سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: عظيم سائنسدان

 

صفحو :20

اهي ڳالهيون محبت کان ڳجهيون نه ٿيون رهي سگهن هن ته هن سان شادي شده زندگي جي ويهن ورهين کان وڌيڪ محبت ڪئي هئي. شادي کان اڳ وارا اهي سمورا پنج سال جڏهن هو دنيا گهمندو عجيب غريب جاين تي پيو ويندو هو ۽ هن بابت هڪ دفعو به نه سوچيو هئائين هوءَ تڏهن به هن سان محبت ڪندي هئي. هن کي ته انهي کان اڳ به هن سان محبت هئي. هن کي ته اهو وقت ياد ئي نه آهي جڏهن هن پنهنجي انهي سهڻي ۽ دلير سوٽ سان ڪڏهن محبت نه ڪئي هجي.

ويچاري چارلس کي ته ڪا خبر ئي نه هئي !  هو ايما جي دل ۾ هن لاءِ ڇوليون هڻندڙ محبت کان واقف ئي نه هو. هن سندس محبت جي طلب گار خوش باش ۽ سهڻن مردن کان منهن ڦيري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ جن پنجن ورهين دوران هن وٽ چارلس کان ڪا خبر ئي نه آئي هئي تڏهن هن جي دل سٽ ڏني هئي ته انهن مان ڪنهن سان شادي ڪري ڇڏي. جئين اميد جهيڻي پئي ٿيندي ويندي هئي تيئن سندس دل به سٽون پئي ڏيندي هئي پر هوءَ ڏسندي هئي ته ڪو به مرد سندس دل ۾ جاءِ ٺاهي نه سگهيو هو. اميد جو ڏيئو وسامي ويو پر سندس محبت ڏاڍي سگهاري ۽ تواني هئي ۽ اهي بي ثمر پنج ورهيه به ڪاٽي وئي.

مرد کيس سهڻي چوندا هئا  ۽ هو انهيءَ تي خوش ٿيندي هئي. اهي سندس چمڪدار اکين، رقص ڪندڙ زلفن ۽ تيزفهم جون تعريفون ڪندا هئا. هوء جيڪڏهن ٻين مردن جي نظر ۾ من موهيندڙ آهي ته اها پڪ آهي ته چارلس جڏهن واپس ايندو ته انهي بندري فيني اوون ڏانهن نه ويندو جيڪا سندس خوشامندون پئي ڪندي هئي پر سندس مٿي ۾ ڪو به عقل نه هو. آخر چارلس موٽي آيو ۽ ايما جي محبت جي حرارت هن جي چوگرد ڌارون ڪري وهڻ لڳي.

پر هاڻي اهو عجيب پاڇو پيدا ٿي پيو هو جنهن جو سبب اهوخطرناڪ ڪتاب هو جنهن کي پڄاڻي تي پهچائن لاءِ چارلس پاڻ کي ايترو هلاڪ ڪري رهيو هو. هو انهن شين کي تباه ڪري ڇڏيندو ڇا جيڪي سندس مذهبي زندگيءَ جو حصو ٿي ويون هيون؟ ”هن کي پاڻ کان اهو سوال پڇڻ جي جرئت ئي نه ٿيندي هئي ته ڇا اهو ڪتاب ماڻهن جي چواڻي خدا جي خلاف هوندو؟“

ايما جو پُرسڪون ۽ پڪو عقيدو انهي سوال تي سوچ ويچار ڪندو رهيو. جيڪڏهن چارلس کي شڪ شبهو آهي ۽ جيڪڏهن ڪم جا ايترا ورهيه بائيبل واري خدا کي نيڪالي ڏئي ڇڏين ٿا ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته خدا کان ڪا غلطي ٿي وئي هجي پر چارلس صحيح هو.

