سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پرهه ڦٽيءَ جا ماڪ ڦُڙا

باب

صفحو :7


آنءُ نه ڄاڻان،

نفرت ڇاهي،

محبت منهنجو مانُ!!

 

آنءُ نه ڄاڻان،

شهرت ڇاهي؟

گمنامي آهه شان!!

 

آنءُ نه ڄاڻان،

سياست ڇاهي؟

حَقَ ڌڻي ڏين ڌيان!!

 

آنءُ ته ڄاڻان،

سونهن سڃاڻان،

عشق نه آ آسانُ!!


 

 

ٻولَ سياڻا!!

آنءُ نه ڄاڻان،

ٻولَ سياڻا!!

 

مون وٽ جذبا جذبا آهن،

ڪي به بهانا حربا ناهن،

 

ماڻا ٽاڻا!!

آنءُ نه ڄاڻان،

ماڻا ٽاڻا!!

 

سوچون سپنا خوابَ اَڌورا،

ڀَورا ڀَورا چُورا چُورا،

 

سي به پُراڻا!!

آنءُ نه ڄاڻان،

سي به پُراڻا!!

ٻولَ سياڻا!!


 

 

 

جڏهن دل نه چاهي!

ته چاهت ڪبي ڇا؟

محبت ڪبي ڇا؟

شڪايت ڪبي ڇا؟

وضاحت ڪبي ڇا؟

جڏهن دل نه چاهي!

مِلي ڇا ڪنداسين؟

کِلي ڇا ڪنداسين؟

اجايو اجايو،

جلي ڇا ڪنداسين؟

جڏهن دل نه چاهي؟

وفا ڇا ڪندي؟

ادا ڇا ڪندي؟

وسن نيڻ جاتي،

گهَٽا ڇا ڪندي”

جڏهن دل نه چاهي!

جڏهن دل نه چاهي!

 


 

 

 

ماڻهن کي ڇو مارين ٿو؟

جيون سڀ کي گهارڻ ڏي.

 

تنهنجيءَ مٺ ۾ امن اسانجو،

واپس ڪنهن جي ڪارڻ ڏي!

جيون سڀ کي گهارڻ ڏي

 

باهه نه هوندي ڀڙڪو ڇا جو؟

ٻارڻ کي ئي ٻارڻ ڏي!

جيون سڀ کي گهارڻ ڏي

 

ٻوٽيءَ لئه ٿا ٻڪرا ڪُسجن،

ڌڻ ڌنارن ڌارڻ ڏي!

جيون سڀ کي گهارڻ ڏي

 

ڇا ڇا سنڌڙيءَ سُور سَٺا،

ساروڻيون ڪجهه سارڻ ڏي!

جيون سڀ کي گهارڻ ڏي!


 

 

 

ذاتِ زوراور ڪاٿي آهين؟

ڏاتِ ڏنگي ٿي تون جي ناهين!

 

 

جو به لکيا مون گيت سدائين،

توبن ڪهڙي ڪم جا سائين!

 

 

ڏينهن لنگهي ويو، رات ستائي،

ياد ٿي تنهنجي، ننڊَ ڦِٽائي.

 

 

چوڏهين جو آ چنڊ گواهه!

اُٿلان پُٿلان پاسا وَرائي.

 

 

توکي آخر ڪير ٻڌائي؟

توکي آخر ڪير ٻڌائي؟

 


 

 

 

 

ڪجهه ترسُ اڃان،

ڪجهه ترسُ اڃان،

اهڙي ڪهڙي جلدي آ؟

 

 

هن ڌرتي تي ڪجهه رهڻو آ،

ڪجهه ڏسڻو آ ڪجهه ٻڌڻو آ،

هن ڌرتيءَ تي ڪجهه سهڻو آ،

ڪجهه جِئڻو آڪجهه مرڻو آ،

ڪنهن ڪڪر جيان پڻ وسڻو آ،

 

 

ڪجهه سرسُ اڃان

ڪجهه ترسُ اڃان،

اهڙي ڪهڙي جلدي آ؟


 

 

 

 

اڃان رات جو هڪ به مَسَ ٿو ٿئي،

سُمهان ٿو ته در ڀي ٿو کڙڪڻ لڳي

 

 

جڏهن آءُ ٻاهر وڃي ٿو ڏسان،

ته در تي سپاهي نظر ٿو اچي.

