سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: عظيم سائنسدان

 

صفحو :5

باب ڇهون

ارشميدس

يونان جو انگن جو سڀ کان وڌيڪ هوشيار بازيگر ارشميدس سسليءَ جي ٻيٽ تي سيراڪيوز ۾ 287 ق م ۾ پيدا ٿيو. شهري رياست جي شان و شوڪت سندس ڄمڻ کان اڳ ختم ٿي چڪي هئي ۽ سندس 75 ورهين جي سموري ڄمار دوران سندس آسپاس جنگ ۽ جنگ جا گهنڊ وڄندا رهيا. هو اڃا نون ورهين جو ئي هو ته ايپيرس جو بادشاه پيرهوس (Pyrrhus) ڪارٿيجينين سان ويڙهه ۾ مدد لاءِ سيراڪيوز اچي ويو. انهن ٻيٽ جي الهندي ڪناري تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ انهيءَ تمام پراڻي ڇڪتاڻ ۾ هاڻي انهن جو پاسو ڳرو ٿي رهيو هو. ارشميدس جي عمرانهي وقت يارنهن سال هئي جڏهن پيرهوس پنهنجي چوڌاري ننڍڙين رقابتن ۽ سازش کان بيزار ٿي سيراڪيوز کان هميشه لاءِ جند ڇڏائي ورتي.

اها لڳ ڀڳ انهيءَ وقت جي ڳالهه هوندي جو ڇوڪري ارشميدس کي اسڪندريا ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو هوندو. اسڪندريا تڏهن ايٿنز کان رعب ۽ دٻدٻو ڦري پاڻ دنيا جو علمي مرڪز ٿي ويٺو هو. سندس اتي گذاريل زندگيءَ بابت ڪجهه به معلوم نه آهي. ڪجهه اشارا ملن ٿا جن مان خبر پوي ٿي ته هن ڪهڙي قسم جي زندگي گذاري هوندي. هاڻي اها ڳالهه ڪڏهن به معلوم نه ٿي سگهندي ته سندس ڇوڪراڻي وهي ۽ نوجوانيءَ جا ڏينهن ڪيئن گذريا. سندس نوجواني کي گناهن سان ڀريندڙ ڏند ڪٿائن جو به ڪو ذڪر نه ٿو ملي. سندس پوءِ جي زندگيءَ مان هڪ سنجيده ۽ گهري ذهن جو پتو پوي ٿو. جنهن وٽ هٿراڌو مزاح جي حس به هوندي هئي.

انهي ڳالهه جو به امڪان موجود آهي ته متان هن جو تعلق شاهي خاندان سان هجي. سندس ڪيتريون ئي تحريرون گم ٿي ويون آهن ۽ اهي جيڪڏهن سڀئي موجود هجن ها ته به سندس زندگيءَ بابت سوالن جا جواب شايد ته نه ملي سگهن ها. بهرحال اها پڪ آهي ته هن جو سيراڪيوز ۾ گهر هو ۽ اهو فرض ڪري وٺڻ ۾ به ڪو اهم نه آهي ته کيس هڪ زال به هئي ڇو جو اها ڳالهه ڏاڍي اڻ ٿيڻي ٿي لڳي ته هڪ سٺي گهراڻي جو ايترو غير حاضر دماغ- ۽ مشهور- ماڻهو اڪيلورهي سگهيو هوندو. هو اهڙي قسم جو مرد هو جن جو عورتون سندن پنهنجي ڀلي لاءِ خيال رکڻ گهرنديون آهن.

 

2

سندس شهرت پکڙجي وئي ۽ سموري دنيا ارشميدس کي هڪ هوشيار موجد جي حيثيت ۾ سڃاڻڻ لڳي. هو پهريون حرفتي موجد هو ۽ سندس حرفت هن کانپوءِ ايندڙ هر حرفتي کي ذهني غذا پهچائي آهي. پر ارشميدس پاڻ پنهنجن ميڪا نيڪي ”رانديڪن“ کي حقارت جي نظر سان ڏسندو هو. ڪابه شي ايجاد ڪرڻ ڪنهن حقيقي رياضيدان جي شان کان گهٽ هئي. گهٽ ۾ گهٽ هو پاڻ ائين چوندو هو. پر اها ڳالهه آهي ته کيس پنهنجي مهارت تي ناز هوندو هو. هو رياضيءَ ۾ پنهنجي ڪم بابت ڪڏهن به ڪا ڊاڙ نه هڻندو هو. کيس اها لازماً خبر هوندي ته هو انهي ميدان ۾ استاد جو درجو رکي ٿو پر اتي هو ڏاڍو نهٺو ۽ لڄارو ٿي پوندو هو. هو پنهنجي هڪ دوست جي وقت کان اڳ وفات تي افسوس ڪندي لکي ٿو: قونون (Conon) انهن ٿيورمن تي کوجنا ڪرڻ جو وقت ملڻ کان اڳ ئي فوت ٿي ويو، نه ته هو اهي سڀئي شيون دريافت ڪري ۽ انهن کي ظاهر ڪري وڃي ها ۽ انهن کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي دريا فتون ڪري جاميٽري کي مالا مال ڪري ڇڏي ها.“

وري پنهنجي زندگيءَ جي اصلي ڪم بابت ايتري نهٺائي سان لکندڙ ماڻهو ڦونڊ ۾ ڀرجي هيءَ ڊاڙ به هنئي ته:

”مونکي بيهڻ جي جاءِ ڏيو، آءُ دنيا کي پنهنجي جاءِ تان هٽائي ڇڏيندس.“

انهيءَ تي بادشاهه هيرو (Hiero) کيس چيو ته: تون ڪو لٻاڙي ماڻهو آهين. تون مونکي ڪو وڏو وزن هٽائي پنهنجا لفظ ثابت ڪري ڏيکار؛

ارشميدس دنيا ۾ واحد ماڻهو هو جنهنکي ليورن (Levers) ۽ چرخين جي اصولن جي ڄاڻ هئي. هن کي پنهنجي واٽ ايتري ته واضح نظر پئي آئي جو هو انهيءَ کي ٻاراڻي راند سمجهندو هو. بهرحال انهيءَ ئي وقت هيروجي سامهون هڪ ڳنڀير مسئلو اچي ويو جو هن بادشاهه بطليموس لاءِ جيڪو سامونڊي جهاز ٺهرايو هو اهو پاڻيءَ ۾ نه ٿي لهي سگهيو- سيراڪيوز جا سڀئي مرد انهيءَ ڪم تي گڏجي بيٺا پر انهن سڀني جي گڏيل طاقت ۽ حرفت سان به ڪم نه ٿي سگهيو.