 

8

سال 1859ع جو اونهارو تيزيءَ سان گذري ويو جڏهن ته چارلس بيماري جي باوجود وڏي جوش سان ڪم ڪندو رهيو جئين پنهنجي ڪتاب کي سرءَ ۾ ڇپائي لاءِ پورو ڪري سگهي. جڏهن لکڻ جو ڪم پورو ٿيو ته هن سک جو ساهه کنيو پر پوءِ پروفن پڙهڻ جي ڪٺن ڪم جو وارو آيو. اهي پروف جڏهن مري وٽ واپس ويا ته انهن جو حال ڏاڍو خراب لڳو پيو هو ڇاڪاڻ ته چارلس کي مسلسل اها ڳڻتي هئي ته متان ڪو فقرو مبهم نه رهجي وڃي يا سندس پڙهندڙن کان مطلب جي ڪا جهلڪ گُسي نه وڃي. هو اونداهين جاين ۾ دليل جي چٽي روشني چمڪائڻ جا جتن ڪري رهيو هو پر هن کي ايتري روشني هٿ نه پئي آئي جنهن سان پاڻ کي مطمئن ڪري سگهي.

فائنل پروف واپس موڪلڻ کان پوءِ ڳڻتين وارا ڏينهن شروع ٿي ويا. هاڻي ڪتاب سندس پهچ کان ٻاهر نڪري ويو هو پر هو ٿيل ڪم مان مطمئن ٿي ويهي نه ٿي سگهيو. هن پنهنجن دوستن کي سندس نظريو تسليم ڪرائڻ لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ۾ بي انداز خط لکيا. هن ٻين کان اڳ لائل، هوڪر ۽ هڪسلي کي پنهنجو پوئلڳ ڪرڻ ٿي چاهيو. آمريڪين ۾ هو آساگري کي چنبڙي پيو. سندس ڏاڍي خواهش هئي ته اهو بوٽانسٽ سندس طرفدار ٿي پوي. هوڪر ۽ هڪسلي جهڙا پختا ۽ سرگرم ڏاها پنهجي دوست لاءِ ائين ڪرڻ لاءِ تيار هئا. لائل هٻڪندو، ٻڏتر جو شڪار ٿيندو ۽ ڪنهن اندورني اتساهه لاءِ انتظار ڪندو رهيو.

ڊارون خط لکي، اميدون ڪندو ۽ خدشن سبب تڙپندو رهيو. هن جو خيال هو ته هو جيڪڏهن هوڪر، لائل ۽ هڪسلي کي پنهنجي پاسي ڪري ويو ته پوءِ ڀلي سموري دنيا پئي داڦيندي وتي سندس نظريو بالآخر غالب ٿي ويندو. ڪڏهن ڪڏهن کيس پڪ ٿي ويندي هئي ته سندس ڪتاب صحيح ۽ سچو آهي ۽ هو سپنا ڏسڻ شروع ڪندو هو ته ماڻهو سندس ڪتاب کي قبول ڪري وٺندا ۽ ان جي واکاڻ ڪندا. ڪڏهن وري سندس اعتماد لڏي ويندو هو ۽ هو تصور جي اک سان پاڻ تي چوٽون ۽ چٿرون ٿيندي ۽ ماڻهن کي پاڻ کان نفرت ڪندي ڏسندو هو ته سندس ڪرنگهي جي هڏي ۾ سسراٽ پئجي ويندا هئا.

پر اهي ٻاراڻا خيال هئا ۽ هن انهن کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو. جيڪو به نتيجو نڪتو هاڻي انهي ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جو وقت نه رهيو هو. 24 نومبر ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيڻ جي تاريخ مقرر ٿيل هئي ۽ ڪاپين تي جلدبندي جو ڪم هلي رهيو هو. ڊارون سوچيو ته هاڻي جيڪڏهن پٺتي قدم کڻڻ جو وقت نه رهيو آهي ته دليري ئي بهترين حڪمت عملي آهي. هن يارهين  نومبر تي ڪتاب جون ايڊوانس ڪاپيون انگلينڊ ۾ سائنس جي سرڪردن ماڻهن ۽ آمريڪا ۾ اگاسيز (Agassis) ۽ گري ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

”نيچرل هسٽري ۾ سندس پياري استاد هينسلو ڏانهن به هڪ ڪاپي موڪلي وئي. هينسلو جيڪڏهن تڪليف وٺي ڪمزور ۽ بهتر جاين جي نشاندهي ڪئي ته انهي سان شايد متفڪر ليکڪ کي آرام اچي ويندو ۽ سندس آئينده جي ڪم ۾ به کيس مدد ملندي.

