سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پرهه ڦٽيءَ جا ماڪ ڦُڙا

باب

صفحو :5


پورا زمين تي پيرَ نه کَوڙِيا،

ڪيڏا رشتا ڪوڙا جوڙِيا.

 

پاڇن مُور نه پنڌ کُٽايو.

ماڳ ۽ رستا روز ٿي مَوڙِيا.

 

ٿورو کلي تو يار کيڪاريو،

خيالَ هوائن ۾ ٿي ڊَوڙِيا.

 

ڄاڻَ اجهو ڪو ڄَار ۾ ڦاٿو،

وارَ وري ڪنهن ٻيهر ڇَوڙِيا.

 

من ۾ بظاهر ماٺِ! ”نصير“،

دل ۾ دولابيءَ جا ڌوڙيا.


 

ڳالهه مان ڪو ڳالهڙو ٺاهي ويو،

گهرُ ڪچو هو تنهن ڪري ڊهي ويو.

 

دل لڳيءَ جي ديڳ چاڙهي ڪنهن غريب،

ڍَڪُ وري ڪو ٻيو اچي لاهي ويو.

 

آدمي ڏِسجي ته روئي ٿو اچي،

ڇا ٿيو جي لڙڪ هو واهي ويو.

 

دل پئي ٿُڏجي جِيئن رولو پٿر،

پر سهڻ وارو به ڌڪ ساهي ويو.

 

مان نه هوندس پوءِ خبر پوندي ”نصير“،

ڪو چريو ڪنهن کي ته ڇا چاهي ويو.


 

منهنجي دلڙي دلبر دلڙي،

ڇو ٿِي سوچين هر هر دلڙي؟

 

جنهن جي صحبت ڇانوَ جيان آ،

ڪا نه ڪيئي تِنهن واهر دلڙي.

 

ڪو ئي ٻُڌائي ڪاڏي وڃجي؟

کائي زمين تي ٺوڪر دلڙي.

 

پنهنجن بيشڪ ڏنڀ ڏنا پر،

ڌارين کان سي بهتر دلڙي.

 

گهارِ ائين جيئن چاهين ”نصير“،

برپا ڀل ٿئي محشر دلڙي.


 

ماڻهو وڪاڻو مال جيان،

ڪو ڪو وڻندڙ خيال جيان.

 

باقي ريتن رسمن ۾،

عِزت غيرت سوال جيان.

 

گرههُ غلاميءَ جو آ حرام،

ڪڪڙ به ڪمتر دال جيان.

 

پيٽَ ڀرين جا پوئتي پيرَ،

ڍؤ بِنان سڀ ڍالَ جيان.

 

جيون گذري ويندو ”نصير“،

باقي ماهه و سال جيان.


 

 ڏِٺو ڪنهن نظر ۾ اثر هو انوکو!

زِبان ريءَ چوڻ جو هنر هو انوکو!

 

وِکون پاڻ کڄجن ارادو ٻئي جو،

ڪيڏو سِڪَ ڀريو هي سفر هو انوکو!

 

اوسيئڙي ۾ پل پل جئي ۽ مري ڪو،

مِثل ڪنهن پٿر جي جگر هو انوکو!

 

پَڙاڏو هجي يا سر سراهٽ،

هوا ۾ به هن جو ذڪر هو انوکو!

 

مُحبت نه هئي پر رڳو غلط فهمي،

جڏهن هُن چيو هي حشر هو انوکو!

 

ڪڏهن سومري سان ملاقات ٿيندي؟

پُڇيو جنهن به هن کان عذُر هو انوکو!


 

وقتَ ساڳئي تي ڪِٿي ماتم هجي،

کل خوشيءَ جو ڪِٿ وَرِي عالم هجي.

 

ڪو چڱو چوکو ڪِٿي سَڏجي چريو،

ڪو چريو، دولت ڪري سالم هجي.

 

ڪنهن ته اک ۾ ٿي شرارت ئي ملي،

اک وري ساڳي ڪِٿي پُرنم هجي.

 

باغ ۾ پن- ڇڻ، ڪڏهن هوندو بهار،

سيرُ ڪر! ڪهڙي ڀلي موسم هجي.

 

تون نه آئين خيال تنهنجو ئي سَهِي،

روحَ کي راحت رڳو هر دم هجي.

 

واندڪائيءَ ۾ نه رهندو ڪر ”نصير“،

هن دنيا ۾ هِڪُ نه ٻيو پر ڪم هجي.


 

آرزو ۾ زندگي ڪٽجِي وئي،

سال ڪيئي ڄڻ عمر گهٽجِي وئي.

