سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: اسان جو قلم هڪ عَلم

 

صفحو:3

جوڙي سلامت

نصير مرزا

[حميد سنڌي صاحب جي شريڪ حيات محترمه تهذيب النساءِ سان ڳالهه ٻولهه]

نصير مرزا:    ڀاڀي تهذيب النساءِ صاحبه.... توهان کي، ۽ 74هين جنم ڏينهن تي خود حميد سنڌي صاحب جي سهڻي پياري شخصيت کي ڏسجي ٿو ته، چوڻو پيو پوي ته واقعي جهڙا آهيو اوهين پاڻ سهڻا، اهڙو ئي آهي سدا بهار ۽ سدا جوان ۽ شاندار شخصيت جو مالڪ، هي اسان جو حميد سنڌي صاحب.

12هين آڪٽوبر حميد صاحب جي جنم جو ڏينهن آهي. ان مناسبت سان پهرين ته، اهڙي شخصيت جي وني هجڻ ۽ سندن جنم ڏينهن جون واڌايون قبول ڪريو ۽ ٻڌايو ته، اوهان ٻيئي، هڪ مان ’ٻه‘ ۽ ٻن مان ڦري هڪُ، ڪهڙي سن ۽ تاريخ تي ٿيا؟

مسز حميد:   ادا نصير.... اسان جي شادي 14هين آڪٽوبر تي ٿي هئي ۽ اُهو سن هو 1967ع.

نصير مرزا:    شاديءَ کان پهرين، حميد صاحب سان ڇا اوهان جو مٽي مائٽيءَ وارو ڪو رشتو هئو!؟

مسز حميد:   ها!....شادي کان اڳ ئي اسان جا پاڻ ۾ رت جا رشتا هئا. ۽ حميد صاحب، رشتي ۾ منهنجي والده جو ماروٽ لڳندو آهي.

نصير مرزا:    شاديءَ کان پهرين، اسان جي خوبرو حميد صاحب کي، اوهان ڪڏهن ڏٺو به هو يا؟

مسز حميد:   ها.... حميد صاحب کي خاندان جي گهريلو گڏجاڻين ۾ ڏسبو پيو هو، پر اِها خبر بلڪل ڪانه هئي، ته اڳتي هلي ساڻن منهنجو ڪو رشتو ٿيندو. ۽ نه ئي مون کي ڪا خبر هئي ته مستقبل ۾ پاڻ منهنجا هسبينڊ ٿيڻ وارا آهن.

نصير مرزا:    حميد صاحب جو، اوهان لاءِ جڏهن پروپوزل آيو، ته ڇا اوهان کان پڇيو ويو ته.... هي رشتو ڪجي؟

مسز حميد:   ادا.... حميد صاحب مائٽن کي موزون لڳو ۽ هنن کي ڇاڪاڻ ته مون تي اعتماد هو.... سو هنن اِهو رشتو پاڻ ئي طئه ڪري ڇڏيو. الله جو شڪر آهي حميد صاحب تمام سٺو انسان آهي ۽ هنن سان گڏ زندگي تمام سٺي گذري آهي ۽ گذرِي به پيئي.

نصير مرزا:    اوهان جي شاديءَ کي هي پنجون ڏهاڪو پيو هلي. ۽ جيڪڏهن چئجي ته، مُڙي پويان ان ڏينهن ڏانهن ڏسو ۽ ٻُڌايو ته ان سموري عرصي دوران، حميد صاحب بحيثيت ڪانڌ.... اوهان کي ڪيئن لڳو، ته ڇا چوندؤ!

مسز حميد:   جيئن هڪ سٺي هسبينڊ کي هجڻ گهرجي، حميد صاحب ائين ئي رهيو آهي....

