سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: اسان جو قلم هڪ عَلم

 

صفحو:22

حميد

عبدالقادر جوڻيجو

هن کان اڳ ٻه ٽي خاڪا ”رهڙيا“ اٿم، شخصيت جو ڪٿان ڪن ڪٿان پُڇ کڻي، ”تڪڙ“ جو پورائو ڪري ويهي رهيس. مون کي ته اهو احساس هو ته مضمون سان انصاف ڪونه ڪيو اٿم پر يارن جو چوڻ هو ته، مضمون سان نه پر شخصيت سان انصاف نه ڪيو اٿيئي“ ”ڀئي ڪيئن ؟“ جڏهن سڪي جا ٻه پاسا آهن ته پوءِ ماڻهو جا ته پڪ سان ٻه پاسا هئڻ کپن. پر تون هڪڙو پاسو کڻي ويهي رهيو آهين. مهرباني ڪري قصيده گوئيءَ جا ڌنڌا ڇڏي ڏي.“ يارن جي ڳالهه اکين تي پر پاڻ خاڪو لکون ئي اُن تي، جنهن جو هڪڙو پاسو ڏسڻ ۾ اچي ۽ جيڪڏهن هلندي ٻيو پاسو، جيڪڏهن ڊيگهه ويڪر وڌيڪ هجيس ڏسي وٺان، ته پوءِ خاڪي لکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ٻئي تي حڪم هلائڻ سولو آهي، پر پنهنجو پاڻ تي حڪم هلائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. شخصي طرح ڏاڍو جانبدار ماڻهو آهيان.

خير وري به يارن جي ڳالهه تي ڪن ڏيڻو ٿو پوي. سو ڪوشش اها ڪيم ته جيڪڏهن ٻيو پاسو آءُ پاڻ پنهنجي هنن اکين سان ڏسي نٿو سگهان ته ڪنن کان ڪم وٺان، ٻيءَ خلق کان پُڇان. سو حميد جي ”ٻئي پاسي “ کي ڳولي لهڻ لاءِ پنهنجي ”سوشيالاجي“ جي علم کي هلايم . حميد جي نون پراڻن پٽيوالن کان پڇا ڪيم ته ”ڀئي خبر ڏيو مڙس جي، ڪيتري پاڻيءَ ۾ هو ؟“

”سائين، الله ٻچن ۾ برڪت وجهيس. بادشاهه ماڻهو آهي. خدا خوش رکيس. حميد کي هلندي ڪوسو واءُ لڳو ته ڇهنڊ اسين به محسوس ڪنداسين.“ بلي بلي ؟ هاڻ سائين ڏيو. مُنهن انهيءَ ڪُت خلق جي زبان کي آڏو اچڻ وارو آءُ ڪير !

هاڻ وارو آيو ڪلارڪن جو، ڪلرڪ جي ذات واکاڻ خرچ ڪرڻ ۾ مڙيئي ڪميڻي آهي، سو پڪ ٿيم ته اتان ڪو سُريلو جواب ملندو، پر... ”سائين آفيسر ڪجئي ذات سان آهي ته ڀلا ڀلي پر حميد... حميد.“ جئي ناڪار واريءَ لوڏ سان، ”حميد آفيسر آهي ئي ڪونه.“

چڱو ڀلا اهي به ڇڏياسين. هاڻ وٺ انهن اديب دوستن کي جيڪي کيس ويجها رهيا. ظاهر آهي ته اديب ته نيٺ اديب آهي. اديب جي ذات عقل جو بار مٿي تي کڻي هلندي آهي. ڳالهه جو، شيءِ جو، شخصيت جو تجزيو ڪندي آهي. .زبان “ ۽ دوستيءَ جو ساٿ گهٽ رهندو آهي. انهيءَ ڌر مان اها پڪ هيم ته ڀلا جي خاڪي لکڻ تان هٿ نه کڻي سگهيس ته گهٽ ۾ گهٽ قلم جي نب ۾ مس سان ٿوري ٿوري ڪوڙاڻ به شامل هوندي. ڪوڙاڻ نه ئي سهي دل جو رت ئي سهي. پر اتان به اهوئي جواب مليم، جيڪو ٻين ڌرين ڏنو.

پنهنجيءَ مشن ۽ سوشيالاجي جي علم کي ائين بُريءَ طرح فيل ٿيندو ڏٺم. سو حميد جا دوست ڇڏياسين. من ڪو دشمن هٿ اچي ۽ خدا نٿو ڀلائي ته بئنڪ جي ماڻهن کان سواءِ اڃا ٻيو.... ته دشمن هٿ ئي نٿو اچي ۽ بئنڪ وارا وري چيڪ تي پئسن ڏيڻ ۽ مُنهن تي واکاڻ ڪرڻ جا سخي پر گلا ڪرڻ ۾ صفا ڪنجوس . پر انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته بئنڪ جو ماڻهو حميد جي گلا نه ڪندو ته حميد کي گهٽيءَ مان ايندو ڏسي لِڪي ڀڄڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو. سائين بئنڪ وارا به ڪيڏانهن وڃن، اڪائونٽ ۾ پئسو ٺهي نه جُڙي. ڏي هن کي چيڪ. جيڪو ڏس سو حميد جو چيڪ کڻيو اُڏاڻو اچي ۽ جي چيڪ نه مٽائين ته حميد پٿر هڻي بئنڪ جي درين جا شيشا نه ڀڃي پوءِ حميد محمد اسماعيل ميمڻ جو پُٽ ڪيئن سڏائي ؟

خير، انهن سڀني ڳالهين جي باوجود يارن جي صلاح ته يارن جي صلاح آهي. ”ٻئي پاسي“ تي بندوق هڻڻ لاءِ ڪو اُٺ هٿ نه اچي ته مَن سهو هٿ اچي. سهو ضرور هٿ ايندو ڇو ته حميد ”ماڻهو“ آهي. ملائڪ ڪونهي.

حميد سان پهرين ملاقات ” روح رهاڻ “ سان ملاقات هئي ٻئي ملاقات روح رهاڻ جي جشن ۾ نفيس بنفيس ٿي، اُتي ئي حميد کي تجلا ڏيندي ڏٺم، ڪهاڻيڪار ٿي آيس پر ماستر ٿي ويٺس. اتي ئي ”اياز “ جو ن ستن ڪوٽن ۾ ٽُنگ ڪرڻ واريون اکيون ڏٺم. اياز جي اک ۽ شاعريءَ کي زمانا وساري نه سگهندا.

ان کان پوءِ به حميد سان ملاقاتون ٿيون، پر پري پري کان. رجسٽرار هو، تڏهن به پري کان. ڇو ته منهنجو ”صاب“ هو.

صحيح معنى ۾ حميد سان تڏهن ملاقات ٿيم جڏهن همراهه پنهنجين سڀني خوبين کي ننڍڙي اٽيچي ڪيس ۾ کڻي اچي منهنجي آفيس ۾ اُها ٽيبل وسايائين، جيڪا کانئس اڳ مرحوم حنيف صديقي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، امداد حسيني، ثميره زرين ۽ عبدالقادر جوڻيجو وسائي چُڪا هُئا. جي نهيءَ ٽيبل جا ويهي قصا ڪهاڻيون بيان ڪجن ته پوءِ حميد جي ڳالهه ڪري نه سگهبي.

پهريون ڀيرو حميد ڪرسيءَ تي ويهي ٿڌو ساهه ڀريو ته مون، ناز ڀٽي ۽ قاسم هيدر هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو، دل ۾ چيوسين، ”مري وياسين، صاب گڏ ويٺو آهي. پنجين نمبر سگريٽن جا سوٽا هڻڻ ختم. غير پارلياماني لفظ استعمال ڪرڻ بند، چڻا ۽ ٻي ڌوڙ ڇائي کائڻ بند، پر پنهنجيءَ مرضيءَ سان چرڻ پُرڻ به بند. مطلب ته اسان جي آزاديءَ تي ڌاڙو لڳو هو، واهه جو لڳو هو ۽ پوري ٽائيم تي شامڙين جو لڳو هو. اسان جي گهر ۾ ڪک به ڪونه بچيو.

