سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: عظيم سائنسدان

 

صفحو :1

عظيم سائنسدان

(سندن زندگين ۽ دريافتن جو احوال)

مصنف: محمد  احمد منصور عباسي

ڇپائيندڙ پاران

سائنس، زندگيءَ جي تز ۽ تلخ تجربن تي مشتمل علم جي هڪ کاڻ آهي، جيڪا جيتري استعمال ۾ آڻبي، اها اوتري قدر ڦهلبي ۽ پنهنجي هر رنگ ۾ نوان رخ ۽ نوان گس ڏيکاريندي، جيڪي اڳ انساني وهم گمان ۾ به نه هوندا.

هن ڪتاب ۾ سڄيءَ دنيا جي چونڊ مشهور سائنسدانن جي زندگين ۽ کوجنائن بابت مفيد ڄاڻ ڏني وئي آهي، جنهن جي پڙهڻ سان ازخود ماڻهو دنگ رهجيو وڃن، ڇو ته عظيم سائنسدانن جيڪي به ايجادون ڪيون آهن، انهن طويل ۽ ڪٺن مرحلن کان پوءِ ساڀيان جو روپ اختيار ڪيو آهي. هڪ سائنسدان جو مثال ان وڻ وانگر آهي جيڪو سارو ڏينهن اُس ۾ سڙندي ٻين کي ڇانوَ ۽ ميوو ڏئي ٿو. مثال طور: مصر جي ’طاليس‘ کي جاميٽريءَ جي علم ايجاد ڪرڻ ۾ ڪافي دشواريون پيش آيون ۽ هو هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ به ويو. اهڙيءَ ريت قديم يونانين مان فيثاغورس ’علم نجوم‘ ۽ ’علم الاعداد‘ جي قاعدن جوڙڻ ۾ کيس ڇا ڇا نه ڪرڻو پيو. ڊيموڪريٽس ايٽم جي باري ۾ بنيادي ڄاڻ ڏني. بقراط اها کوجنا ڪئي ته انسان بيمار ڇو ٿو ٿئي. بقراط يونان ۾ هو ته سندس ذهن ۾ اها ڳالهه ويٺي ته يونان کي وبا جو خطرو آهي، ۽ هو فوراً ايٿنز روانو ٿي ويو ۽ اتي سموري شهر جي چوڌاري وڏيون باهيون ٻارائي وبا جي رستا روڪ ڪئي، ڇو ته هن اهو عمل لوهارن کي ڏسي پوءِ ڪيو، ڇو ته لوهار انهيءَ وبا کان بچي ويا هئا. هن ساري عمل ۾ بقراط ڪيترن مصيبتن ۽ مسئلن کي منهن ڏنو هوندو، اهو اسان سوچي به نه ٿا سگهون. ارسطو فصاحت، بلاغت، منطق، فلسفي، مابعدالطبعيات، سياست، فلڪيات، طبعي تاريخ ۽ جانورن جي عضون بابت ڪم ڪيو ۽ انهن علمن جا اصول قائم ڪيا.

دراصل هر چڱي ڪم ڪرڻ کان اڳ اهو نه سوچبو آهي، ته ان جو نتيجو ڇا نڪرندو، پر اهو سوچبو آهي ته هن ڪم کي ڪهڙيءَ طرح ۽ ڪٿان شروع ڪجي.

شابس ڏجي هن ڪتاب جي ليکڪ ’گروولسن‘ کي، جنهن ههڙي سٺي موضوع تي هيءُ ڪتاب تيار ڪيو ۽ اهڙن نامور سائنسدانن جي کوجنائن بابت معلومات گڏ ڪئي. جنهن مان اڄ پڙهندڙ لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن. هن ڪتاب جو سنڌيڪار محمد احمد منصور عباسي به لک شابس جو مستحق آهي، جنهن ههڙو ڄاڻ ڀريو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. اسان هن ڪتاب کي پنهنجي اداري طرفان ڇپائي پڌري ڪرڻ لاءِ مانواري چيئرمين قبله جناب مخدوم جميل الزمان صاحب جن جو دل جي گهرائين سان شڪرگذار آهيان، جنهن جي مفيد مشورن ۽ ذاتي دلچسپيءَ ڪري هي ڪتاب ڇپائيءَ جون منزلون آسانيءَ سان طئي ڪندو اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي. وڌيڪ هن ڪتاب بابت راءِ اسان جا لائق پڙهندڙ ئي ڏئي سگهن ٿا ۽ اميد ڪجي ٿي ته هيءُ ڪتاب معزز پڙهندڙن کي پسند ايندو.