ظاهر آهي، حميد صاحب پنهنجي ذات ۾ هڪڙو معروف ۽ مصروف ماڻهو آهي. جنهن جي وڏي اُٿي ويٺي آهي. شروع جوانيءَ ۾ روح رهاڻ رسالو.... پوءِ جشن ورح رهاڻ وري ادبي تحريڪن ۾ شرڪت.... لکڻ پڙهڻ جي مصروفيت، هاڻي بزمِ ورح رهاڻ... پر ان جي باوجود مون کي خوشي آهي ته، حميد صاحب گهر کي به ٽائيم ڏنو ۽ ٻارن کي به. ۽ هڪ دفعو ٻيهر ٿي چوان، ته شڪر آهي.... وقت سٺو گذري ويو آهي.... (کِلندي) ۽ هي جو اوهان چيو ته اسان جي شاديءَ کي هي پنجون ڏهاڪو پيو هلي ته، ان سلسلي ۾ به چئي سگهان ٿي ته.... اِهي سڀ ورهيه اسان جا سُٺا ئي گذريا آهن!

نصير مرزا:    ڇا ان سموري عرصي دوران، ڪي رُساما، رنجشون، ناراضگيون به ٿيون- يا سڀ خير ئي خير گذريو!

مسز حميد:   اِهي جيڪي ڳالهيون، اوهان چيون.... اهڙا موقعا اسان جي زندگيءَ ۾ ضرور آيا، پر، چئي سگهان ٿي ته تمام ٿوري وقت جي لاءِ آيا هوندا.... نه ڪ گهڻي وقت جي لاءِ!.... (کِلندي) ۽ ظاهر آهي ادا....اهو صرف اسان سان ئي Life ۾ نه، هر ڪنهن سان ئي ٿيندو آهي ۽ ٿيندو رهندو آهي.

نصير مرزا:    حميد صاحب، مزاجن هڪڙو صلح ڪُل انسان آهي.سو ظهار

         آهي اوهين جي ناراض ٿيندا هوندا ته هو اوهان کي پرچائي وٺندا هوندا.... پر وري به پُڇڻ چاهيندس ته پرچائڻ ۾ پهل ڪير ڪندو رهيو آهي، حميد صاحب يا اوهين!؟

مسز حميد:   بس ائين سمجهو ته، ڪنهن نه ڪنهن بهاني هڪ ٻئي کي پرچائي وٺندا آهيون. ۽ باقائده هڪٻئي کي پرچائڻ جو موقعو.... ايندو ئي ڪونهي، ۽ ان کان اڳ ئي، پنهنجو پاڻ پرچي ويندا آهيون.

نصير مرزا:    حميد صاحب هڪڙا ٺاهوڪا مرد رهيا آهن، حسين و جميل ۽ خوبرو.... ويل ڊريسڊ.... سٺن عهدن تي رهندڙ.... يقيناً ڪي خواتين هنن ڏانهن ضرور متوجهه ٿيون هونديون.... ۽ اهڙين خبرن ملڻ تي، انهن خواتين سان ضرور.... اوهان جيلس به ٿيا هوندا!

مسز حميد:   نه ادا.... Never!- اهڙي ڪنهن به معاملي ۾ مون جيلسي محسوس ڪانه ڪئي هوندي... ڇو ته آئون خود به حميد صاحب جي Fan آهيان ۽ جيڪڏهن ڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه ڪٿان ٻُڌي به هوندم ته، مون کي اعتماد هوندو هئو.... ته حميد صاحب هسبينڊ ته بهرحال منهنجو ئي آهي.... (خوشگوار ٽهڪ ڏيندي) ۽ سچي ڳالهه آهي ته.... حميد صاحب جي رويي ۾ مون سان ڪڏهن ڪا تبديلي آئي به ناهي.... ان ڪري ڪنهن به خاتون سان منهنجي جيلسي ٿي ئي ڪونهي!

