سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: اسان جو قلم هڪ عَلم

 

صفحو:29

(الف) مارئي انعام:

(1)     پهريون انعام: چاليهه رپيا، مس اقبال پروين سومرو کي سندس افساني ”حادثي کان اڳ“ تي ڏنو ويو، جيڪو ”روح رهاڻ“ جي آگسٽ 1965ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو.

(2)    ٻيو انعام: نسيم ڪوثر کي ٽيهن رپين جو ڏنو ويو، جنهن افساني تي انعام کٽيو، اهو هيو ”شيما“ جيڪو ”روح رهاڻ“ جي مارچ 1966ع واري پرچي ۾ ڇپيو.

(3)    ٽيو انعام: مس ايس تبسم کي سندس افساني ”معصوم ڏوهاري“ تي ڏنو ويو. ويهن روپين جو انعام کٽندڙ هي افسانو ”روح رهاڻ“ جي مارچ 1966ع واري پرچي ۾ ڇپيو.

(ب) اياز ادبي انعام:

(1)            ٽيهن روپين جو پهريون انعام سراج ميمڻ کي سندس افساني ”موکي ۽ متارا“ تي ڏنو ويو، جيڪو روح رهاڻ جي آگسٽ 1965ع واري پرچي ۾ ڇپيو.

(2)    ٻيو انعام: امر جليل کي سندس افساني ”اروڙ جو مست“ تي ڏنو ويو، ٽيهن روپين وارو هي انعام افسانو ”روح رهاڻ“ جي اپريل 1965ع ۾ ڇپيو.

(3)    ٽيون انعام نسيم کرل کي سندس افساني ”گٽس“ تي ڏنو ويو جيڪو ”روح رهاڻ“ جي سيپٽمبر 1965ع واري پرچي ۾ ڇپيو هو.

(ت) مارئي انعام (شاعري):

هيءُ انعام زينت بلوچ کي ڏنو ويو.

(ث) اياز ادبي انعام (شاعري):

پهريون انعام امداد حسينءَ کي ٻيو انعام شمشير الحيدريءَ کي ۽ ٽيو انعام فتاح ملڪ کي ڏنو ويو.

روح رهاڻ جو ادبي مواد:

”روح رهاڻ“ رسالي ۾ جيڪو ادبي مواد شايع ٿيو، ان کي ”نثر“ ۽ ”نظم“

جي حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. مناسب ائين ٿيندو ته هر ڪنهن حصي جو ٿورو ٿورو ذڪر الڳ ڪجي.

روح رهاڻ ۽ نثري ادب:

روح رهاڻ ۾ شايع ٿيل نثري مواد کي ڪيترن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جهڙوڪ: اداريا، مضمون، افسانا، خط، تقريرون ۽ ادبي سرگرمين بابت رپورٽون وغيره. مناسب ائين ٿيندو ته مکيه صنفن کي ڌيان ۾ رکي ”روح رهاڻ“ جي خدمتن ۽ ڪارنامن جي ڪهاڻي بيان ڪئي وڃي.

(الف) ”روح رهاڻ“ جا ايڊيٽوريل:

”روح رهاڻ“ ۾ شايع ٿيل ايڊيٽوريل کي موضوع ۽ مضمون جي حساب سان اسان چئن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا، هڪڙا اهي اداريا آهن، جيڪي ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن ۽ ليکڪن جي وفات تي لکيا ويا آهن، جهڙوڪ: ٽي-ايس- ايليٽ، احسان بدوي، عطا حسين شاهه موسوي ۽ يار محمد مسلم ٽانوريءَ جي وفات تي لکيل اداريا.

حميد سنڌيءَ اهي اداريا ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت لکيا آهن، انهيءَ جو مثال ڏيڻ لاءِ جولاءِ 1966ع ۾ سيد عطا حسين شاهه موسوي جي وفات تي لکيل ايڊيٽوريل مان اقتباس ڏجي ٿو:

”اڄ جي سائين عطا حسين موسويءَ جي پچار، پچارجي ٿي ته آڏو اهڙا رخ رهبري ڪن ٿا، جو مُنهن جي ماٺ به گهڻو چيو ڏئي، زبان سان ڪڇڻ جي حاجت نه ٿي رهي، ادب جي هن اڻ کٽ وڇايل پٽ تي سندس ڪارائتن وکن جا ڪئين نشان آهن، پر جي سندس زندگيءَ جي بند ٿيل طاقن مان جهاتيون پائبيون ته ات ڪيئي نيڪين جا انبار، هر مسئلي جي لاءِ جفاڪشي، هر ميدان ۾ سندس عملي ڪارڪردگي جا روشن مثال نظر ايندا.“ (ص-1)