سائين هاڻ هڪڙي پاسي پنهنجي وقت جي هاڪاري ڪليڪٽر جو پُٽ، سابق ”روح رهاڻ “ جو سابق ايڊيٽر، وڪيل، ٺيڪيدار، ڪنٽرولر، رجسٽرار، ڊائريڪٽر آف ڪاليجز ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ ٻئي پاسي وري اهڙو ماڻهو (آءُ) جنهن جي مائٽن هڪڙيون چاريون اُٺيون، ٻيون ڪيون چوريون. پاڻ ڏهه سال پرائمري ماستر ٿي در در جا ڌڪا کاڌائين. احساس ڪمتريءَ جو شڪار ڄَٽُ ڄَٽُ جو پُٽ، سچ ڪري پڇو ته جڏهن رڳو A ٽائيپ ڪوارٽر مليم. جنهن ۾ وري هجن اٽيچڊ باٿ روم ۽ ڦوهارا ۽ پهريون ڀيرو جڏهن باٿ ۾ گهڙي مٿان ڦوهارو ڇڏيم ته چار ڪلاڪ ڦوهاري هيٺان نڪران ئي نه، آرٽس فئڪلٽيءَ ۾ آيس ته وات مان گِگَ بيهي نه.

سو ڪٿي آءُ ڪٿي حميد. رُڳا اديب هُجون ته ٺيڪ پر هڪڙو زبردست آفيسر، ٻيو زبردست آفيسر، هلي ويس ڊاڪٽر الانا صاحب وٽ، احتجاجي نظرن سان ڏانهس نهاريم. ڳالهه کي صحيح ڪيائين ۽ مُرڪي ڏنائين. سندس مُرڪ ۾ ڳاڙهي بتي پئي ٻري، ماٺ ڪري ڪنڌ لاڙي اچي آفيس ۾ ويٺس ۽ صرف اهوئي ڪري سگهيس جو حميد ڏانهن خار مان نهاريم، پر حميد کنگهيو ئي ڪونه، همراهه مٿي ۾ لڳڻو هو، سو لڳو، پر ڪو همدردي ڪرڻ وارو نه لڀي ڪنهن به خدا جي بندي ٻه وکون وڌي اچي مونکي ائين ڪونه چيو ته ”پنهنجيءَ آزاديءَ تي ڌاڙو لڳو آهي، توکان تنهنجي ٽيبل ڦُراڻي آهي. تنهنجيءَ ڀر ۾ هڪ اهڙي شخصيت ويٺي آهي، جيڪا تنهنجي شخصيت ختم ڪري ڇڏيندءِ تنهنجي لئه گڪي ٿي ويندي.“ يارن ۾ ڏاڍيون اُميدون هيم، پر اُميدون پوريون ٿيڻ پنهنجيءَ جاءِ تي مورڳو جيڪو يار اچي سو اچي، حميد جي مٺن ٻولن جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي. منهنجو رڳو اوٻاسين تي زور هو ۽ اوٻاسين جو زور تڏهن ٽُٽو جڏهن رعنا صديقيءَ پنهنجي مخصوص انداز ۾ انگريزيءَ زبان ۾ ٻه ٽي ڦوهارا ڏنا، منهنجي حالت تي رحم کائڻ جي بدران پنهنجي آزادي ختم ٿيڻ ۽ دادلي ٽيبل ڦُرجڻ تي سخت احتجاج ڪيائين. ۽ مونکي صورتحال جي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ڪيائين. خدا جي مهربانيءَ سان ان وقت حميد آفيس ۾ ڪونه هو، ڇو ته رعنا ڪڏهن به مصلحت کان ڪم نه وٺندي آهي، جيڪو دل ۾ سوچين تي، ڪنهن کي ڳالهه وڻي نه وڻي، ست راڄيءَ ۾ جنهن ڳالهه کي سچ سمجهندي، چئي ڪڍندي. خدا جي بندي ڪڏهن به Diplomacy مان ڪم نه وٺندي آهي. ڀاڳ وڏا آهن شفيق صديقيءَ جا جنهن جي گهر ۾ اهو سچ جو سونو ٽڪر اچي ڪريو آهي.

بهر حال آزادي ۽ ٽيبل جي جدوجهد اڃا ڪو رنگ اختيار ئي مس ڪري ته حميد آهستي آهستي ڪوڙڪي مون ڏانهن اُڇلائي. پتوئي ڪونه پيو هٿ، ٻانهون ۽ دماغ سڀ سُڪ ٿي ويا.

”قادر بسڪوٽن سان مڙيئي دل اٿئي نه ؟“

”ها سائين مڙيئي...“

”ها ها دٻ قصي کي....“ ٽيبل جي خاني مان بسڪوٽ ڪڍي ڀر ۾ ويهاريندي بسڪوٽ اڳيان رکندي چيائين، ”سڄو دٻو چٽ نه ڪجان گهر ۾ موچڙا ملندم.“

بسڪوٽن سان گڏ گهر جو هڪ ننڍڙو راز به منهنجي اڳيان رکي ڇڏيائين.

پوءِ ڳالهه آهستي آهستي اڳتي وڌي لکندي لکندي وچ مان هڪل ڪندو.

”پکي !“

”جي.“

”آهين ٽاٽائيءَ ۾ ؟“

”ها!“

”سگريٽ جو سوٽو ڪونه ٿو هڻين؟“

”پکي اڄ آرٽس فئڪلٽيءَ جو چڪر ڪونه ٿو ڪاٽين.“

”سستي ٿي پيئي آهي.“

”بس نه ، ٻيو ته ڪجهه نه آهي“

”ٻيو ڇا ٿيندو.“

پوءِ کُلندي حميد جي بئگ بئگ ۾ ڪاغذ گهٽ ۽ گوريون دوائون وڌيڪ پيل هونديون آهن، دل جي مريض کان وٺي ٽنگ جي سور تائين ۽ ٽنگ جي سور کان وٺي ”پيٽ جي سور “ تائين وٽس دوائون پيل هونديون آهن. هونئن مرض نه ڇڏيو ته پوءِ چيڪ بوڪ ڪڍندو. چيڪ بوڪ نڪتو آهي ته دل جا سڀ درد دور ٿي ويندا.

حميد رڳو دوائن ۽ چيڪ بڪن سان علاج نه ڪندو آهي پر جنُ به ڪڍندو آهي. منهنجي چوڻ جو مطلب اهو آهي ته ڪڏهن ڪو ڏينهن اهڙو هوندو آهي جو ماڻهو جي مٿي تي ڀوت چڙهندو آهي. انهيءَ ڀوت جي وڏي ۾ وڏي نشاني آهي ٿڌا ساهه حميد ٿڌا ساهه ٻڌي پهرين ته اکين ۾ معنائون ڀري نهاريندو، پوءِ چپن تي ٽڙنديس مُرڪ، انهيءَ مُرڪ ۾ هڪڙي هوندي معنى، ٻي هوندي بيماريءَ کان بچڻ جي سوچ، پوءِ هلندو علاج، هتان هُتان جون اوڀاريون لهورايون، ذري کان پوءِ مُڙس اٺ ڪور چڱو ڀلو. بهر حال حميد اهڙو هٿ جهليو، جو اسان جي آزادي موٽي آئي، غير پارلياني لفظ موٽي آيا، ڌوڙ مٽي کائڻ موٽي آيو. بلڪ اڳ بيٺا هئاسين لٺ جي وچ تي، سو حميد مورڳو کڻي وڃي ڇڏيو لٺ جي مُچي تي . حميد صاب مان ڦري پکي ٿي پيو.

