سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: چين جون مشهور شخصيتون

 

صفحو:2 

ضميمو ب

جمهوريه چين جا مختلف دور

نمبر

دور

مدت

خاص ڳالهيون

1.             

چيني انقلاب

آڪٽوبر 1911ع کان فيبروري 1912ع

جمهوريه چين قائم ٿيڻ، ڊاڪٽر سن يات سين جمهوريه چين جو پهريون صدر چونڊيو ويو.

2.            

يان شي ڪائي

15 فيبروري 1912ع کان 6 جون 1916ع

ڊاڪٽر سن ٻن ڏينهنِ جي صدارت کان پوءِ پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏني.

آمريت جو دور: يان شي ڪائي صدرجمهوريه چين  ’پسرجنت‘ ۽ چين جو بادشاهه هئڻ جي دعويٰ ڪئي.

3.            

گهرو ويڙهه جو دور

1916ع کان 1927ع

صدارت لاءِ ڪشمڪش ۽ گهرو ويڙهه.

4.            

چيانگ ڪائي شيڪ

1927ع

12 مارچ 1926ع سن يات لاڏاڻو ڪري ويو ۽ چيانگ ڪائي شيڪ جمهوريه چين جو صدر بڻيو.

4.الف

نانڪنگ جي قومي حڪومت

1928ع

ڪائي شيڪ جون فتحون ۽ اُتر چين ۾ گهرو ويڙهه جو خاتمو.

4. ب

ڪميونسٽ مخالف دور

1928ع کان 1936ع

ڪائي شيڪ جي ڪميونسٽ دشمني، ڪميونستن جي لانگ مارچ  ۽ سندن ڪاميابي.

4. ج

چين ۽ جپان جي جنگ

1937ع ۾ لڳي

7 جولاءِ 1937ع جپان چين تي حملو ڪيو.

 

مددي ڪتاب

by Danele vere

The Last Of The Empresses.

1.     

by Etwett-Sutton

The Chines People (Their Past. Present and Future.)

2.       

by. W.E Geil

The Great Wall of China

3.       

by C B.Dimetrius

A Short History of China

4.       

by E Teichman

Affairs- of China

5.       

by K S. Lateurette

The Chinese:

Their History and Culture.

6.       

by P. Linebarger

Sun Yat-Sen And The Chinese Republic

7.       

by D.E Owen

Imperialism and Nationalism in the Far-East

8.       

by F.W Price

In War-Time China

9.       

by Edgar Snow

Red Star Over China

10.    

14th Edition (1929)

Encyclopaedia Britanica

11.    

رسالا:

 

 

(All China Number)

World Review

1.

(All China Number)

Current Affairs.

2.

مترجم جو نوٽ

 

اردو زبان جي مشهور اديب مير عابد علي خان ’مشاهير چين‘ نالي هڪ ڪتاب لکيو هو، جيڪو دارالاشاعت سياسيه و مجلس اتحاد المسلمين پاران حيدرآباد دکن ۾ 1944ع  شايع ٿيو هو. هي ان ڪتاب جو ترجمو آهي.

چين اسان جو پاڙيسري ۽ دوست ملڪ آهي. آبادي جي لحاظ سان دنيا جو تمام وڏو ملڪ آهي. تاريخ ۾ قديم روايتن وارو هڪ  ملڪ، فلسفين جو گهوارو، فنڪارن جو ديس، جتي وڏا عالم، اديب ۽ انقلابي اڳواڻ پيدا ٿيا. پر اسان کي پنهنجي پاڙيسري ۽ دوست ملڪ بابت گهڻي ڄاڻ نه آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي زبان ۾ چين جي تاريخ ۽ اُتان جي مشهور ماڻهن بابت تمام ٿورو مواد موجود آهي.

هن ڪتاب ۾ چين جي 9 شخصيتن بابت مفيد معلومات ڏنل آهي، جن ۾ فلسفي به آهن، مصلح به آهن ته انقلابي اڳواڻ به آهن. گڏوگڏ چين جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي تاريخ پڻ شامل آهي.