ادارين جو ٻيو قسم سنڌي، علمي، ادبي، ثقافتي ۽ قومي مسئلن تي روشني وجهي ٿو. مثال طور: مارچ 1967ع ۾ ”اسان جي ماءُ مونجهاري ۾“ جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي صورت حال تي اداريو لکيو ويو، جنهن مان اقتباس هيٺ ڏجي ٿو:

”اسان جي ماءُ، سنڌ يونيورسٽي اڄ وري هڪ انقلابي دور مان گذري رهي آهي. ان جون ڀتيون تاريخ جي لفظن لاءِ آيتون آهن. شاگرد هڪ وڏو مونجهارو کڻي سلجهائڻ ويٺا آهن ۽ جنهن ڳالهه کي هنن اڄ محسوس ڪيو آهي، اها ڳالهه يارنهن سال اڳ محسوس ڪرڻ کپي ها، پر اڄ شاگردن محترم حسن علي عبدالرحمان وائيس چانسلر کان زوريءَ استعيفا وٺڻ تي جيڪو احتجاج ڪيو آهي، اهو سنڌ جي زمين جو آواز آهي.“

ادارين جو ٽيون قسم رسالي ۾ شايع ٿيندڙ مواد ۽ ان سان لاڳاپيل سرگرمين تي ٻڌل آهي. رسالي جي هر ڪنهن پرچي ۾ اداري کي ٻن حصن ۾ ورهائي ”سب ٽاپڪ“ ڏئي، شايع ٿيندڙ مواد جو تعارف ڏنو ويندو هو.

”روح رهاڻ“ جي ايڊيٽوريلس جو چوٿون قسم روح رهاڻ جي حوالي سان ٿيندڙ سرگرمين بابت آهي. هن قسم پٽاندڙ اهڙو مواد ڏنو ويندو هو، جنهن ۾ خاص طور تي ”جشنِ روح رهاڻ“ بابت معلومات فراهم ڪئي ويندي هئي. مئي 1965ع، اپريل ۽ مئي 1966ع، اپريل 1968ع ۾ اهڙا اداريا ڏنا ويا آهن.

رسالي ۾ شايع ٿيندڙ ڪن مکيه ادارين جو وچوڙ هيٺ ڏجي ٿو:

-            ”تو در ڀٽ ڌڻي“                  جولاءِ 1963ع

-            ”ماضي، حال، مستقبل“          آگسٽ 1963ع

-            ”ليکڪ ۽ گلڊ“                   سيپٽمبر 1963ع

-            ”اميد ۽ خوف“                    آڪٽوبر 1963ع

-            ”رهاڻ“                             نومبر 1963ع

-            ”اسان جي تهذيب“               ڊسمبر 1963ع

-            ”ٽي- ايس-ايليٽ“                         ڊسمبر 1963ع

-            ”گذريل سال“                      مارچ 1965ع

-            ”رهاڻ“                             اپريل 1965ع

-            ”رهاڻ“ (جشنِ روح رهاڻ بابت)           مئي 1965ع

-            ”رهاڻ“ (شيخ اياز پابندي بابت) جون 1965ع

-            ”نذرِ لطيف“                               جولاءِ 1965ع

-            ”رهاڻ“ (سنڌي ادبي بورڊ بابت)         ڊسمبر 1965ع

-            ”رهاڻ“                             نومبر 1965ع

-            ”رت جون ڪڻيون“                        ڊسمبر 1965ع

-            ”سامرسيٽ ماهام“                       جنوري 1966ع

-            ”پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا“               فيبروري 1966ع

