سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: هڪ بي نانءُ ڪتاب

باب

صفحو :3

شعور جا ڏک

 

اسان سڀئي

سج جي تپش کان

بچڻ خاطر

پنهنجي پاڇي کي

ڇانورو سمجهي

ان جي پويان

ڊوڙڻ لڳون ٿا

۽ جڏهن

پاڇي تائين پڄون ٿا

ته خبر پوي ٿي

سج ته اسان جي

عين مٿي جي

مٿان بيٺو آ!!

88. 9. 14


 

بي وهي جي احساس مان

 

جڏهن به چؤڌاري موجود

بيشمار ڪار ڪانوَ

پنهنجا پَر پکيڙي

اوندهه ڪري ڇڏيندا آهن

ته ٽُڪَڻَ لڳندا آهن

منهنجي ذهن جي پَورن ۾ لڪل

Absurdity جا

بي انت ڪاٺ ڪُٽا

۽ وڌڻ لڳندو آ

منهنجو تنها وجود

وِک وِک ڪري

سوچن جي Black holes ڏانهن

جن ۾ هڪ ڏينهن

گم ٿي وڃڻو آ

هميشہ هميشہ لاءِ

88. 9. 20


 

جدولن جو موت

 

سڀئي جدولون ڊاهي ڇڏيو

جو معاشري جي

اڻ برابريءَ ۾

اُهي سڀ

مدي خارج ٿي ويون آهن

88. 10. 10

 


 

پوڙهو عزرائيل موٽي وڃي ٿو

 

پوڙهو عزرائيل

آسمانن ڏانهن موٽي ويو آ

۽ لڳي ٿو

خدا به پنهنجيون اکيون

ايئن ڀيڪوڙي ڇڏيون آهن

جيئن ڪنهن جي اکين ۾

صابڻ هليو ويندو آ

ڇو ته ماڻهن جي

هن طبقاتي معاشري ۾

هڪڙو طبقو

نئون به ٺهيو آ

خدائن جو طبقو

جن جي خدائي ۾

سڀ کان وڌيڪ آساميون

عزرائيلن جون آهن

۽ هاڻ ته

هڪ بين الاقوامي ٻولي به

رائج ٿي چُڪي آ

گوليءَ جي ٻولي

ڪڏهن ته ايئن به هو

ته آسمان

ڀنڀوريءَ جي شفاف پرن وانگر

سج جي روشني ۾

تڙڳندو هو

پر هاڻ ته

اتي به

Black Out ٿو رهي

سورج مکين جا ڪنڌ

ڪيتري عرصي کان

جهُڪيل آهن

۽ ذهن جي آڪاش تي

ڪٿي به

ڪو وهائو تارو ڪونهي

88. 10. 25

 


 

درياءَ جي آتم تمنا

 

مان جو

درياءُ هوندي به

تتيءَ ٿڌيءَ ڌوڪيندو

واريءَ ۾ لٽجندو

هيٺاهين ۾ رڙهندو

مٿاهين تان ڪرندو

پٿرن سان مٿو ٽڪرائيندو

ڪنڊن ڪانيرن سان وڙهندو

پر پوءِ به

رات جي نرم نرم خاموشين کي

مڌم سُرن جا گيت ٻڌائيندو

اڳتي ئي اڳتي وڌندو رهان ٿو

سو رڳو ان لاءِ

ته جيئن

تو ۾ سمائجي سگهان

تون جو

سمنڊ آن

88. 10. 26

 

ڪجهه منٽ احساسن جي فريب ۾

کٽ تي ليٽي ليٽي

ٻن ڀتين سان ٺهندڙ ڪُنڊ ۾

ماڪوڙي سان گڏجي

آهستي آهستي مٿي وڃڻ

۽ ڇت جي ويجهو

ڪوريئڙي جي ڄار ۾

ڦاسي پوڻ

 

چُپ جي پَلن ۾

خاموشيءَ جي چاپ تي ڇرڪي

اڻ لڀ وجود کي ڳولهڻ

 

دريءَ کان ڏيکامندڙ

ٽارين وڪوڙيل ڀت تي هلندڙ

ٻِليءَ جي پاڇي ۾ سمائجي هلڻ

چانڊوڪيءَ جي آر پار

چنڊ جي چؤڌاري ٺهيل

پيلي روشنيءَ جي گول ۾

طواف ڪندي

چنڊ جو سمهي پوڻ

۽ اوچتو

حقيقتن جي سرچ لائيٽن جو

جاڳي پوڻ

88. 11. 17

 

ترقي

 

هيڏين وڏين عمارتن جي وچ ۾

هو جو پينٽر جو دُڪان آ

ڪڏهن اُن جي چؤڌاري

ڪيتريون ئي

غريبن جون وستيون

وسنديون هيون

۽ ٿيندو ايئن هو

ته جڏهن به بلڊوزر

ڪنهن وستيءَ ڏانهن ويندو هو

ته ان پينٽر کي به

ڪنهن پلازه جي

پوسٽر جو آرڊر

ملي ويندو هو

88. 11. 20

 

