سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: چين جون مشهور شخصيتون

 

صفحو:5 

بهادري ۽ مقبوليت جي اعليٰ مقام تي پهچڻ کان پوءِ چيانگ هڪدم سياست ڇڏي واپار ۾ مشغول ٿي ويو. ان ڳالهه کي عوام چيانگ جي خود غرضي سمجهيو. سندن خيال موجب هن وطن کي اهميت ڏيڻ بجاءِ واپار کي اهميت ڏني. پر سندن اها سوچ غلط هئي، عوام جي خوشحالي لاءِ دولت جي ضرورت هئي. هُو ڪجهه ڏينهن واپار ۾ مصروف رهيو. ان مان جيڪا آمدني ٿي، سا هن عوام جي خوشحالي لاءِ صرف ڪئي، بعد ۾ عوام محسوس ڪيو ته هن اهو چڱو ڪم ڪيو. 1921ع ۾ هُو وڏي دولت ڪمائي ٻيهر سياست ۾ شريڪ ٿيو.

هيءَ هڪ حقيقت آهي ته ڊاڪٽر سن يات سين جي ڪاميابي ۾ چيانگ جو وڏو حصو آهي. جيئن ته چيانگ ڪائي شيڪ، ڊاڪٽر سن جو خاص صلاحڪار هو، تنهنڪري جيڪي اهم ڪم هوندا هئا، سي هي پورا ڪندو هو. ان اعتماد ۽ يقين جي ڪري هڪ ڀيرو 1922ع ۾ ڊاڪٽر سن يات ۽ چيانگ ڪائي شيڪ لڳاتار ڇاونجاهه ڏينهن قومي تعمير واري پروگرام جي سلسلي ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ مصروف رهيا. اها ڪانفرنس پنهنجي نوعيت جي ڪري نهايت اهم هئي. جيئن ته اُترين علائقن جا فوجي عهديدار مرڪز خلاف سازشون سٽي رهيا هئا ۽ هڪ ٻئي سان وڙهي رهيا هئا. تنهن ڪري صُلح واري عالمي ڪانفرنس پنهنجو مقصد ماڻي نه سگهي.  سن کي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سرمايي جي ضرورت هئي ۽ اها اُميد برطانيه ۽ فرانس کان پوري ٿيندي نظر نه اچي رهي هئي. ڊاڪٽر سن يات ڇاونجاهه ڏينهن سوچ ويچار ۽ صلاح مشوري کان پوءِ چيانگ ڪائي شيڪ کي روس وڃڻ لاءِ راضي ڪيو، ته جيئن روس جي مالي مدد سان ملڪ جي تعمير جو ڪم جاري رکي سگهجي. 1923ع ۾ چيانگ روس ويو، اُتي وڃي هن روسي حڪومت آڏو پنهنجو موقف پيش ڪيو. اُتي رهڻ دوران سندس ملاقات ٽراٽسڪي ۽ زينوفيف سان ٿي، جيڪي ’ڪونٿرن‘ بين الاقوامي ڪميونزم جا روح روان هئا. روسي حڪومت چيانگ جي خواهش پوري ڪئي، ٻنهي ملڪن ۾ اتحاد ۽ دوستي جو معاهدو ٿيو. ڇهن مهينن کان پوءِ چيانگ چين مان موٽي آيو ۽ فوج جي اعليٰ عهدي تي فائز ٿيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن ڪينٽن جي ويجهو ڌامپو ۾ فوجي تربيت گاهه قائم ڪئي ۽ هڪ وڏي فوج تيار ڪيائين، جيڪا نَون فوجي طريقن کان واقف هئي ۽ وٽس جديد هٿيار به هئا. چيانگ هڪ سال جي ٿوري عرصي ۾ ايڏو وڏو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو جو عوام حيران ٿي ويو. 1925ع ۾ هو ڪومنتانگ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو صدر چونڊجي ويو. انهن خدمتن جي ڪري هُو ڊاڪٽر سن يات سين جي لاڏاڻي وقت چين جي قومي فوج جو سپهه سالار ٿي ويو هو.

