سيڪشن:فلسفو

ڪتاب: فلسفي جون راحتون

باب:

صفحو:21 

باب اڪويهون

مذهب جو وجود ۾ اچڻ

مادي شين ۾ روح جو تصور:

ايرئيل: اچو ته گلن جي هن ٻاري جي چوڌاري ٿي ويهون، اسان ”گول باغ جا سالار“ آهيون، اسان قسم کنيون آهي ته عقيدي جو بچاءَ ۽ ان جي مخالفت ڪنداسين. اچ ميٿيو، تون گرپل جو پوئلڳ آهين. تون به اچ اينڊريو. تون دهريو آهين. مون سان هي بينچون کڻايو. اسان مان جن کي لهندڙ سج جو نظارو وڻي ٿو اهي هتي ان عظيم ديوتا ڏانهن منهن ڪري ويهن. ها، بلڪل ائين ڪارروائي شروع ڪيون؟

پال: پهرين اهو ٻڌاءِ ته تون اسان کان ڇا ٿي چاهين؟

ايرئيل: مون اوهان سڀني کي مذهب جي باري ۾ گفتگو ڪرڻ لاءِ سڏايو آهي. مون کي ان موضوع سان دلچسپي به آهي ته ساڳئي وقت مان ان معاملي ۾ منجهيل به آهيان. شايد مون وانگر ٻين جو به اهو ئي حال هجي. اوهان ٻڌايو ته مذهب جي شروعات ڪيئن ٿي. مذهب جي جدا جدا صورتن جي اهميت ۽ معنيٰ ڪهڙي آهي. هن زماني ۾ ان جي ڪهڙي حيثيت آهي ۽ آمريڪا ۾ ان جو مستقبل ڇا آهي؟ اوهان اهو به ٻڌايو ته منهنجو روح غيرفاني آهي يا نه ۽ ڇا خدا جو وجود آهي؟

ڪليرنس: اسان يڪراءِ ٿيون ته بحث مختصر ٿي سگهي ٿو.

ايرئيل: منهنجي دلچسپي رڳو انهن ڳالهين ۾ آهي جن لاءِ اوهان يڪراءِ نه آهيو. مون اوهان کي دعوت ئي ان ڪري ڏني آهي جو ڪيترين ڳالهين ۾ اوهان جا پاڻ ۾ اختلاف آهن. اوهان مان هر ڪو سمجهي ٿو ته ٻيو غلط آهي پر پوءِ به مان اميد ٿي ڪيان ته اوهان هڪ ٻئي جي راءِ جو احترام ڪندا. منهنجي خيال ۾ بحث جي شروعات ٿيڻ گهرجي.

اينڊريو: سڀ کان پهرين خاص معنيٰ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن کي چٽو ڪيون. پهريان ٻڌايو ته مذهب ڇا آهي؟

ايريئل: تشريحون ٿڪائي ڇڏينديون آهن.

فلپ: هڪ دفعي مون مذهب جون جدا جدا تشريحون گڏ ڪيون هيون. انهن مان ڪي مون کي ياد آهن. شلائيرماخر مذهب کي مڪمل طرح ڀاڙڻ جو احساس ٿو چئي. هيولاڪ اپلس مذهب کي دنيا سان هم آهنگيءَ جو وجدان چيو آهي. گلبرٽ مري چيو آهي ته ”مذهب ڪائنات سان اسان جو تعلق ٿو پئدا ڪري“. اسپنگلر چيو آهي ته هيءَ اها مابعد الطبعيات آهي جنهن کي اسان محسوس ٿا ڪيون يعني سمجهه کان مٿاهين حقيقت جيڪا يقيني آهي. فطرت کان مٿاهين طاقت جيڪا حقيقي آهي. غير حقيقي پر اصل ۾ حقيقي دنيا، جنهن ۾ زندگي وجود جي حالت ۾ آهي.“ پروفيسر شاٽ ويل چئي ٿو ”مذهب ڪنهن پُراسرار حقيقت جي اڳيان پيش پوڻ آهي. ايورٽ ڊين مارٽن مذهب جي تشريح ڪندي چئي ٿو ته ”هي پراسرار وجود جي علامتي ڄاڻ آهي. جنهن ۾ انسان جون پنهنجي انا جي حوالي سان دلچسپيون آهن.“ رائناخ جو چوڻ آهي ته ”هي انهن اصولن جو مجموعو آهي جيڪو اسان جي صلاحيتن جي آزاد استعمال ۾ رنڊڪ ٿو وجهي.“

ميٿيو:- ان کان وڌيڪ اجائي ۽ جانبداراڻي تشريح مون اڄ تائين نه ٻڌي آهي.

وليئم: هي سڀ تشريحون مونجهارو پئدا ڪرڻ جو بهترين مثال آهن.

فلپ:- ٽائلر جي تشريح اوهان کي وڻندي. هن چيو آهي ته ”مذهب روحاني شخصيتن ۾ ايمان جو نالو آهي“

سرجيمز: پر ڪن ديوتائن جو مادي تصور به آهي. مذهب ۾ ايمان ڪافي نه آهي. پرستش کي به شامل ڪيو.

فلپ: اوهان مذهب جي ڪيئن ٿا تشريح ڪيو.

سرجيمز: ماڻهو پاران انهن مٿاهن قوتن کي راضي ڪرڻ ۽ سرچائڻ  جي ڪوشش، جن لاءِ ماڻهن جو ايمان آهي ته قدرت ۽ انساني زندگي انهن جي وَس ۾ آهي.

ايريئل: اوهان جو مطلب آهي ته مذهب فطرت کان مٿاهين هستين جي پرتش جو نالو آهي.

سرجيمز: اوهان ڳالهه کي مختصر ڪري بيان ڪيو ان لاءِ مهرباني.

ايريئل: ڀلا مذهب جي شروعات ڪيئن ٿي؟

اينڊريو: ان سوال جو ليؤ ڪريٽس کان وڌيڪ سٺو جواب ڪنهن نه ڏنو آهي. هن جو چوڻ آهي ته ڊپ دنيا ۾ ديوتائن جي تخليق ڪئي، وحشت پڻي واري زندگيءَ کي هزارين خطرا هئا. وحشي ماڻهو ورلي فطري موت مرندا هئا. ڏاڍ ۽ بيماري ماڻهوءَ کي پڪيءَ عمر تائين پهچڻ ئي نه ڏيندا هئا. وحشي ماڻهو مظاهر کي سمجهي نه سگهيو ته هن انهن کي انساني شڪل ڏني ۽ پنهنجي جسم مان اندازو لڳايو ته هر مادي شيءِ ۾ روح آهي جيڪو ان جي اعمالن جو ذميوار آهي. ڇا اوهان ڪڏهن ڪنهن ساهوار جي اکين ۾ ان وقت ڊپ ۽ حيرت ڏٺي آهي جڏهن ڪاغذ هوا ۾ اڏامندو آهي ۽ هو هوا کي ڏسي نه سگهندو آهي. مون کي يقين آهي ته هن کي ڪاغذ ۾ روح نظر ايندو آهي جيڪو ڪاغذ کي اُڏائيندو آهي. ان ساهدار لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اهو مذهبي آهي اڃا به هو هڪ وحشي فطرت پرست آهي. ائين مذهب جي شروعات ٿي،

ايرئيل: سرجيمز، ڇا اسان هن جون ڳالهيون مڃون؟

سرجيمز: اوهان جي مرضي، جنهن کي اينڊريو پهرين منزل ٿو چئي اها شايد ته ٻي منزل آهي جنهن ۾ حيرانيءَ وارو ڪم ڪندڙ قوت جنهن کي ”ميلان“ وارا ”مانا“ ۽ آمريڪي ريڊ انڊين ميني تاؤ چئي پوڄيندا هئا ان جي باري ۾ اهو تصور هو ته اهو ڪيترن روحن ۾ ورهايل آهي جيڪي هر شيءِ ۾ رهن ٿا.

سڌا: اهو شروعاتي عقيدو وڏو اونهو هو. اهو جديد سائنس جي ان نظريي جهڙو هو ته سمورو مادو قوت آهي.

سرجيمز: اهو پراڻو عقيدو اڄ به اسان وٽ مروج آهي. ڪنهن زماني ۾ جبل، درياه، ٽڪريون، وڻ، ستارا ۽ آسمان روحن جون ظاهري شڪليون سمجهيون ويندا هئا. اڄ به اسان انهن کي شخصي شڪليون ٿا ڏيون. يوناني سمجهندا هئا ته آسمان يورا نوس ديوتا جو جسم آهي. چنڊ سائليني ديويءَ جو، زمين گائيا ديويءَ جو ۽ سمنڊ پوسيڊون ديويءَ جو جسم آهي.

ٿيوڊور: ها، پر سائين، پڙهيل يونانيءَ لاءِ هي سڀ ڳالهيون شاعري هيون.

سرجيمز: هڪ عام يونانيءَ لاءِ اهي حقيقت هيون. ان لاءِ سڀني ماڻهن جي سوچ هڪ جهڙي آهي. اوائلي زماني ۾ جرمني ۽ اسڪينڊنيويا جا ماڻهو جهنگن کي جنن، ڄامڙن، ديوتائن ۽ اهڙي غير مادي مخلوق سان ڀريل سمجهندا هئا. آئرستان جا ڳوٺاڻا اڃا تائين پرين کي مڃيندا آهن ۽ انهن کان ڊڄندا آهن. آئرستان ۾ ادب جي جيڪا نئين سر تخليق پئي ٿئي ان مان جيڪڏهن پرين کي ڪڍي ڇڏيو ته باقي ڦڪو نثر بچندو، آمريڪي ريڊانڊين پنهنجي تباهيءَ جو سبب اهو سمجهندا آهن ته اڇن ماڻهن اهي وڻ وڍيا جن جا روح سندن حفاظت ڪندا هئا. مولوُڪا ٻيٽن وارا ڦوٽهڙي وارن وڻن جو ائين خيال رکندا آهن جيئن ڳورهاري عورت جو خيال رکندا آهن. وڻن جي ويجهو گوڙ يا فساد ٿيڻ نه ڏيندا آهن ته ڪٿي ڳورهاري عورت وانگر وڻ به ڇرڪي پنهنجا ميوا نه ڇڻي ڇڏن. ايمونائنو ۾ جڏهن سارين جون ٻنيون سايون ٿينديون هيون ته انهن جي ويجهو واڪا ڪرڻ کان جهليندا هئا ته واڪن سان عورت وانگر هنن جو به ٻار نه ڪري پوي. گال gaul ۾ مقدس وڻن وارا جهنگ هوندا هئا. انگلينڊ ۾ ڊروئيڊس drauids پنهنجن مذهبي رسمن لاءِ شاه بلوط جي امربيل گڏ ڪندا آهن.

ايريئل: امربيل سان اڄ به ڪيتريون رسمون لاڳاپيل آهن. اسان کي هاڻي ڪي ٻيون ڳالهيون ٻڌايو.

سرجيمز: روح جي مظاهر جو اهو نظريو ستارن سان به لاڳاپيل آهي. انهن مان هر هڪ ستاري ۾ سڌي واٽ ڏيکارڻ وارو روح رهندو آهي. بابل جي رهواسين جي خيال ۾ سيارن ۾ خدائي خصلتون هيون. انهن سيارن جا نالا هنن هفتي جي ڏينهن تي رکيا جيئن سنڊي، منڊي ۽ يسٽرڊي. اسان اڄ به اڻ ڄاڻائيءَ ۾ انهن جو احترام ڪندا آهيون. ٽيوزڊي، وينس ڊي ۽ فراءِ ڊي وري اسڪينڊ ينيوپا جي ديوتائن ٽائيو ووڊن، ٿور ۽ فرائگا جي نالن پٺيان سڏجن ٿا. فرانس وارن وري روم جي ديوتائن مارس، مرڪيوري، جوو ۽ وينس جي نالن پٺيان هفتي جي ڏينهن جا نالا رکيا. بابل ۾ ئي نجوم جي علم جنم ورتو. هو سمجهندا هئا ته سيارا انسان جي تقدير تي حاوي آهن. اڄ به اسان جون اخبارون هر هفتي نجوم جا زائچا شايع ڪنديون آهن. ۽ عام گفتگو ۾  به اسان نجوم جي علم وارا لفظ استعمال ڪندا آهيون LUNATIC چريو، marTIal جنگي، Jovial خوش طبع. ڪيترن قبيلن ۾ چنڊ گرهڻ وقت ماڻهو خوفناڪ رڙيون ڪندا آهن ته جيئن جن بلائن چنڊ تي حملو ڪيو آهي اهي ڀڄي وڃن. ايٿنز جي رهواسين اناڪزا گورس کي جلاوطن ڪيو هو جو هو چوندو هو ته سج ديوتا نه آهي پر باهه جو گولو آهي. عيسائيت انهن روحن کي فرشتا سڏيو. ڪيپلر سمجهندو هو ته هر سياري سان هڪ روح آهي جيڪو ان جي گردش ۾ ان جي رهنمائي ڪندو آهي. اوليائن جي تصويرن جي چوڌاري روشني جو جيڪو گولو هوندو آهي اهو به شايد ته سج جي پوڄا جو نشان آهي. ميڪاڊو کي اڄ به جپاني ديوتا سمجهندا آهن. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته مظاهر ۾ روح کي ڏسڻ جو نظريو مذهب جو بنياد بڻيو. ان نظريي جو مطلب آهي ته هرهڪ شيءِ ۾ روح هوندو آهي.

فلپ: ان شروعاتي مظاهر پرستيءَ جو هڪڙو مثال عضو پرستي آهي. اوهان جو ڇا خيال آهي؟

سرجيمز: صحيح ٿا چئو، وحشي ماڻهن کي پئدائش ڪرڻ وارن عضون جي اندروني جوڙجڪ جي خبر ڪانه هئي. هنن کي رڳو ظاهري عضون جي خبر هئي، انڪري هنن ان کي ديوتا ٿي سمجهيو ۽ ان جي پوڄا ٿي ڪئي.

سڌا: منهنجي خيال ۾ اهو ڌرم عقلمندي وارو آهي. انهن عضون ۾ ئي پيدائش ۽ وڌڻ ويجهڻ جو معجزو ٿو نظر اچي. اهي عضوا تخليقي قوت جا مظهر آهن. پئدائش جي انهن مرداڻي ۽ زناني عضون جي اڄ به پوڄا ٿئي ٿي. اسان جي ملڪ ۾ اڃا تائين انهن جي پوڄا ٿيندي آهي ۽ انهن کي تحفظ جي علامت سمجهيو ويندو آهي.

فلپ: مصر جي پراڻن دستاويزن مان خبر ٿي پوي ته اُتي مڙداڻي عضوي جي پوڄا سڀ کان پراڻو ادارو هو. روم جا ماڻهو انهن جي علامتن جا تعويذ ٺاهي استعمال ڪندا هئا ته جيئن هنن جي پئداواري طاقت ۾ واڌارو ٿئي. هو پنهنجن ميلن ملاکڙن ۾ پئدائش جي پراسراريت جو جشن ملهائيندا هئا. لوشين افراڊٽي جي مندر سامهون بيٺل ٻه سو ڊگهن ٿنڀن کي به اهي علامتون ٿو چئي.

اينڊريو: منهنجي خيال ۾ ته هر ڪا عبادت خاص ڪري عورتن ۾، محبت جي جذبي سان لاڳاپيل آهي. سينٽ ٿيريسا St:Theresa جا تصور به جنسي احساسن ۽ جذبن سان لاڳاپيل هئا. اسان جيڪڏهن ڪرافٽ- ايبنگKraft- Abing ۽ هيولاڪ ايلس  Havelock Eles جي ڳالهه مڃون ته پوءِ اسان کي مڃڻو پوندو ته هر مقدس شخصيت سان گهڻو ڪري اهڙائي تصور لاڳاپيل هوندا آهن. منهنجو تجربو رڳو ان هڪ جذبي تائين محدود آهي، ان ڪري مان ان موضوع تي وڌيڪ بحث ڪري نٿو سگهان.

سرجيمز: شايد نه اوائلي مذهبي احساس ۾ جنس کي شامل ڪرڻ ۾ وڌاءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. وڻن جي پوڄا، چوڪنڊن منارن ۽ يورپ ۾ بهار جي آڌرڀاءُ لاءِ جيڪي جهنڊا کوڙيا ويندا آهن، انهن جي تشريح جنسي اصطلاحن ۾ ڪرڻ ۽ اسان جون جيڪي رسمون طُهر سان لاڳاپيل آهن انهن جي اهڙي تشريح ڪرڻ مناسب نه آهي.

ٿيوڊور: اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته پئدائش سان لاڳاپيل اهي اوائلي رسمون جنسي نه آهن پر مذهبي آهن. آهستي آهستي ماڻهن انهن کي عياشيءَ سان ڳنڍي ڇڏيو پر شروع ۾ پئدائش جي قوت کي تقديس جو رنگ ڏنو ويو. منهنجي خيال ۾ ان کي غليظ سمجهڻ کان چڱو آهي ته ان کي مقدس سمجهون.

اينڊريو: انهن کي غليظ سمجهڻ اجايو آهي.

ايرئيل: هاڻي اڳتي هلون سرجيمز! مظاهر ۾ روح ڏسڻ مذهب جي جُڙڻ جو پهريون عنصر آهي.

جادو:

سرجيمز: ٻيو عنصر جادو آهي. پهريان ته ماڻهوءَ دنيا کي روحن سان ڀري ڇڏيو ۽ پوءِ جڏهن انهن کي قبضي ۾ ڪري نه سگهيو، جيئن سائنس ٿي ڪوشش ڪري، ته پوءِ اوائلي دور جي انسان انهن کي پنهنجو مددگار بڻائڻ جو ارادو ڪيو. ”جادو“ رائناخ Rainach چيو آهي. ”مظاهر ۾ هر روح کي مڃڻ جو طريقو آهي. اهو جادو گهڻو ڪري دوستاڻو ۽ خيالي تصويرن تي ٻڌل هو. اوائلي دور ۾ مينهن نه وسندو هو ته عبادت ڪرڻ وارو پاڻ يا پنهنجي جادوگر جي مدد سان، گهڻو ڪري ڪنهن وڻ تان زمين تي پاڻي هاريندو هو. اڄ به Balkans ۽ جرمنيءَ جي ڪن حصن ۾ مينهن نه وسندو آهي ته ڪنهن جوان ڇوڪريءَ کي اگهاڙو ڪري مٿس پاڻي هاريندا ۽ جادوءَ جا منتر پڙهندا آهن. ڪافر وري پنهنجي مذهبي اڳواڻ کي چوندا هئا ته هو ڇٽي هٿ ۾ جهلي ٻنيءَ ۾ گهمي، سماٽرا ۾ سنڍ عورت ٻار جو ڪاٺيءَ وارو پتلو ٺاهي هنج ۾ رکندي آهي ته جيئن کيس ٻار ٿئي. بابرٻيٽنBabar Archipelago سنڍ عورت ڳاڙهي ڪپڙي جي گُڏي ٺاهي ان کي کير پياريندي ۽ جادوءَ جو منتر پڙهندي آهي. ماڻهن ۾ افواهه پکيڙيو ويندو آهي ته کيس ٻار ٿيو آهي ۽ ماڻهو هن کي مبارڪ ڏيڻ ايندا آهن، بورنيو جي ڊياڪ قبيلي ۾ عورت کي سور ٿيندا آهن ته جادوگر پاڻ هن جي سورن جي اهل ڪندو آهي ڄڻ کيس ٻار پيو ٿئي. ائين ڪرڻ سان سمجهيو ويندو آهي ته سورَ گهٽ ٿيندا آهن ۽ ٻار جلدي پئدا ٿيندو آهي، ٿوري دير تائين ائين ڪرڻ کان پوءِ جادوگر پنهنجي چيلهه مان پٿر ڪيرائيندو آهي ۽ اهڙا منتر پڙهندو آهي جن جو مطلب هوندو آهي ته ٻار پٿر وانگر ٻاهر نڪري اچي. تاريخ ۾ جادوءَ جا اهڙا گهڻي ئي مشهور علاج ٿيا آهن. اوهان جي ملڪ جي عالم ڊاڪٽر جيمس- جي والش پنهنجي ڪتاب ۾ ڏاڍي وڻندڙ نموني سان جادوءَ جا قصا بيان ڪيا آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو ڦٽ ٿيو آهي ته هن کي ٽٽندڙ ستاري جي انتظار ڪرڻ گهرجي. جيئن ئي ستارو ٽٽي ته هن کي يڪدم منهن صاف ڪرڻ گهرجي، ائين ڪرڻ سان سندس سڀ ڦٽ ڇٽي ويندا، جي ائين ڪرڻ سان ڦٽ نه ڇٽن ته پوءِ پڪ سمجهو ته هن ڦڙتيءَ کان ڪم نه ورتو آهي. الٽميرا Altamira جي غارن جي ڀتين تي حيوانن جون جيڪي تصويرون ٺهيل آهن انهن تي تير وسائڻ جو سبب شايد ته جادوءَ جي اثر سان جانورن کي مارڻ هو. وچئين دور ۾ ماڻهو دشمن جي ميڻ مان ٺهيل بوتن ۾ سيون ٽنبيندا هئا. اڄ به اسان ماڻهن جا بوتا ٺاهي ساڙيندا آهيون. پيرو جا ماڻهو ان کي دشمنن جي روحن کي ساڙڻ چوندا آهن.

اينڊريو، سرجيمز، منهنجو خيال آهي ته جادوءَ مان مذهب جي پئدا ٿيڻ وارو نظريو اوهان جو پسنديده نظريو آهي.

سرجيمز: مظاهر ۾ روح ڏسڻ واري نظريي مان شاعري پئدا ٿيندي آهي. جادوءَ مان ڊرامو ۽ روحن کي قبضي ۾ آڻڻ جي خواهش مان سائنس پئدا ٿيندي آهي. جڏهن جادوءَ جي هڪ ڳالهه ناڪام ٿيندي آهي ته جادوگر جي نالي کي وڏو ڌڪ لڳندو آهي. جيتوڻيڪ جو ماڻهو جادوگر جي هڪ ڪاميابيءَ کي ياد رکندا آهن ۽ سندس ڪيترين ناڪامين کي وساري ڇڏيندا آهن. جادوگر جو بچاءُ ان ۾ هو ته هو سببن ۽ نتيجن جو مطالعو ڪري ۽ پنهنجو جادوءَ وارو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي پنهنجي جادوءَ واري طريقي سان ڳنڍي. ائين ڪرڻ سان کيس ڪاميابي ٿيندي ۽ نالو پئدا ڪري سگهندو ته هو ديوتائن کي قبضي ۾ آڻي سگهي ٿو.

معجزا ڏيکارڻ وارن اوائلي جادوگرن ۽ پروهتن مان، طبيب، نجومي ۽ فلڪيات جو علم ڄاڻڻ وارا ۽ ڪيميا جا ماهر پئدا ٿيا.

سائنس جي هر شعبي ۾ اسان جا سائنسدان پراڻن جادوگرن جا وارث آهن. ان هڪ چشمي مان مذهب، سائنس، مابعد الطبعيات ۽ طب نڪتا آهن، يعني ته انسان جي تاريخ ۾ ٻه مختلف ڌارا ساڻ ساڻ وهڻ لڳا.

ڪن هنڌن تي جادوگر ۽ سندن منتر ايترا مشهور ٿيا جو جيڪڏهن سندن جادوءَ جو زور نه هليو ۽ سندن ڳالهه ديوتائن پوري نه ڪئي ته ان کي جادوگر جي ناڪاميءَ جي بدران ديوتائن جي ارڏائي سمجهيو ويو. يونان ۾ جيڪڏهن ڪو جوان مڙس شڪار ۾ ناڪام ٿيندو هو ته پان Pan ديوتا جي پٽ کي ڪٽيندو هو. اٽليءَ جا مير بحر دعائن کان پوءِ به گهڻي مڇي ڦاسائي نه سگهندا آهن ته بيبي مريم جي پٽ کي درياه ۾ اڇلائيندا آهن. چيني ماڻهن جون دعائون قبول نه ٿينديون آهن ته هو ديوتا جي بت کي بازارن ۾ گهليندا ۽ ان کي گاريون ڏيندا آهن ۽ چوندا آهن ته ”اي ذليل، اسان توکي رهڻ لاءِ عاليشان مندر ڏنو، سينگاريو سنواريو، اعليٰ طعام ڏنا، قربانيون ڏنيون ۽ پوءِ به تون ناشڪرو آهين. اها عجيب رسم اوائلي ماڻهن جي تقدير پرستيءَ جو عڪس هئي جو هو سمجهندا هئا ته تقدير انسانن ۽ ديوتائن کان مٿاهين آهي ۽ اها تقدير پرستي يوناني تهذيب جي سڃاڻ آهي. اهو نظريو هڪ طرف خدا جي وحدانيت ۽ ٻئي طرف سائنس ڏانهن وٺي ٿو وڃي.

ايريئل: خبر نٿي پئي ته انهن سڀني ڳالهين جو حاصل مقصد ڇا آهي. پر شايد اهو سڀ ضروري آهي.

سر جيمز: اوهان حاصل مقصد لاءِ ايڏي جلدي نه ڏيکاريو. تاريخ يا سائنس جو مطالعو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان سڀني حقيقتن کان واقف ٿيون. جيڪڏهن اوهان جلد ڪن نتيجن تي پڄڻ گهرندا ته پوءِ ڪي حقيقتون ته سامهون اينديون پر ڪيتريون رهجي وينديون.

ايريئل: سچ ٿا چئو اوهان جي تنقيد صحيح آهي. اوهان ڳالهه جاري رکو.

سر جيمز: جادوءَ مان رڳو ڊرامو ۽ سائنس پڌرا نه ٿيا پر دعا جون رسمون به پيدا ٿيون. ڪيتريون دعائون اڄ به ماڻهن لاءِ جادوءَ جي منترن وانگر آهن، جن کي ماڻهو ورجائيندا آهن جو انهن جي ورجاءَ ۾ سندن ايمان هوندو آهي. تعويذ، بددعا ۽ خير جي دعا، جادوءَ جي يادگار آهي. پر سڀ کان اهم رسمون جيڪي ماڻهن ۾ عام ٿيون ۽ جن مان اوائلي مذهب وجود ۾ آيا اهي زراعت سان لاڳاپيل رسمون هيون. اوائلي ماڻهو پيداواري قوت کي نَر ۽ ماديءَ ۾ ورهائيندا هئا. انگريزي لفظ Matter (مادو) جو به بنياد شايد ته Mater معني ماءُ آهي. شين جو مشاهدو ڪرڻ ۽ انهن جي باري ۾ سوچڻ جو شخصي طريقو غير شخصي طريقي کان اڳ شروع ٿيو. جيئن مظاهر ۾ روح ڏسڻ جو طريقو مابعد الطبيعات کان اڳ شروع ٿيو. هڪ ٻار جو خدا جو تصور، اسپونزا جي خدا جي تصور کان گهڻو چٽو ۽ حقيقي آهي.  فلسفي ۾ هڪ نقصان اهو آهي ته فلسفو اسان کي ٺوس موجودات جي بدران عمومي اصول ڏيندو آهي. ۽ اسان جي جوانيءَ واري خدا جي زنده تصور جي جاءِ تي هڪ غير مادي مطلق هستيءَ کي اڳيان آڻيندو آهي. جنهن جو انساني پيڪر ۾ تصور ڪري نٿو سگهجي.

هر نسل ۾ هر سال سٺو فصل حاصل ڪرڻ وڏو مسئلو هوندو اهي. اوائلي ماڻهو ان مسئلي کي سائنسي انداز ۾ حل ڪري نٿي سگهيو ان ڪري هن جادوءَ جي مدد ورتي. هو ڌرتي ماتا جي منٿ ڪندو هو ته هن دفعي اسان کي سٺو فصل ڏجانءِ. ان لاءِ پوکي جي وقت ان دور جا ماڻهو زرخيزيءَ جو جشن ملهائيندا هئا. جنهن سان زمين زرخيز به ٿيندي هئي ته وقتي طور هو بداخلاقيءَ جا مزا به ماڻيندا هئا. ڪن ملڪن ۾ ان جشن جي موقعي تي ماڻهو بادشاهه ۽ راڻي يا گهوٽ ڪنوار چونڊيندا هئا، شاديءَ جي رسم ادا ڪندا هئا ته جيئن زمين ۾ زرخيزي اچي. ڪيترا دفعا ته گهوٽ ۽ ڪنوار کي همبستري به ڪرڻي پوندي هئي ته جيئن فطرت (انگريزي ۾ فطرت کي Nature چئبو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”جيڪا پيدا ڪري“)کي خبر پوي ته هو کانئس ڇا ٿا گهرن.

