رکون، صبر پاليون،

گهڻيون هڪڙي دل منجهه ڳالهيون سنڀاليون؟

 

حياتي جو نازڪ سڄو کيل، ناٽڪ

نوان سانگ ڪهڙا اُٿي ٻيا رچايون

 

ڪلهوڪيون، اڄوڪيون، سڀاڻي جون ڳڻتيون،

ڳڻڻ کان چڙهي ويون سي پنهنجون پرايون.

 

پراون کي ٺاهيون يا پنهنجن کي چاهيون،

اسان ئي هلايون اسان ئي نڀايون.

 

اسان بخت جون جي ڏٺيون بادشاهيون

انهيءَ جون ڀلايون ڀلا ڪيئَن ڀُلايون؟

 

سدا خوش هجين شل اسان جا پيارا

اسان هاڻ محفل نئين ٿا سجايون.

 

نئين ڪا ئي منزل ٿا ڳوليون نظر لئه

نئين ڪنهن سفر تي ٿا دل کي هلايون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org