نصير مرزا:    اڇا! هتي ٻي ڳالهه چوان، ته.... ڪنهن به ليکڪ جي گهر واريءَ جي لاءِ، پهاڄ جو ڪم ڏيندو آهي، ليکڪ جو قلم!- ۽ اِها به حقيقت آهي ته، ليکڪ جي جنهن وقت، هٿ ۾ قلم هوندو آهي ۽ مٿس لکڻ جي ڪيفيت طاري هوندي آهي ته، هن کي، نه ياد هوندو آهي، گهر، نه ٻار.... نه گهر واري ۽ نه گهريلو مامرا!- ڇا اوهان جي زندگيءَ ۾ به ڪڏهن اهڙا موقعا آيا، جڏهن حميد صاحب لکڻ ۾ مصروف هو ۽ اوهان چاهيو ته ان وقت هو توهان جي ڀرسان هجي؟

مسز حميد:   ها ادا.... اوهان درست ٿا چئو. اهڙو وقت زندگيءَ ۾ ڪيئي ڀيراآيو هو ۽ شاديءَ کان فورن پوءِ وارن ڏينهن ۾ ته گهڻو ئي آيو هو.... پر وقت سان گڏ، آهستي آهستي عادي ٿي ويس.... ۽ اِهو سوچي چُپ ٿي ويس ته.... حميد صاحب جو لائيف پئٽرن ئي اِهو آهي ۽ ڇاڪاڻ ته، اسين هن کي پنهنجي اهڙين مصروفيتن کان روڪي به نه پئي سگهياسين.... ان ڪري آئون.... ۽ ٻار.... بالآخر عادي ئي ٿي وياسين سندن اهڙين activities جا. ۽ ساڳئي وقت موٽ ۾ اهو به ڏٺوسين، ته هو جيڪي ڪجهه سنڌي ٻولي ۽ قوم جي لاءِ contribute ڪن پيا، اهو به ڪو گهٽ ڪم ڪونه آهي. ان ڪري گڏوگڏ اطمينان به ٿيندو آهي ته هنن جو وقت سجايو پيو گذري.... ۽ هيڏانهن اسان جي قسمت وري اسان سان.

نصير مرزا:    اوهان ٻنهين جي گڏيل رفاقت ۽ محبت جو ثمر.... اوهان جو اولاد آهي. اهو ڪيترو آهي؟

مسز حميد:   ٻه نياڻيون.... ۽ هڪڙو پُٽ. ارشد حميد. ان جي شادي ٿي چُڪي آهي ۽ هاڻي ٽن پيارن ٻارن جو پيءُ به بڻجي چڪو آهي.

نصير مرزا:    ڀلا ٻارن سان حميد صاحب جو رويو ڪيئن آهي؟

مسز حميد:   تمام سٺو. ۽ تمام فرينڊلي! بلڪل دوستن وانگر ۽ شفقت ڀريو.... پر ائين به آهي ته، جيڪا ڳالهه، هنن کي پسند ناهي هوندي، يا اولاد لاءِ بهتر نه سمجهندا آهن، ته اُن لاءِ سختي به ڪندا آهن.

نصير مرزا:    ماشاءَ الله.... اوهان جو گهراڻو.... خوشحال گهراڻو آهي ۽ ڪم ڪار لاءِ اوهان جي گهر ۾ نوڪر چاڪر آهن. پر ان جي باوجود، بطور هائوس وائيف.... ڪِچن ۾ وڃڻ جو ڇا ڪڏهن موقعو ملندو آهي اوهان کي؟

مسز حميد:   هاڻي ته نه ادا.... شروع ۾ گهڻو شوق ڪري ڪِچن ۾ ضرور ويندي هئس... مختلف طعام به پچايم. ۽ حميد صاحب جي ٽيسٽ ۽ خواهش مطابق به پچايم.... پر هاڻي، ڪِچن جي ڪم ڪار کان آئون پري آهيان.

نصير مرزا: ڀلا حميد صاحب ڪنهن شيءِ يا ڪنهن ڊِش جي خواهش ڪري ته؟

مسز حميد:   (کِلندي) حميد صاحب.... ڪنهن شيءِ جي فرمائش ڪندا ته definetly ڪِچن ۾ وڃبو ۽ پچائبو به. يعني Most welcome. پر شرط آهي ته فرمائش ڪن به ته سهي!