اوهان شايد سوچيندا هوندا ته انهن ڳالهين جو موضوع سان ڪهڙو تعلق آهي. ٿورو صبر ڪيو. اوهان جڏهن مذهبن ۾ تقابلي مطالعو ڪندا. تڏهن اوهان ڪيترن مذهب ۾ داخل ٿيل ڪيترين غلط ڳالهين کي سمجهي ويندا…اوائلي انسان اسان کان وڌيڪ سٺي فصل تي ٿي ڀاڙيو. هن وٽ ڏڪار ۽ سوڪهڙي جو ڪو علاج نه هو. هو سٺو فصل حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هو. هن کي خيال آيو ته هو ڌرتي ماتا کي قرباني ڏي. پهرين هن انساني قرباني ڏني پر پوءِ جڏهن هن ۾ همدردي پيدا ٿي ته هن جانور جي قرباني ڏيڻ شروع ڪئي. هن جو خيال هو ته ان قربانيءَ جو رت زمين جي تهن ۾ لهي ڌرتي ماتا کي خوش ۽ زرخيز ڪندو. ايڪيوڊور Ecudore جا ريڊ انڊين انساني رت ۽ دل جي قرباني ڏيندا هئا، پاني Pawnee جا ريڊ انڊين به ائين ڪندا هئا ۽ بنگال جي قبيلن ۾ اها رسم نهايت ئي ظالماڻي انداز سان پوري ڪئي ويندي هئي. ان رسم ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڏوهارين کي قربان ڪيو ويندو هو. ايٿنز وارا ته ڪجهه ڏوهارين کي سدائين تيار رکندا هئا ته جيئن ديوتائن کي خوش ڪرڻ جي ضرورت وقت انهن کي قربان ڪري سگهجي. جڏهن ڪا وبا پکڙبي هئي يا ڏڪار پوندو هو ته ٻن ڏوهارين کي ذبح ڪندا هئا. هڪ قبيلي جي مردن جي پاران ۽ ٻيو عورتن جي پاران ذبح ٿيندا هئا. اهو آهي ڪفاري جي غلط ۽ ناقص نظريي جو اصل سبب.

ايريئل: هيءَ اوهان ڪهڙي ڳالهه ڪئي؟ اوهان سمجهو ٿا ته عيسائيت جو بنيادي عنصر اهي خوني رسمون آهن؟

سر جيمز: ائين لڳي ٿو، پر مان انهن کي عيسائيت جو بينادي عنصر نٿو سمجهان. مون کي ان وقت حيرت ٿي جڏهن مون ڏٺو ته آمريڪا ۾ جيڪو فرقو ٻئي درجي وارين غير ضروري رسمن کي انڪري اهميت ڏيندو آهي جو انهن سان سندن فرقو ٻئي کان الڳ حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ته ان فرقي کي بنياد پرست چوندا آهن. مان اوهان جو مهمان آهيان ۽ مون کي چوڻ نه جڳائي پر ته به مان ان کي ”سطحيت رستي“ چوندس. ڇا مان پنهنجي ڳالهه جاري رکان.

ايريئل: ڳالهه کي اڳتي وڌايو.

سرجيمز: اهو ئي صحيح علمي جذبو آهي. هر سال ٿارگيلئا Thargalia جي ميلي ۾ ايٿنز وارا ٻن ٻڪرن کي سنگسار ڪري پنهنجن گناهن جو ڪفارو ادا ڪندا هئا. گهڻو ڪري قربانيءَ جو جانور هڪ سال اڳ چونڊيندا هئا. ٻارنهن مهينا ان جي بادشاهه ۽ ديوتائن وانگر پوڄا ڪندا هئا، بهار جي موسم ۾ ان کي ڪهندا هئا ۽ ان کي ايذاءُ ڏيئي به ماريندا هئا، اهڙيءَ طرح هنن جي ساهدارن کي ايذاءَ ڏيئي خوشي ماڻڻ واري خواهش پوري ٿيندي هئي ۽ ان پاڪ رسم جي ادائگيءَ کان ڪوبه کين جهلي نه سگهندو هو، ان کانپوءِ وارين رسمن ۾ قربانيءَ لاءِ چونڊيل جانور کي گذريل سال قربانيءَ لاءِ ڪٺل جانور جي روح جو ٻيو جنم سمجهندا هئا. جيئن بهار کي هو ڌرتي ديوي جي مرڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿيڻ تصور ڪندا هئا. ديوتا جو انساني روپ ۾ مرڻ ۽ وري جيئرو ٿيڻ جون ڏند ڪٿائون اولهه ايشيا ۽ اتر اوڀر آفريقا جي مذهبن جو لازمي حصو ٿي ويون.

ديوتا کي مارڻ واريءَ رسم ۾ پوءِ سڌارو آيو ۽ ديوتا کي مارڻ کان پوءِ ان کي کائڻ جي رسم شروع ٿي. ان تبديليءَ جو سبب اهو هو جو هنن سمجهيو ٿي ته ماڻهو جيڪا شيءِ کائي ٿو ان جي طاقت هن ۾ اچي ٿي وڃي. پهرين ماڻهو جانور کي ماري ان جو رت پيئندا ۽ گوشت کائيندا هئا. پوءِ تهذيب جي ترقيءَ سان اٽي جا بوتا ٺاهي اهي کائڻ لڳا. ميڪسيڪو ۾ چڻن، ٻجن ۽ ڀاڄين مان ديوتا جا بت ٺاهيندا هئا ۽ انهن ڇوڪرن جي رت ۾ ڳوهيندا هئا جن کي ان خاص مقصد لاءِ قربان ڪيو ويندو هو ۽ روزي کولڻ مهل ان بت کي مذهبي عقيدت سان کائيندا هئا. پروهت انهن تي منتر پڙهندا هئا ۽ ائين ديوتا کي کائڻ جي رسم پوري ٿيندي هئي.

ميٿيو: اسان کي پڪ آهي ته ان مان اوهان اهو نتيجو نه ڪڍندا ته عيسائيت جي ڪفاري ۽ رباني دعوت وارو تصور غلط آهي. ڇاڪاڻ جو انهن جي اُنهن وحشي رسمن سان هڪ جهڙائي آهي.

سر جيمز: نه بلڪل نه، انهن تصورن کي صحيح سمجهي سگهجي ٿو. مان انهن بابت غلط ڳالهه نه ڪندس... اُهي رسمون آهستي آهستي مهذب ٿينديون ويون. اصل ۾ اهي آدمخور سماج جون رسمون هيون. ماڻهن سمجهيو ٿي ته سندن ديوتائن جو ذوق سندن قبائلي سردار جي ذوق جهڙو آهي. پوءِ جڏهن آدم خوريءَ جو دور ختم ٿيو ته انسانن جي جاءِ حيوانن جي قربانيءَ ورتي. شايد ته حضرت ابراهيم، حضرت اسماعيل ۽ ان دنبي واري ڳالهه ان تبديليءَ جي تمثيل آهي. هنن جي مذهبي اڳواڻن کي سندن ديوتائن وانگر گوشت وڻندو هو ان ڪري هنن قربانيءَ جي جانورن جا لذيذ حصا پنهنجي لاءِ جدا ڪري رکڻ جو طريقو ڳولهي ڪڍيو ۽ هڏيون چرٻيءَ ۾ ويڙهي ديوتائن کي پيش ڪرڻ لڳا.

اينڊريو: ان دور تائين اڃا ديوتائن کي حاضر ۽ ناظر نه سمجهيو ويندو هو.

 

III. خانداني نشان (Totem) ۽ شين جو حرام ٿيڻ (Taboo)

سر جيمز: انهيءَ وچ ۾ انسان جي حيوانن تي ڀاڙڻ سان ۽ وڏن خوفناڪ جانورن کان ڊڄڻ سان مذهب ۾ ٽيون عنصر پيدا ٿيو. اهو ٽوٽم پرستي هو. ٽوٽم ريڊ انڊين ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ علامت آهي. اُتر آمريڪا جا ريڊ انڊين هڪ بت ٺاهيندا هئا ۽ سمجهندا هئا ته اهو بت ان جانور يا ٻوٽي جي علامت آهي جنهن ۾ سندن قبيلي جو روح هوندو هو، ٽوٽم پرستي گهڻو ڪري شڪاري دور ۾ رائج هئي پر زراعتي دور ۾ به ان جا آثار ملن ٿا، اهڙيءَ ريت پاڪ ڳيرو، مڇي ۽ رِڍَ، يهوديت ۽ عيسائيت ۾ شامل ٿيا.

ڪليرنس: اسان سڀ ٽوٽم پرست آهيون. اسان مان ڪي سانبر ۽ ڪي هرڻ کي ووٽ ڏيندا آهن. ڪي هاٿي، ڪي جمهوريت جي بهترين نشان گڏهه کي ووٽ ڏيندا آهن. ڪي شينهن ۽ عقاب لاءِ جنگ ڪندا آهن. اسان کي پنهنجن اعليٰ احساسن جي اظهار لاءِ جانورن جي ضرورت آهي.

فلپ: 1927 ۾ جپان جي حڪومت حڪم جاري ڪري لومڙين، نانگن ۽ ٻين ديوتائن جا سڀئي مندر ۽ درگاهون ڊهرائي ڇڏيون.

وليئم: يهوداه ۽ ان جا هم عصر ديوتا غضبناڪ هئا، غضبناڪ ديوتا جانورن جي پوڄا جو يادگار آهن. عبوري دور ۾ ماڻهن ديوتائن جو تصور اهو بيهاريو ته هن جو منهن انسان جو ۽ هيٺيون ڌڙ حيوان جو هو. مصر جو اهو عظيم بت ان جو مثال آهي. ماڻهن جي جنگ جڏهن حيوانن جي بدران ماڻهن سان شروع ٿي ته هنن خدا جو هڪ جنگي سالار وارو تصور قائم ڪيو. هاڻي هو حيوان نه پر فوجن جو ڪمانڊر هو پر پوءِ به هو غضبناڪ هو. ٽارڊ Tord اسان کي ٻڌائي ٿو ته جيترو ديوتا وڌيڪ خوفناڪ هوندو اوترو ماڻهو سندس وڌيڪ احترام ڪندا. هو ڄڻ ته ڪٽنب جو وڏو هو.

ايريئل: اوهان مردن وٽ تمام گهڻو علم هوندو آهي. اسان عورتن کي پنهنجن ٻارن ۽ هار سينگار مان ايتري واندڪائي ئي ڪانه ملندي آهي جو اوهان جيڏي ڄاڻ حاصل ڪري سگهون. سر جيمز اوهان مذهب جا ٽي بنياد ٻڌيا آهن. هڪ مظاهر ۾ روح ڏسڻ، ٻيو جادو ۽ ٽيون ٽوٽم پرستي، ڇا مذهب جا ڪي ٻيا بنياد به آهن.

سر جيمز: ٻه بنياد ٻيا به آهن. هڪ ٽوٽم يعني احترام ۽ ٻيو پنهنجن بزرگن جي پرتش، جنهن صندوق ۾ توريت جون الهامي ڦرهيون رکندا هئا ان کي مقدس سمجهندا هئا ۽ ان کي رڳو مذهبي اڳواڻ  ڇهي سگهندا هئا. حضرت دائود جڏهن ان کي ڍڳي گاڏيءَ تي يروشلم کڻائي ٿي ويو تڏهن رستي تي ڍڳن ٿيڙ کاڌو ۽ صندوق ڪرڻ لڳي ۽ اُزا Uzzah نالي هڪ شخص اُن کي جهلي ورتو.تنهن تي خدا ان کي اُتي جو اُتي ماري ڇڏيو جو هن ٽيبو جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي. جهل وارا اهي حڪم اخلاقي رسمن وارا هوندا هئا جيڪي قبيلي جي بقا لاءِ لازمي سمجهيا ويندا هئا ان ڪري انهن کي مذهبي تقدس ڏيئي انهن لاءِ ماڻهن ۾ خوف ۽ عزت پيدا ڪئي وئي هئي. ان جو مثال ڏهه فرمان آهن. زرتشتي ٻڌائن ته، هڪ ڏينهن زرتشت پهاڙ تي عبادت ٿي ڪئي ته خدا کنوڻ ۽ گاج جي صورت ۾ ظاهر ٿيو ۽ هن کي قانونن جو ڪتاب عطا ڪيائين. ڪريت جي ديومالا مطابق مائنوس بادشاهه ڊڪٽا پهاڙ تي خدا کان قانون حاصل ڪيا. يوناني روايت موجب ڊائيونيسيس کي قانون ساز جو لقب مليو، هن جي تصوير ۾ سندس هٿن ۾ ٻه ڦرهيون هونديون آهن جن تي قانون اُڪريل هوندا آهن. اهو حاڪمن جي حاڪميت کي مضبوط ڪرڻ جو بهترين طريقو هو. شايد ته بادشاهن جي ان سوچ جو ته کين بادشاهي ڪرڻ جو حق خدا ڏنو آهي. سبب اهوئي هو.

ڪليئرنس: اهو ڏاڍو ڪارائتو طريقو آهي ۽ اڄڪلهه به ڪم اچي سگهي ٿو. مون کي قانون سازي ڪرڻ وارن پاڻ ٻڌايو ته ارڙهين ترميم خدا پاڻ تيار ڪئي هئي.

بزرگن جي پرتش:

ايريئل: حيرت آهي ته اوهان مذهب جي تاريخ ته بيان ڪئي پر خدا جو ذڪر نه ڪيو.

سر جيمز: خدا مذهب جي آخري منزل آهي. اوهان ٻارن وانگر خدا بابت ٿا پڇو. ڏسڻو اهو آهي ته خدا جو تصور، ديوتائن جي اٿاهه سمنڊ، جهنگن، آسماني ديوتائن مان ڪيئن اڀريو. اوهان اهي پراڻيون آکاڻيون ياد ڪيو جن ۾ ديوتا انسانن ۽ حيوانن واري شڪل جا هوندا هئا. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته فصلن ۽ چوپائي مال وارا ديوتا اڌ انساني شڪلين وارا ٿي ويا. اسان جڏهن زيوئس ديوتا کي هنج جي روپ ۾ ڏسون ٿا يا چٻري جي اکين واري اٿين ۽ گابي جي اکين واري هيرا جي آکاڻي پڙهون ٿا ته اسان کي محسوس ٿو ٿئي ته يوناني قبيلا پنهنجن ديوتائن کي ٽوٽم پرستيءَ وارن ديوتائن جي تصورن سان ٿا ملائن. ولئم مصر جي پٿر جي بت جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن جو ڌڙ پٿر جو ۽ منهن عورت جو آهي. اهو اهڙن ديوتائن جو مثال آهي جيڪي اڌ انسان ۽ اڌ حيوان هئا. ولئم کي مثال ڏيڻ لاءِ ايترو پري وڃڻ جي ضرورت نه هئي، اوهان جي پنهنجي عجائب گهر ۾ اڌ انسان ۽ اڌ حيوان بت موجود آهن، جيڪي اڌ ڍڳا اڌ انسان، اڌ گهوڙا ۽ اڌ انسان، اڌ پکي ۽ اڌ عورت ۽ اڌ مڇي ۽ اڌ عورت جا بت آهن. اهو اڌ انسان ۽ اڌ حيوان وارو تصور خدا جي انسان جهڙي تصور جي شروعات هئي ۽ بزرگ پرستيءَ ان تبديليءَ کي مڪمل ڪري ڇڏيو.

بزرگ پرستي شايد ته خاندان جي مري ويل بزرگن کي خواب ۾ ڏسڻ سان شروع ٿي. ماڻهو هنن کي خواب ۾ ڏسي ڊنا ۽ هنن جي پوڄا شروع ڪيائون. جيڪي ماڻهو زندگيءَ ۾ طاقتور هئا انهن کان ماڻهو مرڻ کانپوءِ به ڊڄن لڳا ۽ مُردن جو اهو ڊپ اوائلي مذهب جو وڏو عنصر ثابت ٿيو. مظاهر ۾ روح ڏسڻ واري نظريي مان جادوءَ جنم ورتو ۽ بزرگ پرستيءَ مان جيڪو مت پيدا ٿيو. ان کي اوائلي مذهب چئي سگهجي ٿو. ان بزرگ پرستي واري مت ۾ خدا لاءِ جيڪو اکر استعمال ٿيندو هو. ان جي معنيٰ هئي ”مئل ماڻهو“. اهو خدا پڪ سان ڪو مري ويل طاقتور سردار هوندو جنهن کي هنن خدا ڪري مڃيو. يهوداه جي معنيٰ طاقتوار آهي، اهو به پڪ ڪو طاقتور سردار هوندو. مصر، روم، ميڪسيڪو، پيرو ۾ ماڻهو بادشاهه کي خدا مڃي ان جي پوجا ڪندا هئا. سڪندر پاڻ کي خدا نه سڏائي ها ته ماڻهو هن کي بادشاهه نه مڃن ها. هنن کي طاقتور ماڻهن جي روحن کي به راضي رکڻ جي ضرورت هئي. هنن جي ڪفن دفن لاءِ جيڪي رسمون ادا ڪيون وينديون هيون. اهي پوءِ هن جي ياد ۽ احترام جون مذهبي رسمون ٿي ويون. دنياوي سردارن وارا درٻاري آداب يعني جهڪڻ، سجدو ڪرڻ سندس قصيده خواني وغيره انهن ديوتائن لاءِ به ادا ٿيڻ لڳا. اڄ تائين ڪوبه ڪئٿولڪ محراب هنن جي فوت ٿي ويل اوليائن جي بتن کان سواءِ مڪمل نه هوندو آهي. ان حوالي سان بزرگ پرستي رڳو چين ۽ جپان تائين محدود نه رهي پر ساري دنيا ۾ پکڙجي وئي.

يوناني ۽ ٻيون اوائلي قومون ضرورت وقت پنهنجن مئل بزرگن جي روحن کي ائين سڏينديون هيون جيئن عيسائي پنهنجن اوليائن کي سڏيندا آهن. هنن لاءِ روحن جي دنيا ايتري ته حقيقي آهي جو ڪيترن علائقن ۾ ماڻهو وڏي قيمت ڀري مردن تائين پيغام پڄرائيندا آهن. هڪ سردار پنهنجي غلام کي سڏائي ان جي اڳيان پيغام پڙهندو آهي ۽ پوءِ سندس ڪنڌ ڪپيندو آهي ته جيئن مرڻ کان پوءِ اهو غلام مري ويلن جي روحن تائين پيغام پهچائي ۽ جيڪڏهن سردار کان ڪا ڳالهه وسري ويندي آهي ته هو ٻئي غلام کي سڏيندو آهي ۽ هن جو ڪنڌ ڪپيندو آهي ته جيئن اهو وسريل پيغام پهچائي، مئل ماڻهن جي روحن لاءِ سمجهيو ويندو آهي ته انهن ۾ فطرت کان مٿاهين قوت آهي جنهن کي ”مانا“ چوندا آهن. اها قوت پوءِ سڀني ديوتائن کي حاصل ٿي وئي جنهن جي ڪري کين راضي رکڻ لاءِ وڏو خيال رکڻو پوندو هو. Religio جو مادوreligere  نه آهي،  پر ان جو مادو relegarete نه آهي جنهن جي معنيٰ آهي پاڻ ۾ ڳنڍڻ. پر ان جو مادو relegee آهي جنهن جي معنيٰ آهي خيال رکڻ، جيڪو neglegere جي ابتڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي نظرانداز ڪرڻ، ان ۾ محبت جو مفهوم ٿو ظاهر ٿئي جنهن مان خبر ٿي پئي ته مئل ماڻهوءَ جو ڊپ هاڻي محبت ۾ بدلجي ويو، هاڻي جيڪڏهن ڪو غضبناڪ ماڻهو به ٿي مئو ته ان سان به محبت ٿي ڪئي وئي.

ان کان پوءِ وارو قدم خدا جو اهو تصور هو جنهن ۾ هن جي حيثيت پيءُ واري هئي. جيڪي جديد مذهب خدا کي پيءُ ٿا سمجهن. انهن جو خدا سان رشتو نازڪ ۽ روحاني آهي. اهي خدا لاءِ اهو نٿا سوچن ته خدا جسماني طرح ٻار پيدا ڪري سگهي ٿو. پر يونانين ۽ ٻين اوائلي قومن ۾ خدا جي پيءُ هجڻ جو تصور جسماني هو. انساني نسل جدا جدا خدائن جو اولاد هو ۽ هر ڪنهن جي شجري جي اڳيان ڪنهن ديوتا جو نالو هوندو هو ۽ اهو تصور (جيڪو يونان ۽ يهودين ۾ موجود هو) ته خدا انسان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي پوءِ جو ٿو ڏسجي.

ائين آهستي آهستي انسان نيٺ خدا جو انساني خصلتن وارو تصور قائم ڪيو. ان تصور تائين پڄڻ لاءِ ارتقا جون منزلون وڏي عرصي ۾ پوريون ٿيون. خدا جي ان تصور کان اڳ ڪيترين صدين تائين روحن جو وڏو لشڪر هو. پهاڙن، وڻن ۽ سيارن جا روح هئا، پيدائش ۽ زرخيزيءَ جا روح هئا، جانور ديوتا هئا ۽ پوءِ بزرگن، بادشاهن کي ديوتا جو رتبو ڏيڻ سان انساني وصفن واري خدا جو تصور قائم ٿيو، اسپينسر جو خيال هو ته مذهب بزرگ پرستيءَ مان پيدا ٿيو، اهو نظريو ڪو نئون نه آهي. حضرت عيسيٰ کان ٽي صديون اڳ يوهيميرس Euhemerus به اهائي ڳالهه ڪئي هئي. بزرگ پرستي بهرحال مذهب جي شروعاتي منزل نه آهي. ان کان اڳ اهي دور هئا جن ۾ خدا انسانن جهڙو نه هو پر پوءِ بزرگ پرستيءَ جي وڌڻ سان مذهب ۾ هڪ وڏو ڦيرو آيو، ان مذهب کي ماڻهوءَ جي سطح تي آندو، خدا جي تصور کي پهرين هڪ قوت ۽ پوءِ نيڪ انسان واري تصور ۾ آندو ۽ يهوديه، يونان ۽ روم جي عظيم مذهبن لاءِ رستو صاف ڪيو. هاڻي اوهان مان ڪو ٻيو ان داستان کي اڳتي و ڌائي.

مظاهر پرستي:

ايرئيل: سرجيمز، اوهان مون کي دماغ کي ڌونڌاڻيندڙ حقيقتن جي ڄاڻ ڏني آهي. مان ڏسان پئي ته بال ۽ ميٿيو وڏي صبر سان اوهان جون ڳالهيون ته ٻڌيون. هاڻي هو ٻڌائن ته اوهان جون ڪهڙيون ڳالهيون هنن کي سمجهه ۾ نه آيون. چڱو آهي ته هاڻي ٿيوڊور اسان کي يونانين جي مذهب بابت ڪجهه ٻڌائي. مظاهر پرستي وارو مذهب به ڏاڍو دلچسپ هوندو.

ٿيوڊور: محترمه، مان يوناني سڏائڻ جو حقدار نه آهيان اڄڪلهه جا يوناني اصل ۾ سلاؤ Slavs آهن. هنن جو نسل ايڏو پراڻو نه آهي، هنن کي چينين وانگر تهذيب ورثي ۾ ڪانه ملي آهي. هو آمريڪين وانگر هڪ نئين قوم آهن، جيڪي هڪ نئين ثقافت پيدا پيا ڪن. پر مون پنهنجي پراڻي مذهب جو وڏي شوق سان مطالعو ڪيو آهي ۽ مان وڏي خوشيءَ سان ان جي باري ۾ اوهان کي ٻڌائيندس. مون پهريان ئي ٿي سمجهيو ته اوهان مون کان يونانين جي مذهب جي باري ۾ ضرور پڇندا، ان ڪري مان سر گلبرٽ جو مقالو کڻي آيو آهيان.

سر جيمز: مان هن کي چڱيءَ طرح سڄاڻا. امن جي ڏينهن ۾ هو ڏاڍو چڱو هوندو آهي.

ٿيو ڊور: هن منهنجي ملڪ لاءِ ڏاڍو سٺو لکيو آهي ته مذهب يا ٻي ڪنهن به ڳالهه ۾ يونان بلڪل هيٺاهينءَ کان چڙهڻ شروع ڪيو ۽ لڳاتار ڪوشش سان چوٽيءَ تي پهچي ويو. دنيا ۾ ورلي ڪو اهڙو خوفناڪ وهم هوندو جنهن جا نشان اسان کي يوناني مذهب ۾ نظرنه ايندا. روحاني معراج جي شايد ڪا اهڙي منزل هجي جنهن جو عڪس يا نمونو اسان کي ٿيليس کان ولي پال Paul تائينءَ واري ادب ۾ ڏسڻ ۾ نه اچي. شايد مان اوهان کي ان عظيم الشان ترقيءَ جو ٿوري جهلڪ ڏيکاري سگهان ۽ ڪوشش ڪيان ته سر جيمز مذهب جي جيڪا شاندار اوسر ڏيکاري آهي ان جا يونان مان مثال ڏيان.

اوائل ۾ يوناني به وڻن، ستارن، حيوانن ۽ ٻوٽن ۾ روحن کي پوڄيندا هئا. شايد ته هنن جو پهريون ديوتا آسمان هو جنهن کي هو زيوئس چوندا هئا. جنهن جي معنيٰ آسمان هئي. لاطيني ٻوليءَ ۾ ان کي ڊيوس Deus سنسڪرت ۾ ڊي Di چوندا هئا. آمريڪا ۾ اڄ به اوهان چوندا آهيو ته ”آسمان اسان جي حفاظت ڪري“ ۽ ”مان آسمان کي عرض ٿو ڪريان.“ ڄڻ آسمان ۽ خدا ٻئي هڪ آهن. ”اڄ به گهڻا ماڻهو سمجهندا آهن ته خدا بادلن جي مٿان آهي. ٽين صدي قبل مسيح ۾ راهب فلاسافر ڪرائسپس. Chrysippus ان دور جي خدائن جا هن ريت نالا ڏنا آهن. سج، چنڊ، ستارا، قانون ۽ اهي انسان جيڪي ديوتا ٿي ويا هئا. سڀ کان اوائلي رسمون جن جي اسان کي ڄاڻ آهي زراعت جي باري ۾ هيون جن جو مقصد زمين کي زرخيز بڻائڻ هو. اوهان ڊانئي Danae  شهزاديءَ جي ڪهاڻي ته ٻڌي هوندي جيڪا هڪڙي مناري ۾ قيد هئي ۽ زيوئس ديوتا سنهري بارش جي روپ ۾ (ڊانئي ديوي زمين جي ديوي هئي) آسماني ديوتا بڻجي هن تائين پهتو هو، عالم هن ڪهاڻيءَ جي تشريح ڪندي چون ٿا ته هيءَ ڪهاڻي انهن اوائلي رسمن جي آهي ان مطابق زمين آسماني مينهن سان شاداب ٿيندي هئي، جنهن سان سون حاصل ٿيندو هو. ڊميٽر Demetre ۽ پرسيفون Persephone جي ڏند ڪٿا به اوهان ٻڌي هوندي ۽ اوهان انگلينڊ جي عجائب گهر ۾ ڊميٽر جو شاندار بت به ڏٺو هوندو جيڪو فئڊيئاس Pheidias يا پراڪزيٽبليس جي بتن کان به وڌيڪ آهي. مڪئيءَ جي ديوي هئي. رومي هن کي ڪيرس Ceras چوندا هئا ۽ آمريڪي ان کي ڪيريلز چوندا آهن. هن جي ڌيءَ پرسيفينيءَ کي ڪو ديوتا اڏائي برزخ ۾ کڻي ويو. ڊميٽر ڌيءَ لاءِ ايترو ته رُني جو سندس ڌيءَ کي اجازت ملي ته هوءَ لاباري جي ڏينهن ۾ دنيا ۾ اچي ۽ سياري ۾ برزخ ڏانهن موٽي وڃي. 

اينڊريو: اسان کي جيڪڏهن جهنم ۾ ئي وڃڻو پوي ته اسان اُتي رڳو سيارو گذاريون.

ٿيوڊور: هيءَ ڏند ڪٿا اصل ۾ زمين جي زرخيزيءَ جي تمثيل آهي. ذري گهٽ سڀ ڏند ڪٿائون ان لاءِ ٺاهيون ويون آهن ته جيئن زراعتي رسمن جي تشهير ڪري سگهجي. حسين افروڊاٽي جنهن کي يونانين بابل جي ديوي اِشتر جو يوناني روپ ڏنو. اوائلي دور جي اناج جي ديوين مان هڪ هئي ۽ هن جو ميلو بهار جي آمد جي خوشي ۾ ملهايو ويندو هو. اوهان کي اها به خبر هوندي ته عيسائين جو ايسٽر جو ڏڻ اصل ۾ بهار ۽ اِشِتر ديويءَ جي ميلي جو ڏڻ هو.