”آءُ ٿو توهانکي جهاز پاڻي ۾ لاهي ڏيان،“ ارشميدس چيو ۽ پوءِ چرخين جو هڪ اهڙو نظام ٺاهڻ لڳي ويو جنهن جي مدد سان تمام ٿوري ڪوشش سان تمام وڏو وزن کڻي سگهجي. اهو جڏهن تيار ٿي ويو ته هن رسيءَ جو ڇيڙو هيرو جي هٿ ۾ ڏنو ۽ کيس انهي کي ڇڪڻ جو چيائين، بادشاهه ائين ڪيو ۽ جهاز آهستي آهستي پاڻي ۾ لهي ويو.

اها ڳالهه بادشاهه ۽ سندس رعيت کي لازماً ڪو جادؤ جو ڪرتب لڳي هوندي. بادشاهه فوراً هڪ فرمان جاري ڪرائي ڇڏيو ته:

اڄ کان وٺي ارشميدس جيڪا به ڳالهه چوندو انهي تي يقين ڪيو ويندو. انهي ڳالهه جي ڪا ثابتي نه ٿي ملي ته هن انهيءَ شاهي فرمان مان ڪو غلط فائدو ورتو ۽ شايد ته انهي مان هن کي پنهنجي زال سان معمولي اختلافن ۾ به ڪو فائدو نه مليو هوندو. هو انهيءَ ڀلي عورت سان لازماً مسئلن ۾ ڦاسندو رهيو هوندو ۽ عورت به لازماً تمام گهڻي صابرين هوندي.

 

3

توهان اهڙي ماڻهو کي ڇا ٿا ڪري سگهو جنهنکي جڏهن چئجي ته ”ماني تيار آهي.“ ته هو توهانجي ڳالهه ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي ۽ آتش دان جي خاڪ تي ويٺو ٽڪنڊا، چورس ۽ گول ٺاهي؟ هن کي مٿس هروقت نظر رکڻي پوندي هئي جو هو جسم تي تيل مليندو هو ته ڳالهه ئي وسري ويندي هئس ۽ وهنجڻ بجاءِ پنهنجي جسم تي تيل ۾ ڊايا گرام ٺاهيندو هو.

پر کيس عوامي حمام ۾ موڪلڻ کان ته اهو ڪم چڱو هوندو هو. ڇو ته هن هڪ دفعو جڏهن اهڙي هڪ موقعي تي ڏاڍي وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي هئي ته هن انهي ءَ کانپوءِ کيس اوڏانهن موڪلڻ ڇڏي ڏنو هو.

 

4

انهيءَ جو اصل سبب بادشاهه جو تاج هو. بادشاهه ڄاڻڻ ٿي چاهيو ته خالص سون ۾ ڪاڦيٽ ته نه ملائي وئي هئي. هن ارشميدس کي انهي مسئلي جو حل ڳولهڻ جو چيو. اهو ڏاڍو ڏکيو مسئلو هو. بظاهر ته حل ڪڍڻ جي ڪابه واٽ نظر نه پئي آئي. بلڪل انهيءَ وقت جڏهن هن سوچيو پئي ته کيس بادشاهه کي ٻڌائڻ گهرجي ته اهو مسئلو حل نه ٿي سگهندو، هو پنهنجي وهنجڻ جي ٽب ۾ گهڙيو. پاڻي مٿي ٿي ويو. هو جڏهن انهيءَ ۾ ويٺو ته پاڻي ڪناري کان وهي هليو. انهي ئي وقت هن اها ڳالهه محسوس ڪئي ته هو جيترو پاڻي ۾ ٻڏندو وڃي ٿو ايترو سندس جسم هلڪو ٿيندو وڃي ٿو. ”مونکي خبر پئجي وئي“ (Eureka) هن رڙڪئي ۽ ٽپ ڏئي ٽب مان ٻاهر نڪري آيو. هن کي خبر پئجي وئي هئي ته بادشاهه جي تاج جي تور ڪيئن ڪبي ۽ سندس ذهن ۾ پهريون خيال اهو آيو ته هو ڊوڙي وڃي انهيءَ جو عملي مظاهرو ڪري ڏيکاري.

اهڙي طرح هو سڌو اچي گهٽيءَ ۾ بيٺو، انهيءَ سان سندس زال لازماً لڄي ٿي هوندي.

ماڻهو هزارين ورهين کان ڏسندا پئي آيا ته هو جڏهن پاڻيءَ ۾ لهن ٿا ته پاڻي مٿي چڙهي ٿو. انهنکي هزارين ورهين کان اها به خبر هئي ته جسم ٻاهر جي ڀيٽ ۾ پاڻيءَ ۾ هلڪو ٿئي ٿو يا هلڪو محسوس ٿئي ٿو. پرانهن ٻنهي حقيقتن مان ڪنهن کي به ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پر انهن ۾ ارشميدس لاءِ ڪا معنيٰ رکيل هئي. هن جڏهن ڏٺو ته تاج جي هٽايل پاڻيءَ جو وزن ايترو نه آهي جيترو بادشاهه پاران سوناري کي ڏنل سون جي وزن برابر ٻيو سون هٽائي ٿو ته هو سمجهي ويو ته سون ۾ ٻيو ڌاتو ملايو ويو آهي. هن بادشاهه کي ٻڌايو ته کيس پڪ آهي ته سوناري کي اها ڳالهه مڃرائڻ ڏکي نه آهي. واقعي ائين ئي ٿيو.

هائڊرو اسٽيٽڪس جي واڌ ويجهه ڏانهن اهو پهريون قدم هو ۽ انهي ذريعي ارشميدس ٻيا به ڪيترائي بنيادي ٿيورم دريافت ڪيا جيڪي  On floating Bodies“ نالي سندس ڪتاب ۾ شايع ٿيل آهن.

