سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: هڪ بي نانءُ ڪتاب

باب

صفحو :5

 

ٽِ سِٽا

 

ڳاڙهيون سايون روشنيون

پاڻيءَ تي جرڪن ٿيون ڄڻ

شهري ڪي ڇوڪريون

 

ڇوريءَ ڏئي اوٻاسي

ليٽي ليٽي جو ڪَرَ موڙي

چولِي پيس ڦاٽي

 

ايل ايم سي جا ٽيڙُو

 

ڇوڪرين جي بس

جڏهن پهتي ڪاليج وٽ

ڇوڪرا ٿي ويا خوش

 

ڏيندي سڄو ليڪچر

ڇوڪريون ئي ڏسندو رهيو

ويچارو ماستر

 

Parking lot جي ڪُنڊ

بهاني بهاني سڀ ٿا نهارن

ڇوڪرين جا جهُنڊ

 

مهينا وڃن نه گهر

ڪئنٽين تي باقي ميڙ وڏا

ليڊر هن سائين ليڊر

 

سڀ ڪجهه ساڳيو رهي ٿو

 

صدين کان هي سمنڊ

لهر لهر ٿي لڙهي ٿو

ڪناري ڏانهن ڪَهي ٿو

سمنڊ پوڀي ساڳيو آهي

ڪنارو پوڀي پياسو آهي

89. 8. 12

 


 

غزل

 

تو سوا سهارا ڇا

منزل ڇا اشارا ڇا

 

دونهاٽيل ماحول ۾

ڏسندو ڪوئي نظارا ڇا

 

چنڊ جيان لڙڪ جن ۾

انهن اکين لئه تارا ڇا

 

ڀورَيون ڀورَيون جيون آنا

تن تي ڪريون آرا ڇا

 

عذر خواهيءَ لئه سوچيو ويٺا

سهڻا استعارا ڇا

 

قد ننڍا پر پاڇا ڊگها

لهندڙ سج جا ٿورا ڇا

سيپٽمبر 89

 

ايئن ته ٿيڻو هو

 

لهندڙ سج

پنهنجون نٻل ٻانهون ڊگهيڙي

آخري ڀيرو

آسمان کي چنبرڻ جي ڪوشش ڪئي

۽ ٻُڏي ويو

 

گيتن ۾ رقص ڪندڙ

سڀئي Fantacies

چنڊ تي قدم رکندي ئي

Weight less ٿي ويون

 

جيڪي ماڻهو

تعبيرون خريد ڪري نه سگهيا

اُنهن پنهنجا خواب

وڪڻي ڇڏيا

 

۽ جن به

بيهڻ نه سکيو

اُهي وقت کي چنبڙي

رڙهي رڙهي

رهڙجي ويا

89. 12. 4

 

موت

 

اڳي هُو

ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو

اسان جي ننڍڙي وستيءَ ۾

 

ٻارن ۽ جوانن سان

هن جي خاص نه لڳندي هئي

پر پڪن ۽ پوڙهن تي

هن جي نظر رهندي هئي

سو جڏهن ڀي هُو ايندو هو

ته ڪنهن نه ڪنهن وڏڙي کي

پاڻ سان وٺي ويندو هو

ڪن اڻ ڏٺل ماڳن ڏانهن

 

هن جي دهشت

هر هڪ مُک مان

وحشت بڻجي ٽمندي هئي

هر زندگي

هن جي ڀيانڪ

چنبن کان پئي ڊڄندي هئي

 

پنهنجن لئه يا پراون لئه

هن کي ڪوبه نه چاهيندو هو

هن کي ڪو به نه ڀائيندو هو

 

هُو به ته

ڪڏهن ڪڏهن ئي ايندو هو

اسان جي ننڍڙي وستيءَ ۾

 

 پر اڄ ڪلهه هُو هر روز اچي ٿو

هر هڪ گهڙي ۾ پيو نچي ٿو

ٻارن جوانن ۽ پوڙهن ۾

ڪو به نه هُو ڀيد رکي ٿو

ايئن به نه ته هڪ هڪ ڪري

پر سٿَ جو سٿُ هڪ مهل کڻي ٿو

 

اسان جي وستيءَ وارن جي به

هن سان ٿي وئي ياري آهي

هڪ ٻئي کي تحفي ۾

هن کي پيش ڪيو وڃي ٿو

هر مسئلي جي حل جو

هن کي ذريعو چيو وڃي ٿو

سو اڪثر هن کي گهرائيندا آهن

اسان جي ننڍڙي وستيءَ وارا

اسان جي ننڍڙي وستيءَ ۾

89. 12. 11


 