ڄام شورو سنڌ                           الـهـڏتو وگهيو

03 رمضانالمبارڪ 1432هه                سيڪريٽري

بمطابق 04- آگسٽ 2011ع

سنڌي ادبي بورڊ

سنڌيڪار طرفان ٻه اکر

 

ڪتاب ۾ شامل مواد مان اشارو ملي ٿو ته هيءُ ڪتاب پهريون دفعو غالباً 1925ع ۾ شايع ٿيو هو ۽ ڪتاب جي 1944ع واري اسان وٽ موجود اشاعت ۾ ڄاڻايل آهي ته اهو اڳ ۾ ”دي هيومن سائيڊ آف سائنس“ جي نالي سان شايع ٿيو هو. نيوهوم لائبريري، نيويارڪ وارو ڇاپو سيپٽمبر 1942ع ۾ منظر تي اچڻ کان پوءِ ٻن مهينن اندر انهيءَ جو ٻيو ڇاپو مارڪيٽ ۾ آيو هو. انهيءَ مان ڪتاب جي مقبوليت بابت اندازو ٿي سگهي ٿو.

ڪتاب جي ايتري مقبوليت جو سبب اهو ٿيو ته ڪتاب جيترو معلوماتي آهي ايتروئي دلچسپ پڻ آهي. ڪتاب جيئن ته سموري دنيا جي عظيم سائنسدانن بابت آهي تنهنڪري انهيءَ ۾ سائنس بابت معلومات ته لازماً اچڻي هئي پر اهو ليکڪ جو ڪمال آهي جو هن سائنسدانن جي زندگين ۽ سائنسي حقيقتن جي بيان ۾ ايترو توازن رکيو آهي جو پڙهندڙ ڪٿي به بوريت محسوس نه ٿو ڪري. اهڙي طرح ڪتاب ۾ رياضي فلڪيات، طبعيات، ڪيميا، طب ۽ طبعي تاريخ جي بنيادي تصورن بابت سولي نموني ڄاڻ ڏيڻ سان گڏوگڏ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته سائنسدان انهن دريافتن ۽ ايجادن تائين ڪيئن پهتا. اهڙي طرح هن ڪتاب مان اها خبر پڻ پئجي ويندي ته گليلو کي پنهنجي پيءَ ڪپڙي جو واپاري بنائڻ ٿي گهريو پر هو رياضي جو پروفيسر ڪيئن ٿي ويو، نيوٽن جو ننڍپڻ يتيميءَ ۾ ٻنين تي ڪم ڪندي ڪيئن گذريو يا جان ڪيپلر ۽ لامارڪ جا ڏينهن ڪيتري نه غربت ۾ گذريا.

هن ڪتاب مان ٻي اهم ڳالهه اها معلوم ٿئي ٿي ته سائنس جا اهي اهم تصور ۽ اهي بنيادي ايجادون جن کي اسين اڄڪلهه بلڪل عام رواجي ڳالهيون سمجهون ٿا سائنسدانن کي انهن تائين پهچڻ ۽ اهي عام ڪرائڻ ۾ ڪيترين نه شديد تڪليفن ۽ ايذائن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ انهن ڪيئن نه اهڙين ڳالهين لاءِ زندگي جي سکن ۽ آسائشن کي تياڳي ڇڏيو جن مان انهن کي ڪو سنئون سڌو فائدو به ملڻو نه هو. تحسين ۽ واکاڻ جي ته ڳالهه ئي ڇڏيو! جان ڪيپلر جنهن سموري زندگي اهڙي غربت ۽ ڏکن ڏولاون ۾ گذاري جن جو احوال پڙهڻ سان ئي اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون انهيءَ جي سموري جاکوڙ جو مقصد آسماني گرهن بابت اهڙيون حقيقتون معلوم ڪرڻ ۽ اهڙيون فلڪياتي جدولون ٺاهڻ هو جيڪي سمنڊ تي ويندڙ جهازن لاءِ فائديمند هجن ها. گريگورمينڊل آسٽريا جي شهر برون جي هڪ خانقاه ۾ راهب هو. سموري زندگي تورات بابت تجربا ڪندي گذاريائين ۽ پنهنجن تجربن جو نچوڙ هڪ مختصر ليک جي صورت ۾ ڇپرائي ڇڏيائين پر سندس سموري زندگيءَ ۾ انهيءَ ڏانهن ڪنهن جي توجهه ئي نه وئي.