ان آفيس مان ئي اسان جي هڪ ٻئي سان سڃاڻپ ٿي. هونئن ته پنهنجو پاڻ کي ئي سڃاڻڻ ڏکيو آهي سو ٻئي ماڻهو کي سڃاڻن ڏاڍو ڏکيو آهي، پر حميد اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي پاڻ کان اڳ ۾ سڃاڻي سگهجي ٿو.

”حميد ڏاڍو سهڻو آهي.“ اهو جملو مون گهڻن ماڻهن جي زبان مان ٻڌو پر گهڻن اکين به مونکي ٻڌايو ته ”....“ خير اها ڳالهه اتي. ڀلا حامي خيرپوريءَ کان وٺي قاسم ماڪا تائين ماڻهو پيا سندس حسن جي تعريف ڪندا ته انهن کي آءُ ڇا ٿو ڪري سگهان. پر ايمانداريءَ سان ٿو چوان ته حميد ايترو خوبصورت نه آهي جيترو ماڻهو ٿا چون يا اکيون ٿيون ڳالهائين. ها، قد ڊگهو اٿس، ٻيو ته ماڻهن جهڙو ماڻهو آهي. دراصل دوستن ڌوڪو کاڌو آهي. حميد وڏو دوکيباز آهي. حميد جي شڪل ۾ ڪجهه به نه آهي. دراصل حميد جي ”شخصيت“ جو فعلي تاثر ۽ قُرب اهڙيون شيون آهن، جيڪي کيس خوامخواه سونهن سوڀيا وارو ٿيون سڏائين ۽ هروڀرو حسن جي بازار ۾ بازي کٽيو بيٺو آهي. حميد اهو قرب ته الائي ڪهڙيءَ بازار مان آندو آهي. الائي لنڊن مان آندو اٿس يا نوشهري فيروز مان، باقي اٿس ڀلا ڀلي. کهريءَ جنس سان جو حميد هيئن ٿو پيش اچي ته پوءِ ٻئي پاسي هن جو ڪهڙو حال هوندو. اها خبر انهن کي، جن کي لڳي.

اسان جي سماجي جوڙجڪ ۾ ”اڇو ڪپڙو“ ڏکي ڌُر آهي. اڇي ڪپڙي وارو سياست کان سواءِ ٻيءَ هر ڪنهن ڳالهه ۾ سياست هلندو آهي. ان ڪري هلندي ڦرندي ڪپڙا وڌيڪ ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ ماڻهو گهٽ، حميد جيتوڻيڪ سٺا پائيندو آهي، پاڻ کي اڇي ڪپڙي وارو سڏائيندو آهي. پر جيڪڏهن ڏانهس ايمانداريءَ سان نهاريو (ائين نه جيئن ماٺيڻو اوٺو عينڪ لاهي پوءِ نهاريندو آهي.) ته ”حميد“ وڌيڪ ڏسڻ ۾ ايندو ۽ ڪپڙا گهٽ. وسين لڳين ڪنهن کي ڌڪ نه ڪڍندو. ان خيال سان کيس جپان جي ٽويٽا جيپ يا جرمن زال چئي سگهجي ٿو. حميد سڀني کان اڳتي وڌي وڃڻ جو گهڻو شوقين آهي، بلڪ انگريزيءَ ۾ کيس Crazy چئي سگهجي ٿو، پر اڳتي وڌڻ وقت ٻين جي آڏي ٽنگ ڏيئي انهن کي ڪيرائڻ جي ڪوشش نه ڪندو. پرپٺ ”ميارا“ رکي ويندو پر گلا نه ڪندو. (ميار ۽ گلا جي وچ ۾ تمام ننڍڙو ۽ تمام وڏو تفاوت آهي.) ”سڀني ڌرين جو خير.“ چئي پوءِ پوءِ پنڌ پوندو آهي. انهيءَ پنڌ دوران سڀني کان وڌيڪ يادگيري مولى سائينءَ جي هوندي اٿس. ڪڏهن ڪڏهن پنڌ ڪرڻ وسري ويندو اٿس ۽ رڳو مولى سائينءَ چوندو ته ”شُڪر آهي رب جو.“

حميد کي ڪيڏي به وڏي ڪرسي تي ويهاري ڇڏيو، ڪنهن کي نقصان نه ڏيندو. ڪنهن تي ڪاوڙيو ته بڙ بڙ ايتري ڪندو جو ماڻهو چوندو ته، ”شڪار“ جو سر ويو پر ٻئي ڏينهن سڄيءَ ڳالهه تان پاڻي ڦيري ماٺ ڪري ويهي رهندو بلڪ ائين چئجي ته سڄي ڳالهه وساري ويهي رهندو. خدا جي بندي پنهنجيءَ ڊائريڪٽريءَ جي دوران هلندي هڪڙي مک ماري وڌي. ڪنهن کي معمولي مڙيئي هڪڙي ماتحت کي تمام معمولي نقصان پهچايائين، نقصان اُن ماڻهوءَ کي پهچايائين ڦاٿاسين اچي اسين. ٻئي ڏينهن ٽئين ڏينهن اها ڳالهه کڻيو ويٺو هوندو، ”سائين فلاڻي کي اهڙي چوٽ ڏني اٿم جو ياد ڪندو.“ پوءِ هلندو فلاڻي خان کي چوٽ ڏيڻ جو قصو پوءِ سج کٽي يا ٻج کٽي. چار ڪلاڪ خدا جا اُهو قصو هلندو. مون کي ايترا ڀيرا ٻڌايو اٿس جو هاڻ جڏهن به ساڻس ملندو آهيان ته هٿ ملائڻ وقت دعا پيو گُهرندو آهيان ته، ”خدا سائين سڀ عذاب قبول آهن پر اِهو قصو مٿي ۾ نه هڻجانءِ.“

توهان پاڻ سوچيو ته مک مارڻ تي مڙس ايترو وٺي گوڙ ڪيو آهي. سو ماڻهن کي ڪهڙيءَ دل سان نقصان ڏيئي سگهندو.

ڳالهه آئي آهي قصن ٻڌائڻ جي. حميد وٽ ٻيا به قصا جام آهن. قصو بيان ائين ڪندو جو هڪڙو هوندو ئي ڊگهو ٻيو وري ڍرو ڍرو ڳالهائي. ڳالهه کي يڪو فرڙاٽ ڪرائي وڃي، سو نه ڪندو. وات مان لفظ وک وک ۾ ڏيئي سنجيدو ٿي نڪرندو. سندس وات مان نڪرندڙ لفظ آهن ته ڏاڍا شوقين پر هلڻ ۾ صفا سست. پنجن منٽن جو قصو ٻه ڪلاڪ وٺندو. ان ڪري حميد وٽ وڃجي ته پويان ڪم ڪاريون وساريءَ پوءِ وڃجي. ماڻهو ويو ته ست ڪلاڪ ڇٽو. (رڳو قصو ڪونه ٿو هلي، (يارن کي ڊڄڻ کپي ) پر وچ ۾ چانهه، ماني، سگريٽ، فروٽ، داليون، ٻارن لاءِ خريد ڪيل کٽمٺڙا پيا هوندا (سندس گهر واريءَ جي صبر ۽ سخاوت کي سلام آهي. )

هڪ ڀيري اها ڳالهه هلي ته حميد ريفريجريٽر ٿو وڪڻي. پڇا ڪئي ”ڇو؟“ جواب مليو ته ”ننڍي سائيز جو آهي. “ ڀئي ننڍڙو آهي ته ڇاٿي پيو؟ ماڻهن کي پئسا ڏيئي ڇڏيا هوندائين کُڻ کُٽو آهي.“ پر جڏهن سندس گهر وياسين تڏهن خبر پئي ته ڇو ٿو وڪڻي. وڏو ريفريجريٽر کپي، آخر قصن ٻڌڻ وارن دوستن جي پورت اهو ننڍو ريفريجريٽر ڪيئن ڪري سگهندو.