 

ڪم ٿيڻ جوڳو به ٿي مشڪل ويو،

ڪجهه ڪرڻ جي سگهه سڄي کسجِي وئي.

 

تون وئين وڇڙي ائين مون کي لڳو،

وقت جي هلندڙ سُئي رڪجِي وئي.

 

ڪو ڄمي ٿو، ڪو مري ٿو روز روز،

ياد ڪنهن ڪنهن جي رڳو رهجِي وئي.

 

ڏات ڪا يا، ڏانءُ مان ڄاڻان به ڇا؟

ڏکَ ڏنا ڪنهن شاعري لکجي وئي.

 

ڪو نٿو ڦيري سگهي قسمت ”نصير“،

جا لِکڻ واري لِکي لکجِي وئي.


 

ڏوهه ڪهڙو مان ڏيان تقدير کي!

ڏي دلاسو دلربا دلگير کي!

 

دل دُکي لئه ڪا دوا بيڪار آ،

تون ڀري سگهندين اچي هر جِهيرَ کي.

 

ريتون رسمون ڪم نه اينديون عشق ۾،

ڌاڳو ٽوڙي ٿو ڇڏي زنجير کي.

 

هڪ ڪَچو سُهڻيءَ گهڙو، اوندهه مٿان،

ڇو نه ڪو ڪهڪاءُ آيو سِير کي.

 

بُت پرستي ڇڏ کڻي هاڻي ”نصير“،

ٿو پيو پوڄين رڳو تصوير کي.


 

 

واٽ نه ڪا، منزل اڳيا آ سوجهرو،

بس! وکون کڄنديون وڃن ٿيون اڳڀرو.

 

 

ٿو وڻي سڀ ڪجهه دنيا ۾ دمبدم،

جي جيئڻ جو آ مرڻ جو حوصلو!

 

 

رشتا ناتا سڀ دنيا جا مطلبي

مطلبي ماڻهو ئي ماڻين ٿا مزو.

 

 

سِڪَ برابر سِڪَ گهُري ٿي موٽ ۾،

پَر ڪري هيئن ڪير سگهندو ڪيترو؟

 

 

گهرُ ڀلو اهڙو ڪبو ڪاڏي ڀلا؟

ڪو وڃي ڊاهي نظر سان اوچتو.

 

 

گڏ گذاريندي لنگهي ويا سال ڪي،

پر اڃان تون آهين مون لئه اوپرو.

 

تون چوين توکي سمورو معاف آ!

مون چيو هڪ لفظ آيو زلزلو.

 

 

عقل کي ڇا ٿي ويو آ عشق ۾،

سوچ جو اُپنڊ پاهڻ سلسلو.

 

 

زندگي ٿي خوف ۾ ضايع وئي،

ڪشمڪش ۾ آ اڃان ڀي ولولو.

 

 

حيف آ اهڙي حياتي تي ”نصير“،

ڪنهن ۾ آني جو به ناهي آسرو.


 

 

آدمِي بيدارُ آ هاڻي ٿيو،

پاڻ سان ڄڻ پيارُ آ هاڻي ٿيو.

 

هِن دنيا جون گردشون آهن گواهه،

هوشُ ڀي هوشيارُ آ هاڻي ٿيو.

 

برهه جي هن باغ ۾ جهڙو بهار،

گل ته ڇا گلزارُ آ هاڻي ٿيو.

 

اڳ به ساڳيو پيار هي بي تاب هو،

سوچ تي پر سوار آ هاڻي ٿيو.

 

جو سهي سگهجي نٿو هر گز ”نصير“،

دل تي ڀارِي بارُ آ هاڻي ٿيو.


 

 

جستجو ۾ مان رهان تنهنجي ڪري،

۽ چوين سڀ ڪجهه ڪيان تنهنجي ڪري.

 

حال منهنجي کان رڳو واقف به تون،

دل چيو بس! چُپَ رَهان تنهنجي ڪري.

 

پيار تنهنجو ڄڻ دريا جي موج ڪا،

ٿو ٻُڏِي ٻيهر ٻُڏان تنهنجي ڪري.

 

دل جي ويران باغ کي گهُرجي بهار،

گلَ وري ٽڙندو ڏِسان تنهنجي ڪري.

 

تون نه ايندين هيءَ خبر آ ته به ”نصير“،

در کُليو رکندو اچان تنهنجي ڪري.


 

ڊڄي جيئن جيون گذاريون پيا ٿا،

مرڻ کان اڳي پاڻُ ماريون پيا ٿا.

 

نه لشڪرَ ڏٺاسين نه ڪِي جنگ جوٽي،

رڳو جوش جذبا اُڀاريون پيا ٿا.