نصير مرزا:    حميد صاحب.... هڪڙو جماليات پسند انسان آهي. ۽ ان حيثيت سان، زال جي روپ ۾، هو اوهان کي ڪيئن ڏسڻ چاهيندو آهي.... ٺاهه ٺوهه سان يا سادو سُودو؟

مسز حميد:   ادا.... ڳالهه هيءَ آهي ته، هسبينڊ جي حيثيت سان هر مرد کي....

         پنهنجي گهر واري، هر روپ ۽ هر صورت ۾ وڻڻ گهرجي. باقي جيتري قدر حميد صاحب کي مون ڏٺو آهي، يا جيئن هن بابت منهنجو مشاهدو آهي ته، هُو چاهيندو آهي ته، وڌيڪ ٽِپ ٽاپ کڻي نه.... پر ماڻهوءَ کي پنهنجي Look ۾ ٺيڪ ٺاڪ ضرور نظر اچڻ گهرجي.

نصير مرزا:    عام طرح سان هر خاتون چاهيندي آهي ته، ان جو گهر وارو مقرر وقت تي گهر اچي ۽ ٻار منتظر هوندا آهن، ته بابا اچي ته گڏجي ماني کائون.... ته ان سلسلي ۾ اوهين ڇا چوندؤ!؟

مسز حميد:   ڪنهن وقت ۾ برابر ته ائين سوچيندا به هئاسين، پر هاڻي اهڙي صورت ناهي. ٻارڙا وڏا ٿي ويا آهن ۽ انهن جو به ساٿ آهي، ۽ وڏي ڳالهه ته ٻارڙن جا به ٻارڙا ٿي ويا آهن. ان ڪري گهر ۾ زندگي مختلف ٿي پيئي آهي. حميد صاحب نهايت محنتي ۽ جفاڪش انسان آهي. ۽ سندن فطرت آهي ته، هو جنهن به شعبي لاءِ ڪم ڪندا آهن. پوري توجه سان ڪنداآهن، ۽ ان ڪم ئي کي وڌيڪ اهميت پيا ڏيندا آهن. سندن اهڙين مشغولين جي ڪري، هاڻي اسين سندن دير سوير جا عادي بڻجي ويا آهيون. سو تقريبات مان سندن دير سوير موٽڻ تي ارها ڪونه ٿيندا آهيون.

نصير مرزا:    ماضيءَ ۾ حميد صاحب تمام اهم عهدن تي رهيا آهن. توهان ڪڏهن کين ڪنهن غريب مسڪين جي سفارش ڪئي ته.... هن کي نوڪري ڏيو يا اسڪول يا يونيورسٽيءَ ۾ داخلا.... يا ڪَا ٻي مدد!

مسز حميد:   ها.... ان معاملي ۾ حميد صاحب کي مون گهڻن ئي موقعن تي ڪن ماڻهن لاءِ چيو هوندو. ۽ آئون سمجهان ٿي ته، ڪم ممڪن هوندو هئو ته، هو ضرور اُهو ڪري به ڇڏيندا هئا. ناممڪن هوندو هو ته، پريشرائيز البته آئون ڪڏهن به کين ڪانه ڪندي هئس.

نصير مرزا:    (کِلندي) ڀلا ڀاڀي، هن وقت حميد صاحب کي توهان جي معرفت، ڪا سفارش ڪرائڻ چاهجي، ته، ڇا ڪرائي سگهجي ٿي!؟

مسز حميد:   (ڀرپور ٽهڪ ڏيندي) توهان جي لاءِ آئون سفارش کين بلڪل

         ڪري سگهان ٿي- پر ڳالهه صاف آهي، پريشرائيز آئون کين بلڪل ئي ڪونه ڪنديس. هونئن ادا نصير... حميد صاحب جي وڏي خوبي اِها به اٿوَ ته، توهان پاڻ ڪم چوندؤنِ ته، پاڻ ئي ڪري ڇڏيندا، ۽ صاف گو ايترا آهن، جو ڪم ٿيڻ جهڙو نه هوندو، ته اوهان کي ’ڊاج‘ ۾ به بلڪل ڪونه رکندا..