سائنس جو شهيد برونو جيتوڻيڪ وڏو مذهبي ماڻهو ۽ راهب هو پرڪوپرنيڪي نظام جو پرچار ڪرڻ سبب کيس ست ورهيه قيد ۾ رکڻ کان پوءِ جيئري ساڙيو ويو. گليلو جو ڏوهه پڻ ساڳيو هو ۽ هن جيئن ته زمين کي ڪائنات جو مرڪز قرار نه ٿي ڏنو ۽ اها ڳالهه جيئن ته بائيبل جي تعليمات جي خلاف هئي تنهنڪري کيس پيرسني ۾ عقوبت گهر اکين سان ڏيکاري ۽ تشدد جا ڊپ ڏئي پنهنجن خيالن تان هٿ کڻڻ تان مجبور ڪيو ويو. ڊارون جي ارتقا جي نظريي جي مخالفت جو ته سبب سمجهه ۾ اچي ٿو پر پادرين ته لينگلي پاران هوا بازيءَ جي ميدان ۾ ڪيل ڪوششن کي به خدا جي شان ۾ گستاخي ڪوٺيو.

آخر ۾ اها ڳالهه ته ڪتاب جي ليکڪ جي ايتري وسيع ظرفي جو داد ته ضرور ڏيڻو پوندو ته اونداهين دور ۾ يورپ جي علمي ۽ تهذيبي حالت جو بيان ڏيڻ ۾ ڪنهن رک رکاءَ کان ڪم نه ورتو اٿائين پر هو مسلمانن جي حاصلات جو بيان ڏيڻ ۾ گهڻو ڪنجوس ٿي ويو آهي. پيراسيلس جيتوڻيڪ ڪو اصلي نوعيت جو ڪم نه ڪيو هو ۽ اها ڳالهه مشهور آهي ته هن عربن جا ڪتاب پاڻ ڏانهن منسوب ڪيا؛ انهي لاءِ ته هڪ جدا باب خاص ڪيو اٿائين. پر سموري مسلمان دنيا مان فقط محمد بن موسيٰ، ابن الهيثم ۽ بوعلي جو اونداهين دور واري باب جي فقط هڪ سيڪشن ۾ مختصر طور ذڪر ڪرڻ کان پوءِ اهو ٻڌائڻ به ضروري سمجهيو اٿائين ته مسلمان سائنسدانن جي خلاف آهي.

بهرحال اهڙو معلوماتي ۽ ڪارائتو ڪتاب شايع ڪرائڻ تي سنڌي ادبي بورڊ جا صاحبانِ اختيار لازماً مبارڪباد جا مستحق آهن. جن ڪتاب جي اشاعت ۾ خاص دلچسپي ورتي ۽ ڪتاب کي شايع ڪرائڻ لاءِ خاص اُپاءُ ورتا. انهيءَ لاءِ آءٌ سندن نهايت ممنون آهيان.

 

12 محرم الحرام 1431هه                     محمد احمد منصور عباسي

8- جنوري 2010ع                              ليڪچرار (سنڌي شعبو)

                                             گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج

                                                      شڪارپور

 

ليکڪ طرفان مهاڳ

ڪو زمانو ٿيو جو هڪ عجيب ۽ بُجر مخلوق هڪ بُنڊ کي اندران ڪوري انهي کي ڪنهن قديم ڍنڍ ۾ لاٿو، اڄڪلهه جيڪي آفت جيڏا جهاز سمنڊن تي ڇوليون هڻندا ٿا هلن انهن جي پيڙهي سڌي سنئين انهيءَ پهرئين اڻ گهڙيل ڍُونڍيءَ سان وڃي ملي ٿي.

هزارين ورهيه اڳ ڪنهن ڏات ڌڻي ڏاهي ڪنهن ڪريل وڻ جي ٿڙ مان هڪ ڏڏو ڦڏو ڦيٿو ٺاهيو ۽ هاڻي دنيا ۾ ڦرندڙ هر وڏو توڙي ننڍو ڦيٿو انهيءَ اڳوڻي ڦيٿي جي اولاد آهي.

قبيلائي دور جي پراڻي انسان پنهنجي هٿان قتل ٿيل دشمنن جو انگ ٻڌائڻ لاءِ پنهنجيون ڏهه آڱريون مٿي ڪيون. انهيءَ مان هڪ اهڙي نظام جو اشارو مليو جنهن جي ذريعي هاڻي تمام ڏورانهن ستارن جو انگ يا روشني جي رفتار ٻڌائڻ به ممڪن ٿي پئي آهي.