 

لِکي گيتَ گهايل ڪهاڻيون ڏکن جون،

اِئين سيند سنڌ جي سنواريون پيا ٿا.

 

غلاميءَ جا عادي آزادي ڇا ڄاڻيون؟

هڻِي چار نعرا چنگاريون پيا پيا.

 

رڳو منتظر ڪنهن مسيحا جا آهيون،

صبح شام راهون نهاريون پيا ٿا.

 

جهُڙالو آ موسم هلي آ هلي آ،

پرين توکي پل پل پڪاريون پيا ٿا.

 

سهَڻ ئي سِکيو آ صدين کان ”نصير“،

وساري ستم سڀ سڀاريون پيا ٿا.

 

 

اڃان تائين ڪوئي دعائون ڏئي ٿو،

ٿڌيون هِيرَ جهڙيون هوائون ڏئي ٿو.

 

جفائون جتي ٿيون، ملن هر قدم تي،

اڃان ڪوئي ڪنهن کي وفائون ڏئي ٿو.

 

ڪڏهن سونهن مان دل نه ڀرجي سگهي آ،

سدا سهڻو ساڳيون ادائون ڏئي ٿو.

 

ڪوئي لڙڪ ڳاڙي وڇوڙي ۾ ويٺو،

ايئن آسمان کي بلائون ڏئي ٿو.

 

اِها سِڪ نه آهي ته ڇاهي ”نصير“،

جِتي ٿو وڃان ڪو صدائون ڏئي ٿو.


 

 عقل ڳوليان، پر ڪٿان نادان ۾،

جو نٿو سمجهِي سگهي امڪان ۾

 

آدمي ٿو آدميءَ سان ڇا ڪري،

پر بُرائي آ سڄي شيطان ۾.

 

نفرتن ۾ ٿو ڏسان سڙندو سماج،

ڄڻ چِتا جيئري جلي شمشان ۾.

 

نانگُ ڪاريهر سنگهي ويو شهر کي،

ڇا ته دهشت آهه ڪنهن اعلان ۾.

 

سرحدون آزاد ٿيون بيشڪ ”نصير“،

روح ڦاٿل آ اڃان زندان ۾.

 

 

زندگي پويون پهر ڪو شام جو،

ڪر فڪر ٿورو گهڻو انجام جو.

 

عقل جون اورانگي وڃ ساريون حدون،

ڪجهه پتو پوندو تڏهن الهام جو.

 

مون وفا جي وڻ کي ڌوڻيو هو گهڻو،

پر ڪچو ميوو ڇڻي پيو لام جو.

 

سڪ سمايل اڄ به آهي روح ۾،

سلسلو بند آ رڳو پيغام جو.

 

پيٽَ توڙي پيار جي پٽَ کوهه ۾،

هوش ئي ناهي رهيو آرام جو.

 

جن ڪيرايو کوهه ۾ يوسف ”نصير“،

سي بندوبست ويا ڪري نيلام جو.


 

 ڀاڳ پنهنجن جو بيان ڪهڙو ڪجي؟

امتحان جو امتحان ڪهڙو ڪجي؟

 

منهنجي دل جو مهربان آهين اڳي،

توکي ٻيهر مهربان ڪهڙو ڪجي؟

 

هيءَ دنيا يا هوءَ دنيا حاصل نه ٿي!

لامڪان ۾ ڪو مڪان ڪهڙو ڪجي؟

 

ڪم هزارين، ڪونه جنهن مان ڪو کُٽو،

هي ڪيانِ يا هُو ڪيان ڪهڙو ڪجي؟

 

ڪم دنيا جو ڪو هجي اهڙو ”نصير“،

جو رهي باقي نشان ڪهڙو ڪجي؟

 

 

زندگي او زندگي آهين ڪٿي؟

روشني او روشني آهين ڪٿي؟

 

منهنجي واڪن ۾ ڏري پيو آسمان

آدمي او آدمي آهين ڪٿي؟

 

پنڌ ڪيو ڇا پيچرا ٿڪجي پيا،

پوءِ به منزل اڳڀري آهين ڪٿي؟

 

هوندي سوندي سنڌ ساڳي پوئتي،

ڀٽ ڌڻي او ڀٽ ڌڻي آهين ڪٿي؟

 

سوچ تو بِن منتشر منهنجي رهي،

رهبري او رهبري آهين ڪٿي؟

 

ڇا اڃا ڳڀرو ڳڀا ٿيندا رهن!

سنڌڙي او سنڌڙي آهين ڪٿي؟

 

آزمايم دوستن جي دوستي!