نصير مرزا:    گهر ۾ کائڻ پيئڻ جي سلسلي ۾ حميد صاحب جي پسنديده ڊش ڪهڙي آهي؟

مسز حميد:   حميد صاحب کي ’فراءِ فش‘ تمام گهڻي وڻندي آهي. ان کان سواءِ بِيهن جي ڀاڄي به وڻندي اٿن.

نصير مرزا:    رڳو توهان جي هٿ جي.... يا ڪنهن جي به هٿ جي ٺهيل....

مسز حميد:   (کِلندي) نه ان جي ڪابه پابندي ڪانهي. ها، شرط رڳو اِهو آهي ته، اُها سٺي Cooked هجي.

نصير مرزا:    حميد صاحب جون ڪهڙيون ڪهڙيون لکڻيون پڙهيون اٿوَ؟

مسز حميد:   (کِلندي) سچ ٻڌايانَ ادا.... حميد صاحب جون مون تمام گهٽ لکڻيون پڙهيون آهن. (ٽهڪ ڏيندي) سو غلط بياني نه ڪنديس. ها.... سندن جيڪو مشهور ڪهاڻين جو مجموعو آهي: ’ويريون‘. اُن جا ڪجهه افسانا مون ضرور پڙهيا آهن، ۽ اِن ڪتاب تي کين جڏهن صدارتي ايوارڊ مليو هو.... ته مون نهايت فخر محسوس ڪيو هو، ۽ ايوارڊ وٺڻ وقت، آئون ساڻن گڏجي اسلام آباد به وئي هئس ۽ ان موقعي تي به: I feel very Proud.

نصير مرزا:    74 ساله حميد سنڌي صاحب، توهان کي هاڻي ڪيئن ٿا لڳن.... نوجوان.... جوان.... يا....؟

مسز حميد:   (خوشگوار موڊ ۾) ادا.... حميد صاحب، اسان کي اڄ به بلڪل جوان لڳندا آهن.... ۽ تمام سٺا! ۽ اڃان ته حميد صاحب ۾ اسان جون ڪيئي توقعات آهن. ۽ اسان جي دلي دعا آهي ته، شال سندن سايو سدائين اسان جي سِرن تي قائم ۽ دائم رهي ۽ الله سائين هنن کي سدائين تندرست ۽ صحت مند رکي. (آمين)

نصير مرزا:    وڏي وڏي مهرباني ڀاڀي تهذيب النساءِ.! جو اوهان مون کي هن انٽرويو جي لاءِ هيترو سارو وقت ڏنو.

مسز حميد:    ادا نصير... آئون به اوهان جي ٿورائتي آهيان... جو توهان به هن موقعي تي حميد صاحب ۽ اسان کي ياد رکيو..

حميد سنڌيءَ

جون چونڊ ڪهاڻيون

 

جي قيام مڙن

 

ڪڍيا جي ڪُلال، سي پسي خال خوش ٿئي،

پاڻيءَ چِٽَ پُسائيا، ڌاءُ نه جهلي ڌمال،

سپڪ ڀانيا سهڻيءَ، جوڀن جي جمال،

آڪي جا احوال، مَعلوم ٿيا مهراڻ ۾.

 