-            ”منهنجي ڪهاڻي“                       مارچ 1966ع

-            ”رهاڻ“ (جشنِ روح رهاڻ بابت)           اپريل 1966ع

-            ”رهاڻ“ (جشنِ روح رهاڻ بابت)           مئي 1966ع

-            ”نذرِ لطيف“                               جون 1966ع

-            ”رهاڻ“ (عطا حسين شاهه موسوي-وفات) جولاءِ 1966ع

-            ”سنڌي ادب، رهاڻ“ (يار محمد مسلم ٽاوري وفات) آگسٽ 1966ع

-            ”رهاڻ“ (ادارن ۽ تنظيمن بابت)           سيپٽمبر 1966ع

-            ”رهاڻ“ (ادب ۽ قدرن بابت)              نومبر 1966ع

-            ”رهاڻ“ (سنڌ جي صورتحال بابت)       ڊسمبر 1966ع

-            ”اسان جي ٻولي“                  جنوري 1967ع

-            ”رهاڻ“ (جديد ادب جي تحريڪ بابت)   فيبروري 1967ع

-            ”مرڪ جي روشني“ (امداد حسينيءَ جي

 ننڍي ڀاءُ جي موت تي)                 مارچ 1967ع

-            ”اسان جي ماءُ مونجهاري ۾“ (سنڌ يونيورسٽي) مارچ 1967ع

-            ”رٺل روح“ (لطيفيات)                    مئي، جون 1967ع

-            ”سنڌي ريڊيو“                    سيپٽمبر 1967ع

-            ”اسان جي زمين“ (زمينن جي مسئلي تي) آڪٽوبر 1967ع

-            ”اسان جي گهرج“/ مرسو (نوشهروفيروز وارو) نومبر 1967ع

-            ”هڪ سنڌي شام لبِ مهراڻ تي“        ڊسمبر 1967ع

-            ”جيئڻ جو حق“                    جنوري 1968ع

-            ”رهاڻ“ (حيدرآباد ميونسپالٽيءَ طرفان

اردوءَ کي دفتري ٻولي بنائڻ بابت)       فيبروري 1968ع

-            ”مسئلا ۽ اعتماد“ (ادب ۽ اديبن جا مسئلا) مارچ 1968ع

-            ”رهاڻ“ (روح رهاڻ جي ادبي جاڳرتا بابت) اپريل 1968ع

-            ”تو در ڀٽ ڌڻي“ (جشن کان اڳ ۽ جشن کانپوءِ) مئي، جون 1968ع

-            ”رهاڻ“ (سنڌ جي استحصال بابت)       آگسٽ 1968ع

-            ”رهاڻ“ (سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ زرعي زمين بابت) سيپٽمبر 1968ع

-            ”رهاڻ“ (سنڌي قوم جي نفسيات بابت)         سيپٽمبر 1968ع

-            ”رهاڻ“ (ملازمتن جي حوالي سان سنڌ جي

استحصال بابت)                  آڪٽوبر 1968ع

-            ”رهاڻ“ (رسالي روح رهاڻ بابت) نومبر 1968ع

روح رهاڻ جو افسانوي ادب:

”افسانوي“ جديد سنڌي ادب ۾ مقبول ترين صنف جي حيثيت رکي ٿو. ”روح رهاڻ“ ۽ ان جي معاصر رسالن جيتوڻيڪ شاعري مضمون ۽ افساني جي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر هن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته انهن ۾ افساني وڏي مقبوليت ماڻي ۽ وڏي عرصي تائين ليکڪن، ايڊيٽرن ۽ پڙهندڙن جي دل و دماغ تي راڄ ڪيو. ”روح رهاڻ“ جو ايڊيٽر حميد سنڌي پاڻ به بنيادي طور تي افسانه نگار هيو ۽ آهي ان ڪري هن پنهنجي رسالي ۾ انهيءَ صنف تي گهڻو توجه ڏنو.

اسان جيڪڏهن روح رهاڻ جي افسانه نگارن مان مکيه ليکڪن ۽ ليکڪائن جا نالا ذهن تي آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته انهن جي لسٽ هن ريت ٺهندي.

روح رهاڻ جا افسانه نگار:

آغا سليم، الهبچايو، امير احمد ابڙو، اياز بلوچ، ايم. جي. پنهور، ارباب سنڌي، اُتم، الهبچايو لغاري، اقبال احمد، اياز بلوچ، الطاف شيخ، امر جليل، اشفاق حسين، بابو لال، ڀڳوان ٽلواڻي، تارا ميرچنداڻي، پٿر سنڌي، جمال رند، چتر ٺاڪرداس، حميد سنڌي، خواجه سليم، دادا سنڌي، دائود بلوچ، ڊاڪٽر ايم- آر- مائيداساڻي، روشن تنيو، زيب ڀٽي، زرينه بلوچ، بشير مورياڻي، شوڪت راهي، شبير ترابي، سراج ميمڻ، شيخ عزيز، شمس الحق، عطيه جوڻيجو، عبدالقادر جوڻيجو، عبدالحق عالماڻي، عبدالفتاح صديقي، علي بابا، عبدالستار مغل، عبدالله چنا، غلام قادر سومرو، غلام نبي مغل، غلام رسول ڪلهوڙو، فتاح ملڪ، ڪرشن کٽواڻي، ڪلا پرڪاش، گل محمد گل، گوورڌن محبوباڻي، مظهر الحق، منير احمد، منور قاضي، محمد ابراهيم جويو، مشتاق شورو، محمد بخش سومرو، ميمڻ ممتاز، منو تولارام گدواڻي، منظور قريشي، محمد جمن پنهور، نور احمد سمون، نذيده جوڻيجو، نياز همايوني، نسيم ٿيٻو، نذير شيخ، نذير قاضي، نسيم گل، ناصر مورائي ۽ هدايت پريم.