انهيءَ جهنگلي بابت ڇا چئي سگهبو جنهن ڪنهن دوست کي خبردار ڪرڻ يا ڪنهن دشمن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ۾ سڀ کان اڳ ڪنهن وڻ جي ٿڙ تي ڪا عجيب تصوير ٺاهي؟ ڇا الف ب جي اوسر انهيءَ جهنگلي خاڪي مان نه ٿي آهي؟ ۽ ڇا ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جو جهان انهيءَ مان ئي وجود ۾ نه آيو آهي جنهن مان هاڻي زمين جي سطح ڪاغذن سان ڍڪجي وڃڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو آهي؟

اهڙي طرح وجود ۽ بقا جي شديد جنگ ۾ اهڙي شيءِ جنم ورتو جنهن کي اسين سائنس ڪوٺيون ٿا. جيڪڏهن سڀ تفصيل گڏ ڪري سگهجن ۽ سڀ خال ڀري سگهجن ته خبر پوندي ته سائنس جو سلسلو انهيءَ نيم انساني مخلوق سان وڃي ملي ٿو جيڪا انهي وڳوڙ ۽ بي ترتيبيءَ واري حالت ۾ انسان ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. پر اهي تفصيل ڪڏهن به حاصل نه ٿي سگهندا ۽ اهي خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندا ۽ باهه، تير ڪمان ۽ مٽي مان شيون ٺاهڻ جي شروعات بابت سڀ ڳالهيون هميشه لاءِ ميسارجي ويون آهن.

معنيٰ ته سائنس جي ڪهاڻي جو نه ڪو مُنڍ آهي نه ڪا پڇاڙي، پر اها سدائين تهه در تهه کُلندي پئي وڃي. قومن جو عروج ۽ زوال ٿئي ٿو. شاهي ڪٽنب حڪمراني هلائي منظرتان غائب ٿي وڃن ٿا، مذهبن ۾ گهاٽي واڌي ٿيندي رهي ٿي، پر سائنس ناڪامين وحشانيتن ۽ امنگن تي قدم رکندي اڳتي وڌندي رهي ٿي. سندس اڳتي وڌڻ جي رفتار جيتوڻيڪ غيريڪسان رهي آهي پر پنجويهه سو سالن ۾ اها ڪڏهن به هڪ جاءِ تي بيهي نه رهي آهي.

انسان پنهنجي سائنس کي تشڪيل ڏنو آهي ۽ موٽ ۾ سائنس انسان کي ٺاهيو آهي. اهڙي طرح اهو انهن شين (جن کي هو تهذيب ڪوٺي ٿو) جي پيداوار آهي جن کي هن پنهنجي دماغ ۾ سوچيو آهي ۽ پنهنجن هٿن سان ٺاهيو آهي. سندس سائنس ۽ سندس سائنس کي تشڪيل ڏيندڙ ماڻهن جي حياتين جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ڄڻ ته خود انسان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ آهي.

قديم دور کان وٺي آئن اسٽائين تائين سچ جي انهن کوجنا ڪارن جو بي ترتيب ۽ غير واضح پيچرو وٺي هلڻ سان انساني فطرت جي انهيءَ سڀ کان بهترين ۽ ڏاڍي اتساه ڏياريندڙ رخ کان واقفيت ٿي ويندي جيڪو ڪڏهن ته اعليٰ ارفع ۽ مهربان ۽ بي غرض ۽ لاطمع به نه هوندو آهي.

 

باب پهريون

طاليس

جڏهن تاريخ جي روشني اٽيڪا جي ميدانن تي چمڪڻ شروع ڪري ٿي ته طاليس بيٺل نظر اچي ٿو. هو يسوع مسيح کان اڳ ستين صديءَ جي وچ ڌاران يا کڻي چئجي ته 1640 ۾ پيدا ٿيو هو ۽ انهيءَ ڳالهه تي سڀئي متفق آهن ته هن 90 کان 110 ورهين جي وچ ۾ ڄمار ماڻي. هاڻي انهيءَ بابت ڪابه خبر نه ٿي پئجي سگهي ته هن جي شڪل شباهت ڪيئن هئي يا هن ڪهڙي قسم جي زندگي بسر ڪئي، ويندي سندس قوميت بابت به ڪا پڪ نه آهي. هيروڊوٽس کيس فينقي سڏيو آهي پرزيلر ((Zeller جي خيال ۾ هُو ايشيا مائنر جي نسل جو يوناني هو.