ڊاڪٽر سن يات مرڻ کان اڳ پنهنجي جانشيني جو انتظام ڪري ڇڏيو هو. هُو وانگ چنگ وي کي سياسي اقتدار ڏئي ويو هو. باقي فوجي انتظام چيانگ جي حوالي ڪيو هئائين. وانگ چنگ وي کاٻي (Leftist) جماعت جو ممبر هو. تنهنڪري توازن رکڻ لاءِ سن يات ساڄي (Rightist) جماعت جو هڪ ممبر هُوهاؤمن کي منتخب ڪيو. مگر سن يات جي مرڻ کان پوءِ اهو انتظام گهڻو وقت هلي نه سگهيو. هُوهاؤمن جلدئي لاڏاڻو ڪري ويو. چيانگ ان موقعي کي غنيمت سمجهي وانگ چنگ وي کي ڌار ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ڪومنتانگ جو صدر بڻجي ويو.

ڪومنتانگ جي اڳواڻي ۽ ذميواريون سنڀالڻ کان پوءِ چيانگ هر انتظامي کاتي ۾ سڌارا آندا. هن گهڻو توجهه فوج تي ڏنو ۽ هڪ وڏي ماهر فوج تيار ڪئي. چيانگ کي يقين هو ته جيستائين چين متحد نه ٿيندو ۽ مرڪز گريز طاقتون ختم نه ٿي وينديون، تيستائين ملڪ ترقي ڪري نه سگهندو. هن پنهنجي هڪ تقرير دوران چيو ته، ”چين سان ٻين ملڪن جا جيڪا اڻ برابري وارا معاهدا آهن، جيستائين اهي ختم نه ٿي ويندا، تيستائين هُو پنهنجي مهم جاري رکندو. ڇاڪاڻ ته ان کان سواءِ چين آزاد ٿي نٿو سگهي.“

ڊاڪٽر سن يات ملڪ آڏو ٽي نظريا پيش ڪيا، هڪ قوميت، ٻيو جمهوريت، ٽيون اشتراڪيت (سوشلزم). چيانگ پهرين يعني قوميت ۽ ٻڌي واري نظريي کي اهميت ڏني، چيائين ته سڀ کان پهرين چين کي متحد ڪرڻ گهرجي. ’يساري‘ (Leftist) جن ۾ ڪميونسٽ به هئا، تن چيانگ جي مخالفت ڪئي. هنن چيو ته شاهي خاندان جي ڏاڍ، ڏُڪار، گهرو ويڙهه، بغاوت ۽ انقلاب جي ڪري عوام ڪنگلو، ڏکيو ۽ بُکيو ٿي ويو آهي، تنهنڪري پهريائين انهن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. قوميت ۽ ايڪي جي ڪوشش ۾ چيانگ ڪائي شيڪ کي مهاڏو اٽڪائڻ وارن فسادين سان وڙهڻو پوندو، جنهن سان ملڪ جي امن و امان ۾ خلل پوندو ۽ ڏکين بُکين ماڻهن جي حالت بدتر ٿي ويندي. ٻئي پنهنجي پنهنجي ڳالهين تي هوڏ ٻڌي بيٺا. ان ضد جي ڪري چيانگ ۽ ڪميونسٽن ۾ اختلاف پيدا ٿيا، جيڪي اڳتي هلي گهڻو وڌي خطرناڪ بڻجي ويا. جڏهن چيانگ ڪائي شيڪ شاهوڪارن ۽ بينڪ جي مالڪن کان قرض وٺڻ لاءِ شنگهائي ويو ته شاهوڪارن هڪدم سندس مدد ڪئي. جيئن ته هن ان رقم ذريعي ڪميونسٽن جي پاڙ پٽڻ ٿي گهري تنهنڪري سوشلسٽن، چيانگ جي ان حرڪت کان بغاوت ڪئي. چيانگ هڪدم اها بغاوت ڪچلي ڇڏي، پر سوشلسٽن سختين جي باوجود هانڪاؤ ۾ پنهنجي هڪ الڳ حڪومت قائم ڪئي.

ڪميونسٽن جي انهن اختلافن هوندي چيانگ ڪائي شيڪ قوميت ۽ اتحاد خاطر اُتر چين جي فوجي عهديدارن تي حملو ڪيو ۽ هڪ ٻئي پٺيان هُو سندن علائقا فتح ڪندو رهيو. اها مهم جولاءِ 1928ع تائين جاري رهي. هن اُتر چين جي گاديءَ وارو شهر پيڪنگ به فتح ڪيو. پيڪنگ جي فتح صحيح معنيٰ ۾ اُتر ۽ ڏکڻ جي مرڪز مخالف قومن جو خاتمو ڪيو ۽ متحده چين جو بنياد رکيو. اهڙيءَ ريت سڄو چين چيانگ جي اقتدار ۾ اچي ويو. ان فتح کان پوءِ پيڪنگ بجاءِ نانڪنگ کي گادي جو هنڌ بڻايو ويو، جيئن ته پيڪنگ انتهائي اُتر ۾ هو، تنهنڪري ڏاکڻين علائقن تي نگراني رکڻ مشڪل هئي. نانڪنگ جي هن قومي حڪومت کي برطانيه به 1928ع جي آخر ۾ تسليم ڪيو.