مُڙسن جون قطارون هڪڙيون ڏٺيونسون سئنيمائن تي ٻيون سياستدانن جي درن تي ۽ ٽين قطار ڏٺيسين حميد تي. هڪڙو ماڻهو اُٿي ته ٻيو ويٺو آهي ٻيو وڃي ته ٽيون، آءُ، قاسم ماڪا ۽ قاسم حيدر ڪرسيءَ تان اُٿي ٻاهر اچي آرس ڀڃي وري اندر اچون ته سڀ ڪجهه بلاڪ. ڪرسيون ميزون، اسٽول حميد آهي سو وچ ۾ پيو گهوٽ وانگر ٽڙي. قصو به بڌائيندو وڃي. چٺيءَ واري لاءِ چٺي ۽ نياپي واري لاءِ نياپو، نشانيءَ سميت ڏيندو وڃي ۽ جي فون ڪرڻي پوي ته پوءِ اُٿيو اچيو فون به ڪري.

”....يار ماڻهو موڪليان ٿو. ڪم ڪجانءِ نه ته آءُ بڇڙو ڪري ماريندوسانءِ.“ هاڻو ڦاٿو اهو يار جنهن ۾ ڪم هوندو. حميد جو ڪم نه ٿئي ۽ پوءِ ۽ پوءِ حميد ڇو سڏائي. مطلب ته ڪڏهن پيو نوڪريون وٺيو ڏيندو، ڪڏهن داخلائون، ڪڏهن قرض طور ڪڍندو ته ڪڏهن خيرات طور چيڪ ڪڍندو. ڪڏهن وري ٺلهي پارت تي زور هوندس. الائي ڪنهن صلاح ڏنيس جو اسيمبليءَ ۾ بيهڻ جي دوران آفيسر اچي ٿيو آهي. ڪم واري کي ته چوڻ جي همت ڪانه اٿس. وس وڏا ڪندو ڪم ڪرائڻ لاءِ پر جي ڪو ڪم ناممڪن هوندو ته به ٿورڙيءَ اُميد تي ها ڪري ويهي رهندو ۽ پوءِ نيٺ خطاب ملندس، ”ڏٽائي“ حميد جي وڏي ۾ وڏي گلا انهن لفظن ۾ ڪري سگهجي ٿي. حميد ڪو ملڪ جو بادشاهه ته ڪونهي جو سڀ ڪم ٿيندا وٽس. چار ٿيندا ته ٻه نه ٿيندا.

ڪا پنج مڻي ڳوڻ کڻڻي هجي. اُهو ڪم پنج ڄڻا ڀلي گڏجي ڪن، حميد رڳو ڳوڻ تي آڱر لاتي هوندي ته به چوندو ته اها ڳوڻ کنئي ئي مون.

”اڙي بابا توڪيئن کنئي. هيءَ ته اسان جي...“

”نه نه آءُ ائين ڪونه ٿو چوان. پر آءُ نه هجان ها ته ڳوڻ اوهان کان ڪونه کڄي ها.“

پر اها لئه ڪندو اُتي روبرو. ٻئي پاسي رپورٽ ڏيڻي پويس ته پوءِ پنهنجو ”ڪريڊٽ“ به ٻين جي حوالي ڪري ڇڏيندو. باقي مُنهن تي پنهنجيءَ طاقت جو رعب ضرور وجهندو. انهيءَ مان اهو نه سمجهبو ته ڪو الانا صاحب اسان کان ڳوڻيون کڻائيندو هو پر مطلب ته ٻيا ڪم، جيڪي ڪارڪنن جا ٿيندا آهن.

پڇيس، ”حميد صاحب، اوٻاسيون ڇو ٿا ڏيو؟“

”بس يار پوڙها اچي ٿيا آهيون.“

وري پڇيس، ”حميد صاحب بس ۾ پويان ڇو ٿا ويهو؟“

”بس پوڙها ماڻهو جو ٿياسين.“

وري پڇبس، ” حميد صاحب آهستي ڇو ٿا هلو؟“

”يار پوڙها هڏ آهن.“

”حميد صاحب تکا ڊوڙندا ڇو ٿا هلو؟“

”ڇا ڪريون پوڙها جو ٿياسين.“

بس پوڙهپڻ ته اچي حميد مان ڦاٿي آهي. اڃا ته ماشاءَ الله وار ڪارا لڳا پيا اٿس، چمڙيءَ ۾ سر ڪونه پيا اٿس. کڙائيءَ تڙائيءَ سان ٿو هلي، سڀاڻي جڏهن ڪجهه وار اڇا ٿيس، هڪڙو اڌ ڪو سَرُ پيس تڏهن مورڳو ائين نه چوڻ شروع ڪري ته ”بس يار مري ويا آهيون.

زوري پوڙهي ٿيڻ واري هن نوجوان جا آفيس جي ڪم ڪارين جا به ڪي اصول آهن.

اسان جو الانا صاحب سخت محنتي ۽ محتاط ماڻهو آهي، ان ڪري اُن جو اصول آهي ته ”ڪم ماڻهو لاءِ پيدا ٿيو آهي.“

ڊاڪٽر الانا جي گهڙيءَ جا ڪانٽا سندس ٽنگن جي رفتار سان سُر سُر م ملائي

هلندا آهن. ٺيڪ 8 لڳي 1 منٽ تي آفيس. ٺيڪ هيترا لڳي هيترن منٽن، هيترن سيڪنڊن تي هيءُ ڪم ضرور ٿيڻ کپي. ان ڪري جڏهن داڪٽر صاحب جي ڪرائيءَ ڏانهن نهاريو ته ڪرائي نظر ڪانه ايندي، رڳو گهڙيءَ جا ڪانٽا ڏسڻ ۾ ايندا.

حميد جي گهڙي وري سندس دل جي رفتار سان هلندي آهي ٽي ڀيرا ”ٽڪ

ٽڪ“ ڪندي ته چار ڀيرا وري ”ڌڪ ڌڪ“ ڪندي ان ڪري حميد جي گهڙيءَ ڏانهن نهاريو ته گهڙي ڏسڻ ۾ نه ايندي رڳو ڪرائي ڏسڻ ۾ ايندي. حميد ٻوڙو نه آهي، ان ڪري سليم خواجي سان سنگت رکي اٿس. خواجه سليم مٿس ٻيو نه ته اهو اثر ضرور ڇڏيو آهي ته جڏهن حميد ڪجهه به ويهي لکندو آهي، پوءِ اُها چاهي ڪهاڻي هجي يا ڪو آفيس جو ڪاغذ، تڏهن ٺپ ٻوڙو هوندو آهي. اوهان ٽپ ڏيو، ميزون وڄايو، پستول ڪڍي فائر ڪريو. حميد ڪنڌ مٿي نه کڻندو. اهڙيءَ حالت ۾ اسان لکيل پنو ڦريوس ته پوءِ ڪنڌ مٿي کڻندو. پر پنو کڻڻ وقت ويٽ پيپرن تي ضرور اک رکجو ڇو ته اهڙي حالت ۾ 75 سيڪڙو امڪان موجود هوندو ته حميد پيپر ويٽ اوهان جي مٿي تي واهي ڪڍي.

وچ وچ ۾ ميان علي محمد چانگ اچي اسان سان سنگت رکي، پر ائين چوڻ بهتر ٿيندو ته اسان هن سان سنگت رکي. علي محمد چانگ ست بادشاهيون ڦٽائي اچي ايم اي جو شاگرد ٿيو. ريسرچ ڪري ڪاغذ تي پين هلائڻ جي دوران سڄو، وات ۾، پان وجهي وات هلائيندو آهي. ادب جو دشمن ۽ اديب جو دشمن.

