سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ماڻهو شهر ڀنڀور جا

 

صفحو :1

ماڻُهو شهر ڀنڀور جا

مصنف: غلام رباني آگرو

ڇپائيندڙ پاران

ڪتاب ’ماڻهو شهر ڀنڀور جا‘ سنڌي ادب جي نامور نثرنگار سائين غلام رباني آگرو جن جي آخري تصنيف آهي، جيڪا پڻ سندن اڳين تصنيفن جيان تحرير جي دلڪشي ۽ اسلوب سبب ڏاڍي دلپذير آهي ۽ لکڻ جو اِهو انداز اتساهيندڙ ادب جو هڪ اهم حصو آهي. پاڻ زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ تجربي ۽ تلخيءَ جي وِهه کي ماکيءَ ۾ بدلائي عجب جهڙو ڪم ڪيو آهي.

رباني صاحب جي اِها تخليق ڏيهي ۽ پرڏيهي ادبي ثقافتي، سماجي ۽ سياسي شخصيتن جي زندگي جي مختلف رُخن تي روشني وجهي ٿي. پاڻ هن ڪتاب ۾ انهن شخصيتن جي مکيه پهلوئن جا عڪس پنهنجي لکڻيءَ وسيلي پسيا آهن. سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي ته، ادبي تاريخ تي مشتمل اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن، ته جيئن ادبي تاريخ پڻ محفوظ ٿي سگهي.

سائين رباني صاحب منهنجو محسن آهي ۽ مون سندن زير سايه رهي گهڻو ڪجهه پرايو. اهو سندن ئي شفقت ۽ محبت جو اثر آهي جو اڄ آءٌ هن مقام تي پهتو آهيان. اِها منهنجي خوش قسمتي آهي، جو سائين جن جي هيءَ عظيم تخليق آءٌ بورڊ طرفان پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ شايع ڪري رهيو آهيان. آئون بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم جميل الزمان صاحب جو تهدل سان شڪر گذار آهيان، جنهن پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان ڪيو.

اميد آهي ته، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو ادب سان دلچسپي رکندڙن وٽ مانُ لهندو.

 

1 ربيع الثاني 1433هه                                                  الهڏتو وگهيو

24- فيبروري 2012ع                                                    سيڪريٽري

انتساب

سنڌ جي مسڪين ماڻهن ڏانهن،

جن جي اکين جا ڳوڙها اگهڻ وارو ڪير به ڪونهي.

شيخ اياز جو هي شعر سندن حال جو ترجمان آهي:

بُک ۾ ڦُٽي باکَ ۽ ڏُک ۾ گذريو ڏينهن !

 

شڪر ادائي

مون کي هن ڪتاب جي اشاعت جو اُتساههُ عزيزم حڪيم اعجاز حسين چانڊيي ڏياريو، جنهن لاءِ سندس مرهونِ منت آهيان. هونئن، ٻين به گهڻن ئي دوستن جو شڪر گذار آهيان، جن منهنجي مدد ڪئي. برادرم الطاف آگري ڪن شخصيتن لاءِ گهربل مواد هٿ ڪري ڏنو. تصويرون گهڻي قدر عزيزم عادل راشديءَ عنايت ڪيون. ڪن شعرن جي صحت لاءِ ڀاءُ نصير مرزا مدد ڪئي. ڪتاب جا پروف مون ڏٺا. البت ڪمپوزنگ جو سمورو ڪم نويدالرحمان چنا ۽ ڪرم الاهي چنا وڏيءَ محبت سان سرانجام ڏنو. مان مڙني احبابن جو تهدل  شڪر گذار آهيان.

هن ڪتاب ۾ جن به شخصيتن جو احوال ڏنل آهي، سي، سڀ معزز ۽ محترم آهن، پر انهيءَ احوال کي سندن سوانحي خاڪا سمجهڻ شايد صحيح ڪونه ٿيندو، ڇو ته مون ڪنهن به شخصيت جي ڄَمَ جي تاريخ ۽ هنڌُ، سندس تعليم، شادي ۽ اولاد جا تفصيل وغيره ڪونه ڏنا آهن، جيڪا ڳالهه سوانحي خاڪن جي هڪ عام خصوصيت هوندي آهي.

مون انهن مان ڪن سان گهڻو ته ڪن سا ٿورو وقت گڏ گذاريو. ليڊي ڊايانا جو احوال سو رڳو ڪتابن ۾ پڙهيم، يا وري ٽي.ويءَ تي ڏٺم. گويا، مڙني محترم ۽ معزز شخصيتن بابت هي منهنجا پنهنجا ذاتي تاثرات آهن، جيڪي نهايت ادب ۽ احترام سان، پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪريان ٿو.

تعارف

سنڌ ۾ ڪتابن لکڻ جي روايت پراڻي آهي. چون ٿا ته سوين هزارين سالَ اڳي سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي ”رگ وِيد“ جوڙيو ويو هو، جيڪو هاڻي دنيا جي اوائلي ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو. ائين پڻ چون ٿا ته جڏهن سنڌ آزاد ملڪ هو، تڏهن ٻُــڌ ڌرم جي راجا جي وزير حڪمرانيءَ جي اصولن بابت ڪتاب لکيو هو، هاڻي اڻلڀ آهي. پر، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد جي ڇپايل ”سنڌ جي تاريخ“ ۾ انهيءَ جو ذڪرآهي.