پر جيڪڏهن انهن مان ڪن افسانه نگارن جي ”روح رهاڻ“ ۾ شايع ٿيل افسانن جو وچور ٺاهبو ته اهو هن ريت ٿيندو:

¨         امر جليل: ”اروڙ جو مست“ اپريل 1965ع، ”مرڻ کان اڳ مرڻ کان پوءِ“ جولاءِ 1965ع، ”هن ڄار ۾“ نومبر 1965، ”ڌرتي جي ڌوڙ آسمان جا تارا“ اپريل 1966ع، ”لهندڙ سج، وڌندڙ پاڇا“ جولاءِ 1966ع، ”ڏند ڪٿا، سياح گائيڊ“ آڪٽوبر 1967ع، ”سچل سرمست اِن ٽربل“ ڊسمبر 1967ع، ”هڪ لاش، راتين جا رولاڪ“ اپريل 1968ع.

¨         ايم جي پنهور: ”بنا عنوان جي“ سيپٽمبر 1967ع، ”واٽن جو ويراڳ“ آڪٽوبر 1967ع، ”اڪ جون انبڙيون“ جنوري 1968ع.

¨         ارباب سنڌي: ”منصور هزار“ آگسٽ 1966ع، ”سوني سِر“ مئي، جون 1966ع، ”منهنجي ماءُ“، ڊسمبر 1967ع، ”هڪ ڪهاڻي“ جنوري 1968ع،

”مان ۽ شيطان“ فيبروري 1968ع.

¨         امير احمد ابڙو: ”گهر ڦٽائڻ خاطر“ مارچ 1965ع.

¨         اياز بلوچ: ”اونداها شعلا“ نومبر 1965ع، ”مرجهايل مکڙيون“ فيبروري 1967ع، ”تمغا جو تاج محل“ 1965ع.

¨         اشفاق حسين: ”خواب آ منزل“ سيپٽمبر 1963ع.

¨         الهبچايو لغاري: ”ڪاريون اکيون“ سيپٽمبر 1965ع.

¨         اقبال احمد: ”صاحب موصوف“ آڪٽوبر 1965ع.

¨         الطاف شيخ: ”گناهه جي دز“ نومبر 1967ع.

¨         آغا سليم: ”لڇمي“ اپريل، 1965ع.

¨         بابو لال: ”هڪ درد هلڪو هلڪو“ فيبروري 1965ع.

¨         ڀڳوان ٽلواڻي: ”هڪ پنهنجو پرائو پٽ“ سيپٽمبر 1967ع، ”انٽرويو“

مارچ 1968ع، ”پهرين تاريخ“ آڪٽوبر 1968ع.

¨         تارا مير چنداڻي: ”گڏي“ جون 1966ع، ”اچ ته سَسُ مٽايون“ نومبر 1965ع، ”غلط فهمي“ فيبروري 1967ع، ”نوان نغما، ٽٽل تارا“ جولاءِ 1968ع.

¨         پٿر سنڌي: ”رت ۽ آزادي“ مارچ 1967ع، ”ايئن نه ماريو يار“ مارچ 1968ع، ”جوٽ رت“ مئي، جون 1968ع.

¨         جمال رند: ”۽ پوءِ هو اُڏامي ويا“ اپريل 1965ع، ”منهنجو ڳوٺ منهنجي ماءُ“ اپريل 1966ع.

¨         چتر ٺاڪرداس: ”قانون“ 1968ع.

¨         حميد سنڌي: ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“ آڪٽوبر 1963ع، ”اَن داتا“

ڊسمبر 1963ع، ”پيار جي ريکا“ فيبروري 1965ع، ”روشن اونداهه“ اپريل 1965ع، ”ٽڪنڊو“ سيپٽمبر 1966ع، ”جهيڻي“ نومبر 1966ع.

¨         غياث جوڻيجو: ”ڏيان ڏوهه ڪنهن کي“ جولاءِ 1963ع، ”اکڙيون تاساريون“

سيپٽمبر 1963ع، ”پاڙيسري“ جولاءِ 1965ع، ”پهرين لانوَ“ سيپٽمبر 1966ع.

¨         دادا سنڌي: ”ٻار نسورو سچ“ نومبر 1967ع.

¨         دائود بلوچ: ”ڏاند“ نومبر 1967ع.

¨         ڊاڪٽر ايم آر مائيداساڻي: ”ڪهاڻي گم ٿي وئي“ مئي، جون 1967ع.

¨         زيب ڀٽي: ”پريم پوڄاري“ جولاءِ 1965ع.

¨         زرينه بلوچ: ”جيجي“ مئي، جون 1965ع.

¨         سراج ميمڻ: ”نئين بوريت“ نومبر 1963ع.

¨         شوڪت حسين: ”جيئي سنڌ“ مارچ 1968ع، ”آزادي“ مارچ 1968ع،

”آئيني کان سپنا“ سيپٽمبر 1968ع، ”آسي“ سيپٽمبر 1968ع، ”اَبر ۾ اُهاءُ ٿيو“ سيپٽمبر 1967ع.

