سيڪشن:فلسفو

ڪتاب: فلسفي جون راحتون

باب:

صفحو:4 

باب چوٿون

ڇا انسان مشين آهي؟

پسمنظر:

هاڻي اسان ٻاهرين دنيا کان اندر جي دنيا ڏانهن ٿا هلون. ذهن جي حقيقت جي باري ۾ نه پر ذهن جي عملي پاسن تي غور ٿا ڪيون. اسان ٻاهرين ۽ اندرين دنيا کي هڪٻئي کان ڌار نه ڪنداسين ڇاڪاڻ جو اسان ڏسي آيا آهيون ته ٻئي دنيائون رڳو اسان جي خيالن ۾ جدا جدا آهن، جڏهن ته مڪان ۽ زمان ۾ هڪ آهن. هرهڪ ائٽم جو هڪ زندهه مرڪز آهي ۽ هرهڪ ذهن جي هڪ مادي صورت آهي. اعليٰ ترين ذهن ارتقا جي سلسلي ۾ ادنيٰ ائٽم سان لاڳاپيل آهي ۽ هڪ جا قانون ٻئي جا قانون آهن. جيڪڏهن ائٽم هڪ ڪُل آهي ته انسان مشين آهي.

جبريت سڀ کان پراڻي فلاسافي آهي. جيئن ڪائنات جي مظاهر ۾ روح کي ڏسڻ سڀ کان پراڻو مذهب آهي. اهو سادو مذهب هرهڪ شيءِ ۾ ڦرندڙ گهرندڙ ارادي کي ڏسي ٿو، اوائلي سوچ ان واضح عقيدي جي خلاف ائين ردِعمل ڏيکاريو جو فرد کي ڪائنات جي همه گير قانونن اڳيان بي وس بنائي ڇڏيو. انهن شروعاتي مرحلن مان لنگهي فلاسافي ۽ مذهب شايد هڪ ئي منزل تي پهچي وڃن. عالمي ارادي جي ڦرڻ گهرڻ واري خصلت شايد ڪنهن وقت ختم ٿئي ۽ اهو دنيا جي اڻ ٽر قانون وانگر ٿي وڃي. اوڀر ۾ جتي انساني زرخيزي زمين جي صبرناڪ پيداوار کان وڌي وئي ۽ روح مصيبتن هيٺان چيڀاٽجي ويو ۽ فرد اجتماع ۾ گم ٿي ويو، اُتي ارادي ۾ اوائلي ايمان مذهب ۽ فلاسافيءَ ختم ڪري ڇڏيو. تڏهن خواهش کي ختم ڪرڻ ۽ قدرت آڏو پنهنجو پاڻ کي ارپڻ سان خوشيءَ جي حاصل ٿي سگهڻ جو تصور اڀريو. مشرق جي مفڪرن ۽ مذهبي اڳواڻن جو تقدير ۾ هڪ اداس ايمان آهي. انسانن جي سمنڊ ۾ فرد جي ڪا حيثيت ۽ اهميت ڪانهي. هڪ بي انتها ۽ المناڪ ماضيءَ جي پسمنظر ۾ فرد پاڻ کي هڪ بيڪار ذرو ٿو سمجهي جيڪو عدم مان وجود ۾ آيو ۽ ٿوري وقت لاءِ هڻ هڻان ڪري آخرڪار اونداهيءَ ڏانهن ائين ڇڪبو ٿو وڃي ڄڻ ڪو جابر دشمن کيس ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندو هجي. عمر خيام به فرد جي حالت جو اهوئي اندازو لڳايو هو جنهن کي هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ائين بيان ڪيو جو هر باغي نوجوان سندس شاعريءَ کي ياد ڪري ڇڏيو.

پر متحرڪ ۽ ترقي ڪندڙ تهذيب ۾ جتي تقدير جي آڏو تدبير جو ڏيئو روشن آهي حالتون ڪنهن حد تائين قبضي ۾ آهن ۽ ديوتائن لاءِ سهڻيون عبادتگاهون ۽ فلاسافيءَ لاءِ عاليشان عمارتون ٺهيون آهن. فرد کي پنهنجي تخليقي صلاحيت تي ايمان آهي. هو پنهنجي اندر ۾ خود اختياريءَ جي شعلي کي محسوس ٿو ڪري ۽ اولمپس جي ديوتائن کي پنهنجي تصور سان ٿو گهڙي. يونانين ڪائنات ۾ ارتقا جي اصول کي عمل ڪندي محسوس ڪيو انڪري هر هنڌ ديوتا هئا ۽ متضاد حقيقتن ۾ مطابقت پيدا ٿيندي ٿي وئي. افلاطون ۽ ارسطوءَ ڪائنات کي تڪميل جي منزل ڏانهن ائين ويندي محسوس ڪيو جيئن عاشق جي نظر جي ڪشش محبوب کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي. پر اها زندهه دل تهذيب جيڪا فتح ۽ دولت جي پيدا ڪيل هئي ٿورن ڏينهن جي مهمان هئي، جڏهن سپارٽا پريڪيليس جي اٿينز کي تباهه ڪيو ۽ سڪندر ٿيبس کي مسمار ڪيو ته پوءِ انسان لافاني نه رهيو ۽ فلاسافي زينو جي سوچ ۾ ان نتيجي تي پهتي جيڪو سيفوڪلس ڪيترا نسل اڳ بيان ڪري چڪو هو ته خدائن ۽ انسانن جي زندگي هڪ اونداهي قسمت جي هٿ ۾ آهي.

ٿڪل تهذيبون پوڙهن وانگر قسمت تي ڀاڙينديون آهن، زوال جي قوتن آڏو بي وس ٿي پنهنجي ٿڪاوٽ کي قسمت ۽ پنهنجي شڪست کي تقدير جو سهڻو نالو ڏيئي سڪون ماڻينديون آهن، ڏک ۽ مايوسيءَ جي ان مٽيءَ مان عيسائيت جو ٻوٽو اسريو جيڪو وکريل دنيا ۾ اميد جو آخري ڪرڻو هو. ان نئين مذهب جي اندر ۾، جيڪو اڃا اونداهن خيالن، رسمن ۽ عياشين سان ٽڪراءَ ۾ نه آيو هو، اها رياست هئي جنهن ۾ اهو مذهب ڦٽو هو. جنت ۾ ايمان جو هڪ رُخ زندگيءَ کان ڊپ ۽ مستقبل تي بي اعتمادي هو. اها اداس بي اعتمادي ڪيلون جي فلاسافيءَ ۾ ڪمال تي پهتي. خدا کي مستقبل جي ڄاڻ ۽ هر انسان جي انت جي خبر هئي. هر روح جي نجات يا عاقبت ان جي پيدائش کان اڳ ئي مقرر ٿي چڪي هئي ۽ مستقبل خدا جي علم کي رد ڪرڻ جي جرائت ڪري نٿو سگهي. مسيحيت جنهن مظلومن جي روحن کي سڪون ڏيڻ جو عزم ڪيو هو، اها ڪيترن، فرقن ۾ ورائجي وئي جن مان ڪي زمين جي تقدير کان به وڌيڪ ظالم ۽ جابر هئا.

جديد ذهن سائنس جي نئين ڪمال وسيلي ان بي درد مذهب جي پشت پناهي ڪئي. گيليلو جنهن کي ستارن جي گردش سان عشق ٿي ويو هو، تنهن سائنس جو اهو مقصد مقرر ڪيو ته پنهنجي علم کي حساب ۽ مقدار جي قانونن تائين محدود رکڻ گهرجي. نيوٽن جي شهرت ۽ ميڪانڪيت ۽ هن جي ڪمال هر شاگرد تي جادو ڪري ڇڏيو. بدن ۽ نفسيات جي علم جا ماهر جيوگهرڙي جي اوسر ۽ خواهش جي بي تابيءَ جا ميڪانڪي سبب ۽ رياضي جا اصول ڳولهڻ لڳا. فلاسافي رياضيءَ جي نشي ۾ مدهوش ٿي وئي. ڊي ڪارٽ محتاط ابهام کان ڪم وٺندي ٻڌايو ته ساري دنيا هڪ متحرڪ مشين ۽ تحرڪ ۾ آيل جاميٽري آهي. اسپنوزا ڪائنات جي ترتيب جي نموني تي پنهنجي خيال جي ترتيب ڪئي. نئين روشنيءَ جي باغين کي، جن پنهنجي دور ۾ هٿن ۽ ارادن جي جاءِ وٺڻ شروع ڪئي هئي اها ڳالهه وڻي ته انسان خدا جي صورت جهڙو نه پر ان مشين جي نموني تي ٺهيل آهي جنهن انساني هٿن جي جاءِ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو.