مصرين ارشميدس کي ڪنهن وقت اها درخواست ڪئي هئي ته هو نيل جي پاڻي جي بندوبست ۾ انهنجي مدد ڪري.  انهن کي انهيءَ جي مناسب ورهاست جو ڪو سادو طريقو گهربل هو. انهيءَ جي نتيجي ۾ ارشميدس وارو اسڪرو (Archimedes,s Screw) ٺهيو. اهو اوزار شايد ته هڪ نلڪيءَ تي مشتمل هو جنهنکي هڪ ڊگهي اسپائرل (spiral) جي شڪل ۾ وڪڙ ڏنل هئا. انهيءَ کي پاڻي ۾ ڪنهن سولي لاهه واري جاءِ تي رکي اهڙي نموني بيهاريو ويندو هو جو اهو لڳاتار پنهنجي محورتي پيو ڦرندو هو. پوءِ جڏهن نلڪيءَ جو پاڻي ۾ ٻڏل ڇيڙو هر ڦيري تي سطح کان مٿي ٿي ويندو هو ته پاڻي مٿي چڙهي ايندو هو.

ارشميدس پنهنجي واندڪائي جي وقت سج، چنڊ ۽ پنجن سيارن جي گردش ڏيکاريندڙ هڪ گولو ايجاد ڪيو. اهو اٽڪل جو اوزار پاڻي تي هلندو هو ۽ ايتري ته درستگي سان ٺهيل هو جو سج ۽ چنڊ گرهڻ به ڏيکاريندو هو.

 

5

ارشميدس پوڙهو ٿيندو پئي ويو. سندس اسڪولي ڏينهن وارودوست قونون گذاري ويو هو. سندس دوست بادشاهه هيرو به سفر سڌاري ويو هو ۽ ان جي جاءِ تي بي احتياط ۽ آڪڙباز هيرونيمس حڪومت ڪري رهيو هو. انهيءَ نوجوان اڳئين روش کان منهن موڙيندي سيراڪيوز کي روم خلاف ڪارٿيج جو اتحادي ڪري ڇڏيو. اها پڄاڻي جي شروعات هئي. ڪو وقت نه گذريو ته مارسيلس جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ فوج شهر جي ڦاٽڪن تي اچي بيٺي ۽ رومين جي جهازن بندر جي ناڪابندي ڪري ڇڏي.

هاڻي انهي ڳالهه تي يقين ڪري ويهي رهڻ ته سولو آهي ته ارشميدس ڪارٿيج سان اتحاد جي خلاف هو پر اهو نقصان ٿي وڃڻ کانپوءِ هو پنهجن هم وطنن جي مدد لاءِ پنهنجا ذهني وسيلا ڪم آڻڻ لڳو.

اهو آهي ته هن انهن جي واهه جي مدد ڪئي. هو تقريباً اڪيلي سرمارسيلس کي پري بيهاريون بيٺو رهيو ۽ رومي انجنيئرن تي خلقون کلائي ڇڏيائين. اهي هن ماڻهو جي مقابلي ۾ ننڍڙا ٻار هئا جنهن وٽ بيهڻ لاءِ ڪا شي هجي ها ته دنيا کي پنهنجي جاءِ تان هٽائڻ لاءِ تيار هو.

توهان جڏهن ڪنهن ڪرين کي ريلوي انجڻ کي هوا ۾ جهولائيندي ڏسو ته اها ڳالهه ياد رکجو ته ارشميدس سيراڪيوز جي دفاع ۾ 2150 ورهيه اڳ اهڙوئي اوزارڪتب آندو هو. هن پنهنجين ڪرينن جي مدد سان رومين جي جهازن کي ڇڪي مٿي هوا ۾ کڻي پاڻي ۾ ٿي اڇلايو ته اهي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ٿي ويا، يا هن جهازن کي عملي سميت عالم پناه مٿان ڇڪي هيٺ ٿي آندو جيئن شهري انهنکي منهن ڏين.

هن وڏيون منجنيقون بيهاريون جن رومي جهازن تي وڏاپٿر ٿي اڇلايا هن عالم پناه جي سوراخن مان ڌاتن ۽ پٿرين جا ڦوهارا وسائڻ لاءِ پڻ مشينون ٺاهيون.

حقيقت اها آهي ته هن رومين لاءِ ميدان ايترو گرم ڪري ڇڏيو جو مارسيلس پنهنجي جوانن تي ڦٽڪار ڪرڻ لڳو ته:

توهان هن رياضيدان خلاف جنگ ڪڏهن پڄاڻي تي پهچائيندؤ. جيڪو سمنڊ ڪناري تي ويٺو اسانجن جهازن جا هاڃا هڻي رهيو آهي ۽ هو اسان تي جيڪي ميزائيل هڻي رهيو آهي انهن مان ته لڳي ٿو اهو داستانن وارن سو هٿڙين ديون کان به گوء کٽيون ٿو وڃي.

پر مارسيلس محسوس ڪري ورتو ته سندس جوانن کي انهي هڪ سائنسدان آڏو پنهنجين حياتين جي خوف اچي ورايو آهي. صورتحال اهڙو خراب رخ اختيار ڪري وئي جو عالم پناه تان فقط رسيءَ جو هڪڙو ٽڪر ئي اڇلجي ايندو هو ته رومين ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويندي هئي. تنهنڪري مارسيلس هڪڙوئي عقلمنديءَ وارو ڪم ڪيو جو شهر تي حملو ڪري قبضي جو خيال دماغ مان ڪڍي دشمن کي بک مارڻ لاءِ کوپو کوڙي ويهي رهيو. انهي رٿا کي ارشميدس به ناڪام نه ڪري سگهيو.

آخرڪار 212 ق م ۾ سيراڪيوز هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ ٻه ورهيه پوءِ سمورو سسلي روم جي قبضي ۾ اچي ويو.