هڪ ڪاپي جتوڻيڪ سيج وڪ ڏانهن به وئي پر هن مان ڪا اميد نه هئي. ڊارون هن کان ڀلي ڀت واقف هو تنهن ڪري کيس هن کان بائيبل جي ڪتاب پيدائش (Genesis) جي خلاف ويندڙ ڪنهن نظريي تي همٿ افزائي جي قوقع نه هئي. گهڻا سال اڳ هن جڏهن ڇوڪراڻي وهيء ۾ سيج وڪ سان گڏ ويلز جي جبلن ۾ رولاڪيون ڪيون هيون ته کيس خبر پئي هئي ته بائيبل خدا جي پاران سيج وڪ ڏانهن تمام شخصي قسم جو پيغام هو تنهن ڪري انهي کي معمولي سمجهي نظرانداز نه پيو ڪري سگهجي.

هيوفالڪنر (Hugh Falconer) نالي گرم مزاج اسڪاٽلينڊي جيڪو پٿرايل آثارن (fossils)  بابت وڏي ڄاڻ رکندو هو چارلس انهي ڏانهن ڪتاب جي ڪاپي سان گڏ ڏاڍي خوش طبعي سان لکيو ته: نواب صاحب، تون هي ڪتاب پڙهي بلڪل آپي کان ٻاهر نڪري ويندين ۽ ڏاڍي شدت سان مون کي صليب تي چاڙهڻ جي تمنا ڪرڻ لڳندين..!

هن اها ڳالهه جيتوڻيڪ  ڏاڍي هلڪي ڦلڪي انداز ۾ لکي هئي پرسرء جي انهن ڏينهن ۾ سندس اندروني حالت ڏاڍي خراب هئي. هو پنجن هفتن تائين بيماريءَ جي سبب پنهنجي گهر ۾ بند رهيو ۽ پنهنجي ٽيبل کان به پري رهيو. سندس ذهن ۾ فقط اهو ئي سوال  گردش ڪندو رهيو ته ماڻهو منهنجي ڪتاب بابت ڪهڙن خيالن جو اظهار ڪندا؟ پر انهي ڳالهه بابت  ڪا پڪ نه آهي ڇا سندس ذهن ۾ ڪڏهن ذري برابر به اهو خيال پيدا ٿيو هوندو ته سندس ڪتاب دنيا ۾  ڪهڙو هل هنگامو ۽ گوڙشور جو طوفان برپا ڪندو.

 

9

ڊارون جي گهر ۾ خوشي ۽ اطمينان وارو ماحول لڳو پيو هو. هوڪر ڊارون  جي پاسي ٿي ويو هو ۽ سندس نظريي کي دل سان تسليم ڪري ڇڏيو هئائين. لائل به جيتوڻيڪ پاسو بدلائي ڇڏيو هو پر هن جي مون ڏانهن لکيل خطن مان  سمجهه ۾ اچي ٿو ته وڏي شش پنج ۾ آهي. ڪارپينٽر وڏو ڏاهو  فزيا لاجسٽ هو ۽ ماڻهن ۾ کيس وڏو اثر رسوخ حاصل هو. انهي لکيو ته هو ڪتاب تي تبصرو ڪندو ۽ انهي لاءِ جنگ جوٽيندو. مشهور بوٽانسٽ واٽسن واڪو ڪندي چيو هو ته نيچرل سيلڪشن بابت تنهنجو اهم نظريو سائنسي دنيا ۾ هڪ مڃيل صداقت جي حيثيت اختيار ڪري ويندو.

سڀ کان ڀلي ڳالهه ته سگهارو هڪسلي ڊارون پاران وڙهڻ لاءِ پنهنجا چنبا ۽ چهنب تکا ڪري رهيو هو. هو ته ايتري حد تائين تيار هو ته ڊارون جي ڪتاب ۾ بيان ٿيل نظريي جي حمايت ۾ جيڪڏهن ضروري ٿي پيو ته هو سوليءَ تي به چڙهي ويندو.