انهن فتحن کان پوءِ چيانگ فلاحي ۽ تعميري ڪمن طرف توجهه ڏنو، هن ملڪ ۾ سوين ميل ڊگهيون سڙڪون بڻايون ۽ ريل جو انتظام ڪيو ۽ ٻين گهڻين ئي سهوليتن جو پڻ انتظام ڪيو. انهن ڪمن جي ڪاميابي لاءِ ٻاهرين ملڪن جرمني، برطانيه، فرانس ۽ بيلجيم کان قرض ورتا ويا، ملڪ ۾ مقامي حڪومت خوداختياري رائج ڪئي وئي. هارين کي ٿوري وياج تي قرض ڏنو ويو. 1931ع ۾ هڪ قومي معاشي ڪائونسل قائم ڪئي وئي ۽ مجلسِ اقوام جي ماهرن کي صلاح مشوري ۽ رهنمائي لاءِ سڏايو ويو. ڪيتريون ئي بئنڪون قائم ڪيون ويون. تعليم عام ڪرڻ لاءِ سوين اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪيا ويا.

جزسيمو چيانگ معاشرتي انقلاب لاءِ هڪ نئين تحريڪ جي شروعات ڪئي. اها نئين تحريڪ ”نئين زندگي تحريڪ“ جي نالي سان مشهور آهي، جنهن جو مقصد هو قديم ۽ جديد اصولن جي هم آهنگي سان زندگيءَ جو هڪ نئون فلسفو پيش ٿي سگهي. نيڪي، عدل، انصاف ۽ سهڻا اخلاق، جيڪي هن نئين دور ۾ پوين پساهن ۾ هئا، تن کي فنا ٿيڻ کان بچائي سگهجي. ۽ ماديت جي هن دور جي تهذيب کي به اهڙي ريت اختيار ڪيو وڃي، ته جيئن قديم آداب ۽ اخلاق کي ڪو نقصان نه پهچي. اها تحريڪ اصل ۾ مشرق کي مغرب تي فتح حاصل ڪرڻ جي حوالي سان چين جي ان عظمت جو هڪ مظهر آهي، ته چين مغرب کان متاثر هوندي به مشرق جي روحانيت کي ڇڏڻ نه ٿي گهريو. ان تحريڪ جو اڳواڻ خود جزسيمو هو. ان تحريڪ ٿوري عرصي ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون. مادام چيانگ ان تحريڪ تي عمل ڪرائڻ خاطر جلسن، تقريرن ۽ تحريرن ذريعي مستفيد ڪندي رهي. چيانگ ڪائي شيڪ جو خيال هو ته جيڪڏهن هيءَ تحريڪ ڪامياب ٿي ته ملڪ ۾ امن و امان قائم ٿي ويندو ۽ نئين تعليم سان گڏوگڏ عوام ۾ سهڻا اخلاق به موجود رهندا.

اهڙن فلاحي ڪمن سان ملڪ ۾ امن و امان قائم ٿيڻ گهربو هو. پر چين جي بدقسمتي، جو ائين ٿي نه سگهيو. چيانگ ۽ ڪميونسٽن ۾ جيڪي اختلاف هئا، سي ڏينهون ڏينهن وڌندا رهيا. چيانگ کي اهو شڪ هو ته ڪميونسٽ چين ۾ بالشويڪي (انقلاب پسند) نظام رائج ڪرڻ گهرن ٿا. اهو شڪ تڏهن پڪ ۾ تبديل ٿيڻ لڳو، جڏهن ڪميونسٽن جون ڪي اهڙيون لکتون چيانگ کي مليون، جن ۾ اهو مقصد چِٽو نظر ٿي آيو، ڪميونسٽن چيانگ جي اتحاد واري تحريڪ جي مخالفت ڪري، پنهنجي هڪ ڌار حڪومت قائم ڪئي هئي.