 

6

سيراڪيوز تي قبضو ٿي وڃڻ کانپوءِ فوج جڏهن لٽ مار لاءِ شهر ۾ ڪاهي پئي ته مارسيلس حڪم ڏئي ڇڏيو ته ”رياضيدان کي ڪجهه به نه ڪريو“ شهر تي جڏهن ڪاهه مڪمل ٿي وئي ۽ شهرگهيري ۾ اچي ويو ته ارشميدس پنهنجي پڙهائي ۾ لڳي ويو. هو بلڪل صحيح وقت تي پنهنجن خوابن مان نڪتو ۽ پنهنجن دوستن کي ڏاڍا طاقتور اوزار ڏنا هئائين. هاڻي هو مجرد خيالن جي دنيا ۾ واپس هليو ويو ۽ جنگ بابت سڀ ڳالهيون وساري ڇڏيائين. انهن ڏينهن ۾ لڙائي ۾ دونهون نه ٿيندو هو ۽ سيراڪيوز مٿان هواصاف ۽ سانت هئي. اهڙي صورتحال ۾ حملي ۽ دفاع جا ننڍڙا ننڍڙا. آواز فيلسوف کي ڊسٽرب نه ٿي ڪري سگهيا. انهن آخري ڏينهن ۾ هن ڪهڙا خواب پئي ڏٺا؟ هو ڪهڙي مسئلي تي سوچ ويچار ڪري رهيو هو؟ هن وٽ گولي کي سلينڊر سان گهيرجڻ  (a sphere Circumscribed by a Cylinder) بابت ڪونئون ٿيورم هو ڇا؟ انهيءَ ۾ سندس ڏاڍي دلچسپي هوندي هئي. هن جي مرضي هئي ته سندس قبر جو ڪتبو به جيڪر اهو ٿئي.

هي پوڙهو ماڻهو اهڙا ئي خواب پيو ڏسندو هو. سندس دماغ چورسن، ڪعبن (cubes)، گولن ۽ عجيب غريب ۽ سهڻين ڪنڊن سان ڀريل هوندو هو. ممڪن آهي ته هو زمين ۽ سندس مٿان گول شڪل ۾ ڦري آيل وسعت جي پاڻ ۾ تعلق بابت پيو سوچيندو هجي. هن زمين بابت کيس خبر هئي ته اها گول آهي ۽ کيس يقين هو ته اها سج جي چوڌاري گردش ڪري ٿي. سندس ذهن ۾ زمين بابت اهو خيال به نه هو جيڪو ارسطو جي نظر ۾ هو ته اها هڪ تمام وڏي ۽ هرشي تي حاوي شي آهي، ارشميدس جي نظر ۾ اها هڪ تمام وڏي ڪائنات ۾ هڪ ننڍڙي ساهي پٽڻ جي جاءِ هئي. هيءُ رياضيدان پنهنجي فلڪيات جي علم ۾ به جديد سوچ رکندڙ ماڻهو هو.

ڇا رومي جڏهن شهر تي ڪاهيندا پئي آيا ته هن سندن رڙيون ٻڌيون پئي؟ يا کيس پنهنجن دوستن جون مرڻ وقت واريون دانهون ٻڌڻ ۾ آيون پئي؟ شايد ته نه. ممڪن آهي ته هو انهيءَ دهشتناڪ وقت به انهي طاقت بابت ويٺو سوچيندو هجي جنهن زمين جا بند آزاد ڪرائي ڇڏيا هئا ۽ گرهن کي پنهنجن مقرر رستن تي گهمائي رهي هئي.

هو رستي جي پٿرن تي پيل دز ۾ ستارن جي واٽن جو نقشو ڪڍي رهيو هو ته سندس ڪم جي مٿان ڪو پاڇو پئجي ويو ۽ ڪنهن پير سندس ڊايا گرامن ۾ رخنو وجهي ڇڏيو. انهي خلل اندازيءَ کيس واپس زمين تي آڻي ڇڏيو؛

”منهنجي ڊاياگرام کان پري ٿي بيهه، ميان!“

جهالت، هميشه وانگر ڪاوڙ ۾ ڀرجي وئي ۽ تلوار اُڀي ڪيائين...

پلوٽارڪ چوي ٿو ته ”مارسيلس کي سڀ کان وڌيڪ ڏک ارشميدس جي وفات تي ٿيو هو، ۽ ٿيو به ڇو نه هوندو! انهيءَ ڏينهن جيڪي ٻيا ماڻهو جنگ ۾ ڪم آيا هئا اهي ته ڄڻ ميدان ۾ ڦٽل گاه هئا. پوءِ فطرت کي سيراڪيوز جي خواب لهندڙ حرفتي جو همسر آئزڪ نيوٽن پيدا ڪرڻ ۾ ٻه هزار ورهيه لڳي ويا.

پوءِ جي ورهين دوران جڏهن سيسرو سسليءَ ۾ ڳولهائون ڪري رهيو ته هن کي هڪ ويران قبو نظر اچي ويو جنهن تي گهڻو گند گاه ۽ ڊڀ ٻوٽا ڦٽي ويا هئا ۽ انهي تي گولي کي سلينڊر سان گهيرجندڙ، نشان لڳل هو. سسرو انهي قبي جي حالت درست ڪرائي. هن کي خبر هئي ته ارشميدس جا هڏڙا انهيءَ نامعلوم جاءِ ۾ آرامي هئا.

 

7

ارشميدس جو جديد دور جي انسان جي روزمره جي زندگيءَ سان گهرو تعلق آهي. هن جيڪي قانون لڌا ۽ ثابت ڪيا اهي هرجاءِ تي مستقل استعمال ۾ آهن. سندس وفات کان 1800 سال پوءِ تائين به دنيا مڪينڪس جي نظريي ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ڪري سگهي. پوءِ انهيءَ اڳتي وڌڻ جي شروعات به ارشميدس جي ڏنل حقيقتن سان ڪئي.

هن بادشاهه جي تاج واري واقعي مان هي قانون دريافت ڪيو ته: ”پاڻي ۾ ٻوڙيل جسم جي وزن ۾ ان جسم پاران هٽايل پاڻي جي وزن جي برابر لاٿ ايندي آهي.“

انهيءَ پهرئين دريافت مان سندس هائڊرو اسٽيٽڪس (Hydro statics) جو سموري سائنس جنم ورتو آهي. هو انهيءَ سائنس جو باني ليکيو وڃي ٿو. سامونڊي جهاز ٺاهيندڙ يا پاڻي جي ترڻ شڪتي (buoyancy) تي ڪنهن به نموني دارو مدار رکندڙ ماڻهو ارشميدس جي ترندڙ جسمن بابت ڏنل بنيادي حقيقتن کي حتمي تسليم ڪندا آهن. توهان جڏهن ڪنهن سامونڊي جهاز جي هٽاء (displacement) بابت ڳالهائيندا آهيو ته توهانجو مطلب پاڻي جو اهو وزن هوندو آهي جيڪو جهاز جي ڍانچي پاران والاريل جاءِ کي ڀرڻ لاءِ ضروري هوندو آهي.