ميٿيو: گرجا پنهنجي آسماني سڃاڻپ سان فطرت پرستن جي ڏِڻن کي اختيار ڪيو ۽ انهن ماڻهن جي رسمن رواجِن کي عيسائيت جي سانچي ۾ وڌو.

ٿيوڊور: افراڊٽي فطرت ۽ انسان جي زرخيزيءَ جي هڪ سهڻي علامت هئي. اڳوڻي زماني جا ماڻهو پارسائيءَ جو ايڏو قدر نه ڪندا هئا. جيڏو نئين زماني ۾ ڪيو ٿو وڃي.

ڪليرنس: ٿيوڊور، لڳي ٿوته اوهان نئين زماني جي ماڻهن مان گهڻا واقف نه آهيو.

ٿيوڊور: ته پوءِ وضاحت ڪندي چوندس ته وچولي دور جا عيسائي ۽ پيوريٽن عورت جي پارسائيءَ کان وڌيڪ سندس ٻار ڄڻڻ واري قوت جو قدر ڪندا هئا. محبت جي پرستش ڪندا هئا. جيڪا انڌي جسماني محبت هوندي هئي. هو افراڊٽي يا اِشتر يا وينس جي عظمت، طاقت ۽ حقن جو اعتراف ڪندا هئا. جيڪو اسان جي عظيم استاد يوروپيڊس جي عظيم هيپالائيٽس Hippolytus ۾ نظر اچي ٿو هو سمجهندا هئا ته اهي ماڻهو وڏا بدبخت آهن، جيڪي ديويءَ کي خدا وٽان عطا ٿيل محبت جي چريائپ واري سوکڙي نٿا آڇن، ننڍي ايشيا جي ڪن حصن ۾ عورت جو اهو مذهبي فرض هوندو هو ته هوءَ مندر جي دروازي تي بيهي ۽ جيڪو به اوپرو ماڻهو سندس ٻانهن جهلي ان کي پاڻ آڇي ۽ ان مقدس پيشي جي ڪمائي ديويءَ کي نذراني طور ڏئي.

سر جيمز: بلڪل صحيح ٿا چئو. اها مقدس عبادتگاهه عورتن سان ڀريل هوندي هئي. هو اوپرن ماڻهن جي انتظار ۾ بيهنديون هيون ۽ انهن مان ڪن کي ڪيترا سال انتظار ڪرڻو پوندو هو.

ٿيوڊور: يونانين ايڊونس Adonis بابل جي ديوتائن کان ورتو هو. يهودي هن کي ٽمز Tammuz ۽ ڪڏهن ايڊون Adon چوندا هئا. جنهن جي معنيٰ آقا يا خدا آهي. يونانين سمجهيو ته ايڊون خدا جو لقب نه پر نالو آهي ۽ هن کي ان نالي سان سڏڻ لڳا. بابل ۽ يونان جي ڏند ڪٿا موجب هڪ جهنگلي سوئر ايڊونس کي قتل ڪيو. شايد اهو سوئر اوائلي يهودين جي حيواني خدائن مان ڪنهن هڪ جو انساني روپ هو. سال ۾ هڪ دفعو ماڻهو سوئر کي ذبح ڪندا هئا ۽ ان کي اجتماعي دعوت ۾ کائيندا هئا. پر نيڪ ماڻهو ايڊونس جو ماتم ڪندا هئا ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس وري جيئري ٿيڻ جي خوشي ملهائيندا هئا. 

سر جيمز: هن جي مرڻ ۽ وري جيئڻ جي روايت انهن رسمن مان ورتل آهي. جن ۾ زمين جي مرڻ ۽ وري جيئڻ کي علامتي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو هو. مذهب ۾ هر جاءِ تي هڪ غير شخصي قوت کي شخصيت جي روپ ۾ پيش ڪبو هو ۽ ان مان ڏند ڪٿا جنم وٺندي هئي.

ٿيوڊور: ساڳي ڳالهه ڊائيونيسس جي آهي. مڪئيءَ جي ديوي ڊميٽر ۽ ٻين زرعي ديوتائن وانگر هو انگور جي ولين جو ديوتا هو. هو به ايئن انگور جي ولين جو ديوتا هو جيئن ڊميٽر مڪئي جي ديوي هئي. ٻين زرعي ديوتائن وانگر هو مرڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿيندو هو. جيئن زمين خزان ۾ سڪي وڃڻ کان پوءِ بهار ۾ وري تازي ٿيندي آهي. هن جي مرڻ ۽ وري جيئڻ جو ڏڻ ملهائيندا هئا. ان رسم مان ڊائيونيس جي ٿيٽر جنم ورتو ۽ ايسڪيلس Eschylus، سوفوڪليس Sophocles ۽ يوريپيڊس Euripides جهڙا ڊراما نويس پيدا ٿيا. هنن جا ڊراما ڊائيونيس جي عبادت جو حصو هئا ۽ انهن جو موضوع سدائين مذهبي هوندو هو عجيب ڳالهه آهي ته طربيه ڊرامي به انهن ڏڻن مان جنم ورتو. جلوس جي آڏو ماڻهو مڙداڻي عضوي جون علامتون کڻي هلندا هئا. ان جشن کي Comus چوندا هئا. جنهن ۾ ناچ، ڀوڳ ۽ گانا (Oidos) هوندا هئا. ان رسم مان ئي پوءِ طربيه Com-edy اُسريو. ان ڪري اوهان کي گهرجي ته اوهان ارسٽوفينس Aristophenes جي بي لغام مشڪريءَ کي درگذر ڪرڻ واري نظر سان ڏسو ڪابه عزتدار عورت هن جا ڊراما نه ڏسندي هئي.

سر جيمز: اهي ڊراما رڳو مردن لاءِ هوندا هئا ۽ ٻَڪَرَ ديوتا جي شان ۾ پيش ڪيا ويندا هئا. ٻَڪر ديوتا جي جاءِ انسان ديوتا ڊائيونسس ورتي جيئن ٻين حيوان ديوتائن جي جاءِ انساني شڪل وارن ديوتائن ورتي. ماڻهو ڊائيونسس ديوتا جي اصليت وساري نٿي سگهيا، انڪري هو سندس بارگاهه ۾ ٻَڪر قربان ڪندا هئا ۽ هن جي ٻڪر جهڙي شڪل ٺاهيندا هئا. هن جو هڪڙو نالو ”ٻار“ به هو. ان جلوس جي اڳيان هلڻ وارا ٻڪري جو نقاب پائيندا هئا، جنهن مان Trag-oidos (لفظي معنيٰ ٻڪر راڳ) يعني ٽريجڊي ڊرامو اُسريو. اهو نقاب ٽوٽم پرستيءَ جو يادگار آهي. انسانن جي وچ ۾ اهڙو فرق نه هو جيڪو ختم ٿي نه سگهي. عظيم انسان ديوتا ۽ ديوتا انسان ٿِي ٿي سگهيا. خدائن ۾ رڳو هڪڙي اهڙي خصلت هئي جيڪا انسانن ۾ نه هئي ته هو غير فاني هئا. پنهنجن بزرگن جي پرتش ڪرڻ وارا گروهه جڏهن هڪ هنڌ گڏ ٿيندا هئا ته انهن جا خدا هڪ خاندان جا ٿي ويندا هئا ۽ پوءِ آخر شاعرن انهن پراڻين روايتن کي شاعريءَ ۾ وڏي شان سان پيش ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح اولمپس جا ديوتا وجود ۾ آيا.

اينڊريو: ٿيوڊور، اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته اولپس جا ديوتا پنهنجي حڪومت جي جوڙجڪ آمريڪا جي صدر ۽ سندس وزارت جي نموني تي ڪندا هئا. منرو يا پبلس اٿيني سيڪريٽري آف اسٽيٽ هو. پوزيڊون يا نيپٽيون Neptune نيويءَ جو وزير، ڊيميٽر Demeter يا ڪيرس زراعت جو وزير. هرمز Hermis يا مرڪيوري پوسٽ آفيسن جو ڊائريڪٽر، ارس يا مارس دفاع جو وزير، هيرا Hera يا جونو، گهرو معاملن جي وزير جنهن جو ڪم هو ته هُو صدر زيوس Zeus يا جيوپيٽر جي گهڻيون شاديون ڪرڻ واري لاڙي جو خيال رکي.

ٿيوڊور: بيشڪ، پر هنن جا ٻيا به ڪيترا ديوتا هئا. يوناني هر شيءِ جو ديوتا ٺاهيندا هئا. ايستائين جو موقعي جو به ديوتا ٺاهيو هئائون. جنهن کي ٽاچي چوندا هئا. سڀني اوائلي قومن جو خيال هوندو هو ته زندگيءَ جي هر رخ جو پنهنجو خدا هئڻ گهرجي. رومين يونانين کان ديوتا ورتا ۽ هنن جي ديوتائن جو انگ ٻيڻو ٿي ويو جنهن جي ڪري سارو وايو منڊل ديوتائن ۽ جنن سان ڀرجي ويو، ايبي اونا گهر کان ٻاهر ويل ٻارن جي حفاظت ڪندي هئي. ڊومي ڊوڪا ٻارن کي واپس وٺي ايندي هئي. انٽر ڊيوڪا انهن ٻن حالتن جي وچواري حالت ۾ هنن جي حفاظت ڪندي هئي. ڪيوبا Cuba ننڊ ۾ ٻارن جو خيال رکندي هئي. ايڊوڪا Educa هنن کي کاڌو کائڻ جي سکيا ڏيندي هئي. فيبولينس هنن کي ڳالهائڻ ۽ اسٽيٽينيس هنن کي بيهڻ جي سکيا ڏيندي هئي. مطلب ته اهڙا ڪيترائي ديوتا هئا. هني بال Hannibal ڪنائي کي فتح ڪرڻ کان پوءِ روم ڏانهن روانو ٿيو. ويجهو پهتو ته خواب ڏٺائين ته ڪو هن کي واپس وڃڻ لاءِ پيو چوي ۽ هو يڪدم واپس هليو ويو. رومين ان آواز جا وڏا ٿورا مڃيا ۽ ان جاءِ تي ان آواز جي ديوتا جي درگاهه ٺاهيائون جنهن جو نالو هنن رڊيڪيولس Ridiculus رکيو جنهن جي معنيٰ هئي ”اهو خدا جيڪو واپس موڪلي“. هن وٽ هر ٻنيءَ، هر گهر ۽ هر واٽ جو خدا هو.

اينڊريو: ڇا عيسائيت جا نگهباني ۽ حفاظت ڪرڻ وارا ۽ مقامي اوليائن جي پرستش، رومين جي انهن ديوتائن وارو ورثو آهي؟

ٿيوڊور: ٿي سگهي ٿو.

اينڊريو: اها چڱي بيزار ڪندڙ ڳالهه هوندي جو هر ڪلاڪ کان پوءِ ماڻهوءَ کي ڪنهن نه ڪنهن ديوتا جي عبادت ڪرڻي پوندي هوندي، اهو ايئن آهي جيئن ماڻهوءَ کي ساري زندگي راتوڪي لباس ۾ گذارڻي پوي. اناطول فرانس بروسن کي چيو هو ته هن کي گهڻا خدا وڌيڪ پسند آهن ۽ هن سڀني ديوتائن، سڀني ديوين جي ۽ سڀني عبادتگاهن جي پوڄا ڪرڻ ٿي گهري. اهو هن انڪري ٿي چيو جو هن کي ايڏن ديوتائن جي پوڄا ڪرڻي ڪانه پئي هئي. جڏهن ته يونانين ۽ رومين کي انهن سڀني جي پوڄا ڪرڻي پوندي هئي.

ٿيوڊور: اوهان سچ ٿا چئو. سر جيمز به سچ ٿو چئي. عام يوناني ديوتائن کان ڊڄندو هو ۽ انهن کي خوش ڪرڻ ۾ وڏو وقت وڄائيندو هو. مظاهر پرستي سَولي ڪانه هئي. پر ان ۾ حسن به هو ته عقلمندي به هئي. اها چڱي ڳالهه هئي. ته قدرت جي قوتن کي انساني شڪل ڏيئي ان جي عزت ڪئي ٿي وئي. گهڻا ديوتا فطرت جي جدا جدا ۽ هڪ ٻئي جي مخالف قوتن کي ظاهر ڪندا هئا. ان عقيدي مان فن جون جدا جدا شڪليون اُڀريون. دفنائڻ مان بت تراشي ۽ عمارت سازي. مذهبي جلسن مان ڊرامو. مذهبي گيتن مان شاعري ۽ موسقي جنم ورتو. ۽ پوءِ هنن مذهب کي سينگارڻ شروع ڪيو ۽ پراڻن ديوتائن کي شان ۽ دٻدٻو ڏنو، هومر ۽ هيسائيڊ اولپس جي ديوتائن مان هر هڪ کي هڪ خاص شخصيت ڏني ۽ فيڊائس انهن کي عظمت ۽ تقدس ڏنو. اوهين چئي سگهو ٿا ته جڏهن فيڊائس جي ديوتائن جنم ورتو ته هومر جا ديوتا مري ويا. عوامي سطح تي خوفناڪ ۽ شهوت پرست ديوتائن جنم ورتو هو. فنڪارن انهن ۾ بهترين انساني صفتن وارا رنگ ڀريا ۽ انهن کي يوناني تهذيب جي ترقي جون علامتون بنايو. هيسائيڊ جي آکاڻين واري خوني زيوئس ۽ ايسڪيليس جي مرداڻي تخيل جي تخليق ڪيل دنيا جي عظيم پيءُ واري زيوئس ۾ وڏو فرق آهي. سوفوڪليس جي گنڀير ڏاهپ هن کي اعليٰ صفتن جو وڳو پهرايو. مون گهڻن ئي ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته فن مذهب جو ٿورائتو آهي. پر اها ڳالهه ڪير نٿو چئي ته مذهب فن جو ٿورائتو آهي.

اها ڳالهه يونان جي قدامت پرستن لاءِ خراب ثابت ٿي جو ڊرامو ڊائيونيسس جي رسمن مان پيدا ٿيو. اڳتي هلي ڊرامو ادب ٿي ويو ۽ ادب وري فلسفي جي شڪل اختيار ڪئي ۽ فلسفي قدامت پرستيءَ جا بخيا اُڊيڙي ڇڏيا. سوفوڪليس جي وحدانيت واري ايمان کان پوءِ ٻيو قدم يوريپيڊس جو شڪ وارو نظريو هو. هن جي دوست پروئيگوراس جو قول ان شڪ واري صورتحال جو اظهار ٿو ڪري ته ”چئي نٿو سگهجي ته خدائون آهن يا نه“... پيارا ڪليرنس! رڳو تون ئي نه آهين. جيڪو خدا ۽ آئيندي جي زندگيءَ لاءِ پڪ نه ڏيکاريندو هجي.

ڪليرنس: منهنجو به اهوئي خيال آهي.

ٿيوڊور: اصل ۾ ڊرامي مان هڪ خيال پيدا ٿيو جنهن پراڻن ديوتائن کي ختم ڪري ڇڏيو. اهو خيال تقدير جو هو. تقدير انسانن ۽ ديوتائن جي زندگين تي حاوي هئي. ان مان اهو تصور اُڀريو ته فطري قانون عالمگير آهي. اهو تصور فلاسافرن ڏنو. علم جي ترقيءَ سان ماڻهن پهريان عام واقعن، ان کان پوءِ فطرت کان مٿانهن معاملن ۽ ان کان پوءِ وري ڪائنات لاءِ فطري سبب ڳولهڻ شروع ڪيا. سقراط کان اڳ وارن فلاسافرن خدائن جي جاءِ تي هوا، پاڻي ۽ باهه کي آڻي بيهاريو. سوفسطائي فلاسافرن ماڻهن کي شڪ ڪرڻ جو فن سيکاريو ۽ فطري سبب جي اصول کي آخري اصول مڃيو. نتيجو اهو نڪتو جو نئين دور جو هر هڪ ماڻهو دهريو ٿي ويو. افلاطون جي زماني ۾ يونان جو اوائلي مذهب ختم ٿي چڪو هو. افلاطون ”قانونَ“ ۾ چئي ٿو ”ڪيترن ماڻهن جو خدا ۾ ايمان ڪونهي، ان ڪري عدالتن ۾ ماڻهن کان قسم کڻائڻ اجايو آهي، عدالتن کي هاڻي رڳو هاڪار يا ناهڪار تي ڀاڙڻ گهرجي.“

ڪليرنس: آمريڪا ۾ به اسان تمام جلد ان مقام تي پهچڻ وارا آهيون پر پوءِ به ڪي سارا ماڻهو آمريڪا جي ترقيءَ جي ڳالهه ڪندا ٿا رهن.

پال: ٿيوڊور! اوهان اهو نه ٻڌايو ته سقراط، جنهن کي ايراسمس ولي سڏيو آهي. تنهن جو هڪ خدا ۾ ايمان هو ۽ عدالت اڳيان صفائي پيش ڪرڻ مهل هن پنهنجي ان ايمان جو اعلان ڪيو هو.

 ٿيوڊور: ها، افلاطون جي لکڻين ۾ مذهب جو گهرو عنصر نظر اچي ٿو. پر سقراط جو خدا رڳو هڪ ناڪاري ديوتا آهي ۽ ارسطوءَ جو خدا هڪ بي نياز تڪميل، جيڪا پنهنجي تعريف ۾ ٻڏل آهي.

ڪليرنس: هڪ انومان جيڪو پنهنجو پاڻ ۾ گم آهي.

ٿيوڊور: ۽ ايپيڪيورس جا خدا بي عمل بادشاهه هئا جن کي انسانن جي معاملن ۽ مامرن سان ڪا دلچسپي ڪانه هئي.

ايريئل: اهي خدا هڪ ڪڏهن نه ختم ٿيڻ واري محفل وانگر هئا.

ٿيوڊور: اوهان ڪيڏي نه سٺي نموني پيا مون کي چئو ته مان هاڻي پنهنجي ڳالهه پوري ڪيان. رڳو ٻه ڳالهيون ڪندس، پائرهو Pyrrho ۽ شڪ ڪرڻ وارن ڏاهن جي زماني تائين يوناني ديوتا مري چڪا هئا. اهي رڳو هيٺين طبقي جي ماڻهن لاءِ جيئرا هئا. يونان جي ان دور واري ثقافت شڪ واري ثقافت هئي. جنهن سچ جي ڳولها کي ڇڏي ڏنو ۽ رضا تي راضي رهڻ جي سکيا ڏني. هنن فن جي مزن ۽ مزن جي فن جو اڀياس ۽ فنا ٿيندڙ ڪائنات جي خزان واري حسن ۾ مشاهدو ڪيو. هڪ لحاظ کان هي يونان جي پختگيءَ جو زمانو هو. جنهن مان سڀني مهذب انسانن حصو حاصل ڪيو جيئن ٿامس هارڊي جارج ميئرڊٽ جارج ڪلمنبسو ۽ اناطول فرانس جهڙا مهذب انسان.

پال: فلاسافر ڪامياب ٿيا پر هو هڪ ڳالهه وساري ويٺا ۽ ان تي غور نه ڪيائون ته جيڪڏهن اخلاقي سرشتي کي ان جي فطرت کان مٿاهين بنياد کان محروم ڪري ڇڏجي ته پوءِ اهو ماڻهوءَ کي پنهنجي نفس تي ضابطو ڪيئن ڪرائي سگهندو. جيڪو استحڪام ۽ طاقت جي بيهڪ لاءِ ضروري آهي. ان جو انجام اهو ئي ٿيو جيڪو شايد ته اسان جي تهذيب جو به ٿيڻ وارو آهي يعني اخلاق جو زوال نفسا نفسي، ڏوهه، خودڪشي ۽ بدڪاري.

ٿيوڊور: پر مذهب وري عوام ۾ زندهه ٿيو. ڊيلفي ۽ ڊيلوس جا استخارا ۽ ايلوا جون ڳجهيون رسمون پوريون ٿيڻ لڳيون ۽ سڪندر جي فوجن جي واپسيءَ سان مشرقي مذهب داخل ٿيا. جن هڪ هارايل قوم کي سڪون ڏنو. جنهن لاءِ هو آتا هئا. آرفڪ Orphic مت مشهور ٿيو. جنهن هيڊاس جي نظرئي جي نئين تشريح ڪئي، اونداها پاڇا سڀني کي ڳڙڪائي نه سگهندا. نيڪ ماڻهو جنت ۾ ويندا، خراب ماڻهو به جنت ۾ وڃي سگهن ٿا پر جي انهن جا پونئير پادرين جا کيسا گرم ڪن. افلاطون چئي ٿو ته ”پينو درويش اميرن جي درن تي ويندا هئا ۽ کين ويساهه ڏياريندا هئا ته هنن کي ايتري طاقت مليل آهي جو هو پنهنجن جادو ٽوڻن سان هنن جا ۽ هنن جي عزيزن جا گناهه بخش ڪرائي سگهن ٿا. هنن Musaeus ۽ Orphius جا لکيل ڪتاب عام ڪيا جن مطابق هو اهڙيون رسمون ادا ڪري ٿي سگهيا، جن سان زندهه توڙي مري ويل انسانن جي گناهن جو ازالو ٿِي ٿي سگهيو. ان کي اسراريت ٿي چيائون. هنن نه رڳو فردن جو پر وڏن شهرن جي ماڻهن جو پاڻ ۾ ويساهه پيدا ڪيو ته هنن جي پيرويءَ سان جهنم جي عذاب مان نجات ملندي، ٻي صورت ۾ چئي نٿو سگهجي ته ماڻهن کي ڪهڙا ڪهڙا گناهه ملندا. آرفڪ مت جي سکيا هئي ته انساني ايذاءُ ٽِٽينس Tatans جي ان پراڻي گناهه جي ڪري پيدا ٿيا جو هن خاص نافرماني ڪئي هئي. ان پهرين گناهه جي ڪري روح جسم ۾ قيد ٿيو ۽ روح کي ان قيد مان راهبن جهڙي زندگي گذارڻ ۽ لڳاتار عبادت سان نجات ڏياري سگهجي ٿي. مفلس ۽ نادارن کي اهو مذهب پسند آيو ۽ ان سان اجتماعي مذهب جو انت ٿيو ۽ ماڻهو انفرادي نجات جا ڳڻ ڳائڻ لڳا ۽ دنيا جي خرابين، ڏکن ڏولاون جي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ جو مت اختيار ڪيو. پاڇولن جي دنيا، زمين جي شڪست ۽ وڃايل عظمت جي منظر نامي کان وڌيڪ حقيقي ٿي وئي. خدا ترسي ۽ اميد جي ان منظر ۾ عيسائيت داخل ٿي. يونان جي روح کي مشرق جي روح فتح ڪري ورتو.

ايريئل: اوهان جي مهرباني ٿيوڊور. سر جيمز اسان کي مذهب جي شروعات جي باري ۾ ٻڌايو ۽ اوهان وري مذهب جي ختم ٿي وڃڻ ۽ وري شروع ٿيڻ بابت ٻڌايو. اچو ته ماني کائون. مانيءَ مهل اسان خدائن جي تقدير جي باري ۾ ڳالهائينداسين.

 

کاڌي جي ميز تي

ڪنفيوشس کان (حضرت) عيسيٰ تائين

ڪنگ: ٿيوڊور، منهنجا پيارا دوست! اوهان جنهن نتيجي تي پهتا آهيو، اهو منهنجي ملڪ لاءِ ڄڻ ته ملامت آهي. اوهان دل ۾ نه ڪجو، جي مان چوان ته مشرق لاءِ اوهان مغرب وارن جي سوچ حد کان وڌيڪ خارجي آهي. اوهان کي ان ڳالهه جو اندازو ئي نه آهي ته ايشيا ڪيڏو وڏو کنڊ آهي ۽ يورپ هن تي ڀاڙي ٿو ۽ ايشيا نه رڳوا وهان جي مذهبن، اوهان جي زبانن پر اوهان جي نسلن جو به سر چشمو آهي. جيڪڏهن اوهان کي احساس ٿي وڃي ته ايشيا ڪيڏو وڏو آهي ته پوءِ شايد اوهان ان جي باري ۾ ايڏي سولائيءَ سان اصول نه ٺاهيو، جيڏي سولائيءَ سان اوهان ٺاهيا آهن. هڪ عظيم کنڊ لاءِ اوهان اهڙو ترت فيصلا ڪري نٿا سگهو.

ايريئل: واهه جو ڳالهه ڪئي اٿئي، ڪنگ! اسان کي ڪجهه وڌيڪ ٻڌايو.

ڪنگ: ايشيا جا چار حصا آهن. هڪ ويجهي مشرق وارو جنگجو ايشيا آهي. اتي ڪيترا نسل آباد آهن. عثماني ترڪ، يهودي نسل جا عرب ۽ يهودي (اهي ڀائر به هڪ ٻئي کان گهڻو مختلف آهن) ايراني ۽ افغان، قفقازي ۽ آرمنيئن. ٻيو تصوف پسند ايشيا پاڪ- هند آهي جيڪو ننڍو کنڊ آهي. جنهن بابت سڌا اسان کي گهڻو ڪجهه ٻڌائيندو. ٽين ايشيا ۾ منگول، روسي، ڪوريا ۽ جپان جا ماڻهو شامل آهن. جيڪي هڪ ٻئي کان ايترا ته مختلف آهن. جو انهن جي باري ۾ ڪو هڪ اصول قائم ڪري نٿو سگهجي ۽ چوٿون ايشيا چين آهي. جتي دنيا جي سڀ کان پراڻي ۽ سڀ کان نئين قوم آباد آهي. اسان آمريڪا کي ايتري اهميت ڪيئن ٿا ڏيئي سگهون جڏهن ته ان جي تهذيب سو سال ۽ اسان جي تهذيب پنج هزار سال پراڻي آهي. اولهه جي ترقي پسندي ۽ مشرق جي جمود کي ڏسي مون کي مزو ايندو آهي. چين کي تهذيبن جي مختلف دورن ۾ ترقيءَ جي ڳالهه سدائين بيچين ڪيو آهي. چين سڀ مَتُ آزمايا آهن ۽ سڀني مان بيزار ٿي چڪو آهي. هو پروٽيگورس Protagoras وانگر آهي. جنهن پنهنجي دور جا سڀ رسمي تصور آزمايا ۽ سڀني بدعتن کي آزمائڻ کان پوءِ هو ان نتيجي تي پهتو ته هڪ خيال ۽ ٻئي خيال ۽ هڪ مذهب ۽ ٻئي مذهب ۾ ٿورو فرق آهي. ان ڪري انهن مان رڳو ڪنهن هڪڙي مذهب لاءِ جذبات ۾ اوٻرُ آڻڻ اجايو آهي. جيستائين اوهان اسان کي صنعت، جمهوريت ۽ دولت لاءِ هرکايو نه هو اسان پنهنجن رسمن، رواجن ۽ بي مزي امن ۾ خوش هئاسين. جيڪڏهن ترقي رڳو مٿاڇري تبديلي آهي ته پوءِ چين جي سوچ صحيح آهي ته هر رسم پنهنجي ليکي سٺي آهي، ۽ هَرُ هلائڻ واري زندگي ايتري ئي سٺي آهي. جيتري صنعت ۽ واپار جي پريشان زندگي. اهو هاري جيڪو هر ٿو کيڙي ۽ وڏڙن جي قبرن جي مجاوري ڪرڻ کي مذهبي فرض ٿو سمجهي، ايترو ئي خوش ۽ مطمئن آهي جيترو انسانن سان سَٿيل هن ڌرتيءَ جي ڪنهن ٻئي حصي جو انسان!

ايريئل: ڪنگ، اسان کي چيني مذهب بابت ڪجهه ٻڌايو.