 ”سوڀ اسان جي ٿيندي.“ ڊارون ايما کي چيو؛ ”آخرڪار اسين فتح حاصل  ڪري وٺنداسين. توکي خبر آهي ته پندرهن مهينا اڳ منهنجي ذهن ۾ ڏاڍا خوفناڪ وهم ۽ وسوسا هوندا هئا ۽ آءُ سمجهندو هوس ته مون شايد پاڻ کي ڌوکي ۾ رکيو آهي پر هاڻي  آءُ مطمئن آهيان.“

”توکي ٿيڻ به گهرجي چارلس! ڪتاب واقعي وڏي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.“ ”تون صحيح ٿي چوين، اها ڳالهه منهنجي اميد کان گهڻي وڌيڪ آهي.“ آءُ ڪڏهن ڪڏهن تصور ڪندو هوس  ته اهو ڪامياب ٿي ويندو پر مون اهڙي ڪاميابي جو هوائي قلعو ڪڏهن به نه ٺاهيو هو جهڙي انهيءَ کي هاڻي نصيب ٿي آهي.“

 اهڙي طرح ڊارون ڏاڍو خوش هو ۽ کيس ڏاڍي وڻندڙ مستقبل جي توقع هئي، پر جنهن ماڻهو  جا جذبا هن وانگر ايترو جلد پيا ڦرندا گهرندا هجن انهي کي ڪڏهن به ڪو ڪتاب  نه لکڻ گهرجي. انهي شروعاتي واکاڻ جي مٿان ئي ٿڌي هوا جو هڪ جهوٽو آيو. فلڪيات جي وڏي ماڻهو هرشل (Herschel) ڊارون کي انهي نظريي بابت Law of higgledy piggledy  جا لفظ ڪم آندا. انهي فقري جي معنيٰ جيتوڻيڪ واضح نه هئي پر اهو سنئون سڌو حقارت تي ٻڌل هو. چارلس اهڙي وڏي وار ۽ حوصلي شڪني سان فوراً ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پيو.

ڊارون کي پنهنجي دوست ۽ جيالاجي جي استاد کان شفقت ۽ توجهه ملڻ جي اميد هئي پر هن وٽان آيل خط ڊائون هائوس ۾ مايوسي ۽ رنجيدگي پکيڙي ڇڏي ڇاڪاڻ ته چارلس کي اڃا اها خبر نه پئي هئي ته پيرن هيٺان لتاڙيل مذهب ڪنهن به قسم جي نرمي وساري ويهندو آهي.

”مون تنهنجو ڪتاب خوشي کان وڌيڪ ڏک سان پڙهيو آهي.“ جيالاجسٽ پنهنجي خط ۾ لکيو هو ”انهي جي ڪجهه حصن تي آءُ ايترو کليس جو منهنجون پاسراٽيون ڏکڻ لڳيون جڏهن ته ڪجهه حصا مون ڏاڍي افسوس سان پڙهيا.“

جيڪڏهن ڪو دوست اهڙي انداز ۾ لکي سگهي ٿو ته ٻيا غيرواقف پادري ڇا نه چوندا؟ اصلي طوفان جي اها پهرئين نشاني هئي.

آمريڪا مان چڱي خبر آئي ته آساگري ڪتاب جو دفاع ڪري رهيو هو ڇاڪاڻ ته کيس انهي تي يقين هو. مڇين جي وڏي ماهر اگاسيز جيڪڏهن فقط انهيءَ بنياد تي انهيءَ نظريي کي ننديو ٿي ته فطرت ۾ تنوع (Variey) جهڙي ڪا شي آهي ئي ڪا نه ته انهي سان ڪو به فرق نه ٿي پيو ڇو ته گري اهڙي بيوقوفي کي کلي ٽاري ڇڏيو هو.

باقي رچرڊ اوون جي ٺٺولين کي برداشت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو. هو ته ڪنهن وقت دوست ۽ صلاحڪار رهيو هو پر هاڻي دشمن ٿي ويو هو. هن لاءِ اهو ڪو ايترو سخت لفَظ نه آهي ڇاڪاڻ ته ڪتاب پڌرو ٿيڻ کانپوءِ ته ائين پئي لڳو ته هو ڊارون ۽ سندس دوستن هوڪر ۽ هڪسلي سان نفرت ڪري ٿو. اوون پاران ڪتاب تي پهرئين نظر وجهڻ سان ئي اوچتو سندس ذهن ۾ ڪا ڳالهه اچي وئي ۽ انهي کانپوءِ هو هر جاءِ تي وات مان گڦ وهائيندو رهيو. دوستي ۽ شانائتي بحث مباحثي واري ڳالهه ئي وسري ويس ۽ کيس ايترا تکا ۽ بيرحماڻا لفظ ئي نه ٿي مليا جن جي مدد سان هو انهي نظريي ۽ انهي جي خالق بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهي.