صنعتي انقلاب آزاديءَ جي پراڻي فلاسافيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو. سڀ کان پهرين اُن ذهن کي مشين سان واقف ڪيو ۽ اها ڳالهه مڃڻ لاءِ مجبور ڪيو ته هو سببن کي ميڪانڪي سمجهي، مزور ڪارخاني جي چار ديواري سان هريل هو پوءِ هن ڏٺو ته هن جي چوڌاري ڌڙڪندڙ زندگي ڪَلن تي پئي ترڪي ۽ ڦيٿن تي ٿي گهمي، ته هن زرعي زندگيءَ کي وساري ڇڏيو جتي ٻج معجزاتي طور ٻنيءَ مان ڦٽي پوندو هو. پوک وڌائڻ جي هر طريقي جو نتيجو ملندو هو ۽ زرخيزي وڌندي هئي. اها دنيا جيڪا اسرندڙ ٻوٽن، ضدي ٻارن. شفيق مائرن ۽ اعليٰ ارادن وارن پيئرن جي دنيا هئي جديد ذهن لاءِ، ڪَلن جي دنيا ٿي پئي. انهن سيارن کان وٺي جن ميڪانڪي طور سج جي چوڌاري گردش ٿي ڪئي، خوردبينيءَ واري زندگي تائين جيڪا روشنيءَ جي ڪرڻي جي چوڌاري انبوهن ۾ ڇڪجي ٿي آئي، هر شيءِ مشين هئي، سائنس کي فخر هو ته ان کي نيٺ ڪائناتي  ڊرامي جي پڙدي جي پٺيان جا راز معلوم ٿي سگهيا هئا ۽ حيران هئي ته ان مشين نظر جا هزارين فريب پيدا ڪيا هئا ۽ هزارين منظر بدلايا هئا. هن نيازمنديءَ سان اهو نتيجو ڪڍيو ته جائيداد جو مالڪ ئي ان ڊرامي جو مصنف هو ۽ هن جي هٿ جون تارون ئي ڊرامو هيون، پر صنعتي تهذيب شهر ٺاهيا، شهرن ماڻهن جا ميڙ پيدا ڪيا ۽ ماڻهن جي ميڙن فرد جي انفراديت کي ختم ڪري ڇڏيو. شهرن ۾ اهي حالتون پيدا ٿيون جن اوڀر ۾ فرد جي شخصي ۽ انفرادي اهميت کي ختم ڪيو هو. اهڙيءَ طرح وري مايوسي ۽ تقدير پرستيءَ واري فلاسافيءَ جو بنياد پيو. آباديءَ جي انبوهه ۾ فرد رڳو هڪ عدد يا وسيلو ۽ ماپڻ ۽ ڳڻڻ جو اوزار هو. ماڻهو ان مشين جو حصو ٿي ويو. جنهن کي هن هٿن سان ٿي ٺاهيو. جمهوريت جنهن انسان کي آزاد ڪرڻ ٿي گهريو پاڻ هڪ ڪل ٿي وئي ۽ جيڪا بنان دماغ وارن کي ووٽ وجهڻ واري دٻي ڏانهن گهلي ٿي ويئي. ماڻهن ڪَلن ۽ اوزارن جي خلاف فرد جو احتجاج ايترو بي فائدي هو جيترو اوڀر ۾ اجتماع خلاف فرد جو آواز، پوءِ ائين ٿيو جو اڳواڻ به ڪَلن جا بي جان ۽ بي روح جُزا ٿي ويا ۽ پنهنجن فريب ۾ آيل پوئلڳن وانگر جن کي چونڊن ۾ ڳڻيو ويندو هو، بي حس ٿي ويا.

غلامن جڏهن ان مشين جي خلاف بغاوت ڪئي ته ان فلاسافيءَ جي رهنمائيءَ ۾ ٿي ڪئي جنهن ڪَلن جي اهميت کي مڃيو ٿي. اشتراڪيت به بنان هٻڪ جي جبريت ۽ ميڪانڪي سائنس جي حمايت ڪئي. هنن پنهنجن پوئلڳن کي بچنر، هئيڪل، اسپينر ۽ مارڪس جا ڪتاب پڙهايا. ان فلاسافيءَ لاءِ نه رڳو دنيا پر تاريخ به مشين هئي جنهن ۾ هر انقلاب جو سبب مانيءَ جي قيمت هو ۽ سٺو ماهر اقتصاديات جنهن کي حال ۽ ماضيءَ جي واقفيت هئي اهو مستقبل جي هر ور وڪڙ لاءِ اڳڪٿي ڪري ٿي سگهيو. انسان ورثي ۾ ماحول جو غلام هو. هن جو هر عمل موروثي ۽ مادي سببن جو نتيجو هو ۽ سندس اختيار کان ٻاهر هو، هو هڪ حيران ڪندڙ جاندار هو ۽ هن کان جڏهن ڪو ڏوهه ٿي ٿيو ته ان لاءِ هُو پاڻ نه، پر سماج قصور وار هو. جيڪڏهن هُو بيوقوف هو ته ان جو سبب به مشين هئي جنهن هن کي ٺاهيندي ڪو هڪ پرزو چڱيءَ طرح نه جوڙيو هو انڪري هن کي ووٽ ڏيڻ ۽ صدر ٿيڻ جي حق کان محروم ڪرڻ نه گهرجي. دنيا کي هڪ وڏي ۽ سٺي مشين جي ضرورت هئي، هڪ قومي مشين جي جيڪا ڪروڙين مشينن کي صدارتي بٽڻ دٻائي هلائي سگهي.

ڪنهن رئيست واري دور ۾ اڳواڻ شايد عوام کي اهڙي نشو ڏيندڙ فلاسافيءَ کي قبول ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏن ها. پر هڪ جمهوري صديءَ ۾ عظيم مفڪر وطن پرستيءَ جي احساس کان مجبور ٿي عوام جي فلاسافيءَ ۾ شريڪ ٿيا. هڪ طاقتور ۽ هرهنڌ حاضر مشين تي شڪ ڪرڻ رواج ۽ مصلحت جي بنهه خلاف هو. وڏن وڏن اديبن به اعلان ڪيو ته اسين مشين آهيون ۽ اسان جا خيال لکين صديون اڳ اسان ۾ داخل ڪيا ويا هئا ته وقت تي انهن جو اظهار ڪيو وڃي. ٽيني ان ديوتا کي مڃيو ۽ ان جي اعزاز لاءِ تنقيد جي هڪ فلاسافي تيار ڪئي. زولا اهو ڏيکارڻ لاءِ ته انسان کي پنهنجن وڏن جي ميراث جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. الميه ڊراما لکيا، ٿامس هارڊي حالتن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ انسان جي بي وسي ڏيکاري. اناطول فرانس شاندار نموني زندگيءَ جي اجائي هجڻ لاءِ ڳوڙها ڳاڙيا ۽ ڊائزيو هرهنڌ موت کي مرڪندو ۽ فاتح جي صورت ۾ ڏٺو.

شايد شخصيت جي بي قدري ان خاموش غم جو هڪ سبب آهي جيڪو جديد ذهن جي حاضر جوابي ۽ هوشياريءَ پٺيان لڪل آهي. جنهن ”انسان ڇا آهي“ پڙهيو آهي ان کي مارڪ ٽون جي اداسي عجيب نه لڳندي ڇاڪاڻ ته هي اداس مزاح نگار پڪو جبريت پرست هو. هو سمجهندو هو ته پنهنجي مَشڪري ۽ طنز کي، شروعاتي ستارن جي گيسن جي مرڪب اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو هو. (ان ويچاري گيس کي الائجي ڪيترن گناهن جو ذميوار ڪيو ويو آهي) هو Tom Seenyer جي بي چين توانائيءَ کي ڪاربان مرڪب جي اوٻر سان منسوب ڪندو هو. فلاسافيءَ جو اڻپورو علم خطرناڪ ٿيندو آهي ۽ مايوسي پيدا ڪندو آهي. چيو وڃي ٿو ته ان خوش طبع مشين، جنهن Huckleberry Finn(انگريزي ناول) لکيو ان جا پنهنجي زال سان اختلاف هوندا هئا. ڪهڙي عورت هوندي جيڪا پنهنجي بستري ۽ پنهنجي کاڌ خوراڪ ۾ ڪنهن اهڙي مشين کي خوشيءَ سان شريڪ ڪندي جيڪا کيس مشين جو هڪ اوزار سمجهندي هجي جنهن کي شروعاتي زماني ۾ ٺاهيو ويو هو ۽ جيڪا هاڻي اجائي شور سان ڪم پئي ڪري ۽ جنهن جو انت خاموشي ۽ بي وسي آهي.

اسان جي ننڍپڻ جي ايمان جي موت اسان کي اداس ڪري ڇڏيو آهي. هرهڪ بالغ روح کي اهو ٻٽو صدمو سهڻو پوندو آهي ته هن کان ننڍپڻ وارا خدائي مقصد ۽ پوءِ وارا جوانيءَ جا مقصد کسجي ويندا آهن ۽ جوان دل هن سمجهه ۾ نه ايندڙ ڪائنات جي بار کان ڳري ٿي ويندي آهي. اسان جي مٿاڇري واري زندهه دليءَ جي  تَہَه ۾ ڏک واري جيڪا لئي موجود آهي اها اسان جي خيالن جي ميڪانڪيت جو نتيجو آهي. اسان لاءِ لازمي نه هو ته اسان مذهب جي ان فلاسافيءَ کان ته پاسو ڪيون جيڪا وجود جي فطري بنيادن جي توهين ٿي ڪري ۽ هڪ اهڙي فلاسافيءَ ڏانهن وڃون جيڪا زندگيءَ جي تخليقي قوتن ۽ ذهن جي خوداختياريءَ کي نظرانداز ڪري، اسان لاءِ لازم نه هو ته اسان جتي ان ٻاراڻي خيال کي ترڪ ڪيون ته اسان ساري دنيا جو مرڪز ۽ ڪمال آهيون اُتي اسان پاڻ کي پنهنجن ڪارخانن جي مشين آڏو ذليل ڪيون ۽ انهن کي افلاطوني ”آئڊيا“ سمجهي قبول ڪيون جنهن جي اعليٰ نموني تي بي ربط ارتقا اسان جي روحن جي تربيت ڪئي آهي. اهو ضروري نه هو ته اسان دنيا جي قوت، زندگيءَ جي بي قرار وسعتن، يا سوچ جي مستقل تخليق ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار ڪريون، پر اسان جنگ جي هڪ ئي محاذ تي شڪست کائي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ ڀڄي وياسين.