عربن جي سنڌ جي فتح کان پوءِ، حضور پيغمبر صلي الله عليه وسلم جن جي حياتيءَ جو مستند احوال لکندڙ اولين سيرت نگارن ۾ ’ابو معشر سنڌيءَ‘ جو نالو نمايان آهي. جرمن مستشرق جوزف هوروتوس پنهنجي ڪتابَ ”سيرت نبوي کي اولين ڪتابين اور ان ڪي مؤلفين“ ۾ لکيو آهي ته ”مغازي“ نالي سان عربيءَ ۾ سيرت جو ڪتابُ  لکيو هئائين، جيڪو هاڻي دنيا ۾ اڻلڀ آهي. تمام وڏو عالم هو. بغداد ۾ وفات ڪيائين ته سندس جنازي نماز خليفي هارون رشيد پڙهائي. بغداد ۾ ئي دفن ٿيو.

دنيا ۾ پيغمبر صلي الله عليه وسلم جن جي خطن جو پهريون پهريون مجموعو ديبل جي هڪ نومسلم عالم مرتب ڪيو، جيڪو هاڻي شايع ٿي ويو آهي ساڳيءَ ريت منصوري ۽ ديبل جي سنڌي فقيهن ڪيئي بي بها ڪتاب لکيا، جن جو تفصيل ثقافت اسلاميه لاهور جي شايع ٿيل ڪتاب ”فقهائي هند“ ۾ ڏنل آهي.

هندستان ۾ شاهه ولي الله دهلويءَ کان به ٻه سؤ ورهيه اڳ، مخدوم نوح هالائيءَ رحمته الله عليه قرآن مجيد جو فارسي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. جيڪو ڪيئي صديون سندس خاندان ۾ محفوظ هو. سنه 1960ع واري ڏهاڪي ۾، سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب سنڌي ادبي بورڊ کي اشاعت لاءِ ڏنو، فارسي ترجمي جي ايڊيٽنگ مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ ڪئي ۽ ان جي ڇپائيءَ لاءِ غلام رباني آگري وڏي محنت ڪئي. قدرت ٻنهي ڄڻن کي هن تاريخي مصحف مبارڪ جي اشاعت جو شرف عطا ڪيو.

سڄي هندستان ۾ سڀ کان اول سنڌ جي تاريخ لکي وئي، جنهن جو نسخو اُچ شريف جي هڪ عالم، علي ڪوفيءَ هٿ ڪيو ۽ عربيءَ مان اتاري فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. شمس العلماء دائودپوٽي فارسي ترجمو ايڊٽ ڪيو. شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ وري ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد ۽ اردو ترجمو اختر رضويءَ ڪيو. جن کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب ايڊٽ ڪيو. پويان ٻئي ترجما سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا. غلام رباني آگري اردو ترجمي جي ٻئي ڇاپي جو شاهڪار مقدمو لکيو. هن ”جهڙا گـــُل گلاب جا“ نالي سنڌ جي هاڻوڪن مشاهيرن تي ٻن جلدن ۾ ڪتاب پڻ لکيو. اهي ٻئي جلد سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا. ان کان پوءِ آگري صاحب ٽيون ڪتاب ”سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ“ نالي سان لکيو، جيڪو پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي رحمةالله عليه، غوث بهاؤالحق ملتانيءَ ۽ قلندر لعل شهباز جو تذڪرو آهي ٽئي ڪتاب ماڻهن کي ايڏا وڻيا، جو بورڊ هاڻي وري نئين سر ڇپايا آهن.

هونئن، رباني صاحب جو پهريون پهريون ڪتاب ”آبِ حيات ۽ ٻيا افسانا“ هو، جيڪو مون، سنه 1959ع ۾، ”زندگي پبليڪيشن“ طرفان شايع ڪيو هو، اسان ٻئي تڏهن نوجوان هئاسين. سنڌي ادبي سنگت جا سرگرم ڪارڪن هئاسين ۽ ”سنڌ دوست اديبن“ جي صفِ اول ۾ هئاسين. اسان سڀ سُڃا سِرَ هئاسين. هڙ ۾ ڪجهه ڪونه هو پر، اسان جا حوصلا بلند هئا. قدرت اسان کي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ڪيو. سنڌي ٻوليءَ کي اصلوڪو درجو مليو ۽ ون يونٽ به چَٽُ ٿي ويو.

ادبي لڳ لاڳاپي کان علاوه اسان ٻنهي جي محبت جي هڪ ذاتي نسبت اها به آهي ته رباني صاحب ڪنڊياري جو ويٺل آهي ۽ مان نوشهري فيروز جو. جيڪو پنهنجي تاريخي مدرسي هاءِ اسڪول لاءِ سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. اسان ٻنهي انهيءَ ئي هاءِ اسڪول ۾ تعليم ورتي. رباني صاحب مون سان پنهنجي ذاتي لڳ لاڳاپي جو ذڪرُ، وڏيءَ محبت سان، پنهنجي هن ڪتاب ۾ مون تي لکيل خاڪي ۾ ڪيو آهي.

مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته سندس افسانن جو پهريون پهريون مجموعو مون ئي ڇپايو. پر، اڳتي هلي، سندس ڪي افسانا حشو ڪيولراماڻيءَ ”هندستان ٽائيمس“ نالي انگريزي اخبار ۾، ڊاڪٽر شمل جرمن زبان ۾، چومنگ (چيني اديبن جي تنظيم جي نائب صدر)، چين جي ”شرجئي ويڻشو“ (دنيا جو بهترين ادب) نالي رسالي ۾ شايع ڪيا. سندس شروعاتي افسانن جو مرڪزي موضوع ”اقتصادي ۽ سماجي انصاف“ هو ۽ هاڻوڪي ويجهي دور ۾ لکيل ڪن افسانن جو موضوع ماڻهوءَ جون محبتون ۽ حسرتون آهن.

هو ملڪ جي مڃيل ادبي شخصيت آهي. پهريون پهريون سنڌي اديب آهي، جيڪو ٻاهرين ملڪن: چين، هندستان، بنگلاديش ۽ ايران ۾ پاڪستاني اديبن جا وفد پنهنجي اڳواڻي ۾ ادبي ۽ ثقافتي دوري تي وٺي ويو. بنگلاديش جي صدر کيس ”سونهري قلم“ (GOLDEN PEN) تحفي طور ڏنو ۽ ”سرڪاري مهمان“ (OFFICIAL GUEST)  قرار ڏئي، ملڪ جي مکيه بندرگاهه، چاٽگام ۽ دنيا جي مشهور سامونڊي بِيچِ (BEACH) ڪاڪسز بازار جو سئر ڪرايو.

هن چين جو ٻه دفعا دورو ڪيو. پهريون ڀيرو وفد جي ميمبر طور ۽ ٻيو ڀيرو وفد جي اڳواڻ جي حيثيت ۾. چيني اديبن چيني زبان ۾ مٿس مضمون لکيا، جن جا ترجما انگريزي ۽ اردوءَ ۾ اعليٰ پيماني تي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا. دنيا جي مشهور چيني اخبار “PEOPLE’S DAILY” سندس مفصل انٽرويو شايع ڪيو. وائيس آف آمريڪا پڻ ادب ۽ ثقافت تي سندس انٽرويو نشر ڪيا. پاڪستان جي هڪڙي صدر کيس ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ تمغو ڏنو ۽ ٻئي صدر وري سندس تعليمي ذهانت جي اعتراف ۾ شيلڊ ڏني. ڪجهه عرصو اڳ، آغا خان فائونڊيشن پڻ سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس شيلڊ ڏني.

هو سنڌي ادبي بورڊ ۽ ايڪيڊمي آف ليٽرس جو چيئرمين، سنڌ يونيورسٽيءَ  جو پرو- وائيس چانسلر ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر رهي چڪو آهي. حڪومت پاڪستان کيس ملڪ جي ڪن مکيه علمي ۽ ادبي ادارن جي بورڊ آف گورنرز تي ميبر نامزد ڪيو ۽ نيشنل بئنڪ جي قومي انعامن واريءَ ڪميٽيءَ جو جج پڻ نامزد رهيا.

رباني صاحب جو هي ڪتاب سندس اڳين  ادبي ڪاوشن جو ئي تسلسل آهي. مون کي اميد آهي ته انشاءَ الله سنڌي ادب ۾ هن ڪتاب جي پڌري ٿيڻ سان قابل قدر اضافو ٿيندو.

حميد سنڌي

پيش لفظ

سائين غلام رباني آگري جو نالو مون پهريون دفعو سنه اڻويهه سؤ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ٻڌو هو. تنهن وقت افساني نگار جي حيثيت ۾ سندس نالو عروج تي هو.

هڪ دفعي رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻيءَ جي دعوت تي ڊاڪٽر علي نواز بلوچ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي همراه ويس. رات رهياسين. راڳ رنگ جي محفل هئي. سگهڙن جي ڪچهري جو اهتمام به هو. غالباً ٻيڙو فقير ڪنڀر به ساڻ هو. انهيءَ ڪچهريءَ ۾ رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻيءَ جي واتان رباني صاحب جي بي انتها تعريف ٻڌم. رباني صاحب تنهن وقت سنڌي ادبي بورڊ ۾ هو يا وري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو - وائيس چانسيلر هو. پوريءَ طرح ياد نه آهي. پر، رئيس مرحوم جي واتان رباني صاحب جي ايڏي تعريف ٻڌي، ان وقت ئي دل ۾ خواهش پيدا ٿي، ته ساڻس ملاقات ڪجي ۽ علمي ادبي رهاڻ ڪري حِظ حاصل ڪجي. اها سال ستهتر ڇاهتر جي ڳالهه آهي. ان بعد سالن جا سال گذري ويا، پر، خواهش، خواهش ئي رهجي وئي! رباني صاحب جو ديدار نه ٿي سگهيو، ڇو ته ڪجهه عرصي کان پوءِ هو اسلام آباد هليو ويو ۽ سڄا سارا پندرنهن ويهه سال اتي هو.

1992ع ۾ برادرم مرحوم علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب عنايت ڪيو. ڪتاب ڇا هو، هڪ ادبي شاهڪار هو! مان ته ڪتاب پڙهي رباني صاحب تي عاشق ٿي پيس. سندس ملاقات ۽ هٿن چمڻ لاءِ دل ۾ بيحد و حساب آرزو ٿي. پر، اسلام آباد  واري دُوري وچ ۾ ديوار بڻيل هئي.

