سيڪشن:فلسفو

ڪتاب: فلسفي جون راحتون

باب:

صفحو:20 

باب ويهون

اسان ڌرتيءَ تي جنت ڪيئن ٺاهي

ڌرتيءَ جي جنت جا فائدا:

آسڪر وائلڊ چيو آهي: ”دنيا جو ڪوبه نقشو جنهن ۾ ڌرتيءَ جي جنت ڏيکاريل نه آهي ان لائق نه آهي ته ان ڏانهن نهارجي. اهڙي نقشي ۾ ان سرزمين کي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي جتي انسانيت هميشه لنگر انداز ٿيندي رهندي آهي. جڏهن انسانيت اُتي پڄندي آهي ته اڳتي ڏسڻ شروع ڪندي آهي ۽ ڪا وڌيڪ سٺي سرزمين ڏسي جهاز جو رخ اوڏانهن ڦيريندي آهي. ترقي جنت الارض کي حاصل ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي.“

ڇا اهو سچ آهي؟ ڇا ڌرتيءَ جون جنتون ڪڏهن حاصل ٿي سگهيون آهن؟ ان باري ۾ پڪي عمر وارن جو ٻيو خيال آهي. شڪي ڏاهو چئي ٿو: ”تاريخ دائرا آهي.“ جيڪا شيءِ، خاص ڪري تهذيب عروج حاصل ڪندي آهي ته ان جو زوال به ٿيندو آهي. اسان جي ترقي رڳو سمنڊ جي مٿاڇري جو وڳوڙ آهي. سمنڊ جو تري ۾ هميشه ماٺار هوندي آهي. ڌرتيءَ جي جنت رڳو اسان جي تصور جي اُڏام آهي ۽ موت ۽ حياتي جڏهن حساس روحن جي آپريشن ڪندا آهن تڏهن هو اهڙي تصور کي ننڊ ڏيندڙ دوا طور استعمال ڪندا آهن. پر هڪ همت ڀريو انسان ان سور کي بيهوشيءَ جي دوا کان سواءِ برداشت ڪندو آهي ۽ جي ان کي وسارڻ گهرندو آهي ته پنهنجو پاڻ کي اڄ جي معاملن ۽ تفصيلن ۾ مصروف ڪري ڇڏيندو آهي ۽ انسانيت جي سڀاڻ جو فڪر نه ڪندو آهي. جيڪي پهريان ٿيندو رهيو اهو هاڻي به ٿيندو رهندو. رڳو انداز ٻيو هوندو.

اسان ناشڪرا وحشي آهيون ۽ هاڻي جڏهن ايجادن اسان تي آسائشن جي بارش ڪئي آهي تڏهن اسان دولت جي ڍيرن تي ويهي هڪ رومان پسند ڪنواريءَ وانگر ڪن ڏورانهن خزانن جي خواهش ٿا ڪيون، جيڪي رڳو ان ڪري اسان کي سٺا ٿا لڳن جو اهي اسان جي پهچ کان ٻاهر آهن. اسان جي ڏاهن، عالمي اسڪولن جا خواب ڏٺا هئا.  اسان اهي خواب پورا ڪيا آهن ۽ هاڻي اسان عالمي يونيورسٽن جا خواب ٿا ڏسون. ڪو وقت هو جو ماڻهو اگهاڙا هئا ۽ هاڻي ان ڳالهه جو ايذاءُ ٿا سهن ته ٻيا هنن کان وڌيڪ سٺا ڪپڙا ٿا پائين. اڳ هو بکيا هئا پر هاڻي ترقي ڪيل ملڪن ۾ کاڌي جي ڪري لکين ماڻهو ٿا مرن. پر اسان ڪڏهن به انهن آسائشن جو ٿورو نه مڃيو آهي جن جي گهڻائيءَ جي ڪري اسان کي مرڻ جو مان ٿو ملي. شيڪپيئر جي زماني ۾ به وڏا شهر اوندهه ۾ ويڙهيل هوندا هئا ۽ بازارون محفوظ نه هيون. (اڄ بازارون ته اڃا محفوظ نه آهن) رات جا خطرا گهٽجي ويا آهن ۽ هر طرف بجليءَ جي روشني پکڙيل آهي پر پوءِ به ماڻهو ڪنڌ ورائي گذريل سنهري دور ڏانهن ٿا نهارين. ڪو وقت هو جو ڇهن سالن جا ٻار ۽ مائرون چوڏهن ڪلاڪ روز پورهيو ڪندا هئا ۽ رات به مشين جي ڀرسان سمهي گذاريندا هئا. اڄ ٻارن کي اسڪول موڪليو ٿو وڃي ته جيئن وڏا ٿي حڪمراني ڪن ۽ لکين عورتون اهڙي نزاڪت واري بيڪاريءَ جي زندگي ٿيون گذارن جيڪا هنن جي وڏڙين کي گناهن واري خيالي دنيا جهڙي ٿي لڳي. اهي بيڪار عورتون اڃا به وڌيڪ خوش ٿين. جيڪڏهن هنن کي يورپ جي سفر جو موقعو ملي ۽ سمنڊ جي ڪناري تي سندن گهر هجي. مزورن کي سندن تنظيم ۽ همت جي ڪري سٺو اُجورو ٿو ملي ۽ کين مان به ڏنو ٿو وڃي ۽ هاڻي هو وڌيڪ محفوظ آهن. پر افسوس جو هو اڃا تائين آمريت حاصل ڪري نه سگهيا آهن. ڪنهن زماني ۾ اسان جا سپہه سالار عالمي جنگ جو انتظار ڪندا هئا. پر هاڻي هنن جنگين جو مزو چکيو آهي ۽ هاڻي هو سيارن ڏانهن ٿا ڏسن ته جيئن مشتريءَ جي رهواسين کي هٿيار ڏيئي سگهن. اڄڪلهه اديب ايترا گهڻا ٿي ويا آهن جيترا تاريخ ۾ ڪڏهن ڪونه ٿيا. ايجادن ۽ اچ وڃ جي وسيلن ۽ اشتهارن، وڪرو ۽ قدر وڌائي ڇڏيو آهي، اهڙي صورتحال بائرن ۽ ميڪالي نه ڏٺي. اناطول فرانس بهترين نثر لکڻ جي ڪري ڪروڙ پتي ٿو ٿي وڃي پر انهن اعليٰ ذهنن وارن جي دلين ۾ ڪيترو درد آهي، اهو اناطول فرانس جي هن لکڻيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو: ”توهين جيڪڏهن منهنجي دل جي اندر ڏسي سگهو ته حيران ٿي وڃو. دنيا ۾ ڪوبه ساهه وارو مون کان وڌيڪ ڏکويل نه هوندو.“ اي ريس ڪرڻ جهڙي سهڻي ٻوليءَ جا آقا! تو زمانن ۽ سرزمينن جا سوين فن پاڻ وٽ گڏ ڪيا. تو سياسي مدبرن ۽ انقلابين جي دلين کي جيتيو، تو پنهنجي زماني ۾ ريبلس، مونٽين، والٽئير ۽ فرانس جي ٻين ادب جي بادشاهن جو هم سر مڃيو وئين، تو وٽ دولت ۽ واندڪائي هئي ۽ تو ڪنهن جي به پر مار نه ڪئي. پر جيڪڏهن توکي به خوشي حاصل نه هئي ته پوءِ خوشيءِ ڪٿي ملي سگهي ٿي ۽ اسان جيڪي توکان گهڻو گهٽ آهيون خوشي کي ڪٿي ڳولهيون؟