 انهي حملي پٺيان اصل ڳالهه ڪهڙي هئي جيڪو هر مهيني وڌندو ۽ هڪ اهڙي دشمناڻي وير ۾ بدلبو ٿي ويو جنهن مان خدشو هو ته اهو ڊارون ۽ سندس ڪم کي ٻوڙي نظرن کان غائب نه ڪري ڇڏي. ڊارون جي نظريي جي ڇپجڻ کان 65 ورهيه پوءِ ٽينيسي ۾ ايتري شدت ۽ حقارت جا جذبا پيدا ٿي وڃڻ جا ڪهڙا سبب هئا؟ لائل جي ٻڏتر جا ڪهڙا سبب هئا؟ ۽ هو آخر تائين ارتقا جي کلي حمايت ڇو نه ڪري سگهيو..؟

لائل انهي ڳالهه جو اقرار ڪيو هو ته هو اها ڳالهه سوچي ئي ڏڪي ٿي ويو ته ”انسان ڀولڙن جي اولاد آهي“ ڇا انهي جواب فخر نه آهي؟ ۽ فخر ڇا ۾؟ هڪ روايت ۾ ته خدا انسانن کي پنهنجن  خاص هٿن سان مٽي مان پيدا ڪري انهي کي بدحالي ۽ بدڪرداري جي حالت ۾ وڃي پوڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو. الٰهيات جا ماهر انسان جي مٿان کان هيٺ ڪرڻ واري ڳالهه ته تسليم ڪري سگهيا ٿي جنهن ۾ ظاهر ظهور خدا جي طاقت تي حرف آيو ٿي پر انهن کي ڪنهن جانور پاران گپ ۽ مٽي مان نڪري عجيب اسرارن جي موجودگي ۾ پنهنجن ٻن پيرن تي بيهڻ وارو شاندار نظارو قابل قبول نه هو. انسان جي ذهن کي ڪنهن شعلي وانگر ويڙهي ويندڙ تڪبر هن ۾ خدا جي سڀ شي تي حاوي علم آڏو سينو ساهڻ جي جرئت پيدا ڪئي ۽ اهو هن ۽ انهي ڪٽنبي شجري جي وچ م ڀت بڻجي بيهي رهيو جنهن تي هو هاڻي چڙهي ويو هو. اوڻيهين صدي جي انهن پادرين ۽ دنيا ۾ هاڻي به موجود ڪجهه ماڻهن جي نظرن ۾ ننڍڙي ۽ ڪمزور خدا جو مطلب وڏو ۽ سٺو انسان هو.

 

10

 چارلس ڊارون پنهنجن ڪلهن تي شال رکيون پنهنجي مطالعي جي ڪمري مان هيٺ ايما وٽ آيو.

”چارلس انهن اڄ به ڪنهن چڱائي جو مظاهرو نه ڪيو آهي.“ ايما اخبارن ۽ رسالن مان ڪتريل ٽڪرن جي ڍير تان نظر هٽائڻ کانسواءِ چيو.

ڪائي ڳالهه نه آهي. ”چارلس وراڻيو.“ ڀلي جئين وڻين تيئن پيا ڪن ”ڀلا اهي اهڙيون ڪوڙيون ۽ اندر ساڙيندڙ ڳالهيون ڇو ٿا ڪن؟“ ايما چيو، ”هي چوي ٿو ته توهان اها ڳالهه ثابت ڪري ڇڏي آهي ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ۽ تنهن ڪري نيپولين حق تي هو ۽ هرڪو دوکيباز واپاري به حق تي آهي... توهان چاهيو ته اهڙي ڳالهه تي کلي سگهو ٿا پر منهنجي خيال ۾ ته اها بدنيتي تي ٻڌل ۽ ڪميڻائپ واري ڳالهه آهي. هيء پروفيسر هينسلو جي لکت آهي. اها ڪجهه بهتر لڳي ٿي. هي چوي ٿو ته هو ايترو اڳتي ته نه ٿو وڌي سگهي جيترو توهان ويا آهيو پر هو انهي لاءِ ڪو سٺو سبب به نه ٿو ڏئي سگهي.