ڇا ضروري هو ته اسان ائين پوريءَ طرح هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيون، ڇا انساني عمل جي اهائي حيثيت آهي جيڪا پهاڙن جي ڀُرڻ ۽ هوا جي طوفانن ۽ سمنڊ جي اٿل پٿل جي آهي؟ ڇا ماءُ جي مامتا، جوانن جي جنسي خواهشن، محبت جي ماٺيڻي دردمندي رڳو ڪيميائي عنصرن ۽ طبعياتي طاقت جي ميڪانڪي ورڇ آهي. ڇا زندگيءَ جا اڻ کٽ وسيلا رڳو نظر جو دوکو آهن. ڇا ڪماليت جي خواهش هڪ انڌي ڳولها آهي ۽ ارادي جي حيثيت هڪ خواب کان وڌيڪ نه آهي؟ ڇا انسان واقعي مشين آهي؟

ميڪانڪيت:

اچو ته اسان هڪ سادي مشين جي حرڪت تي غور ڪيون. مثال هڪ ڪار وارو رانديڪو جيڪو تيستائين هلندو رهندو آهي جيستائين ان جي چاٻي ڀريل هوندي آهي، ان جي  مٿان اسان رٻڙ جو هڪ چوسرو ٽڪرو ٿا لڳايون. اسان ان رانديڪي کي ديوار کان پرڀرو سنئين زمين تي ٿا ڇڏيون. اسان سمجهندا آهيون ته ڀت، زمين ۽ رانديڪو رياضي ۽ ميڪانڪيت جي اصولن مطابق هڪ ٻئي جي پوري سِڌ ۾ آهن. اهڙي حالت ۾ ڪار ڀت کان ان ئي لائين تي مڙندي جنهن تان وئي هئي. ان فارمولي تي عمل ڪندي اهو رانديڪو ائين ئي ڪندو ۽ ڀت جي مخالف سڌي لائين تي هلندو تان جو ان جي چاٻي ختم ٿي ويندي. هي ميڪانڪي عمل جو هڪ مثال آهي.

هاڻي هڪ ٻيو مثال ٿا وٺون، شيشي جي هڪ مستطيل ٿانوَ ۾ پاڻي ٿا ڀريون، ان جي وچ ۾ شيشي جي هڪ ڀت ٿا بيهاريون ۽ ان جي وچ ۾ ٽنگ ٿا ڪيون جنهن مان پاڻي ٻنهي پاسي اچي وڃي سگهي. پوءِ هڪ حصي ۾ کاڌي جي ڪا شيءِ ۽ ٻئي حصي ۾ ڪو معمولي جاندار جيئن Paramecium کي ٿا وجهون ۽ پوءِ ان کي خوردبينيءَ سان ٿا جاچيون. جاندار يڪدم کاڌي ڏانهن ڊوڙندو، گلاس جي ديوار سان ٽڪرائجي سڌي لائين ۾ موٽندو. ظاهريءَ طرح اهو مشين وارو عمل آهي. پر جلدئي هو سڌي لائين کي ڇڏي ٻي ڪنڊ ٺاهي اڳتي وڌندو. وري ڀت سان ٽڪرائبو ۽ موٽي ايندو، ائين ڪندو رهندو. پر پوءِ لائين مٽائي ان ٽنگ مان نڪري کاڌي تائين پڄي ويندو. ڪنهن مشين جي بناوٽ يا مڪينڪس جي اصولن ۾ ڪا ڳالهه اهڙي ڪانهي جيڪا ان معمولي جاندار جي ان عقل واري ڳولها ۽ مقصديت جي تشريح ڪري.

هڪ ٻئي ساهه واري Stantor raselii جي عمل تي غور ڪيون، پاڻيءَ جو هڪ سادو جاندار جنهن جي شڪل توتاڙي جهڙي هوندي آهي ۽ دٻڻ ۾ ٻوٽن سان چهٽيل هوندو آهي، هن جي منهن تي پاڻي وجهو ته پنهنجو پاڻ ۾ سُسي ويندو، منٽ کان پوءِ اصلي حالت ۾ ايندو، وري ٻيهر پاڻي وجهوس ته پرواهه نه ڪندو، وري جنهن ٻوٽي سان چهٽيل هوندو ان کي ٿورو لوڏيندو ته وري پنهنجو پاڻ ۾ سُسي ويندو، ٿوري دير کان پوءِ وري لوڏيندؤ ته ڪو ردِعمل نه ڏيکاريندو. ائين نئين صورتحال سان يڪدم مطابقت پيدا ڪرڻ جو سبب ڇا آهي؟ ان جو سبب اهو آهي ته نقصان ڏيڻ وارين مشين جي موجودگي ۾ هو زور سان سُسندو آهي پر جن مان نقصان جو انديشو نه هوندو آهي ته انهن جي موجودگيءَ ۾ هي حيوان خاموشي ۽ بي پرواهيءَ سان پنهنجو پاڻ ۾ ۽ انهن نئين حالتن ۾ مطابقت پيدا ڪندو آهي. هاڻي ڪو ميڪانڪيت پرست حيواني دنيا جي ان ادنيٰ مخلوق جي خاص ۽ حياتياتي عمل تي غور ڪري ۽ ان جو سبب ڄاڻي ڏسي، پر هو اسان کي ڪنهن مذهبي ماڻهوءَ وانگر يقين ڏياريندو ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن اسان انهن حيوانن جي ميڪانڪي سبب ڳولهي لهنداسين. اناطون فرانس ڇا ته ڳالهه ڪئي آهي ته سائنسدانن شڪ ڪرڻ جي عادت وساري ڇڏي آهي.

هاضمي جي عمل تي غور ڪيو، ڪي حساس ٻوٽا خوراڪ جي انهن ذرن کي جيڪي هنن جي سطح تي هوندا آهن، جهلي هضم ڪري ڇڏيندا آهن ۽ جيڪي شيون سندن خوراڪ ٿيڻ جهڙيون نه هونديون آهن. انهن کي نه کائيندا آهن، Deleptus anser گهڻو ڪري انهن شين کي ٺڪرائي ڇڏيندو آهي جيڪي هن جي خوراڪ نه هوندا آهن. هڪ بدڪ جهڙو جاندار رڳو مناسب شڪار ڏسي پنهنجي ڦوڪيل ڳچيءَ سان حملو ڪندو آهي. اسان جا آنڊا پنهنجي عمل لاءِ چونڊ ڪندا آهن، جيوگهرڙن جو مجموعو، ڪِن کائڻ جهڙين شين کي ڏسي، پنهنجو ڪم شروع ڪندو آهي. انساني جسم جو هر جيوگهرڙو، رت مان اهو ڪي حاصل ڪندو آهي جنهن جي ان کي ضرورت هوندي آهي ۽ ٻين کي هو نظرانداز ڪندو آهي ۽ رت ۾ بچيل خوراڪ اُڇلائي ڇڏيندو آهي. هو خوراڪ جي چونڊ ڪري ان کي جزن ۾ ڀڃندو آهي ۽ پوءِ وري انهن کي پنهنجي سهوليت آهر ڳنڍيندو آهي. هو ساهه کڻندو آهي، کائيندو آهي، رس خارج ڪندو آهي، وڌندو آهي، ٻچا ڏيندو آهي ۽ مري ويندو آهي. ڄڻ ان کي انفراديت ڏني وئي هجي. اهي جيوگهرڙا اسان جي زندگي جي هر گهڙي جيڪو ڪم ڪن ٿا انهن جو راز ترقي ڪيل سائنس به ڄاڻي نٿي سگهي. جيڪڏهن ڪو عالم پنهنجي ذهانت سان انهن مسئلن کي حل ڪري جيڪي مسئلا سڀ کان ادنيٰ مخلوق جا جيوگهرڙا ٿا ڪن ته اهو جيڪر ديوتا مڃيو وڃي.

هاڻي ٿورو زندگيءَ جي اوسر ۽ واڌاري تي سوچيو. ڪنهن به مشين جي ڪيئن اوسر ٿي سگهي ٿي؟ مشين اسرڻ ڇو گهرندي؟ اوهان ڪڏهن ڪا اهڙي مشين ڏٺي آهي جنهن ۾ زندگيءَ جهڙيون وسعتون هجن؟ ٿورو باغ ۾ سوسن جي گلن تي غور ڪيو، اها ڪهڙي جادوءَ واري قوت آهي جيڪا انهن کي زمين جي قيد مان ڪڍي آهستي آهستي سج ڏانهن اڀاري ٿي؟ هوا ۾ ابابيلن تي غور ڪيو. هنن کي ڪا ڪل، ڪو پرزو ۽ ڪو ڦيٿو لڳل ڪونهي.

اسان جيڪڏهن ٺٺولي ڪري سگهون،

نفرت ۽ غرور ڪري سگهون ۽ ڊڄي سگهون.

جيڪڏهن اسان اهڙيون شيون ٿي جنم وٺون ها.

جيڪي لڙڪ هارڻ لاءِ جنم نه وٺنديون آهن.

ته مان چئي نٿو سگهان ته پوءِ خوشيءَ جي ويجهو اسان ڪيئن اچي سگهون ها.

ننڍي ٻار جو مثال وٺو، خوراڪ لاءِ ايڏو بکيو ۽ اُڃيو ڇو آهي، ڇو هو پنهنجن نرم آڱرين سان ساري دنيا تي قبضو ڪرڻ ٿو گهري. هن کي خوراڪ جي ضرورت آهي. جيڪا هن جي ڳلن کي ڀري، وارن کي وڌائي ۽ اکين کي مرڪڻو ڪري، هن کي پهريون دفعو ڊڄندي پر بهادريءَ سان زمين تي سڌو ۽ وڏي وقار سان بيٺل ڏسو، هو آخر زمين تي بيهڻ ۽ هلڻ لاءِ ايترو آتو ڇو آهي. هو هڪ ڪڏهن ختم نه ٿيندڙ ڳولها ۽ ڪڏهن به پوريون ٿي نه سگهندڙ خطرناڪ خواهشن جي شدت کان ڇو ٿو ڏڪي. هو ڇهي ٿو، چکي ٿو، ڏسي ٿو، ٻڌي ٿو، شين کي هٿ ٿو ڪري، تجربو ٿو ڪري، مشاهدو ٿو ڪري، سوچي ٿو، وڌندو ٿو وڃي تان جو زمين کي تورڻ ۽ سيارن کي ڇهڻ ٿو شروع ڪري. جواني وري ٻار ۾ انقلاب آڻي. هن ۾ توازن ۽ وسعت پيدا ڪري کيس مرد ٿي بنائي ۽ ڇوڪريءَ کي حسن جو اهڙو نمونو جنهن جو مثال فن جي دنيا ۾ نٿو ملي.