منهنجا سائين، ڪو وقت ته مون به سهڻيءَ وانگر جوش جوانيءَ ۾ گذاريو. خبر تڏهن پئي جڏهن ڪچي دلي ڀُرڻ شروع ڪيو، رنگ روغن لهڻ لڳو ۽ زندگيءَ جي ڪُن ۾ غوطا کائڻ لڳس. تڏهن مون هٿ پير هنيو ۽ ڪنهن ڪک پن جو وقتي سهارو وٺي مون سوچڻ شروع ڪيو ته اِنهيءَ ڪُن مان ڪيئن نڪرجي ۽ حياتيءَ کي لوڙهي ڇڏڻ بدران سجايو ڪجي. مون پنهنجي مَنَ کي ڦولهڻ شروع ڪيو ۽ وليم ورڊس ورٿ جي چوڻي مطابق ته: ”اندر جي اک سان پسو ته خوشي ماڻيندو.“ مون به اکيون بند ڪري پسڻ شروع ڪيو. ڇا ڏسان ته هڪڙو ننڍڙو ٻار آهي، جو پٽي کنيو گهيڙ تان لهي ٿو ۽ ڊوڙندواچي. هڪ کجي آهي، تنهن کي ڀاڪر پائي ٿو ۽ انکي چُمندو اُچاري ٿو، ”منهنجي مٺي دربان! تنهنجي ڪتل به مِٺي، ته تون به مِٺي آهين.“

هو اڳتي وڌي مُلان اسڪول جي در تي پهچي ٿو ته هڪ نينگر ڪوهرن جو ڇٻو کنيو بيٺو آهي ۽ هوڪو پيو ڏئي ”هل، ڪوسا ڪوهر- هل، ٽڪي ۾ ٻاٽي.“ هو ننڍو ٻار هُن کي چئي ٿو، ”مولو، مون وٽ هڪ پيسو آهي، سڀاڻي ٽَڪو ٿيندو، پوءِ مونکي ٽڪي ۾ ٻاٽي ڏيندين؟“ مولو کيس عجيب نظرن سان ڏسي ٿو.

ٻارڙو گهٽيون گهيڙ لتاڙيندو ٽاڪ منجهند ماڻيندو گهر موٽي ٿو. هڪ وڏي حاويلي آهي، جنهن ۾ ڪٽنب سٿيل آهي، تن سان اچي رهاڻيون ڪري ٿو ۽ ننڍڙي هرڻ سان کيڏي ٿو ۽ سندس اکين کي چُمي ٿو، جيڪي ساڻس ڳالهائڻ جي ڪن ٿيون. پوءِ هو لِڪ چوريءَ گهٽيءَ ۾ اِٽِي- ڏَڪر راند ڪرڻ اچي ٿو. هن کان وڏڙا ٻار اِٽِي- ڏڪر راند پيا ڪن ۽ هو سندن نعرو ٻڌي خوش ٿئي ٿو: ”ڌوپار“ ۽ شمعدان جي شيشن جو ٽڙڪو ٿئي ٿو ۽ سڀ ڀڄي وڃن ٿا. هو اڪيلو اُن شمعدان ۽ حاويليءَ مان نڪرندڙ بزرگ کي تڪيندو رهي ٿو، جيڪو ٻين کي ڇڏي اچي سندس ڪَن جهلي ٿو ۽ ٿڦون ٺوڪي ٿو. هو خاموش آهي. اِئين هو ٻارڙو هڪ مست کي ڏسي ٿو، جيڪو ڦاٽل چولو پائي گهٽيءَ ۾ ڊوڙون پائي ٿو ۽ ”ڀيڄ مولا، هڻ ڪو گوڏي جيڏو“ جا نعرا هڻي ٿر ۽ هاڻ ٻار خوش ٿئي ٿو ۽ ڊوڙ پائي حاويليءَ ۾ وڃي، اِهوئي نعرو هڻي ٿو، ”ڀيڄ مولا، هڻ ڪو گوڏي جيڏو.“ پُڦيون ۽ ماسيون سندس معصوميت تي قربان وڃن ٿيون ۽ هو نعرا هڻندو رهي ٿو. گهڙي ڪانه گذري ٿي ته ابر اُهاءُ ڪري ٿو، آگم آءُ ڪري ٿو، جهڙ ڦڙ بهاريون ٿي وڃن ٿيون. هيءُ پنهنجين سوٽن ماساتن سان گڏ مينهن جهلي ٿو ۽ نعرو هڻندو رهي ٿو، ”هڻ مولا ڪو گوڏي جيڏو.“ سندس انگ انگ بهارين ۾ آهي ۽ مينهن به ائين وسي ٿو ڄڻ اڳ نه اُٺو آهي نه اُٺيو. ائين ڪير بزرگ کيس ڪن کان جهلي ورانڊي ۾ وٺي وڃي ٿو ۽ نڙ سان ڪُٽي ٿو، هو حيران آهي ۽ درد جي پيڙا کان سندس اکيون آگمجيو اچن ٿين ۽ جهڙڦڙ جي بهاري لايو ڏين. کيس ڪير پيار سان اندر وٺي وڃي ٿو. هوءَ سندس وڏي ڀيڻ آهي. هوءَ جيڪا سندس ڳوڙها اُگهي ٿي ۽ سمهارڻ جي ڪري ٿي، هو سمهي نه ٿو. پوءِ کيس ڀيڻس هڪ بادشاهه جي ڳالهه، جيڪو چمڙا پوش ڪري، ماڻهن جا دک درد معلوم ڪندو هو، دک دور ڪندو هو ۽ سندس بهادر شهزادي جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿي، جيڪو ڏک ڏاکڙا سهي، ڏاڍ ڏمر جو مقابلو ڪندو، انعام طور هڪ سهڻي شهزادي حاصل ڪري ٿو.