”هينسلو وڙ ڪري ڇڏيا، اها ته ڀلي ڳالهه ٿي. اها ته منهنجي توقع کان ڀلي ڳالهه ٿي. مون ته سوچيو پئي ته هو هٿ ڌوئي منهنجي پٺيان پئجي ويندو؛ سيج وڪ کان ته بهتر ٿيو پر ويچارو سيج وڪ ته هروڀرو ڪاوڙ ۾ ڇتو ٿي پيو آهي؛ هونئن ته هو سٺي دل رکندڙ ماڻهو آهي.“

”هي ايڊنبرگ رويو جو هڪ ليک آهي توهان کي اهو پڙهڻ سان ڪو به فائدو نه ٿيندو تنهن ڪري اهو آءُ اوهانجي پهچ کان پري ڪري رکي ٿي ڇڏيان.“

”مون کي ڏسڻ ته ڏي، ايما پليز، هر تبصري مان مدد ملندي آهي اهو ڀلي ڪيترو نه بيوقوفاڻو ۽ ڪاوڙ ۾ ڇو نه لکيل هجي.. ها اهو ايترو سٺو نه آهي مون کي ته ڏاڍي حيرت ٿي ٿئي. مون کي ته پڪ آهي مون کي انهي ۾ اوون جو هٿ ٿو نظر اچي؛ انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهو هن لکيو آهي.“

”اهو هوشياري سان لکيل آهي ايما! پر اهو ڪيني سان ڀريل آهي.“ ”مون به اهو ئي چيو پئي. ڪو گندي سوچ رکندڙ ماڻهو ئي اهو لکي سگهي ٿو.“

چارلس جڏهن تبصرو پڙهي پورو ڪيو ته اٿي بيٺو ۽ شال کي ائين ڇڪي ويڙهائين ڄڻ ته بهار جي اس مان کيس ڪو ٿڌي هوا جو جهوٽو لڳي ويو هجي. سندس ڪلها هيٺ ڍرڪي پيا ۽ سندس مُنهن جا گهنج اوچتو گهرا ٿي ويا. هو هڪ گهڙي لاءِ بيٺو پنهنجي آسپاس نهاريندو رهيو پر سندس تيز اکين کي ڪجهه به نظر نه پئي آيو ڇا هو انهن ڏينهن بابت سوچي رهيو هو جڏهن هو ۽ اوون پهريون دفعو مليا هئا ۽ انهن ۾ جلد ئي دلي دوستي جو ناتو پيدا ٿي ويو هو. ڇا هن جي نظر مستقبل تي هئي ۽ هن کي پهريون دفعو محسوس ٿي رهيو هو ته هن کي ڪيتري شديد مخالفت کي منهن ڏيڻو پوندو. هن دروازي وٽ ٿوري دير بيهي پٺتي ڪنڌ ورائي ايما کي ڏٺو.

”آءُ واضح طور ڏسي رهيو آهيان ته لڙائي ڏاڍي شديد ٿيندي ۽ گهڻو وقت هلندي. مون کي پنهنجي زرهه به پائي ڇڏڻ گهرجي. اوون جو اهو تبصرو شايد ته ڏاڍو هاڃيڪار ثابت ٿيندو. انهي ۾ جيتوڻيڪ چڱو خاصو ڪينو موجود آهي پر هن عوام کي برغلائڻ لاءِ ڪتاب جي ڪيترن ئي حصن کي غلط انداز  ۾ پيش ڪيو آهي هن ته ڪجهه اقتباس به غلط ڏنا آهن اهڙي قسم جي حملي کي درگذر ڪري ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“ هو هال ۾ ويو هليو پر وري اتي بيهي چيائين:

”اوون مون سان جنهن انتها درجي جي نفرت ڪري ٿو ايتري نفرت سهڻ ڏاڍو ڏکوئيندڙ ٿو لڳي.“