ڪي ڪي ماڻهو ويچارا

 

ڪي ڪي ماڻهو ويچارا

ڄن ته ڪي سياره

جن وٽ ڪو ڀي

سج ڪونهي

هڪڙي مدار ۾

ڦرندا رهن ٿا

آخر هڪ ڏينهن

هليا وڃن ٿا

ڪنهن Black hole ۾

88. 11. 27


 

منهنجو خيال آهي

 

محبتون ته محبتون ٿينديون آهن

 

هِن لاءِ ڇا ۽ هُن لاءِ ڇا

ڪائي وڇوٽي ناهي ڪا

محبتون ته محبتون ٿينديون آهن

 

هر ڪا موسم انهن جي آ

سڀئي رنگ انهن جا

محبتون ته محبتون ٿينديون آهن

 

ڪيڏو ڇو نه پري رهڻو آ

انهن جو احساس گهڻو آ

محبتون ته محبتون ٿينديون آهن

 

پنکڙيءَ لئه ڄڻ ماڪ ڦڙي

انهن ۾ آسا خوشي

محبتون ته محبتون ٿينديون آهن

88. 11. 7

 

مُئل اديب لاءِ تعزيتي ميڙ

 

هي ميڙ

سڀني اديبن

گڏجي ڪوٺايو آ

ته جيئن

پنهنجن پنهنجن

Claims جو

پرچار ڪري سگهون

ته جيئن

پنهنجي پنهنجي

لفظي قوت

مڃرائي سگهون

ته جيئن

ان رسم کي

پڪو ڪري سگهون

جو جڏهن مَرون

ته اسان جي نالي تي به

ڪي ميڙ ٿئي

88. 11. 29

 

اي خدا

Tinted Glasses جي

Sound Proof قبر ۾ پيل

منهنجو وجود

 

سگريٽ جي

ٻرندڙ ڇيڙي تي اٽڪيل

منهنجي زندگي

 

مون کي مليل

جيئڻ جو حق

منهنجا پنج ئي حواس

گروي رکي

ڏنو ويو آ

 

۽ اُنهن

سَتيءَ جو نالو ٻُڌي

توبهه نعوذ با الله چئي

ڪنن کي هٿ لڳائڻ وارن

وڏيءَ شفقت سان

منهنجو حق بخشرائي

ڇڏي ڏنو آ مون کي

منهنجين ئي خواهشن سان گڏ

هر پل سَتِي ٿيڻ لاءِ

88. 12. 23

 

اڻ کُٽ چڪر

 

اسان سڀئي

کاري سمنڊ جي

مڇين جهڙا ماڻهو

اکين ۾ عڪس

اُميدن جي سپن جا

ڪاڪڙن ۾ اٽڪيل

خواهشن جون ڪُنڍيون

۽ رسي آ

جا مسلسل

ڇڪجي پئي

89. 1. 17

 

او منهنجي محبوبه

 

او منهنجي محبوبه

جي منهنجي شاعريءَ ۾

بهارن جا سنيها ڏيندڙ

تنهنجن ٽهڪن بدران

ڪنهن معصوم

اُجڙيل ڳوٺاڻي دوشيزه جا

سُڏڪا شامل هجن

 

۽ جي منهنجي شاعريءَ ۾

تنهنجي جسم جي

نشيلي مهڪ بدران

گند جي ڍير تي پيل

حرامي ٻار جي جسم جي

سڙيل ڌپ هجي

 

۽ جي منهنجي شاعريءَ ۾

تنهنجن گهاٽن وارن جي

ڇانَو بدران

ڪنهن غريب جي

نصيب جون اونداهيون

جهاتيون پائن

 

۽ جي منهنجي شاعريءَ ۾

ماڪ ۾ ڀنل

پنکڙين جهڙن

تنهنجن چپن جي لالاڻ بدران

ڪنهن فساد ۾ وهيل

بيشمار بيگناهن جو

ريٽو رت نظر اچي

 

۽ جي منهنجي شاعريءَ ۾

سنڌو جهڙن

تنهنجن نيڻن بدران

ٿر ۾ رهندڙ

ريگستان ماڻهن جي ڳالهه هجي

۽ جي منهنجي شاعريءَ ۾

تنهنجي خوبصورتيءَ جي

قصيدن بدران

پيڙهيل ماڻهن جا

نوحه ڳايل هجن

 

ته او منهنجي محبوبه

مون کي ميار نه ڏجانءِ

جو تنهنجي منهنجي

لازوال پيار جي

مطلق سچائيءَ وانگر

اهي سڀ به

اڻ مِٽ حقيقتون آهن

89. 1. 18

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org