جڏهن نانڪنگ ۾ قومي حڪومت قائم ٿي وئي ته چيانگ ڪومنتانگ مان سمورن ڪميونسٽن کي تڙي ڇڏيو. مشهور روسي، جنرل گيلن ۽ برودين کي به ملڪ مان تڙي ڇڏيائون ۽ ڪميونسٽ تحريڪ تي ملڪ ۾ پابندي لڳائي وئي. ان کان علاوه کين هانڪاؤمان به نيڪالي ڏئي ڇڏيائون. ڪميونسٽن ان جي ڪا پرواهه نه ڪئي. هنن نانچانگ ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ ان شهر کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. اتي ڪميونسٽن جي اڳواڻ چواين لائي سرخ فوج جو بنياد رکيو، جيڪا جلدئي وڏي فوج بڻجي وئي. چيانگ ڪائي شيڪ جي ان ڪميونسٽ دشمني جي باوجود ڪميونسٽ لاڙا عوام ۾ مقبول ٿي رهيا هئا. چين جا مزدور، هاري ۽ شاگرد ڳاڙهي جهنڊي هيٺ ٽولن جي صورت ۾ گڏ ٿي رهيا هئا، ملڪ جي معاشي بدحالي ۽ سڃائي جي اهائي تقاضا هئي ته عوام مساوات ۽ ترقي واري ان نظام جو مددگار ٿي وڃي. اها وڌندڙ طاقت چيانگ ڪائي شيڪ کي نه وڻي. هن 1930ع ۾ مٿن حملو ڪيو، پر ڪميونسٽن قومي فوجن کي ٽي چار ڀيرا اهڙي شڪست ڏني جو چيانگ کي پنهنجو مستقبل پُرخطر نظر اچڻ لڳو.

ڪميونسٽن جي مقابلي ۾ قومي فوجن جي شڪست ڄڻ چيانگ ڪائي شيڪ جي شڪست هئي، تنهنڪري هن 1933ع ۾ وڏي تياري ڪري پنهنجي ڪمان ۾ مخالفن تي هڪ ٻيو وڏو حملو ڪيو، پر پوءِ به کيس ڪاميابي نصيب نه ٿي. ان شڪست کيس گهڻو ڪاوڙايو. هن وري وڏي جوش ۽ جذبي سان انهيءَ ئي سال آڪٽوبر ۾ هڪ وڏي فوج سان مخالفن تي ٽيون حملو ڪيو. سرخ فوج لڳاتار حملن سبب ڪمزور ٿي رهي هئي. ان وڏي حملي کين پٺتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. ڪميونسٽن جي سرخ فوج هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ ڪُوچ ڪندي رهي. سُرخ فوج جي اها مهم ”لانگ مارچ“ جي نالي سان مشهور آهي. جيڪا 16 آڪٽوبر 1934ع تي ختم ٿي، جڏهن سُرخ فوج هلندي هلندي اچي ”ينان“ شهر ۾ پهتي. مانچوريا جو فوجي آفيسر چيانگ سيولانگ، جنهن کي ”ينگ مارشل“ سڏيو وڃي ٿو، سو چيانگ ڪميونسٽن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. هُو پنهنجي ان مهم ۾ انتهائي پريشان ٿي ويو، جڏهن ته سندس فوج، سرخ فوج جي مقابلي ۾ شڪست تي شڪست کائڻ لڳي. ان موقعي کي غنيمت ڄاڻي ڪميونسٽن ينگ مارشل کي پنهنجي پرچار ۽ تحريڪ کان واقف ڪرايو. ينگ مارشل پاڻ به محسوس ڪيو ته عوام ان تحريڪ کي ان ڪري پسند ڪري ٿو، جو ان ۾ ئي سندن بهتري، ڀلائي ۽ ترقي آهي. اهوئي سبب آهي جو هُو ان تحريڪ کان متاثر ٿي، ان ۾ شريڪ ٿي ويو ۽ چيانگ کي سرخ فوج سان مفاهمت ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيائين. جنگ جي اهڙي صورتحال ۾ ان عجيب تبديلي چيانگ کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو ته شڪاري خود شڪار ٿي ويو. هو هڪدم هوائي جهاز ذريعي ”سيان“ آيو. ينگ مارشل ۽ ٻين ڪميونسٽن ملڪي صورتحال ۽ جپان جي حريص ارادن بابت کيس ٻڌايو. پر پوءِ به چيانگ جي ڪاوڙ نه لٿي. ان موقعي تي ڪميونسٽن 12 ڊسمبر 1936ع چيانگ جي رهائش واري جڳهه جي ويجهو بغاوت ڪئي. جڏهن چيانگ کي اها خبر پئي ته هُو پنهنجي گهر جي ديوار ٽپي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته هيٺ ڪِري پيو، پٺي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، کيس ان حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. ان صورتحال مان اها اميد هئي ته هو ڪميونسٽن جا مطالبا مڃيندو. پر مٿس ڪو اثر نه ٿيو. هُو مرڻ لاءِ تيار هو، پر آڻ مڃڻ لاءِ تيار نه هو. اتفاق سان اهو مامرو بنان ڏک ۽ غم جي پڄاڻي کي پهتو. مادام چيانگ ۽ ڪائي شيڪ جي هڪ انگريز دوست ڊانلڊ، پنهنجي ذاتي ڪوششن سان چيانگ ڪائي شيڪ کي مجبور ڪيو ته هُو وطن جي مفاد خاطر اهي مطالبا مڃي. هنن ٻنهين جي زور ڀرڻ تي چيانگ اهي شرط مڃيا. اهڙيءَ ريت ڪميونسٽن ۽ چيانگ جا اختلاف ختم ٿي ويا ۽ چين ايڪي ۽ ٻڌي واري صحيح منزل تي پهچي ويو. ڪميونسٽن تان پابنديون ختم ڪيون ويون. روس سان ٻيهر تعلقات قائم ڪيا ويا ۽ 25 ڊسمبر چيانگ کي آزاد ڪيو ويو، سندس آزاد ٿيڻ تي سڄي چين ۾ خوشيون ملهايون ويون. روشنيون ڪيون ويون. واقعي چين جي قومي زندگي ۾ اهو عيد جو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن چين ”هڪ“ ٿي ويو.