ڪنگ: چين ۾ ڪو هڪ مذهب نه آهي. پر چيني مذهب آهن. چيني ٻڌ مت آهي، چيني اسلام آهي، ڪي ماڻهو روحن ۽ بتن جي پوڄا ڪندا آهن، ڪي مقدس جانورن جي، مان انهن جو ذڪر نه ڪندس جو دنيا ۾ هر هنڌ وهم پرستي هارين جي زندگيءَ جو حصو آهي. قومپرستن کان سواءِ هر مذهب ۾ بزرگن جي پرستش جو عنصر موجود آهي. جنهن سان مري ويل ماڻهو جيئرن جي زندگيءَ تي حاوي هوندو آهي. هتي لاؤ جو مذهب، تاؤ يا رستو به آهي جيڪو گهڻي ڀاڱي ٻڌمت ۾ جذب ٿي چڪو آهي. پر هاڻي به ان مذهب ۾ نفس کي مارڻ وارا تياڳي پيدا ٿيندا آهن. هتي ڪنفيوشس جو مذهب آهي. جيڪو ڪيترن سون سالن کان چين جي پڙهيل طبقي جو مذهب رهيو آهي. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته مان انهن مذهبن لاءِ ڪهڙو اکر استعمال ڪيان. مان انهن کي چيني مذهب چئي سگهان ٿو. انهن کي مشرقي چوڻ به ڏکيو ٿيندو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهي مشرقي آهن ته پوءِ مسيح ۽ سقراط به مشرقي هئا. لاؤزي جو مذهب بنيادي اصولن ۾ مسيح جي مذهب سان گهڻو ملي ٿو ۽ ڪنفيوشس جي مذهب جي گهڻي ڀاڱي سقراط جي فلسفي سان هڪ جهڙائي آهي. مان واهان کي لاؤزي جا ٻه ٽي قول ٻڌايان؟

ڏاڍائي جو بدلو رحمدليءَ سان ڏيو. چڱن ماڻهن سان مان چڱو هلندس پر خراب ماڻهن سان به چڱو هلندس ته جيئن هو چڱا ٿين. وفادارن سان وفا ڪندس بي وفائن سان به وفا ڪندس ته جيئن هو وفادار ٿين. جنهن کي ٻين تي اعتماد نه آهي ان کي ٻين مان اعتماد نه ملندو. پٺيان ره ته جيئن اڳيان پهچين، جيڪو نهٺائي اختيار ٿو ڪري اهو محفوظ رهندو، جيڪو جهڪندو ان جو ڪنڌ مٿي ٿيندو. اعليٰ انسان نهٺائيءَ کي بنياد بڻائيندو آهي. جنهن کي پنهنجي طاقت جي ڄاڻ هوندي آهي پر ڪمزوري ۾ خوش هوندو آهي اهو انسانيت جو مثال آهي. ڄاڻ هوندي به پاڻ کي اڻ ڄاڻ ظاهر ڪرڻ دانائيءَ جو ڪمال آهي. داناءُ کي خبر هوندي آهي ته هن جي اندر ۾ ڇا آهي پر هو ان جو نماءُ نه ڪندو آهي. هو پنهنجي عزت ڪندو آهي پر ٻين کان احترام نه طلبيندو آهي.... فطرت جي هر شيءِ ماٺ ۾ پنهنجو ڪم ٿي ڪري. اها وجود ۾ اچي ٿي پر ڪنهن شيءِ تي قبضو نٿي ڪري. پنهنجو ڪم پورو ٿي ڪري پر ڪا دعويٰ نٿي ڪري. سڀ شيون پنهنجو ڪم پورو ڪنديون آهن ۽ ختم ٿي وينديون آهن. جڏهن شيون پنهنجي ڪمال تي پڄنديون آهن ته پوءِ پنهنجي اصليت ڏانهن موٽي وينديون آهن. پنهنجي اصليت ڏانهن موٽڻ معنيٰ آرام يا تقدير جي تڪميل آهي. اصليت ڏانهن موٽ هڪ دائمي قانون آهي، ان قانون جي ڄاڻ دانائي آهي. پنهنجي مرضيءَ سان ڪجهه نه ڪيو پر لامحدود جي مرضيءَ تي هلو ته پوءِ سڀ سڻائي ٿيندي.

ميٿيو: واه، پر هن بيان ۾ مذهب تمام گهٽ آهي.

ڪنگ: ڪنفوشس ۾ ته اڃا به گهٽ آهي. هن ڪابه فطرت کان مٿاهين اصطلاح استعمال نه ڪٿي آهي ۽ هن کي موت کان پوءِ واري زندگيءَ ۾ ڪا دلچسپي ڪانه هئي. هڪڙي شاگرد پڇيس ته روحن جي باري ۾ ماڻهوءَ جا ڪهڙا فرض آهن. جواب ڏنائين ته جيئرن جا فرض پورا ڪرڻ کان اڳ مئلن جي روحن جا فرض ڪيئن ٿا پورا ڪري سگهون ۽ جڏهن ان شاگرد موت جي باري ۾ پڇيو ته چيائين ته زندگيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان اڳ اسان موت جي ڄاڻ ڪيئن ٿا حاصل ڪري سگهون. انساني فرض سنجيدگيءَ سان پورا ڪرڻ ۽ ٻين جو احترام ڪرڻ دانائيءَ جو تَتُ آهي. ڪنفيوشس جو مذهب وحدة الوجودي هو جيڪو اسپنوزا جي فلسفي سان گهڻو ملي ٿو هن جي هنن قولن تي غور ڪيو ۽ ڏسو ته ڇا اهي اسپنوزا جي اخلاقيات جا اقتباس نٿا لڳن.

سچ، خدا جو قانون آهي. سچ جو مطلب پنهنجي وجود جو حق ادا ڪرڻ آهي ۽ اخلاقي قانون اسان جي وجود جو قانون آهي. سچ اهو آهي جنهن جي وسيلي اسان کان ٻاهر واريون شيون وجود ۾ اچن ٿيون. اهو سچ مطلق غيرفاني آهي. غيرفاني هجڻ جي ڪري ابدي آهي. ابدي هجڻ جي ڪري پنهنجي وجود جو سبب پاڻ آهي، ان ڪري لامحدود آهي هي ادراڪ کان مٿاهون، ذهين پر شعور کان سواءِ آهي. هن جو ڪو انت نه آهي ۽ هي دائمي آهي ان ڪري سڀني وجودن ۾ سمايل آهي.

ڪنفيوشس دنيا کي ڪو دين نه ڏنو،  ڪو مسلڪ نه ڏنو پر هڪ اعليٰ اميراڻو اخلاقي نظام ڏنو ۽ هن جا ڪي قول حضرت عيسيٰ جي قولن سان ملن ٿا. حضرت عيسيٰ کان پنج سو ورهيه اڳ هن چيو:

’جنهن سلوڪ جي اميد اوهان ٻين کان نٿا ڪيو اهو ٻين سان نه ڪيو‘. هن جا نظريا سقراط، ارسطو ۽ گوئتي سان گهڻو ٿا ملن. هو اخلاق کي ذهانت جي برابر ٿو سمجهي ۽ نهٺائي ۽ نرم سڀاءُ جي نه پر شخصيت جي اوسر جي تلقين ٿو ڪري. مان چين ۾ پڙهندو هيس ته مون کي هن جا قول ياد ڪرڻا پوندا هئا ۽ مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ اهي اوهان کي ٻڌائي سگهان ٿو.

اعليٰ انسان ڇا آهي؟ جيڪو احترام سان پنهنجي شخصيت جي تربيت ڪري. اعليٰ انسان جانبدار نه پر کليءَ دل وارو هوندو آهي، عام ماڻهو کليءَ دل وارو نه پر جانبدار هوندو آهي. اعليٰ انسان سوچي سمجهي لفظ استعمال ڪندو آهي ڇاڪاڻ ته ڪيترا ماڻهو پنهنجن لفظن جي ڪري تباهه ٿيندا آهن. هو جيڪي ڳالهائيندو آهي ان تي پهريان پاڻ عمل ڪندو آهي. هن جي قول ۽ فعل ۾ فرق نه هوندو آهي، هو بحث نه ڪندو آهي، وچٿرو هلندو آهي. ماڻهوءَ کي گهڻيون ئي شيون وڻنديون آهن. جيڪڏهن هنن جي پسند ۽ ناپسند ڪنهن اصول مطابق نه هوندي ته پوءِ هن جي فطرت ٻاهرين شين مطابق ٿي ويندي اعليٰ انسان سڀ ڪجهه پنهنجي اندر ۾ ڳولهيندو آهي ۽ معمولي انسان هر شيءِ ٻين کان طلبيندو آهي، اعليٰ انسان ان ڳالهه لاءِ پريشان هوندو آهي ته هو سچ تائين ڪيئن پڄي ۽ ان ڪري پريشان نه هوندو آهي ته ڪٿي هو مفلس نه ٿي وڃي. هو پنهنجو پاڻ ۾ اهليت جي گهٽتائيءَ کي ڏسي پريشان ٿيندو آهي ۽ ان ڪري پريشان نه ٿيندو آهي ته ماڻهو هن جو قدر نٿا ڪن. اعليٰ انسان جي اها صفت جنهن ۾ ڪو ٻيو هن جي برابري ڪري نه سگهندو آهي، هن جو اهو ڪم آهي جيڪو ٻين کي نظر نه ايندو آهي.

2- باطينت

سڌا: ڪنگ پيارا! پر هي سڀ مذهب ته نه آهي. رڳو اخلاق آهي اهو به اعليٰ طبقي جي ماڻهن يعني فطري اشرافن لاءِ جن کي شايد ته اخلاق جي ضرورت ئي ڪانه هوندي آهي. مذهب اخلاق کان سواءِ به گهڻو ڪجهه آهي. مذهب کان سواءِ اخلاق پري ٻرندڙ باه وانگر آهي جنهن جو سيڪ اوهان تائين پڄي نه سگهندو هجي. مذهب رڳو مَتُ نه آهي ۽ نه ئي رڳو عقلي معاملو آهي. مذهب هڪ احساس آهي. جنهن ۾ ڪُل جو احساس اوچتو روح کي پنهنجي قبضي ۾ وٺندو آهي. خود غرضي پاڻ ارپڻ ۾ ۽ الڳ هجڻ جو احساس وفاداريءَ ۾ بدلجي ويندو آهي. چئي نٿو سگهان ته اولهه جي ماڻهن کي به ڪڏهن اهڙو احساس ٿيو آهي يا نه؟

فلپ: جيڪب بوهم ۽ سينٽ فرانس کي اهڙو احساس ٿيو هو.

اينڊريو: پال بلڊ Paul Blood چيو ته اهڙو احساس ايٿر Ether استعمال ڪرڻ سان ماورائيت واري بيهوشي ۾ حاصل ٿي سگهي ٿو.

فلپ: اولهه ۾ اهڙا ماڻهو ورلي آهن. اهڙن ماڻهن جي گهٽ هجڻ مان لڳي ٿو ته يورپ ۽ آمريڪا ۾ مذهب جو اثر گهٽ آهي. هندوستان ۾ جُز ۽ ڪل جو باطني اتحاد مذهب جو روح سمجهيو ويندو آهي. ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪنهن هڪ مت کي مڃڻ يا ڪي رسمون پوريون ڪرڻ ڪري مذهبي چئي نٿو سگهجي. اسان جا ڌرمي اڳواڻ اسان جي ديوتا برهم جي ڪري برهمڻ سڏبا آهن پر ان لفظ جي معنيٰ ڪا هڪ شخصيت نه آهي. اهو لفظ مڪمل حقيقت لاءِ استعمال ٿيندو آهي. اها ڳالهه اسان کي وري اسپنوزا ٿي ياد ڏياري. برهمڻن جي نظريي مطابق رڳو برهم هڪ مڪمل حقيقت آهي ان کان سواءِ ٻين شين ۽ انسانن جا الڳ الڳ وجود، مايا يعني نظر جو فريب آهن. جڏهن اوهان سمجهو ته اوهان جي شخصيت پگهرندي ٿي وڃي ۽ اوهان وجود جي سمنڊ ۾ وڏي آرام سان جذب ٿيندا ٿا وڃو ۽ ان ميلاپ کان سواءِ ٻي هر شيءِ ادنيٰ ٿي وئي آهي تڏهن اوهان کي خبر پوندي ته مذهب ڇا آهي ۽ خدا ڇا آهي ۽ اوهان پاڻ خدا جو جُز ٿي ويندا.

ايريئل: مون کي ٿور Thorue جو هڪ جملو ٿو ياد اچي: ”گرم ڏينهن جو نديءَ جي آهستي وهندڙ پاڻيءَ ۾ وهندي مون کي ائين لڳو ڄڻ مان پنهنجو وجود وڃائي هڪ نئين وجود ۾ پيو اچان“ ۽ پوءِ پکين جا آواز ٻڌندي هو پاڻ کي هڪ عظيم مخلوق جو حصو سمجهڻ لڳو.

سڌا: مون کي اهي قول ياد آهن. هن جا قول ڏاڍا سٺا آهن اوهان کي خبر آهي ته هن کي هندو فلاسفر وڻندا هئا ۽ چوندو هو ته ڇاڪاڻ ته مان هندو فلسفي کي پسند ٿو ڪيان ان ڪري مون کي چانور کائڻ گهرجن.

ڪليرنس: جذباتي پسمنظر ۽ بنياد جي باوجود به ضروري نه آهي ته ڪُل جو اهو احساس مذهبي هجي. هڪ دفعي هڪ معمولي ريل ۾ سفر ڪندي مون نيري آسمان جي اڇن ڪنارن تي ڳاڙها بادل ڏٺا. انهن کي ڏسي منهنجو ساهه ڄڻ ته رُڪجي ويو ۽ هن گنبد جي حسن مون کي جڪڙي ڇڏيو. مون محسوس ڪيو ته مان ڪل جو هڪ معمولي جُزُ آهيان. پر يقين ڪيو ته مان مذهبي نه آهيان.

اينڊريو: ڪُل سان هڪ ٿيڻ جي احساس سان جيڪو سرور ملي ٿو اهو سرور ئي رڳو هندو مذهب نه آهي. ان کان سواءِ جنس جي پوڄا ۽ تثليث ان جا خاص عنصر آهن. منهنجي  خيال ۾ ڪرشن مهاراج جيڪو ان تثليث ۾ ٻئي نمبر تي آهي. انساني روپ ۾ ظاهر ٿيو ۽ دنيا کي نجات ڏياريائين. هندو مذهب ديوين ۽ ديوتائن سان ڀريل آهي. ريناخ چيو آهي ته ”هندو ديو مالا هڪ گهاٽي جهنگ وانگر آهي.“ ماڻهو ڪُل جي احساس کان وڌيڪ هڪ سٺو وڻندڙ افسانو ٻڌڻ گهرندا آهن. ويدانتيءَ جي سرور کان وڌيڪ هنن کي اهو افسانو وڻندو آهي ته ديوتا سمنڊ جو سارو پاڻي پي ويو. ٻئي ديوتا هڪ رات ۾ ڏهه هزار ڪنوارين ڇوڪرين سان محبت ڪئي. اهڙن افسانن کان پوءِ هنن کي ڌرمي رسمون پوريون ڪرڻ جو شوق آهي. گنگا ۾ هٿ ڌوئڻ (ڄڻ گنگا هرهڪ شيءِ کي پاڪ ڪري ٿي سگهي) منتر پڙهڻ ۽ لنگ جي تعويزن ۾ فطرت کان مٿاهين طاقت سمجهي انهن ۾ اعتماد رکڻ. سچ ٻڌاءِ سڌا، ائين آهي يا نه؟

سڌا: نه ائين نه آهي. اوهان مذهب جو ڦوڳ ۽ ان جي سَتُ کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو آهي، جيئن اڄڪلهه اوهان جا فلاسفر انسان جي پڃري کي سندس روح ٿا سمجهن. عام ماڻهو، جن جي مذهبي رسمن جي اوهان ڳالهه ڪئي، ڪڏهن ڪڏهن مرڻ گهڙيءَ تائين وارو ڊگهو وَرتُ رکندا آهن. مان نٿو سمجهان ته بک ڪاٽڻ ۾ ڪو مزو آهي. ان سان ماڻهو خوديءَ جي احساس کان آجو ٿي ڪائنات ۽ ابديت ۾ جذب ٿي ويندو آهي. مون اهڙا تياگي ڏٺا آهن جيڪي پنهنجون مُٺيون ايڏي ڊگهي عرصي تائين ڀڪوڙي ڇڏيندا آهن جو سندن ننهن وڌي تريءَ جي ٻئي پاسي کان نڪري ايندا آهن. هو پاڻ کي پوريءَ طرح وساري ڇڏيندا آهن. يا ٻڌ جو مثال وٺو. هن حضرت عيسيٰ وانگر ڌرم کي پوڄارين ۽ ٻاون وارين خرابين کان صاف ڪري ان کي ان جي اصلي حالت ۾ آڻڻ ٿي گهريو. هن چنبندڙ جهنگلي جيتن کي مارڻ کان انڪار ڪيو ۽ اُن شينهن کي به پيار ٿي ڪيو جنهن هندستان ۾ اسان مان ڪيترن کي کاڌو هو. هن فرد ۽ روحِ ڪُل جي وچ وارين سڀني رنڊڪن کي ختم ڪرڻ ٿي گهريو. نرواڻ جي معنيٰ اها ئي آهي. اوهان خوديءَ جي احساس کان آجا ٿيو ۽ اوهان جو روح دائمي حقيقت ۾ سمائجي ويندو.

اينڊريو: منهنجو خيال آهي ته اسان سڀني کي نرواڻ ملي ويندو. مون کي ٻڌ جي دهريت سان دلچسپي آهي. منهنجي خيال ۾  هن اهڙو طاقتور مذهب ڏنو جنهن ۾ خدا جو تصور نه هو. ائين نه؟

سڌا: جيڪڏهن تنهنجو مطلب شخصي خدا سان آهي ته ها ڀرجي روحِ ڪائنات سان آهي ته نه:

اينڊريو: مون ٻڌو آهي ته ”اوڀر جي روايتن“ ۾ ٻڌايل آهي ته مهاتما ٻڌ ڪنواري عورت مان پئدا ٿيو هو. ائين ٿو لڳي ته هر ديوتا لاءِ ضروري آهي ته هو پئدا ٿي ماءُ جي فطري ڄم واري مامتا جي توهين ڪري؟ جيڪا ڪڏهن هر ديوتا ۽ ديويءَ جي وجود جي علامت ۽ سرچشمو هئي.

سڌا: اوهان کي انهن ڏند ڪٿائن کي مٿاڇري نظر سان نه ڏسڻ گهرجي. ائين ڪندا ته انهن جي اصلي معنائن کان محروم ٿي ويندا. مان هڪ دفعو وري عرض ڪندس ته اهي ڳالهيون مذهب نه آهن.

اينڊريو: اوهان جو مطلب آهي اهي ڳالهيون مذهب تي چچڙن وانگر آهن.

سڌا: توهان چئي سگهو ٿا. شايد ڏهن ويهن سالن ۾ اولهه جا ماڻهو مذهب جي معنيٰ سمجهڻ شروع ڪندا. هينئر اوهين مذهب جي معنيٰ سمجهي نٿا سگهو جو اوهان مشينن هيٺان پوريل آهيو ۽ اوهان جا خيال رڳو مال ۽ زر تائين محدود آهن پر جنگ اوهان جي مشينن کي تباهه ڪري ڇڏيندي ۽ اوهان ڏکن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندا. ان وقت شخصي فخر ۽ انفرادي دولت ختم ٿي ويندا. ڏک ۽ رنج جي ان بخار ۾ ماڻهو وري خدا جو شعور حاصل ڪندا. ان هستيءَ جو جيڪا بي نانءُ روح ۽ زندگي آهي ۽ جنهن کي هڪ هندو فلاسفر هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ته ”اها نانهن آهي جيڪا وڻ جا سڀ حصا جدا ڪري ڇڏڻ کانپوءِ باقي بچندي آهي“، هينئر به جڏهن اوهين جسماني لذتن ۽ مادي شين کان بيزار ٿيندا آهيو تڏهن اوهان اوڀر ڏانهن ايندا آهيو. مسيحي سائنس اوهان ۾ ايتري تيزي سان پئي وڌي جيتري تيزي سان مسيحيت به نه وڌي هئي. اوهان وٽ لکن جي انگ ۾ ماڻهن ۾ ٿيوسوف عقيدو وڌندو ٿو وڃي. هڪ ڏينهن اوهان هندوستان ۽ مذهب کي سمجهي سگهندا.

        ٿيون ڊور: شايد اوهان سچ ٿا چئو. مذهب جي تاريخ يونان جي روح ۽ اوڀر جي روح جي جنگ جو داستان آهي.

3- يهوديت:

ايسٿر: مان سڌا وانگر سمجهان ٿي ته اسان مذهب جي ڪن عناصرن کي وساريو آهي، اسان خدا جي واسطي چوندا آهيون پر اسان لاءِ اهي رڳو ٽي لفظ آهن، اهي لفظ مذهب جو تَتُ آهن، مذهب چئي ٿو ته اسان جيڪي به ڪيون اهو خدا جي واسطي ڪيون، غير سماجي خوشيون ماڻڻ کان پاسو ڪيون. خدا جي واسطي اهنج ۽ ايذاءَ سهون، منهنجي خيال ۾ اهو مذهب جو اهم جزو آهي ۽ ان کانسواءِ اخلاق اجايو آهي ۽ اهو يهودي مذهب جو بنياد آهي.

ايريئل: افسوس آهي ته اسان مذهب جي باري ۾ ايتريون ڳالهيون ڪيون پر دنيا جي سڀ کان وڌيڪ مذهبي قوم جو ذڪر نه ڪيو. ايسٽر! تون اسان کي يهودي مذهب جي اصولن بابت ٻڌاءِ.

ايسٿر: هي سارو قصو ڪو ايڏو وڻندڙ نه آهي، هن هڪ نهايت سنجيده مذهب جي شروعاتي نظريو مظاهر پرستي ۽ وهمن ۾ دٻيل آهي جيڪي سرجيمز بيان ڪيا آهن، اوائلي دور جا يهودي پهاڙن، رڍن، ٻڪرين ۽ غارن ۽ کوهن جي روحن کي پوڄيندا هئا، هو رومين جي ”لاريس“ وانگر علامتن جي پرتش ڪندا هئا ۽ هنن ۾ هڪ اوائلي جادوءَ جو رواج هو. ايستائين جو هڪ پيٽيءَ ۾ ڍارا اُڇلائي خدا جي مرضي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.

اينڊريو: اسان اڄ به ائين ڪندا آهيون.

ايسٽر: ان مذهب ۾ لِنگ جي علامتن کي پوڄڻ جو رواج به هو، نانگ ۽ ڍڳو لِنگ جون علامتون هئا. بال ديوتا نر هو جيڪو مادي زمين کي زرخيز ڪندو هو. گهڻو ڪري سڀئي يهودي ڏِڻَ، زراعتي رسمن مان پئدا ٿيا آهن. مزاٽ جَوَن جي لاباري جو ڏڻ هو ۽ شهاوٽ ڪڻڪ جي لاباري کان پوءِ وارو ڏڻ هو. اسڪوٽ انگور لاهڻ جي خوشيءَ لاءِ ملهايو ويندو هو پيساچ رڍن ۽ ٻڪرين جي پهرين ڦر جو ڏڻ هو. هڪ رِڍَ ذبح ڪندا هئا ۽ ان جي گوشت جي وڏي دعوت ٿيندي هئي. ۽ ان جو رَتُ دروازن تي ڇڙڪائيندا هئا ته جيئن خدا جو پيٽ ڀرجي. پوءِ وري ان رسم جو مطلب ڪڍيو ويو ته خدا مصرين جي ٻارن کي قتل ڪرايو پر يهودين جي ٻارن کي محفوظ رکيو ۽ يهودين جي گهرن جي دروازن تي رڳو رت ڇڙڪائي ڇڏيو. پر اها ڳالهه مذهبي اڳواڻن جي گهڙيل آهي، اها ڪنعانن جي رسم هئي ته هو رڍ جي ڦر کي ديوتائن تي قربان ڪندا هئا جيڪا پوءِ يهودين اختيار ڪئي. هن مذهب ۾ ٻين ٽوٽمن جا آثار به نظر اچن ٿا. يهوده کي گهڻو ڪري ڍڳي جي صورت ۾ ڏيکاريو ويندو آهي ۽ سوئر جو گوشت يهودين لاءِ انڪري حرام هو جو سوئر اوائلي يهودين جو ٽوٽم هو.

اينڊريو: ڇا چيئه؟ مان سمجهندو هيس ته صحت جي خيال کان سوئر حرام آهي، ساري ويجهي اوڀر ۾ سوئر انڪري حرام آهي جو ان کي کائڻ سان خراب مرض پئدا ٿيندا آهن،

ايسٽر: رابرٽ سن سمٿ ۽ ريناخ هونئن ته هڪ ٻئي جا گهٽ هم خيال آهن پر ان روايتي سبب کي هو يڪ زبان ٿي رد ٿا ڪن. انجيل ۾ ڪٿي به ڪنهن مرض جو سبب غليظ جانورن جو گوشت نه ٻڌايو ويو آهي. بيمارين جو سبب روحن جي ڪاوڙ هو ۽ ان جو صحيح علاج بدروح جو جسم مان نڪرڻ هو. صحت جي حفاظت يونان جو تصور آهي. اينڊريو توکي ٻڌي عجب لڳندو ته ريناخ سوئر جي گوشت کي صحت جي اصولن جي ڪري خراب سمجهڻ واريءَ ڳالهه کي جهالت ٿو سمجهي.

اينڊريو: اهو سبب مون رينان جي لکڻين ۾ به پڙهيو هو.

ايسٿرو: ريناخ رينان جو مذاق اڏايو آهي.

اينڊريو: هڪ ڏينهن علم انسان جا عالم، ريناخ جو مذاق اُڏائيندا، مان تنهنجن انهن مستند ماهرن کان متاثر نه آهيان، يهودين جي اخلاقي نظام ۾ ڪيتريون ڳالهيون صحت جي حفاظت بابت آهن انڪري خنزير جي احترام جو سبب صحت جي حفاظت سمجهڻ به ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. ايسٽرا، اوهان پنهنجي ڳالهه جاري رکو، ٿي سگهي ٿو ته  مان غلط هجان.

ايسٿر: موسوي نظام جا ڏهه حڪم صحت جي اصولن کان مٿاهان ۽ اعليٰ آهن ۽ ساڳئي وقت اهي اوائلي ۽ محدود به آهن. اهي قانون قبيلن لاءِ آهن سمورن انسانن لاءِ نه آهن جن کي پيغمبرن جو انتظار ڪرڻو هو. ”اوهان قتل نه ڪندا“ وارو حڪم جنگ کان روڪڻ لاءِ نه هو، يهوداه ته قتلِ عام جي اجازت ۽ حڪم ڏنو آهي.

ڪليرنس: ها ۽ هنن مديانين سان جنگ ڪئي جنهن لاءِ خداوند هنن کي حڪم ڏنو هو. هنن مردن کي قتل ڪيو، موسيٰؑ هنن کان پڇيو: ڇا اوهان عورتن کي جيئرو ڇڏيو آهي؟ انڪري هاڻي ٻارن ۾ جيڪي به ڇوڪرا آهن انهن کي ماري ڇڏيو ۽ جن عورتن به مردن جا منهن ڏٺا آهن انهن کي قتل ڪيو.

ايسٿر: ها، پر ان بربريت مان ئي انسان جي ڪن بهترين اخلاقي آدرشن جنم ورتو. موسوي قانون جو نظام انساني ترقيءَ جو هڪ نهايت اهم مرحلو هو. ان يهودين جي ڪردار کي مضبوط ڪيو. زندگيءَ ۾ باقاعدگي ۽ فلسفياڻي سخت گيريءَ يهودين ۾ اها سهپ پئدا ڪئي جو انهن سان هنن انهن مصيبتن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪيو جيڪي پوءِ عيسائيت هنن تي نازل ڪيون. هي پهريون قانوني نظام هو جنهن پارسائيءَ کانپوءِ صفائيءَ کي اهميت ڏني ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني جسم کي عبادتگاهه جهڙو سمجهو ۽ جيئن روح جو مذهبي جذبي سان احترام ڪبو آهي ائين جسم جو به احترام ڪيو. ڪيترن ماڻهن جو خيال آهي ته هي نظام همورابيءَ جي نظام کان وڌيڪ چڱو آهي، پر هي پهريون نظام هو جنهن غلامن سان نرميءَ واري هلت تي زور ڏنو. هن جي ”سون جي جشن“ واري اداري ۾ ته اشتراڪيت جي جهلڪ ئي نظر اچي، ”زمين مالڪاڻي حقن تي وڪرو نه ٿيندي جو زمين منهنجي آهي، اوهان پنجاهين سال کي مقدس سمجهندؤ ۽ سڀني لاءِ آزاديءَ جو اعلان ڪندؤ. اهو اعلان اوهان لاءِ هڪ ڏِڻُ هوندو ۽ اوهان هر ماڻهو کي هن جي ملڪيت موٽائي ڏيندؤ ۽ هر ماڻهوءَ کي هن جي ڪٽنب ۾ آباد ڪندؤ“. اهي ڳالهيون يهودين لاءِ عمل ڪرڻ واريون نه هيون پر آدرشي هيون، ٻيون قومون ته ان آدرش کان به محروم هيون.