سندس پيءُ جو نالو ايگزامس (Examyus) ۽ ماء جو نالو ڪليوبولائين (Cleobuline) هو. اهي نالا طاليس جي ماءُ پيءُ هئڻ جي ناتي قسمت سان غير فاني ٿي ويا آهن. هاڻي سمجهيو وڃي ٿو ته اهي اعليٰ خاندان منجهان ۽ دولتمند ماڻهو هئا. جيڪڏهن ائين آهي ته طاليس کي تمام بهترين ورثو مليو هوندو ۽ هن پاڻ کي انهيءَ لائق به ڪري ڏيکاريو.

ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هو واپاري هو ۽ واپار ئي کيس مصر ڏانهن ڇڪي ويو هو، پر انهيءَ ٻاهرئين ملڪ ڏانهن سفر کان اڳ سندس استاد ڪهڙا هئا؟ ايگزامس جيڪڏهن اعليٰ خاندان جو فرد هوندو ته هن ضرور تعليم ورتي هوندي ۽ اها قدرتي ڳالهه آهي ته هن پنهنجي سکيا جو پنهنجي پٽ کي فائدو ڏنو هوندو. بهرحال اها پڪ آهي ته هو مصر جي ڏاهپ جي قدمن ۾ ويٺو هو.

پر هو اصلي خيالن جو مالڪ هو ۽ ڪنهن به ماڻهو جي ڳالهه کي آخري ۽ حتمي سمجهي نه سگهندو هو. هو ڳالهين کي پنهنجي طور ڄاڻڻ چاهيندو هو. مذهب پاران ڏنل جواب کيس مطمئن نه ڪري سگهندا هئا. هو جيئن ته سوالن سان ڀرپور دنيا ۾ رهي نه ٿي سگهيو تنهنڪري هن پنهنجي ڪائنات جا پاڻ بنياد رکڻ شروع ڪيا. اهي بنياد رکندي هن پنهنجي لاءِ سائنس جي ابي (Father of science) جو لقب ماڻي ورتو.

2

ڪجهه ورهيه اڳ آمريڪا جي ڪجهه حصن ۾ مڪمل سج گرهڻ ڏسڻ ۾ آئي هئي. اهو ڏاڍو متاثر ۽ حيران ڪري ڇڏيندڙ منظر هوندو آهي. اهو هڪ دفعو ڏسڻ کانپوءِ اها ڳالهه سمجهڻ ايتري ڏکي نه آهي ته اهو ڏسڻ کانپوءِ قديم دور جا ماڻهو ڪيتري نه دهشت ۾ ڀرجي ويندا هوندا. اهڙي وقت اهي سمجهندا هئا ته سج تباهه ٿي رهيو آهي ۽ اهي اهڙي آفت کي روڪڻ لاءِ ۽ سج تي حملو ڪندڙ ديوکي مارڻ لاءِ هوا ۾ بي انداز تيرن جو مينهن وسائڻ شروع ڪندا هئا. يا ته اهي اُجهامندڙ سج جي قوت بحال ڪرائڻ لاءِ تمام وڏيون باهيون ٻاريندا هئا يا وري جادو ڦيڻن جي ذريعي فطرت تي حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.

طاليس جڏهن انهيءَ ميدان ۾ هڪ بانيڪار جي حيثيت ۾ شڪي ذهن رکندڙ ماڻهن کي مڃائڻ چاهيو ته هن تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ڪيون ويون. هن کي خبر هئي ته سج گرهڻ جو سبب ڇا آهي؟ ۽ هن ايندڙ سج گرهڻ جي وقت جو حساب ڪڍي ٻڌايو. هن 585 ق م ۾ ٻڌايو ته مئي مهيني جي 28 تاريخ سج وٺجي ويندو. ڪنهن به ماڻهوءَ مٿس اعتبار نه ڪيو ۽ هن جيڪي ڪشالا ڪڍيا انهن جي موٽ ۾ عوام مٿس کِلون ڪيون ۽ لڊيا ۽ ميڊ جي شهرين ته هن تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪيو، رهندو انهيءَ تاريخ تي پنهنجي هڪ وڏي لڙائي مقرر ڪري ڇڏي.

پر مقرر وقت تي سج غائب ٿي ويو ۽ جهيڙيندڙ ڌرين ڊڄي صلح ڪري ڇڏيو ۽ شڪي ۽ وهمي ماڻهن کي اعتبار اچي ويو.