اوهان جاندارن جي ٻيهر اُسرڻ واري حقيقت تي غور ڪيو، ڪنهن سامونڊي مڇيءَ جو ڪو پلئه وڍي ڇڏيو. اهو ٻيهر پيدا ٿي ويندو، سڀئي پَلوَ وڍي ڇڏيو، وري پيدا ٿي ويندا. وچ واري حصي کي وڍيو، پلوَ ٻيهر وچ وارو حصو پيدا ڪندا. ان جي ڀيٽ ۾ ڪا مشين خراب ٿي پئي ته پنهنجي مرمت ڪري نه سگهندي. پر ڪنهن جيئري هٿ  جو انتظار ڪندي جيڪو ان کي ٺيڪ ڪري، ان سلسلي ۾ برگسان جيڪي واقعا بيان ڪيا آهن اهي ايترا اهم نه آهن. ڏسو ته  معمولي زخم جو پنهنجو پاڻ ڇٽي وڃڻ ڪيڏو نه حيران ڪندڙ آهي. ڪيڏي هنرمنديءَ سان نوان نوان جيوگهرڙا زخمي بت تي پکڙجي ويندا آهن ڄڻ ڪا ذهانت انهن کي ان چڱي ڪم جي واٽ ڏيکاريندي آهي. اسان قدرت جي ان عمل ۾ ميڪانڪي ۽ ڪيميائي مدد ڪندا آهيون ۽ اسان کي خبر هوندي آهي ته اسان جي اها مدد، قدرت جي ڦٽ ڇٽائڻ واري عمل ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اسان جي مدد جي حيثيت اهڙي ئي هوندي آهي جهڙي بت تراش لاءِ مٽي ۽ پٿر جي هوندي آهي. اسان کي اها به خبر هوندي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن نموني، جنهن جي ميڪانڪت تشريح ڪري نه سگهندي آهي، زندگيءَ جي قوت ۽ اُتساهه هزارين جراحتن ۽ جنگين ۾ تيستائين اسان جي مدد ڪندا آهن جيستائين اها لچڪ واري قوت ختم ٿي پنهنجي لاءِ ڪا ٻي شڪل ڳولهي.

ٿورو شعور تي سوچيون، اسان ۾ اها ڪهڙي بيان نه ڪري سگهڻ واري خاصيت آهي جيڪا اسان کي ان ڳالهه جي ڄاڻ ٿي ڏي ته اسان ڇا ٿا ڪيون، ڇا ڪرڻ ٿا گهرون ۽ اسان ڇا ڪيو آهي يا اسان پنهنجن خيالن ۽ خواهشن جي ڇڪتاڻ کي ٿا ڏسون ۽ هڪ جي ذريعي ٻئي تي تنقيد ٿا ڪيون يا انهن امڪاني عملن ۽ امڪاني نتيجن جي يادگيريءَ جي ذريعي تصور ٿا ڪيون ۽ آخر ۾ خيالن ۽ خواهشن جي سموري طاقت سان تجزيو ڪيل صورتحال کي تخليقي عمل جي صورت ٿا ڏيون. ڪوهلر جا تجربا سکڻ لاءِ ميڪانڪي عمل کان وڌيڪ، بصيرت جي ضرورت هوندي آهي، ۽ اهڙيءَ طرح هن جا تجربا ذهني عمل لاءِ ميڪانڪي سبب کي رد ٿا ڪن، اسان بي خياليءَ ۾ ايترا ته بدديانت ٿي ويا آهيون جو اڄ جيڪڏهن اسان زماني سان هلڻ گهرون ته پوءِ اسان کي هڪ ميڪانڪي فلاسافيءَ کي بچائڻ لاءِ شعور جي وجود کي رد ڪرڻو پوندو.

اسان شروعات انهن شين سان ڪندا آهيون جن کي اسان خارجي ۽ سطحي طرح ڄاڻندا آهيون (جيئن جديد طبعيات ۾ مادي سان شروعات ڪندا آهن جيڪا قوت جي مٿاڇري جي شڪل آهي) قدرتي طور اسان ان مٿاڇري جي ميڪانڪيت کان ان داخلي شعور تائين پهچڻ لاءِ پريشان ٿي ويندا آهيون جو مٿاڇري جي ميڪانڪيت تي اسان جي ڄاڻ جو انحصار هوندو آهي. پر عمليت پرست، حقيقت کي مشڪوڪ نظريي تي قربان ڪرڻ ۾ بلڪل نه هٻڪندو آهي ۽ وڏي جرائت سان اعلان ڪندو آهي ته شعور جنهن جو ميڪانڪيت وٽ ڪو جواز ڪونهي، هڪ واڌو شيءِ آهي ۽ ان جي ڪا حيثيت ڪانهي. هڪ سٺو فلاسافر، ڪنهن مذهبي مفڪر وانگر، پنهنجا بنيادي اصول طبعيات مان وٺندو آهي ۽ ان ڳالهه جو خيال رکندو آهي ته ڪي به اهڙا واقعا نه مڃجن، جيڪي انهن مڃيل اصولن جي خلاف هجن. عمليت پرست هڪ سٺو ماهر نفسيات ته هوندو آهي پر فلاسافر هُو پورو پنو هوندو آهي. هو قدرت کان عطا ٿيل پنهنجي سادگيءَ ۾ مڃيندو آهي ته فلاسافي اجائي آهي ۽ اها هڪ نسل تائين ختم ٿي ويندي. جديد سوچ جي سطحيت مان ظاهر ٿو ٿئي ته هيءَ اُبتي دينيات ائين پئي ماڻهن ۾ مقبول ٿئي جيئن مسيحي سائنس مقبول ٿي آهي. اسان هڪ اهڙي مقام تي بيٺا آهيون جتي اسان مان اڌ ماڻهو مادي جي حقيقت کان انڪار ٿا ڪن ۽ اڌ شعور جي حقيقت کان منڪر آهن ۽ اسان ان اداس مرڪ جو تصور ڪري سگهون ٿا جيڪا گوئٽي ۽ والٽيئر جي چپن تي، اسان جي دور جي انتشار کي ڏسي آئي آهي.

آخر ۾ اچو ته پيدائش جي مسئلي تي غور ڪيون، عورت جو مخصوص حصو جنهن کي ڏسي به نٿا سگهون ۽ پيدائش جو هڪ بيتاب قطرو جيڪو انهن دنيائن ۾ گردش ٿو ڪري جن کي اسان اڃا پنهنجي وس ۾ ڪري نه سگهيا آهيون. ان جو هڪ هڪ جيوگهرڙي ۾ بي انتها موروثي خاصيتون آهن ۽ هزارين نسلن جي يادگيري آهي. انهن مان هرهڪ جيوگهرڙي ۾ جسم ۽ ذهن جا بي مثال وصف؛ جيئن جبلتون، بُک، لاڙا، شدت ۽ محبت موجود هوندا آهن، جنس جو جذبو ۽ صبر به هوندو آهي. اهو ٽيپو ۽ بيضو پاڻ ۾ ملندا ته امڪانَ يڪدم حقيقت ٿي ويندا ۽ هڪ نئين زندگيءَ جو معجزو شروع ٿي ويندو. پنهنجي ڪنهن اندرئين ضرورت جي ڪري زرخيز جيوگهرڙو، جنهن کي رت مليل هوندو آهي، پاڻ کي ٻن، چئن، اٺن ۽ ڪروڙن جيوگهرڙن ۾ ورهائي ٿو ۽ جيئن جيئن ان جو انگ وڌي ٿو اهو هڪ ٿيندو ٿو وڃي. هڪ دل ٿي ٿو ڌڙڪي، ٻيو دماغ ٿي ٿو محسوس ڪري، هٿ ۽ پير ماءُ جي پيٽ ۾ ئي چرڻ پرڻ ٿا لڳن، ۽ پوءِ هي نئون معجزو دنيا ۾ نمودار ٿو ٿئي، هوا، خشڪي، آواز ۽ روشني هن تي اثر ٿا ڪن، هن جون اکيون، چپ ۽ ڪن ٿا کلن ۽ هن جون سڀ تنتون احساس سان ڪيئن ٿيون ڪنبن، زندگي هڪ وار وري موت کي شڪست ڏيئي نئين شڪل ۾ ظاهر ٿي ٿئي، هڪ وار وري خوشي، طاقت ۽ جوانيءَ سان ٽمٽار!

ڇا اهو ميڪانڪي عمل آهي، زاڪ لويب تجربا ڪري ڏٺو ته مڇيءَ جي بيضي کي پاڻيءَ ۾ مليل لوڻ ۽ سوئي چڀوئڻ سان ٻچو ڏيڻ جهڙو ڪري سگهجي ٿو. هن يڪدم چيو ته هن پيدائش جو ميڪانڪي هجڻ ثابت ڪيو آهي. اصل ۾ هن اهو ثابت ڪيو ته ڪيترين حالتن ۾ مادي نر کانسواءِ به ٻچا ڏيئي سگهي ٿي. هن ڄم جو اهو اصول ڳولهيو جنهن کان حياتيات جا ماهر گهڻي وقت کان آگاهه هئا. هاڻي ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته مادي نه سوئي وانگر ميڪانڪي آهي ۽ نه لوڻ وانگر نر کانسواءِ واري پيدائش. مادي ۽ نر جي ميلاپ واري پيدائش کان وڌيڪ حيرتناڪ آهي. ان ۾ اهو خطرو به آهي ته مادي جيڪا ڪمزور صنف سمجهي ويندي هتي ان جي خود اختياري خوفناڪ حد تائين پڄي سگهي ٿي.