ڪهڙو سبب آهي جو اسان جي دولت اسان کي مايوسي ڏني آهي. فطرت کي فتح ڪرڻ کان پوءِ اسان سلامبو slammbo وانگر ناخوش آهيون. ڌرتيءَ تي جيڪي جنتون ٺهيون آهن اهي رڳو ٻاهرين دنيا ۾ آهن. اسان جي ڪهڙي حالت ٿئي جيڪڏهن ڪنهن فلاسفر جي هيءُ ڳالهه صحيح هجي ته ٻاهرين دنيا جو ڪو وجود ڪونهي. اسان جي اندر جي دنيا مَٽي آهي پر ڏاڍي هوريان مَٽي آهي. اسان لاءِ زمين جي مٿاڇري کي مَٽائڻ، کنڊن کي بري، بحري ۽ هوائي رستن سان ڳنڍڻ ۽ ڪوئلي ۽ لوهه کي هزارين قسم جي آسائشن ۾ بدلائڻ سولو آهي پر پنهنجو پاڻ مان حرص، وڙهڻ ۽ ظلم جي جبلتن جي پاڙ پٽڻ سولو نه آهي ڇاڪاڻ ته انهن جون پاڙون ڪيترن نسلن جي  جيئڻ لاءِ جدوجهد ۽ مفلسيءَ جي حملن جي ڪري اسان جي اندر ۾ کتيون آهن. اسان اهي نه آهيون جيڪو مجبورين جي ڪري اسان کي ٿيڻو پيو آهي. اسان اهڙا ٿيڻ جي سببن جي ختم ٿيڻ کان پوءِ به اهڙائي رهنداسين. ان ڪري اسان جي پريشاني جائز آهي. پر اها ڳالهه جائز نه آهي ته اسين ان سائنس جا ٿورا نه مڃيون جنهن جي ڪري اسان لاءِ اڌ ڌرتي جنت ٿي وئي آهي ۽ باقي اڌ ڌرتيءَ جي جنت بڻجڻ جو دارومدار به ان اڌ ڌرتيءَ واري جنت تي آهي. سائنس جا اهي انعام اسان جي روحاني اطمينان جو بنياد آهن. اسان کي خبر آهي ته ”عدن جي ان باغ“ ۾ اسان حيوانن وانگر آهيون. اسان ان حسن جا مستحق نه آهيون جيڪو اسان جون اکيون پسن ٿيون. اسان ان حسن کي ڪارخانن سان تباهه ڪرڻ لاءِ سنڌرو ٻڌو آهي. اسان جتي به رهون ٿا اُتي پنهنجي لاءِ رهڻ محال بڻائي ٿا ڇڏيون. جيئن اسان حسن کي خراب ٿا ڪيون ائين علم کي به غلط استعمال ٿا ڪيون. اسان پنهنجي قوت کي سئوڻ تي وڌايو آهي پر اسان جا ارادا اهڙا ئي ننڍڙا آهن جهڙا جهالت ۽ ناواريءَ جي زماني ۾ هئا. اسان وڏن هڏائن پڃرن ۾ ننڍڙا روح آهيون ۽ ڌرتيءَ جي جنت اسان جي روح کان سواءِ هر هنڌ موجود آهي.

ان ڪري هاڻي اسان ڌرتي تي جيڪا جنت ٺاهينداسين ان لاءِ اسان فطرت کي نه بدلائينداسين ۽ نه انسان جي سلطنت کي وڌائينداسين (ڇاڪاڻ جو بيڪن واري اها جنت اسان حاصل ڪري چڪا آهيون) پر نئين سر پنهنجي تخليق ڪنداسين. پنهنجن ذهنن ۽ ارادن جي نئين سر تعمير ڪنداسين ته جيئن اسان وڌيڪ سٺي دنيا ۾ رهڻ جهڙا ٿيون. اها تعمير اسان جي علم جهڙي چٽي ۽ اسان جي قوت جهڙي مضبوط هئڻ گهرجي. جيئن ته انساني فطرت ۽ جهالت ڌرتيءَ جي جنت جي هر تصور کي تباهه ڪيو آهي ان ڪري اسان کي گهرجي ته سڀ کان پهرين اسين پنهنجي دلين ۽ ذهنن کي ڌوئي صاف ڪيون ان کان پوءِ ٻيون حالتون پنهنجو پاڻ ٺيڪ ٿي وينديون.

اچو ته اسان هن گهاٽي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهون، ٻار باغ ۾ راند کيڏن ۽ اسان پنهنجو پاڻ کي تصورن جي حوالي ڪري ڇڏيون.

ميئر جاڳي ٿو:

ميئر وقت کان اڳ جاڳي پيو جو سج جي روشني سندس منهن تي پئي. آهستي آهستي هو هوش ۾ آيو. وائيٽ هاؤس اڻ چٽو ٿيندو ويو ۽ وڌندڙ روشنيءَ هن کي پوريءَ طرح جاڳائي ڇڏيو. هن وري سمهڻ جي ڪوشش ڪئي پر سمهي نه سگهيو. هن کي جيئن ته ٻي ڪا چڱي مصروفيت ڪانه هئي ان ڪري هن سوچڻ شروع ڪيو. الا! مان ميئر آهيان! پر مان ميئر ڪيئن ٿيس؟ مان ڪيڏو نه خوش نصيب آهيان. ڪيئن نه حادثاتي طرح هتي پهتو آهيان. جيڪڏهن مان ٽامي برڪ TOMMY BURKE کي نه سڃاڻان ها ته ڪيئن ميئر ٿيان ها. اها هن جي وڏي نوازش هئي جو هن مون کي نامزد ڪيو. پر ڏهه سال اڳ مون کي خبر ڇو نه هئي ته مان هڪ وڏي شهر جو ميئر ٿيندس. خبر هجيم ها ته ان لاءِ پاڻ کي تيار ڪيان ها. هي ڪيڏو نه ڏکيو ڪم آهي. ريلوي اسٽيشن جو انتظام  هلائڻ ۽ ڪٽنب پالڻ کان به وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي. مون ان جي ڪا تربيت حاصل نه ڪئي آهي. زندگيءَ ۾ شايد ئي ڪو ڪتاب پڙهيو هجيم. پر هاڻي مان لکين ماڻهن جو حاڪم آهيان. سندن زندگين جو ذميوار آهيان. مان جيڪي ڪيان ٿو اهو ماڻهن کي برباد به ڪري سگهي ٿو ته آباد به ڪري سگهي ٿو. منهنجو عمل انهن ماڻهن تي به اثر ڇڏيندو جن جا وڏا به اڃا پئدا نه ٿيا آهن. سندن مسئلن مون کي وائڙو ڪري ڇڏيو آهي. اچ وڃ جا وسيلا، بي ايماني، مالي وسيلا، بي ايماني، مارڪيٽ، بي ايماني، عمارت سازي، بي ايماني، صفائي بي ايماني، عام ماڻهن جي صحت، بي ايماني، تعليم، بي ايماني، هي ڪم مون لاءِ تمام وڏو آهي. هي سوين ماڻهن جو ڪم آهي ۽ مان اڪيلو اهو ڪم ڪيئن ڪري سگهندس.

ڏينهن چڙهي آيو. ميئر اوٻاسي ڏيئي اٿي ويٺو ۽ ڄنگهن تي هٿ ڦيرڻ لڳو. اوچتو هن جو منهن ٻهڪي پيو. ”مون کي خبر آهي ته مان ڇا ڪرڻ وارو آهيان. مان سياستدانن کي حيران ڪري ڇڏيندس. مان اهو ڪم ڪندس جيڪو پهريان نه ٿيو آهي. مان يونيورسٽن مان بهترين سائنسدانن، بئنڪن مان سيڙپ ڪرڻ وارن، اسڪولن مان بهترين استادن، ڪلبن مان بهترين عورتن، تجربيگاهن مان نوان تجربا ڪرڻ وارن، گاف ڪلبن مان بهترين انتظام هلائڻ وارن، سير شڪار جي جاين تان مزور ليڊرن... انهن سڀني کي شهر جي وڏي هال ۾ سڏائيندس ۽ هنن کي عرض ڪندس ته هو منهنجي مدد ڪن.

او خدا، مان سياستدانن کان بيزار ٿي پيو آهيان. هو بنان ڪو ڪم ڪرڻ جي سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ ٿا گهرن، بنان ڪم ڪار جي پگهار وٺڻ ٿا گهرن. هڪ عهدي لاءِ هنن مان ڏهه ڄڻا پاڻ ٿا آڇن ۽ جنهن عهدي لاءِ هو پاڻ ٿا آڇن ان عهدي واري ڪم جي هنن کي تِرَ جيتري به خبر ڪانهي. مان سچ پچ ته هنن مان بيزار آهيان.

