“هي ويب سائيٽ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي”

Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: هڪ بي نانءُ ڪتاب

باب: -

صفحو :1

هڪ بي نانءُ ڪتاب

ڊاڪٽر سلمان  علي

 

غزل

 

اهو به گهڻو آ جو ڪو مسڪرائي ويو ڏسي مون کي

ٻيو ته هرڪو راهه ئي مٽائي ويو ڏسي مونکي

 

اندر جي عداوت ٿئي نه پڌري مُنهن مان، شايد

ان ڪري هرڪو منُهن ئي ڦيرائي ويو ڏسي مونکي

 

جڏهن سڀ جذبا مرڻ لڳا هئا اندر ۾ منهنجي

تڏهن وري ڪو بغاوت تي هر کائي ويو ڏسي مونکي

 

جنهن کي سمجهندو رهيس پنهنجو مسيحا

اهو ئي نئون زخم لڳائي ويو ڏسي مونکي

1985ع

 

وائي

 

منهنجو ويا ڪل من

الا وو منهنجو ويا ڪل من

تون ڀي ٻين وانگي هئين تڪڙو ويٺين نه پل کن

الا وو منهنجو ويا ڪل من

ملڻ جي موسم اچي وئي آ جهومي ٿو پن پن

الا وو منهنجو ويا ڪل من

تو بن راڻل پورو ناهي منهنجو پنهنجو فن

الا وو منهنجو ويا ڪل من

مُک تي مُرڪ مڙهي ويٺو آن روئي ٿو پر من

الا وو منهنجو ويا ڪل من

 

 

تو بن سانئڻ

تو بن سانئڻ

منهنجو جيون

ويران آ

ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل محلات جيان

جيڪو سنسان آ

 

تو بن سانئڻ

منهنجو جيون

تنهائين ۾ وگهري ٿو

اوندهه ۾ روشن شمع جيان

آهستي آهستي پگهري ٿو

 

تو بن سانئڻ

منهنجو جيون

ڄڻ ڪا ڳالهه نرالي

جيئن ڪنهن بارونق مئخاني ۾ هجي

ڪنهن مئه ڪش جي هٿ پيالو خالي

 

 


 

اڙي چري

تو پڇيو آ

”ڇا

مان توکي

ڪڏهن ياد به آئي آن؟“

ته سانئڻ

ٻُڌ

تون مونکي

ڪڏهن ياد نه آئي آن

ڇو ته

ياد ته

اُهي ايندا آهن

جيڪي وسري ويندا آهن

 

 

ٻه مختلف ماڻهو

 

مان اُهو صحرا

جيڪو ڪنهن بادل جي

راهه ئي تڪيندو رهندو آ

تون

اُهو بادل

جيڪو

وري به

ڪنهن سمنڊ مٿان ئي وسندو آ

 

 

ايئن الائي ڇو ٿيندو آ!؟

 

ايئن الائي ڇو ٿيندو آ

ڪنهن بُت کي تراشيندي

ڪا نئين شيءَ خلقيندي

ڪو پاڻ فنا ٿي ويندو آ

ايئن الائي ڇو ٿيندو آ

 

ايئن الائي ڇو ٿيندو آ

ته کِلندي کِلندي سَکين ۾

پوءِ صحرا جهڙين اکين ۾

ڪو سمنڊ لڙهي ايندو آ

ايئن الائي ڇو ٿيندو آ

 

ايئن الائي ڇو ٿيندو آ

ڪو پيار دولابن جو ڏنگيل

ڪو غم گفائن ۾ گم ٿيل

ڪنهن دريا ۾ ٽپو ڏيندو آ

ايئن الائي ڇو ٿيندو آ

 

 

غزل

 

اندر جي اُڻ تُڻ وري وڌي آ

هُن جي ياد جو اچي وئي آ

 

وري ڪجهه راتيون روئندي ڪَٽبيون

من جي اُداسي چئي رهي آ

 

لڙ ڪن کي لڪائي لڪائي

کِل به هاڻ ته روئي پئي آ

 

ڪو هجي ڇيڙو ڪو هجي انت

زندگي مسلسل سُڏڪي رهي آ

 

پيار جو گيت

 

منهنجيون وايون منهنجا گيت

تو لاءِ آهن منهنجا ميت

 

تو لاءِ آهن سُرَ سمورا

تولاءِ سڀ سنگيت

 

مان نه مان بس تون ئي تون

پوءِ ڇا جي هار ۽ ڪهڙي جيت

 

منهنجو هر هڪ جنم آ تو لئه

توتي مِٽجڻ منهنجي ريت

 

 

اندريون منظر

 

منهنجن جذبن

منهنجي وجود جي ٿالهيءَ ۾

هڪ سوراخڪري ڇڏيو آهي

جنهن مان

’مان‘

ٽِمي رهيو آهيان

ٽيپو ٽيپو

ٽيپو ٽيپو

۽ اُن ٿالهيءَ جي هيٺان

وَهي رهيو آهي

اڻ کٽ سمنڊ

’تون‘ جو

87. 1. 1

 

ٽِ سِٽا

 

ياد اُداسي تنهائي

زندگي مسلسل ڄڻ ته

ڪنهن وئشيا جي رُسوائي

 

جسم سارو سانت

سوچون ڪيڏيون آواره

روح ڪيڏو اشانت

 

وکريل وکريل وار

رم جهم رم جهم موسم

اکڙيون ميگهه ملهار

 