 

 

جڏهن هٿڪڙيون ٿيون هٿن ۾ پون،

اِهو خيال دل ۾ اچڻ ٿو لڳي.

 

 

منهنجا شعر مون کي ٻڌائڻ لڳا،

منهنجو فن به مون کي ٿو مارڻ اچي.

 

 

وري سوچ ساڳي اُها ئي ”نصير“،

مَران يا بچان پر فڪر فن بچي.

 


 

 

قربتون سڀ،

صحبتون سڀ،

محبتون سڀ،

نِسبتون، توتان سڄڻ واري ڇڏيان،

من ائين، ٻيڙو ٻڏل تاري ڇڏيان.

 

دلربائون،

سڀ وفائون،

سي ادائون،

۽ صدائون، سڀ سڄڻ واري ڇڏيان

مَنَ ائين، ٻيڙو ٻُڏل تاري ڇڏيان

 

حال پنهنجو

مال پنهنجو،

خيال پنهنجو.

شال پنهنجو، سڀ سڄڻ واري ڇڏيان،

مَنَ ائين، ٻيڙو ٻُڏل تاري ڇڏيان

 

زندگيءَ جي،

بندگي جي،

دل لڳي جي

هر گهڙي توتان سڄڻ واري ڇڏيان

مَنَ ائين، ٻيڙو ٻُڏل تاري ڇڏيان


 

زندگيءَ ۾،

بندگيءَ ۾،

هر گهڙيءَ ۾ تون ئي آهين تون رڳو!

تون ئي آهين تون رڳو!

دوستيءَ ۾،

دشمنيءَ ۾،

دلبريءَ ۾، تون ئي آهين تون رڳو!

تون ئي آهين تون رڳو!

آسمان ۾،

دوجهان ۾،

هر سمان ۾ تون ئي آهين تون رڳو!

تون ئي آهين تون رڳو!

ابتدا ۾،

انتها ۾،

هر صدا ۾ تون ئي آهين تون رڳو!

تون ئي آهين تون رڳو!

ها هوا ۾،

يا خلا ۾،

بي بها ۾ تون ئي آهين تون رڳو!

تون ئي آهين تون رڳو!

جوش ۾ تون،

هوش ۾ تون،

دوش ۾ ڀي تون ئي آهين تون رڳو!

تون ئي آهين تون رڳو!


 

 

 

سوچ به آهي ڪهڙي شيءِ؟

موسم جيان بس! ڦرندي آ!

وَس ۾ مُور نه هوندي آ!

 

ٻالڪ پَڻ کان جوڀن تائين،

رستن تي ڄڻ رلندي آ،

وَس ۾ مُور نه هوندي آ!

 

پوڙهپڻي ۾ پختي آ پر،

مُور نه ڪم جي رهندِي آ.

وَس ۾ مُور نه هوندي آ!

 

ڊپ ڊاءُ هجي يا لالچ ۾،

ٿي ميڻ جيان سا مڙندِي آ،

وَس ۾ مُور نه هوندي آ!

 

پاڇن پويان ڀڄندي ڀڄندي،

سوچ به ٿڪجي پوندي آ،

وَس ۾ مُور نه هوندي آ!


  

قطعا


 

 

ڄاڻ جهڙي آ پکين کي مِينهن جي

عاشقن کي آ سُڃاڻپ نِينهن جي!

 

حُسن ڏاڍي ذات ظالم ڏيهه ۾،

ڪا نظر نازڪ به جهڙي شِينهن جي.

 

بادشاهي بادشاهي آ ”نصير“.

ڀل کڻي! ڪنهن کي ملي هڪ ڏينهن جي.

*

 

حادثن جي زد ۾ پل پل زندگي!

حالتن ۾ مد مقابل هر خوشي!

پيٽ ڀرجي يا نه ڀرجي پيار مان،

پر نگاهن جي اُهائي تشنگي!