ميئر بستري مان اُٿيو ۽ دريءَ وٽ بيهي هوا ۾ ڊگها ساهه کڻندي پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو:

”اسان جي شهر ۾ وڏا وڏا ماڻهو ٿا رهن. ٻڌو آهي ته هن ٽڪريءَ تي ڪي سائنسدان رهندا آهن جيڪي ساري دنيا ۾ مشهور آهن. دنيا جي وڏن ڪاروباري ادارن جا ڊائريڪٽر به رهندا آهن. شهر ۾ هڪڙو وڏو مدبر به ٿو رهي. اسين هنن جي قابليت مان فائدو ڇو نه وٺون. انهن اعليٰ انسان کي مان نوڪريءَ لاءِ راضي ڪري نه سگهيس. پگهارون ايتريون ٿوريون آهن جو مان هنن کي نوڪريءَ جي آڇ ئي نه ڪئي. پر مان هنن کي چئي سگهان ٿو: ”سائين، مون کي اوهان جي مدد جي ضرورت آهي. اوهان سڀ گڏجي منهنجي رهنمائيءَ لاءِ هڪ صلاحڪار ڪاميٽي ڇو نه ٿا ٺاهيو.“ منهنجي خيال ۾ ته هو هن شهر جي ڀلائيءَ لاءِ پنهنجو ڪجه وقت ڪڍندا. مون کي اختيار آهي ته ميونسپل جي نئين جوڙجڪ لاءِ هنن جي ڪاميٽي ٺاهيان.

وڏي صلاحڪار ڪاميٽي:

ميئر جيڪا وڏي صلاحڪار ڪاميٽي ٺاهي ان جي خبر بيس بال راند جي اسڪور وانگر سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي. جن وٽ عهدا هئا اهي پريشان ٿي ويا ۽ سوچڻ لڳا ته الائجي گهڻي وقت تائين هو پنهنجن عهدن تي قائم رهي سگهندا. جڏهن ته عام ماڻهو ڏاڍا خوش ٿيا. ايستائين جو سياسي حلقن به ظاهريءَ طرح جوش جو اظهار ڪيو پر اندرخاني ميئر کي چوائي موڪليائون ته جيڪڏهن تنهنجي اها ڪوشش پارٽيءَ جي معاملن ۾ دست اندازي نه ڪندي ته هنن کي ان لاءِ ڪوبه اعتراف نه هوندو.

ڪاميٽيءَ جو اجلاس يونيورسٽيءَ جي هال ۾ ٿيو. اخباري نمائندن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. پر عوام کي عرض ڪيو ويو ته اهي شريڪ نه ٿين جو عوام کي ڏسي ڪاميٽيءَ جا ميمبر تقريرون شروع ڪري ڏيندا. ميمبرن جو انگ پنجاهه هو پر هرهڪ جو واسطو زندگيءَ جي جدا جدا شعبي سان هو ۽ هرهڪ پنهنجي پيشي ۾ اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاري هئي. انهن ۾ رڳو واپاري، جائداد وڪڻڻ وارا، سياستدان، اديب ۽ فلاسافر شامل نه هئا. ميئر وڏي نياز منديءَ سان عورت ۽ مرد ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو: ”اوهان کي هتي گڏجڻ جي تڪليف ان ڪري ڏني اٿم جو اسان جو شهر ايڏو وڏو ٿي ويو آهي جو ان جو انتظام ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي هلائڻ جي وس جي ڳالهه نه آهي. ايترقدر جو اهي سياستدان به شهر جو انتظام هلائي نٿا سگهن، جن کي سندن انتظامي اهليت ۽ معاشيات ۾ مهارت جي ڪري نه پر سندن سياسي حيثيت جي ڪري چونڊيو وڃي ٿو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان هن شهر جي حدن ۾ رهڻ وارن ماهرن جي مهارتن مان فائدو حاصل ڪيون.“

”اسان کي اوهان جي رهبريءَ جي ضرورت آهي. اسان جي مسئلن جو غور سان مطالعو ڪيو، تجويزن تي سخت تنقيد ڪيو ۽ اهي انساني فطرت ۽ اسان جي مالي وسيلن کي آڏو رکي پوءِ منظور ڪيو. مان اوهان سان واعدو ٿو ڪيان ته جنهن به تجويز کي اوهان منظور ڪندا ۽ ان کي عوام جي حمايت حاصل هوندي ته مان ان تي عمل ڪري ان کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. منهنجي خيال ۾ اوهان کي ڪنهن به مخالفت سان منهن ڏيڻو نه پوندو. سڌاري جو مسئلو سياسي نه آهي ۽ نه ئي هي مسئلو ڪنهن طبقي پاران قانون سازيءَ سان حل ٿي سگهندو. اسان سڀ انتشار واري حالت ۾ گڏ بيٺا آهيون. اسان کي عقلمنديءَ ڏانهن وڌڻو آهي. هاڻي هي شهر اوهان جو آهي. اوهين ان کي نئين سر ٺاهيو.

ان موقعي تي اخبارن ان ڪميٽيءَ کي تمام گهڻو ساراهيو. ان جرائت منداڻي قدم تي ٺٺولي به ٿي سگهي ٿي. گهٽ همت وارن سائنسدانن جو مذاق به اُڏائي سگهيو ٿي ويو. اهڙي اڳڪٿي به ٿِي ٿي سگهي ته هڪ ٻئي جي مخالف سوچ وارن جو سڌاري جي رٿن تي متفق ٿيڻ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو. ائين به چئي ٿي سگهيو ويو نه اهي پنهنجي پر ۾ پاڻ کي نيڪ سمجهڻ وارا آرام پسند ماڻهن تي پنهنجا اخلاقي قدر مڙهندا. پر ميئر شهر جي سڀني اخبارن جي ايڊيٽرن کي به ڪاميٽيءَ ۾ شامل ڪيو هو. ائين ڪرڻ سان هنن جي عزت افزائي ٿي ۽ اخبارن پنهنجو اهو فرض پورو ڪيو. جنهن جي عوام کي سدائين کانئن اميد هوندي هتي يعني ته هو عوام جي تربيت ڪندا. هنن پنهنجن بهترين نمائندن کي ان ڪاميٽي جي رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ۽ پنهنجن ايڊيٽوريئلز ۾ دل کولي ان جي حمايت ڪئي.

انهيءَ وچ ۾ سياستدان هلڪي آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ٺيڪيدارن ڪاميٽيءَ ۾ جيڪي اميدون رکيون هيون اهي پوريون ٿينديون نه ڏسي ان جي باري ۾ پنهنجي سوچ مٽائي. ڪيمونسٽن پنهنجي مخالف سوچ وارن جا ڪارٽون ٺاهيا ۽ عوام به ان خاص ماڻهن تي جڙيل ڪاميٽيءَ ڏانهن ڌيان نه ڏنو، پر جڏهن هفتي جي سوچ ويچار کان پوءِ ڪميٽيءَ تجويزون پيش ڪيون ته ماڻهو پريشان ٿي ويا. ڪاميٽيءَ ۾ حياتيات جي جيڪي ماهر شامل هئا انهن رٿ ڏني ته ٻار ڄڻڻ تي پابنديون لڳايون وڃن، رڳو انهن جوڙن کي ٻار ڄڻڻ جي اجازت ڏني وڃي جيڪي ذهني ۽ جسمانيءَ طرح صحت مند هجن. ان تجويز جي خلاف سموري شهر ۾ احتجاج ٿيو ته اهي اشتراڪي سرمائيدار ۽ دانشور ماهر ڪير ٿيندا آهن جيڪي خودمختيار عوام کي ٻار ڄڻڻ کان ٿا جهلن. ٻار ڄڻڻ هر ماڻهوءَ جو حق آهي، رڳو ڪنهن خاص طبقي ۾ پئدا ٿيڻ وارن جو حق نه آهي. جيڪڏهن اخبار وارا ان ڪاميٽيءَ جي حمايت نه ڪن ها ته وڏو گوڙ ٿئي ها. ان رٿ جا اکر هي هئا.