¨         عبدالحق عالماڻي: ”محبت جي منزل“ جنوري 1966ع، ”بُري هن ڀڀنور ۾“ ڊسمبر 1967ع، ”پوياڙيءَ جي پچار“ جولاءِ 1968ع.

¨         عبدالفتاح صديقي: ”حاجي، ڪتو ۽ عشق“ فيبروري 1966ع، ”صنم پٿر جا“ فيبروري 1967ع.

¨         علي بابا: ”لاٽ“ آڪٽوبر 1965ع، ”نئون سال پراڻو ڪال“ سيپٽمبر 1967ع، ”جانورن جي دنيا“ فيبروري 1968ع، ”ساڳيو ڌڻ، ساڳي لٺ، ساڳيو ڌنار“ مارچ 1968ع، ”سندر سپنا ڀيانڪ سپنا“ اپريل 1968ع.

¨         عبدالله چنا: ”رشوت بند“ آڪٽوبر 1967ع، ”سرڪاري نڪاح“، مارچ 1968ع.

¨         غلام قادر سومرو: ”جوابدار حاضر ڪر“ جنوري 1967ع، ”۽ ڌوڙيا پئجي ويا“ مارچ 1967ع.

¨         غلام نبي مغل: ”اندر جا اُڌما ۽ روح جي رڙ“ اپريل 1965ع.

¨                  فتاح ملڪ: ”پاڇي سان پيار“ سيپٽمبر 1965ع، ”اڃايل بکايل“ ڊسمبر 1966ع.

¨         گوورڌن محبوباڻي: ”سوني“ جنوري 1965ع، ”دير“ جنوري 1967ع.

¨         محمد ابراهيم جويو: ”چشمِ براهه“ آگسٽ 1968ع.

¨         مشتاق شورو: ”ڄڀيون ڄاڻ“ آڪٽوبر 1968ع، ”نينهن سندا ناسور“ ڊسمبر 1968ع.

¨         منوتولا رام گدواڻي: ”لٿل ڪانڌ“ آڪٽوبر 1967ع، ”اُف جيون لغڙ ڪاٽا“ اپريل 1968ع.

¨         منظور قريشي: ”ويران دل جاڳندڙ خواهشون“ فيبروري 1966ع، ”پيار

پيڙا ۽ پڇتاءُ“ فيبروري 1968ع، ”آيس ڪهڙي سانگ“ مئي، جون 1968ع، ”اُها“ مارچ 1965ع.

¨         نديم قاضي: ”سزا“، ”حساب ڪتاب“، ”سوال“، ”لڄ“، ”رات ڏينهن“

نومبر 1967ع، ”گهاءُ“ مارچ 1967ع.

¨         نسيم کرل: ”سچو سچو سچ چوڻ“ سيپٽمبر 1963ع، ”گٽس“ سيپٽمبر 1965ع، ”ڪچو رنگ“ اپريل 1966ع.

¨         ناصر مورائي: ”ٻريل شمعون ويران دل“ آگسٽ 1963ع، ”ننڍڙيون ڪهاڻيون“ مئي 1965ع.

¨         شوڪت راهي: ”بار“ سيپٽمبر 1963ع، ”بس ۾“ ڊسمبر 1963ع، ”ڦيرو“

جون 1965ع، ”حقيقت پسندي“ مئي 1966ع.

¨         عبدالقادر جوڻيجو: ”ٻرندڙ لانچ“ جنوري 1965ع، ”اونداهيون سائيون“ جولاءِ 1965ع، ”سونو روپو سج“ ڊسمبر 1965ع، ”رات جي وهڪ ۾“ اپريل 1965ع، ”کڙيل تارا“ مئي 1966ع، ”ويٽنام“ جولاءِ 1966ع، ”پني جو چوٿ“ آگسٽ 1966ع، ”هورو“ جولاءِ 1967ع، ”اجهاڻل مچ ۽ اڏندڙ رک“ سيپٽمبر 1968ع.

اهڙيءَ ريت مکيه ڪهاڻين جي عنوان جو الف-ب وار وچور ٺاهيو، ته اهو هيٺين صورت وٺندو.