سندس هائڊواسٽيٽڪس جو هڪ ٻيو قانون آهي ته ”جيڪڏهن پاڻي کان هلڪي ڪنهن جسم کي زور سان پاڻي ۾ وڌو ويندو ته اهو هڪ اهڙي قوت سان مٿي ڌڪجي ايندو جيڪا انهي جي وزن ۽ هٽايل پاڻي جي وزن جي تفاوت جي برابر هوندي.“ هن ترندڙ جسمن بابت ٻن ڪتابن ۾ پنهنجا قانون بيان ڪيا آهن ۽ سموري دنيا جا سامونڊي جهاز ٺاهيندڙ جن اصولن مطابق جهاز جا ڍانچا ٺاهين ٿا انهن جي درستگي بابت کين هن جو ٿورائتو رهڻ گهرجي.

هن مڪينڪس ۾ به اهڙا قانون ترتيب ڏنا جيڪي بنيادي طور درست آهن ۽ مسلسل استعمال ۾ آهن:

برابر فاصلن تي توازن ۾ بيهندڙ وزن برابر هوندا.

برابر فاصلن تي اڻبرابر وزن توازن ۾ نه ايندا.

اڻبرابر وزن، اڻبرابر فاصلن تي تڏهن توازن ۾ ايندا جڏهن وڏووزن  گهٽ فاصلي تي هوندو.

اهي سادا ۽ پنهنجي وضاحت پاڻ ڪندڙ قانون اسانجي سموري مڪينڪس جو بنياد آهن جن جي ماتحت لفٽون ۽ ٻاڦ تي هلندڙ ڪرينون هلن ٿيون ۽ وڏي عمارت جي ويهين ماڙ تي لوهي ڪٻٽ به انهن اصولن تي هلندڙ پُلين جي ذريعي چاڙهيا وڃن ٿا.

 

8

 ارشميدس جي جاميٽري تي ٿيل ڪم مان ثابت ٿئي ٿو ته هو دنيا جي عظيم ترين رياضيدانن مان هڪ هو. هو پراڻي مواد تي ڪم ڪري ان کي نئين ترتيب ۾ آڻيندڙ ماڻهو نه هو. هن گولي، مخروطر ورهاڱن (Consic sections) ۽ اسپائرل (spiral) تي وڏي جوش سان ڪم ڪيو ۽ ڊفرنشل ڪيلڪيولس جي دريافت جي به ايترو ويجهو وڃي پهتو هو جيترو الجبرا جي ڄاڻ کان سواءِ ممڪن ٿي سگهيو ٿي.

هن (Sand beckonor) جي نالي سان هڪ مقالو لکيو هو جنهن ۾ اهو ثابت ڪيو اٿائين ته هو نظر ايندڙ ڪائنات کي ڀرڻ لاءِ جيتري واري ضروري آهي ان جا ذرڙا ڳڻي سگهي ٿو.

هن اهو ننڍڙو ڪتابڙوبادشاهه جيلون (Gelon) ڏانهن ڏياري موڪليو هو. لڳي ٿو ته بادشاهه انهي بيان کي حتمي سمجهي ويهي رهيو ۽ انهيءَ جو عملي مظاهرو ڪري ڏيکارڻ جي فرمائش نه ڪيائين. بهرحال ڊريپر جي لفظن ۾ اها ڳالهه: پنهنجي قوت ۽ طاقت سان پاڻ کي وندرائيندڙ ڪنهن جا ميٽريائي ديو جوکيل هو.“

انهي شخص جي انگن بابت ذهني قوت جو اندازو ڪرڻ لاءِ اها ڳالهه ذهن ۾ رکي وڃي ته يونانين وٽ اسان جهڙا انگ نه هوندا هئا ۽ اهي ٻڙي به ڪم نه آڻيندا هئا. الف ب جي پهرين نون اکرن تي نشان ڏيڻ سان اهي هڪ کان وٺي نون تائين انگن جو ڪم ڏيندا هئا. انهن کان اڳيان نو ڏهن کان نوي تائين ۽ اڃا اڳيان هڪ سوکان نون سون تائين جي انگن طور ڪم ايندا هئا. اهي اسان وانگر سڀ کان وڏو انگ کاٻي طرف لکندا هئا پرکين ڏهائي بابت ڄاڻ نه هئي ۽ انهن جا اڻپور به ڏاڍا ڊگها هوندا هئا انهن جي ونڊ ۽ ضرب جي عملن ۾ به ڏاڍي محنت کپندي هئي.

انهن ڏکيائين ارشميدس جي آڏو ڪابه اهميت نه ٿي رکي. ٿورو تصور ڪريو ته هن وٽ عربي نظام ۽ الجبرائي نشانيون هجن ها ته هو ڇا ڇا نه ڪري ها! انهن رنڊڪن جي باوجود به هو گهٽ ۾ گهٽ جزوي طور ‘cattle problem’ حل ڪري ويو. انهيءَ سوال ۾ شايد ته جيتريقدر رياضي آهي ايتري ئي خوش طبعي ۽ کِل ڀوڳ به سمايل آهي.

اپولونيئس، ارشميدس جو هڪ حريف هو. هو گول جي ڊاياميٽر جوان جي گهيري سان صحيح تناسب لهڻ جي ويجهو اچي پهتو هو. ارشميدس سوچيو ته کيس ڪو مسئلو ڏئي مصروف رکجي ۽ اهڙي طرح هن ڏانهن ‘Cattle problem’ موڪليائين جنهن ۾ اٺ نامعلوم (unknown) ڳولها پوندا آهن. اها ظاهر ڳالهه آهي ته انهن مان هر هڪ ڪو تمام وڏو انگ هوندو.

ارشميدس اپولونئين ڏانهن لکي موڪليو ته: سج جي دڳن جو انگ لهو، توکي جيڪڏهن ڏاهپ مان ڪو حصو مليو آهي ته چئني رنگن جي ڍڳن ۽ دِڳين جو انگ لهي ڏيکار، جڏهن اڇا ڍڳا ڪارن ڍڳن سان ملن ٿا ته اهي برابر ماپ جي ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ پورا بيهجي وڃن ٿا ۽ ٿريناڪيا جا هر طرف پکڙجندڙ ميدان انهن جي ميڙ سان ڀرجي وڃن ٿا.

