سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پرهه ڦٽيءَ جا ماڪ ڦُڙا

باب

صفحو :6


وايون

 

 

دل ڇو جلدي، ٿي قبولي هر اثر،

پاڻَ کي پَل پَل پُڇان!

 

ڪائي سوچڻ ۾ ڇَڏِي ناهي ڪسر،

پاڻَ کان پَل پَل پُڇان!

 

ڇو؟ زبان اهڙِي هُجي، چيري، جگر،

پاڻَ کان پَل پَل پُڇان!

 

ڇو؟ واجهايان، شامَ جو پويون پهر،

پاڻَ کان پَل پَل پُڇان!

 

 

واهُلي سان ڪاٺُ واڍو ٿو گهَڙي،

ڪو اِيئن ڪنهن سان ڪَري.

 

 

ڪو مڻيو موتي سونارو ٿو جَڙِي،

ڪو اِيئن ڪنهن سان ڪَري.

 

 

ڪو ٻُڌِي واعظ اٿيو دامن جهَڙي،

ڪو اِيئن ڪنهن سان ڪَري.

 

 

آبُ اکڙين مان پيو ڪنهن جو ڳڙي

ڪو اِيئن ڪنهن سان ڪَري.

 

 

ساڙَ ۾ ڪوئي سَڙي،

هِيءُ به ڪنهن جو حَقُ آ؟

 

 

ڪو نه عادت کان مُڙي،

هِيءُ به ڪنهن جو حَقُ آ؟

 

 

گهَرَ مان آيلَ کي تَڙي،

هِيءُ به ڪنهن جو حَقُ آ؟

 

 

ڪو نه ڪنهن وٽ ڪو لڙي،

هِيءُ به ڪنهن جو حَقُ آ؟

 

 

ڪو سَڏي، ڪنهن کي اَڙي،

هِيءُ به ڪنهن جو حَقُ آ؟

 

 

ڪِرڙَ پٽيون ڪاڏي ڪيان؟

دورُ اَڄوڪو ٿو پُڇي!

 

 

اوڏڪيون ڀِتيون ڪاڏي ڪيان

دورُ اَڄوڪو ٿو پُڇي!

 

 

ميرَ مِٽيون ڪاڏي ڪيان؟

دورُ اَڄوڪو ٿو پُڇي!

 

 

هنڌَ رِليون ڪاڏي ڪيان؟

دورُ اَڄوڪو ٿو پُڇي!

 

 

دِلا دِليون ڪاڏي ڪيان؟

دورُ اَڄوڪو ٿو پُڇي!


 

 

وِسوسا ۽ وهمَ دِل جا ويا وَڌِي،

قومَ جو ٻيڙو ٻُڏل اهڙو ڏِسي!

 

 

واٽَ وئي کَسجِي اڃان هُئي مَسَ لَڌي،

اقليتن ۾ ٿو ڏسان ڏاڍي ٻَڌِي.

ڪوسِي ماني ٿي کپي موسم ٿَڌِي.

ڌار پنهنجي ديڳڙي هر ڪنهن رَڌِي.

 

 

مَنُ آ ماندو،

مو به نه ڄاتو!

آخر ڇاجي ڪاڻ؟

 

 

نيٺ سبب ڪو هوند،

اندر اُهوئي آتو!

آخر ڇاجي ڪاڻ؟

 

 

ڌرتيءَ منهنجو رِشتو،

نِنهنَ نرالو ناتو!

آخر ڇاجي ڪاڻ؟

 

 

جو ڊِڄي سوئي چوي پرپٺ بُرو،

ڪنهن نه ڪنهن ڪانئر جيان!

 

 

جو ڪري ڳالهيون گهڻيون، ڪم کان ٻَرو

ڪنهن نه ڪنهن شاعر جيان!

 

 

جو لِڪي ڪُکِ ۾ پيو گهونپي ڇُرو،

ڪنهن نه ڪنهن هائر [1] جيان!

 

 

مُنهن مُنافق جو سدا، دانگيءَ تَرو،

ڪنهن نه ڪنهن شاطر جيان!