*

 

سُکن جي صدي کي به اچڻو زوال،

غمن جي گهڙي ڪا رهي بي مثال،

غلاميءَ جو دل تي اثر آ عجيب!

ٿئي ڪونه پورو اچي جو خيال.

*

 

وارِيءَ ۾ ائين ئي وِڌم آڱريون،

ڏٺم تنهنجي ٺهندِي ته تصويرَ وئي!!

انهيءَ بي خوديءَ ۾ خبر ڪانه پئي،

ٺهِي يار! منهنجي به تقدير وئي.

*

 

ڪوئي راز ٻيهر ٻُڌائي نه سگهبو،

ڀَورائي ۾ سڀڪجهه ڀُلائي نه سگهبو،

اڃان نفرتون ڪي دلين مان نه نڪتيون،

مِليو هُو ته، هٿ ڀي ملائي نه سگهبو!

*

 

ڏکيو حال دل جو، بيان ٿي نه سگهندو،

لکڻ سا چوڻ سان، عيان ٿي نه سگهندو،

گهِڙِي ڏِس! اندر ۾ گهڻا گهاوَ آهن؟

ٻُڌڻ سان غمن جو، گمان ٿي نه سگهندو!

*

 

اکين سان ڏسان ٿو، اکين سان ڏسان ٿو،

ڪنن سان ٻڌان ٿو، ڪنن سان ٻُڌان ٿو

هِتي هر زبان کي، ڪيو بي زبان ويو!

تڏهن چپ رهان ٿو، تڏهن چپ رهان ٿو.

*

 

دنيا چئبي ناٽڪ رنگُ!

ڪوڙو جنهن جو هڪ هڪ ڍنگُ!

رشتا ناتا نانگن جهڙا،

مُرڪِي مُرڪِي هڻندا ڏنُگ!

*

 

دل جي پوري آرزو ٿيندي ڪڏهن؟

گڏ هجين تون گفتگو ٿيندي ڪڏهن؟

هَڻ هَڻان هيڏِي حياتي ۾ اڃان!

پوري آخر جُستجو ٿيندي ڪڏهن؟

*

 

ڪجهه ته پرين ڏَسِ! ڇا ٿو چاهين؟

منهنجو يا ڪنهن ٻئي جو آهين؟

ٻيا به هزارين هوندا سُهڻا،

منهنجي مَن جو تون ئي سائين!!

*

 

توبن منهنجو جيءُ جهُري،

جيئن بَٺِيءَ ۾ باهه ٻَري.

دل نه اڳي هئي اهڙي يار،

اٿندي ويهندي آهه ڀري!

*

 

دوکي جو ٿو دور هَلَي!

ظالم جو آزور بَلَي!

سوچن ۾ تون ساجن سائين،

ٿر ۾ جهڙو مَورُ ٽِلي!

*

 

ماءُ! جڏهن ڪا رئندِي آ،

عرش لوڏڌائي وِجهندي آ!

روز شهر جي شام اُهائي،

شامِ غريبان لڳندي آ!

*

 

تون اڪيلو وئين ڇڏي ڪنهن موڙ تي

مان به جاڳي ڄڻ پيس ڪنهن گوڙ تي

زندگي آسان، ٿي مشڪل وئي!

پيار پهتو، ئي نه پنهنجو توڙَ تي.

*

 

سڀ پُراڻا واسطا واپس ڪجانءِ

گڏ رهڻ جا واعدا واپس ڪجانءِ

ڇڏ بهانن کي بيان هر هر نه ڪر!

بيوفا! منهنجي وفا واپس ڪجانءِ.

*

 

گل سڪل خوشبوءِ بنان گلدانَ ۾،

سٽ جهلي سگهندا نه سي طوفانَ ۾

سونهن کي سينگار جو پابند نه ڪر

جا لڳي سهڻي سُٺي هر آن ۾!

*

 

الائي ڇو اڃان ماضي وساريان پر نٿو وسري،

ڏکيو پل پل پرين توبن گذاريان، پر نٿو گذري!

اُهي راتيون اُهي ڏينهڙا، ڀلي! گذريا هجن جهڙا،

نئين سر نئون سورج اُڀاريان، پر نٿو اُڀري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org