امٿر نالي هڪ جرمني جي رياضيدان انهي سوال تي ڪم ڪيو ته ڪافي عجيب نتيجن تي پهتو. هن ڏٺو ته هڪ نامعلوم جو انگ ڏيڻ لاءِ پنجاه پنجاه انگن واريون پنجاه ليڪون يا ڪنهن سراسري سائيز کان ڪجهه وڏي ماپ واري ڪتاب جا ساڍا 82 صفحا گهربل هوندا ۽ اٺن ئي نامعلومن جا جواب ڏيڻ لاءِ 660 صفحن جو هڪ ڪتاب گهربل هوندو.

 

باب ستون

 

جالينوس (Galen)

ميسيا ۾ پرگامس نالي شهر اڄڪلهه ڪا وڏي اهميت نه ٿو رکي، اهو لڳ ڀڳ 20 هزار ماڻهن تي مشتمل آهي جن جي گذر سفر جو ذريعو اولهه ۽ اوڀر جي وچ ۾ واپار آهي. اهو ڪڏهن به وڏو شهر نه رهيو آهي پر 197 ق م ڌاران انکي ڪجهه اهميت حاصل هئي. انهيءَ کانپوءِ اهو پٺتي پوڻ شروع ٿي ويو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ اهو فقط هڪ شي يعني شيطان جي آستان جي سبب مشهور رهيو جنهن جو انجيل جي آخري ڪتاب Revealation  ۾ سنيٽ جان ذڪر ڪيو آهي. شيطان جو آستان گهڻو ڪري پاڪباز يونانين ياران (ديوتائن جي سردار) زيس (Zeus) جي اعزاز ۾ ٺهيل هڪ سهڻي تخت کي چيو ويندو هو.

پرگامس جو بنياد فيلٽارس نالي هڪ کدڙي وڌو هو جنهنکي هڪ وڏي خزاني جي حفاظت لاءِ اوڏانهن موڪليو ويو هو. پر هن پنهنجي  مالڪ خلاف بغاوت ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي رياست ٺاهي ويهي رهيو. هاڻي تاريخي ڪتابن ۾ پرگامس جي ذڪراچڻ جو هڪ سبب ته سينٽ جان ۽ ٻيو جالينوس آهي جنهنکي عظيم يوناني ڊاڪٽرن مان آخري تسليم ڪيو وڃي ٿو.

جالينوس 130 ق م ۾ پرگامس ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءَ نڪون پڙهيو لکيو با تهذيب يوناني ۽ ڌنڌي جي لحاظ کان شايد ته آرڪيٽيڪٽ هو. البت گالين جي ماء بابت ڪي سٺيون ڳالهيون لکيل نه ٿيو ملن. هؤ تاريخ مان هڪ بد مزاج، پٽڪي ورتي ۽ ٻي زينٽپي وانگر منهن ڪڍيون نظر اچي ٿي. ممڪن آهي ته انهيء جو ڪو سبب به هجي. ٿي سگهي ٿو ته سندس مڙس گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهو هجي ۽ جيئن ته سندس پٽ اڳيئي وڏو ذهين ماڻهو ٿي پيو هو تنهنڪري سندس زندگي ڪا سولي نه گذري هوندي.

جالينوس ويهن ورهين جو هو ته نڪون فوت ٿي ويو. پوءِ هو دنيا گهمڻ ۽ طب ڏسڻ لاءِ نڪري پيو. سندس سفرن جو ڪوبه درست رڪارڊ موجود نه آهي پر اها پڪ آهي ته هو سمرنا ويو هو ۽ اتي پڙهيو هو. هو اسڪندريا ۾ به رهيو هو ۽ طب تي اسٽريٽو نيڪس ۽ ايسڪريان ۽ اناٽاميءَ تي هرڪليانس جا ليڪچر ٻڌا هئائين. اهي پنهنجي وقت جا مشهور استاد هوندا هئا.

هن جي جواني ڪيئن گذري؟ هن ڪهڙا عشق معاشقا ڪيا؟ انهي بابت  ڪهڙوبه اندازو هڻي سگهجي ٿو جو جالينوس پاڻ ڪابه ڳالهه نه ٻڌائي آهي. ايترو چئبو ته هو چڱو خاصو محنتي ماڻهو هوندو جو هن 28 ورهين جي ڄمار ۾ پرگامس جي طبيب طور ڪم شروع ڪري ڏنو ۽ انهيءَ ۾ هو ڪامياب به ٿيو. انهيءَ ميدان ۾ هو پنهنجن همعصرن کان گهڻو مٿي هو. هو ڪجهه وقت تجربو حاصل ڪرڻ ۾ مصروف رهيو. انهيءَ دوران سندس ماء جو ڪوبه ذڪر نه ٿو ملي.

سندس ڏاهپ جي ڀيٽ ۾ پرگامس تمام ننڍو شهر هو. انهي ڪري هو انهيءَ وقت جي کڻي چئجي ته نيو يارڪ يعني روم ڏانهن روانو ٿي ويو. شروعات ۾ ماڻهن جو هن ڏانهن رويو ڪو وڏي گرمجوشيءَ وارو نه هو ڇاڪاڻ ته هن جو ڪنهن به روايت پسند طبي مڪتب سان تعلق نه هو. بقراط سندس هيرو هو. جديد سوچ جا ماڻهو هن کي جيڪا به ڳالهه ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته هو ان کي ڪا اهميت ئي نه ڏيندو هو.

بهر حال قسمت جو هن سان ساٿ هو ۽ هو يوڊيمس جو علاج ڪرڻ کانپوءِ مشهور ٿي ويو. يوڊيمس بابت سمجهيو پئي ويو ته هو ڪنهن لاعلاج مرض ۾ ورتل آهي. هاڻي روم کيس قبول ڪري ورتو ۽ کيس ڳريون فيون ملڻ لڳيون. هن هڪ شاهوڪار عورت جي ٻه هفتا تيمارداري ڪئي ته هن سندس خدمتن عيوض کيس 2000 ڊالرن جي برابر رقم ڏني. اها ڳالهه به ذهن ۾ رکو ته تڏهن پئسي جو ملهه هاڻي کان وڌيڪ هو.