 

 

کوکِلا نعرا هَڻي، ڪاڏي ويا؟

انقلابن جا ڏيکاري خواب ڪي!

 

 

سي سهارا سبڀ کَڻِي ڪاڏي ويا؟

سي نڌِڻڪن جا ڌَڻي، ڪاڏي ويا؟

باتِ جو ڪانهي بَڻي، ڪاڏي ويا؟

ڀل! کڻي برسي ڪَڻِي، ڪاڏي ويا؟

ڳالهه جن جي مَسَ وَڻِي، ڪاڏي ويا؟

 

 

 

ماءُ جي ممتا پئي ڇوليون هَڻي،

ٻارَ رستن تان پنا ميڙن پيا!

 

معاشري کي ڪيئن آخر ٿو وڻي،

ٻارَ رستن تان پنا ميڙن پيا!

 

ڄڻ ڪچَو ميوو پيو وڻ جو ڇَڻي،

ٻارَ رستن تان پنا ميڙن پيا!

 

انگُ ڌرتي ٿي يتيمن جو ڳَڻِي،

ٻارَ رستن تان پنا ميڙن پيا!

 

ڇا ڀلا! جيجل وَرِي ٻيهر ڄَڻي،

ٻارَ رستن تان پنا ميڙن پيا!

 

باتِ ڪا جنگِ سا نٿي هرگرز بَڻي،

ٻارَ رستن تان پنا ميڙن پيا!


 

 

سجُ ڏمر ۾ ڪيترو آ؟

ڏونگر! ڏس تون ڏيهه کي

 

 

چنڊ ڇپر ۾ ڪيترو آ؟

ڏونگر! ڏس تون ڏيهه کي

 

 

اُڀُ نظر ۾ ڪيترو آ؟

ڏونگر! ڏس تون ڏيهه کي

 

 

پاڻي ڪڪر ۾ ڪيترو آ؟

ڏونگر! ڏس تون ڏيهه کي


 

 

 

 

گيتَ ۽ نظم


 

اڃان نه سمجهِي سگهياسين جيون!

عمر ٿي سارِي اُداسُ ڏِسجي.

لمحو لمحو ٿو حساسُ ڏسجي!

 

رڳو ڏٺوسين زمين ٽُڪرو.

اوجهول اڃان ٿو آڪاسُ ڏِسجي.

لمحو لمحو ٿو حساسُ ڏسجي!

 

سُڪون ڪنهن کان مِليو نه ڪنهن کي،

ماڻهو اُهو ئي ٿو ماسُ ڏِسجي.

لمحو لمحو ٿو حساسُ ڏسجي!

 

ڪِٿان مُحبّت اُڌار آڻيان،

دنيا ٿي نفرت ۾ ناسُ ڏِسجي.

لمحو لمحو ٿو حساسُ ڏسجي!

 

ٽِڙي ٽِڙي گلُ ڪومائجي ويو،

وٺِي به آخر ڇا واسُ ڏِسجي.

لمحو لمحو ٿو حساسُ ڏسجي!

 

دنيا ائين ئي ”نصير“ رهندِي،

ٿي آسَ، به جهڙي نراسُ ڏِسجي.

لمحو لمحو ٿو حساسُ ڏسجي!

 

 

ڪيئن سهين ٿي؟

ڪيئن سهين ٿي؟

منهنجي ڌرتي ماءُ!

 

 

هَيڏو سارو بار دنيا جو،

وڌندو وڃي ٿو ويتر سو،

چَيلهه چِٻي ٿئي تنهنجي ڪونه،

انت نه ڄاڻي تنهنجو ڪو،

 

 

ڪيئن رهين ٿي؟

ڪيئن سهين ٿي؟

ايڏو گهرو گهاءُ!

منهنجي ڌرتي ماءُ!


 

 

 

 

 

قبرَ ڪُٽيندڙ،

وياج وٺندڙ،

پائي پائي پٺاڻ جيان!

قرضُ اڳاڙي زندگي!