اوهان قاتل خداوند جي ڳالهه ڪئي، اهو جنگ جو ديوتا ۽ اوائلي يهودين جو قبائلي خدا هو، جيرمياه چيو ”او يهوداه، توهان جي شهرن جيترا توهان جا ديوتا آهن ۽ جڏهن نعومي رٿ کي چيو: ”تنهنجي ڀيڻ پنهنجي ماڻهن ۽ تنهنجي خدائن وٽ واپس وئي آهي“ ته رٿ جواب ڏنو: ”تنهنجا ماڻهو منهنجا ماڻهو ۽ تنهنجا خدا منهنجا خدا آهن.“ قبيلو مٽائڻ معنيٰ ديوتا مٽائڻ هو. گهڻن خدائن وارو اهو تصور تيستائين قائم رهيو جيستائين پيٽاٽوڪ لکيو ويو انڪري جو ڪائنات جي تخليق جي ڪهاڻي ائين بيان ڪيل آهي ته هيءَ دنيا يهوداه تخليق ڪئي. پوءِ وري دنيا جي تخليق ايلوهيم (جنهن جي معنيٰ گهڻا خدا آهي). ڏانهن منسوب ڪئي وئي. ٽيمپل جي پادرين جڏهن ستين صدي قبل مسيح تخليق ۽ جنت جي ڪهاڻيءَ کي پنهنجي مقدس ڪتاب ۾ داخل ڪيو ته ان کان گهڻو اڳ اها ڪهاڻي اتان جي جدا جدا قومن ۾ عام هئي. اها ڪهاڻي ايرانين،  فونيقين، ڪلدانين ۽ بابل جي مذهبي روايتن ۾ موجود هئي. 800 ق.م ۾ هيسائيڊ ان ڪهاڻيءَ جي يوناني روايت جو ذڪر ڪيو آهي ته نيڪ ماڻهن جي ٻيٽن ۾ هڪ وڻ پئدا ٿيو جنهن ۾ سونا صوف لڳا ۽ جن کي کائڻ سان ماڻهن کي غيرفاني زندگي ملندي هئي.

سڌا: اسان وٽ به اها روايت آهي. ويدن ۾ آهي ته شو ديوتا آسمان مان انجير جو وڻ اڇلايو ۽ عورت کي چيو ته هو مرد کي اهو چئي ان وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ هرکائي ته ان کي کائڻ سان غيرفاني زندگي حاصل ٿيندي ۽ اهڙيءَ طرح هن کي آزمائي، مرد ميوو کاڌو، شِوَ هن تي لعنت وڌي ۽ هن جي قسمت اهنجن ايذائن واري ڪري ڇڏي.

ڪنگ: اوائلي چين جي هڪ مقدس ڪتاب ۾ لکيل آهي ته پهريان سڀ شيون مردن جي هٿن ۾ هيون پر عورت ڄاڻ جي حرص جي ڪري اسان کي هڪ غلاميءَ ۾ آڻي ڇڏيو. اسان جا ڏک ڏولاوا آسمان مان نٿا نازل ٿين پر عورت کان ٿا ملن، عورت ئي انساني نسل تي تباهي آندي، ”اي بدنصيب عورت! تو اها باهه ٻاري جيڪا اسان کي ساڙي رک پئي ڪري ۽ ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي.“

فلپ: انهن سڀني روايتن جي پٺيان هڪڙو تصور آهي ته ڄاڻ ۽ جنس بديءَ جو بنياد ۽ معصوميت ۽ خوشيءَ جا جاڙا دشمن آهن، اهو موضوع انجيل ۾ شروع کان آخر تائين موجود آهي ۽ هي جملو به موجود آهي ته جيڪو ماڻهو علم ۾ واڌارو ڪندو اهو پنهنجي ڏک ۾ واڌارو ڪندو. مسيح به جنسي محبت کي ننديو ۽ ٻاراڻي ڏاهپ کي ساراهيو آهي.

ڪليرنس: بيشڪ ته انهن ڳالهين ۾ وڏي صداقت آهي، ڇا اسان ڄاڻ ۾ ايڏا خوش آهيون جيڏا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ خوش هئاسين؟ اسان کي ننڍن ٻارن جا معصوم چهرا ڇو وڻندا آهن، شايد انڪري جو هو جنس ۽ ڄاڻ کان آجا هوندا آهن ۽ انڪري اسان هنن سان ريس ڪندا آهيون، پر ايسٽر اسان کي اوهان جي ڳالهه کي وچ ۾ ڪٽڻ نه گهرجي.

ايسٽر: مون کي رڳو ٻه ٻيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن، يهوداه دنيا کي خدا جي وحدانيت جو تصور ۽ سماجي انصاف جو الهامي ڪتاب ڏنو. اوائلي ديوتائن جي حيثيت اصل ۾ قبائلي هئي ۽ قبيلي جي اقتصادي خودمختياري ۽ عليحدگيءَ تي ٻڌل هئي. قبائلي زندگيءَ ۾ جڏهن واپار وڌيو ۽ معاشي طرح ماڻهو هڪ ٻئي جا محتاج ٿيا ته قبيلا پاڻ ۾ ملي ويا ۽ جدا جدا ديوتائن جو خصلتون به هڪ ٻئي ۾ ملي ويون ۽ قبائلي سوچ کان اڳتي جي سوچ پئدا ٿي. سڀ کان پهرين سعياه عظيم خدا جو ذڪر ڪيو. عظيم خدا کي ڏسو جنهن سموري پاڻيءَ کي پنهنجي هٿ جي تريءَ تي جهليو آهي. جنهن آسمانن جي گردش کي مقرر ڪيو، جنهن ڌرتيءَ جي مٽيءَ کي پنهنجيءَ مُٺ ۾ جهليو آهي، ٽڪرن ۽ ٽڪرين کي ترازيءَ جي پڙن ۾ توريندو آهي“، ان کان پوءِ حضرت ايوبؑ خدا جو اهو تصور ڏنو ته خدا ڪائنات جو نظام آهي ۽ اهڙي طرح يهودين جو مذهب جيڪو جادو ٽوڻن سان شروع ٿيو هو. اسپينوزا جي بلند نظريي جي ويجهو وڃي پهتو ۽ جديد سائنس جا بنياد وڌا. پر خدا جي وحدانيت جي تصور کان وڌيڪ اهم انسانن جي اتحاد، جنگ کي ترڪ ڪرڻ ۽ سماجي انصاف جا تصور هئا.

ڪليرنس: جنگ کي ترڪ ڪرڻ بابت ته اسان اڃا سوچيو ئي نه آهي، ان باري ۾ غور ڪيون يا نه؟

ايسٽر: عاموس يروشلم ۾ آيو، هو در وٽ اچي بيٺو ۽ انسانن لاءِ مذهب جو اعلان ڪرڻ لڳو، اوهان (امير ماڻهو) تراشيل پٿرن جا گهر ٺاهيا آهن پر اوهان انهن ۾ رهي نه سگهندا، اوهان انگور جو فصل تيار ڪيو پر ان جو شراب پي نه سگهندا، ڇاڪاڻ جو اوهان غريبن تي ظلم ڪندا آهيو ۽ هنن کان ڪڻڪ ڏَڻ ۾ وٺندا آهيو. انهن تي لعنت آهي جيڪي هتي آرام سان ٿا رهن، جيڪي ريشمي بسترن تي ٿا ليٽن ۽ صوفن تي ٿا آهلن. بارگاهن ۾ قربانيون ڏيڻ مان ڪجهه ڪونه ورندو. خدا هنن کي چوندو ته مان اوهان جي ڏڻن کي ڌڪار سان ٿو ڏسان، اوهان مون لاءِ لذيذ طعامن جون سوکڙيون ٿا آڻيو پر مان اهي قبول نه ڪندس. مان اوهان جي گانن جي گوڙ کان بيزار آهيان، پنهنجا ساز کڻي وڃو ۽ انصاف ۽ نيڪيءَ جو رستو صاف ڪيو.

يا ڏسو ته سعياه ڇا ٿو چئي:

خدا عوام جي بادشاهن ۽ حاڪمن کان پڇاڻو ڪندو ڇاڪاڻ جو هنن انگور جو سارو فصل ڦٻايو. اوهان مفلسن جا حق کسي پنهنجا گهر ڀريا، اوهان ڇو ٿا ماڻهن کي ماريو ۽ نادارن کي مٽيءَ ۾ لتاڙيو، انهن تي لعنت آهي جيڪي ڪيترن گهرن کي گهرن سان ۽ ٻنين کي ٻنين سان ملائي انهن جا مالڪ ٿي ويٺا آهن. اوهان حساب ڪتاب ۽ اڪيلائي ۽ برباديءَ جا ڏينهن ياد ڪندا جيڪي اوهان کي ڏسڻا آهن. ان وقت اوهان ڪنهن کي مدد لاءِ سڏيندا ۽ اوهان جو اهو شان اوهان جي ڪهڙي ڪم ايندو؟ خدا چيو:

اوهان جون گهڻيون قربانيون اوهان کي ڪهڙو فائدو رسائينديون. مان اوهان جي رڍن، ٻڪرين جي قربانين مان بيزار ٿي چڪو آهيان. منهنجو روح اوهان جي قربانين کان بيزار ٿي چڪو آهي. اوهان جڏهن پنهنجا هٿ ڊگهيريندا تڏهن مان اکيون بند ڪري ڇڏيندس. اوهان جڏهن مون کان دعا گهرندا ته مان نه ٻڌندس. اوهان جا هٿ رت ۾ رڱيل آهن. پاڻ کي ڌوئيو ته جيئن پاڪ ٿيو، پنهنجا بداعمال منهنجي اکين کان پري ڪيو. بد ڪم ڪرڻ بند ڪيو. نيڪي ڪرڻ سکو، انصاف ڪرڻ سکو، مظلومن جي مدد ڪيو، يتيمن تي رحم ڪيو. بيواهن جو پاسو کڻو.“

اينڊربو: واهه، ڇا ته زبان آهي، ڇا ته ٻولي آهي ۽ ڇا ته ٻوليءَ ۾ اثر آهي.

ايسٽر: مذهب ۽ ادب جي تاريخ ۾ ان کان وڌيڪ سهڻي لکڻي ڪانهي. رينان چيو هو ته يونان ذهنن کي آزادي ڏني پر يهودين ماڻهن کي ڀائپي ڏني، يونانين وٽ ثقافت هئي پر دل نه هئي ايستائين جو هنن جي فلاسفرن غلاميءَ جي حمايت ڪئي،. يونانين فن ۽ سائنس جي تخليق ڪئي پر يهودين دنيا کي سماجي انصاف ۽ انساني حقن جا تصور ڏنا. اڄ اهي مغربي قومون جن کين فتح ڪيو هو ۽ مٿن ظلم ڪيا هئا، روحاني طرح هنن جي آڏو ڪنڌ ٿيون جهڪائن ۽ انهن آدرشن جون خواهشن ٿيون ڪن جيڪي هنن دنيا کي ڏنا.

اينڊربو: سعياه کان ٽراٽسڪي تائين!

ايسٽر: مسيحت جي خاتمي کان پوءِ اشتراڪيت دنيا جو مذهب هوندي!

مسيحيت:

ايريئل: ايسٽر! تون ڏاڍي سٺي آهين، تو منهنجي دل ۾ منهنجي پنهنجي مذهب لاءِ فخر پئدا ڪيو. هاڻي اوهان مان ڪو اسان کي مسيحيت جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائي. اينڊريو! تون ڏنگو آهين، انڪري تون نه ٻڌاءِ جو تون ان ۾ اوڻائيون ڳولهيندي ۽ نه ئي ميٿيو، تون جو توکي مسيحيت سان تمام گهڻي محبت آهي. اسان کي فلپ ڪجهه ٻڌائي جو فلپ ڪوشش ڪرڻ سان غيرجانبدار ٿي ويندو آهي. تون اسان کي مسيحيت جو تاريخي  پسمنظر ٻڌاءِ ته پوءِ اسان جهيڙو شروع ڪيون.

ميٿيو: مون سڀ ڳالهيون وڏي صبر سان ٻڌيون ۽ اڃا ٻڌي سگهان ٿو، مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هر مذهب جي انفراديت کي مذهبن جي تقابلي مطالعي جي قربانگاهه تي قربان ڪيو ويندو آهي. فلپ سدائين غلط پر معافيءَ لائق هوندو آهي.

فلپ: ميٿيو، تون هڪ سچي عيسائيءَ جهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين، پر جلدئي تون پنهنجي نيڪ دليءَ تي شرمسار ٿيندين، خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ايريئل عيسائيت کي ان جي سموري پسمنظر ۾ ڏسڻ ٿي گهري. ڪنهن سچ چيو آهي ته پسمنظر ئي اهم هوندو آهي. مسيحيت تاريخ جي ٻن لاڙن مان پئدا ٿي. هڪ يروشلم، اسڪندريه، انطاڪيه، ايٿنز ۽ روم ۾ هڪ بيوس ۽ نااميد پورهيت طبقي جو صنعتي ۽ تجارتي استحصال، ٻيو يهودين جي اخلاقي قدرن جو يونانين جي فلسفي ۽ دينيات سان ملي وڃڻ. (حضرت) سليمان جي زماني کان يروشلم انهن تجارتي شاهراهن جو مرڪز بڻجي چڪو هو جيڪي ايراني نار کي فينيشيا ۽ بحيره روم جي قومن کي ايران ۽ بابل سان ٿي ملايو. انهن سهولتن جي ڪري هتان جي يهودين پنهنجي تجارت کي ترقي ڏني ۽ دولت وڌي ته امير ۽ غريب جو فرق وڌيو. جيڪي يهودي بابل مان موٽيا هئا اهي مفلس هئا، يونان ۽ روم جون حملا ڪندڙ فوجون هتان جي هزارين غريب نوجوانن کي غلام بڻائي وڪڻنديون هيون. مسيح جي ننڍپڻ ۾ روم وارن ناصره جي ويجهو وارن ڪيترن شهرن جي آباديءَ کي غلام بڻائي وڪيو. بحره روم جي وڏين بندرگاهن ۾ هرهنڌ هڪ مفلس ۽ نادار طبقو پئدا ٿيو. جنهن ۾ هڪ اهڙي مذهب جنم ورتو جيڪو آقائن جي خلاف هو. امير ماڻهو لڪل نموني ۾ ته آزاد خيال هئا پر هنن بنياد پرستيءَ ۽ مذهبي رسمن جي حمايت ٿي ڪئي. مفلسن هڪ اهڙو اخلاقي نظام ٺاهيو جنهن ۾ بدنصيبي ۽ ناداري، نيڪي هئي ۽ مفلس جي جاءِ جنت ۾ ۽ امير جي جاءِ دوزخ ۾ هئي. اهڙي عقيدي جي ڪري ئي نٽشي مسيحيت کي ننديو ۽ چيائين ته مسيحيت طاقتور تي ڪمزور جي فتح جي علامت آهي. پورهيت طبقو اهڙي مذهب لاءِ تيار هو جيڪو مظلوم جي حمايت ڪري. نرم دلي ۽ نيازمنديءَ جي سکيا ڏي ۽ اهڙي جنت جي ڳالهه ڪري جنهن ۾ هن دنيا جي بدنصيبن کي هميشه واري خوشي ملي. جديد مسيحيت لاءِ اهو وڏو مسئلو آهي ته ان جو سارو دارومدار اميرن تي آهي، جڏهن ته ان جي فطري محبت نادارن سان آهي انهن ٻن متضاد لاڙن کي هوءَ ڪيئن ملائي؟

مان مسيح جي اخلاقيات ۽ اشتراڪيت کي ناانصافي ۽ ناداريءَ جي ان پسمنظر ۾ ٿو ڏسان، بلاشڪ ته مسيح هڪ اشتراڪي هو، هن جو ايمان هو ته زندگيءَ جي بنيادي ضرورت جون سڀ شيون سڀني جي گڏيل ملڪيت آهن، اميرن کي گهرجي ته پنهنجي دولت ۾ غريبن کي شريڪ ڪن، نٽشي چيو هو ته مسيح زندهه هجي ها ته کيس سائبيريا موڪلي ڇڏن ها. امير يا غريب جيڪو به هن جو سادو داستان پڙهي ٿو اهو هن ڏانهن ڇڪجڻ کان پاڻ کي جهلي نٿو سگهي. هو بلاشڪ ته تاريخ تي تمام وڏو اثر ڇڏيندڙ شخصيت آهي، اها وڏي ڏک جي ڳالهه آهي پر اها ان وقت جي ضرورت هئي جو هن عظيم شخصيت کي هڪ دين ۽ گرجا سان ڳنڍيو ويو. ڇاڪاڻ جو جڏهن ان دين ۽ گرجا جو اثر ختم ٿيندو تڏهن گهڻو ڪري ته ماڻهو انسانيت جي ان عظيم معلم کي وساري چڪا هوندا.

هن جو اخلاقي سرشتو، اصليت جي لحاظ کان يهودين جي بهترين انسانن جي اخلاقي سرشتي جي نمائندگي ٿو ڪري، ڪلاسنر Klausner ٻڌائي ٿو ته ڪيئن مسيح پنهنجي دور جي روح جو حصو هو ۽ ڪيئن هن کي اسرائيل جي پيغمبرن ۽ اخلاق جي استادن جو ورثو مليو هو. هليل Hillel جيڪو گماليئل جو پرڏاڏو هو ۽ جنهن ولي پال کي تعليم ڏني هئي. اهو ڪٿي ڪٿي مسيح واريون ڳالهيون ڪندو ٿو نظر اچي، هن مسيح کان هڪ نسل اڳ چيو هو: ”پنهنجو پاڻ کي پاڙيسريءَ جي جاءِ تي رکي پوءِ هن لاءِ رايو قائم ڪر.“ ”منهنجي نوڙت منهنجي وڏائي ۽ منهنجي وڏائي منهنجي نوڙت آهي.“ ”ٻين سان اهڙي هلت هل جهڙي تون چاهين ته ٻيا توسان هلن. اهوئي اصل قانون آهي ٻي ساري ان جي تفسير آهي.“ ويل هائوسن چيو: ”مسيح عيسائي نه هو، يهودي هو.“ رينان چيو: ”مسيحيت يهوديت جو ڪارنامو آهي“، هيني جو هي جملو مشهور آهي ته ”مسيحيت يهوديت جي بدعت آهي.“

بهرحال مسيحيت يهوديت ۾ هڪ نئين عقيدي جو واڌارو ڪيو جيڪو مسيح جي شخصيت ۽ سندس ديومالائي ڪردار جي ڪري ڏاڍو مقبول ٿيو. پنهنجي تبليغ جي شروعات ۾ مسيح آخرت جو تمام گهٽ ذڪر ڪيو. هن خدا جي بادشاهت جو ذڪر ڪيو ڄڻ اها هن زمين جي بادشاهت هئي يا جيڪا روح جي بي غرض پاڪائي هئي. بقا جو تصور يهودي مذهب ۾ تاريخي نه آهي، پنهنجي اقتدار جي زماني ۾ يهودين بقا جي تصور کي لازمي نٿي سمجهيو. هنن جو چوڻ آهي ته فرد کي اجتماع ۾ ملي وڃڻ گهرجي ۽ شخصي نجات جي بدران رياست جي ڀلائيءَ جو اونو ڪرڻ گهرجي. حضرت ايوبؑ  پنهنجي نسل جو پهريون شخص هو جنهن شخصي بقا جي تصور تي سوچيو، هن جو خيال هو ته جيستائين مان ائين نه سمجهان ته هن دنيا ۾ هڪ نيڪ انسان جي بدنصيبيءَ جو اجر خدا هن کي اڳئين جهان ۾ ڏيندو تسيتائين مان هڪ نيڪ خدا تي ايمان آڻي نٿو سگهان. يهودي جڏهن دنياوي فتح کان مايوس ٿيا تڏهن هنن جي مذهبي ڪتابن ۾ اهڙي جنت جو ذڪر اچڻ شروع ٿيو جنهن ۾ عملن جي سزا ۽ جزا ملندي. مسيح به ائين ڪيو. هو جڏهن دنيا ۾ خدا جي بادشاهت قائم ڪرڻ کان مايوس ٿيو تڏهن هن بادشاهت جي ان تصور کي جنت جي تصور ۾ بدلايو هن حشر جي ڏينهن جو ائين ذڪر ڪيو ته ان ڏينهن انساني نسل جو اڌ، (جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي دنيا جون حسين عورتون هونديون) هڪ اهڙي ابدي جهنم ۾ داخل ڪيو ويندو جنهن جي باهه ڪڏهن نه وسامندي ۽ نه وري ان ۾ داخل ڪيل انسان مرندو.

ميٿيو: تو جيڪا تصوير چٽي آهي اُن ۾ خدا جو نرم دل پٽ ته مون کي ڪٿي به نظر نٿو اچي.

فلپ: اسان ٻنهي جون چٽيل تصويرون غلط آهن، فلسفي جو حسن ئي اهو آهي ته ان ۾ ڪابه ڳالهه يقيني ۽ آخري نه هوندي آهي. انڪري ئي فلاسفر نه هڪ ٻئي کي قتل ڪندا آهن ۽ نه ماڻهن کي جنگ جي باهه ۾ اُڇلائيندا آهن مون کي مسيح جي آخري زماني واري تعليم ۾ انڪري هڪ عجيب قسم جي ڪڙاڻ ٿي محسوس ٿئي جو مان ان کي هن جي اخلاقي نظرين جي پسمنظر ۾ ٿو ڏسان ۽ هن هڪ ناممڪن تڪميل جو جيڪو تصور ڏنو، جنهن تصور جي هو تبليغ ڪندو رهيو. ان تي ٿو پرکيان. هن جي اها اخلاقي تصور پرستي منهنجي خيال ۾ مسيحيت جو روح آهي جنهن ماڻهن کي مهذب بنائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. مان هن جي اخلاقي تعليم تي حيران ٿيندو آهيان ته باندر ۽ جهنگ مان ڪيئن اهڙو انسان پئدا ٿيو جنهن ۾ ساري ڪائنات جي باري ۾ سوچڻ،ان سان محبت ڪرڻ ۽ ان لاءِ ڏک سهڻ جي صلاحيت هئي.

ميٿيو: فلپ! ڇا تون ائين نٿو سمجهين ته ڪو ديوتا ئي ايڏا ايذاءَ سهي ۽ ايڏي محبت ڪري سگهي ٿو.

فلپ: ان باري ۾ به اسان يڪراءِ نه آهيون، مسيح جي اخلاقي نظريي تي به اعتراض ڪري سگهجن ٿا. اسان مان ڪن ٿورن ماڻهن ۾ ايتري اخلاقي جرئت آهي جو هو وڏي واڪي چئي سگهن ته مجموعي طور مسيح جي اخلاقي تعليم عمل نه ڪري سگهڻ واري آهي. اسان لاءِ اهو ناممڪن آهي ته اسان پنهنجو ۽ پنهنجي کاڌي پيتي جو خيال نه ڪيون، اسان هوا ۾ اڏامندڙ پکين ۽ باغ جي گلن وانگر زندگي گذاري نٿا سگهون. پاڙيسرين سان ائين محبت ڪرڻ جيئن اسين پاڻ سان ٿا ڪيون ڏکيو آهي ۽ دشمن سان محبت ڪرڻ ته ناممڪن آهي، فطرت جي چونڊ ۽ جيئڻ لاءِ جدوجهد جي اصولن تي جيئڻ وارن انسانن جي دنيا ۾ عدم تشدد جارحاڻي ظلم ۽ غلاميءَ کي دعوت ڏيڻ برابر آهي، جيڪا قوم دشمن سان محبت ڪندي ان جونالو نشان مٽجي ويندو، لاؤزي سکيا ڏني آهي ته پنهنجي دشمن سان محبت ڪيو پر  ڪنفيوشس چيو ته پوءِ رحمدليءَ جو عيوضو ڇا ڏجي. نيڪيءَ جي بدلي ۾ نيڪي پر بديءَ جي بدلي ۾ انصاف ڪيو.

پال: اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته جيتوڻيڪ مسيح جا اخلاقي نظريا ايترا ته مڪمل آهن جو انهن تي عمل ڪرڻ ڏکيو آهي پر بربريت ۽ وحشت ۾ ورتل دنيا لاءِ اهي ضروري هئا، مسيحيت اهڙي تعليم سان اسان جي نسل جي بربريت ۽ وحشت واري فطرت ۾ اعتدال پسندي پئدا ڪرڻ ٿي گهري ۽ اهڙي تعليم جي هزار سالن تائين تبليغ ماڻهن تي وڏو اثر ڪيو. منهنجو خيال آهي ته اڄ اسان يونانين ۽ رومين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رحمدل، وڌيڪ سخي ۽ وڌيڪ امن پسند آهيون، اسان غريبن جي استحصال کي گهٽايو آهي، بربريت کي نرميءَ ۾ بدلايو آهي ۽ انسان جي ڪردار کي اعليٰ بڻايو آهي.

فلپ: ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ته مسيح جڏهن اهڙي اخلاق جي واٽ ٿي ڏسي تڏهن هن جي ذهن ۾ پنهنجا مريد ۽ پوئلڳ هئا. هن کين اهڙي راهباڻي تعليم ڏيڻ ٿي گهري جو هنن جي شخصيت دنياوي حرص ۽ لالچ جي خلاف فولادي بڻجي، افلاطون پنهنجي فلاسافر بادشاهن کي راهباڻي اشتراڪيت سان انساني خامين کان محفوظ ڪرڻ ٿي گهريو. مسيح پنهنجن پوئلڳن کي نصيحت ڪئي ته شادي نه ڪيو ۽ شين جا مالڪ نه ٿيو. هن جي ذهن ۾ پنهنجن پوئلڳن جو راهباڻو تصور هو. هن کي خبر هئي ته ماڻهو شادي ۽ جائداد جي اجاين ٻنڌڻن کان آجا نه ٿيندا. اها غلط سوچ هئي ته هن جي اهڙي تعليم عام ماڻهن لاءِ به هئي. اهڙي غلط سوچ مسيحيت کي هڪ وڻندڙ مفاهمت بڻائي ڇڏيو جنهن جو دنيا تي عملي طور اثر نه ٿيو.

اينڊريو: مون کي ان احترام جي قابل استاد جي اها ڳالهه ڏکي ٿي لڳي ته هو جسم جي خلاف ۽ انساني جبلتن جي عام لذتن کان بيزار هو منهنجي خيال ۾ هو يهودي پيورٽين هو.

ميٿيو: تون غلط ٿو سمجهين، ڪينا Cana ۾ هو پاڻيءَ کي شراب ۾ بدلائڻ کان نه هٻڪيو. هن جي دور جا احمق چوندا هئا ته هو شرابين ۽ گنهگار عورتن سان نرميءَ واري هلٿ ٿو هلي. هن هڪ ماءُ وانگر جسماني گناهه کي برداشت ڪيو. ڇا تون ان عورت جي ڳالهه وساري ڇڏي جيڪا زنا ڪندي جهلي هئي.

فلپ: ميٿيو، اها عورت واري ڪهاڻي مشڪوڪ آهي، پر ان ڪهاڻيءَ مان خبر ٿي پئي ته مسيح جي شخصيت ۾ عورت لاءِ وڏي نرمي هئي. اميرن کي نندڻ ۽ نادارن سان بي انتها محبت هن کي هڪ ٻن صدين تائين مذهبي ڪهاڻين جومرڪزي ڪردار بڻائي ڇڏيو. ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته انسان اهڙين روايتن جو هميشه کان بکيو رهيو آهي. اهڙين پراڻي روايتن، مسيحي مذهب جي جوڙجڪ ڪئي. خدا جو پٽ هجڻ جو تصور، اهڙو نجات ڏياريندڙ جيڪو ڪُئناريءَ جي ڪُک مان پئدا ٿيندو. انسانن جي گناهن جي ڪفاري لاءِ پنهنجي جان ڏيندو. پوءِ قبر مان اُٿندو. اهڙيون روايتون مسيحيت کان اڳ ڪيترن مذهبن ۾ موجود آهن. هندوستان ۾ گهڻو ڪري اهي سڀ خاصيتون ڪرشن ۾ آهن مصر ۾ هورس Horus ۽ ميڪسيڪو ۾ ڪيوٽسالڪوٽل Quetzlacoatl ۾ ملن ٿيون.

ٽيون دور: عام يونانين جي روايت مطابق آرفيئس ديوتا قتل ٿيو، دوزخ ۾ پيو ۽ وري جيئرو ٿيو، اها ساڳي روايت پراميٿيئس، ايڊونس ۽ هيراڪلس لاءِ به مشهور آهي.