هيءَ هڪ حقيقت آهي ته چين هڪ قديم ۽ عظيم ملڪ آهي، جنهن جي تاريخ ساڍا چار هزار سال پراڻي آهي. ان ڊگهي عرصي ۾ چين جي سرزمين تي وڏا عالم، اديب، فلسفي، مصلح، حڪيم، آرٽسٽ، سياستدان، مدبر ۽ ويڙهاڪ پيدا ٿيا، هن ڪتاب ۾ اهڙين شخصيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي تاريخ ساز هئا، جن چين جي تقدير بدلائي ڇڏي.

مؤرخن جو اندازو آهي ته چين جي تاريخ مسيح عليه السلام جي ولادت کان ٽي هزار سال اڳ شروع ٿئي ٿي. ابتدائي تاريخ هڪ ڏندڪٿائي چئي سگهجي ٿي، ان دور جا رڳو قصا ۽ڪهاڻيون موجود آهن، جن کي ڪا تاريخي حيثيت حاصل نه آهي.

 

چين جي سياسي تاريخ جي شروعات اڄ کان ٻه هزار سال ق.م شروع ٿئي ٿي، جڏهن چين جي پهرين شهنشاهه ’شي هوانگ ٽي‘ چين فتح ڪري، هڪ وڏي ملڪ جو بنياد رکيو. شي هوانگ ٽي جي خاندان وڏي عرصي تائين چين تي حڪومت ڪئي. سندن عروج ۽ زوال جي انهن مرحلن ۾ ان وقت خلل پيدا ٿيو، جڏهن تيرهين صدي ۾ منگولن چين تي حملو ڪري فتح حاصل ڪئي، ان نئين فتح جو باني مشهور فاتح قبله خان هو، ان کان پوءِ سترهين صدي ۾ اُتر کان ’مانچو‘ قبيلي چين تي حملو ڪري فتح حاصل ڪئي ۽ پنهنجي حڪومت جو بنياد رکيو، جيڪو پوءِ 1911ع ۾ هميشه لاءِ ختم ٿي ويو ۽ هڪ نئين نظام يعني جمهوريت لاءِ راهه هموار ٿي.

 

چين تي اٽڪل چوويهن خاندانن ۽ قبيلن حڪومت ڪئي، ان دوران چين کي جن عروج ۽ زوال جي مرحلن مان گذرڻو پيو، سو هن ملڪ جي سياسي  تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿي سگهي ٿو. ان سموري عرصي ۾ اسان کي چينين متعلق اهوپتو پوي ٿو ته هو، قوم پرست، محب وطن ۽ انفراديت پسند هئا. هنن نه ٿي چاهيو ته ڪي ڌاريا سندن ملڪ تي حڪومت ڪن. پنهنجي انفراديت برقرار رکڻ لاءِ هنن ٻين ملڪن سان لڳ لاڳاپا رکڻ کان ڪنارو ڪيو. هنن ملڪ جي مفاد خاطر ٻين ملڪن سان رڳو تجارتي تعلقات قائم رکيا.

تاريخ ٻُڌائي ٿي ته ڪيترن ئي ملڪن جي حڪمرانن چين جي استحصال لاءِ مختلف طريقن ۽ بهانن سان ويجهڙائي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪي عيسائي مشنري عيسائيت پکيڙڻ لاءِ آيا ته ڪي چينين کي موالي بڻائڻ لاءِ آفيم کڻي آيا. مطلب ته دشمنن چين ۾ مختلف طريقن سان انتشار پيدا ڪيو، جيڪڏهن ’سن يات سين‘ ۽ ’چيانگ ڪائي شيڪ‘ جهڙا اڳواڻ نه هجن ها، ته چين جو وڏو نقصان ٿئي ها. ’ڊاڪٽر سن يات سين‘ ۽ ’مارشل چيانگ‘ هڪ پٺتي پيل ملڪ کي اعليٰ مقام عطا ڪيو، تنهنڪري دشمنن جي من جي دعا پوري ڪانه ٿي سگهي ۽ کين هر محاذ تي شڪست ملي.