لويب جي انهن تجربن کان وڌيڪ حيرتناڪ کوجناؤن هانس ڊريش جون آهن، ڊريش جي تربيت جينا ۾ ارنسٽ هيڪل جي تجربيگاهه ۾ ٿي هئي. هن لاءِ ميڪانڪيت پرست هجڻ جا سڀ امڪان موجود هئا. پر هن اهڙيون کوجناؤن ڪيون جن جو هن جا استاد سوچي به نٿي سگهيا. هن هڪ زرخيز بيضي کي ٻه اڌ ڪيو پر پوءِ به ان جي واڌ سٺي نموني ۾ ٿي. هن ٻيو دفعو بيضي کي ٻه اڌ ڪري جيوگهرڙن جي نظام کي هيٺ مٿي ڪيو پر پوءِ به ان جي واڌ ٺيڪ نموني ۾ ٿي. هن ٽيون دفعو به ائين ڪيو ۽ جيوگهرڙن کي ڇڙوڇڙ ڪيو پر پوءِ به ان جي واڌ ٺيڪ نموني ٿي. هاڻي ٿورو تصور ڪيو ته ٻه مشينون ٽين مشين جي پيدائش لاءِ ميلاپ ٿيون ڪن، اهو به تصور ڪيو ته مشين جي هرهڪ ڪَل ۾ عضوي واري طاقت آهي ۽ اها پيدائش ڪري سگهي ٿي ۽ اها پاڻ کي لڳاتار انداز سان ورهائي ٿي ۽ وڌي ٿي. وري اهو به تصور ڪيو ته ماءُ پيءُ جا ڪي حصا ڪا اهڙي مشين ٿا ٺاهن جنهن ۾ پڃرو پنهنجو پاڻ ٻن ٻن، چئن چئن ۽ اٺن اٺن حصن ۾ ورهائجي هڪ مڪمل مشين پيدا ٿو ڪري. جيترو هوءَ ورهائجي ٿي اوترو هڪ ٿي ٿئي. تصور ڪيو ته ڪوڊريش ان مشين کي ٻن حصن ۾ ٿو ورهائي يا ان جي حصن کي ڇڙوڇڙ ٿو ڪري. اهو تصور به ڪيو ته پوءِ به اها مشين ڪاميابيءَ سان ائين ڪم ڪري ڄڻ ان کي ڪجهه ٿيو ئي نه آهي. ڇا سائنس يا فلاسافيءَ ۾ ان کان وڌيڪ کل جهڙي ڳالهه تصور ڪري سگهجي ٿي؟ ڇا ڪنهن قديم يا جديد مذهب جو معجزو ان عظيم ڏند ڪٿا جو مقابلو ڪري سگهي ٿو؟

جبريت:

پر ميڪانڪيت پرست چوندو ته اسين ساڻس ناانصافي ٿا ڪيون. اسان هن جي ڳالهه کي غلط سمجهيو آهي ۽ هن جي اهڙي نظريي تي حملو ڪيو آهي جنهن جي هن ڪڏهن به حمايت نه ڪئي آهي، هن جو جيڪو جواب هوندو ان جو اسان تصور ڪري سگهون ٿا، هو چوندو:

”اسان جو مقصد انسان جي عمل کي مشين بنائڻ نه آهي پر انسان جي جسماني ۽ ذهني دنيا ۾ ڪارڻ ۽ نتيجي جي ڪڏهن نه ٽٽندڙ سلسلي جي تائيد ڪرڻ آهي. انسان قدرت جو حصو آهي ۽ قدرت جا قانون هن تي به عائد ٿين ٿا. ڪارڻ ۽ نتيجي جو سلسلو ڪٿي ٽٽي سگهي ٿو ان جو تصور ڪري نٿو سگهجي. جيڪڏهن اهو سلسلو ٽٽي ته ان جو مطلب ته قوت تباهه يا تخليق ٿيندي پر قوت جو تسلسل ۽ ان جو تحفظ هڪ حقيقت آهي. ڪنهن انسان کي خوراڪ ڏيڻ بند ڪبو ته هن مان عمل جي قوت ختم ٿي ويندي. کيس سٺي خوراڪ ڏيو ته هو نيڪ ۽ وطن پرست ٿيندو پر هن کي غلط خوراڪ ڏيو ته اوهان کيس بيمار، ڏوهاري، مايوس، احمق ۽ ارادي جي آزاديءَ جو علمبردار بنائي ڇڏيندا. ڪنهن ماڻهوءَ جا پيدائش کان موت تائين جا اعمال جاچيو. اهي سڀ ان خوراڪ جو نتيجو هوندا جيڪا وقت به وقت هو کائيندو رهيو آهي. انسان جي ذهني طاقت خوراڪ مان حاصل ٿيندي آهي پر اها طاقت ٻوٽا نباتاتي عمل سان زمين ۽ هوا جي بي جان مادن مان حاصل ڪندا آهن، غير جانبدار دنيا ۾ ڪارڻ ۽ نتيجي جي تسلسل کي مڃڻ، ان کي انساني زندگيءَ جي نازڪ ترين رخن جي عمل جهڙو مڃڻ آهي.

ائين ٿو لڳي ته جيترو اسان انساني عمل کي ڄاڻنداسين ايتري ئي پڪ سان اسان هن جي باري ۾ اڳڪٿي ڪري سگهنداسين. جيڪڏهن اسان انهن حالتن کان پوريءَ طرح واقف هجون جيڪي دوستن جي اعمالن تي اثرانداز ٿينديون آهن ته پوءِ اسان هنن جي ڪردار جي باري ۾ ائين صحيح اڳڪٿي ڪري سگهنداسين جيئن اسين چنڊ گرهڻ جي باري ۾ ڪري سگهندا آهيون. جيڪڏهن جبريت غلط هجي ها، جيڪڏهن انسان جا عمل قانونن جا تابع نه هجن ها ته علم جي واڌاري سان انساني ڪردار لاءِ اڳڪٿي ڪرڻ ناممڪن هجي ها.

وڏي ڳالهه ته انسان جو عمل هن جي ڪردار ۽ ان ماحول جو نتيجو هوندو آهي جيڪو ماحول هن کي عمل لاءِ ميسر هوندو آهي. هن جو ڪردار هن جي ماضيءَ جي حالتن (نطفي کان وٺي) ۽ وڏن جي وراثت جي پيداوار هوندو آهي. اسان وراثت جي زنجير جو آخري ڇيڙو آهيون. اسان ڪجهه به شروع نٿا ڪيون، ڪنهن ڳالهه جو فيصلو نٿا ڪيون، اسان انهن خارجي طاقتن جي زور سان ئي چُرون پُرون ۽ گهمون ٿا، جيڪي اسان جي وس ۾ نه آهن. مرضي هلائڻ نظر جو دوکو آهي. اهي رڳو جبر جون گڏيل قوتون آهن. ماڻهو پاڻ کي آزاد سمجهندا آهن ڇاڪاڻ جو هنن کي پنهنجن ارادن ۽ خواهشن جي ڄاڻ هوندي آهي. پر هنن کي انهن سببن جي ڄاڻ نه هوندي آهي جن مان سندن خواهشون ۽ ارادا جنم وٺندا آهن. اصل ۾ اسان جي ڪردار جو اهي طاقتون تعين ڪنديون آهن جيڪي اسان کي وجود ۾ آڻينديون آهن ۽ جن جي اسان وس ۾ هوندا آهيون ائين جيئن هڪ پٿر زمان ۽ مڪان ۾، پنهنجي وزن، رفتار ۽ رُخ مطابق ڪرندو آهي. ان معنيٰ ۾ انسان هڪ مشين آهي.

جبر پرست کي پنهنجي فلاسافيءَ جي نتيجن تي ٿورو غور ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن هر عمل تي اصل ۾ مادي حالتن جو اثر آهي ته پوءِ اسان کي اهو نتيجو ڪڍڻ گهرجي ته جبريت ۽ ميڪانڪيت هڪ ئي شيءِ آهن ۽ مائيڪل اينجلو جي شرافت، شيڪسپيئر جو تخليقي جذبو، سقراط جو نڪ ۽ قلوپيٽرا جي مرڪ، ستارن جي شروعاتي ڌنڌ جي ميڪانڪي ۽ ڪيميائي جوڙجڪ جي اثر جو نتيجو آهن. هي هڪ قابل اعتراض مفروضو آهي. حيرت آهي ته ٽين، رنبان ۽ اناطول فرانس جهڙا شڪ پرست جبريت کي هضم ڪري ويا. ايمان جي ان نئين دور ۾ شڪ ڪرڻ وارا به وڏا ايمان وارا آهن. هو وڏي فخر سان حياتيءَ جي هڪ نظريي کي سائنسي بنيادن تي رد ٿا ڪن ۽ ان کان ترت پوءِ ڪنهن ٻئي عقيدي تي انڌو ايمان ٿا آڻين. ميڪانڪيت پرست ڪڏهن اهو نٿا سوچن ته هنن جي باقاعدي شڪ جي بنياد ۾ ڪيترا بي بنياد نظريا آهن.