سرجيمز: خدائن جي انسان بڻجڻ واري روايت پراڻن مذهبن ۾ عام آهي. چين جي علائقي پيڪن ۾ نوآباديات واري کاتي جي رجسٽر ۾ انهن خدائن جا نالا داخل ٿيل آهن جن انساني شڪل اختيار ڪئي ۽ هڪ سؤ سٺ خدائن دنيا ۾ زندهه رهڻ جو لائيسن حاصل ڪيو هو. ڪنهن زماني ۾ ماڻهو هڪ ٻڪر قربان ڪندا هئا ۽ سمجهندا هئا ته ائين ڪرڻ سان سندن گناهن جو ڪفارو ادا ٿيندو، ديوتا خوش ٿيندا ۽ زمين تي ڪڻڪ جو فصل وري پئدا ٿيندو. ان مان مسيح جي ڪفاري ادا ڪرڻ وارو تصور اڀريو. قربانيءَ سان ڪفاري وارو تصور گهڻي ڀاڱي هر قوم ۾ آهي.

ايسٽر: سترهين صديءَ ۾ زباتي زيوي Zabbatai Zevi مسيح هجڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ چيائين ته يهودين جي هدايت لاءِ خدا هن کي موڪليو آهي.

سر جيمز: هن کان پوءِ اهڙو هڪ ٻيو مسيح به آيو. 1830ع ۾ ڪينٽڪي ۾ هڪ شخص اعلان ڪيو ته هو خدا جو پٽ ۽ انسانيت کي نجات ڏيارڻ وارو آهي. هزارين ماڻهن هن تي ايمان آندو ۽ هن جو پيغام پکيڙبو ويو. هڪ دفعي هن جي هڪ پوئلڳ هن کي عرض ڪيو ته هو ان علائقي جي جرمن قوم جي ماڻهن کي جرمني زبان ۾ پيغام ڏي جو هنن کي انگريزي نٿي اچي ۽ اها وڏي ڏک جي ڳالهه ٿيندي، جو انگريزي نه اچڻ جي ڪري کين دوزخ ۾ وڃڻو پوندو. مسيح چيو ته هن کي جرمن زبان نٿي اچي. اهو ٻڌي هن جي پوئلڳ کان دانهن نڪري وئي ته تون خدا جو پٽ آهين ۽ توکي جرمن زبان نٿي اچي ۽ ائين هن جي مڃتا ختم ٿي.

فلپ: مسيح کي خدا بنائڻ کان پوءِ سندس اوائلي پوئلڳن کي ٻه ڪم ڪرڻا پيا. هڪ ته 3 جي مقدس انگ کي منطقي شڪل ڏيڻي پئي ۽ ٻيو ته خدا جي وحدانيت واري عقيدي کي قائم رکڻ لاءِ ڪي دينياتي تصور گهڙڻا پيا. يهودين جو خدا جنگ ۽ طاقت جو خدا هو جڏهن ته نادارن کي جن کي مسيحيت پسند پئي هئي بخشڻ، رحم ۽ محبت ڪرڻ واري خدا جي ضرورت هئي ان ڪري يهوداه خدا فوت ٿيو ۽ اسان جي پيءُ خدا جنم ورتو. خدا جي اهڙي وسيع تصور سان شر جي مطابقت پئدا ڪرڻ لاءِ لازمي ٿي پيو ته ايرانين جي اهل ڪندي شر جو به هڪ ديوتا شيطان يا ليوسيفر تخليق ڪيو وڃي ان کانسواءِ نئين مذهب کي بحره روم جي قوم جي ان عقيدي سان مطابقت پئدا ڪرڻي هئي ته خدا ٽي هوندا آهن. هندن، مصرين، فينيشين ۽ رومين ٽن خدائن جي عبادت جو اصول ٺاهيو هو پر يهودين جي خدا وحدانيت واري تصور جي ڪري هنن ٽن خدائن جي تصور کي تثليث جي شڪل ڏني ۽ اسڪندريه جي فلاسفرن ان کي يوناني فلسفي ۽ روايت جي سانچي ۾ وڌو. مسيحي عالمن مذهب جي تعمير خدا جي وحدانيت واري تصور مطابق ڪئي پر عوام ان کي گهڻن خدائن واري عوامي تصور جي تصديق سمجهيو. مريم وري وينس، افروڊٽي، اِستر، آسيس ۽ عظيم ماءُ واري تصورن جي جاءِ ورتي، مريخ ميخائيل ۽ مرڪري گيبرئيل ٿي ويا ۽ ان کانپوءِ عام فطرت پرستيءَ وارن ديوتائن جي جاءِ ولين ۽ رسولن ورتي هر قوم، هر شهر، هر وسندي جو هڪ رسول هو ۽ اهڙيءَ طرح گهڻن ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ واري انسان جي فطري لاڙي کي وحدانيت پرستيءَ ۾ جاءِ ملي.

ساڳئي نموني پراڻي زماني جا مذهبي ڏڻ به برقرار رکيا ويا ۽ نوان ڏڻ ق.م وارن مقدس ڏڻن تي مقرر ڪيا ويا. ايسٽر جي ڏڻ، يهودين جي پاس اووَر، بابل جي اشتر جي رسم ۽ يونان جي ايڊونس جي وري ڄمڻ واري ڏڻ جي جاءِ ورتي. ڪرسمس اصل ۾ مصرين جو سج جي ڄمڻ جو جشن هو. هو هڪ ٻار جو بت ٺاهيندا هئا جيڪو نئين ڄاول سج جي علامت هوندو هو. پوڄاري ان بت کي بازار ۾ گهمائي عقيدتمندن کي ديدار ڪرائيندا هئا. ائين پراڻين رسمن کي نئين گهرجن مطابق بڻايو ويو. مذهبي غسل (بپتسا) واري رسم ٻار جي بالغ ٿيڻ واري رسم هئي، ان جي اوائلي شڪل هي هئي ته ٻار کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيندا هئا ۽ پوءِ ان کي بچائڻ جو ناٽڪ ڪندا هئا جنهن جي معنيٰ هئي ته ٻار ٻيو جنم ورتو آهي.

ٿيوڊور: ڊائيونيسس جي مذهب ۾ نئين بالغ ٿيل کي ٻه دفعا ڄاول ٻار چوندا هئا.

فلپ: سرجيمز اسان کي ٻڌائي چڪو آهي ته خدائي دعوت ديوتائن کي کائڻ جي رسم هئي، مسيحن جون ڪي رسمون به يهودين جي رسمن جي بدليل صورت آهن، شروع ۾ گرجائون يهودين جي عبادتگاهن جهڙيون هونديون هيون. آهستي آهستي اهي پراڻيون رسمون نئين شڪل ۾ ڳتيل ٿينديون ويون ۽ عقيدا به وڌيڪ منجهيل ٿيندا ويا. پادرين جي طاقت وڌندي وئي، پنهنجي خاص علم جي ڪري هو گنهگار انسانن ۽ خدا جي وچ ۾ وسيلو بنجي ويا. هو ڪي رسمون پوريون ڪندا هئا ته خدا جي رضا حاصل ٿيندي هئي. ارڙهين صديءَ ۾ ماڻهن ۾ اهو شعور جاڳيو ته پادرين مذهب ٺاهيا آهن، والٽيئر سوال ڪيو ته اهو ڪير هو جنهن مذهب جو بنياد وڌو؟ ۽ پاڻ ئي جواب ڏنائين ته هو اهو بدمعاش هو جنهن جو پهرين احمق سان واسطو پيو. اصل حقيقت هيءَ آهي ته پادرين مذهب کي جنم نه ڏنو پر مذهب پادرين کي جنم ڏنو ۽ ماڻهن جي اميد پرستيءَ مذهب جي اوسر ڪئي ۽ هميشه ڪندي رهندي، پادرين گرجا جي اوسر ڪئي ۽ پاڻ کي هڪ مستقل نظام ۾ مضبوط ڪيو. ان لاءِ پئسا عوام ڏيندو هو ۽ انتظام پادري هلائيندا هئا هنن ڪانسٽيٽائن کي مسيحيت ۾ آندو، اميرن جا چندا قبول ڪيا ۽ گرجا جيڪا ڪڏهن غريب مهاڻن جي عبادتگاهه هئي سا سڀ کان امير ۽ سڀ کان سگهارو ادارو بڻجي وئي. مذهب جي اصلاح کان اڳ ڪليسا يورپ جي آباديءَ لائق زمين جي ٽي ڀاڱي هڪ حصي جي مالڪ هئي ۽ هن جو خزانو ڀريل هو. اهوئي سبب آهي جو پادري پنهنجي رهبر جي پيغام کان اڻڄاڻ ۽ هر قسم جي دنياداريءَ جو شڪار ٿي ويا. يورپ جو مسيحيت ڏانهن لاڙو ٿي چڪو هو. مسيحيت جي مشرقي مسلڪ، جنهن ۾ شدت جو عنصر شامل هو، ختم ٿيو ۽ فطرت پرستيءَ واري مسلڪ جي نرمي شامل ٿي، مذهب نادارن ۾ پئدا ٿيندو آهي ۽ اميرن ۾ مقبول ٿيڻ کانپوءِ مري ويندو آهي.

مذهب جي اصلاح واري تحريڪ مسيحيت جي اوائلي سادگي ۽ رهبانيت کي نئين سر جيئارڻ جي ڪوشش ڪئي. اها تحريڪ ڪامياب ٿي ۽ ان اُتساهيندڙ انفراديت جي رجحان کي عام ڪيو. ان کانسواءِ نفس کي ضابطي ۾ رکڻ ۽ شخصيت کي مضبوط بنائڻ جو اهڙو اخلاقي نظام جوڙيو جنهن جو مقابلو دنيا جو ڪوبه نظام ڪري نٿي سگهيو. جديد سياسي ۽ اقتصادي تاريخ جون سڀ عظيم شخصيتون پروٽيسٽنٽ آهن، پر هنن کي اها عظمت ماڻڻ لاءِ قدرن جي قرباني ڏيڻي پئي. پروٽيسٽنٽ تحريڪ هڪ مڪمل ڪليسا جي جاءِ هڪ مڪمل ڪتاب کي ڏني جيئن ته گرجا وچ ۾ نه هئي انڪري هر ماڻهوءَ کي اجازت ملي ته هو پنهنجي سمجهه آهر الهامي ڪتاب جي تشريح ڪري. نتيجو اهو نڪتو جو هرهڪ پروٽيسٽنٽ هڪ نئو فرقو ٺاهيو ۽ اهو مسلڪ هزارين حصن ۾ ورهائجي ويو. اوائلي مسيحيت کي نئين سر جيئارڻ جي ڪوشش سان هنن مسيحيت ۾ يهوديت جي روح کي بحال ڪري ڇڏيو ۽ اخلاقيات ۾ شدت پسنديءَ واري پارسائيءَ کي شامل ڪيو جنهن ٻن سو سالن تائين فن کي تباهه ڪيو. ڪيٿولڪ مذهب اسان کي حسن ڏنو پر اهو حق کان پري هو. پروٽيسٽنٽ مذهب اسان کي حق ڏنو جيڪو حسن کان خالي هو، منهنجي خيال ۾ ته فتح نيٺ حسن جي ٿيندي.

 

ڪيٿولڪ  ۽  پروٽيسٽنٽ  مسلڪ:

ميٿيو: ”حسن ۽ حق“، فلپ! تو ڪڏهن سوچيو آهي ته حق حسن کان وڌيڪ معروضي ناهي. خدا جي باري ۾ به ايتروئي اختلاف آهي جيترو……

اينڊريو: جيترو ديوين جي باري ۾.

ميٿيو: ائين ئي سمجهه، بي ايمان اينڊريو! تون مذهب کي محسوس ڪري نٿو سگهين ڇاڪاڻ جو تون حسن کي خواهش کان ڌار ڪري محسوس نٿو ڪرين يعني تون ان بيپناهه حسن کي محسوس نٿو ڪرين جيڪو زمين خزان جي مند ۾ ظاهر ڪندي آهي. يا وري سياري جي سڄري صبح جو هرهڪ وڻ کي برف جا زيور پاتل هوندا آهن ۽ گهرن جون ڇتيون برف جي اڇاڻ سان جرڪنديون آهن، ان حسن جي آڏو حق ڦڪو لڳندو آهي. پر اي شڪي سڀاءَ وارا انسان! تون ڪيئن ٿو چئي سگهين ته تو حسن کي حاصل ڪيو آهي. تنهنجي سائنس روز ٿي پاڻ مٽائي. پنجاهه سال اڳ سائنس مادي بابت جيڪو ڄاتو ٿي اڄ ان کان گهڻو گهٽ ٿي ڄاڻي. تنهنجو حياتيات وارو علم هر ٽيهن ورهين کان پوءِ هڪ يقين کي رد ڪري ٻيو يقين اختيار ٿو ڪري. هڪ نسل ماحول کي سڀ ڪجهه ٿو سمجهي. ٻيو نسل ورثي کي ٿو سمجهي، ٽيون نسل وري ڪن ٻين نتيجن تي ٿو پهچي. هڪ نسل ۾ باندر اسان جو ڏاڏو آهي، ٻئي نسل ۾ سوٽ آهي ته ٽين نسل ۾ اسان جو ڪجهه نه لڳي، ائين سائنسي نظريا ۽ تصور بدلجندا رهن ٿا. منهنجي نفسيات ته اڃا اهو به سمجهي نه سگهي آهي ته شعور جو وجود آهي حساب جو علم پڪ سان ٻڌائي نٿو سگهي ته ٻن ٻڙين جي وچ ۾ سڌي ليڪ جو فاصلو سڀ کان گهٽ فاصلو آهي. ۽ تنهنجي مرضي آهي ته انهن فاني حقيقتن تي مان ان حسن کي قربان ڪيان جيڪو مسيحيت مون کي ڏنو آهي. ڇا تون اها ڳالهه نٿو سمجهين ته اسان پاڻ کي نهايت اهم سمجهڻ وارا ذرڙا آهيون ۽ سمجهون ٿا ته اسان زندگيءَ جي هڪ رُخ يعني انساني عقل جي ذريعي ساري ڪائنات کي سمجهي سگهون ٿا. اوهان جو عقل حواسن ۽ منطق تي ڀاڙڻ کانسواءِ ٻيو ڇا آهي. اهي حواس جيڪي شين جي حقيقت کي مسخ ڪندا آهن ۽ اهو منطق جيڪو هر تعصب کي نئين شڪل ڏيئي سگهندو آهي.

منهنجي خيال ۾ ته دنيا جي نطرين مان ڪنهن هڪ سچي نظريي جي چونڊ ڪرڻ ڏکيو آهي. انڪري مان ان نظريي مان خوش آهيان جيڪو مون کي حسن جي ساڃهه ٿو ڏي ۽ دل ۾ اميد ٿو پئدا ڪري. جڏهن سڀ عقلي نظريا اهميت وڃائي ويهندا تڏهن عقيدو انسانن جي دلين ۾ اتساهه پئدا ڪندو. شايد اوهان جا پوٽا ۽ ڏوهٽا اوهان جي ان شڪ واري نظريي کان جيڪو اوهان هنن کي ورثي ۾ ڏيئي ويندا، بيزار ٿي عقيدي ڏانهن لاڙو ڪن. اولهه جي دنيا ڏينهون ڏينهن مذهب جي اصلاح واري غلطيءَ مان نڪرندي پئي وڃي. ڪيترا پروٽيسٽنٽ فرقا هڪ ٻئي جي جهيڙن کان بيزار ٿي وري پراڻي عقيدي ڏانهن موٽندا ۽ باقي بچيل فرقا جدت پرستي ۽ ڄم روڪ سان ختم ٿي ويندا. فرديت جي اُڏوهي انهن گرجائن کي کائيندي ٿي وڃي جن رومي ڪليسا جي خلاف بغاوت ڪئي. جڏهن هرهڪ ماڻهو پاڻ کي فلسفي ۽ دينيات جو ماهر سمجهڻ شروع ڪري ته پوءِ مذهب ۾ به جمهوريت وانگر وڳوڙ ۽ انتشار پئدا ٿي ويندو آهي. جڏهن فرد ڪٽنب جي ۽ لذت پرستي شاديءَ جي جاءِ والاري ته پوءِ نسل جو زوال ٿيندو آهي. خدا جو شڪر آهي جو ڪيٿولڪ فرقي جا مرد ۽ زالون آخر تائين هڪ ٻئي سان وفادار ٿا رهن ۽ ٻارن جي فطري اوسر ٿي ٿئي ۽ هو پنهنجي مرضيءَ واري راند روند سان گهر کي رونق ٿا بخشن.

پال: ميٿيو! تون سچ ٿو چئين ته اسان پروٽيسٽنٽ فرقي پرستي ۽ ڄم روڪ سان پاڻ کي ختم پيا ڪيون. آمريڪا ۾ پنجن مسيحن مان ٻن جو واسطو گرجا سان آهي جيڪڏهن اهو لاڙو رهيو ته 2000 عيسوي تائين هي سمورو ملڪ اوهان جو ٿي ويندو. شايد ته اها سٺي تبديلي هوندي. مان مڃان ٿو ته اوهان جو فرقو خوشي ڏيڻ وارو ۽ حسين آهي. مان اهو به مڃان ٿو ته اوهان جو پيغام وارو نظريو عقل تي ٻڌل آهي. گرجا جي نظام ۾ عظمت آهي، پادرين ۾ سخاوت ۽ شرافت آهي، راهبائن ۾ وڏي درويشاڻي صفت آهي، شايد زندگي پنهنجن مايوسين ۽ سورن جي ڪري ان شاعريءَ کانسواءِ ناقابلِ برداشت ٿي وڃي جيڪا پراڻو ايمان اسان جي بي مزي زندگي ۾ پيدا ڪندو ٿو رهي. پر سچ پڇين ته مون کي تنهنجي فرقي کان ڊپ ٿيندو آهي. مان وساري نٿو سگهان ته ڪنهن زماني ۾ توهان جي گرجا ظلم ۽ تشدد جي حمايت ڪئي هئي. ڪوپرينيڪس کي جلاوطن ڪيو هو. گيليلو کي زوريءَ ماٺ ڪرايو هو ۽ برونو کي جيئري باهه ۾ ساڙايو هو. گرجا علم جي ترقي ۽ انساني ذهن جي آزاديءَ جي واٽ ۾ وقت بوقت رنڊڪون وجهندي رهي هئي، مون کي اهو سوچي ڏک ٿيندو آهي ته جيستائين ڄم جي انگ ۾ ڪا وڏي تبديلي نٿي اچي تيستائين ته ائين ٿو لڳي ته هن صديءَ ۾ ئي اوهان جو فرقو آمريڪا تي ڇانئجي ويندو آمريڪا ۾ اهو فرقو اڳ ۾ ئي هڪ منظم اقليت آهي، بوسٽن ۽ فلاڊيلئا اسان جي فرقي جا گهر هئا هاڻي ڪيٿولڪ فرقي جا شهر آهن. نيويارڪ ڊچ ۽ انگريز پروٽيسٽن جو گهر هو هاڻي ڪيٿولڪن جو شهر آهي.

ميٿيو: تنهنجي مرضي آهي ته اسان جو وارو نه اچي؟ اوهان جي جاهلن هٿان ظلم سهڻ کان پوءِ اسان کي به عزت آبرو سان جيئڻ جو حق آهي يا نه؟ اها ڳالهه به صحيح نه آهي ته گرجا هميشه علم جي ترقيءَ جي مخالفت ڪئي آهي. پنهنجي مقبوليت جي زماني ۾ انهن غلط تصورن جي مخالفت ڪئي جيڪي پنهنجي دور جا فيشن هئا ۽ ڪوشش ڪئي ته پنهنجن ڪارڪنن کي انهن علمي مونجهارن ۾ ڦاسڻ کان بچائي. اهو صحيح آهي ته ڪڏهن ڪڏهن گرجا پراڻي دور جي غلط ڳالهه جي حمايت ڪئي آهي پر اوهان انسان مان نيٺ ڪهڙي توقع ٿا ڪري سگهو، ڇا اوهان جي ان سياسي جماعت ڪڏهن ڪا غلطي نه ڪئي جنهن جي اوهان گذريل چونڊن ۾ حمايت ڪئي هئي. هيءَ حقيقت آهي ته گذريل ٻن هزار سالن ۾ گرجا هڪ عظيم اخلاقي، فني ۽ ذهني قوت جي حيثيت ۾ تاريخ تي اثرانداز ٿيندي رهي آهي.”اسپين جي عدالت جي جاچ“ مذهب جي اصلاح واري تحريڪ جو نتيجو هئي. اها رڳو ڊپ ۽ هراس جي وقتي علامت هئي. ڪير هو جنهن آمريڪا ۾ سڀ کان پهرين عبادت جي آزاديءَ جي روايت وڌي، نيوانگلينڊ جي انهن مهاجرن نه وڌي جن Quakers کي گرم سيخن جا ڏنڀ ڏيئي کين سڌارڻ ٿي گهريو. اهي ميري لينڊ جا ڪيٿولڪ هئا. اسان مان جهالت جي حمايت ڪرڻ ۽ سائنس جي دشمنيءَ جو ڏوهاري ڪير آهي؟ ڪيٿولڪ فرقو آهي. ان فرقي کي آسٽريا، بيويريا ۽ فرانس ۾ وڏي مقبوليت جي عروج واري زماني ۾ به ان فرقي ڪڏهن سوچ جي آزادي ۽ علم جي ترقيءَ جي مخالفت نه ڪئي. جڏهن ته آمريڪا جي بنياد پرست پروٽيسٽنٽ جن ٻهراڙيءَ جي اسپيمبلين يا سادن هارين کي اختيار ڏنو آهي ته هو جديد حياتيات لاءِ فيصلو ڪن ته ان سائنس جو ڇا سچ آهي. ۽ ڇا ڪوڙ آهي؟ ڇا اهي ڪڏهن غلطي نه ڪرڻ واريون اسيمبليون ۽ هاري، غلطيون ڪرڻ واري گرجا کان بهتر آهن.

پال: ميٿيو، تو هنڌائتو ڌڪ هنيو آهي. مان هنن جي حمايت ۾ ڪجهه نه چوندس. هو جهالت جي آخري مورچي ۾ ويٺا آهن، اسان جا اسڪول ۽ يونيورسٽيون هنن جي اثر کان آجا ٿي ويندا. منهنجو پروٽيسٽنٽ عقيدو ان وهم پرستيءَ کان بچاءُ جي پناهه گاهه آهي. اسان جيڪڏهن انهن ماڻهن جي اڳيان آمريت جو اعلان ڪنداسين جن جي ڊنل ۽ هراسيل زندگين ۾ خدا هڪ وڏي حقيقت آهي ۽ موت کان پوءِ وري غيرفاني حياتيءَ جو تصور وڏو آٿت آهي ته پوءِ اسان هنن ۾ اڳرائيءَ واري اڻ سهپ ۽ پنهنجي دلي سڪون جي بچاءَ خاطر کين تشدد تي لهي اچڻ لاءِ مجبور ڪنداسين. هڪ ٻئي کان ڊپ ۽ نفرت جي اهڙي ماحول ۾ منهنجو جديد عقيدو اسري نٿو سگهي. خطري ۾ عقل وسري ويندو آهي. پر فتح نيٺ اسان جي ٿيندي، وچولو طبقو وڌندو، تعليم وڌندي ته اسان جي عقيدي کي هٿي ملندي ۽ شايد ڪيٿولڪ مسلڪ جي فتح سڀني آزاد خيال ماڻهن کي هڪ اهڙي سهپ واري مسيحيت ۾ متحد ڪندي جيڪا پنهنجن پوئلڳن کان خدائي ايمان ۽ مسيحي اخلاق تي عمل ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه طلبيندي.

ڪليرنس: پال، تو وارو فرقو ختم ٿيندو پيو وڃي، هن جي زوال کي ڏس. اهو هزار فرقن ۾ ورهائجي چڪو آهي ۽ هر فرقو پنهنجي عقيدي کي آخري سچ ٿو مڃي ۽ ٻين نو هزار نو سو نوانوي فرقن سان نفرت ٿو ڪري.

پال: هاڻي گهڻي ٿي، ڪليرنس مڃان ٿو ته پروٽيسٽنٽ فرقو ورهائي ٿو، ڳنڍي نٿو. اسان جو طريقو اهو آهي ته فرد کي ڇڏي ڏيندا آهيون ته هو پنهنجي ضمير مطابق جيڪي ٿيڻ چاهي ٿئي، هي فرقو ان سخت نظام کان بهرحال بهتر آهي جيڪو انفراديت ۽ اختلاف راءِ کي چيڀاٽي ٿو ڇڏي.

ميٿيو: مرڪزي نظام جو متبادل انتشار آهي.

ڪليرنس: پروٽيسٽنٽ فرقو مرڪزيت نه هجڻ جي ڪري تباهه ٿي ويندو. هي فرقو رومانيت ۽ علم جو امتزاج آهي. والٽيئر جيڪا عوام لاءِ ڳالهه ڪئي هئي سا مذهب سان به لاڳو ٿئي ٿي ته مذهب جڏهن دليل ڏيڻ شروع ٿو ڪري تڏهن ختم ٿو ٿي وڃي، پروٽيسٽنٽ فرقي جو، مذهب جي اصلاح واري دور کان زوال شروع ٿيو. پال چيو هو ته علم مذهب جو مددگار آهي جڏهن ته علم جو واڌارو مذهب جو دشمن آهي. سائنس جي ترقيءَ سان ڪيٿولڪ مسلڪ تي ڪو اثر نٿو پوي. ڇاڪاڻ ته ڪيٿولڪ مسلڪ دليلن تي نٿو ڀاڙي. هو عمل جي بدران دل ۽ نظر ۾ تحرڪ پئدا ٿو ڪري ۽ جڏهن دل ۽ نظر مطمئن ٿينديون آهن ته ذهن کي سڪون ملي ويندو آهي اهوئي ڪيٿولڪ فرقي جي ڪاميابيءَ جو راز آهي. پر پروٽيسٽنٽ فرقو دل ۽ نظر کي نه، عقل کي تحرڪ ڏيندو آهي. ان جي وڏي غلطي اها آهي ته هن دليلن کي مذهب جو بنياد بڻايو هن جي گرجائن جو انگ گهٽبو ويندو ۽ ڪيٿولڪ فرقو صدين تائين مضبوط رهندو، پروٽيسٽنٽ فرقو ذهن ۽ تخيل جي ڇڪتاڻ ۾ چيڀاٽجي ويندو، آمريڪا ۾ ان جو آئيندو فرانس جهڙو ٿيندو. حد کان وڌيڪ شڪ جي شڪار اقليت ۽ حد کان وڌيڪ پارسا اڪثريت ۽ آزاد خيال ماڻهو وهمن جي ٻرندڙ جبل تي ويٺل هوندا ۽ نه رڳو ڪيٿولڪ مسلڪ ماڻهن کي مسحور ڪندو پر جيڪڏهن معاشي چٽاڀيٽي يا جنگ جي خوفناڪ نتيجن جي ڪري پراڻيون ديومالائون وري ماڻهن جي ذهنن ۾ جنم وٺنديون. سڀني ملڪن جا هاري ناري اڄ به پراڻين ڏندڪٿائن ۾ ويساهه ٿا رکن. ماڻهن جو اڃاتائين هر هنڌ روحن ۽ فطرت کان مٿاهين هستين ۾ ويساهه آهي، اليگزينڊر برڪ مين چيو آهي ته  هن سينٽ پيٽرسبرگ…

اينڊريو: پيٽروگارڊ.

ايسٽر: لينن گراڊ.

ڪليرنس: ان جي ڀت تي لکيل هو ته ماڻهوءَ لاءِ مذهب آفيم آهي جڏهن ته ڀر واري گرجا ۾ ماڻهن عبادت ٿي ڪئي ۽ گرجا ماڻهن سان ڀريل هئي. ڀت تي اها ڳالهه لکڻ واري وساري ڇڏيو ته اهو آفيم مشرق توڙي مغرب ٻنهي هنڌن تي ماڻهن کي ڏاڍو ٿو وڻي. اسان مشرق وارن کان ڪو گهڻو سٺا ڪونه آهيون. ڪن ٿورن ماڻهن ۾ روشن خيالي ٿي پئدا ٿئي پر ٻئي طرف وري پراڻي مذهب جي غيرآباد ۽ بُرٺ زمين مان هزارين نون فرقن جا نوان سلا ٿا اُسرن. هي مناسب وقت آهي ته نئون مذهب ترتيب ڏنو وڃي، مسيحي سائنس ماڻهن ۾ مشهور پئي ٿئي ڇاڪاڻ جو ماڻهو مسيحيت توڙي سائنس کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ٿياسافي ناڪام ڪلارڪن ۽ دڪاندارن کي هندو فقير پئي ٺاهي، هڪ تازي اخبار ۾ هڪ سو ٽيونجاه مذهبي اعلان ڇپيل هئا. انهن مان ٽيونجاهه اعلان باطني فرقي وارن جا هئا، هڪڙي ماڻهوءَ اعلان ڪيو هو ته هو ان موضوع تي تقرير ڪندو ته ڇا شيطان جي ڪا شخصيت آهي، ڇا هو هزار سالن تائين هڪ بنان تري واري کڏ ۾ قيد رهندو. هڪ گائٽي ٿيٽر ۾ آزاديءَ سان پڇيل سوالن جا جواب ڏنا ويا. هڪ پراڻي ڏندڪٿا آهي ته جڏهن ديوتا دئيتن جي هٿان تباهه ٿي ويا ته پوءِ هڪ نئين ڪائنات وجود ۾ آئي ۽ ديوتا وري زندهه ٿي پيا. اهائي دنيا جي تاريخ آهي، ديوتا هميشه موٽي ايندا آهن ۽ هميشه مشرق مان ايندا آهن اوڀر مان نون نون متن جي اُٿل پئي ٿئي، جيئن حضرت عيسيٰ ؑ کان ٽي سؤ سال اڳ روم ۽ يونان تي ٿي هئي، يا جيئن آفريقا ۽ اسپين تي مسلمانن جي ٿي هئي. ماڻهن کي سدائين اهڙي مذهب جي ضرورت رهندي جنهن ۾ فطرت کان مٿاهان تصور هجن ۽ جيڪو روحانيت سان سينگاريل هجي. ماڻهن کي سائنس نه گهرجي ڇاڪاڻ جو سائنس اهو به ٿي ٻڌائي ته زندگي زندگيءَ کي کائي ٿي ۽ اهو ته زندگي موت جو شڪار ٿيندي، ماڻهو تيستائين سائنس کي قبول نه ڪندا جيستائين دنيا جنت نه ٿي بنجي. جيستائين مفلسي آهي تستائين ديوتا هوندا.