هو سج گرهڻ بابت جيتوڻيڪ ڪامياب ٿيو هو ته به فلڪيات (Astronomy) سندس خاص صلاحيتن جو ميدان نه هو. انهيءَ هوندي به هن انهيءَ ميدان ۾ ڪجهه ڪارآمد ڪم ڪيا. هن پنهنجي دورجي انهيءَ عام مڃيل ڳالهه ۾ به ويساه نه ٿي رکيو ته سج تقريباً هڪ فوٽ قطر رکندڙ ڪا ننڍڙي شي آهي. هو انهيءَ جي پيمائش ۾ لڳي ويو. سندس حساب مطابق اهو تمام وڏو آهي يعني سندس قطر دائرة البروج (Zodiac) جي 720 هين پتي جي برابر آهي. اهو 000، 864 ميلن واري حقيقي قطر کان ته چڱو گهٽ آهي پر طاليس کان اڳ وارو ڪوبه ماڻهو ايترو وڏو سج تصور ۾ آڻڻ جي جرائت به نه ٿي ڪري سگهيو.

هن سامونڊين جي توجه دُب اصغر ڏانهن به ڇڪائي ته اهو جهاز کي صحيح رخ ۾ هلائڻ لاءِ صدين کان مقبول دُب اڪبر کان بهتر رهنما ٿي سگهي ٿو. هو تمام ڌيان سان مشاهدو ڪري انهيءَ نتيجي تي پهتو ته سال 365 ڏينهن جو ٿئي ٿو. اها ڳالهه ذهن ۾ رکندي ته هن وٽ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪي به اوزار نه هئا اهو هڪ تمام درست حساب ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

طاليس مصر ۾ جاميٽري جي سکيا ورتي ۽ پنهنجن استادن کان به اڳتي وڌڻ لڳو. مصري سماجن جي جاميٽري Geometry of surfaces کان واقف هئا. سندن علائقي ۾ درياء ۾ هر سال ٻوڏ اچڻ سبب زمين جي حد بندين جا نشان لُڙهي ويندا هئا ۽ اهي هن علم کي زمينن جو رڪارڊ رکڻ ۾ ڪم آڻيندا هئا. طاليس انهن ٺوس مسئلن کان مجرد ڳالهين ڏانهن ويو هليو ۽ دنيا جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ليڪن جي جاميٽري جو علم ايجاد ڪيائين. اڄ جي هاءِ اسڪول جي شاگردن کي سندس دريافتون ڏاڍيون ساديون ڏسڻ ۾ اينديون پر 2500 سال اڳ جي يونانين لاءِ اهي تمام وڏي اهميت واريون هيون. هو پهريون ماڻهو هو جنهن هي ڳالهيون بيان ڪيون.

گول کي سندس هر هڪ قطر پورن ٻن حصن ۾ ورهائيندو آهي.

ڪنهن به گوني ڪنڊ ٽڪنڊي ۾ سندس هائيپاٽينيوز (وڏو پاسو) جو چورس ٻين ٻنهي پاسن جي چورس جي جوڙ جي برابر هوندو آهي.

اهي سڀئي پنهنجي وضاحت پاڻ ڪندڙ بيان آهن.

اسانجي هر لحاظ کان مڪمل جاميٽريءَ اهڙي قسم جي ٿيورمن مان واڌويجهه ورتي آهي پر انهن کي واضح صورت ۾ آڻڻ جو ڪم ڪنهن ڏاهي ماڻهو کان ئي ٿي سگهيو ٿي، جنهن انهن کي اڳ ۾ ٿيل ڪنهن مثال يا قاعدن کانسواءِ پنهنجي ذهن مان کوٽي ڪڍيو. مصرين جو صدين کان انهيءَ علم سان تعلق هو پر اهي پنهنجي سموري تاريخ ۾ انهن مان ڪنهن جهڙو بنيادي ۽ مجرد ٿيورم ڪڏهن به پيش نه ڪري سگهيا.

پر طاليس جي شخصيت جو هڪ عملي رخ به هو. نيل جي ماٿريءَ جا پروهت سندن پنهنجن اهرامن جي اوچائي ماپڻ جو به طريقو ڪڍي نه سگهيا هئا.

