سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: چين جون مشهور شخصيتون

 

صفحو:7 

هڪ عياش آفيمي چين جو ٽموشنڪو ڪيئن بڻيو؟ درحقيقت عظمت ۽ معراج تي پهچڻ جو ذريعو ۽ سبب سندس مطالعي جو شوق هو. مطالعو سندس محبوب مشغلو هو، آفيم به کائيندو رهيو، عيش به ڪندو رهيو، پر مطالعو به ڪندو رهيو. ان گهري مطالعي کيس چين جي حقيقت کان واقف ڪرايو، ته ملڪ جون حالتون بهتر نه آهن. ملڪ ۾ جمهوري نظام حڪومت، هارين ۽ مزدورن جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ڪوبه انتظام نه ڪري سگهيو آهي.

ملڪ جون ابتر حالتون ڏسي کيس گهڻو ڏک ۽ افسوس ٿيندو هو، سندس دل ۾ انقلابي جذبا جاڳيا ۽ هُو وڏن واري ميراث کان بيزار ٿيڻ لڳو، نيٺ 1920ع ۾ خوبصورت عورتن جي پيار کان پري ٿي، عيش و عشرت واري زندگي ڇڏي، وڃي ڪومنتانگ ۾ شريڪ ٿيو. شنگهائي اچڻ کان پوءِ سندس ملاقات ڪميونسٽ وطن دوستن سان ٿي، هنن کيس پنهنجي مقصد، پنهنجي پرچار ۽ پنهنجي پروگرام کان واقف ڪيو ۽ کيس مجبور ڪيو، ته تون جيڪڏهن قوم جو خادم بڻجڻ ٿو چاهين، ته آفيم کائڻ ڇڏي ڏي. ڪنهن قوم جي روشن مستقبل جي اهائي نشاني آهي، ته ان جا رهبر ۽ رهنما سجاڳ هوندا آهن. چوٿي تي انهن ڳالهين جو اهڙو اثر ٿيو جو هن آفيم ڇڏي ڏنو. هڪدم نشو ڇڏڻ سان سندس طبيعت خراب ٿي پئي، ائين ٿي لڳو ته هُو مري ويندو. چاليهن سالن جي هڪ پراڻي عادت ڇڏي ڏيڻ ڏُکي ڳالهه آهي. پر سندس اٽل ارادي ۽ انقلابي جذبي سبب سندس طبيعت ۾ بهتري آئي. هُو جرمني ويو، جتي سندس ملاقات چيني شاگردن سان ٿي، جيڪي ڪميونسٽ مسلڪ جا پوئلڳ هئا. انهن ڪميونسٽ دوستن کيس مارڪس ۽ اينگلز جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا. سندس مطالعي جي شوق ۽ پرولتاري (Proletary) انقلاب، انهن ٻنهن ڳالهين کيس ڪميونسٽ بڻايو. هن روسي انقلاب ۽ مارڪسيت جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو. جرمني ۾ سندس حيثيت هڪ معمولي سپاهي واري هئي. هُو ان حالت ۾ فرانس به ويو. اُتي به چيني ڪميونسٽ شاگردن سندس جذبن ۾ جوش پيدا ڪيو. هُو روس ويو ۽ ماسڪو ۾ ”مشرق جي محنت ڪشن واري يونيورسٽي“ ۾ داخلا ورتائين. اُتي کيس ڪارل مارڪس، اينگلز، لينن ۽ ٽراٽسڪي جي خيالن ۽ عقيدن جو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ جو موقعو مليو. 1925ع ۾ هُو شنگهائي موٽي آيو ۽ اچي جنرل ’چوپِي ٿي‘ جي فوج ۾ شامل ٿيو.

چوپِي ٿي کيس 1927ع ۾ نانچانگ جي محڪمه حفاظت عامه جو صدر مقرر ڪيو، ان دوران هن هڪ ننڍي فوج تيار ڪئي. ان کي جديد تربيت ڏياري، هن ڪومنتانگ جي نائين فوج سان پنهنجو تعلق پيدا ڪيو.