 

ڪتاب گهر ۾:

خدا ۽ بقا

ايريئل: اسان هن ڪتاب گهر جي ماٺيڻي ماحول ۾ آرام سان ڳالهيون ڪري سگهنداسين ۽ جيڪڏهن اسان مان ڪو بحث مان بيزار ٿيو ته ڪتابن سان پاڻ وندرائي سگهندو. مون کي اميد آهي ته اوهان جيستائين مون کي روح جي بقا ۽ خدا جي هستيءَ جي باري ۾ ڪجهه نه ٻڌائيندا، هتان نه ويندا.

پال: ڪليئرنس لاءِ روح لافاني نه آهي ۽ هن جي خيال ۾ اسين سڀ ڪتن وانگر مري وينداسين.

ڪليئرنس: سچ ٿو چئين ڳالهه سڌي آهي ته جيڪڏهن مان لافاني آهيان ته منهنجو ڪتو به مون وانگر لافاني هئڻ گهرجي. مان يهوداه وانگر پنهنجي ڪتي سان خراب هلندو آهيان، مان وڏو خودغرض آهيان. هن کي جيڪو کاڌو کارائيندو آهيان اهو پاڻ کائڻ پسند نه ڪندو آهيان. جڏهن به منهنجي دل چوي تڏهن مان هن کي ڇڏي سگهان ٿو پر هو مون کي نٿو ڇڏي. اسان ٻنهي مان چڱو مسيحي، هُو آهي.

سرجيمز: پال! تنهنجو روح انهن روحن مان پئدا ٿيو جيڪي اوائلي ماڻهن کي خوابن ۾ نظر ايندا هئا. اوائلي ماڻهن جڏهن خوابن ۾ مئل ماڻهن جي روحن کي سندن جسمن کان ڌار ڏٺو ته سمجهيائون ته هنن جي اندر ۾ به اهڙوئي روح آهي جيڪو هنن جي جسمن کان ڌار ٿي سگهي ٿو. انگريزي جي اکر Sprite جي هڪ معني ڀوت Ghost به آهي جرمن ٻوليءَ جي لفظ Geist جي معنيٰ روح ۽ ڀوت ٻئي آهن. باسوُٽو قبيلي جا ماڻهو ڪنهن واهه جي ڪَڙَ سان نه لنگهندا آهن ته ڪٿي مانگر مڇ پاڻيءَ ۾ پوندڙ سندن پاڇولي کي کائي نه ڇڏي. اوائلي ماڻهوءَ خواب ۾ پنهنجو پاڻ کي شڪار ڪندي گهمندي ڦرندي، ڊوڙندي ڀڄندي ڏٺو ۽ جڏهن جاڳيو ته ڏٺائين ته بستري تي سُتل آهي ۽ پنهنجيءَ جاءِ تان چريو به نه آهي ته سمجهيائين ته هن ۾ روح آهي. ساڳيءَ طرح مستي ۽ بيهوشيءَ جي حالت هن لاءِ روح جو جسم کان وقتي طور آزاد ٿيڻ جي علامت هو. اوڀر آفريقا جا شيدي اڄ به سمجهندا آهن ته مٿي جي سور جو سبب اهو هوندو آهي ته ماڻهوءَ جو روح وڃائجي ويندو آهي. حڪيمن کي موڪليندا آهن ته جهنگن مان هن جي روح کي ڳولهي اچن. حڪيم هن جي روح کي دٻي ۾ بند ڪري آڻيندو آهي. دٻي کي مريض جي ڪَن وٽ کوليندو آهي. ۽ مريض جو سور ختم ٿي ويندو آهي.

ڪليئرنس: اناطول فرانس جي هڪ ڪهاڻيءَ ۾ يولينيا چئي ٿو: ”روح هوا جو جهوٽو آهي. مون کي جڏهن اندازو ٿيو ته مان مرڻ وارو آهيان تڏهن مون پنهنجو نڪ بند ڪري ڇڏيو ته جيئن روح نڪري نه سگهي پر مون نڪ چڱيءَ طرح بند نه ڪيو انڪري مري ويس.“

سرجيمز: سيليس ۾ ماڻهو مريض جي نَڪَ، چيلهه ۽ پيرن ۾ مڇي جهلڻ واريون ڪُنڍيون هڻندا هئا ته جيئن هن جو روح جسم مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ڦاسي پوي. ڇِڪُ ڏيڻ کي خطرناڪ سمجهندا آهن، هنن جي خيال ۾ زور سان ڇڪ ڏيڻ سان روح نڪري ويندو، انڪري جڏهن ڪو ماڻهو هنن جي اڳيان ڇِڪُ ڏيندو آهي ته هو سندس لاءِ رحم جي دعا گهرندا آهن. هندن جي اڳيان ڪو اوٻاسي ڏي ته هو سندس وات جي اڳيان چپٽي وڄائيندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته ائين ڪرڻ سان روح ٻاهر نه نڪرندو. ڪيترا اوائلي ماڻهو فوٽو نه ڪڍرائيندا آهن ته متان سندن روح نڪري فوٽوءَ ۾ نه اچي وڃي جي ائين ٿيو ته فوٽو گرافر هنن کي ماري سگهي ٿو.

ايسٽر: ويجهڙائيءَ ۾ هتي نيويارڪ ۾ ”ڊائي بڪ“ جي نالي سان ڊرامو اسٽيج ٿيو، ان ڊرامي ۾ روح جي الڳ وجود جي باري ۾ مطالعو پيش ڪيو ويو هو.

سرجيمز: روح جي غير فاني هجڻ وارو نظريو ان تصور مان اُڀريو. ”ٽسڪارورا“ جي ريڊ انڊين جو چوڻ آهي ته مرڻ کان پوءِ سڀني نيڪ ريڊ انڊين (معنيٰ ته مرڻ مهل سڀ ريڊ انڊين نيڪ نه هوندا آهن). جا روح ستارن کان گهڻو اڳتي واري روحاني دنيا ۾ ويندا آهن جتي کين اهڙيون سهڻيون عورتون ملنديون آهن جيڪي نه پوڙهيون ٿينديون آهن ۽ نه ئي ٿلهيون ٿينديون آهن، وڏن شڪار گاهن ۾ اڻ ڳڻيا هرڻ آهن جيڪي شڪار ڪرڻ سان کٽندا نه آهن، گناهگار ريڊ انڊين جا روح وري اُتي موڪليا ويندا آهن جتي کاڌ خوراڪ جي وڏي اڻاٺ آهي ۽ کائڻ لاءِ نانگ ملندا آهن، مصرين لاءِ روح جو تصور جسم کان وڌيڪ هو، هو جيئري ماڻهوءَ لاءِ ته جهڳيون اڏيندا آهن پر مرڻ کان پوءِ روحن لاءِ شاندار گهر ٺاهيندا هئا. هندن جو آواگون جو نظريو به روح جي غيرفاني هجڻ واري تصور جو اظهار آهي. اٽليءَ ۾ پيٿاگورس اسان کي ائين چوندو ٿو نظر اچي ته هن ڪتي کي نه ماريو، هن جي آواز ۾ مون کي منهنجي دوست جو آواز ٿو ٻڌڻ ۾ اچي.“

اسان جي دور ۾ نٽشي جو لڳاتار وجود ۾ ايندو رهڻ وارو نظريو آواگون جي ئي بدليل صورت آهي. جهنم جو تصور سڀني قومن ۾ ملي ٿو پر اهو تصور جدا جدا قومن ۾ جدا جدا انداز جي تڪليفن سهڻ جي ڪري بدلجندو رهيو آهي. هنن جي اها دلي خواهش هوندي آهي ته هنن جيڪي تڪليفون سٺيون آهن اهي سندن دشمن به سهن. اسان کي جهنم جو تصور يهودين وٽان مليو آهي جيڪي ريگستان جي جلائيندڙ اُس جا سڙيل هئا. هنن جي ڀيٽ ۾ اسڪيمو ائين سمجهندا آهن ته جهنم اهڙي جاءِ آهي جنهن ۾ سدائين ٿڌ رهندي.

پال: لڳي ٿو ته روح جي غيرفاني هجڻ واري تصور کي پراڻو ثابت ڪري اوهان ان کي رد ڪرڻ ٿا گهرو، پر مان ان تصور کي ان ڪري ٿو مڃان جو ان کي اوائلي دور جي انسان مڃيو، مان پنهنجي اندر ۾ نهاريان ٿو ته ڪنهن اهڙي شيءِ کي موجود ٿو محسوس ڪيان جنهن جي عام دنياوي ٻوليءَ ۾ وضاحت ڪري نٿي سگهجي. منهنجي جسم جي موت سان منهنجو حقيقي پاڻ آزاد ٿي ويندو.

ولئم: پال! روح جيڪڏهن غير مادي نه به آهي ته به وقت جي قيد کان آزاد نه آهي. ذهن جسم سان ڳنڍيل آهي. ٻئي گڏ وڌندا رهن ٿا. ٻنهي تي اثر ٿيندو رهي ٿو ۽ ٻئي مرن ٿا. وليئم جيمز چيو هو ته دماغ رڳو ڪنهن به ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيندو آهي. پر هن جي اها ڳالهه هڪ يانڪيءَ جي ڪنهن مسئلي کي ٽارڻ جي ڪوشش آهي. جيڪو ماڻهو فرانس جي وضاحت سان چٽي ڳالهه ڪرڻ واري روايت ۾ سکيا ورتل هوندو اهو اهڙي اڻ چٽي ڳالهه نه ڪندو. غدودن جو علم جيڪو اڄڪلهه عام ماڻهن جي هٿن ۾ اچي ويو آهي پر تنهن هوندي به ان تي ڀاڙي سگهجي ٿو تنهن ٻڌايو آهي ته جسم جو ذهن سان تعلق رڳو اجازت وارو نه آهي پر ذهن جسم کي هلائي چلائي ٿو. ٿائراڊ غدود مان نڪرندڙ رس سڀني اجاين انومانن ۽ بيوقوفين کي ختم ڪريو ڇڏيو.

منهنجو ”مان“ منهنجي خانداني لاڙن ۽ منهنجن عادتن ۽ يادگيرين تي ٻڌل آهي جيڪي منهنجي اعصابي سرشتي سان ڳنڍيل آهن. مان ائين نٿو چوان ته ذهن جسم آهي پر چوان ٿو ته ذهن اعصابي سرشتي سان ڳنڍيل آهي. ان جو محتاج آهي انڪري ان کان پوءِ زندهه رهي نٿو سگهي. منهنجي يادگيري ڪنهن اثر يا ڪن ڪيميائي مرڪبات جي ڪري وقتي طور يا هميشه لاءِ ختم ٿي سگهي ٿي. پوڙهائپ ۾ يادگيريءَ وارا ڪجهه حصا ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ ماڻهوءَ جي شخصيت محدود ٿي ويندي آهي. منهنجا اعصاب جڏهن قبر ۾ ڳري ويندا، منهنجي ٻين کان الڳ انا به ختم ٿي ويندي انڪري جو منهنجي انا منهنجي ورثي ۽ منهنجي تجربن جو ميلاپ آهي ۽ اهي ٻئي منهنجي ماس سان لاڳاپيل آهن. منهنجي شخصيت جو سدائين هڪ جهڙو رهڻ جيڪو روح جي بقا لاءِ ضروري آهي، شڪ واري ڳالهه آهي. منهنجي شخصيت بدلجندي رهندي آهي ۽ ڏهن سالن ۾ مان هڪ جدا شخصيت وارو ٿي ويندو آهيان. منهنجي هاڻوڪي شخصيت ۽ منهنجي ڏهن سالن واري ٻار واري شخصيت ۾ وڏو فرق آهي. سوال آهي ته انهن وقتي شخصيتن مان ڪهڙو مان آهيان. ان کانسواءِ هڪ جسم ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ شخصيتون به ٿي سگهن ٿيون. انا رڳو تجربن جو مجموعو آهي ۽ ائين به ٿي سگهي ٿو ته تجربن جو اهو مجموعو ڪنهن مرض يا صدمي جي ڪري ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي، جيڪل ۽ هائيڊ مان ڪير غيرفاني هو، پر جيڪڏهن مڃون به کڻي ته روح جسم کانسواءِ زندهه رهندو ته ان جو ڪهڙو فائدو. ڇا اوهان جسم کانسواءِ ڪنهن به وجود جو تصور ڪري سگهو ٿا ۽ ڇا اهڙي وجود جي تصور سان سڪون ملي سگهندو. ڇا اوهان جسم کانسواءِ ڪابه لذت يا محبت جي آنڌمانڌ کي محسوس ڪري سگهو ٿا؟

ميٿيو: پال! جيڪڏهن اوهان روح جي بقا تي ايمان ٿا آڻيو ته پوءِ منطقيءَ طور اوهان کي جسم جي وري جيئري ٿيڻ تي به ايمان آڻڻو پوندو.

پال: اها ڳالهه مڃڻ ڏکي آهي ته جڏهن جسم کي ڪيئان کائي چڪا هوندا ۽ هڏن ۽ وارن کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه بچندو تڏهن جسم جا ڪروڙين حصا گڏ ٿيندا ۽ جسم جيئرو ٿي پوندو. جيڪڏهن اسان جسم کانسواءِ روح جو تصور ڪري نٿا سگهون ته پوءِ پڪ سمجهو ته روح جي بقا وارو تصور غلط نه آهي پر اسان جي سمجهه ۾ ڦير آهي. طبعيات ۾ سوين اهڙيون شيون آهن جيئن بجلي ۽ جن جو تصور ڪري نٿو سگهجي. روحاني تحقيق ثابت ڪيو آهي ته روح جسم کانسواءِ به باقي رهي ٿو ۽ ان لاءِ ڪيتريون ئي پڪيون شهادتون موجود آهن. ڪيترن اعتبار وارن ماڻهن ان تي اهڙي ته ايمانداريءَ واري تحقيق ڪئي آهي جو Hyslop, Lombroso, Alfred Russel wallace جهڙا ماڻهو جيڪي اڳ ڪونه مڃيندا هئا. هاڻي مڃن ٿا، ايستائين جو Scientific Amrican جي ايڊيٽرن به مڃيو آهي ته Margery Crandon اهڙي روحاني حالت پئدا ڪئي جو پنهنجي گهڻو اڳ مري ويل ڀاءُ سان تعلق پئدا ڪري سگهيو.

        وليئم: ”سائينٽيفڪ آمريڪن“ مسز ڪرينڊن جو جيڪو امتحان ورتو ان جا جدا جدا نتيجا سامهون آيا، برڊ ۽ ڪيرنگٽن هن جي حق ۾ بيوڊني ۽ ميگڊوگل هن جي خلاف رايا ڏنا. هارورڊ جي پروفيسرن جي پوءِ واري امتحان جا نتيجا هن جي خلاف هئا. بيوڊني دعويٰ ڪئي ته هو هٿ جي صفائي ڏيکاري اهي سمورا روحاني معجزا ڏيکاري سگهي ٿو. هن جدا جدا شهرن جا دورا ڪيا ۽ اسٽيج تي بيهي سوين معمولن جا نالا ۽ ايڊريسون ٻڌائيندي چيو ته هنن جيڪي روحاني معجزا ڏيکاريا هئا اهي هنن جي هٿ جي صفائي ۽ دوکيبازي هئا هن ائين به چيو ته جيڪڏهن مان هنن جي باري ۾ ڪوڙ ٿو چوان ته مون تي بيعزتيءَ جو ڪيس ڪري سگهن ٿا، هن روحن سان رابطو ڪري ڏيکارڻ لاءِ ڏهه هزار ڊالر به آڇيا پر ڪوبه سامهون نه آيو؟ ڪنهن به پنهنجي بچاءَ ۾ ڪا ثابتي پيش نه ڪئي. مسز پائيپر دعويٰ ڪئي ته هوءَ فوت ٿي ويل ڊاڪٽر فنيوٽ سان ڳالهائي سگهي ٿي. ولئم جيمز، سر آلورلاج ۽ مسز سجوڪ جيڪي روحاني تحقيق جا حامي هئا تن مسز پائيپر جو امتحان ورتو ۽ هن جي خلاف رپورٽ ڏني. اوهان ڊنگلس هوم جي ڳالهه ٻڌي آهي. براؤننگ هن کي جهڙوڪر وقتي غيرفاني بڻائي ڇڏيو. يوسيپيا بالاڊينو يورپ جو دورو ڪيو ۽ روحاني طاقت جي دعويٰ ڪئي. پيرس جي نفسياتي اداري برگسان، موسيلو ۽ مادام ڪيوري ۽ ٻين کي هن جو امتحان وٺڻ لاءِ مقرر ڪيو. امتحان وٺندي هنن ڏٺو ته جنهن وقت روشني ميز تي ٿي پئي ته ميز هوا ۾ مٿي ٿِي ٿي وئي ۽ ميز کي ڪا ٽيڪ به ڏسڻ ۾ نٿي آئي. هنن کي ان عمل ۾ ڪو فريب نظر نه آيو پر هنن چيو ته اهڙو عمل ڪو جادوگر به ڪري سگهي ٿو. 1909ع ۾ مادام بالاڊينو آمريڪا آئي ۽ هارورڊ ۾ مسٽر برگ هن کان امتحان ورتو. مادام جڏهن ميز کڻڻ لاءِ پير لوڏيا ته هڪڙي شاگرد هن جا پير جهلي ورتا ۽ خبر پئي ته شاگرد استادن کان وڌيڪ هوشيار ٿا ٿين، ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر لارڊ هن جوامتحان ورتو ۽ شاگردن هن جي چالاڪي جهلي ورتي. هو پاڻ سان ڪيميرا کڻي آيا هئا جنهن جي مادام کي خبر نه هئي ۽ تصوير ۾ نظر اچي ويو ته هوءَ هٿن سان ميز ٿي کڻي ۽ هوءَ مايوس ٿي اٽليءَ موٽي وئي.

پال: ان معاملي ۾ بيشڪ ته هزارين فريب ڏنا ويا آهن پر جيڪڏهن سَوَن يا لکن ڪوڙن معمولن مان ڪو هڪ به سچو آهي ۽ هن واقعي مري ويل ماڻهن سان ڳالهايو آهي ته پوءِ انهن فريبن جي ڪا اهميت ڪانهي ۽ روح جي بقا حقيقت آهي. اوهان ڪڏهن به سر اولوَر لاج کي ڪوڙو نه چوندا. اوهان روح جي بقا جي موضوع تي لکيل ڪتاب پڙهو ان جي ثابتيءَ لاءِ جيڪي واقعا گڏ ڪيا ويا آهن اهي ڏاڍا حيران ڪندڙ آهن ۽ جي پوءِ به اوهان ان کي نٿا مڃو ته پوءِ اوهان ڊارون جي مخالفن وانگر رجعت پرست آهيو. منهنجي خيال ۾ ته سائنس کي اوهان ۾ اهو احساس پئدا ڪرڻ گهرجي ته هن معجزاتي ڪائنات ۾ سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو. ياد رکو ته ذهن جي باري ۾ اسان جو علم اڃا شروعاتي آهي.

اينڊريو: پوءِ به اسان ذهن جي باري ۾ گهڻو ڪي ڄاڻون ٿا. اسان کي خبر آهي ته اسان جي سوچڻ جي صلاحيت ارتقا جو هڪ حصو آهي. جيئن اسان جي چرڻ پرڻ، هاضمي ۽ محسوس ڪرڻ جي صلاحيت ارتقا جو حصو آهي. اسان جي ذهن به اسان جي جسم وانگر ترقي ڪئي آهي ۽ اها ترقي هرهڪ انسان ۾ پنهنجو پاڻ کي ورجائي ٿي. ڏسڻو آهي ته ارتقا جي ان عمل ۾ بقا جو عنصر ڪڏهن ۽ ڪيئن شامل ٿو ٿئي. جيڪڏهن ماڻهو لافاني آهي ته پوءِ باندر به لافاني آهي. هن جي پُڇَ جو چچڙ به لافاني آهي ۽ جيڪو چچڙ کي کائي ٿو اهو به لافاني آهي. اها اسان لاءِ وڏي تڪليف جي ڳالهه آهي. ته اُهي سڀ منگهڻ، جيڪي موڪلن جي ڏينهن ۾ اسان کي پريشان ڪندا آهن، جنت ۾ اسان سان گڏ هوندا. اهو به ڏسو ته دنيا جون اهي سڀ قومون ۽ نسل جيڪي اسان کي نٿا وڻن اهي جنت جي مشڪ جي خوشبوئن سان ڀريل هوا ۾ پنهنجي بدبو ڀريندا، ۽ جنت مخلوق سان ڀرجي ويندي جيڪڏهن اسين هن نسل جا ماڻهو غير فاني آهيون ته پوءِ اسان کان اڳ واري نسل جا ماڻهو به غيرفاني هوندا. هر سال لکين ماڻهو ٿا مرن ۽ جيئن ته انساني نسل لکين سالن کان وجود ۾ آهي ته پوءِ جنت ۾ ايڏو ته آدم هوندو جو اُتي جو ڏيک براڊوي تي ٻنپهرن واري ڏيک جهڙو هوندو.

وليئم: اسان جو بحث اجايو آهي ڇاڪاڻ جو اسان جو بقا ۾ يقين اسان جي جبلتن ۾ رچيل آهي جيڪو دليلن جي دائري ۾ نٿو اچي. اهو يقين ماڻهوءَ جي وجود جي بقا جو حصو آهي. زندگي ٿوري آهي ۽ بقا جو تصور دلفريب آهي ان ڪري اسين ڇو مڃون ته اسين ختم ٿي وينداسين.... روح جي بقا جو تصور گرم ملڪن ۾ پئدا ٿيو جتي زندگي جلدي بالغ ٿيندي ۽ ختم ٿي ويندي آهي. انڪري اهڙي زندگيءَ لاءِ روح جي بقا جو تصور لازمي ٿي ويو آهي. سري لنڪا ۾ ڏهن سالن جي عمر ۾ ڇوڪريءَ جي شادي ٿيندي آهي. اٺاويهين سالن جي عمر ۾ هوءَ پوڙهي ٿي ويندي آهي ۽ چاليهن سالن جي عمر ۾ مري ويندي آهي. اتي انسان جي زندگي سمنڊ ۾ هڪ ٽيپي جهڙي حقير آهي. اسان وٽ عمر جو معيار هنن کان ٻيڻو آهي پر اسان ان معياد کان خوش نه آهيون. اسان موت جي حقيقت جي خلاف بغاوت ڪندا آهيون. اسان هڪ ٻي جواني ۽ محبت ڀريل هڪ ٻي عمر جي اميد ۾ جيئندا آهيون. ڪنهن زماني ۾ مذهب جو بنياد ڊپ هو هاڻي اميد آهي.

اينڊريو: اڄ به مذهب جو بنياد ڊپ آهي. اسان ان لاءِ بقا نٿا گهرون جو اسان کي زندگيءَ سان محبت آهي پر ان لاءِ ٿا گهرون جو موت کان ٿا ڊڄون. ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ جي اهنجن ايذائن کان بيزار ٿي سيزر وانگر محسوس ڪندا آهيون ته اسان تمام گهڻو زنده رهي چڪاسين. حيوان موت کان نٿا ڊڄن ڇاڪاڻ جو هو ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جانور کي مرندو ڏسندا آهن ۽ موت کي تڏهن ڏسندا آهن جڏهن اهو اوچتو هنن جي مٿان اچي ڪڙڪندو آهي. اهڙي وقت هو بقا جو نظريو گهڙي نٿا سگهن. حيوان جڏهن انسان ٿيا ۽ هنن ۾ ياد رکڻ جي صلاحيت پئدا ٿي ته هنن ياد رکڻ واري پنهنجي ان صلاحيت کي مستقبل سان ڳنڍي موت کي ڳولهي لڌو ۽ پنهنجي سڪون لاءِ روح جي بقا جو تصور گهڙي ورتو. وڪٽر هيوگو جي چواڻي ته پئدا ٿيڻ سان ئي اسان کي موت جي سزا ملي ٿي وڃي. ۽ زندگي معافيءَ جي اميد ۾ سزا ڀوڳڻ آهي. موت جو ڊپ مذهب جي شروعات آهي.

فلپ: مون کي پنهنجي غيرفاني هجڻ جو احساس ان وقت ٿيندو آهي جڏهن مان پاڻ کي زندگيءَ جو حصو سمجهندو آهيان. اسين هڪ ڪُلَ جا حصا آهيون ۽ اسان جيڪي به ان ڪُلَ جي بقا لاءِ ڪيون ٿا اها ئي اسان جي بقا آهي. افلاطون غيرفاني آهي جو هو اڄ به اسان جي ذهن ۾ زنده آهي ۽ انهن ڪتابن ۾ زنده آهي جيڪي هر ڪلاڪ ۾ هن جي اُن وقت جي شاگردن کان هزارين دفعا وڌيڪ شاگردن کي سکيا ڏين ٿا. اسان پنهنجي اولاد ۽ پنهنجن چڱن ڪمن ۾ زنده رهندا آهيون. فرد لاءِ اهڙي بقا سندس مرڻ کان پوءِ اهم نه آهي پر اجتماع لاءِ اهم آهي. ڇاڪاڻ ته تهذيب مثل ماڻهن جي ڪارنامن کي محفوظ ڪرڻ سان وڌندي ۽ قائم رهندي آهي. اسان کي گهرجي ته اسين به يونانين ۽ اوائلي دور جي يهودين وانگر پنهنجي بقا کي انفرادي بقا سان نه پر نسل جي اجتماعي  بقا سان ڳنڍيون.

ڪليئرنس:  اها عجيب ڳالهه نه آهي ته جنهن مسئلي تي اسان اڄ بحث پيا ڪيون ان کي ٻه هزار سال اڳ ليوڪريٽس حل ڪري ڇڏيو هو. اچو ته ليوڪريٽس کي ٻڌون.

 

ڇاهيءَ ڪائنات وري عدم ۾ هلي ويندي؟

ٻي تاريخ دنيا جي ڌوڙ ۾ لٽجي ويندي؟

هي ڪالهوڪو ڪمزور شعلو ڏور اڪيلو ٻرندو رهندو،

غيرفاني ۽ اڪيلو!

 

ڇا قدرت ان کي ان لاءِ رات جي هنج ۾ نپايو هو،

قدرت جنهن جي بي پرواهه قوت،

ڪنهن تباه ٿيل ٻيڙي جي خلاصيءَ وانگر،

ٻار کي کڻي روشنيءَ جي ڪنارن تي اُڇلايو.

 

اُتي ڇا آهي؟ رڳو هڪ دانهن آهي!

هن کي اها به خبر نه آهي ته هن جا عضوا پنهنجا آهن يا نه،

سڀاڻي ان ٻار جي حيثيت دانهن کان به گهٽ هوندي

 

ٽشوءَ واري حالت مان روحَ تائين هو وڌي ٿو،

جيئن هڪ هڪ پنکڙي ڦٽندي ۽ پوءِ گل ٿيندي آهي.

ٽِشو ڳري ويندا آهن ۽ سج جي تپش سان

پاڻيءَ جو ڦوٽو ڦاٽي پوندو آهي.