 

چين جي هزارين سال پراڻي تاريخ ۾ سَون ماڻهن مان
عابد علي خان اهڙن عظيم انسانن جو انتخاب ڪيو آهي، جيڪي چين جا محب وطن ۽ معمار هئا. ’ڪنفيوشس‘ ۽ ’ليوذي‘ روحانيت جي درو جا اڳواڻ هئا، جيڪي دنيا جي مهان ماڻهن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا. ’شي هوانگ ٽي‘ ۽ ’چائن لنگ‘ چين جا عظيم سياسي اڳواڻ هئا، ملڪه ڊاويجر هڪ عورت چين تي حڪمراني ڪئي. هوءَ سياڻي هئي، وڏي سياستدان هئي ۽ جنگي ميدان سر ڪرڻ جي ماهر هئي پر اها شهنشاهت جي آخري يادگار هئي، ڊاڪٽر سن يات سين ۽ چيانگ ڪائي شيڪ نه فقط چين، پر دنيا جا مشهور مهان انسان هئا. سندن زندگي سُتل قومن لاءِ سجاڳيءَ جو نعرو آهي ۽ زوال پذير قومن لاءِ آزادي ۽ انقلاب جو پيغام آهي. ’ماؤذي تونگ‘ جي لانگ مارچ دنيا جي تاريخ جو هڪ حيرت انگيز واقعو آهي. لانگ مارچ ماؤذي تونگ ۽ ’چوٿي‘ جي جدوجهد جو انقلابي گس ۽ ڏس آهي، ٻئي اڳواڻ محب وطن ۽ قوم پرست هئا، جن سُتل عوام کي جاڳايو، کين متحد ڪيو ۽ آزادي واري جنگ ۾ شريڪ ڪيو، جيڪو سندن عقل ۽ فهم جو اعليٰ مثال آهي.

 

چيني وڏا فنڪار، حساس، محنتي ۽ ڏاها آهن. ريشم جي صنعت ۾ جيڪو مصوريءَ جو ڪمال هنن ڏيکاريو آهي، سو بي مثال آهي. سندن ٺاهيل برتن، دنيا جي عجائب خانن ۾ هڪ عجوبو لڳن ٿا. اهي برتن ڏسي ماڻهو حيران ٿي وڃي ٿو.

چين جي لپي به منفرد آهي ته سندن طرز تحرير به منفرد آهي، ساري دنيا ۾ ساڄي کان کاٻي يا کاٻي کان ساڄي لکيو وڃي ٿو پر چين واحد ملڪ آهي، جتي مٿان کان هيٺ لکيو وڃي ٿو، هنن وٽ صوتي الفاظ نه آهن، پر سندن الفاظ علامات آهن، جن جا خاص مفهوم آهن.

چين ٻُڌمت جو وڏو مرڪز آهي، اتي اسلام جو به اثر رهيو آهي. چون ٿا ته مشرقي ايشيا ۾ پهرين مسجد چين جي سرزمين ۾ ٺاهي وئي، نبي سڳوري ﷺ جي حديث آهي ته ”علم حاصل ڪيو، توڙي چين وڃڻو پئي.“ اڄ نه فقط پاڪستان، پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا شاگرد چين مان مختلف علوم ۽ فنون ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، تنهنڪري انتهائي ضروري آهي، ته اسان اهڙي قديم ۽ عظيم ملڪ جي سياست ۽ تهذيب و تمدن جو مطالعو ڪريون. اهوئي سبب آهي جو مون هن ڪتاب جو ترجمو ڪيو، ته جيئن پڙهندڙن کي پنهنجي پاڙيسري ۽ دوست ملڪ جي مهان ماڻهن بابت معلومات ملي سگهي، اميد ته هيءُ ننڍڙو ڪتاب سنڌي پڙهندڙن کي چين جي تاريخ، تهذيب تمدن ۽ اُتان جي مشهور هستين بابت مفيد معلومات ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

مان پبليڪيشن ڪاميٽيءَ جي معزز ميمبرن ۽ بورڊ آف گورنرس جي معزز ميمبرن جو شڪرگذار آهيان، جن هيءُ ڪتاب ڇپرائڻ جي منظوري ڏني، خاص طور عالي جناب سائين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جي مهرباني، جن جي دلچسپيءَ سبب هيءُ ڪتاب سهڻي نموني ۽ جلدي ڇپجي پڌرو ٿيو.

آخر ۾ پريس جي عملي خاص طور سيڪريٽري سيد سڪندر علي شاهه جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، جن هيءُ ڪتاب سُهڻي نموني ڇپرايو آهي.

ڪراچي سنڌ                              نواز علي شوق

10- اپريل 2021ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org