”اهرامن جي پاڇي جي ڊيگهه جي ماپ انهيءَ وقت ڪريو.“ ”طاليس چيو“ ”جڏهن توهانجو پنهنجو پاڇو توهانجي قد جي بلڪل برابر هجي“. اها ته ڏاڍي سولي ڳالهه ٿي. پر طاليس پاران انهيءَ نتيجي تي پهچڻ کان اڳ، سوچ ويچار جو عمل ڏاڍو منجهيل هوندو هو ۽ هن کان اڳ ڪير به ماڻهو تصورن کي درست انداز ۾ ڳانڍاپي ۾ نه آڻي سگهيو هو.

4

سائنسدانن مان هي پهريون سائنسدان جيترو عظيم هو ايترين ئي عجيب فضول ڳالهين ۾ به پئجي ويو. هو ايترو سادڙو به هو جو سمجهندو هو ته سندس اکيون سچ ٿيون ٻڌائين. جديد دورجي معقول حد تائين سمجهه رکندڙ ماڻهن آئن اسٽائين ۽ اضافيت جي نظريي جي منظرتي اچڻ کان اڳ به سمجهيو ٿي ته نظرتي اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي. طاليس کي اها خبر نه هئي. نتيجي طور هن سمجهيو ٿي ته دنيا ڪا ننڍڙي ساسر جهڙي شي آهي جنهن جي چوڌاري سج، چنڊ ۽ ستارا پيا ٿا گردش ڪن. سندس زمين جو ٽڪرو جيئن ته ننڍو ۽ محدود هو تنهنڪري هن سمجهيو ٿي ته اهو شاندار ڪائنات جي مرڪز ۾ جاءِ والاريون بيٺو آهي.

هو تخليق بابت سوال جي جواب جي ڪوشش ۾ هڪ ٻي بيوقوفيءَ تي به وڃي پهتو. هن انهيءَ مسئلي تي پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ کي سمورين شين جو بنياد يا اهم عنصر ٺاهيو. سندس ذهن ۾ پاڻيءَ جي اهميت زوريءَ وڌي وئي هئي جتي زندگي نيل درياء ۾ ايندڙ سالياني چاڙهه تي سڌو سنئون دارو مدار رکي ٿي. اهڙي صورت ۾ هن جيڪڏهن اهو دليل ڏنو ته زندگي پاڻيءَ مان آئي آهي ۽ انهيءَ تي ئي دارو مدار رکي ٿي ته اها ڪا اچرج جهڙي ڳالهه نه آهي.

5

طاليس پاڻي جي بنيادي عنصر بابت پنهنجي مفروضي سان ڪنهن ڳالهه جي شروعات ڪئي.

طاليس جي هڪ همعصر اناگزيمينڊر جا خيالات ڪجهه قدر اڻ چٽا هئا پر هو هڪ اهڙو فيلسوف هو جنهن سمجهيو ٿي ته اڻ چٽائي ڏاهپ جو ثبوت آهي. هن پنهنجي بنيادي عنصر طور عنصرن جي بي ترتيب ميڙ (chaos) يعني هوا، باهه، پاڻي ۽ مٽي جي هڪ ملاوت جي چونڊ ڪئي. هڪ اندروني توانائي انهي غير محدود فضا (Infinite) ۾ علحدگيءَ جو سبب بڻي ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ عنصر ۽ دنيا ۾ موجود سڀئي شيون وجود ۾ اچي ويون.

اصليت جي لحاظ کان انهيءَ قديم سائنسدان جي زمين بابت نظريي جهڙو ٻيو ڪو نظريو نه اچي سگهيو آهي. هن چيو ته زمين ڪنهن سلينڊر جهڙي آهي جنهن جو پايو انهيءَ جي اوچائي جي ٽئين حصي جيترو آهي ۽ اها چئني طرفن کان هوا جي برابر دٻاء جي سبب ڪائنات جي مرڪز ۾ بيٺي آهي. ستارا ۽ گرهه سندس ساڪن ۽ سلينڊر جهڙي زمين جي چوڌاري هڪ مقرر ۽ شفاف دائري ۾ گردش ڪري رهيا آهن. انهيءَ کان اڳتي چنڊ ۽ چنڊ کان اڳتي سج آهي ۽ اهي سڀئي هڪ اصول تحت زمين جي چوڌاري ڦري رهيا آهن.

اناگزيمينڊر چيو ٿي ته زندگي اصلوڪي زمين مان پيدا ٿي جنهن تي سج جي گرميءَ ڦلوڪڻا ٺاهي ڇڏيا هئا ۽ جڏهن اهي ڦلوڪڻا ڦاٽي پيا ته جانور ائين ظاهر ٿي پيا جيئن آنن مان چوزا نڪري ايندا آهن.