مون تي کِلي ٿي بيوسي.

هٿن پيرن سَگههَ سگهارن.

شڪل صورت وارن جي.

نيڻَ نظر ۽ خوب نظارن.

سوچن، خوابن، سپنن جي،

قيمت ڪيڏي آههِ ڀِري!

قرض اڳاڙي زندگي!

ڳوڙها ڳاڙي هر گهڙي!

مون تي کِلي ٿي بيوسي.


 

 

 

 

دل ۾ ڳالهيون کوڙ اڃان،

ٿيڻون ناهن توڙ اڃان.

چونديون، بڻجي چوڻيون ڪي،

لِکنديون، بڻجي لِکڻيون ڪي.

پنڇي بڻجي اُڏڻيون ڪي،

يادون بڻجي رهڻيون ڪي.

ٿيڻا آهن گوڙ اڃان.

دل ۾ ڳالهيون کوڙ اڃان.

ٿيڻو ناهن توڙ اڃان،

سمنڊ کان ساحلُ دُور اڃان،

حوس کان حاص دُور اڃان.

باغ کان بلبل دُور اڃان،

جهڙي منزل دُور اڃان،

ٿي نه شروع آ ڊوڙ اڃان،

دل ۾ ڳالهيون کوڙ اڃان،

ٿيڻيون ناهن توڙ اڃان.

 

 

 

 

مَلههَ ويڙهائي،

ڪُڪڙَ ويڙهائي،

تِتر ويڙهائي،

سُوئر، ڪُتا،

رڇ ويڙهائي،

ماڻهو ماڻهن ساڻ ويڙهائي،

دل وندرائي.

ورنه وڏيرو ڪيئن سڏائي؟

ورنه وڏيرو ڪيئن سڏائي؟

ورنه وڏيرو......................

 

ڊائلاگ جڏهن،

بي اثر ثابت ٿئي.

باهمي ميلُ جون جڏهن،

ختم ٿي وڃي.

اعتماد هڪٻئي تي جڏهن،

باقي نه رهي،

تڏهن جذبات جي،

گونِگي، بهري ۽ انڌِي،

ڪلاشنڪوف کڄي ٿي.

مخالف ڌريون هڪٻئي کي،

صفئه هستيءَ تان مِٽائڻ جي لا حاصل ڪوششون ڪن ٿيون.

نفرت جون سخت ڇيڻيون،

محبت جي مضبوط رشتن کي،

ٽوڙي ڇڏن ٿيون.

ان وقت اپيل جا مؤثر لفظ،

بي معنيٰ ثابت ٿين ٿا.

مسئلي جو حل ڳولڻ لاءِ،

ڪوٺايل ملڪي ۽ غير ملڪي ڪانفرنسون،

گناهه بي لذت ثابت ٿين ٿيون.

ها، مگر! هڪڙو حل آ؟

هڪٻئي ۾ مشترڪه ڳالهيون ڳوليون وڃن.

هڪٻئي جا باهمي مفاد ۽ فطري حَقَ تسليم ڪيا وڃن،

ته هِن ڌرتي جي اجڙيل بدنصيب باغ ۾،

سرءُ جي ناخوشگوار مند ۾ به بسنت جا وڻندڙ گل ٽِڙي ٿا سگهن.

 

 

آواز توانائي آ،

توانائي ڪڏهن ختم نه ٿيندي آ،

ان ڪري،

ڇورن ڇِنن ٻارن جون،

بيواههَ بي سهارن عورتن جون،

معزورن جون،

بيمارن جون،

قيد ۾ بند قيدين جون،

آهون ۽ دانهون به ختم ٿي نه سگهنديون.

ڪٿي نه ڪٿي رڪارڊ ٿيل ڪيسٽ وانگيان

وقت اچڻ تي اهي سڀ آهون ۽ دانهون،

ري ڪال (Re-Call) ڪيون وينديون.

ري ڪال(Re-Call) ڪيون وينديون.


[1]  هائر (HIRE) ڪرايه تي ورتل

.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org