هڪ دفعي منهنجو فرزند، نورچشم حڪيم اعجاز حسين حيدرآباد ڪنهن ڪم سان ويو. هو به مون وانگي رباني صاحب جو پروانو هو. سو، ڪو وسيلو ڪري، رباني صاحب سان وڃي مليو ۽ منهنجو ڪتاب ”سنڌ جو اتر ڪاڇو“ کيس پيش ڪيائين. اعجاز چيو ته، ”بابا! سائين رباني صاحب ائين مليو، ڄڻ ته سالن جو واقف هجي! پاڻ اخلاق جو اهڙو ئي مجسمو آهي، جهڙو پنهنجي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جو مقدمو لکيو اٿس.“ اُنهيءَ ڪتاب جي مقدمي ۾ رباني صاحب ”اخلاق“ جي اهميت متعلق گفتگو ڪئي آهي ۽ هن ڪتاب جي مقدمي ۾ وري ”ماڻهوءَ جي مزاج“ کي موضوع بنايو اٿس. هي ٻئي مقدما اهم آهن.

رباني صاحب سان ملاقات جو ڏاڍو شوق هو. نيٺ عزيزم اعجاز حسين جي دعوت تي، اسان جي ڳوٺ ”ماڏي“ آيو. ائين ساڻس ملاقات جو رستو پيدا ٿيو، جا اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. هن صديءَ جي هڪ منفرد ممتاز اديب جي زيارت به نصيب ٿي ۽ ساڻس دوستانه تعلق به ٿيو. سندس لکڻين ۾ ته مشڪ ۽ عنبر جي خوشبو آهي، پر سندس ڪچهريءَ ۽ علمي گفتن ۾ به گلاب جي گلن جي سرهاڻ آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اسان ٻنهي کي سنڌ جي قديم تاريخي آثارن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو، ان ڪري مان کيس ميان نصير جي ابدي آرامگاهه تي وٺي ويس.

اڳتي هلي خبر پيم، ته آگرو صاحب سنڌ جي هاڪاري حڪيم حاجي محمد آگري جو پوٽو آهي، جنهن جو نالو مون بابا سائين حڪيم عبدالمجيد خان کان ٻڌو هو ته وڏو حاذق حڪيم هو. سندس طبي حڪايتون اڄ به ساهتيءَ جي عوام ۾ رطب اللسان آهن. سندس حڪمت جا ڪي معجزا مون کي مرحوم حافظ محمد بخش خاصخيليءَ به ٻڌايا هئا. هن کان اهو پڻ ٻڌم ته تمام ديندار شخص هو. يارنهن حج ڪيا هئائين. پهريان ست حج ڳوٺ کان مڪي شريف تائين پيادل ڪيائين. پوءِ آگبوٽ رائج ٿيا ته چار حج انهن جي وسيلي ڪيائين. سندن خاندان ۾ علم ۽ دين سان محبت جي روايت تمام قديم آهي. مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنهنجي مشهور تاريخ ”تحفة الڪرام“ ۾ مخدوم عبدالله آگري جو ذڪر سڄيءَ سنڌ جي چونڊ مشاهيرن ۾ ڪيو آهي.

حافظ محمد بخش خاصخيلي (مرحوم) ڪنهن زماني ۾ رباني صاحب جي والد ۽ ساهتيءَ جي مڃيل استاد، جناب عبداللطيف آگري صاحب سان گڏ پيغمبري پيشي جا فرائض به سرانجام ڏنا هئا. حافظ مرحوم استاد عبداللطيف مرحوم جون سڪ سان ڳالهيون ڪندو هو.

رباني صاحب جو هي ڪتاب ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“ سندس ڪتابن ”جهڙا گل گلاب جا“ ۽ ”سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ“ جو ئي تسلسل آهي ۽ هن شعر جي مصداق آهي ته؛

یہ وہ گل ہے کہ گلستاں کو بھی جس پر ناز ہے،

اس کے ہر اک برگ میں دلگیر پنہاں راز ہے۔

مشهور ڪتاب ”ديوانِ ظهير فريابي“ لاءِ هڪڙي شاعر سهڻي ۽ دلچسپ ڳالهه ڪئي آهي ته؛

دیوان ظہیر فریابی

در مکہ بجز دز دستیابی

يعني ديوان ظهير فريابي اهڙو ڪتاب آهي، جو هن کي مڪي مان به چورائي سگهجي ٿو. سائين غلام رباني آگري صاحب جو هيءُ ڪتاب به هڪ اهڙو ئي شاهڪار آهي، جنهن لاءِ جيترو لکجي، اوترو گهٽ آهي. سندس قلم جي ڪمال کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ هيءُ شعر ياد آيو آهي:

حافظ چہ طرف شاخ نباتیست کلک تو

کش میوہ دلپزیر تر از شہد و شکرست

اي حافظ! تنهنجو قلم ڪهڙي نه مٺڙي درخت جي لام مان آهي، جنهن جو ميوو ماکيءَ ۽ شڪر کان به وڌيڪ دلپسند آهي.

شفاخانه حڪيم عبدالمجيد                       حڪيم خليفو عبدالحميد چانديو

ماڏو، ضلعو دادو، سنڌ.

5- ڊسمبر 2007ع

مقدمو

وَاَمَّا بـِنـِعٌمَةِ ربـّـِڪَ فَحَدِّث

(۽ پنهنجي رب جي نعمت جو بيان ڪر.)