 

پاڻيءَ جي جهڳ ختم ٿي ٿئي،

جسم جو روح به ائين پگهري ٿو وڃي،

سڀ ذرا ٿڪجي سمهي ٿا پون

اميد ۽ خوف رک ٿي ويندا آهن

 

ميٿيو: منهنجي خيال ۾ هن جي ان ڪلام کي ترتيب ڏيڻ وارو ڪو ڪيٿولڪ هوندو. اوهان ڏٺو ته اوهان جا دليل ڪيترا پراڻا آهن.

ڪليئرنس: مون سمجهو ٿي ته پال احتجاج ڪندو ۽ چوندو ته ڪنهن عقيدي جو پراڻو هجڻ خراب نه آهي. منهنجي خيال ۾ ته سڀ سچ پراڻا هوندا آهن، رڳو شاعر، ڪوڙا ماڻهو ۽ بيوقوف ئي نيون ڳالهيون ٺاهيندا آهن. اناطول فرانس ايپي ڪيورس جو آخري شاگرد هو. مون کي هن جي ڳالهه ٿي ياد اچي، هن چيو هو اسان جو سج اسان سڀني کي هرڪيولس ستارن جي ميڙ ڏانهن وٺيو ٿو وڃي جتي اسان ڪروڙ صدين تائين پهچي وينداسين. سج رستي ۾ ختم ٿي ويندو ۽ ان سان گڏ ڌرتي به تباه ٿي ويندي. جيڪڏهن انساني نسل تيستائين قائم رهيو ته اهو به تباه ٿي ويندو. پال! ڇا اها کل جهڙي ڳالهه نه آهي ته هڪ فاني سياري جي مخلوق بقا جي دعويٰ ٿي ڪري. پر اسان اوهان کي اوهان جي دلفريب عقيدي کان محروم ڇو ڪيون؟ مون کي خبر آهي ته منهنجو نظريو مايوسيءَ وارو آهي ۽ هڪ بکايل روح اهڙي ناڪاري نظريي جو احسانمند ٿي نٿو سگهي.

پال: فڪر نه ڪيو. اوهان مونکي ايڏو پريشان ڪونه ڪيو آهي. هڪ گهڙيءَ لاءِ پنهنجي اندر ۾ ٽٻي هڻڻ سان سڀ دليل رد ٿي وڃن ٿا. مان پنهنجي اندر کي محسوس ٿو ڪيان ۽ محسوس ٿو ڪري سگهان ته منهنجو ذهن منهنجي جسم کان مٿاهون آهي. منهنجو جسم منهنجي روح جي وقتي هٿيار آهي. مان ٻئي جهان بابت نٿو ڄاڻان. مان رڳو اميد ڏياريندڙ نظريي جو حامي آهيان. مون کي يقين آهي ته مان جيڪي محسوس ڪيان ٿو جيتوڻيڪ مان ان کي سمجهي نٿو سگهان ۽ ان جي ماديت وارن لفظن ۾ تشريح ڪري نٿو سگهان پر مان سمجهان ٿو اهو صحيح آهي. جيڪڏهن اوهان جو ڪو عزيز مري پوي ته ڪو نئون فلسفو اوهان کي آٿت ڏيندو. پنهنجي عزيز جي قبر جي ويجهو اوهان سمجهي نه سگهندا ته قدرت ايڏي ظالم به ٿي سگهي ٿي جو اوهان کان اوهان جو جگر جو ٽڪر کسي ورتائين ۽ هاڻي اوهين پنهنجي جگر جي ان ٽڪري کي وري ڪڏهن به ڏسي نه سگهندا. پر مون کي يقين آهي ته مان پنهنجن مري ويل عزيزن کي ضرور ٻيهر ڏسندس. منهنجو اهو يقين مون کي خوشي ٿو ڏي ۽ مون ۾ مصيبت کي سهڻ جي قوت ٿو پئدا ڪري. اها خوشي ۽ اها سهپ اوهان جي خالي دلين کي ملي نٿي سگهي. اوهان کي ڪو صدمو رسندو ته اوهان جي حالت تي رڳو افسوس ڪري سگهبو.

سڌا: منهنجي خيال ۾ اوهين ٺيڪ ٿا چئو پال!

ميٿيو: اوهين يقينن ٺيڪ ٿا چئو پال!

ڪليئرنس: خدا ڪري ته اوهين ٺيڪ چوندا هجو پال!

 

خدا  جو  بدلجندڙ  تصور

ايسٽر: هي سڀ مايوسي واريون ڳالهيون آهن. هاڻي اوهان خدا بابت ڪي چڱيون ڳالهيون ٻڌايو.

سرجيمز: اسان جيڪڏهن اوهان جي آڏو خدا جو اهو نقشو پيش ڪري نه سگهون جنهن جي اوهان ننڍپڻ ۾ عبادت ڪندا هئا ته اوهين پريشان ٿي ويندا. خدا جي باري ۾ انسان جو تصور هميشه مٽبو رهيو آهي ۽ ڏٺو وڃي ته انسان جي تاريخ خدا جي باري  ۾ سندس بدلجندڙ تصور جي تاريخ آهي. خدا جو پراڻو تصور ان ڪري بدلبو رهيو آهي جو خدا جي پراڻي تصورن جي جاءِ تي اهڙو تصور وٺندو رهيو آهي. جيڪو اخلاقيءَ طرح ترقي ڪندڙ انساني نسل  جي نمائندگي ڪري سگهي. خدا جي انهن جدا جدا تصور جي فهرست ڏسي اوهان حيران ٿي ويندا. ان فهرست ۾ اسان کي سوين وڏا ۽ ڪروڙين ننڍا خدا نظر ٿا اچن جن کي ڪنهن زماني ۾ لازوال سمجهيو ويو هو. اڄ جيڪڏهن پوين نسلن جا ماڻهو موٽي اچن ته اهو ڏسي حيران ٿي وڃن ته هنن جا قادر مطلق ديوتا جن کي هو سجدا ڪندا هئا هاڻي رڳو انساني علم بابت ڪتابن ۾ نظر ٿا اچن. هر دور ۾ ماڻهو پنهنجي انداز سان خدا کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ۽ پنهنجي خدا جي ان وقتي تصور جي بچاءَ لاءِ جانيون ڏيڻ ۽ ٻين جون جانيون وٺڻ لاءِ تيار هوندا هئا. مورخ اهڙي قتلام با شهادت کان متاثرن ٿيندو آهي. هن کي خبر هوندي آهي ته ماڻهن رڳو بدلجندڙ تصورن لاءِ جانيون ڏنيون آهن. هو اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن ماضيءَ ۾ خدا جو تصور بدلجندو رهيو آهي ائين حال ۽ مستقبل ۾ به بدلجندو رهندو. هو خدا جي انهن نون تصورن سان پريشان نٿو ٿئي. هو ان ڳالهه کي سٺو ٿو سمجهي ته خدا جي تصور کي وڌندڙ علم سان هم آهنگ ڪيو ٿو وڃي. ماڻهن جو هميشه خدا ۾ يقين رهندو جو ان يقين ۾ طاقت ۽ ڪماليت ٻئي هڪ هنڌ گڏ ٿا ٿين، ۽ ان سان روح ۾ اميد ۽ اُتساه ٿو پئدا ٿئي. عظيم طاقت جي دوستي ماڻهوءَ کي سٺي لڳندي آهي.

اسان جي بزرگن جي خدا يهواه جو آخري دور آيو. ڪڏهن ڪڏهن مان سمجهندو آهيان، جيتوڻيڪ ائين سمجهڻ لاءِ مون کي ڪا لساني شاهدي نٿي ملي، ته يهواه، اووِس Lovis وانگر، ڪٿي هندن جي دايوس پتر جي بدليل شڪل ته نه آهي. هندن جو آسمان جو اهو ديوتا ڪٿي اولپس جو وڏو ديوتا زيوئس پيٽر Zeus Petar جو ترجمو ته نه آهي. اهو ان ديوتا جي نالي جو مقامي اُچار هجي، فرائڊ وارن خدا جي تصورن ۾ پيءَ جي حصي واري ڳالهه کي گهڻو وڌائي پيش ڪيو آهي. ان ۾ ڪوشڪ ڪونهي ته نابالغ ذهن دنيا کي هڪ ڪٽنب ۽ خدا کي ان ڪٽنب جو پيءَ وانگر مالڪ سمجهندو رهيو آهي. پر حقيقت ۾ خدا جي پيءُ واري تصور جو بنياد اهو عقيدو آهي ته جدا جدا قبيلا ديوتائن جو اولاد آهن. ان عقيدي جي ڪري بزرگن جي عبادت ڪئي ويندي هئي. خدا کي مڙد جي روپ ۾ پيش ڪرڻ عورت جي آخري توهين آهي جنهن ۾ هو ضرور بدلو وٺندي.

خدا کي انساني صفت سان تصور ڪرڻ Anthropomorphic جو سبب به بزرگن جي پرتش آهي. خدا جو روپ ماڻهوءَ وارو هو. هو رڳو عام ماڻهوءَ کان تمام وڏو ۽ تمام گهڻو طاقتور هو. زينوفن مسيح کان ڇهه سو سال اڳ چيو هو ته ماڻهو سمجهن ٿا ته ديوتا  پئدا ٿيندا آهن. ماڻهن وانگر ڪپڙا پائيندا آهن، کين ماڻهن وانگر جسم به آهي ۽ هو ڳالهائيندا به آهن. حبش جا ديوتا ڪارا هوندا آهن ۽ هنن جا نڪ ويٺل هوندا آهن. ٿريشيا جي ديوتائن جا وار گهٽ ڪارا ۽ سندن اکيون نيريون هونديون آهن. هومر ۽ هيسائيڊ ديوتائن سان اهي سموريون خاصيتون ڳنڍي ڇڏيون جيڪي انسانن ۾ خراب سمجهون وينديون هيون جيئن چوري، زنا، فريب ۽ ٻيا غيراخلاقي ڪم، جيڪڏهن شينهن ۽ گهوڙن کي خدا جون تصويرون ٺاهڻ وارا هٿ هجن ها ته هو پنهنجي شڪلين جهڙا ديوتا ٺاهين ها، انهن جا جسم به هنن جهڙا هجن ها.

اولمپس جي ديوتائن بابت سندن غيرفاني هجڻ واري شڪايت مان خبر ٿي پوي ته ديوتا مرن به ٿا. انسانيت جي اخلاقي اوسر ۾ هو گهڻو پٺتي رهجي ويا. هو پنهنجي خدائي جمود جي ڪري فنا ٿي ويا. اهي زاني، حورَ ۽ ڪوڙ ڳالهيندڙ هئا ۽ انهن ماڻهن جا خلقيل هئا جن اهڙن ڪمن کي عيب نٿي سمجهيو. اهو دور قزاقي، زوري زنا ۽ جنگ جو دور هو ان ڪري اهڙي دور ۾ خدائن جو تصور پئدا ٿيو. جيڪي انهن ڪمن ۾ ماهر هئا. پر پوءِ اخلاقي شعور جي وڌڻ سان اُهي افلاطون ۽ زينوفن لاءِ ڌڪار لائق ٿي پيا. ساڳئي حالت ٻين ديوتائن جي آهي. شروع ۾ هنن جو جيڪو تصور قائم ٿيو هو ان کي پوءِ وارن ماڻهن پسند نه ڪيو. اها تهذيب جي بدقسمتي آهي جو ان وحشي دور جا ديوتا ورثي ۾ ملندا رهيا آهن. اسان جيڪڏهن پنهنجي موروثي خدا يهواه جي موت بابت ڄاڻڻ گهرون ٿا ته اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان جو اهو ديوتا جنگ جو ديوتا هو 1914ع واري جنگ جي دوران هر هڪ قوم پنهنجي پنهنجي فوج کي پنهنجي پنهنجي جنگ جو خدا ڏنو هو. جيئن جهنم جو تصور انسانن ۽ وحشي قبائلي سردارن جي ڏاڍ ۽ ظلم جي عڪاسي ٿو ڪري ائين ان دور جو خدا وارو تصور قبائلي زندگيءَ جي خطرن ۾ غير محفوظ هجڻ جي احساس جي عڪاسي ٿو ڪري. اجتماعي  نظام جي ترقيءَ سان زندگي وڌيڪ محفوظ ٿي ۽ جنگيون گهٽيون ته بالغ ذهن وارن اهڙن ظالم ديوتائن جي تصور جي خلاف بغاوت ڪئي، جن ڪروڙن انسانن کي جهنم ۾ ٿي اُڇلايو. اجتماعي نظام جي اها گهرج هئي ته ماڻهوءَ ۾ اجتماعي سهڪار جون عادتون پئدا ٿين. آهستي آهستي ان مهذب انسان جو تصور ان قديم خدا جي تصور کان پري ٿيندو ويو. اوهان کي ياد هوندو ته جان اسٽوارٽ مل چيو هو ته وچولي دور جي ماڻهن جو خدا جو جيڪو تصور هو جيڪڏهن خدا واقعي اهڙو هجي ته مان ان کي خدا نه پر ابليس مڃا ها ۽ جيڪڏهن هنن جو اهو خدا مون کي ان ڪري جهنم ۾ وجهندو جو مان کيس ابليس ٿو چوان ته مان جهنم ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهيان. انساني ترقي خدا جي اهڙي تصور کان گهڻو اڳتي وڌي چڪي هئي.

انساني فطرت جي اها تهذيب هڪ معاشي ضرورتن جي پورائي ۽ ٻيو سياسي استحڪام جي ڪري ۽ ٽيون مسيحي اخلاق جي اڻويهن سو سالن جي تاريخ جي ڪري ٿي. مسيح يهواه جو انت آندو. اها مسيحت هئي جنهن عيسائيت جي ان فرضي خدا کي ختم ڪيو. مان نٿو مڃان ته اسان پنهنجي جنگ پسندي ۽ سياسي انتشار جي باوجود ٻن هزار سالن جي اخلاقي تربيت کان متاثر نه ٿيا آهيون. اسان اڄڪلهه جيڪي حالتون ٿا ڏسون انهن جو مطلب اهو نه آهي ته مسيحت ختم ٿي ويئي آهي پر اهو قدير خدا ختم ٿي ويو آهي جنهن کي نٽشي ”ڏاڙهيءَ وارو سنجيدو خدا“ سڏيو آهي، جيڪو ڪنهن طرح پنهنجي اخلاقي نظام سان مسيحت ۾ داخل ٿيو جنهن ۾ اشرافت ۽ امن پسنديءَ کي اعليٰ مقام مليل هو ۽ جيڪو يهواه جي تعليم جي بلڪل ابتڙ هو ۽ آخرڪار ايترو طاقتور هو جو يهواه کي ختم ڪري ڇڏيائين. انسان جو ذهن ايترو آزاد ٿي ويو آهي. جو هاڻي هو خدا جو بهتر تصور قائم ڪري سگهي ٿو.

اينڊريو: ڪنهن به مذهب جي اها عظمت مڃي ويندي جيڪڏهن اهو مذهب پنهنجي ئي اخلاقي نظام جي ڪري ختم ٿي وڃي. پر ان جا اوهان جيڪي سبب ۽ نتيجا ٻڌايا ڳالهه انهن کان گهڻو مٿي آهي. ڪوپرينيڪس Copernicus جڏهن اعلان ڪيو ته هيءَ زمين ٻين اڻ ڳڻين دنيائن ۾ هڪ ذري جي حيثيت رکي ٿي. تڏهن ئي پراڻو ايمان ختم ٿي ويو. هاڻي نه ڪو مرڪز هو ۽ نه ڪا هيٺاهين ۽ مٿاهين هئي. زمين پنهنجو سمورو وقار وڃائي ڇڏيو ۽ اها ڳالهه مڃڻ محال ئي پئي ته هن ڪائنات کي جنهن جي ڪٿ ڪري نٿي سگهجي. هلائڻ واري قوت هن ننڍڙي زمين تي آئي، ان قوت ماڻهوءَ جي صورت اختيار ڪئي ته جيئن اها هن ڪين جهڙي سياري جي ڪين جهڙي مخلوق جي معمولي گناهن لاءِ ايذاءِ سهي مري وڃي. اناطول فرانس فلڪيات جي ان انقلاب لاءِ چيو هو ”ته انسان جي دانش جي سموري تاريخ ۾ هي هڪ تمام وڏو واقعو اهي.“ دنيا اڃا تائين انهن سائنسي نتيجن جو اندازو لڳائي نه سگهي آهي ته اڳ جت جنت هئي اُتي هاڻي پولار آهي ۽ دنيا ۽ انسان جي حيثيت هڪ گهڙيءَ کان وڌيڪ نه آهي. برونو Bruno کي اندازو هو ۽ هن جڏهن ان کان ماڻهن کي آگاه ڪيو ته کيس جيئرو جلايو ويو. پر مذهب جي اصلاح جي تحريڪ ائين جاري رهي ڄڻ ڪوپرينيڪس ۽ گيليلو ڪڏهن پئدا ئي ڪونه ٿيا هئا.

ڊارون ان تخريبي مهم کي مڪمل ڪيو. فلڪيات جي ماهرن هن ڌرتيءَ کي ڪائنات جي لامحدود خال ۾ اڇلايو ته وري حياتيات جي عالمن انسان کي زمان ۾ اڇلائي کيس جانورن جي بدلجندڙ حالت جي هڪ ڊگهي سلسلي ۾ شامل ڪري ڇڏيو، ڪوپرينيڪس کان پوءِ ماڻهوءَ جي تخليق ۾ ڪنهن مقصد کي تصور ڪري سگهجي پيو پر ڊارون کان پوءِ اهڙو تصور به ناممڪن ٿي پيو. قسمت جي جاءِ فطرت جي چونڊ جي قانون ۽ غيرفاني محبت جي جاءِ جيئڻ لاءِ غيرفاني ڪوشش ورتي. جنگ هڪ دفعو وري سڀني شين جي خالق ٿي پئي. پالي Palely جي ڏينهن ۾ سڀ عضوا هڪ خاص مقصد لاءِ ائين هڪٻئي سان جوڙيا ويا هئا ته جيئن هو اهو مقصد پورو ڪندا رهن. جيستائين ماڻهن رڳو ڀاڄيون کائڻ شروع نه ڪيون هيون. تيستائين سمجهيو ويندو هو ته سڀ حيوان انسانن لاءِ پئدا ڪيا ويا آهن. پوءِ ڊارون نه رڳو ان ساري تصور کي ختم ڪيو ۽ ٻڌايو ته انسان جي زندگي ۽ هيءَ ڪائنات بنان ڪنهن مقصد جي ڪم پيا ڪن، انسان جو پاڻ جهڙي انسان کي پئدا ڪرڻ واري عمل کان وڌيڪ کل جهڙو ڪو عمل ڪونهي. پيدائش ۽ موت کي ڏسي ڪيترن ماڻهن خدا جي وجود کان انڪار ڪيو آهي. ڪيترا ڊاڪٽر ۽ فوجي جرنل خدا کي نٿا مڃن. ڇا ڪو عقلمند خالق اهڙي دنيا خلقي سگهي ٿو جنهن جا قانون ساهدار مخلوق لاءِ بي رحم آهن. جنهن ۾ کين جيئڻ لاءِ جنگ ڪرڻي ٿي پوي ۽ جنهن ۾ جابر، مڪار ۽ بي رحم جي فتح ٿي ٿئي. جيئڻ لاءِ جنگ واري قانون تحت هرهنڌ جنگ لڳي پئي آهي. انسان جي انسان سان، قبيلي جي قبيلي سان، بادشاهتن جي بادشاهتن سان، جنس جي جنس سان ٿي سگهي ٿو ته اسان ايتري ترقي ڪري وڃون ۽ اهڙو وقت به اچي جو سَياري جي سَياري سان جنگ شروع ٿي وڃي. ائين ٿو لڳي ته ستارن جي تباهيءَ مان مزو وٺڻ واري ڪا شيطاني قوت آهي جنهن جي ڪري ستارا به هڪٻئي سان جنگ لاءِ تيار ٿا نظر اچن. اسان ان سَياري تي زندگي ٿا گذاريون جيڪو خدا جي پسند وارو سَيارو آهي، ۽ جنهن سَياري تي هن جو پيارو مسيح پئدا ٿيو. اسان جي وڌندڙ دماغي طاقت سان ٿيندڙ هرهڪ ايجاد سان اسان جي تڪليفن ۾ واڌارو ٿو ٿئي ۽ هر مشين اسان جي غلاميءَ جي زنجيرن کي مضبوط ٿي ڪري، اسان رڳو ان لاءِ هوائن ۾ اُڏامڻ سکيا آهيون ته جيئن ايندڙ جنگ ۾ وڌيڪ سولائيءَ سان ڪروڙين اهڙن ماڻهن کي ماري سگهون. جيڪي جنگ ۾ شريڪ نه هوندا. بيٿوون کي ڪنن جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت هئي پر هو ٻوڙو ٿي پيو. نٽشي کي اکيون گهربيون هيون پر هو انڌو ٿي پيو. ڊاڪٽر جانسن جي عظمت جو راز هن جي گفتگو ۾ هو ۽ هو گونگو ٿي پيو. عظيم مصور رينالڊز Renalds جو هٿ بيڪار ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ مون هڪ عورت ڏٺي جنهن کي اڌ رنگ هو. ويهه ورهيه اڳ هوءَ جوان ۽ سهڻي هئي، ٽينس کيڏڻ کان پوءِ هوءَ وهنجڻ لاءِ تلاءَ ۾ لٿي ته وري ماڻهن وڃي کيس تلاءَ مان ڪڍيو جو ان کي اڌ رنگ ٿي پيو هو. ڪو اڻ ڄاتل زهر هن جي سنڌن ۾ داخل ٿي ويو هو، هاڻي هوءَ چري پري به نٿي سگهي، هن جو منهن سڄي ويو آهي ۽ دماغ کان سواءِ هن جو سارو وجود ڀڄي ڀُري پيو آهي. هن جو دماغ پهريان کان وڌيڪ سجاڳ آهي ته جيئن هوءَ پنهنجي ايذاءِ کي وڌيڪ محسوس ڪري سگهي. هينري آڊمز چيو آهي ته هن دنيا ۾ اهنج ايذاءِ، موت، ڪالرا، وبا، ڏڪار، ٻوڏيون، سوڪهڙو، ڪوهيڙا، آفتون، شهر جي ڪنڊن ڪڙڇن ۾ ٿيندڙ حادثا، ظلم، بي راهه روي، بي عقلي، پاڳل پڻو، نيڪيءَ جو بدلو بدي، بدي جيڪا نيڪيءَ لاءِ ڪئي پئي وڃي. اهڙي مسرت جنهن جو شعور نه هجي. بي نتيجي واري خود غرضي، بنان سبب تڪليفون، سمجهه ۾ نه ايندڙ ڊپ، خوف ۽ موت جيڪو انهن سڀني جو اڻ ڌريو اُجورو آهي. خدا جي رحمت جو ذڪر ماڻهوءَ جي ايذائن جي توهين آهي.“

ميٿيو: اينڊريو! اوهان بديءَ جي ڳالهه ايڏي جوش سان ٿا ڪيو جو مون کي لڳي ٿو ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن اوهان کي ايمان جي دولت حاصل ٿي ويندي. گرجا هميشه بديءَ جي ڪڙي حقيقت کي مڃيو آهي. پوپ انوسينٽ  II”انسان جا ايذاءِ“ جي نالي سان ڪتاب لکيو هو ۽ اسان جي دينيات جو هر عقيدو مڃي ٿو ته هيءَ دنيا ايذائن جو گهر آهي ان ڪري اسان لاءِ ايمان وڌيڪ لازمي آهي. اسان هن زندگيءَ کي تڏهن برداشت ڪري سگهنداسين جڏهن اسان کي اميد هوندي ته اڳئين جهان ۾ اسان کي سک ۽ آرام جي صورت ۾ انهن جو عيوضو ملندو. شايد اوهان والٽيئر جي هن ڳالهه مان سبق نه ورتو آهي ته ”جيڪڏهن خدا جو وجود ڪونهي تڏهن به اسان کي خدا ايجاد ڪرڻو پوندو.“

اينڊريو: ميٿيو! اوهان شريف ماڻهو آهيو. اوهان وڏي تحمل سان اسان جي ڪفر ۽ شرڪ کي برداشت ٿا ڪيو ان ڪري دل ٿي چوي ته اوهان جي هر ڳالهه مڃان. مان خودپسنديءَ جي ڪري اوهان جي مخالفت نٿو ڪيان. هي ان ماڻهوءَ جو ڪفر آهي جيڪو دل و جان سان مڃي ٿو ته هن جا مخالف سچ ٿا چون. پر ڳالهه ڇا آهي ته اوهان جي سموري دينيات آدم جي زوال ۽ ان يقين تي بيٺل آهي ته مسيح ماڻهن کي آدم جي نافرمانيءَ واري گناهه مان ڇوٽڪارو ڏياريو. پر ارتقا جي نظريي انهن عقيدن کي غلط ثابت ڪيو. تاريخ جڏهن پنهنجن داستانن مان حضرت آدم جو داستان خارج ڪيو ته اوهان جي دينيات جا بنياد لڏي ويا. حياتيات وانگر تاريخ دينيات جي دشمن آهي. قومن جو عروج ۽ زوال، جنگ جي ڪري فن جي تباهي، چرين ۽ قاتلن جي مسلسل فتح ۽ ڪامرانيءَ مان اهوئي نتيجو ڪڍي ٿو سگهجي جيڪو اناطول فرانس ڪيو هو ته ”دنيا هڪ الميو آهي جيڪو ڪنهن عظيم شاعر لکيو آهي.“ يا وري هي هڪ ڪاميڊي آهي. جنهن کي ارسٽو فينس جنت ۾ لکيو آهي.

ڪليرنس: مان اهو ڏسڻ ٿي چاهيان ته ميٿيو تي اوهان جي جوشيلي تقرير جو ڪهڙو اثر ٿيو آهي. شَرُ، ايمان ۽ شَڪُ ٻئي پئدا ڪندو آهي. فوجي سپاهيءَ جو تيستائين خدا ۾ ايمان هوندو آهي. جيستائين سندس ترقي نه ٿيندي آهي. هر جرنيل دهريو هوندو آهي. انساني ڏک ڏولاوا جن کي اوهان خدا جي خلاف ثابتي ٿا سمجهو، ثابت ٿا ڪن ته ماڻهوءَ جي روح کي ڪونه ڪو آٿت گهرجي. جيستائين دنيا ۾ مفلسي ۽ موت هوندا تيستائين ديوتا به هوندا. دولت جي گهٽائي مذهب جو زوال ٿي آڻي، دولت رهبانيت جو انت ٿي آڻي. دولت اسان جي شهرن کي عيش ۽ بداخلاقيءَ جي سامان سان ڀري ڇڏيندي آهي ۽ جڏهن مذهب ان بداخلاقيءَ کي ننديندو آهي تڏهن ان ماڻهوءَ کان سواءِ جنهن ۾ بداخلاقيءَ واري صلاحيت نه هوندي آهي ٻيا سڀ ماڻهو مذهب جي خلاف ٿي ويندا آهن.

پال: اصل ۾ دولت کان وڌيڪ مشين بي دينيءَ کي وڌايو آهي. صنعتي انقلاب مشين جي مدد سان معجزا ڪري ڏيکاريا ۽ جديد ذهن انهن معجزن کان ايترو متاثر ٿيو آهي جو هو سمجهي ٿو ته مشين ئي سڀ ڪجهه آهي. وچين دور جي ماڻهن فطرت ۾ خدا جو جلوو ڏٺو ۽ فطرت جي عبادت ڪئي ۽ فن سان فطرت جهڙو حسن تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر جديد ذهن فطرت کي ڪارائتيون شيون ٺاهڻ لاءِ خام مواد سمجهيو. نئون ماڻهو ڪٽيندو آهي ته جيئن ان مان ڪاغذ ٺاهي، هوا ۽ پاڻيءَ ۾ ڪيميائيءَ زهر ملائيندو آهي. هڪ ماٺيڻي ڳوٺ کي گوڙ ۽ شور واري شهر ۾ بدلائي ڇڏيندو آهي. نوان اوزار ٺاهيندو آهي ته جيئن جيترو جلد ٿي سگهي زمين تي قبضو ڪري وٺي. ايمان جي ختم ٿيڻ جو هڪ سبب هي آهي ته انسان وڌيڪ انا پرست ٿي ويو آهي. هو پنهنجن اوزارن سان سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو ان ڪري هو خدا جي ضرورت محسوس نٿو ڪري. ماڻهو جڏهن رڳو پوک ڪندا هئا تڏهن نهٺا هئا ۽ شايد وڌيڪ مخلص هئا. هو زمين مان ڦٽندڙ ۽ اسرندڙ زندگيءَ جي مشاهدي مان زندگيءَ جي اسرار جو اندازو لڳائيندا هئا ۽ ڪڏهن به پنهنجن ٻارن کي مشين نه سمجهندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org