”ڪاميٽي هن نتيجي تي پهتي آهي ته نئين سر تعمير جي شروعات نسل جي جسماني صلاحيتن کي سڌارڻ سان ٿيڻ گهرجي. جيستائين اسان صحت مند ماڻهن کي ٻار پئدا ڪرڻ لاءِ نه اُتساهينداسين ۽ غير صحتمند ماڻهن کي ان ڳالهه کان نه جهلينداسين ته هو ٻار پئدا نه ڪن ۽ پنهنجي غير صحتمنديءَ کي ٻين نسلن ڏانهن منتقل نه ڪن تيستائين اسان ترقي ڪري نه سگهنداسين. پر ان لاءِ ڪنهن قانون سازيءَ جي ضرورت نه آهي. اسان عقلمند عورتن ۽ مردن جي اڳيان هيءَ رٿ ٿا پيش ڪيون ۽ قانوني پابندي وجهڻ جي بدران سندن نيڪ نيتي تي اعتماد ٿا ڪريون ۽ پنهنجو پاڻ تي پابندي ٿا وجهون ته اسان جيڪي هن ڪاميٽيءَ جا ميمبر آهيون پاڻ ۽ پنهنجن ٻارن پاران (سندن مرضيءَ سان) واعدو ٿا ڪيون ته اسان آمريڪي ميڊيڪل ايسوسي ايشن طرفان مقرر ڪيل ڊاڪٽرن جي اجازت کان سواءِ ٻار پئدا نه ڪنداسين. اسان فردن ۽ جماعتن کي دعوت ٿا ڏيون ته هو ان اصول کي عوام آڏو پيش ڪن. اسان کي پڪ آهي ته سڀ کان پهرين عقلمند ماڻهو اسان جي ان رٿ کي قبول ڪندا ۽ اسان کي اها به پڪ آهي ته هو جيڪو مثال قائم ڪندا ان جو ماڻهن تي وڏو اثر پوندو. اسان رٿ ٿا ڏيون ته غير صحتمند ماڻهن کي شاديءَ جي اجازت هئڻ گهرجي پر هنن کي اهڙا طريقا اختيار ڪرڻ گهرجن جن سان کين ٻار نه ٿين.

اسان اها به رٿ ٿا ڏيون ته جڏهن عام ماڻهو ان اصول کي قبول ڪري وٺن ته ان تي عمل ڪرڻ وارن جو حادثن، بيماري، بيروزگاري، پوڙهائپ ۽ موت جي خلاف ويمو ڪرايو وڃي ۽ سڀني مائرن کي ٻار ڄڻن ۽ انهن جي نيپاج جو خرچ ڏنو وڃي، اسان برائيءَ کي روڪڻ جي بدران چڱائيءَ جي همت افزائي ڪرڻ ٿا گهرون.

آخر ۾ اسان اخبارن، اسڪولن ۽ يونيورسٽن جو ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ٿا گهرون ته ان باري ۾ هو ماڻهن کي ڄاڻ ڏين ۽ هر شخص کي ٻڌائين ته نسل جي ذهني ۽ جسماني صحت تي اسان جي ترقيءَ جو دارومدار آهي. اسان کي گهرجي ته اسان هر شخص جي وطن پرستيءَ جي جذبي کي جاڳايون ته هو نفس تي ضابطو ڪري. سندن ائين ڪرڻ شهر جي ترقيءَ جي راهه ۾ پهريون قدم ٿيندو.

انهن رٿن جي آخر ۾ هڪڙي ميمبر کان سواءِ ٻين سڀني ميمبرن جون صحيحون هيون.

ان اعلان سان نڪته چيني ڪرڻ وارن شڪي طبعيت جي ماڻهن نڪته چيني شروع ڪئي. ڪن ان معصوم اميد پرستيءَ جو مذاق اُڏايو ته علم ۽ ڄاڻ سان شهر جي نئين سر تعمير ٿي سگهي ٿي. هڪڙي وري فريڊرڪ اعظم جي اها ڳالهه ورجائي جيڪا هن پنهنجي تعليم جي وزير سان ڪئي هئي. سندس وزير کيس راءِ ڏني هئي ته تعليم عام ڪرڻ سان انسانيت کي سڌاري سگهجي ٿو ۽ فريڊرڪ کيس جواب ڏنو هو ته ”منهنجا پيارا زولنرzollner، تون هن گهٽيا نسل کي ايترو نٿو سڃاڻين جيترو مان ٿو سڃاڻا.“ پر گهڻا ماڻهو حڪومت جي ان نئين تصور سان خوش ٿيا. جابراڻي حڪومت جي جاءِ هاڻي تعليم وٺندي ۽ بديءَ کي نندڻ جي بدران صحت منديءَ جي قدم سان انسانيت جي ترقيءَ تي زور ڏنو ويوهو.

پوءِ ان رٿ کي منظور ڪرڻ جا واعدا اچڻ شروع ٿيا. شهر جي ڊاڪٽرن هڪ خاص اجلاس سڏايو ۽ يڪراءِ ان رٿ کي منظور ڪيو. يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن ۽ اسڪولي ماسترن جي تنظيم، اخبار ۾ ڪم ڪرڻ وارن، صنعتي ڪيميا جي ماهرن ۽ موسيقارن ان رٿ کي منظور ڪيو. آخر ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن مان تعليم پوري ڪري سند وٺڻ وقت کين رضا خوشيءَ سان ان رٿ تي عمل ڪرڻ جي رٿ ڏنل هئي ۽ جڏهن اها رٿ منظور ٿي ته پوءِ خاموشيءَ وارو واعدي کي جنهن جي پٺيان عوام جي راءِ جو زور هو، شهريت جي پڌرنامي جو حصو بڻايو ويو. پهرين مهم ڪامياب ٿي هئي.

تعليم وسيلي حڪومت:

هڪ هفتي کان پوءِ ڪاميٽيءَ جي تعليم واري شعبي ٻي رٿ پيش ڪئي جيڪا اخبارن ۾ شايع ٿي:

اسان سفارش ٿا ڪيون ته عوام جي صحت جو خيال رکڻ ۽ ٻارن ۽ بالغن کي تعليم ڏيڻ حڪومت جو بنيادي فرض آهي. اسان رٿ ٿا ڏيون ته ميونسپل جون اسپتالون قائم ٿيڻ گهرجن جن ۾ هرهڪ مريض جو پورو پورو مفت علاج ٿيڻ گهرجي. اسان سفارش ٿا ڪيون ته اسڪولن ۾ جسماني صحت جو به ايترو ئي خيال رکيو وڃي جيترو ذهني ترقيءَ جو. اسان جو پڪو يقين آهي ته قومن جي صحت سندن  دولت کان وڌيڪ اهم آهي ۽ خوشيءَ جو راز صحت ۾ آهي. اسان اميد ٿا ڪيون ته صحت وڌائڻ واري راند جي تربيت ڏني ويندي ۽ صفائيءَ جي همت افزائي ڪئي ويندي. اسان سفارش ٿا ڪيون ته ماٺ ڪري راند ڏسڻ جي رجحان کي ختم ڪيو وڃي ۽ هر هڪ فرد کي راندين ۾ بهرو وٺڻ لاءِ سهولتون ڏنيون وڃن.

اسان سفارش ٿا ڪيون ته تعليم تي وڏو خرچ ڪرڻ اسان جي شهر لاءِ فخر جي ڳالهه هئڻ گهرجي. اسان ان ڳالهه تي زور ٿا ڏيون ته ماسترن جو پگهار درجي بدرجي وڌايو وڃي ته جيئن هڪ وار وري ماسترن جو رتبو اعليٰ ٿئي جنهن جي ڪري بهتر ماڻهو ان پيشي ۾ اچن. اسان سفارش ٿا ڪيون ته اهڙن سڀني شاگردن کي ميونسپل پاران وظيفو ملڻ گهرجي جيڪي غربت جي ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪري نٿا سگهن ته جيئن انهن جي صلاحيتن مان فائدو وٺي سگهجي. اسان صلاح ٿا ڏيون ته سائنسي کوجنا لاءِ مالي امداد ڏني وڃي ته جيئن وڌيڪ ايجادون ٿين. ميڪانڪي قوت وڌي ۽ ٻيو ته انساني غلاميءَ جو خاتمو ٿيڻ گهرجي.