پڇيوسين، ”اڙي ابا ڇو؟“

”ابا اهي جيڪي اديب آهن نه، سدائين ساڪريٽس ٿي هلندا آهن. اسين زمين جا ماڻهو. ڪت خلق. اديب آسمان جي مخلوق. هيٺ اک پوين ڪونه. ٻيو کائين مٿو ۽ اُچتو ٻڌائين لوڪ ڪهاڻيون. ڌنڌو نه ڌاڙي رڳو ڪوڙ تي سندرو. اڙي ابا جهاز هلائي نٿا سگهو ته ريل گاڏيون هلايو. نه ته بنهين وڃي مال ته چاريو. لڀي ڪجهه ڪونه رڳو زبان سان پيا اُڀ ڪڇيندا. ٻيءَ دنيا سان ائين ڳالهائيندا ڄڻ دنيا بيوقوف آهي ۽ پاڻ خليفا ٿي لٿا آهن. بابا ڀڄ پري بي ڪميءَ خلق کان.“

هڪڙي ڏينهن حميد ۽ مون پڇيوسين، ”اسان سان ڇو سنگت رکي اٿيئي. اسين به ته اديب آهيون.“

”ٻه ڏينهن ڏسان، جي اوهان به چوويهه ئي ڪلاڪ خدا جا، پنهنجي علم، ادب ۽ ڏکين اکرن جو رعب وجهڻ شروع ڪيو ته پوءِ ٽي طلاقون ڏيندس اوهان کي به.“

طلاق مون کي ته ڏيندي دير ڪونه ڪري پر هئه ڙي حميد تنهنجيون ڪوڙ

ڪيون، شل نه ڪو ڦاسي، چانگ نه رڳو پاڻ ڦاسي پيو، پر اسان کي به ڦاسائي رکيائين. اسان کي اهو به پتو پيو ته علي محمد چانگ روزانو هڪڙي فلم ڏسندو آهي.

”چانگ فلم ڏسڻ هلون؟“ حميد سنڌ وارو ڌڪ هنيس.

”هلو ڪهڙيءَ فلم تي هلون؟“

“sun Flower”

چانگ جي چهري تي جيڪا رونق آئي هئي سا فلم جو نالو ٻڌي گُم ٿي وئي. مُنهن ڦٽي ويس.

”پوءِ هلون؟“ حميد زور ڀريس.

”او خدا جا بندا، ڇو ٿا طلاق ڏياريو. توهان کي فلم ڏسڻي آهي يا سقراط جا وڃي پير چٽڻا آهن. خدا جا بندا ڪڏهن ته عقل جي ڳالهه ڪندا ڪريو. اسان غريبن تي اهو رعب نه ڄمايو. فلم ٿا ڏسڻ هلو يا پنهنجو مٿو کپائڻ.“

”پر فلم ته تمام سٺي آهي.“

”ها سائين، اوهان به تمام سٺا آهيو. ميان فلم ڏسڻي اٿان ته مونکي ڇڏيو. هلو ته هلي مزله، عاليه، نجمه ۽ فردوس جا ناچ ڏسون. هئه مزله، تنهنجيون اُڇلون، ٽيچڪ ٽيچڪ ٽيچڪ.“

بس پوءِ چانگ اچي ٻڌي پروپئگنڊا. اسان کي ٽيچڪ ٽيچڪ فلمن تي وٺي وڃڻ لڳو. اڄ ڏس ته .الارم“ پيا ڏسون. اڄ ڏس ته ”خطرناڪ“ پيا ڏسون، ابھی تو میں جوان ہوں"پيا ڏسون، اچي اسان کي گهٽين ۾ روليائين، ٽيچڪ ٽيچڪ فلمن تي اهڙو هيرايائين، جو علي محمد کان تڪڙا اسين. حميد به اسان سان گڏ ”رول پارٽي“ اچي ٿيو. وري ڪريون ڇا جو فلم پوري ٿيڻ کان پوءِ ٻاهر نڪري لوفرن وانگر بيهي رهون ۽ فلم مان نڪرندڙ ماڻهن کي تڪي تڪي ڏسون. چانگ جي وات ۾ پان، منهنجي پنجين نمبر ۾ ريڊ اينڊ وائيٽ جو سگريٽ ۽ وڏي ولين يعني حميد جي هڪڙي هٿ۾ گولڊ ليف جو پاڪيٽ، ٻيو هٿ چيلهه تي

پلٹ تیرادھیان کدھرہے

هڪڙي ڏينهن اسين سئنيما مان ٻاهر نڪري بيٺا هُئاسين، اوچتو چار پنج مايون اندران نڪتيون،. منهنجي نظر جي هٿ تي پيئي، هٿ ڏڪيس، پوءِ مُنهن تي پگهر آيس. دل ۾ چيم: مُڙس اڳيئي ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار آهي، بيماري اجهو ٿي ڦاٽ کائي، مڙس ٿو وڃي هٿن مان. پر ڏٺم ته حميد پٺيرو ٿي ڀت ڏانهن مُنهن ڪيو.

”اڇا ته اها ڳالهه آهي!“ سوچي چپ ٿي ويس. جڏهن سڀ ماڻهو هيٺ لهي ويا، تڏهن همراهه اسان ڏانهن مُنهن ڪيو.

”ير مري وياسين.“

”ڇو؟“

”ميان ليڪچرراڻيون ڇا سوچينديون ته اسان جو سابق ڊائريڪٽر هيئن لوفرن وانگر بيٺو آهي.“

اُهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن حميد وري ٽيچڪ ٽيچڪ فلم اسان سان گڏجي نه ڏٺي، جيتوڻيڪ علي محمد ۽ مون وڃي تازي چڙهيل فلم جي، بنا پئسن وٺڻ جي پبلسٽي ڪئي هوندي، حميد اسان کي ”نه ته چيو هو، ڇو ته هيستائين ڪنهن کي به ”نه“نه چيو هوندائين ته اسان کي ڪيئن جواب ڏئي، پر ڪونه ڪو بهانو ڪريو جند ڇڏايو وڃي. سچ ڪري پڇو ته اسان کي به هاڻ مزو ڪونه ٿو اچي. وہ بات کہاں مولوی مدن سی"

ماڻهو جي وزن جي خبر هڪڙي تڏهن پوندي آهي جڏهن هو ساهميءَ جي پڙ تي چڙهي وهي، ٻي تڏهن پوندي آهي جڏهن ماڻهو ڪرسيءَ تان لهي. نه رڳو ڪرسيءَ تي ويهڻ ۽ لهڻ واري جي وزن جي خبر پوندي آهي. پر يارن دوستن جي وزن جو به اندازو ٿي ويندو آهي.

حميد ڊائريڪٽر آف ڪاليجز جي ڪرسيءَ تي ڪجهه ڏينهن ويٺو هو ۽ سڄيءَ سنڌ جا ڪاليجز هلائيندو هو. پوءِ جڏهن اُها ڪُرسي ڇڏي آيو تڏهن مون کي اها پڪ هُئي ته وٽس ڪير ڪونه ايندو. هڪڙي پاسي حميد ضرور ”ڊائريڪٽر“ ٿي وقت گذاريو هوندو، پنهنجو وزن وڃايو هوندائين، ماڻهن تي رعب ڪيا هوندائين، ماڻهو آخر وٽس ڇو اچن؟ ۽ وري جيڪي وٽس ڊائريڪٽريءَ دوران سلامي هوندا، اُهي به ڇو اچن، اُهي ته حميد وٽ ايندائي ڪونه هُئا- ڊائريڪٽر آف ڪاليجز وٽ ايندا هُئا. پر پتو تڏهن پيم ته جيڪب آباد کان مٺيءَ تائين ڪاليجن جا ليڪچرار وٽس ايندا رهيا. حميد ”حميد “ ٿي رهيو هو، ڊائريڪٽر ٿي نه.

مونکي وڌيڪ پتو وري تڏهن پيو آهي، جڏهن حميد انسٽيٽيوٽ آف

سنڌالاجي ڇڏي پبلڪ اسڪول ويو. اڄ ڏس ته پٽيوالو ولي محمد کنڀ ڪيو لطيف آبا د اُڏاڻو وڃي. اڄ ڏس ته بشير، لطيف آباد نمبر 6 جا چڪر پيو ڪاٽي. اڄ ڏس ته علي محمد ۽ عبدالقادر نئين چڙهيل ٽيچڪ ٽيچڪ فلم جون خوبيون ڳڻائيندا لطيف آباد ٽُٽا وڃن.