ناجائز تعبيرون

 

بغاوتون سڄيون اُهي

جفاڪشيون سڄيون اُهي

جيون تو کي رنگ ڏيڻ لاءِ

ڪيم جي سڀ لاحاصل

89. 12. 14

 

هِڪَ سِٽا

 

اڻ ڏٺل طرفن جا سڏ مون اڪثر ٻُڌا آهن

*

تنهنجي ڳليءَ مان نڪري گمشده ٿي ويو آن

*

هر مدار جو مرڪز آهي ’ڪجهه به نه‘

*

تنهنجيون منهنجيون تنهائيون ملي ميلا مچائينديون

*

شام جي لام تي پئي جهولي تنهنجي ياد

*

سمنڊ جهڙي ڇوڪري تون تو ۾ ٻُڏا هن ڪيئي

*

برکا رُت جي پهرين بارش تنهنجو منهنجو پيار

*

پيار سوا مون ڪوبه ڪم ڪونه ڪيو آ پوري سچ سان

90. 1. 8

 

هِڪَ سِٽا

 

پولارن ۾ کُتل اکيون تو کان پوءِ جيون آ

*

خوشيون درياهن وانگي درد سمنڊ ۾ ڪاهي پيون هن

*

هر اظهار حقيقت کان سوين ڪوهه پري آهي

*

وري ذهن ۾ سوچن جون اوطاقون سجي ويون هن

90. 1. 16


 

 

بس ايترو خيال ڪجانءِ

 

اِهي سلسلا بهار جا

اِهي قافلا پيار جا

جي موسمن جي ڪُنَ کان

انڌيرين راهن کان

آزار هن، آباد هن

ڏس ايترو خيال ڪجان

اِهي سلسلا سُڏڪي نه پون

اِهي قافلا ڀٽڪي نه وڃن

90. 1. 29

 

آٿت

 

ڪڏهن نه لڙڪ هارجان

ڪڏهن به نه وسارجان

ته توکي ڏاڍو چاهيو آ

ايندڙ ويندڙ ساهه جي سُرَ ۾

تنهنجو نانءُ ئي ڳايو آ

تو کي ڏاڍو چاهيو آ

90. 2. 1

 

انڪشاف

 

هر شيءِ رنگ رتول ٿي وئي

مرڪن ۾ سڀ مهڪي پيا

آسمان مان پيار وسي پيو

هرڪو چهرو سونهارو ٿيو

شهنائيون گونجيون هوا ۾

موسمن ملهار ڳايا

خوشين جا سنديسا آيا

سڀئي ڏک لڳا اجايا

خوشبو ۾ جڳ واسجي ويو

دل جي تال تي گيت مون ڳايا

عجب روشني من ۾ لٿي

جنهن پل مون کي خبر پئي

ته تون ڀي مونکي چاهين ٿي

90. 3. 1

 

 

هِڪَ سِٽا

 

توکي ڏسندي منهنجي ڪَنن ۾ چوڙين جي ڇمڪار ٻُري ٿي

90. 2. 22

*

ڪنهن پايل جي ڇم ڇم ۾ ڇا مون لئه گيت به گونجن پيا

90. 3. 10

*

زندگي ذلت جي زمين تي ڪيسين گل ڳولهيندي

90. 3. 10

*

الائي ڪاٿي وڃائجي ويو آن تنهائين جي ڀيڙ ۾

90. 3. 11

*

شام ويلي سوچيان ويٺو شعر لکان يا گل پوکيان

90. 3. 19

*

 

هِڪَ سِٽا

 

ڄامشوري جي شام آ، يا محبوبه جا ڀنل وار

90. 3. 19

*

جنهن کي ڏِسي بس خواب پيا ڏسجن اهڙي آهين تون

90. 3. 27

*

خواب يا خواهش آهي جيون ڪجهه نه ٻيو

90. 3. 29

*

اُداس ڌُن جيان ٿي رهجي ويو آ منهنجو وجود

90. 6. 7

*


 

سڀ ڪجهه تنهنجي نانءُ

 

جيڪي سندر خواب ڏٺا هن

جيڪي مڌر گيت رچيا هن

سي سڀ تنهنجي نانءُ ڪيان ٿو

 