اسان سفارش ٿا ڪيون ته درسي ڪتابن مان جنگ جي تعريف واريون سڀ ڳالهيون ڪڍي ڇڏڻ گهرجن. ماڻهن کي اُتساهيو وڃي ته هو پنهنجي امن جي فطري لاڙي کي اڀارن ۽ بچاءُ جي سڀني لازمي اقدامن جي حمايت ۽ سرپرستي ڪن.

اسان سفارش ٿا ڪيون ته خانگي اسڪولن جي همت افزائي ٿئي، تعليم جي تجربن ۾ دلچسپي وڌي، اسان صلاح ٿا ڏيون ته قومي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اظهار، اخبار، گڏجاڻي ۽ عبادت جي آزادي ضروري آهي. شهر جي اعليٰ انتظام سان گڏ اسان کي ذهن جي پوري آزادي حاصل هئڻ گهرجي.

 اسان سفارش ٿا ڪيون ته اسڪولن کي اجتماعي ذهني مرڪز بڻايو وڃي. اسڪول سارو ڏينهن کليل هجن ۽ انهن ۾ ماڻهن لاءِ جسماني ۽ ذهني فائدو حاصل ڪرڻ جون سهولتون هجن. اسان جو خيال آهي ته اسڪولن کي اخلاق جي تعمير جي ذميواري کڻڻ گهرجي ته جيئن اخلاقي قوتن جي زوال سان جيڪو خال پئدا ٿيو آهي ان کي ڀري سگهجي. ٻيو ته ڪابه تعليم تيستائين مڪمل نه سمجهي وڃي جيستائين اها فرد جي شخصي خواهشن ۽ سماج جي گڏيل ذميوارين ۾ مطابقت نه پئدا ڪري ۽ هن ۾ اهو لاڙو نه پئدا ڪري ته هو پنهنجي ڪردار کي اجتماعي ڀلائيءَ مطابق بڻائي.

اسان اخبارن جي مالڪن ۽ ايڊيٽرن تي زور ٿا ڀريون ته هو اخبارن کي تعليم جو اثرائتو ذريعو بڻائن. اسان امير طبقي جي سخي ماڻهن کان اميد ٿا ڪيون ته هو مالي امداد ڏيئي اخبارن وسيلي سائنس، تاريخ، ادب ۽ فن جي تعليم کي عام ڪن.

آخر ۾ اسان رٿ ٿا ڏيون ته هر شعبي ۾ بالغن جي تعليم کي عام ڪيو وڃي. ٻي اها رٿ ٿا ڏيون ته اسڪولن ۽ ڪاليجن مان پڙهائي پوري ڪري نڪرڻ وارن کي سمجهڻ گهرجي ته هنن جون سندون شخصيت جي اوسر جو رڳو هڪ سنگ ميل آهن. سندن تعليم رڳو هڪ فرض ۽ تياري نه آهي پر انسانيت جي ثقافتي ميراث سان سندن هڪ اعليٰ نوع جي دلپسند ڄاڻ حاصل ڪرڻ آهي.

انهن رٿائن تي ٻن ميمبرن کان سواءِ سڀني صحيحون ڪيون.

انهن رٿائن جي ٽيڪس ڏيڻ وارن کانسواءِ ٻين سڀني حمايت ڪئي. ڊاڪٽر خوش ٿيا ته ڪاميٽيءَ صحت جي اهميت تي  زور ڏنو آهي، عام ماڻهن سک جو ساهه کنيون ته هاڻي اسپتالون غريبن جي چيرڦاڙ جون تجربيگاهون نه هونديون. ماستر پگهار وڌڻ جي ڳالهه تي خوش ٿيا ۽ هرهڪ ماستر جي گهروارن آمدني وڌڻ جو ٻڌي خرچ وڌائي ڇڏيا. انهن شاگردن تمام وڏي انگ ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪيو جن لاءِ غربت سندن ترقيءَ جي راه ۾ رنڊڪ هئي. هاڻي هنن کي سرڪار طرفان وظيفا ملندا. اخبارن پنهنجي اعليٰ رتبي تي خوشي جو اظهار ڪيو. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ان ڳالهه تي خوش ٿيا ته ڌرتيءَ جي ان جنت ۾ ترڻ وارا تلاءَ هوندا.

پر جائيداد جي مالڪن جي تنظيم جي صدر ٽيوڊر بليڪ انهن رٿن جي خلاف احتجاج شايع ڪيو جنهن جي هر جائيداد واري حمايت ڪئي. هن لکيو:

اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته ميئر جي سڌارن واري ڪاميٽي پنهنجي مقصد تان هٽي وئي آهي ۽ ان جي پهرين رپورٽ مان ظاهر ٿو ٿئي ته اها ڪاميٽي نه رڳو شهر کي پر سموري انسانيت کي نئين سر تعمير ڪرڻ ٿي گهري. ان رپورٽ مان اها ڳالهه به ظاهر ٿي ٿئي ته ڪاميٽي انهن ميمبرن جي وَر چڙهي وئي آهي جيڪي سڀ تصور پرست آهن يا تقرير ڪرڻ جا ماهر آهن. اسان اُميد ٿي ڪئي ته ڪاميٽي اهڙيون رٿون ڏيندي جيڪي عقل ۽ سمجهه جي دائري ۾ هونديون ۽ جيڪي عمل ڪرڻ جهڙيون هونديون پر اسين ڏسون پيا ته هي سڀ هڪ ڌرتيءَ جي جنت تعمير ڪرڻ جون ڪوششون آهن.

ڪاميٽيءَ جي اها سفارش ته مزدورن کي پي. ايڇ. ڊي بنايو وڃي ڪنهن فلاسفر جي ڏنل ٿي لڳي. هرڪو سمجهو ماڻهو ڄاڻي ٿو ته اسان جي اقتصادي دنيا ۾ رڳو ڪي ٿورا اهڙا عهدا آهن جن لاءِ اعليٰ تعليم جي ضرورت هوندي آهي. اسان جا ڪاليج اڳ ۾ ئي نوڪرين جي ضرورت کان وڌيڪ گريجوئيٽ ٿا پئدا ڪن. ملڪ ۾ بي. اي. پاس گهڻا ٿي ويا آهن. جنهن جو نتيجو اهو آهي جو هنن جي لاطيني ۽ يوناني زبانن جي ڄاڻ جي لياقت جي ڪري کين نوڪريون نه ٿيون ملن جنهن جي ڪري هنن ۾ بيچيني ٿي پئدا ٿئي ۽ هنن جي اها بيچيني انقلابي اضطراب ۾ بدلجي سگهي ٿي. ڪوبه عقل وارو اها رٿ نه ڏيندو ته هنن جو انگ وڌايو وڃي ۽ هرڪو استاد هنن جو انگ گهٽائڻ جا طريقا سوچيندو.