اُهو ”وڃڻ“ وارو ئي ڪهڙو جيڪو پويان پيرن جا نشان نه ڇڏي.

 

حميد سنڌي ۽ عڪس

ريٽا شهاڻي

 

حميد سنڌيءَ پنهنجي ڪهاڻي ’يادُن جي جزيري ۾‘ جي شروعات هن طرح سان ڪئي آهي. ”زندگي هڪ آئيني مثل آهي، جنهن ۾ ڪيئي عڪس پيا پسجن. ڪيئي عڪس اُتي ئي نپجيو، اتي ئي ختم ٿيو وڃن. ڪي عڪس اهڙا به ٿين جو آئيني کي به ختم ڪيو ڇڏين.“ اهو ڪهڙو نه انوکو ۽ اهم قؤل آهي! ’عڪس آئيني کي ختم ڪيو ڇڏين‘ (ان سچائيءَ کي مان پوءِ واضع ڪنديس.) ڪهاڻيءَ جي پُڄاڻي هُن، هِن ريت ڪئي آهي، ”مان ان ڳالهه جو قائل ٿي چڪو آهيان ته حياتي ختم ٿي وڃي ٿي پر سندس عڪس، سندس چٽ، سندس نقش پوءِ به قائم رهن ٿا.“ حميد سنڌي جي ان قؤل جو آڌار سندس زندگيءَ جو پنهنجو تجربو آهي.

عجيب اتفاق آهي ته مون پنهنجي تازا ترين ڪتاب ”ميران ٻائيءَ سان وارتالاپ“ ۾ مشهور جرمن منووگيانڪ ڪارل جنگ (Karl Jung) جو حوالو ڏنو آهي. هر هڪ انسان جي اچيتن من جي گهراين ۾ تمام قديم ۽ اهم تصويرون، اميجز يا عڪس هوندا آهن جيڪي وقت بوقت اڀرندا رهندا آهن.“ پر ان چوڻيءَ جو آڌار سائنس آهي.

حميد سنڌيءَ جي اها ڪهاڻي مون 1986ع ۾ پڙهي هئي ۽ ان جو هڪ عڪس منهنجي ذهن ۾ چنبڙي پيو هو. سندس ڪردارنگاري ايڏي ته چُست ۽ پاور فل هئي جو ڪهاڻيءَ جو مکيه ڪردار – دادا پرسرام مون کان وسري نه وسريو، خاص طرح هن جون اکيون. ”ڇا سندس چهرو، ڇا سندس رعبدار چال، ڇا سندس بت جي لوڏ، ڇا سندس ڳالهائڻ... هو تمام ڀورو هو، منهن تي ڪڪيون مڇيون، ڪڪا اُڀا وار، بت چڱو سَٻر، سندس منهن ۾ هڪ ڳالهه هئي، جنهن هن کي سڀني کان مختلف ٿي بڻايو- سي هيون سندس اکيون، وڏيون ٿورڙو ڪاراڻ مائل، ڳاڙهيون اکيون. سندس اکيون ڏسي، مون کي سَهي جون اکيون ياد پونديون هيون، جنهن کي هڪ دفعو بابو پڪڙي گهر کڻي آيو هو.

سندس اکين ۾ هراس ضرور هو پر اُن هراس ۾ لڪل شرارت نظر پئي آئي.“

هاڻي منهنجي لاءِ اهي سهي جون اکيون ڪهاڻيءَ جو مرڪز بڻجي پيون! منهنجي ذهن تي ڇانئجي ويون. جڏهن جون 2001ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ حميد سنڌيءَ سان روبرو ٿيس ته مون ماهتاب محبوب جي اڳيان کيس چيو، ”توهان جي هڪڙي ڪهاڻي، جنهن جو نالو مون کي ياد ناهي، ۾ هڪ سهي جَو ذڪر اچي ٿو، خاص ڪري هن جي اکين جو. مان انهن کي وساري نه سگهي آهيان.“ عجب جي ڳالهه اها جو کانئس به اها ڳالهه وسري ويئي هئي. هن چيو، ”مون کي ياد نٿو اچي.“

ماهتاب وَرِي چيو. ”نه، نه، اهو سَهو ڪونه هو. هڪ آکاڻيءَ ۾ هرڻيءَ جو ذڪر آهي.“ مون وڌيڪ چوڻ مناسب نه سمجهو. پوني واپس اچي مون اهو ڪهاڻين جو مجموعو ڳولهي لڌو. ’اُداس واديون‘ ۽ ڪهاڻي پڻ ’يادن جي جزيري ۾‘ (جيڪو نالو مون کان وسري ويو هو.)

برابر مان صحيح هئس، اهي سهي جون ئي اکيون هيون. پرسرام جي اکين جي مشاهبت، حميد سنڌيءَ سهي جي اکين سان ڪئي هئي.

ان واقعي مان اهو ظاهر ٿي بيٺو ته هرهڪ ليکڪ جو نقش چٽڻ جو انداز نرالو آهي ۽ پَاٺڪ جي ذهن جو اُن نقش کي جهٽڻ ۽ محفوظ رکڻ جو طريقو به انفرادي ۽ علحدو آهي.

نقش دائمي ٿي سگهن ٿا، ٿيندا آهن. سڀ ڪجهه چٽڻ واري جي ڪلا تي منحصر آهي.

هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار سان گڏ حميد سنڌي، هڪ زنده دل شخص ۽ سٺو مهمان نواز آهي، جنهن جو کلندڙ چهرو ۽ ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪڙو پُرڪشش آهي. هن جو نيرڻ جو دسترخوان طرح طرح جي طعامن سان سينگاريل هوندو آهي جنهن جي سواد جي لذت مان وٺي چڪي آهيان. نرم، گرم مانيون ۽ پراٺا، مکڻ جا چاڻا، لسيءَ جا دنگ، ڪوفتا، سبزيون، ڏهي، شربت، چانهه، سڀ ڪجهه هڪيو حاضر هو. مٿان وري کارائڻ واري جو پيار ڀريو زور. سنڌ جي سنڌين جي مهمان نوازي، هنن جو ڌرم آهي، ايمان آهي. مهمان هنن لاءِ ڪنهن فرشتي کان گهٽ ناهن.

اهڙو عڪس به منهنجي ذهن تي دائمي رهندو.

[ڪتاب: آڪاش گنگا تان کنيل 2013]

 

حميد سنڌي: وڏو اديب وڏو ماڻهو

تاج بلوچ

 

منهنجي جيون ۾ حميد سنڌيءَ جو عمل دخل رڳو ايترو ئي آهي جيترو بن ۾ بيٺل ڪنهن هيکل وڻ کي ڪا بهار جي هوا لوڏي ۽ مشڪبو ڪري وڃي يا ڪڏهن ڪنهن پوهه جي پوئين رات جيان وجود کي ڏڪائي وڃي. اسان جي ملاقاتن، محبتن ۽ نفرتن جو کڻي ڪنهن تجزيو به ڪيو ته کيس انهن ٻنهي ڪيفيتن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. منهنجي خيال ۾، دل جي ڪائنات ۾، هڪ همعصر لاءِ انهيءَ تاڃي- پيٽي کان ڌار ٿي، ڪوبه نقاد ٻنهي سان انصاف نه ڪري سگهندو.