سرخ فوج ۽ ڪومنتانگ جو اهو ايڪو جپان لاءِ هڪ عذاب هو، ڇاڪاڻ ته ان اتحاد سان قومي ٻڌي ۽ ايڪو پيدا ٿي چڪو هو ۽ روس به چين جو حامي بڻجي چڪو هو. انهن حالتن جپان جي حريص نگاهن ۽ شهنشاهي ارادن کي شڪست ڏني. هنن ڏٺو ته چين ۾ ايڪي ۽ ٻڌي جي اڃان هينئر شروعات ٿي آهي، وڌيڪ وقت ۽ مهلت ملڻ سان هو وڌيڪ مضبوط ٿي ويندو، اهو سوچي جپاني حڪومت فيصلو ڪيو ته هينئر ئي چين تي حملو ڪيو وڃي. نيٺ 7 جولاءِ 1937ع جپان چين تي حملو ڪيو. جپان جي وڏي طاقت اڳيان چين هيڻو ٿي پيو ۽ کيس شڪست ملي. جيڪڏهن چين جي شڪست جو غور سان مطالعو ڪيو وڃي، ته معلوم ٿيندو ته حقيقت ۾ اها شڪست نه هئي، پر چيانگ ڪائي شيڪ جي دورانديشي ۽ دانائي جو هڪ نمونو هئي. تنهنڪري چيانگ جي فوجي ڏاهپ جو مختصر ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. سندس فوجي ڏاهپ ٽن دورن تي مشتمل آهي. پهرين دور ۾ چيانگ ملڪ جو بچاءُ ۽ جنگ جي تياري لاءِ ڪجهه مهلت حاصل ڪئي. ٻئي دور ۾ هن گوريلا جنگ واري تجويز تي عمل ڪيو. چيني گوريلا سپاهين، جپاني سپاهين کي دوکو ڏئي مختلف ٽولن ۾ ورهائي، کين خطرناڪ هنڌن تي آڻي نقصان پهچايو. ٽيون دور عملي طور جنگ ڪرڻ جو هو، جيڪو گذريل ٻن دورن مان حاصل ڪيل سهوليتن سبب شروع ٿيو.

چين جي اڌ حصي تي جپان قبضو ڪيو هو. پر ان هوندي به چيني ست سال جپان جي ڏاڍ ۽ ظلم جو مقابلو ڪندا رهيا. تاريخ ۾ اهڙا مثال ورلي ملي سگهن ٿا. اهڙين ڏکين حالتن ۾ چينين جو اڳواڻ چيانگ ڪائي شيڪ هو، جيڪو ڏينهن رات وطن جي بچاءَ ۽ آزادي لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو. ان کان پوءِ چينين جي ان هردلعزيز اڳواڻ هندوستان وڃي هندوستان ۽ چين جا پراڻا تعلقات بحال ڪيا.