تاريخ دان ان کي معجزو سمجهندا ته ستارن جي عظيم ڌنڌ ڪڏهن به يقين کي ختم نه ڪيو آهي. اهو ڪهڙو جادو هو جنهن اسان کي هڪ نسل تائين طبعيات جي وقتي تصورن کي پنهنجي زندگيءَ جا قانون ۽ علامتون قبولڻ لاءِ هرکايو هو. اسان مان ڪيترن دل سان ٿي مڃيو ته اسين مشين آهيون ۽ ان کل جهڙي تصور تي وڏي ايمانداريءَ سان عمل ٿي ڪيو. ڇا اسان پنهنجي ليکي سمجهندا هئاسين ته حواس ۽ ذهن فعال به آهن ته مفعول به، ۽ اسان قوتن جي وهڪري ۾ خوداختياريءَ جا ننڍا مرڪز آهيون. اسان زندگيءَ جي اڻ ڳڻين رُخن ۽ زرخيزي، بي انتها تجربن ۽ شڪلين، ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ مادي ۽ ڌرتيءَ کي بدلائڻ ۽ فتح ڪرڻ جي ارادي جو ڪيئن ميڪانڪيت ۽ جبريت جي حوالي سان تصور ڪري سگهون ٿا.

ارادي  جي اهڙي پڪائي اسان ۾ جان لاڪ جي هن تصور سان پيدا ٿي ته ذهن هڪ صاف سليٽ آهي جنهن تي احساس نشان ڇڏيندا آهن. اهو ميڻ وانگر آهي جنهن کي ٻاهر جون شيون شڪليون ڏينديون آهن. پر اڄ اسان کي ٻئي نوع جي نفسيات جي تعليم ڏني ٿي وڃي. اسان پنهنجي روح جي تهه ۾ خواهشن کي ٿا ڏسون جيڪي انسان جو اصل آهن. اسان پنهجن خواهشن کي احساسن، مشاهدن، يادگيرين جي چونڊ ڪندي ۽ انهن جي ترتيب ڪندي ڏسندا آهيون. زندگيءَ پنهنجي عظيم اشتها کي جبلتن ۽ صلاحيتن ۾ ورهايو آهي جيڪي اسان جي اعمالن، روين ۽ مشاهدن جي انداز جو تعين ڪنديون آهن. اسان خارجي محرڪن کان بيخبر هوندا آهيون جيڪي اسان ۾ تحرڪ پيدا ڪرڻ جي اجائي ڪوشش ڪندا آهن. اسان اهي آواز ٻڌندا آهيون جيڪي اسان جي خواهشن مطابق هوندا آهن ۽ اهي آواز نه ٻڌندا آهيون جن ۾ اسان جي دلچسپي نه هوندي آهي ۽ ٻين هزارين آوازن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندا آهيون. اسان جا مقصد ئي اسان جي احساسن، مشاهدن ۽ خيالن کي صورتون ڏيندا آهن، اسان کي چيو ويندو آهي ته ڪن انگن کي گڏ ڪيو، اسان جو ذهن يڪدم هڪ خاص رويو اختيار ڪندو آهي ۽ اسان سوال ٻڌڻ سان جواب ڏيئي ڇڏيندا آهيون، ست واڌو ست ٻڌي اسان يڪدم چوڏهن چوندا آهيون پر جيڪڏهن ضرب ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ته 49 چوندا آهيون، شين جو صاف ۽ شديد هجڻ يا ورجاءُ اسان جي انهن کي ٻڌڻ جو سبب نٿو ٿئي پر رڳو مقصد ئي انهن جي ٻڌڻ جو سبب ٿو بڻجي. اسان خارجي محرڪن جا بي وس شڪار نه آهيون اهي بيشڪ ته اسان تي اثر ڪن ٿا، پر اسان چونڊ ڪندا آهيون، اهائي ايجاد ڪرڻ واري جي قوت آهي ۽ ان قوت جي ڪري ئي ڪارخانن جو ڪَلون تيار ٿينديون آهن جيڪا ان خيال جي ترديد آهي ته ذهن دماغ جي مفعولي حالت آهي.

ان تخليقي ارتقا ۾ اسان جو ذهن اهي نادر ڪم ڪندو آهي جن کي ميڪانڪي چوڻ سولو نه آهي، اسان ڪُلَ کي جزن جي حالت ۾ آڻيندا آهيون ۽ انهن کي وري جوڙيندا آهيون، اسان تصور ۾ شين کي حصن ۾ ورهائيندا آهيون ۽ دليلن وقت انهن کي ڳنڍيندا آهيون. اسان مقصدن تي غور ڪندا آهيون، قدرن جي ماپ ڪندا آهيون، نتيجن جو تصور ڪندا آهيون ۽ پنهنجن خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ طريقا ڳولهيندا آهيون، اسان گذريل مسئلن ۽ انهن لاءِ پنهنجي ردِعمل کي ياد ڪندا آهيون، انهن حالتن ۽ هاڻوڪي صورتحال ۾ هڪجهڙايون ڳولهيندا آهيون ۽ پنهنجي مقصدن جي روشني ۾ فيصلو ڪندا آهيون. ڄاڻ اسان جي عملن جي طريقن جي يادگيري آهي. جيتري وڌيڪ اسان جي ڄاڻ هوندي اوترا وڌيڪ اسان دورانديش هونداسين ۽ جيتري وڌيڪ اسان جي دورانديشي هوندي اوترا وڌيڪ اسين آزاد هونداسين. شعور اعمالن جي ريهرسل لاءِ هڪ اسٽيج آهي. اسان يادگيري، تخيل ۽ عقل جي ذريعي غير دانشمنديءَ وارن اعمالن کي ختم ڪندا آهيون ۽ پنهنجي آخري مقصد جو ڪنهن حد تائين اظهار ڪندا آهيون. آزادي عقل وانگر هڪ دير وارو ردِعمل آهي جيڪا هڪ مڪمل عمل لاءِ رهنمائي ڪندي آهي. جيئن دير ڪرڻ سان اسان منجهيل صورتحال سان واسطو رکندڙ محرڪات کي اڀاريندا آهيون ۽ پوءِ اسان تخيل جي ذريعي انهن نامڪمل محرڪات کي هڪ مڪمل ردِعمل ۾ جوڙيندا آهيون جيڪو اسان جي مڪمل ۽ بالغ شخصيت جو مظهر هوندو آهي.

ميڪانڪيت جي حيثيت ٻئي درجي جي آهي، جنهن کي اسان ترت، بنيادي ۽ روزاني زندگيءَ جي حقيقي فلاسافي ٿا سمجهون. اها هيءَ آهي ته هر جاندار پنهنجي جوڙجڪ جي لچڪ مطابق رهبري ڪندڙ ۽ ڪنهن حد تائين خود اختياري ۽ پنهنجو پاڻ شروعات ڪندڙ قوت جو مرڪز آهي. زندگي انڪري تخليقي نه آهي ته اها عدم مان هڪ نئين قوت ٿي پيدا ڪري پر ان ڪري ته اها پنهنجي اثرانداز ٿيندڙ قوت کي خارجي قوتن ۾ شامل ٿي ڪري. ارادو رڳو ان حد تائين آزاد آهي. اهو ان زندگيءَ سان جنهن جي پاڻ هو هڪ شڪل آهي، دنيا کي نئون روپ ڏي ٿو. دنيا کي نئون روپ ڏيڻ لاءِ زندگي ايجادن کان ڪم ٿي وٺي ۽ رياضي ۽ ميڪانڪيت کي ٿي ٺاهي ته جيئن هو خارجي دنيا کي منهن ڏيئي سگهي. زندگي ان وقت پنهنجي ذهن جي انهن تخليقن تي کلندي ۽ انهن کي نظرانداز ڪندي آهي جڏهن اهي ان جي ٻوليءَ ۾ ئي ان جي تشريح ڪنديون آهن.

ڇا آزاديءَ جو هي تصور جبريت وارن جا حملا سهي سگهندو؟ جبريت وارا عقل کان ڪم وٺندي چئي سگهندا ته ارادو مجرر اسم آهي ۽ هو ڄاڻي واڻي اهو وساري ڇڏيندو ته قوت پڻ مجرد اسم آهي. ان لاءِ اسان کي جواب ڏيڻ گهرجي ته ارادي سان اسان جو مطلب ڪا مجرد شيءِ نه آهي پر زندگيءَ جي اُڀرڻ ۽ پکڙجڻ وارو عمل آهي. زندگي ڇا آهي؟ اهو اسين ٻين صفحن تي ٻڌائي آيا آهيون. اسان کي حقيقت کي افسانو بنائڻ نه گهرجي.

يا وري جبريت وارا قوت جي حفاظت جي ڳالهه ڪندا، جاندار رڳو ايتري قوت ڏيئي سگهي ٿو جيتري هو حاصل ڪري ٿو. اها ڳالهه ڪرڻ کان اڳ هو وساري ڇڏين ته زندگي پاڻ هڪ قوت آهي جيڪا سندس مقابلي وارين طاقتن کي، سوچ ۽ سمجهه سان بدلائي ڇڏيندي آهي ته جيئن ماحول تي حاوي ٿي سگهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن کيس ڪاميابي به ٿيندي آهي. عمل سان جيتري قوت پيدا ٿي ٿئي ان جي مقدار جو پورو احساس نٿو ٿئي پر ان جي خاصيت ڪيڏي نه مختلف آهي. زندگيءَ جي هيءَ بدلائڻ واري قوت جنهن جو اسان کي سڌوسنئون علم آهي، اسان جي نماڻي آزادي جو سرچشمو ۽ واعدو آهي.