حميد سان نه ته گهاٽي دوستي رهي آهي ۽ نه ايتري دوري، جنهن مان ڪنهن شديد نفرت جو ڪو احساس اڀري سگهي. هن سان هڪ نظرياتي رشتو پئي رهيو آهي ۽ انهيءَ رشتي ۾ رهندي. اسان ٻنهي ڄڻن، پنهنجي پنهنجي وس ۽ وت آهر اهو ڪم پئي ڪيو آهي، جيڪو ناساز گار سياسي حالتن اسان جي ڳچين ۾ ڳاري جيان وجهي ڇڏيو ۽ اسين ٻيئي ڄڻا پرمار قوتن خلاف مهاڏو اٽڪائيندي هڪ ٻئي جي ائين ويجها اچي وياسين، ڄڻ هڪ نه هوندي به هڪ هجون ۽ هڪ ٻئي کان ڌار ۽ ڏور رهندي به هميشه جي لاءِ ويجها ۽ گڏ هجون.

انهيءَ حوالي سان ٻيا به ڪيترائي ويجها دوست، ڪامريڊ ۽ قومي ڪارڪن هئا، جن سان ٻٽيهه دليون هيون، پر سياسي/ادبي عمل ۾ انهن سان اهڙي وابستگيءَ واري واٽ نه جڙي سگهي، جيڪا معمولي اختلافن جي هوندي به حميد سنڌيءَ سان جڙي پيئي ۽ اختلاف به ڪهڙو؟ هو ترقي پسند قوم پرست ۽ مان مارڪسوادي.

اسان ٻنهي ڄڻن، جنهن دور ۾ اک پٽي، يعني لکڻ پڙهڻ يا سنڌي ادبي سنگت جي ڪارج ۾ رڌجي وياسين، سي اهي ڏينهن هئا، جو پنهنجي وارن کي اُس جي پاڇن ۾ ڏسبو ۽ جاچبو هو، پينٽ يا شرٽ (حميد فل سوٽ پائيندو هو ۽ مان ڪراچي شهر جي هڪ وڏي ۽ مقبول ڪاريگر جي هٿ جون سبيل خوبصورت ۽ مهانگيون ٽي شرٽس پائيندو هوس. يا ٽائي جي ڪريز تي وڏو ڌيان ڏنو ويندو هو. ڪنهن تي اک ئي نه ٻڏندي هئي. حميد منهنجي سياسي/علمي ۽ ادبي پس منظر مان واقف هو ۽ مان به کيس اڳ جيان هاڻ به چڱي ريت سڃاڻان ٿو. تازو ئي سندس اباڻي شهر نوشهرو فيروز، جيڪو منهنجي محبوب ترين شاعر نارائڻ شيام جو به شهر آهي، اتي اٽڪل ڏيڍ ٻن سالن جي عرصي تائين ڊسٽرڪٽ ٽريزري آفيسر جي حيثيت ۾ علائقي جي ۽ علائقي جي ماڻهن جي چاڪري ڪري آيو آهيان.

مان حميد جي وڏڙن جون زرخيز ۽ خوبصورت ٻنيون اکين سان جاچي آيو آهيان. اهي ٻنيون ۽ ٻارا منهنجي اباڻي ٻنين ۽ ٻارن جيان ئي زندگيءَ جي لهر کي قائم رکيو اچن ٿا، پر اسان ٻنهي جي انهن کيتن سان سڱ سياپو اهڃاڻ حيثيت کان مٿي ناهي رهيو.

سال گذريا ڳوٺ مان نڪتو هو ڳڀرو ڇوڪرو

 گم اهو آهي ڪٿي، گمنام تنهنجي شهر ۾

مان وڌيڪ ۽ حميد مون کان گهٽ سطح تي گم ٿيل اهو ٻالڪ آهي، جنهن جو موهه، اڃان وڏي شهر ۾ موجود آهي ۽ هاڻ اسين عمر جي ان حصي ۾ اچي پهتا آهيون جو ڳوٺن ۾ هٿ ٺوڪئي شيطاني نوعيت جي بدامنيءَ، بدعنوانيءَ ۽ اڻڄاڻائپ (۽ جنهن اڻڄاڻپ جي اسين ڄاڻ رکون ٿا) جي ڪري وڌ ۾ وڌ عيد برات يا شاديءَ مراديءَ تي ٻن راتين کان وڌيڪ اتي نٿا ترسي سگهون.

ان جا ڪيئي ڪارڻ آهن. هڪ ته وڏڙن وڃي قبرستان وسايا ۽ ننڍا جيڪي وڏا ٿيا آهن، تن لاءِ اهڙو ماحول جوڙيو ويو آهي، جو اسان پارا ڏکڻا ۽ حساس ماڻهو اتي لمحي لاءِ به ترسڻ کان معذور آهن ۽ ٻيو ته انهيءَ ماحول ۾ هاڻ اهو رنگ، خوشبو ۽ زندگي نه رهي آهي جو سڪ ۽ اڪير کي مهميز ڏيئي سگهي.

مون مٿي حميد ۽ پنهنجي سڃاڻ پئي ڪرائي. ٻئي سکئي گهرن جا ڀاتي هئاسين، شڪل شبيهه ۾ به ڪنهن ”هيرو“ کان گهٽ نه هئاسين پر جڏهن جوڀن جا ڏينهن آيا ته اسان جيڪڏهن ڪو عشق به ڪيو ته اهو سنڌ ۽ مظلوم سنڌين سان.

مون جڏهن 60-1959ع ۾ ڪاليج جوائن ڪيو ته، مرحوم استاد پرفيسر ڊاڪٽر اياز قادري صاحب، مون کي سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻي ۾ وٺي آيو، جتي ادب/سياست جي ڏاڍن سگهارن ماڻهن سان دوستيون ٿيون، جن اسان جون ڳچيون، عشق جي رهگذار تان هٽائي، ادب ۽ سياست جي گس تي موڙي ڇڏيون ۽ زندگي سرفراز ٿي وئي.

پنهنجي وجود جي احساس کان نابلد ٿي، اسان پاڻ کي فطريءَ ريت Declassified ڪيو ۽ اهو سڀاءُ اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. وڏيرڪي ٻارن واري ڇيڳرائيءَ جو ته سوال ئي ڪونه ٿئي اُڀريو پر اسان جون سنجيدگيون به اڄ کان چاليهه سال اڳ، اسي سالن جي ڄمار وارن ماڻهن جهڙيون هيون. اسان ڌار ڌار هوندي به هڪ ئي پلئٽ فارم تان سياسي ڪم ۾ رڌل رهياسين ۽ اٽڪل ٽيهن سالن کان پوءِ جان پوئتي نگاهه ڪري ڏٺو هوندوسين، محسوس ٿيو هوندو ته جتان کان هليا هئاسين، ان هنڌ کان به گهڻو پوئتي رهجي ويا آهيون. جنهن ملڪ ۾ سياسي ماڻهو مسجد جي ونڊ ۽ مندر جي پرساد تي وڪاميا هجن، اتي اسان پارن چريائيءَ جي حد تائين مخلص ۽ Rational approach رکندڙ قومي ڪارڪن ۽ قلمڪارن جي ڪهڙي حيثيت؟

اصل ۾ پيداواري وسيلن ۽ اقتدار تي قابض ڌريون، انقلاب لاءِ ڪم ڪندڙن کي خاص حڪمت عمليءَ هيٺ ڇيڪ ته ڇڏي ڏينديون آهين يا انهن جي وڏڙن جي ڪمائيءَ جي ڪري ٿوري گهڻي رعايت به ڏينديون آهن، پر اصل ۾ انهن جي زهر کي مارڻ جو اهو هڪ خاص انداز آهي، يعني ماڻهو لڳاتار هلچل ۾ به رهي ۽ فڪري توانائيءَ سان، پٺتي پيل ماڻهن جي سُرت کي، انتهائي خلوص ۽ ايمانداريءَ سان اڀاريندو به رهي، پر نتيجو ٻڙي، ڇاڪاڻ ته علم جي کوٽ، پرماري ۽ پئسو ميڙڻ واري لاڙي، سڄي سرشتي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

حميد ته هڙان وڙان، روح رهاڻ، ڪڍيو، انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ دوستن جو هڪ هجوم ساڻ ڪري اڳتي نڪتو. ڪير ڪير نه هو انهيءَ درد جي رهگذر جو پانڌيئڙو؟ ڪجهه ڪجهه سالن جي ساهيءَ کانپوءِ مارشل لاء ايندا رهيا يا مارشل لا جهڙيون حالتون رهيون ۽ جمهوريت جي چهري جو ٻُور انب جي ٻور جيان، بي نام رستن تي ڇڻندو رهيو. ڪال ڪوٺڙيون آباد رهيون، پيرن ۾ ٽڪٽڪيون ۽ پٺين تي ڦٽڪن جا وسڪارا رهيا ۽ ڪيترن کي ته سوريءَ سزاوار به ڪيو ويو.