                                       - قرآن شريف

جهانن جي خالق ۽ مالڪ جڏهن مٽيءَ جي مُٺ ۾ ساهه وڌو هو، تڏهن منجهس ڪيئي گيت، سنگيت ۽ نغما ڀري ڇڏيا هئائين. سو، زندگيءَ جو ساز هر دم وڄندو رهي ٿو ۽ منجهانئس نت نوان نوان نغما نڪرندا رهن ٿا.

آدمي، آدم جو تسلسل آهي. مالڪ مون تي مهر ڪئي، جو عدم مان وجود ۾ آندائين، انسان جو جامو عطا ڪيائين ۽ دل جي ڳالهه بيان ڪرڻ جي نعمت سان نوازيائين.

يونان جي ڏاهي، ارسطوءَ کي انسانذات جو ”معلم اول“ ۽ مسلمان مفڪر، ابن سينا کي ”معلم ثاني“ ڪوٺيندا آهن. ارسطوءَ انسان کي ”حيوان ناطق“ ڪوٺيو، جنهن جو مطلب آهي ته انسان هڪ اهڙو ساهوارو آهي، جيڪو ڳالهائي ٿو- يعني پنهنجي دل جي ڳالهه بيان ڪري سگهي ٿو. يوناني ٻوليءَ ۾ LOGON جو مطلب ”ڳالهه“ آهي. ارسطوءَ چيو ته ”انسان (ZOON/ LOGON/ECHON) ڳالهائيندڙ ساهوارو آهي.“

پر، ارسطوءَ کان اها ڳالهه ڳجهي ڪانه هوندي، ته ٻيا ساهوارا به پنهنجن هم - جنس ساهوارن سان هم - ڪلام ٿين ٿا. مثلاً، سامونڊي ماهرن جو چوڻ آهي ته ”مڇيون هڪٻئي کي پنهنجو پيغام ڏيڻ لاءِ اشارا ڏينديون آهن.“ اسر جي مهل ڪڪڙن جا دَس ته هر هنڌ مشهور آهن. ننڍپڻ ۾ اسان پاڻ اسڪولن ۾ پڙهندا هئاسين ته:

COCKS CROW IN THE MORN, TO TELL US TO RISE,

HE WHO LIES LATE, SHALL NEVER BE WISE.

ڪڪڙ صبح سان بانگون ڏين ٿا ته اسان ننڊ مان اٿون،

جيڪو دير تائين سمهندو، سو، سياڻو ڪونه ٿيندو.

سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري واري سرڪاري گهر ۾ مون محسوس ڪيو ته اونهاري جي مند ۾، رات جو چئين ساڍي چئين وڳي ڌاران، ڪو تـِِڏو، رکي رکي، سريلي ساز وانگر آواز ڪڍندو هو. ڪلاڪ کن کان پوءِ پاسي وارن وڻن ٽڻن مان به ساڳيا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، ته چُپ ٿي ويندو هو. پر، جيڪڏهن ڪونه ايندا هئا ته پاڻ وري ساڳيا سڏڙا ڪندو هو.

وڏيءَ فجر جو وري هڪ ڪانءُ هوا ۾ هيڏي هوڏي لامارا ڏيندو هو، ۽ ”ڪان، ڪان“ ڪري ٻين ڪانوَن کي جاڳائيندو هو. آخر ۾ جهرڪيون جاڳنديون هيون ۽ وڻن ٽڻن ۾ ڏاڍي وڻندڙ آواز ۾ ”چُون، چُون“ ڪنديون هيون.

جڏهن آسمان ۾ اوڀر طرف ڳاڙهاڻ ظاهر ٿيندي هئي، تڏهن مان بورچيخاني منجهان رات جي بچيل ڀاڄيءَ ۽ مانيءَ جا ٽڪرا ڪنهن ٿانوَ ۾ گڏ ڪري، گهر جي صحن ۾ آڻي رکندو هئس. اهو ڏسي، وڻ تي ويٺل ڪانءُ، ڏاڍي زور سان ”ڪان، ڪان“ ڪندو هو. سندس آواز ٻڌي، امالڪ چئني طرفن کان ڪانوَن جا ولر اچي مانيءَ تي مڙندا هئا.

اهو لقاءُ ڏسي سمجهيم، ته ڪانوَ جو ”ڪان، ڪان“ ڪرڻ ٻين ڪانوَن سان ڳالهائڻ جو سندس نمونو آهي. البت، ائين آهي ته کيس ٻين ڪانوَن کي جاڳائڻو هجي، يا مانيءَ لاءِ سڏڻو هجي، پاڻ رڳو ”ڪان، ڪان“ ڪندو آهي.

سنه 1984ع  ۾، مرڪزي ۽ صوبائي سرڪار مون کي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري مان اسلام آباد ”ايڪيڊمي آف ليٽرس“ ۾ موڪليو. اهو ادارو سنڌي سليمي اکرن ۾ ”پاڪستان ادبي بورڊ آهي. مون کي پهريائين ڊئريڪٽر جنرل جو ڪم سونپيائون ۽ پوءِ ترقي ڏيئي چيئرمن ڪيائون. پر، شروع ۾ منهنجو چيئرمن اردو زبان جو مشهور اديب ۽ پاڪستان نيويءَ جو رٽايرڊ، ريئر سرجن ايڊمرل شفيق الرحمان هو. جهڙو نالو هئس، اهڙو ئي شفيق انسان هو. مون اهڙو ايماندار سرڪاري عملدار پنهنجي سڄيءَ عمر ۾ ڪونه ڏٺو. آفيس مان پينسل يا اڇو پنو به گهر ڪونه کڻي ويو. ميٽنگ ۾ سرڪاري ماني ڪونه کائيندو هو. پنهنجي گهران آڻيندو هو.