جبريت وارا سمجهن ٿا ته آزادي نظر جو فريب آهي ڇاڪاڻ ته طاقتور محرڪ سدائين ڪامياب ٿيندو آهي پر اها بي معنيٰ ڳالهه آهي. جيڪو طاقتور محرڪ ڪامياب ٿو ٿئي اهو انهن محرڪن کان طاقتور ٿو هجي جيڪي ناڪام ٿيندا آهن. اهو محرڪ انڪري ڪامياب ٿو ٿئي جو اُن جي خواهش، ارادي ۽ روح جي اصليت سان مطابقت هوندي آهي. چوڻي آهي ته ڪوبه عمل بنان سبب جي ٿي نٿو سگهي. اها چوڻي صحيح آهي، پر ارادو سبب جو حصو هوندو آهي ۽ عمل جي سببن ۾ زندگيءَ جي اڳتي وڌڻ واري قوت به شامل هوندي آهي. ذهن جي هرڪا ڪيفيت قدرتيءَ طرح گذريل سموري حقيقت جو نتيجو هوندي آهي. پر اُن ڪيفيت ۽ هن ڪيفيت ۾ ارادي جي تبديلي آڻڻ واري قوت به موجود آهي. اهو به چيو ويندو آهي ته هڪ سبب جو هميشه هڪجهڙو نتيجو نڪرندو آهي. پر سبب ڪڏهن به هڪجهڙا نه هوندا آهن ڇاڪاڻ ته شخصيت هميشه بدلجندي رهي ٿي ۽ حالتون ڪڏهن به هڪجهڙيون نه ٿيون رهن. جيڪڏهن مان تنهنجي سموري حال ۽ ماضيءَ مان واقف آهيان ته مان بنان غلطيءَ جي تنهنجي ردِعمل بابت اڳڪٿي ڪري سگهان ٿو.“ تون به شايد منهنجي باري ۾ اڳڪٿي ڪري سگهين جيڪڏهن تون منهنجي اندر جي زندگيءَ واري قوت مان واقف هجين پر اهو تڏهن جڏهن تون ميڪانڪيت جي اصولن کي ڇڏي پنهنجي رهبريءَ لاءِ پنهنجو پاڻ کان پڇين ته انهن قسمين قسمين حالتن ۾ تون يعني زندگي ڇا ڪندي؟ پر شايد پوءِ به تون ڪاميابيءَ سان اڳڪٿي ڪري نه سگهين. شايد زندگيءَ ۾ خوداختياري جو عنصر آهي جيڪو اسان جي تصورن ۽ قانونن جي مطابق نه آهي جيڪو ارتقا ۽ انساني عملن کي هڪ خاص قسم جو اتساهه ۽ ڪردار بخشيندو آهي. اچو ته دعا ڪيون ته اسان کي هڪ اهڙي دنيا ۾ نه رهڻو پوي جنهن جي باري ۾ پوريءَ طرح اڳڪٿي ڪري سگهجي. ڇا اهڙي دنيا جو نقشو زندگيءَ جي تقاضائن جي کِل جي حد تائين ابتڙ نٿو لڳي. جيئن برگسان چيو هو ته زندگيءَ ۾ ميڪانڪيت هڪ وقتي مشڪري آهي.

اهو به چيو ٿو وڃي ته هر عمل وراثت ۽ ماحول جو نتيجو آهي. اها ڳالهه بلڪل صحيح نه آهي. جبريت پرست انڪساريءَ جي ڪري ان محاسبي ۾ پنهنجي وجود جو محاسبو نٿو ڪري. هو وري به سمجهندو آهي ته زندگي خارجي طاقتن جو مفعولي نتيجو آهي هو زندگيءَ جي قوت ۽ زندهه دليءَ کي وساري ڇڏيندو آهي. اسان رڳو پنهنجا ابا ڏاڏا ۽ پنهنجون حالتون نه آهيون، اسان تبديلي جي قوت جا سرچشما آهيون. اسان بامقصد قوت، تخليقي انتخاب ۽ سوچ جي ڌارا جو حصو آهيون جنهن جو اسان جا ابا ڏاڏا به حصو هئا. اسان جا ابا ڏاڏا اصل ۾ اسان ۾ زندهه آهن پر اهو عزم ۽ زندگي جيڪا ڪنهن وقت هنن ۾ هئي اها هاڻي اسان مان هرهڪ ۾ آهي، جيڪا منهنجي ”خودمختيار خودي“  کي تخليق ڪندي آهي، آزادي. آزاديءَ جي پراڻي تصور کان وسيع به آهي ته محدود به آهي. اها بيشڪ ته موروثي ۽ ماحولياتي حالتن ۾ محدود آهي پر تنهن هوندي به زندگيءَ وانگر اونهي ۽ شعور وانگر وسيع آهي. اها جدا جدا نمونن جي تجربن، نقطئه نظر جي وسعت ۽ فڪر جي صفائيءَ سان گڏ طاقت ۽ پکيڙ ۾ به وڌي ٿي. ارادو ان حد تائين آزاد آهي جيستائين زندگي تخليق ڪري سگهي ٿي. ارادو ان حد تائين آزاد آهي جنهن حد تائين هو چونڊ ۽ عمل جو سبب بڻجي ويندو آهي. ان آزاديءَ ۾ قدرت جي قانون جي ڪا ڀڃڪڙي نٿي ٿئي ڇاڪاڻ ته زندگي پاڻ هڪ قدرتي عنصر ۽ عمل آهي. ڪائنات کان ٻاهرين ڪا طاقت ڪانهي. قدرت پاڻ، جيئن ان جي نالي مان معنيٰ نڪري ٿي اها زندهه قوت آهي جنهن مان سڀ شيون وجود ۾ اچن ٿيون. شايد هن ساري دنيا ۾ اها خوداختياري ۽ وجود ۾ اچڻ وارو جذبو موجود آهي جنهن لاءِ اسان دعويٰ ڪندا آهيون ته اهو زندگي ۾ موجود آهي نه ته زندگي اهي خصلتون ڪٿان حاصل ڪيون.

اها ڳالهه صحيح آهي ته اسان جون شخصيتون اسان جي سموري عمل جو تعين ڪنديون آهن، پر اسين پاڻ ئي پنهنجون شخصيتون آهيون، هڪسلي جا همنوا ٿي ائين چوڻ به صحيح آهي ته اسان پنهنجن خواهشن تي عمل ڪرڻ ۾ ته آزاد آهيون پر خواهشن جي چونڊ ڪرڻ ۾ آزاد نه آهيون. اسان پاڻ ئي پنهنجون خواهشون نه آهيون ۽ خواهش زندگي آهي. پنهنجي خواهشن جي تڪميل سان اسان پنهنجي تڪميل ڪندا آهيون ۽ اهو چوڻ صحيح نه آهي ته خارجي ۽ موروثي قوتون اسان تي حاوي هونديون آهن. حقيقت جو هڪ پاسو هي به آهي ته زندگي خود قوت آهي جنهن جو پنهنجو طريقو آهي. جيڪو محدود ۽ مجبور ته آهي پر حيرت انگيز حد تائين ادنيٰ جاندارن کان دانائن جي اڪيلين بلندين تائين اُسرندي آهي ۽ دنيا تي پنهنجن روين ۽ فتحن سان ڇانئجي ويندي آهي. زندگي جيڪڏهن متحرڪ قوت نه هجي ها ته ارتقا نه ٿئي ها.

اسان جو پنهنجي ان رهبري ڪرڻ واري قوت جو شعور اسان کي اسان جن ذميواري ۽ شخصيت جي ڄاڻ ڏيندو آهي ۽ اسان جي سوچ کي زندگيءَ سان ڳنڍيندو آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان جبريت جي ڳالهه ٿي ڪئي تڏهن اسان کي خبر هئي ته اها فلاسافي غلط آهي. اسان ڪڏهن به پاڻ کي ۽ پنهنجن ٻارن کي مشين ناهي سمجهيو. آزاديءَ جون فلاسافيون وري وري پيدا ٿينديون آهن ڇاڪاڻ ته مشاهدي کي، فارمولن ۽ احساس لاءِ دليلن سان رد ڪري نٿو سگهجي. حقيقت ۾ ميڪانڪيت هڪ بزدليءَ واري فلاسافي آهي ڇاڪاڻ ته اها انسان جي گناهه کي وراثت ۽ سماج جي کاتي تي چاڙهي ڇڏيندي آهي. ٿي سگهي ٿو ته اڄ جي شخصيتن جي ڪمزوري جو سبب اهو هجي ته فلاسافي ۽ زندگي تي مشين حاوي ٿي وئي آهي مشين قدرت کي فتح ڪندي ٿي وڃي، پراڻن ۽ متضاد مقصدن جي پورائي لاءِ اسان جي قوت تمام گهڻي وڌندي ٿي وڃي. اسان بادلن جي مٿان ۽ سمنڊ جي تري ۾ پڄي ويا آهيون. اسان ڪروڙين شيون ٺاهيون ٿا جيڪي فن ۽ قيمت جي لحاظ کان تمام گهڻيون سستيون آهن. آهستي آهستي هنر مشين جي آڏو، خوبي مقدار جي آڏو، فن ڪارخاني جي آڏو ۽ ڪردار دولت جي آڏو ختم ٿيندا ٿا وڃن. تمام جلد ماڻهو به غائب ٿي ويندو ۽ رڳو مشينون ۽ انهن جا بٽڻ باقي بچندا. ڇا اها ڪا حيرت جي ڳالهه آهي ته اسان جو نسل سئنيما کي ڊرامي تي، فليٽ کي گهر  تي، بجليءَ جي ٿنڀن کي وڻن تي، سياستدانن کي سياسي مدبرن تي، ترجيح ٿو ڏي. اسان شخصيت ۽ خود اراديت کي وڃائي ويٺا آهيون ۽ مشين جو نالو حاصل ڪبو آهي.