چيانگ ڪائي شيڪ جي خانگي زندگي:

هندوستان پنهنجي اکين سان پنهنجي مهمان کي ڏٺو ته هو ڪيڏو نه بااخلاق، بامروت ۽ بردبار آهي. پر هُو سياسي معاملن ۾ سخت ۽ اٽل ارادي وارو آهي. سندس شهرت جو وڏو راز سندس گهرواري مادام سونگ آهي، جنهن سان سندس بي پناهه محبت هئي. مادام سونگ سندس ٻيو نمبر گهرواري هئي. چيانگ جي پهرين شادي چيني رسم و رواج مطابق پندرهن ورهين جي عمر ۾ مس ميئو سان ٿي هئي. پر ان گهرواري سان سندس تعلقات سٺا نه هئا، تنهنڪري هن 1921ع ۾ کيس طلاق ڏئي ڇڏي. پهرين گهرواري مان کيس هڪ پُٽ ڄائو هو. جنهن جو نالو چنگ ڪُو هو. چنگ ڪُو وڏو ڪميونسٽ هو. تڏهن جڏهن ڪائي شيڪ ۽ ڪميونسٽن ۾ سخت اختلاف هئا. چنگ ڪُو پيءُ سان مهاڏو اٽڪائڻ نامناسب سمجهي رُسي روس هليو ويو. جڏهن ڪميونسٽن ۽ چيانگ ۾ صلح ٿيو، ته چنگ ڪُو به وطن موٽي آيو ۽ پوءِ ڪيانگسي صوبي جو ڪمشنر بڻيو.

پهرين گهر واري کي طلاق ڏيڻ کان پوءِ چيانگ جي مس مئي لِنگ سونگ سان ملاقات ٿي. پهرين ئي ملاقات ۾ هُو مٿس موهت ٿي پيو. هن ڪيترائي ڀيرا ساڻس محبت جو اظهار ڪيو، پر مادام هر وقت بيرخي ڪندي رهي. چيانگ جي ساڻس محبت ڏينهون ڏينهن وڌندي ويئي. هن پڪو پهه ڪيو هو ته سونگ سان ئي شادي ڪندو. ان شادي ۾ وڏي رنڊڪ اها هئي ته سونگ عيسائي هئي. جيڪڏهن چيانگ عيسائي ٿي وڃي ها ته پوءِ شادي ۾ ڪا رنڊڪ نه رهي ها. پر هن شادي خاطر مذهب مٽائڻ نه ٿي گهريو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن کيس عيسائيت ۾ ڪا سچائي ملي وئي ته هُو اهو مذهب قبول ڪندو. ان شرط تي مادام سونگ راضي ٿي وئي. ڊسمبر 1927ع ۾ سندن شادي ٿي، شادي کان پوءِ چيانگ عيسائيت جو گهرو مطالعو ڪيو ۽ آڪٽوبر 1930ع ۾ هُو عيسائي ٿي ويو. پر عيسائي ٿي وڃڻ کان پوءِ به هُو قديم چيني عقيدن موجب بزرگن جي پوڄا ڪندو رهيو.

چيانگ ڪائي شيڪ چين جو روح روان بڻجي ويو. ڪميونسٽ کيس فاشسٽ اڳواڻ ۽ مخالف آمر سڏيندا هئا، مخالفن جي اها ڪوشش هوندي هئي ته ڪيئن به ڪري سندس وقعت ختم ڪئي وڃي. پر هيءَ حقيقت آهي ته چيانگ جي شخصيت ئي مُلڪ کي ڪُنن ۽ طوفانن کان بچائي قوم کي منزل تي رسايو. ڪميونسٽن جي اختلافن ۽ اعتراضن جي ڪري هن عظيم اڳواڻ جي خدمتن کي وساري نٿو سگهجي، جيڪي هن جديد چين جي ترقي ۽ بقا لاءِ ڪيون. چين جي اها خوشقسمتي هئي جو بحراني دور ۾ ان کي چيانگ ڪائي شيڪ جهڙو اڳواڻ مليو، جنهن پنهنجي جاکوڙ سان چين کي ان اعليٰ مقام تي پهچايو، جيڪو ان ملڪ جو هزارين سال اڳ مقصد هو. جنهن ملڪ ۾ اهڙا اڳواڻ پيدا ٿيندا، ان ملڪ ۽ قوم جي تقدير بدلجي ويندي ۽ اها قوم دنيا ۾ پنهنجو نيڪ نالو ۽ اعليٰ درجو حاصل ڪندي ۽ ان جا مخالف سدائين ناڪام ۽ نامراد رهندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org