(الف) ”اکڙيون تاساريون“

غياث جوڻيجو

سيپٽمبر 1963ع

”ان داتا“

حميد سنڌي

ڊسمبر 1963ع

”اها“

منظور قريشي

مارچ 1965ع

”اروڙ جو مست“   

امر جليل

اپريل 1965ع

”اندر جا اڌما ۽ روح جي رڙ“

غلام نبي مغل

اپريل 1965ع

”اونداهيون سائيون“

عبدالقادر جوڻيجو

جولاءِ 1965ع

”اڊڙيل بکيا“

نذير شيخ

اپريل 1966ع

”آسي“

شوڪت حسين

سيپٽمبر 1966ع

”اچ ته سَسُ مٽايون“

تارا مير چنداڻي

نومبر 1966ع

”اونداها شعلا“

اياز بلوچ

نومبر 1966ع

”اڃايل بکايل“

فتاح ملڪ

ڊسمبر 1966ع

”ابر ۾ اهاءُ ٿيو“

شوڪت حسين

سيپٽمبر 1967

”اڪ جون انبڙيون“

ايم. جي. پنهور

جنوري 1968ع

”انٽرويو“

ڀڳوان ٽلواڻي

مارچ 1968ع

”ائين نه ماريو يار“

پٿر

مارچ 1968ع

”آزادي“

شوڪت حسين

مارچ 1968ع

”اصلي روپ، نقلي روپ“

ڪرشن کٽواڻي

اپريل 1968ع

”اُف جيون لغڙ ڪاٽا“

منور تولارام گدواڻي

اپريل 1968ع

”آيس ڪهڙي سانگ“

منظور قريشي

مئي،جون 1968ع

”اجهايل مچ ۽ اڏندڙ رک“

عبدالقادر جوڻيجو

سيپٽمبر 1968ع

”آئيني کان سپنا“

شوڪت حسين

سيپٽمبر 1968ع

(ب)  ”بار“

شوڪت راهي

سيپٽمبر 1963ع

”بس ۾“

شوڪت راهي

ڊسمبر 1963ع

”بدلو“

ساقي هالائي

آگسٽ 1966ع

”بي موت“

شمس النساءِ

ڊسمبر 1966ع

”بنا عنوان“

ايم. جي. پنهور

سيپٽمبر 1967ع

”بري هن ڀنڀور ۾“

عبدالحق عالماڻي

ڊسمبر 1967ع

(ٻ) ”ٻريل شمعون ويران دل“

ناصر مورائي

آگسٽ 1963ع

”ٻرندڙ لانچ“

عبدالقادر جوڻيجو

جنوري 1965ع

”ٻار نسورو سچ“

دادا سنڌي

نومبر 1967ع

”ٻه ڪهاڻيون“

ابنِ حيات پنهور

ڊسمبر 1967ع

(ڀ)  ”ڀڳا ڏار اڏاڻا ڳيرا“

منور قاضي

جون 1965ع

(ت)  ”تمنا جو تاج محل“

اياز بلوچ

نومبر 1967ع

”توکي ڏسي نه ڏيهه“

نذير شيخ

ڊسمبر 1965ع

(ٽ)   ”ٽڪنڊو“

حميد سنڌي

سيپٽمبر 1966ع

(پ)  ”پاڙيسري“

غياث جوڻيجو

جون 1965ع

”پريم پوڄاري“

زيب ڀٽي

جولاءِ 1965ع

”پاڇي سان پيار“

فتاح ملڪ

سيپٽمبر 1965ع

”پني جو چوٿ“

عبدالقادر جوڻيجو

آگسٽ 1966ع

”پهرين لانوَ“

غياث جوڻيجو

سيپٽمبر 1966ع

”پوءِ ڇا ڪنداسين“

حفيظ شيخ

ڊسمبر 1965ع

”پنهنجو ماڻهو“

نور محمد سمون

آڪٽوبر 1967ع

”پوياڙيءَ جي پچار“

عبدالحق عالماڻي

جولاءِ 1968ع

”پهرين تاريخ“

ڀڳوان ٽلواڻي

آڪٽوبر 1968ع

”پيار جي ريکا“

حميد سنڌي

فيبروري 1965ع

”پيچرو“

گل محمد گل

فيبروري 1968ع

”پيار، پٿر ۽ پڇتاءُ“

منظور قريشي

فيبروري 1968ع

”پرهه ڦٽيءَ کان پوءِ“

نياز همايوني

اپريل 1968ع

(ج)  ”جهيڻي“

حميد سنڌي

نومبر 1966ع

”جوابدار حاضر ڪر“

غلام قادر سومرو

جنوري 1967ع

”جيجي“

زرينه بلوچ

مئي،جون 1967ع

”جانورن جي دنيا“

علي بابا

فيبروري 1968ع

”جيئي سنڌ“

شوڪت حسين

مارچ 1968ع

”جوءِ وٽ“

پٿر

مئي،جون 1968ع

”جلسو“

عبدالله چنا

سيپٽمبر 1968ع

(ڄ)  ”ڄڀيون ڄاڻ“

مشتاق شورو

آڪٽوبر 1968ع

(چ)  ”چماٽ“

بشير مورياڻي

ڊسمبر 1963ع

”چشمِ“ براهه (ترجمو)