”روح رهاڻ“ جا جشن اڄ به اکين آڏو آهن. پڄاڻيءَ کان اڳ، ڊائس تان

پيش ڪيل انقلابي گيت اڄ به ڪنن ۾ سرور پيدا ڪري رهيا آهن ۽ جشن کانپوءِ واريون جهمريون ۽ جمالا ڪٿي ٿا وسري سگهن؟ روح رهاڻ جي جشن لاءِ اڳواٽ ايئن تياريون ڪبيون هيون ڄڻ ڪنهن ويجهي مٽ جي شاديءَ تي وڃڻو آهي ۽ انهي سڄي مشڪبو جنسار جو سرواڻ حميد سنڌي هوندو هو.

اکين ۾، سنڌي قوم لاءِ درد جون ڏياٽيون ٻاري، بسنت هال جي مک- دروازي تي، هر ايندڙ لاءِ ٻيئي ٻانهون ۽ ڪشادو سينو کوليو بيٺو هوندو هو، ۽ جڏهن ڪجهه حاصل ڪرڻ جوڳا ٿياسين، ته وچئون ٽيان ماڻهو دلبو ڏيئي بازي کڻي ويا پر هو اڄ به اهڙوئي اڳ جيان سرگرم، هڏ ڏوکي، شفيق ۽ مهربان آهي ۽ سنڌ جي نالي تي ڪوڙ پچي سر گهورڻ وارن کي سڃاڻي ويو آهي.

ذاتي تجربي جي آڌار تي چوان ٿو ته، جڏهن ماڻهو وڏيءَ ڪنهن Post تي هليو ويندو آهي ته Diplomat ٿي پوندو آهي ۽ ڪي ڪرڻ جوڳا ڪم به سولائيءَ سان نه ڪري ڏيندو آهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ڪنهن به دوست کي تري تي بهشت ڄمائي ڏنو هوندوسين ته انهيءَ ايندڙ وقت ۾ وڏا ڏچا کڙا ڪيا هوندا، ان ڪري پنهنجي پٽڪي بچائڻ لاءِ ڪجهه ”ڇڪ“ رکبي آهي، نه ته گهٽ ۾ گهٽ ٽريزري آفيسري ته نٿي هلي سگهي. ممڪن آهي ته حميد واري ڊائريڪٽري وائيس چانسلري يا چيئرمئني هلي وڃي، پر اتي به ڏاڍا وڏا ڏچا ۽ خرابيون آهن. سڄو سنڌ سنسار ڪرپٽ ٿي چڪو آهي. جڏهن ذهن ئي اجڙي وڃن ته ادارن جي بربادي جو ڪير ۽ ڪيستائين ماتم ڪندو؟

پر انهيءَ مامري ۾، مون حميد کي ڏسڻ ۾ ڏکيو ۽ ڏنگو، پر ڪم ڪري ڏيڻ ۾ ڏاڍو سولو سمجهيو آهي ۽ ان ڏس ۾ هڪ شخصي واقعو ٻڌائڻ ضرور ٿو سمجهان.

منهنجي وڏي پٽ (اردو ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر ۽ ”تنهائيان“ جو خالق) نديم مراد جي انجنيئرنگ ۾ داخلا هجي، پر هن جو NCC سرٽيفڪيٽ، ڪٿي گم ٿي ويو هو ۽ ٻه سيڪڙو مارڪن جي کوٽ پئي آئي داخلا ۾. حميد وائيس چانسلر هو، ان ڪري مون کي اُلڪو وڌيڪ هو ڇاڪاڻ ته اديب/شاعر ۽ وڏو عملدار به هجي ته ڏاڍو ڏکيو پوندو آهي. دوستن کي شيخ اياز جو تجربو هو جو رشيد ڀٽي جهڙي پياري ساٿيءَ جو به ڪم نه ڪيو هيائين. هوڏانهن پٽ NCC وارن اخباري سائيز جي پني تي جيڪا پوتا ميل لکي ڏني هئي، اهو ظلم جو داستان غير اطمينان بخش پئي لڳو يونيورسٽي وارن کي. مون حميد کي فون ڪيو ۽ احتياط طور جمال ابڙي کان به فون ڪرايو مانس. حميد وراڻيو، ”ها ڀاءُ، ڏسنداسين، ڇوڪري کي سکر موڪليو ان جو انٽرويو اتي ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ڊوميسائل سکر جو آهي، پوءِ ڏسنداسين.“

منهنجا ته ڇيهه ئي ڇڄي پيا. هيڏانهن سخت نوعيت واري نوڪري. جونيئر به موڪل تي هجي، سو سکر وڃجي ۽ ان ڏينهن ئي واپسي ممڪن نه پئي لڳي، ڇاڪاڻ ته سوين هزارين ڇوڪرن جو انٽرويو هوندو اسان جو وارو الائي ڪڏهن اچي يا اچي به ٿو يا نه؟

خير ڪراچيءَ مان صبح سوير واري فلائيٽ پڪڙي ستين سوائين ستي وڳي ٻڌايل جاءِ تي پهتاسين، دل ٻڏتر جو شڪار هجي. بهر حال هال ۾ پهچڻ شرط جهڙيءَ ريت منهنجي آجيان ٿي ۽ انٽرويو وٺڻ لاءِ آيل هر پرفيسر ۽ استاد جنهن نموني پاٻوهه مان هن فقير جي پذيرائي ڪئي، ان پويان حميد جون ئي محبتون سرگرم ٿي ڏٺيون ۽ يارهين وڳي واري سئي کان آيل فوڪر ذريعي هلي مون ڪراچي ۾ اچي پنهنجي سرڪاري ڊيوٽي به نڀائي ۽ نديم کي به داخلا ملي ويئي، ڊگري وٺي بيروزگار رهڻ لاءِ.

حميد نيڪ نيت، ڌيئن جهڙو پٽ، انسان دوست ۽ روماني قلمڪار آهي. اڃان به ساڳي فلڪ اٿس. لٽي ڪپڙي ۾. اٿئي ويٺيءَ ۾ ڀلن ماڻهن واري. سياسي اديبن ۾ حميد اڪيلو اديب آهي جيڪو غيرسياسي تهمت آرائيءَ جي بنياد تي غيرسياسي شيخ اياز جيان اجايو ڊگهو جيل ڪاٽي آيو.

سٺو ڪهاڻيڪار يا قلمڪار هجڻ ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي، پر جي اهو ليکڪ عام ماڻهن لاءِ به ڪارائتو ماڻهو آهي ته پوءِ اها ڏاڍي وڏي ڳالهه آهي، ۽ سنڌ ۾ اهڙن وڏن ماڻهن جي ڏاڍي کوٽ ٿي پئي آهي. حميد سنڌي ۽ هڪ اڌ ٻين سنڌي ڪامورن جو دم غنيمت آهي جيڪي ڌارين کي. سنڌ غنيمت جو مال سمجهي وڪرو ڪري ڏيڻ جي راهه ۾ رنڊڪ بڻيو بيٺا آهن. حميد نه فقط وڏو ۽ سگهارو ڪهاڻيڪار آهي، پر وڏو ماڻهو به آهي ۽ هن شائستگي سان انهيءَ وڏ ماڻهپائيءَ کي Maintain ڪيو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org