 

11

سموري انگلينڊ ۾ ڪٿي سرٻاٽ ته ڪٿي گجگوڙون ٿي رهيون هيون. هر هنڌ ارتقا تي بحث ٿي رهيو هو. نوجوان انهي جا وڏا حامي هئا، ڇاڪاڻ ته ارتقا کي رهنما ستارو مڃي وٺڻ کانپوءِ ماضي توڙي مستقبل ايترا خراب يا ايترا پراسرار نه ٿي ڏسڻ ۾ آيا پر وچئين عمر وارا ماڻهو انهي جا ايترا ته شديد مخالف هئا جو انهن تي ڪا به منطق ۽ ڪو به دليل اثر نه پيو ڪري ۽ هو انهيء موضوع ۽ انهي جي حامين کان پنهنجي ڪراهت جي اِظهار ۾ شديد شخصي حملن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه چئي سگهندا هئا.

انهن قدامت پرستن کي پنهنجي اُلوهي اصل نسل ۾ يقين هوندو هو. انهن جي دين کين اها تعليم ڏني هئي ته انسان خدا سان پنهنجي ويجهي تعلق جي سبب ٻين سڀني شين کان بالا آهي. ڇو ته خدا پنهنجي انهي عاليشان تخليق ۾ لافاني روح ڦوڪي ڇڏيو هو، تنهن ڪري هو اها ڳالهه تسليم ئي نه ڪندا هئا ته انسان اهو اعليٰ مقام لکين ورهين جي جدوجهد کانپوءِ حاصل ڪيو آهي ۽ کيس جهنگ مان نڪري پنهنجن جهنگلي ڀائرن جي ڪنڌ تي لت رکڻ کي ٿورو وقت ئي ٿيو آهي.

پر ارتقا جي وير مسلسل چڙهندي پئي وئي. هر نئين شي لاءِ ڇتو نوجوان نسل انهي کي سيني سان لايون دوزخ ڏانهن ڌوڪيندو پئي ويو. اڇين ڏاڙهين وارن ۽ مک ماڻهن کي انهي ڊوڙ جي آڏو اچي ڄڀيون ڪڍندڙ ڪتابن جي ذريعي انهن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جون اکيون کولڻ گهرجن ۽ انهن کي ڏيکارڻ گهرجي ته اهي ڪهڙي عذاب جي کڏ ڏانهن ڊوڙندا پيا وڃن.

”اسان جي روحن کي بچايو ۽ ارتقا کي چٿي ختم ڪري ڇڏيو“ انهن جو نعرو اهو هو. انهن کي اهي ٻئي مقصد حاصل ڪرڻ جو برٽش ائسو سيئيشن فار ايڊ وانسمينٽ آف سائنس“ جي گڏجاڻي کان بهتر ڪو موقعو نه ملي سگهي ها، جيڪا آڪسفورڊ ۾ 28 جون 1860ع کان شروع ٿي. آڪسفورڊ حماقت جي حد تائين قدامت پرست هو. ڪٿي ائين ته نه هو ته خدا هن نئين ديو کي تباه ڪرڻ جو اعزاز به  آڪسفورڊ لاءِ بچائي رکيو هو جيڪو حقيقت ۾ ڪوڙين مُڇن سان پراڻو شيطان ئي هو.

موت جي سزا ٻڌائڻ لاءِ آڪسفورڊ جي بشپ ولبرفورس جي چونڊ ڪئي وئي. هو ڏاڍو هوشيار ۽ ڏاڍو فصيح زبان هو ۽ سندس عقيدو به ڏاڍو مضبوط هو. هن پنهنجن دوستن کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته هو ڊارون کي ”ڦونڌا ڦونڌا ڪرڻ“ چاهي ٿو.