 

2

فيلسوف بادشاهه مارڪوس آريليس کي به فيشن مطابق هلڻو پيو ۽ جڏهن کيس ڍؤ ڪري پنير کائڻ کانپوءِ پيٽ ۾ سور پيو ته جالينوس سندس علاج ڪيو جنهن مان اطمينان بخش نتيجا نڪتا. انهي کانپوءِ هو جنگ تي ويو ته پنهنجي پٽ ڪموڊس کي جالينوس جي نگراني ۾ ڏئي ويو. جالينوس کي انهن ڳالهين مان فيشني طبقي ۾ ته ڪو نقصان نه پهتو البت سندس طبيب ڀائرن طرفان مٿس ڇتي تنقيد ڪئي وئي. ٿي سگهي ٿو ته اهي هن ٺاهوڪي يونانيءَ کان سڙندا هجن جيڪو پنهنجي پهراوڄ ته ڪنهن شوقين جهڙي رکندو هو پر ڪم قُلين وانگر ڪندو هو. بهرحال جيستائين شاهي درٻار جو ساٿ کيس حاصل هو تيستائين  هو انهن نقادن کي نظر انداز ڪري سگهيو ٿي.

هو ڏاڍو مصروف هو ۽ وٽس انهن تي وڃائڻ جيترو وقت نه هو. هو مستقل پيو پڙهندو هو ۽ سندس پڙهائي فقط ڪتابن تائين محدود نه هوندي هئي. فطرت سندس مڪتب هئي. هن کي اها ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ ڏاڍي دلچسپي هوندي هئي ته انساني جسم جي اندر ڇا ٿو وهي واپري پر انهي جي هن کي خبر ڪيئن پوي؟ ڪنهن انسان جي لاش جي وڍ ٽڪ ڪرڻ کي وڏو ڏوهه ليکيو ويندو هو. هو جيڪڏهن اهڙا خطرناڪ ڏوهه ڪري ها ته درٻار جو اثر رسوخ به کيس بچائي نه سگهي ها. پر جالينوس به هٿ پير هڻي پنهنجو ڪم ڪري وڃڻ وارو ماڻهو هو. هن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته انسانن ۽ باندرن ۾ ڪو وڏو فرق نه آهي تنهنڪري هن ڀولڙن تي وڍ ٽڪ ڪري انساني فزيالاجي ۽ اناٽاميءَ جو اڀياس ڪيو. هن وٽ جڏهن ڀولڙن جي کوٽ ٿي ويندي هئي ته هو سوئر ڪم آڻيندو هو. اهڙيءَ طرح هن ڪيترين ئي اهڙين شين جي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي جن کان سندس همعصر بلڪل ناواقف هئا.

ارسطو جي اها تعليم هئي ته شريانن (arteries) ۾ هوا هوندي آهي. جالينوس پنهنجي اڀياس ذريعي ڏٺو ته اها ڳالهه غلط آهي. شريانن ۾ رت هوندي آهي. حقيقت اها آهي ته هو رت جي دوري جي دريافت کان ٿوري تي رهجي ويو هو. سندس وڍ ٽڪ ۾ ٽيڪنيڪ جي ڪا ٿوري کوٽ هئي تنهنڪري هن کي اها ڳالهه ته نظر اچي وئي ته ڦڦڙن مان به رت گذري ٿي ۽ رڳن  (viens) مان به گذري ٿي پر هو انهن ٻنهي ڳالهين جو پاڻ ۾ ربط قائم نه ڪري سگهيو. لڳي ٿو ته سندس رڳن جي نظام جو بنياد جيري تي هو ۽ هن کي اها خبر نه پئي پوي ته رت واپس ڪيئن ٿي وڃي. ڪيپيلريون هر وقت سندس نظر کان گسي پيون وڃن.

دل بابت به سندس عجيب سوچ هئي. هن دل جا وال (valve) ته ڳولهي ورتا پر انهن جو رت جي حرڪت سان ربط قائم نه ڪري سگهيو ۽ نه ئي اها ڳالهه سندس ذهن ۾ آئي ته دل به هڪ پمپنگ انجڻ آهي.

جالينوس جيڪڏهن ٻين تي ايترو مڪمل طور حاوي نه هجي ها ته اهي غلط نظريا ڪابه اهميت نه رکن ها- حالت اها هئي جو ڪيترين صدين تائين سندس لفظن کي حتمي ۽ آخري سمجهيو ويندو رهيو.

هڏن بابت به هن جي ڄاڻ بهتر هئي. انهي معاملي ۾ به قسمت مٿس مهرباني ڪئي جو کيس هڪ جبل تي مارجي ويل ڦورو جو ڍانچو نظر اچي ويو. اتي جالينوس هڏن جو اڀياس ڪري ورتو. هن ڀولڙن مان مشقن ۽ تنتن (Nerves) بابت چڱي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي هئي، پر انهيءَ ميدان ۾ سندس ڪم ۾ ايتري درستگي نه هئي. هن ٻڌايو ته احساس (sensation) جي تنتن جو بنياد دماغ ۽ حرڪي(motor)  تنتن جو بنياد حرام مغز ۾ ٿئي ٿو. هو اها ڳالهه ڳولهي لهندڙ شروعاتي ماڻهن مان هو ته تنتن جا ٻه قسم ٿين ٿا ۽ هن انهيءَ دريافت جو ڏاڍي ذهانت سان بيان ڏنو آهي. هن سيني ۽ پيٽ جي عضون جو بيان پڻ ڏنو آهي ۽ کيس هر هڪ جي ڪم بابت به چڱي ڄاڻ هئي.

 

3

جالينوس پنهنجي ڌنڌي ۽ پڙهائي جي ڪم جي باوجود به پنهنجي ڄاڻ ۾ آيل سڀني ڳالهين کي لکي ڇڏڻ جو به وقت ڪڍي ورتو هو. پر هن ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون به لکي ڇڏيون آهن جن بابت کيس ڪا به ڄاڻ نه هئي. هن مجموعي طور 78 ڪتاب ۽ 14 مقالا لکيا آهن. سندس ڪتابن مان 9 اناٽامي، 17 فزيالاجي، 6 پيٿالاجي 16 علاج ۽ 30 فارميسي بابت آهن.

توهان اها ڳالهه نوٽ ڪئي هوندي ته هن ٻار ڄڻائڻ بابت ڪجهه به نه لکيو آهي. ٻار جي پيدائش هڪ اهڙي ڳالهه هئي جنهن ۾ ڪنهن حقيقي عقلمند ماڻهو جي ڪا به دلچسپي نه پئي ٿي سگهي. اها صورتحال ڪيترين صدين تائين برقرار رهي. حقيقت اها آهي ته ٻار ڄڻائڻ جو ڪم جيڪڏهن واقعي دائي کان ڇڏايو به ويو آهي ته اها فقط ڪا لهوڪي ڳالهه آهي.