هو هاڻي وڏو ٿيندو وڃي ٿو، سندس تصور ۾ اُهو ئي شهزادو ۽ شهزادي وڃي رهن ٿا. هو ڪئين ئي ڪچا رنگ، پڪا رنگ سمجهي، ڀنڀلندو اڳتي وڌي ٿو. سندس هٿ سهاري لاءِ گهڙي جي ڳولا ڪن ٿا ۽ هر ويلي سندس هٿ ۾ ڪچو گهڙو اچي ٿو ۽ مئي متي مهراڻ ۾ وجهڻ سان اُن جا چٽ رنگ لهن ٿا، ڪچو گهڙو ڀُري پوي ٿو ۽ هو ترندو تڙڳندو نڪري ٿو. وري ٻيو گهڙو کڻي ٿو. اِئين سندس تلاش جاري آهي. نه هُن شهزادي ماڻي آهي ۽ نه پڪو گهڙو. مون سڃاتو ته سائين اُهو مان آهيان، مان پاڻ.

منهنجي اندر جي اک جيڪي ڏٺو، ان مان لاڀ پرايم. ڇاڪاڻ ته سوچيم ته شهزادو بڻجي دک پرايو اٿم ۽ نه وري ڪا شهزادي ماڻي اٿم، سو هاڻ ڇو نه ٻيو ڪجهه بڻجان. مون اُن ڪهاڻيءَ کي اُٿلايو پٿلايو، جيڪا ڀيڻ ٻڌائي هيم. ان ۾ هڪ ڪردار اهم هو، جيڪو وسري ويو هو، اُهو هو بادشاهه جو ڪردار، جيڪو چمڙا پوش ڪري، ماڻهن جا دک درد معلوم ڪندو هو. مون آهستي آهستي پاڻ کي بادشاهه سمجهڻ شروع ڪيو ۽ مان اُن ڪُن مان نڪري آيس. بادشاهه حاڪم ٿيندو اهي ۽ مان پنهنجي مَن جو حاڪم هوس، سو اِهي ڪُن مون کي ڇا ڪندا. ڏٺم ته ڪُن مون کان ڪوهه پري هو. پوءِ سائين! مون چمڙا پوش ڪري اندر جي بادشاهه کي لڪائي، هر ماڻهوءَ کي پنهنجو ماڻهو سمجهيو ۽ سندن دک درد معلوم ڪيا ۽ جيڪي مون کان ٿي سگهيو ٿي سو مون ڪيو ٿي. پنهنجي پاڻ کي ساڻن ويجهو ڪرڻ لاءِ پهريائين ته کين پنهنجو ماضي ٻڌايم، ”دربان“ ڪيئن منڊليون مچايون، ميهاڻي مست