اسان روزانو سندس ڪمري ۾ ماني کائي، ڪچهري ڪندا هئاسين. زندگيءَ جي وسيع تجربي جي ڪري شفيق الرحمان جنهن به ڳالهه تي راءِ ڏيندو هو، سا منڊيءَ تي ٽـِڪ هوندي هئي.

هڪ دفعي چيائين ته، ”اوهان ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ گهر اچو، ته اوهان جو پاليل ڪتو، خوشيءَ مان ڀئونڪڻ لڳندو، پر غريب کي خوشيءَ جو اظهار ڪرڻو هجي يا ڏک جو، بس رڳو ڀئونڪندو رهندو.“

انهيءَ ڳالهه جو مطلب به اهو ٿيو ته ڪانوَ جو ”ڪان، ڪان“ ڪرڻ، ۽ ڪتي جو ڀئونڪڻ يا مڇين جا ٻين مڇين کي اشارا ڪرڻ ۽ جهرڪين جو ”چُون چُون“ ڪرڻ، انهن ساهوارن جي ڳالهائڻ جا نمونا آهن، منجهن به ڳالهائڻ جي صلاحيت آهي، پر، اها ايتري ڊيولپ ٿيل ڪانهي. سو ارسطوءَ جي مشاهدي ۾ واقعي وڏو وزن آهي ته:

انسان ٻين ساهوارن کان وڌيڪ شان ۽ شرف وارو انهيءَ ڪري به آهي جو کيس پنهنجيءَ دل جي ڳالهه ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي.

انسانذات جي تهذيب جي تاريخ جو پهريون پهريون اهم ڪارنامو اُهو آهي ته ٻوليءَ جو هنر ايجاد ٿيو، يعني انسان ڳالهائڻ سکيو. سڀ انسان  ڳالهائين ٿا، پر، سڀ هڪجهڙا هوشيار ڪونهن. هڪڙا ٻين کان وڌيڪ قابل آهن. مثلاً، عيسويءَ ويهينءَ صديءَ جي پهرئين اڌ ۾، هندستان ۾ نواب بهادر يار جنگ نالي هڪ مشهور ليڊر هوندو هو، جو وڏن وڏن جلسن ۾ تقرير ڪندي، هزارين ماڻهن کي اتي جو اتي کِلائي ۽ رئاري سگهندو هو.

تقرير ڪرڻ به ته ڳالهائڻ جو هڪ نمونو آهي. تقرير جي ماهرن وانگر، عالم، اديب ۽ شاعر پڻ ڳالهه ڪرڻ جا بادشاهه ٿين ٿا. سنڌي زبان ۾ اهڙو چٽو مثال شاهه سائينءَ جو آهي. چون ٿا ته ننڍپڻ ۾ جڏهن شعر چوڻ شروع ڪيائين، ته سندس والد شاهه حبيب چيس ته، ”ابا، بُلي شاهه شعر جي اهڙي ڪا زمين ڇڏي ئي ڪانهي، جنهن ۾ هَــرُ نه هلايو هجيس.“

شاهه سائينءَ ادب سان چيس ته، ”بابا سائين، جي ائين آهي ته پوءِ مان جر ۾ جاٽون ڏيندس، جن جو ڪو انت ئي ڪونه هوندو.“

شاهه سائينءَ کي هيءُ جهان ڇڏئي صديون گذري ويون آهن. ان کان پوءِ به سنڌ ڪيئي شاعر پيدا ڪيا آهن. پر، سندس ڪلام اڄ به بي مثال بيٺو آهي. ان ڪري ائين ئي چئبو ته سنڌ ۾ هر دؤر ڀٽائيءَ جو دؤر آهي.

اردو زبان ۾ وري مرزا اسد الله خان غالب به وڏو نالو آهي، پر، ڪي ماڻهو مير تقي مير کي پسند ڪن ٿا. مرزا غالب پاڻ به چيو آهي ته؛

کہتے ہیں اگلے زمانے میں کوئی میر بھی تھا

هڪ دفعي تنوير اسلام آباد ۾ مون وٽ مهمان هو. تن ڏينهن ۾ سندس مطالعي جو موضوع منصور حلاج هو. مون کيس ”مير“ جو هڪ شعر ٻڌايو، جو کيس ڏاڍو وڻيو:

موسم آیا تو نخلِ دار میں میر

سرِ منصور ہی کا بار آیا

ڪراچيءَ ۾، اين.جي.وي. هاءِ اسڪول جي پاسي ۾، ”سعيد منزل“ نالي ٻي به هڪ ننڍي، پر، سهڻي عمارت آهي، جا ڊاڪٽر سعيد ٺهرائي هئي. مون مرحوم ڪونه ڏٺو. پر، سندس پٽ، ڊاڪٽر خورشيد سان سٺي ڏيٺ ويٺ هئم. سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس تڏهن اين.جي.وي. هاءِ اسڪول واريءَ بلڊنگ ۾ هوندي هئي. سو، ٻئي ٽئي ڏينهن ساڻس ڪچهري ٿيندي هئي. سندس ميز ۽ ڪرسيءَ جي پاسي ۾، ٽپائيءَ تي، هڪ خوبصورت پينٽنگ رکيل هوندي هئي، جنهن کي چتائي ڏسبو، ته منجهس هڪ شخص سوٽ ڪوٽ ۾ نظر ايندو، جو آرام- ڪرسيءَ تي آهليو پيو آهي ۽ پنهنجن خيالن ۾ گم آهي. تصوير جي هيٺان مرزا غالب جو هيءُ شعر لکيو پيو آهي؛

ہستی کے مت فریب میں آجائیو اسد،

عالم تمام حلقۂ دامِ خیال ہے۔

غالب ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪئي آهي! بلاشڪ، هستيءَ جي بي ثباتيءَ کان انڪار ڪونهي. ماڻهوءَ جي حياتي ڄڻ ته پاڻيءَ جو ڪو بوڙيو آهي. اجهو هاڻي هو، پر، هوا لڳي ته هينئر ڪونهي. هن حقيقت جو اظهار، اردو زبان جي رابعه نالي هڪ گمنام شاعره، سهڻن لفظن ۾ ڪيو آهي، سندس تخلص ”پنهان“ هو. چيو اٿس ته؛

یہ ہونا بھی بقدر یک نفس ہے

ہماری ابتدا کیا انتہا کیا۔

تاهم، اها ڳالهه مڃڻي پوندي، ته ”هستي“ ڪيڏي به  ”بي بقا“ ڇو نه هجي، پر، ان جي حقيقت ۽ اهميت کان به انڪار ڪونهي، ٻيءَ صورت ۾، هيءَ ڌرتي ۽ آسمان، سج، چنڊ ۽ تارا، رات ۽ ڏينهن، ڪڪـر ۽ مـِينهن، وڻ ٽڻ ۽ ساوا ٻوٽا، قسم قسم جا گل، انهن جا رنگ َ، سمورا ساز ۽ آواز بي معنيٰ نالا ٿي ويندا.

انگريزي زبان ۾ چوڻي آهي ته ALL IS MATTER يعني سڀ ڪجهه مادو آهي. پر، ٻي به هڪ چوڻي آهي ته: ALL IS MIND يعني سڀڪجهه ”سوچ“ آهي.

   قديم هندستان ۾ شنڪر آچاريه نالي هڪ وڏو ڏاهو شخص ٿي گذريو آهي. ايڏو ته عظيم انسان هو، جو علامه اقبال سندس نالو گوتم ٻڌ سان گڏ کنيو آهي. ائين به چون ٿا ته جيئن عالمِ اسلام، ابن عربيءَ جهڙو اعليٰ ۽ افضل ذهن پيدا ڪيو، تيئن هندستان جي سرزمين وري شنڪر آچاريه جهڙو ڏاهو پيدا ڪيو. انگريزن جي زماني ۾ سنڌي درسي ڪتابن ۾ مٿس مضمون هوندو هو، جنهن ۾ سندس شڪل ۽ احوال ڏنل هوندو هو. هو به چوندو هو ته ”سڀ ڪجهه ماڻهوءَ جي سوچ يا خيال آهي، جنهن ماڻهوءَ کي سوچ جي صلاحيت ڪانهي، تنهن کي ڪنهن به ڳالهه جو شعور ڪونهي.“

   هڪڙي دفعي واٽ وٺيون پئي ويو، ته پري کان مست هاٿي ايندي ڏٺائين. ماڻهن چيو ته، ”ڏسون ته هاڻي هاٿيءَ کان پاڻ بچائي ٿو يا نه؟“

شنڪر آچاريه ڪنڊ پاسي سان لڪي، جان بچائي. جڏهن ماڻهن سوال ڪيس، ته کين چيائين ته، ”منهنجو واٽ وٺي اچڻ، پٺيان هاٿيءَ جو اچڻ ۽ منهنجو لڪي جان بچائڻ - اهو سڀڪجهه اوهان جي سوچ ئي ته آهي.“

انسان جو شعوري ”گفتو“ يا ”عمل“ سندس سوچ يا خيال جي تابع آهي، انهي جو مطلب اهو ٿيو ته انسان کي ڳالهائڻ جي جيڪا نعمت مليل آهي، سا به دراصل سندس سوچ ۽ خيال جي اظهار لاءِ آهي.

هونئن ته خيال جي اظهار جا ڪيترائي طريقا آهن. مثلاً مصور به تصوير ٺاهي، پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري سگهي ٿو. سنگتراش به ائين ڪري ٿو. پر، هر شخص پنهنجن خيالن جو اظهار گهڻي قدر ڳالهائڻ وسيلي ڪري ٿو. ڪابه ڳالهه بيان ڪرڻ تمام وڏي نعمت آهي، جيڪا قدرت انسان کي عطا ڪئي آهي. قرآن ڪريم جو ارشاد آهي ته:

ٻاجهاري رحمان

قرآن سيکاريو

انسان کي خلقيو

کيس بيان ڪرڻ سيکاريو

ماڻهو ڳالهه نثر ۾ بيان ڪري يا نظم ۾، ٻنهي صورتن ۾ ڳالهائڻ لاءِ سندس بنيادي ضرورت ”لفظ“ آهي. لفظ ۾ معنيٰ آهي ۽ معنيٰ ۾ پيغام آهي، ان ڪري لفظ جي ”حرمت“ يعني ”سخن جي سچائي“ سڀ کان اهم ڳالهه آهي.