اُداس اڪيليون شامون

چئني ڏسائن ۾

خاموشيءَ جون دانهون

 

رات جو آخري پهر

مون لئه تنهنجي ياد

ويران جهنگ ۾ شهر

 

 

هڪ نظم جو ٻيو جنم

 

معصوم ٻار

ماءُ جي گود ۾ ڪلڪاريون هڻي رهيو آ

۽ هُو قيدي

ڪيترين راتين جي اوجاڳي کان پوءِ

ڪال ڪوٺڙيءَ جي گهُري فرش تي

ٽنگون ويڙهي

ننڊ جي جستجو ۾ آ

 

هاڻ اُهو ٻار

نه چاهيندي به

ٿيلهو کڻي اسڪول وڃي ٿو

تڏهن ڪال ڪوٺڙيءَ جو در کولي

هُن کي ڌونڌاڙي، اُٿاري

هلڻ لاءِ چئجي ٿو

۽ هُو ڪجهه نه ڄاڻندي به

نه چاهيندي به

هلڻ لڳي ٿو

 

پوءِ اهو اسڪولي ڇوڪرو

عاشق بڻجي، سڀ ڪجه وساري

محبوبه لاءِ گيت ڳائي ٿو

۽ اُهو قيدي

گول ميدان ۾

هيترين بندوقن ۾

اُن تختي ۽ رسي کي ڏسي

گم سم ٿي وڃي ٿو

 

جڏهن اُهو عاشق

حاسد ۽ ويڙهاڪ سپاهي بڻجي

ڪوڙي ناموس پويان ڊوڙي رهيو آ

تڏهن اُهو قيدي

تختي تي بيٺي

هٿن پيرن کي ٻَڌل رسن کي ٽوڙڻ لاءِ

هٽ پير هڻي رهيو آ

هاڻ اُن سپاهي جو پيٽ وڌي ويو آ

۽ هُو کٽ تي ويهي

ٻين جا فيصلا ڪري ٿو

ساڳئي وقت

اُهو قيدي به

پنهنجين ڪوششن کان مايوس ٿي

ٻين جي فيصلي جو انتظار ڪري ٿو

 

پوءِ جڏهن هن جون پينٽون

ويڪريون ٿيڻ لڳن ٿيون

۽ اخبار پڙهڻ لاءِ

کيس چشمو پائڻو پوي ٿو

تڏهن اُهو قيدي

ڪارو ڪپڙو کڻي

ڏانهنس وڌندڙ

اُن جلاد کي

التجا وارين نظرن سان نهاري ٿو

۽ اُهو جلاد

اڳيان اچي

مسڪرائي

ٻه پل ترسي ٿو

ته جيئن هُو آخري ڀيرو

ڏسي وٺي ان قيد خاني کي

 

۽ آخرڪار

اسٽيج تي اهو آخري Scene ٿي رهيو آ

جنهن کان پوءِ

اختتام تي پڄي ٿي

اها عجيب ڪهاڻي

جڏهن اهو پوڙهو شخص

بغير حواسن جي

اُن قيدي ڏانهن ڏسي رهيو آ

جيڪو بيٺو آ هڪ تختي تي

ڪارو ڪپڙو پائي مُنهن تي

۽ رسو اٽڪائي ڳچيءَ ۾

87. 9. 5

 

سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيل انتظار

 

سنڌ يونيورسٽيءَ جي اُن شام

جڏهن مون کي ڏٺو هو

ته ڏاڍو مينهن وٺو هو

پوءِ اُها شام

منهنجين اکين ۾ اچي ويٺي

۽ اُن شام جا ڳوڙها

منهنجن ڳلن تان ڳڙي

منهنجي وجود جي بنجر زمين ۾

جذب ٿيندا رهيا

۽ جڏهن رات

پنهنجا اڻڀا ڪارا وار کولي

دنيا کي پنهنجي هنج ۾ لڪائي ڇڏيو

ته ڪٿي پري

آسمان جي وسعتن ۾

هڪڙو تارو ٽمڪيو هو

۽ ان ويل

ان بنجر زمين جي ڪُک مان

هڪ مُکڙي ڦٽي نڪتي هئي

پوءِ سڄو ماحول

صبح جي انتظار ۾ ساڪت ٿي ويو

ته جيئن اُها مکڙي

ٽِڙي

گل ٿي سگهي

تڏهن کان

منهنجيون نظرون

تنهنجي شهر ڏانهن

تَڪي رهيون آهن

ڇو جو

سج

تنهنجي شهر کان ئي ته نڪرندو آ

88. 4. 2


 

گهٽندڙ وڌندڙ فاصلا

 

ڪيڏو اڳتي نڪري ويو آ زمانو

ماڻهو ريل ۾ ويهي

500 ڪلو ميٽرن جو فاصلو

هڪڙي ڪلاڪ ۾

طئي ڪري ٿا وڃن

۽ مان

هيتري عرصي کان پوءِ به

5 ميٽر پريان رهندڙ

ڇوڪريءَ جي دل تائين

نه پُڄي سگهيو آن

ڪيڏو اڳتي نڪري ويو آ زمانو

تون مان ۽ ايل ايم سي

 

تون جو نه اچين

ته ايل ايم سي

لڳندي آ

ڪا نوجوان خوبصورت

ودوا عورت

۽ جي تون اچي وڃين

ته ڀائيندو آن

ايل ايم سي کي

پنهنجي زال

پهرئين پيٽ سان

88. 5. 1

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

   

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org