ان دوران چيانگ ڪائي شيڪ جي قومي فوجن ۽ ڪميونسٽن جي فوجن وچ ۾ جنگ شروع ٿي، چيانگ ۽ ڪميونسٽن جي ان مخالفت جو احوال اڳ ۾ اچي چڪو آهي. چوٿي ڪميونسٽ هو، ۽ جنرل چوپِي ٿي جو ماتحت هو. چوپِي ٿي چيانگ ڪائي شيڪ جو ساٿي هو. اهو موقعو چوپِي ٿي لاءِ ايڏو عجيب و غريب هو، جو هُو پريشان ٿي ويو ته هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي. ڪميونسٽن جي مدد سندس فرض هو. پر ائين ڪرڻ سان کيس سرڪاري ۽ فوجي فرضن ۽ پنهنجي ڪمانڊر جي حڪمن جي خلاف ٿيڻو ٿي پيو. نيٺ هن ڪميونسٽن جي مدد جو فيصلو ڪيو. هُو پنهنجي ڪمانڊر جي مخالفت ۾ ميدان ۾ لهي پيو. نائين فوج جو هڪ وڏو حصو به چوٿي سان شامل ٿي ويو.  ڪميونسٽن کيس سياسي مشاورت جو صدر بڻايو. چيانگ ڪائي شيڪ کي جيترو خطرو چوٿي مان هو، اوترو ٻئي ڪنهن ڪميونسٽ مان نه هو. هن کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ هڪ سِٽ سِٽي. هڪ رات چيانگ ڪائي شيڪ جي ساٿين اوچتو سندس رهڻ واري هنڌ مٿس حملو ڪيو، سندس گهر جي چئني طرفن کان گهيرو ڪيو ويو، ڪجهه ماڻهو هٿيار کڻي سندس آرام واري ڪمري ۾ گهڙي آيا، هُو ان وقت جاڳي چڪو هو. هن جڏهن ڏٺو ته دشمن کيس گولي هڻڻ وارا آهن، ته هن چيو ته، ”چوٿي اندر آهي، مان سندس بورچي آهيان.“ پر دشمن سندس آواز سڃاڻي ورتو ۽ کيس گرفتار ڪيائون. کيس گولي هڻڻ وارا هئا ته هن اوچتو پنهنجي هٿيار سان ان شخص تي حملو ڪيو ۽ تيزي سان گهر مان ڀڄي ويو.

ان مصيبت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ کان پوءِ هُو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻئي ڪميونسٽ اڳواڻ ماؤذي تونگ سان وڃي مليو. انهن ٻنهين جي فوجن متحد ٿي قومي فوجن جو مقابلو ڪيو ۽ لانگ مارچ شروع ڪيو، جيڪو چين ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جي ڪاميابي ۽ ڪميونزم جو بنياد آهي، چوٿي ئي اهو ڪمانڊر هو، جنهن سرخ فوج جي تربيت ڪئي. ان کي نئين سِر منظم ڪيو ۽ قومي فوجن جو مقابلو ڪيو، مجبور ۽ بيوس سرخ فوج پنهنجي بيوسي جي باوجود ايڏي ته سگهاري ٿي وئي، جو چيانگ ڪائي شيڪ کي هڪ سرخ سپاهي جي قتل لاءِ ٻه لک ڏهه هزار رپيا خرچ ڪرڻا پوندا هئا.

مئي 1928ع ۾ چوٿي ۽ ماؤذي تونگ متحده ٿي قومي فوجن جي خلاف سرخ فوج جي اڳواڻي ڪئي، چوٿي جي ان ڏاهپ کان تنگ ٿي چيانگ ڪائي شيڪ سندس گرفتاري لاءِ ٻه لک پائونڊ انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پر پوءِ به چوٿي گرفتار ٿي نه سگهيو.