هڪ اصحابي هوندو هو، جو حضور صلي الله عليه وسلم جن جون حديثون لکندو رهندو هو، ٻين ڪن اصحابين چيس ته، ”ادا، حضور صلي الله عليه وسلم جن ڪنهن مهل خوش ويٺا آهن، ته ڪنهن مهل وري ڪنهن ٻيءَ ڳالهه جي خيال ۾ آهن. اوهان ان ڳالهه جو به ته ڪجهه لحاظ رکو. سوچي سمجهي حديثون قلمبند ڪريو.“ ان کان پوءِ اهو اصحابي احتياط ڪرڻ لڳو. پر، ڪنهن ڏينهن مهل موقعو ڏسي، حضور صلي الله عليه وسلم جن جي ڌيان تي اها ڳالهه آندائين. پاڻ سڳورن فرمايو ته؛

”تون اڳي وانگر لکندو رهه. هن زبان مان حق جي ڪلمي کان سواءِ ٻي ڪا به ڳالهه ڪانه نڪرندي.“

   حضور صلي الله عليه وسلم جن جو اهو ارشاد، سخن جي سچائيءَ جو معراج آهي، جيڪو اهو ئي شخص ماڻي سگهي ٿو، جو سندن نقشِ قدم تي هلي ۽ پاڻ ۾ اخلاق جي ايڏي ته بلندي پيدا ڪري، جو سندس قول ۽ فعل ۾ ڪو به فرق نه رهي. پر، عام انسانن ۾ بشري ڪمزوريون آهن. سو، ڀُل چُڪ ۾ کانئن خطا ٿي وڃي ٿي. ڪي شخص ته وري ڄاڻي واڻي ڪنهن نه ڪنهن مطلب خاطر حق تي پردو وجهن ٿا. ڪوڙ ڳالهائن ٿا. ڪي ته سڀ ڪجهه ڄاڻندي به اونڌا ابتا ڪم ڪن ٿا. کين ڪوبه حياءُ ڪونهي، اُهي نود آهن. ڏسڻ ۾ ماڻهن جهڙا ماڻهو، پر اندر ۾ ابليس آهن. يعني ”اصفل الصافلين“ آهن.

   تلسيءَ، رامائڻ ۾ لکيو آهي ته جڏهن رانوڻ سيتا کي ڪٽيا ۾ اڪيلو ڏسي، کيس ڊوهه سان کڻي ڀڳو، ته رام ۽ لڇمڻ سندس پٺيان پيا. هلندي هلندي کين بن ۾ رات ٿي وئي. اڀ ڪارن ڪڪرن سان اڳئي ڀريو بيٺو هو، ستت، گجگوڙ ٿي، کنوڻ چمڪي ۽ وڏڦڙو وسڻ لڳو. مرون هاسي ۾ هڏڪارون ڏيڻ لڳا. چوڌاري خوف ۽ هراس ڇانئجي ويو. لڇمڻ ننڍو هو، سو ڊڄڻ لڳو. رام ڳالهه سمجهي ويو. سو، ٻيهر آسمان ۾ کنوڻ چمڪي، ته ننڍي ڀاءُ لڇمڻ کي پرڀائڻ لاءِ چيائين ته؛

”لڇمڻ، هن ڪاريءَ رات ۾ کنوڻ ائين ئي چمڪي ٿي، جيئن ڪميڻي ماڻهوءَ جي روح ۾ ڪڏهن ڪڏهن اشرافت چمڪي.“

   رام جو رايو ائين آهي جيئن ڪوزي ۾ سمنڊ سمايل هجي. مطلب وري به اهوئي آهي، ته سمورا ماڻهو ”اشرف المخلوقات“ ڪونهن. اهو شان ۽ شرف ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿئي ٿو.

پر، اها حقيقت رڳو ماڻهن جي معاملي ۾ ڪانهي، قدرت جو عام نظام ائين ئي آهي. جهنگن ۾ وڻ آهن. جيڪي پاڻ ڦٽن ٿا ۽ پاڻ ئي وڌن ٿا. سنهن سڌن ۽ ڪوڪن جهڙن تکن سيلهه ڪنڊن وارن ٻٻرن جا ته ٻيلا آهن. ٿوهر ۽ اڪ جهڙن زهريلن ٻوٽن جي به ڪمي ڪانهي. ابت - ڪنڊڙي، ڪنڊيون ۽ ڪانڊيرا به  عام جام آهن.

پر، جهنگ جهــر ۾ ڪاٿي به ڪيلو ۽ ڪينو نظر ڪونه ايندو. انب، انگور، ڊاک، ڪشمش، ناسپاتي،نارنگي، صوف، گدرا، گرما، سردا ۽ ڏاڙهون ڳولڻ سان به ڪونه ملندا. اهي توڙي ٻيا ميوا وڏيءَ محنت سان پوکڻا پوندا ۽ ان کان به وڏيءَ محنت سان تاتي وڏا ڪرڻا پوندا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org