دشمني او دشمني آهين ڪٿي؟

 

هوش ۾ هاڻي نٿو رهجي سگهي،

بي خودي بي خودي آهين ڪٿي؟

 

رات ڀر ڪئي روشني ساڙي شرير

شاعري او شاعري آهين ڪٿي؟

 

عشق ۾ سڀ ڪجهه ڇڏيو، ارپي اڃان،

دل لڳي او دل لڳي آهين ڪٿي؟

 

ڏس! گليمر ۾ گناهه ٿي معاف ويا،

سادگي او سادگي آهين ڪٿي؟

 

دل جي مندر ۾ ڪيم پوڄا پرين،

مُورتي او مُورتي آهين ڪٿي؟

 

هيءَ دنيا بڻجي ڌُٻڻ مون لاءِ وئي!

تيرگي او تيرگي آهين ڪٿي؟

 

مون ڇڏيا احساس ساڙي سڀ ”نصير“،

سانوري او سانوري آهين ڪٿي؟


 

 

ڇڏ دنيا هيءَ ٻي دنيا آباد ڪر!

ڪا نئين ناياب شئي ايجاد ڪر.

 

آدمي جو آدمي محتاج ڇو؟

ڪنهن وڏي طاقت اڳيان فرياد ڪر

 

ڇا ٿي سوچين هَل سسئي تون ڪيچ ڏي،

يا وري ڀنڀور کي برباد ڪر.

 

مرتبو جنهن جو عبادت کان مٿي،

دل هجي ناشاد ڪنهن جي، شاد ڪر.

 

تون ڪِٿان آئين ڪِٿي ويندين ”نصير“،

ذهن تي ڏي زور تون ڪجهه ياد ڪر!

 

 

جو نٿو گَهرَ ۾ رهي ڀاتِي نه چوءُ!

همسفر ساٿي ته سو ذاتي نه چوءُ!

 

سونهه چهري جي فنا ٿيندي وڃي،

جنهن ۾ ناهي ڪا ڪشش ڇاتِي نه چوءُ!

 

شرم جي شايد تقاضا آ حجاب،

جي لِڪِي پاتي نه ڪنهن جهاتِي نه چوءُ!

 

پاڻ کي فيشن ۾ جا رکندي مگن،

دلربا لئه دل اها آتي نه چوءُ!

 

شاعري پر بي اثر اهڙي ”نصير“،

جا ڪُهي اهڙي مُڏِي ڪاتِي نه چوءُ!

 

 

دل گهرا گهاوَ هو ڏِسندو به ڇا؟

جي ڏِسي ويندو وري ورندو به ڇا؟

 

پيار هن کان مون پڇي هو ڪونه ڪيو،

جي ڏوراپا ٿو ڏيان ٺهندو به ڇا؟

 

سور فطرت جو حصو آهن پرين!

پر صِلو تن جو ڪڏهن ملندو به ڇا؟

 

يا ائين ئي زندگي ٿيندي تمام،

سج جيئن اڀريو اگر لهندو به ڇا؟

 

دل جو دريا رُخ مَٽائي ويو ”نصير“،

آب اکڙين جو وهي وهندو به ڇا؟

 

 

هي جمهوري دور شايد آخري،

پوءِ فضا ساڳي اها ئي آمري.

 

ڇا اُهي، آڻي سگهن ٿا انقلاب؟

جي گذارن زندگي ٿا اُڀرِي.

 

هر زماني جو آفتنو ڌار ڌار،

مَد مقابل موسيٰ جو هو سامرِي

 

سال پندرهن سئو ڏسو پهريون حجاز!

جن جو چرچو هو دنيا ۾ شاعرِي.

 

اڄ گليمر ميڊيا جو آهي دور!

برهنگِي فيشن ويو ٿي ظاهرِي.

 

”گهرَ جي مرغي دال برابر آ ”نصير“،

رِيت پنهنجي هيءَ رهِي آ مادرِي.

 

 

سونهن تي جهڙو هجين تون تبصرو!

ڇو لڳين ٿو خوبصورت ايترو؟

 

دل جي ڌڙڪن ٿي وڃي ٿي تيز تر!

ڇو اچين ٿو ڇو اچين ٿو اوچتو؟

 

سي ڪپهه جهڙا نرم نازڪ بدن،

اڄ به ايندا ياد آهن شام جو.

 

جو هتي آيو ويو واپس نه مُور،

ڄامشوري جي زمين آ دوستو.

 

ٿي لڳي توکي نظر اڪثر ”نصير“،

ڇو وڻين ٿو ڇو وڻين ٿو ايترو؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org