ڪيئن جهڙ ڦڙ جون بهاريون ڪيون، مولو ڪُهرن واري ٽڪي ۾ ٻاٽي ڇو نه ڏني، ”ڌوپار“ جو ڪردار هاڻ”ڌوپار“ چوندي شعمدان ڇو نه ٿو ڀڃي ۽ سندس اِٽي ظالم جو دون ڇو وڃي وٺي نه ٿي ۽ هرڻيءَ جي اکين ۾ صدين جون صدائون ڪيئن آهن. اهڙيون ڪيئي ڳالهيون، جيڪي منهنجي اندر جي اک ڏٺيون هيون ۽ سندن ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ لاءِ ”روح رهاڻ“ کي جنم وٺڻو پوي ٿو. جشن ٿين ٿا ۽ سڀني ماڻهن جو آواز منهنجي آواز جو پڙاڏو ٿي گونجي اٿي ٿو. منهنجي اندر واري چمڙا پوش بادشاهن جي رڳ رڳ ٺري ٿي ۽ مان اُن ويلي سمجهان ٿوته هاڻ منهنجي هيءَ حياتي سڦل ۽ سجائي آهي ۽ مان شهزادي ۽ شهزاديءَ جي تصور کي ويجهو آڻڻ نه ٿو ڏيان ۽ مون پاڻ کي اڄ تائين چمڙا پوش بادشاهه سمجهيو اهي، جيڪو ماڻهن جا دک درد معلوم ڪري، هڏ ڏوکي هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. اڄ جڏهن اُن ماضي کي ڏسي ۽ پنهنجي عملي زندگي کي ڏسان ٿو ۽ سوچيان ٿو ته ڪنهن ڳالهه جي محرومي جو احساس ٿئيم ٿو. ڪاڏي وئي اها ماڻهن جي هڏ ڏوکي هجڻ جي دعويٰ؟ ڪاڏي ويئي اها ”روح رهاڻ“؟ ڪاڏي ويا آهي جشن؟ ڪاڏي ويون اهي سنگت جون ڪچهريون ۽ منڊليون؟ تڏهن سوچيم ۽ خبر پيم ته هاڻ بادشاهه پوڙهو ٿي چڪو آهي. جي ها! بادشاهه پوڙهو، نٻل ۽ ڪمزور ٿي چڪو آهي، جنهن کي سندس وارثن تخت تان لاهي، قيد ڪري ڇڏيو آهي. سندس پير پيڪڙن ۾ ۽ هٿن ۾ هٿڪڙول آهن ۽ هو انهن پنهنجن ماڻهن لاءِ عملي طرح ڪجهه نه ٿوڪري سگهي. صرف سندس اندر جي اک کليل آهي، جنهن سان جيڪي هو ڏسي ٿو، اڄ به بيان ڪري ٿو. سندس وارث هن ايندڙ وهي جا نمائندا آهن، عملي طور جيڪي ڪجهه کين ڪرڻو آهي، پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجن ماڻهن لاءِ اُهو ڪن پيا، جي کائن پُڳو ته هن ماضيءَ جي بادشاهه کي آزاد ڪري، سندس تجربي مان فائدو وٺي سگهن ٿا.

منهنجا سائين! ”ويريون“ اُنهيءَ من جي بادشاهه جو نذرانو آهي، جنهن جا هٿ خالي، جهريل جيءُ هڪ قيد ۾ آهي. جيسين سسيءَ ۾ ساهه اٿس، بيان جاري رهندو ۽ اڄ اُن بيان ٻُڌڻ لاءِ جيڪي پنهنجا مڙيا آهن، تن جا ٿورا نه لاهڻ جا آهن ۽ نه لهي سگهندا. اُن بادشاهه وٽ ڏيڻ لاءِ ڪي به ڪينهي، سواءِ هنن لفظن جي:

جي قيام مڙن ته ڪر اوڏا سپرين،

تهان پري سڄن، واڏايون وصال جون.

(شاهه)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org