محمد ابراهيم جويو

آگسٽ 1968ع

(ح)  ”حقيقت پسندي“

شوڪت راهي

مئي 1966ع

”حاجي، ڪتو ۽ عشق“ (ترجمو)

عبدالفتاح صديق

فيبروري 1966ع

”حساب ڪتا“

نديم قاضي

نومبر 1967ع

(خ)  ”خواب آ منزل“

اشفاق حسين

سيپٽمبر 1963ع

”خيالن جي گود ۾“

ميمڻ ممتاز

آڪٽوبر 1965ع

(د)  ”درد جو رشتو“

سليم خواجه

آگسٽ 1963ع

”ديوي“

شمس الحق

آگسٽ 1963ع

”ديس ستا دل وارا جاڳيا“

رشيد ڀٽي

آگسٽ 1966ع

”دير“

گوورڌن محبوباڻي

جنوري 1967ع

(ڌ)  ”ڌرتيءَ جي ڌوڙ، آسمان جا تارا“

امر جليل

اپريل 1966ع

(ڏ) ”ڏيان ڏوهه ڪنهن کي“

غياث جوڻيجو

جولاءِ 1963ع

”ڏيئي جو جن“

غلام رسول ڪلهوڙو

آڪٽوبر 1965ع

”ڏند ڪٿا ۽ سياح گائيڊ“

امر جليل

آڪٽوبر 1967ع

”ڏاند“

دائود بلوچ

نومبر 1967ع

(ر)  ”راهِه مستقيم“

عطيه جوڻيجو

آڪٽوبر 1963ع

”روشن اونداهه“

حميد سنڌي

اپريل 1965ع

”روحي“

نذير قاضي

نومبر 1965ع

”رات جي وهڪ ۾“

عبدالقادر جوڻيجو

اپريل 1966ع

”رت ۽ آزادي“

پٿر

مارچ 1967ع

”رشوت بند“

عبدالله چنو

آڪٽوبر 1967ع

”رات ڏينهن“      

نديم قاضي

نومبر 1967ع

(س)  ”سچو، سچو سچ چوڻ“

نسيم کرل

سيپٽمبر 1963ع

”سوني“

گوورڌن محبوباڻي

جنوري 1965ع

”سونو روپو سج“

عبدالقادر جوڻيجو

ڊسمبر 1965ع

”سوني سِر“

ارباب سنڌي

مئي،جون 1967ع

”سزا“

نديم قاضي

نومبر 1967ع

”سوال“

نديم قاضي

نومبر 1967ع

”سچل سرمست اِن ٽربل“

امر جليل

ڊسمبر 1967ع

”ساڳيو ڌڻ، ساڳي لٺ، ساڳيو ڌنار“

علي بابا

مارچ 1968ع

”سرڪاري نڪاح“

عبدالله چنا

مارچ 1968ع

”سندر سپنا- ڀيانڪ سپنا“

علي بابا

اپريل 1968ع

”ساڳيو کيت، ساڳي مارئي“

مظهر الحق

اپريل 1968ع

”سوئر“

اختر جانوري

نومبر 1968ع

(ش)  ”شڪست“

قمر شهباز

نومبر 1965ع

”شيما“

نسيم ڪوثر

مارچ 1966ع

”شاهڪار“

عظيم ناز

نومبر 1966ع

”شاهه لطيف، هٿڪڙيون ۽ رستو“

خير سنڌي

ڊسمبر 1967ع

(ص) ”صاحب موصوف“

اقبال احمد

آڪٽوبر 1965ع

”صدين جو سوداءُ“

قاضي خادم

جنوري 1967ع

”صنم پٿر جا“

عبدالفتاح صديقي

فيبروري 1967ع

(غ)  ”غلطي“

ڪلا پرڪاش

فيبروري 1967ع

”غلط فهمي“

تارا مير چنداڻي

فيبروري 1967ع

(ڦ)  ”ڦيرو“

شوڪت راهي

جون 1965ع

(ق)  ”قدرت خدا جي“

فتاح صديقي

ڊسمبر 1965ع

”قانون“

چتر ٺاڪرداس

اپريل 1968ع

(ڪ) ”ڪاريون اکيون“

الهبچايو لغاري

سيپٽمبر 1965ع

”ڪچو رنگ“

نسيم کرل

اپريل 1966ع

”ڪوڙ“

رشيد ڀٽي

جون 1966ع

”ڪهاڻي گم ٿي وئي“

ڊاڪٽر مائيداساڻي

مئي، جون 1967

(ک) ”کڙيل تارا“

عبدالقادر جوڻيجو

مئي 1966ع

(گ) ”گٽس“

نسيم کرل

سيپٽمبر 1965ع

”گڏي“

تارا مير چنداڻي

جون 1966ع

”گناهه جي دز“

الطاف شيخ

نومبر 1967ع

”ڳوڙهن جي ريکا“

نسيم ٿيٻو