 

12

ولبر فورس ڇنڇر 3 جون وارو ڏينهن ڪڏهن به نه وساري سگهيو. پر هن انهي ڏينهن کانپوءِ ته ڳالهائڻ ٻولهائڻ به بلڪل گهٽ ڪري ڇڏيو. سندس زال سميت هرڪو ماڻهو انهي سائنس واري گڏجاڻي ۾ موجود هو. ايترا ته ماڻهو گڏ ٿي ويا جو لائبريري کي به ڪم ۾ آڻڻو پئجي ويو. اهڙي طرح هڪ هزار ماڻهو انهي ڪمري ۾ سٿجي ويا هئا. حاضرين جي اڪثريت شايد انڊر گريجوئيٽيس تي مشتمل هئي پر اڇين ڏاڙهين وارا پادري ۽ رونشي ڪوڏيا سائنسدان به موجود هئا. وري آڪسفورڊ جي بشپ جي قوت ۽ طاقت ۾ اعتماد سبب ڪيتريون ئي عورتون به ڇڪجي آيون هيون. اهڙي صورتحال ۾ ڪرسيون به کٽي ويون هيون ۽ ڪيترائي ماڻهو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي شوق ۾ درين جي جارن تي ڳچيون اڀيون ڪيون ويٺا هئا.

اصل مقالو ”دي انٽيليڪچوئل ڊيولپمينٽ آف يورپ“ جي ليکڪ جان ڊبليو. ڊريپر پڙهيو. انهي کي هوڪر ”وڌاءَ تي ٻڌل“ ڪوٺيو هو.

اوون جيئن ته اناٽامي تي سند ليکيو ويندو هو تنهن ڪري کيس يقين هوندو هو ته ڪير به سندس ڳالهه کي رد نه ڪري سگهندو. انهيء گذريل خميس تي اهو بيان ڏنو هو ته ”گوريلا جو دماغ ڪنهن ننڍي کان ننڍي ڀولڙي کان انسان جي دماغ کان وڌيڪ مختلف آهي.“ سندس بدقسمتي چئبي جو هڪسلي موقعي تي موجود هو جنهن انهي بيان کي سڌوسنئون ۽ بغير ڪنهن شڪ شبهي جي رد ڪري ڇڏيو. اوون سان انهي جهڙپ ڇنڇر ڏينهن واري گڏجاڻي لاءِ ماحول تيار ڪيو.

ڊريپر جڏهن مقالو پڙهي ويٺو ته هتان هُتان ماڻهن اُٿڻ شروع ڪيو جن مان هر ڪنهن اهو پئي سمجهيو ته هو ڏاڍي سولائي سان ڊارون جي مٿي مان هوا ڪڍي ڇڏيندو: پر جيئن ته اهي سڀئي مذهبي بحث ڏانهن ڇڪجي ٿي ويا تنهنڪري حاضرين ۾ موجود نوجوانن انهن تي هوڪرا ڪري هن کي ويهاري ٿي ڇڏيو. پوءِ ولبر فورس اسٽيج تي آيو.

بشپ پاڻ ڊارون جو ڪتاب پڙهيو ئي نه هو. هن کي اوون تياري ڪرائي هئي. هن پنهنجي تقرير جي شروعات عدالتي بحث واري انداز ۾ ڪئي. جنهن ۾ حقيقت ۽ افساني برابر ڪردار ادا ڪيو. هن اهڙي طرح گرم ٿيڻ کانپوءِ ڏاڍي صفائي سان سائنس کي هڪ پاسي تي ڪري پنهنجي توجهه ٻڌندڙ جي مذهبي جذبن ڏانهن ڪري ڇڏي. عورتون ته سندس فصاحت تي بلڪل جذباتي ٿي ويون.

ولبرفورس موقعي تي مليل اُتساهي وهڪري ۾ وهندي هڪسلي ڏانهن منهن ڪري هن کان پڇيو ته:

”توهان ڏاڏي جي ذريعي ڀولڙي مان آهيو يا ڏاڏيءَ جي ذريعي؟ اهڙي ظرافت تي عورتن ۾ ته کل جا ڪوڪرا پئجي ويا، پر بشپ اهڙي هلڪي ڦلڪي ڳالهه تي پنهنجي تقرير ختم نه ٿي ڪري سگهيو. هن ڏاڍي ڳنڀيرتا سان کل کجڪي کي بند ڪرائيندي حتمي طور اعلان ڪيو ته: ڊارون جو نظريو آسماني ڪتابن ۾ موجود خدا جي وحي جي خلاف آهي.“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org