ميڪانڪيت وڌندڙ شهرن ۽ بي رحم جمهوري رياست جي فرد تي تسلط جو به اظهار آهي. اجتماع يا چونڊن ۾ شخصيت يا خوداختياريءَ کي قائم رکڻ ڏکيو آهي. وڏي ڳالهه ته جبريت ان نشي جو نالو آهي جيڪو طبعيات کي پنهنجي ظاهري شان شوڪت سان حاصل ٿيو آهي. ان نشي ۾ هن سوچيو ته پنهنجن خطرناڪ ۽ جانبدار فارمولن ذريعي هوءَ ذهن، فن ۽ محبت جي سلطنت جو گهيرو ڪري وٺي. آهستي آهستي اسان جڏهن مشين جي دور کان تخليقي ثقافت جي دور تائين پهچنداسين ته پوءِ اسان ڌرتيءَ جي سطحي مشينري جي پٺيان زندگيءَ کي ڌڙڪندو ڏسي سگهنداسين. گهڻن شڪن ۽ گهڻن غلطين کان پوءِ اسان سمجهي وينداسين ته اسان پنهنجي معمولي حيثيت مطابق دنيا جي عمل ۾ شريڪ آهيون ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ته پنهنجي تخيل ۽ علم سان، ان سمجهه ۾ نه ايندڙ ڊرامي جون ٻه چار سٽون اسان به لکي ڇڏيون.

حياتيات جو دور:

آخر ۾ اسان کي ڏسڻو آهي ته فلاسافي، حياتيات، نفسيات، معدنيات، ايستائين جو طبعيات ۾ به ميڪانڪي طريقو ختم ٿيندو ٿو وڃي. لوسئن پون ڪيري چوي ٿو ته اڄ ان خيال کي رد ڪيو ٿو وڃي ته سڀني واقعن جي ميڪانڪي تشريح ٿي سگهي ٿي. ڪيسرر چئي ٿو ته جديد طبعيات ۾ دنيا جي ميڪانڪي تصور جي جاءِ، هاڻي فعال بجلي  (Electro- dynamic)  جو تصور ٿو وٺي. لَيَ بان ٿو چئي ته هزارين محققين جي ڪوششن جي باوجود بدن جو علم اسان کي انهن طاقتن سان روشناس نه آهي ڪرائي سگهيو جيڪي زندگيءَ جو سبب بڻبيون آهن، اِنهن طاقتن جو اُنهن طاقتن سان ڪو تعلق نه آهي جن جو طبعيات مطالعو ڪندي آهي جيئن ڪيميا جي علم کي مقدار جي علم سان گڏ خاصيتن جي تصور جي ضرورت آهي ۽ جتي طبعيات مقدار جي تصور تي قانع آهي، علم بدن کي صفت ۽ مقدار جي تصور سان گڏ ساهدار ۽ ڪُل جي تصور جي به ضرورت آهي. طبعيات ۽ ڪيميا انهن جزن جو مطالعو آهي جيڪي ڪُل جي عمل جو تعين ڪندا آهن. علم بدن ان ڪُل جو مطالعو آهي جيڪو پنهنجن جُزن جي عمل جو تعين ڪندو آهي ڪنهن ڏينهن سائنس کي به سکڻو پوندو ته اها شين کي ڪُل جي صورت ۾ ڏسي.

حياتيات ۾ ميڪانڪيت جي روز ترديد ٿيندي آهي، ڊربشن پيولوو ۽ هيلڊن اهي اهڙا نالا آهن جيڪي ڪنهن ميڪانڪيت پرست لاءِ به فڪر انگيز آهن. نفسيات ۾ گيشٽالٽ جي تحريڪ ميڪانڪي نقطئه نظر جي خلاف احتجاج ۽ حياتياتي نقطئه نظر جي تائيد آهي.

جي.ايس.هالڊين چئي ٿو ته ميڪانڪي تصور ڪامياب نه ٿيو آهي. شيوان جو سادو ميڪانڪي تصور گهڻو وقت اڳ رد ٿي چڪو هو. اسان کي هاڻي خبر پئي آهي ته جيوگهرڙي جي ورهائجڻ سان نوان جيوگهرڙا پيدا ٿيندا آهن ۽ جيوگهرڙن جي نيپاج، اوسر ۽ خوراڪ جو مسئلو اهڙو نه آهي جو ان جي توجهه ميڪانڪي نظريي جي مطابق ڪري سگهجي پاڻياٺ جي خارج ۽ جذب ٿيڻ جا مسئلا ڪي ايترا مختلف نه آهن، ساهه کڻڻ ۽ ٻين حياتياتي عملن جي باري ۾ ميڪانڪي نظريا مٽجي چڪا آهن. هيءَ ڳالهه هاڻي واضح ٿي چڪي آهي ته بدني چرپر جي باري ۾ طبعياتي ۽ ڪيميائي تصور ڪافي نه آهن. علم بدن جي ترقيءَ سان اسان ڪنهن ميڪانڪي حل جي امڪان کان وڌيڪ پري ٿيندا ٿا وڃون. شرنگٽن ۽ ٻين سائنسدانن جا ڪم ان ڳالهه کي واضح ٿا ڪن ته اسان کي تنتي سرشتي ۾ پنهنجو پاڻ ٿيندڙ حرڪتن جي تصور ترڪ ڪرڻو پوندو. مان هڪ نفسيات جي ڄاڻوءَ جي حيثيت ۾ ان مفروضي کي بيڪار ٿو سمجهان ته زندگي هڪ ميڪانڪي عمل آهي. هي مفروضو منهنجي ڪم ۾ ڪا مدد نٿو ڪري. هاڻي ته مان سمجهان ٿو ته هي مفروضو علم بدن جي ترقيءَ جي راهه ۾ رنڊڪ آهي، هاڻي ميڪانڪي علم بدن ڏانهن موٽڻ پنهنجي Saxon ابن ڏاڏن جي ڏندڪٿائن ڏانهن موٽڻ برابر آهي.

هيءَ ڳالهه اهم آهي ته شوپنهار ۽ نٽشي روايتي دينيات جا مخالف هوندي به ميڪانڪيت کي رد ٿا ڪن. نٽشي ميڪانڪيت جي ماهر کي مخاطب ٿي چئي ٿو:

تون سمجهين ٿو ته دنيا جي تو جيڪا تفسير ڪئي آهي ان جي ذريعي تحقيق ۽ ڳولها جو ڪم جاري رهي سگهي ٿو. اها تفسير جيڪا عدد، ماپ، وزن، ڏسڻ جي عمل کي ئي علم جو ذريعو سمجهي ٿي ۽ ٻئي ڪنهن به عمل کي نٿي سمجهي. هي نظريو جيڪڏهن جنون ۽ چريائپ نه آهي ته بيوقوفي ۽ غلط سوچ ضرور آهي. مان پنهنجي ميڪانڪيت پرست دوستن کان (جيڪي فلاسفرن جي قطار ۾ بيهن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته ميڪانڪيت جو علم اهي بنيادي قانون ٺاهيندو آهي جيڪي سموري حقيقت تي حاوي آهن). وڏي رازداريءَ سان پڇان ٿو ته ڇا توهان جي نظريي کان هي نظريو وڌيڪ سمجهه ۾ اچڻ جهڙو نه آهي ته ڪنهن به شيءِ جون مٿاڇري واريون ۽ ٻاهريون خاصيتون پهريان ڏسڻ ۾ اينديون آهن.

حياتيات اڄ هڪ هنڌ ڄمي بيهي رهي آهي ڇاڪاڻ جو اها هاڻي تائين حياتيءَ جو نه پر موت جو مطالعو ڪندي رهي آهي. الڪوهل ۾ رکيل نمونا، مئل پوپٽ، لاش، خوردبين جي مدد سان تيار ڪيل ٽشو، اها آهي ان جي ساري ڪائنات. گوئٽي سؤ سال اڳ ان جو تصور ڪري ورتو هو ۽ هن جو شيطان وارو ذهين ڪردار چئي ٿو:

هو جيڪو ساهدار جو مطالعو ڪري ان جي تصوير ٿو پيش ڪري. ضروري ٿو سمجهي ته هو ان ساهدارن مان روح کي ڪڍڻ جو ڪو طريقو ڳولهي.

ائين ڪرڻ کان پوءِ هو ان ساهدار جي ٽڪرن جي وضاحت ڪرڻ ۽ نالا ڏيڻ لاءِ انهن کي تريءَ تي ٿو جهلي.

پر افسوس جو انهن ٽڪرن کي ڳنڍڻ وارو روح اُڏامي چڪو هوندو آهي.

ان عمل کي ڪيميائي سائنس Natura Enchceiresis جو نالو ٿي ڏئي.

ائين ڪندي هوءَ پنهنجو پاڻ تي کِل ٿي ڪرائي پر سمجهي نٿي ته ان تي کل پئي ٿئي.

شايد حياتيات به طبعيات جي سوچ ۽ تصورن جي مدد سان ميڪانڪيت جي تصورن جي خلاف بغاوت ڪندي ان کي خبر پوندي ته زندگي جنهن جي مطالعي جو ان کي فخر حاصل آهي اها طبعيات ۽ ڪيميا جي مادي کان وڌيڪ حقيقت جي ويجهو آهي ۽ طبعيات جڏهن آخرڪار ميڪانڪي بي جان سوچ کان آجي ٿي ويندي ته اها تجربيگاهن مان نڪري کليل دنيا جو رخ ڪندي ۽ جيئن طبعيات دنيا جي شڪل مٽائي ڇڏي آهي ائين هيءَ انساني مقصدن کي بدلائڻ شروع ڪندي ۽ انسانيت تي مشين جي بي رحم جبر کي ختم ڪندي ۽ جيڪي فلاسافر ٻن هزار سالن کان رياضي ۽ طبعيات جا غلام رهيا آهن انهن کي زندگيءَ جي بامقصد وحدت، تخليقي سرچشمن ۽ عظيم الشان خوداختياريءَ جي خبر پوندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org