1931ع ۾ چوٿي کي سرخ فوج جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو ويو. چين پنهنجي هزار مجبورين باوجود جپان جو وڏي همت سان مقابلو ڪيو. ان بچاءَ جو سهرو سرخ فوج ۽ چوٿي جي سر سونهين ٿو. وطن جي آزادي لاءِ چوٿي هڪ بهادر ۽ مُحبِ وطن انسان وارو ڪردار ادا ڪيو.

چوٿي جي گهر واري هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي، جيڪا ڪميونسٽ عقيدي جي پرستار ۽ جانثار هئي. چيني عورتن جي هڪ مختصر فوج جي ان عورت تربيت ۽ تنظيم ڪئي ۽ عورتن جي هڪ نرسنگ جماعت پڻ بڻائي، جيڪا زخمي سپاهين جي ٽهل ٽڪور ۽ ملم پَٽي ڪندي رهندي هئي ۽ وطن جي بچاءَ لاءِ اها چوٿي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڏي همت سان وڙهندي رهي. ان سان گڏ هزارين چيني عورتن جي هڪ فوج پڻ هوندي هئي، جيڪا وطن تان هر وقت قربان ٿيڻ لاءِ تيار رهي ٿي. جڏهن ڪنهن ملڪ جي عورتن ۾ اهڙي سجاڳي اچي وڃي، ته ان ملڪ جو مستقبل ڪنهن تشريح جو محتاج نه ٿو رهي، بلڪه محڪوم ۽ غلام قومن لاءِ هڪ سبق آهي ته اهي به پنهنجي وطن جي آزادي واري جنگ ۾ مشهوري حاصل ڪن.

هُو ايڏو بهادر هو جو پنجاهه سالن جي ان پوڙهي کان جپاني ڊڄندا هئا. چيني عوام خاص طور مزدور، هاري ۽ ڳوٺاڻا سندس پرستار هئا. شروع ۾ هُو آفيمي هو، عياش هو، پر وطن جي ابتر حالتن سندس دل ۾ اهڙو قوميت جو جذبو پيدا ڪيو، جو هُو وطن جي آزاديءَ جو محافظ ۽ نگران بڻيو. بيشڪ، جنهن قوم ۾ چوٿي جهڙا محب وطن پيدا ٿيندا، ان قوم جي تقدير بدلجي ويندي.

قومن جي تقدير تڏهن بدلجندي آهي، جڏهن انسان فضول روايتن کان بغاوت ڪندو آهي، وطن جي حُب ۾ سرشار ٿي ان جو جانثار بڻجي ويندو آهي. چوٿي جي زندگي به چين جي آزادي ۽ خوشحالي لاءِ وقف هئي. چين عيش عشرت، آفيم ۽ ٻين نشن کان نجات حاصل ڪري آزادي جي منزل ماڻي.

  

ضميمو الف

 

نمبر

حڪمران خاندان

حڪومت جو زمانو

1.          

اصنامي

2697 ق.م کان 2205 ق.م

2.         

شيا

2205 ق.م کان 1766 ق.م

3.         

شانگ يايِن

1766 ق.م کان 1122 ق.م

4.         

چاؤ

1122 ق.م کان 249 ق.م

5.         

چِن

249 ق.م کان 207 ق.م

6.         

هان

206 ق.م کان 220ع

7.         

وي

220ع کان 264ع

8.         

چِن

265ع کان 419ع

9.         

سُنگ

420ع کان 478ع

10.     

چي

478ع کان 502ع

11.      

ليانگ

502ع کان 557ع

12.     

چَن

557ع کان 589ع

13.     

سُوئي

589ع کان 618ع

14.     

تانگ

618ع کان 907ع

15.     

لِيانگ

907ع کان 922ع

16.     

تانگ

923 کان 935ع

17.     

چِم

936ع کان 946ع

18.     

هان

946ع کان 950ع

19.     

چاؤ

951ع کان 959ع

20.    

سُونگ

960ع کان 1280ع

21.     

يان

1280 کان 1368ع

22.    

مِنگ

1368 کان 1644ع

23.    

چِنگ يامانچو

1644ع کان 1911ع

24.    

جمهوريه چين

1911ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org