جالينوس ايترين تحريرن ۾ ڪيتريون ئي احمقاڻيون ڳالهيون به ملائي ڇڏيون آهن. هن وٽ هر شي بابت هڪ نظريو هو ۽ هن پنهنجا سڀ نظريا ڏاڍي ڌيان سان لکت ۾ آڻي ڇڏيا آهن. سندس هر هڪ شي تي حاوي ۽ جامع نظريو اهو ٿو ٻڌائي ته فطرت جي هر شي مان هڪ ذهانت واري رٿا ظاهر ٿئي ٿي ۽ اها خالق جي چڱائي جو ثبوت آهي. سندس ذهن ۾ اها ڳالهه ڪڏهن به نه اچي سگهي ته حياتي توارث (heredity) ۽ ماحول جي ٻن وڏين قوتن جي عمل هيٺ تمام وڏي تبديليءَ مان گذرندي رهي ٿي.

هن ٽي ٻيا نظريا به ڏاڍي سنجيدگيءَ سان حقيقتن جي روپ ۾ پيش ڪري ڇڏيا آهن جيڪي صدين تائين طب لاءِ مونجهاري جو سبب بڻجندا رهيا.

پهريون اهو ته رت جيري مان ‘natural spirits’ دل جي کاٻي خاني مان ‘vital spirits’ ۽ دماغ مان ‘animal spirits’ وٺي ٿي ۽ سموري جسم ۾ ‘peneuma’ جي ذريعي زندگي برقرار رهي ٿي. اها بظاهر ته اها شي آهي جنهنکي اڄڪلهه روح ڪوٺيو وڃي ٿو.

جالينوس هڪ پيدائشي رولاڪ هو جنهنکي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي شديد ترين تڙپ هوندي هئي. هو ٻئي ڪنهن به شهر کان وڌيڪ روم ۾ رهيو پر روم به کيس مستقل طور روڪي نه سگهيو. ڪجهه ماڻهو اهو به چون ٿا ته هو وبا کان بچڻ لاءِ شهنشاهي شهر مان ڀڄي ويو هو پر اها ڳالهه وسهڻ ۾ نه ٿي اچي. اها پڪ آهي ته سندس ديوتا بقراط وبا کان بچڻ لاءِ شهر ڇڏڻ بجاءِ شهر ۾ ئي ترسي پيو هو.

بهرحال اها پڪ آهي ته هن پنهنجو ڌنڌو ڇڏي ڏنو ۽ ڏورانهن سفرن تي نڪري ويو. اها ڪنهن کي خبر نه آهي ته هن ڪهڙا ڪهڙا ملڪ گهميا پر هو ليمنوس (lemnos) جي ٻيٽ تي واضح طور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن کي اوڏانهن اهي خبرون ڇڪي ويو هيون ته اتي لڀندڙ  ٽيراليمنيا (Terra lemnia) نالي ڌاتؤ ۾ وڏيون شفائي خاصيتون آهن. اها ڳالهه ممڪن نه ٿي لڳي ته هو اتي ڪو گهڻو عرصو رهيو هوندو پر اها ڪنهن حدتائين پڪ آهي ته هو روم وري ڪڏهن به نه ويو.

سندس زندگيءَ جي آخري ورهين بابت گهڻي خبر چارنه آهي. هُن جا هتي هُتي ڪجهه مبهم آثار ملن ٿا ته فطرت جو مشاهدو ٿو ڪري، ڪڏهن ڪجهه لکي ٿو ڪڏهن پنهنجين دريافتن بابت ٻڌائي ٿو ته وري منظر تان غائب ٿي وڃي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته هو 80 ورهين جي ڄمار ۾ سسلي جي ٻيٽ تي گذاري ويو هجي.

رومين جي اکين جي آڏو تجلا ڏيندڙ ماڻهو جن کيس شاهي تخت جي به ويجهو رکيو هو انجو زندگيءَ جي آخري ورهين ۾ ائين منظر تان غائب ٿي وڃڻ به ڏاڍي عجب جهڙي ڳالهه آهي.

                             5

جالينوس جيتوڻيڪ پاڻ مري ويو پر سندس ڪم ۽ اثر رسوخ برقرار رهيو. هن کانپوءِ هڪ هزار ورهين تائين ڪوبه استاد منظر تي نه آيو. هو وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڪنهن تاريخي داستان واري حيثيت اختيار ڪري ويو ۽ سندس نالي مان ئي ڪرامتون ظاهر ٿيڻ لڳيون. پر انهيءَ کان به هڪ قدم وڌائي کيس ڪنهن ديوتا جي مرتبي تي ويهاريو ويو. عام ماڻهن جي ذهنن ۾ ته هن ڪنهن ولي جي حيثيت اختيار ڪري ورتي. هو هڪ هزار ورهين تائين لوهي لٺ کڻي راڄ ڪندو رهيو. اونداهين دور ۾ ته کيس غيب جون خبرون ٻڌائيندڙ آڪاس واڻي جي حيثيت حاصل رهي. هن سڀ ڪجهه ڏٺو هو ۽ سڀ ڪجهه ڄاتائين ٿي ۽ ڪابه ڳالهه ڳجهي نه ڇڏي هئائين. جالينوس تي عبور حاصل ڪرڻ جو مطلب طب ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ ليکيو ويندو هو. طب لاءِ سندس اهميت اهڙي هئي جهڙي سائنسدانن لاءِ ارسطو جي هئي.

دنيا هڪ هزار ورهين تائين سندس قدمن ۾ ويٺي رهي ۽ سندس غلطين کي به سندس صداقتن جهڙو احترام ڏيندي رهي. انهي تعظيم ۽ انهيءَ انڌي عقيدت ئي کيس لافانيت بخش ڇڏي. هن اڻ ڄاڻائي ۾ طب کي ڪيترائي هاڃا رسايا ۽ جيڪڏهن سندس ياد اڃا تائين باقي آهي ته انهي جوسبب سندس غلطين جي سبب کيس ملندڙ عزت آهي...


* مارڪوس آريلس 185ع وفات                                                                        

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org