جيڪي سُر مون آهن ڳايا

جي آلاپ ڀي ورجايا

منهنجي جسم جي لهر لهر مان

سازن جا آواز جي آيا

سي سڀ تنهنجي نانءُ ڪيا ٿو

 

هر ڪا شام جا دريءَ منجهان ئي

جهاتي پائي وري ئي آ

هر موسم جا چائنٺ ٻاهر

وسي وسي ۽ رُسي وئي آ

سي سڀ تنهنجي نانءُ ڪيان ٿو

 

جيڪي مون وٽ خوشيون آهن

جيتوڻيڪ ٿوريون آهن

رنگ روشني ۽ مهڪارون

تو کان وڌ ته ناهن پياريون

سي سڀ تنهنجي نانءُ ڪيان ٿو

سڀ ڪجهه تنهنجي نانءُ ڪيان ٿو

 

هِڪَ سِٽا

 

ڪنهن کي منزل ڪيئن پڄائي جيڪو پاڻ ئي رستا رستا

90. 6. 30

*

روئيندي يا گل پوکيندي ڪوئي شعر ڪيئن لکي

90. 7. 2

*

 


 

وڏي ۾ وڏو ڪوڙ

 

مشڪل وقت ۾

دعا گهرڻ يا

روئڻ کان وڌيڪ

ڀلا ڪهڙو ڪوڙ ڳالهائي سگهجي ٿو

90. 8. 23

 

آخري رسمون ادا ڪرڻ کان اڳ

 

پنهنجن ڳوڙهن جون

آخري رسمون ادا ڪرڻ کان اڳ

پنهنجي اڪيلائپ

خوابن ۾ ڪٿي رکي

ڀُلجي وڃڻ ٿو چاهيان

90. 8. 23


 

بي آواز صدائون

 

اڃا ڪي ڪنواريون اکيون آهن

جيڪي خواب ڏسڻ ٿيون چاهن

اڃا ڪي ٻانهون خالي آهن

جن تان پرين کي اچڻو آهي

اڃاسي راهون خالي آهن

اڃا ڀي آس ڪجهه باقي آ

اڃا ڀي پياس ڪجهه باقي آ

قتل خوابن مُند نه ڪيو

خدارا جنگ نه ڪيو

 

ٿوري ئي سهي جذبن ۾ ڇِڪ آ

هڪ ٻئي لاءِ اڃا ڪجهه سِڪ آ

پوري ٿڃ هن ڌائي ناهي

ماءُ جي اکين ۾ به اڃا

بيزاري آئي ناهي

اڃا ڪي دعائون پنڌ ۾ آهن

پيارن تائين پهتيون ناهن

راهون سڀئي بند نه ڪيو

خدارا جنگ نه ڪيو

 

انڊلٺ ورکا وسڻ ڇڏيو ناهي

سمنڊ جي ڇولين ڇلڻ ڇڏيو ناهي

چانڊوڪي ميري ناهي ٿي

مست هوا جي کليل وارن مان

خوشبوءِ جهاتيون پئي پائي ٿي

پکين اُڏام اڃا جاري آ

ڪجهه ساوڪ ڪجهه گلزاري آ

منظر سڀئي انڌ نه ڪيو

خدارا جنگ نه ڪيو

خدارا جنگ نه ڪيو

90. 9. 26

 


 

ٽِ سِٽو

 

تو ڏي هن ڀيري آيم

عجب مسافري هئي

سفر ڪٿي ڪير آيم

90. 11. 15

 

هِڪَ سِٽو

 

تو ڏانهن سفر ۾ ڪيڏا نه اسپيڊ بريڪر هِن

90. 11. 15


 

ڪجهه مسلسل نظمون

 

تنهنجن ڊگهن ننهن کان

تنهنجن Pony tail ڪيل وارن تائين

زندگي

ڪنهن اڻ ڏٺل خواب جو

انتظار ڪندي ٿي رهي

90. 11. 22

*

 

عاشتي

تنهنجي Hair Pin سان

ٻَڌجي نٿي سگهي

پر تنهنجن وارن جي اُها لَٽَ

جيڪا قيد ٿيڻ کان رهجي وئي آ

مونکي نظر بند ڪرڻ لاءِ

ڪافي آ

90. 11. 22

*

تنهنجين اکين جي سمنڊ ۾

ٻُڏي ته نٿو سگهان

پر تو لاءِ لکيل

گيتن جي برسات ۾

وهنجڻ ٿو چاهيان

90. 11. 22

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org