جولاءِ 1968ع

(گهه) ”گهر ڦٽائڻ خاطر“

امير احمد ابڙو

مارچ 1965ع

”گهاءُ“

نديم قاضي

مارچ 1967ع

”گهايل ٿي گهاريان“

نسيم ٿيٻو

نومبر،ڊسمبر 1968ع

(ل)  ”لڇمي“

آغا سليم

اپريل 1965ع

”لهندڙ سج، وڌندڙ پاڇا“

امر جليل

جولاءِ 1966ع

”لٿل ڪانڌ“

منو تولارام گدواڻي

آڪٽوبر 1967ع

”لاٽ“ (ترجمو)

علي بابا

آڪٽوبر 1965ع

(م)  ”مون ۾ آهين تون“

شبير ترابي

جولاءِ 1965ع

”منهنجي دنيا ۾ مرگهه ترشنا“

حميد سنڌي

آڪٽوبر 1963ع

”مرڪ اوٽ لڙڪ“

هدايت پريم

مارچ 1965ع

”مرڻ کان اڳ، مرڻ کان پوءِ“

امر جليل

جولاءِ 1965ع

”مائي سفوران“

نذيران جوڻيجو

جولاءِ 1965ع

منهنجي سامهون

ميمڻ ممتاز

جنوري 1966ع

”محبت جي منزل“

عبدالحق عالماڻي

جنوري 1966ع

”معصوم ڏوهاري“

ايس-تبسم

مارچ 1966ع

”منهنجو ڳوٺ، منهنجي ماءُ“

جمال رند

اپريل 1966ع

”مون ديپ جلايو آ پيارا“

مس ارشاد ايم سومرو

جولاءِ 1966ع

”مهمان خانو“

عبدالغفار ابڙو

آگسٽ 1966ع

”منصور هزار“

ارباب سنڌي

ڊسمبر 1966ع

”موٽيو جڏهن مينڌرو“

(نظماڻي ڪهاڻي)

ڊسمبر 1966ع

گوورڌن ڀارتي

”مرجهايل مکڙيون“

اياز بلوچ

فيبروري 1967ع

”منڊو سليمان“

مغل عبدالستار

نومبر 1967ع

”منهنجي ماءُ“

ارباب سنڌي

ڊسمبر 1967ع

”مان ۽ شيطان“

ارباب سنڌي

فيبروري 1963ع

”منهنجي ڪرت“

ارباب سنڌي

مارچ 1968ع

”منجهيل ليڪون“

شبنم عزيز

آگسٽ 1968ع

(ن)  ننڍڙيون ڪهاڻيون“

ناصر مورائي

مئي 1965ع

”ننڍڙيون ڪهاڻيون“

عبدالقادر جوڻيجو

مارچ 1967ع

”نئون سال، پراڻو ڪال“

علي بابا

سيپٽمبر 1967ع

”نوان نغمان، ٽٽل تار“

تارا مير چنداڻي

جولاءِ 1968ع

”نينهن سندا ناسور“

مشتاق شورو

نومبر،ڊسمبر 1968ع

”نئين بوريت“

سراج ميمڻ

نومبر 1963ع

(و)   ”ورثو“

نذير شيخ

نومبر 1963ع

”ويران دل جاڳندڙ خواهشون“

منظور قريشي

فيبروري 1966ع

”وري رات آئي“

قاضي خادم

مارچ 1966ع

”ويٽنام“

عبدالقادر جوڻيجو

جولاءِ 1966ع

”واٽن جو ويراڳ“

محمد جمن پنهور

آڪٽوبر 1967ع

”وڇوڙو“ (ترجمو)

اُتم    

مارچ 1968ع

(هه)  ”هر تمنا حسين خواب“

مس نصرت چنا

نومبر 1963ع

”هڪ درد هلڪو هلڪو“

بابو لال

فيبروري 1965ع

”هن ڄار ۾“

امر جليل

نومبر 1965ع

”هوءَ ۽ مان“

محمد بخش سومرو

جنوري 1967ع

”هڪ پنهنجو پرائو پٽ“

ڀڳوان ٽلواڻي

سيپٽمبر 1967ع

”هڪ ڪهاڻي“

ارباب سنڌي

جنوري 1968ع

”هڪ لاش راتين جو رولاڪ“

امر جليل

اپريل 1968ع

”هورو“

عبدالقادر جوڻيجو

جولاءِ 1968ع

(ء)   ”۽ پوءِ هو اڏامي ويا“

جمال رند

اپريل 1965ع

”۽ مان ڏسندو رهيس“

پير مظهر الحق

فيبروري 1966ع

”۽ ڌوڙيا پئجي ويا“

غلام قادر سومرو

مارچ 1967ع

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org