ان ڪاميٽيءَ جون رٿون جديد دور جي پاليسيءَ جي عين مطابق آهن ته نوجوانن کي خوش رکيو وڃي. اڄڪلهه هرڪو ماڻهو نوجوانن جي گناهن جي تعريف ٿو ڪري ۽ هنن جي خود پرستي، انقلاب پرستي، فضول خرچي ۽ بداخلاقيءَ کي نظرانداز ڪندو ٿو رهي. ماءُ پيءُ پاڻ کي تڪليفون ڏيئي اولاد لاءِ ملڪيت ڇڏي ٿا وڃن ۽ سندن اولاد اها ملڪيت عياشيءَ ۾ وڇائي ٿو ڇڏي. جن ڪاليجن ۾ اسان اولاد کي پڙهڻ لاءِ موڪليون ٿا اهي ورزش جا آکاڙا ۽ ايمان وڃائڻ جا اڏا آهن. اها رٿ کل جهڙي آهي ته اسان نوجوان دهرين کي مفت اعليٰ تعليم ڏيون ۽ هنن لاءِ ترڻ جا تلاءَ ۽ لئبربيريون تعمير ڪرايون. ڇا ڪو ٻڌائي سگهندو ته ان جو خرچ ڪير ڀريندو. پهريان ئي ميونسپل جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جا خرچ ملڪيت وارن لاءِ ڳرا آهن ۽ جي انهن رٿن تي عمل ٿيو ته محصول وڌي ويندا. جن شهرين تي انهن رٿن جو اثر پوندو انهن کي حساب ڪرڻ گهرجي ته انهن رٿائن تي ڪيترو خرچ ٿو اچي ۽ هنن کي ڏسڻ گهرجي ته قومي حڪومت جڏهن هنن جي ڪمائيءَ جو وڏو حصو کڻي ويندي ته پوءِ هنن وٽ ڇا بچندو. شهري حڪومت هنن کي هنن جي ڪمائيءَ جي وڏي حصي کان انڪري محروم ٿي ڪري ته جيئن باغين جو وڏو فصل تيار ٿي سگهي.

اسان ميئر کي عرض ٿا ڪيون ته هو هن کل جهڙي ناٽڪ کي ختم ڪري ۽ ڪاميٽيءَ جون سفارشون ڪاميٽيءَ جي ميمبرن کي موٽائي ڏي ته هو پنهنجي خرچ سان اهي رٿون مڪمل ڪن.

اوهان جو مخلص

ٽيوڊر بليڪ

لکپتين جي اشتراڪيت: 

ان خط سان شهرين ۾ اختلاف پئدا ٿي پيو جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو ۽ جڏهن ڪاميٽيءَ نڪته چينيءَ جو جواب ڏيڻ کان سواءِ رپورٽ پيش ڪئي ته ان تي تمام گهڻي نڪته چيني ٿي ۽ افواهه پکڙيو ته ان رپورٽ جي ڪري ذري گهٽ ڪاميٽي ورهائجي وئي آهي ۽ ڏٺو ويو ته پنجاهه ميمبرن مان ستن صحيحون ڪرڻ کان انڪار ڪيو. رپورٽ هيءَ هئي:

اسان سفارش ٿا ڪيون ته شهر ۾ ايندڙ خوراڪ جي سامان جي چڪاس ٿئي. اخبارن جي سهڪار سان هر هفتي شين جي مقرر ڪيل اگهن جي فهرست شايع ٿئي، ضرورت جي هڪ ئي شيءِ جا ٻه برانڊ ٺاهيا وڃن.

اسان سفارش ٿا ڪيون ته استعمال جون سڀ شيون حڪومت حاصل ڪري ۽ پاڻ انهن جي روهاست ڪري. هائيڊرواليڪٽرڪ جا پنهنجا ڪارخانا ٺاهي يا وري ملڪ جيڪي ڪارخانا هڻي ان ۾ ڀائيوار ٿئي. ائين ڪرڻ سان بجلي بنان نفعي جي وڪامي سگهندي ۽ شهر دونهين کان پاڪ رهي سگهندو. اهڙي طرح ساري صنعت صاف ۽ صحت مند ٿي ويندي.

اسان سفارش ٿا ڪيون ته وڏين ڪمپنين جي همت افزائي ٿيڻ گهرجي پر انهن جي ڪم ڪرڻ جي طريقن جي نگراني ڪئي وڃي ۽ انهن جي نفعي ڪمائڻ جي حد مقرر ٿيڻ گهرجي ته جيئن شهرين لاءِ گهٽ مسواڙ وارا گهر ٺهن ۽ گهرن جي خوشحالي ۽ والدين جي خوشي وڌي ۽ هڪ وار وري گهريلو زندگي اخلاقي ۽ اجتماعي نظام جو سر چشمو بنجي سگهي.

اسان انهن سخي اميرن جا ٿورائتا آهيون جن وڏا عجائب گهر ٺاهيا ۽ موسيقي جا ساز حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. اسان اميد ٿا ڪيو ته هر ماڻهو ان نعمت مان مستفيد ٿيندو. فنون جي ترقيءَ لاءِ جيڪو ڪم پيو ٿئي ان کي وڌايو وڃي ته جيئن ماڻهن ۾ فن جو شعور پئدا ٿئي. اعليٰ ذوق ذهني عظمت جو سبب بڻجي ۽ حسن جو احساس شهر کي سر بلندي عطا ڪري.

ان ٽين تجويز ڏانهن ماڻهن ڪو گهڻو ڌيان نه ڏنو. ڪن تعريف ۽ ڪن ٺٺولي ڪئي. جيئن ته اهي رٿون سموري شهر لاءِ فائديمند هيون ۽ ڪنهن خاص جماعت لاءِ نه هيون جيڪا ان جا ڳڻ ڳائي ۽ ان کي مشهوري ڏي. ان ڪري ان جي گهڻي واکاڻ ڪانه ٿي ۽ ماڻهن جيترو پهرين غير معمولي رٿن ڏانهن ڌيان ڏنو هو. هن رٿ ڏانهن نه ڏنو. ماڻهن آمد و رفت ۽ گيس جي رٿن جي باري ۾ جوش جو اظهار ڪيو ۽ جيئن ڪنهن گهر کي باهه لڳندي آهي ته ان ڏانهن ماڻهو گهڻو ڌيان ڏيندا آهن پر نئين ٺهندڙ گهر ڏانهن گهٽ ڌيان ڏيندا آهن، ائين ڪاميٽيءَ جڏهن وڌيڪ تفصيل سان رٿن جي وضاحت ڪئي ته ماڻهن جي دلچسپي گهٽجي وئي ۽ جتي شهر جي خرابين جي باري ۾ سڀني جي هڪ راءِ هئي، اُتي هاڻي انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي رايا هئا ۽ انهن مان ڪنهن راءِ لاءِ به ماڻهو متفق نه ٿي ٿيا.

اهي ٻَڌا واپاري جن شهر جي ريزڪي واپارين وٽ شيون ٿي وڪيون انهن شين کي سمنڊ ۾ ڪونه اڇلايو هو. هنن ڪاميٽيءَ جي ميمبرن تي زور وجهڻ شروع ڪيو ته هو ڪاميٽيءَ کي ڇڏي ڏين. گيس ۽ بجليءَ جي ڪمپنين گوڙ ۾ گهٽ حصو ورتو جو هنن جا ڪارناما ٻين کان گهٽ سياه هئا. هنن رڳو ايترو چيو ته هنن کي جيڪڏهن قيمتون مقرر ڪرڻ جي اجازت هوندي  ته هو خوشيءَ سان گيس ۽ بجلي شهر جي ميونسپل کي وڪڻندا ڪن مال ڍوئيندڙ ڪمپنين ڪاميٽيءَ جي سفارش مان ڪي ٽڪرا چونڊي ڪڍيا ۽ انهن مان پنهنجي معنيٰ ڪڍي ته ڪاميٽيءَ ڀاڙا وڌائڻ چاهي ٿي. ڪيترن ماڻهن اها ڳالهه پڙهي ته ڪاميٽيءَ جي خلاف ٿي ويا. سرمائيدارن مخالفت ڪئي ته ڪاميٽي نفعو ڪمائڻ تي پابندي ٿي وجهي. ڪنوارن مڙدن ڄم تي پابندي وجهڻ واري ڳالهه تي ٺٺولي ڪئي... ان ساري بحث جو حاصل مقصد اهو هو ته انهن خوابن جي تڪميل لاءِ سرمايو ڪٿان ايندو؟

ڌرتيءَ جي جنت لاءِ سرمايو:

ان وڏي ڪاميٽيءَ پنهنجي پهرين اجلاس جي هڪ مهيني کان پوءِ چوٿين رپورٽ پيش ڪئي ۽ پوءِ ان جو اجلاس ختم ٿي ويو. شهر جا ماڻهو حيران هئا جو ان رپورٽ تي پهرين رپورٽ وانگر هڪ ميمبر کان سواءِ ٻين سڀني ميمبرن جون صحيحون هيون رپورٽ هيءَ هئي:

اسان سفارش ٿا ڪيون ته جمهوريت کي وڌايو به وڃي پر ساڳئي وقت ان کي محدود به ڪيو وڃي ته جيئن هر ڪنهن کي موقعو ملي ته هو پنهنجو پاڻ کي اعليٰ عهدي جي لائق بڻائي ۽ اعليٰ عهدا رڳو انهن لاءِ رکيا وڃن جن پنهنجو پاڻ کي انهن جو اهل بڻايو آهي. اسان زور ٿا ڀريو ته اسان جي يونيورسٽن ۾ سياسي انتظام جا اسڪول قائم ڪيا وڃن ۽ ڪوبه ماڻهو اهو گريجوئيٽ هجي يا نه، ان کي اسڪولن ۾ داخلا جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ داخلا ملڻ گهرجي. انهن اسڪولن ۾ تعليم ايتري مڪمل ۽ عمل ڪرڻ جهڙي هجي جهڙي ڊاڪٽريءَ جي ڪاليجن ۾ هوندي آهي. اسان سفارش ٿا ڪيون ته اسان جون سياسي پارٽيون انهن اسڪولن مان تعليم مڪمل ڪرڻ وارن کي پنهنجا نمائندا چونڊن. جن مڙد يا عورتن انهن اسڪولن مان گريجويشن ڪئي هجي انهن کي هو اميدوار نامزد ڪن ۽ اهو به ڏسن ته انهن گهٽ ۾ گهٽ ٻه سال ڪنهن ننڍي عهدي تي ڪم ڪيو آهي.

اسان ميونسپل جي کوجنا واري شعبي لاءِ امداد ٿا گهرون. اهو شعبو جدا جدا هنڌن تي ميونسپل جي ڪمن جي جديد طريقن جي مطالعي جو بندوبست ڪري. ساڳئي وقت هر عهديدار جي ڪارڪردگيءَ جو به جائزو ورتو وڃي.

هن ۽ هن کان اڳ وارين رپورٽن جي تجويزن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ سرمائي جي ضرورت آهي جنهن لاءِ اسان رٿ ٿا ڏيون ته: استعمال ۾ نه ايندڙ زمين، عيش جي سامان ۽ هڪ خاص قيمت کان وڌيڪ قيمت وارا تحفا ۽ تفريح جو سامان، جيڪو عوام جي جسماني ۽ ذهني اوسر لاءِ نه آهي، ان تي ٽيڪس لڳايو وڃي. ٻيو ميونسپل کي ڊگهي مدي وارا اقرارناما جاري ڪرڻ گهرجن، ته جيئن اهي نسل جيڪي انهن سهولتن مان فائدو وٺن ۽ اهي ان فائدي جي ٿوري قيمت به ڀرين.

اسين مڃون ٿا ته سرمايو حاصل ڪرڻ جو هي وسيلو ڪافي نه آهي. ان ڪري اسان رٿ ٿا ڏيون ته اهي شهري جن جي مالي حيثيت سٺي آهي اهي تعميري فنڊ ۾ چندو ڏين. ان تعميراتي فنڊ جو انتظام غير سياسي بورڊ جي هٿ ۾ هوندو، ان بورڊ جا ميمبر چندو ڏيڻ وارا ۽ ميونسپل جا ميمبر هوندا. ان سلسلي ۾ اسان اخبارن جي مدد ٿا گهرون ته اهي سرمائيدارن کي ايترو فنڊ جمع ڪرائڻ لاءِ اُتساهن جيترو فنڊ ميونسپل وٽ موجود آهي. اسان قابل ۽ دولتمند جي حب الوطني ۽ دُور انديشيءَ مان اميد ٿا ڪيون ته هو اسان سان تعاون ڪندا. هنن جي امداد کان سواءِ تعمير بيهي ڪانه رهندي پر ان جي رفتار گهٽجي ويندي. هنن جي امداد سان تعمير جو ڪم هڪ ئي نسل جي دور ۾ پورو ٿي سگهي ٿو جنهن سان اسان جي شهر کي اها عظمت ملي سگهي ٿي. جيڪا ايٿنز، فلورنس ۽ روم جي عظمت جي برابر هوندي.

هن ڪاميٽيءَ جا ميمبر واعدو ٿا ڪيون ته هن ڪم لاءِ اسان پنجن سالن تائين پنهنجي ڪُل آمدني جو پنجون حصو ان فنڊ ۾ ڏيندا رهنداسين.

پر حقيقت ۾:

ان آخري جملي جي اثر کان ڪير ٿي بچي سگهيو؟ هڪ ئي جملي سان ڪاميٽيءَ ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو ۽ حمايت حاصل ڪري ورتي. جيئن ته پوک هيٺ آيل زمين شهر ۾ ٿوري هئي ان ڪري ٽيوڊر بليڪ به مُرڪي آرام سان ٿي ويٺو. ”اسان جي آمدنيءَ جو پنجون حصو.!“ اها ڪيڏي نه سخاوت واري آڇ هئي. ڪاميٽيءَ جا ڪي ميمبر وڏا امير هئا ۽ اشتراڪي ميمبر به ڪي گهٽ امير نه هئا. هاڻي مثالي رياست قائم ٿيڻ شروع ٿي وئي هئي.

جيئن ته هاڻي حالتون همت ڏياريندڙ هيون ان ڪري جيڪي ماڻهو شروع کان ڪاميٽيءَ جا خيرخواه هئا اهي هاڻي وڌيڪ بي ڊپائيءَ سان ڪاميٽيءَ جي حمايت ڪرڻ لڳا. چيائون ته ڪاميٽيءَ جو تجويزون محتاط ۽ مناسب آهن ۽ هڪ ٻن ميمبرن کان سواءِ سڀني رجعت پرستن توڙي ترقي پسندن انهن تي صحيحون ڪيون آهن. اخبارن چارئي رپورٽون گڏ شايع ڪيون ته جيئن ماڻهو سمجهي سگهن ته ڪاميٽي ڪهڙي قسم جو نئو سماج قائم ڪرڻ ٿي گهري. اها ڳالهه به چٽيءَ طرح چئي وئي ته اهڙي سماج قائم ڪرڻ جو مقصد آسائشون ۽ آرام مهيا ڪرڻ نه هو پر عوام جي جسماني، ذهني ۽ اخلاقي صلاحيتن کي اڀارڻ هو. اهڙا قدم کڻڻ سان جيڪو نسل پئدا ٿيندو اهو پاڻ پنهنجي لاءِ ڌرتيءَ جي جنت ٺاهيندو. ان نسل ۾ اهڙي صلاحيت هوندي جو هو مشينن کي استعمال ته ڪندو پر مشينن جو غلام نه هوندو.

۽ پوءِ اخبارن جي مدد سان تعميري فنڊ تيزيءَ سان وڌڻ لڳو. ڪيترن ماڻهن ۽ گهراڻن ان شرط تي پنهنجي آمدنيءَ جو پنجون حصو ڏيڻ قبوليو ته ميونسپل انهن تجويزن کي منظور ڪندي. هڪڙي ميمبر ماٺ ۾ پنج ڪروڙ ڊالر فنڊ ۾ ڏيئي ڇڏيا. جيڪي هن هڪ تعليمي فنڊ لاءِ گڏ ڪيا هئا. عورتن پنهنجا زيور ڏنا ۽ مرڻ وارن پنهنجي ڇڏيل ملڪيت ڏني ۽ جدا جدا ادارن پنهنجن ميمبرن جي چندي سان چڱي رقم گڏ ڪري ورتي.