شروع ۾ انهن جانورن جي جسماني جوڙجڪ صحيح نه هئي پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهي سڌريل صورت ۾ ايندا ۽ تڪميل تي پهچندا ويا.

انسان اهڙي هڪ ڦلوڪڻي مان مڇي جي صورت ۾ ٻاهر نڪتو ۽ زمين تي رهڻ جي قابل ٿيڻ تائين مڇيءَ جي صورت ۾ ئي رهيو. اناگزيمينڊر اها ڳالهه نه ٿو ٻڌائي ته هن ترندي ترندي هلڻ ڪيئن سکي ورتو. انهي نظريي کي ارتقا جي رخ ۾ پهريان ٿاڦوڙا چيو وڃي ٿو. پر مٽي جي ڦلوڪڻن کان ڊارون جي ‘Origin of species’ تائين تمام وڏو فاصلو آهي.

6

طاليس کان هڪ صدي پوءِ ايندڙ اناگزيمينڊر سڀني شين جي بنيادي سر چشمي طور هوا جي چونڊ ڪئي. هن چيو ته؛ ”زمين هوا تي هڪ وڏي پن وانگر تري رهي آهي، “ هن جي خيال ۾ انسان جو روح هوا تي مشتمل هو ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جو دارو مدار هوا جي اندر ڇڪڻ ۽ ٻاهر ڪڍڻ تي هو ۽ انسان جڏهن ساهه کڻڻ بند ٿي ڪيو ته زندگي ختم ٿي وئي ٿي. گرمي ۽ ٿڌ هوا جي هلڪي ٿيڻ ۽ ڄمڻ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيون ٿي. هو ايتري حد تائين به ويو جو هوا کي لامحدود (Infinite) ۽ تنهنڪري خدا ٿي ڪوٺيائين.

7

ايفسُوس وارو هرقليطس غير واضح فيلسوف جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. انهيءَ جو سبب اهو هو ته هن اخلاقيات، الاهيات، سياسيات ۽ طبعيات کي هڪ ميڙ ۾ ملائي ڇڏيو هو ۽ انهنکي ڌار ڪرڻ جو ڪم پنهنجي پڙهندڙ تي ڇڏي ڏنو هو. هرقليطس بنيادي عنصر باهه کي قرار ڏنو جيتوڻيڪ باهه مان سندس مطلب شعلو نه هو. هن جو مطلب اسانجي لفظ حرارت جي تقريباً هم معنيٰ ڪاشي هئي. سندس قول آهي ته  ”هر شي باهه ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي ۽ باهه کي سڀ شي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. اهو اصول دائمي سرگرميءَ جي حالت ۾ رهندي زندگيءَ ۾ هر شي کي ٺاهيندو ۽ ڊاهيندو رهي ٿو.“

هن چيو ته؛ ڪوبه ماڻهو پاڻيءَ جي ساڳئي وهڪري ۾ ٻه دفعا نه رهيو آهي ڇاڪاڻ ته انهي ۾ هر وقت مختلف پاڻي وهندو رهي ٿو. اها ڳالهه شايد بلڪل سچ آهي. پر هو اها ڳالهه به ڏسي ٿو ته؛ هر شي تي جيتوڻيڪ دليل ۽ ذهانت جو حڪم هلي ٿو پر سڀ شيون قسمت جي ماتحت آهن.

هو سوچ جي سلسلي جي هڪ اهڙي شي ڏئي ويو آهي جنهن جي پوءِ جا فيلسوف ۽ سائنسدان وڏيون تشريحون ڪندا رهيا آهن ته:

”انسان جو ذهن پنهنجي اندروني ذريعن مان ڪوبه يقيني علم نه ٿو ڏئي سگهي.“

پنهنجي دور ۾ مشهور سوچ جا اهي مختلف سلسلا هاڻي صدين کان ڪنهن عجوبي کان وڌيڪ ڪا اهميت نه ٿا رکن. انهن جو ذڪر انسان جي ڪيترن (many) کان هڪ (One) ڏانهن جدوجهد دوران واقعن جي صورت ۾ اچي ٿو. پر انهن مان ڪوبه نظريو پنهنجو وجود برقرار نه رکي سگهيو جو ڪنهن ۾ به صداقت سمايل نه هئي. ته به انهن اهڙي چاڙهيءَ جي ڏاڪن طور ڪم ڏنو جنهن 25 صديون پوءِ اليڪٽران جي پُرنور نظريي تي پهچايو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org