ماڻهن جون نظرون هاڻي ميونسپل جي ميمبرن تي هيون. جنهن ڏينهن ڪاميٽيءَ جون رپورٽون ميئر کي پيش ٿيون ان ڏينهن هال ۾ گئلريءَ جون سڀ سيٽون ڀريل هيون. ماڻهن جا منهن خوشيءَ ۾ ٿي ٻهڪيا. سڀني ائين ٿي سمجهيو ته اسان سون واري دور کان سنهري دور تائين پڄڻ واري مهم جي پهرين ڊرامائي منزل جو نظارو پيا ڪيون. ميئر سڀ رپورٽون پڙهي ٻڌايون ۽ وضاحت ڪئي ته اهي الڳ الڳ پيش ڪيون وينديون. هن تجويزن کي منظور ڪرڻ لاءِ زوردار اپيل ڪئي. هن اميد ڏيکاري ته جيڪڏهن اهي تجويزون منظور ٿيون ۽ انهن تي سندس ميئر هجڻ واري مدي جي ختم ٿيڻ کان اڳ ڪم شروع ٿيو ته پوءِ هن وقت جي انتظاميه کي مستقبل ۾ هميشه ياد ڪيو ويندو.“

هن تقرير پوري ڪئي ته هڪڙو بزرگ اُٿيو ۽ هن انهن تجويزن جي خلاف تقرير شروع ڪئي. هن چيو:

”سائين منهنجا، مان انهن تجويزن کي ننديان ٿو ۽ انهن کي اشتراڪيت آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي برابر ٿو سمجهان. ان ڪاميٽيءَ ۾ شامل ڪارخانن جي مالڪن کي ڇا ٿي ويو آهي جو هنن اشتراڪيت جا خواب ڏسڻ وارن جي انهن ٻاراڻين تجويزن جو هر اکر مڃيو آهي. انهن تجويزن جي پٺيان مان ماسڪو جا ڳاڙها هٿ ۽ ٿرڊ انٽرنيشنل جو اثر ٿو ڏسان. جيتوڻيڪ انهن مان ڪي تجويزون چڱيون به آهن پر مان انهن جي به مخالفت ٿو ڪيان جو مون کي پنهنجي وطن سان پيار آهي ۽ مان پنهنجي وطن تي ڪنهن ڌارئي جي غلبي کي ڪنهن به حالت ۾ منظور ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان“.

گئلري ۾ ماڻهو کليا پر بزرگن هن جو ڳالهيون غور سان ٻڌيون. انهن مان هڪڙو اُٿيو ۽ ان ڳالهه جو مذاق اڏائڻ لڳو ته اهي تجويزون اشتراڪيت واريون آهن، پر ٽئين مقرر زوردار تقرير سان بحث جو انداز بدلائي ڇڏيو. هو هڪ خوفناڪ شڪل وارو پوڙهو رازو هو ۽ مزدور يونيئن جي جدا جدا عهدن تان ٿيندو ميونسپل تائين پهتو هو. هن وڏي جذباتي انداز ۾ گجندي چيو:

”منهنجا سائين، هي تجويزون رڳو روس جي آڏو پيش پوڻ برابر نه آهن پر انهن وڏن سرمائيدارن جي مفادن جي آڏو پيش پوڻ برابر به آهن جن هميشه اسان کي پنهنجي زير ڪرڻ گهريو آهي. هيءَ نام نهاد ڪاميٽي ڇا آهي. هيءَ اميرن جي ڪلب آهي. هنن پنهنجي ڪمائيءَ جو پنجون حصو فنڊ ۾ ڏيڻ جي آڇ ڪري اسان کي ڦاسائڻ ۽ شهر تي قبضو ڪرڻ گهريو آهي. ان فنڊ مان هنن جو مقصد اهو آهي ته هو اسان کي شامل ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي مرضيءَ سان شهر کي بدلائڻ ۽  آمدورفت جا وسيلا خريد ڪرڻ جو مقصد به رڳو ڀاڙا وڌائڻ آهي“.

اوهان اهو به ڏسو ته ڪاميٽيءَ وطن دوستيءَ جي خلاف جنگ کي ننديو آهي. اها وڏي گستاخي آهي. هنن جي مرضي آهي ته اسان پنهنجن انهن بهادر فرزندن ۽ عظيم الشان جرنيلن جي تعريف ۾ هڪ اکر به نه چئون جن اسان لاءِ آزاديءَ جون جنگيون وڙهيون، ملڪ جي حفاظت ڪئي ۽ دنيا کي جمهوريت لاءِ محفوظ بڻايو.

انهن تجويزن ۾ مذهب جي باري ۾ هڪ اکر به نه آهي، اشاري سان ڳالهه ڪيل آهي ته مذهب جو اخلاقي اثر ختم ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اسڪول جون ماسترياڻيون اخلاق کي مذهب جي جاءِ ڏينديون. اخلاقيات! اوهان ڏٺو، اخلاقيات! اخلاقيات نيٺ آهي ڇا؟ مون کي خبر آهي ته هي سڀ ڇا آهي. اهو مذهب کي ختم ڪرڻ جو طريقو آهي. هن ڪاميٽيءَ جا اڌ ميمبر دهريا آهن يا وحدانيت جا قائل آهن يا وري يهودي آهن جيڪا تمام خراب ڳالهه آهي. مون شروع ۾ ئي محسوس ڪيو هو ته ڪاميٽي ۾ يهودي گهڻا آهن.

منهنجا سائين، هي ڪيئن اوهان کي بيوقوف بڻائي سگهيا آهن. اوهان اسان وانگر گهٽين ۾ پلجي ان عهدي تائين پهتا آهيو ۽ اوهان کي منهن تي ٿا چون ته سڀني ميئرن وٽ يونيورسٽن جي ڊگري هئڻ گهرجي. هي اسڪول ماستر اسان کي سيکارڻ آيا آهن ته شهر جو انتظام ڪيئن هلائجي. هي ماڻهو ان جمهوريت جون پاڙون پٽڻ آيا آهن. جنهن لاءِ اسان جا وڏا جانيون ڏيڻ کان به نه هٻڪيا ۽ جنهن کي اسان جي ڀائرن فرانس جي ميدان ۾ دشمن جي حملن کان بچايو. هي ماڻهو ديانتدار مزورن کان اعليٰ عهدن تائين پهچڻ جا حق ٿا کسن. هنن کي شرم اچڻ گهرجي. انهن تجويزن مان جيڪڏهن هڪ تجويز به منظور ٿي ته اها اسان جي حڪومت کي برباد ڪندي ۽ اسان جي هن سهڻي شهر جي عزت گهٽائيندي.“

تجويزن تي بحث ٿيندو رهيو. ميئر هڪ هڪ تجويز جي وڏي صبر سان حمايت ڪئي. ۽ گهڻن ميمبرن ميئر جي حمايت ڪئي ٻڌڻ وارن انهن تجويزن لاءِ هر تقرير ۽ هر ووٽ تي دل کولي تاڙيون وڄايون. هڪ هفتي اندر معاملو طئه ٿي ويو. هر تجويز لاءِ ووٽ پيا ۽ ماڻهو گهرن ڏانهن هليا ويا. انهن مان هڪ تجويز به منظور نه ٿي.

ان هوندي به وڻ جي ڇانوَ سڪون ڏيندڙ ۽ ٻارن جي کل دل کي وڻندڙ آهي:

حصو اٺون:

مذهب......... هڪ مطالعو

مڪالمي ۾ حصو وٺڻ وارا

اينڊريو- هڪ دهريو

ايريئل- ميزبان

ڪليرنس- بي عقيدي وارو

ايسٿ- هڪ يهودي عورت 

سر جيمز- انسان جي باري ۾ علم جو ماهر

ڪنگ- هڪ چيني

ميٿيو: هڪ ڪيٿولڪ

پال: هڪ پروٽيسٽنٽ

فلپ: تاريخ نويس

سڌا: هڪ هندو

ٿيوڊور: هڪ يوناني

وليئم: هڪ نفسيات جو ماهر.

 

مڪالموٽن حصن ۾ آهي

پهريون حصو باغ ۾

ٻيو ڪمري ۾

۽ ٽيون لئبريري ۾

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org