سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ماڻهو شهر ڀنڀور جا

 

صفحو :24

هڪ رات اياز تمام سيريس هو ۽ گهڙيءَ گهڙيءَ وات مان رت پئي آيس. مون اها سڄي رات ننڊ ڪانه ڪئي. مٿانئس ويٺو رهيس. گهڙيءَ گهڙيءَ ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي وٺي ٿي آيس. اياز، پنهنجي ڪتاب ۾ پاڻ ئي ذڪر حرف بحرف ڪيو اٿس. جمال به انهيءَ ئي محبت ۽ سڪ سان اسپتال ۾ سندس خدمت چاڪري ڪئي. سنڌ ۾ هن وقت جيڪي جغادري اديب سڏجن ٿا، تن مان ڪير به کيس ويجهو ڪونه آيو. بهرحال اياز چاق ٿيو، ته اسپتال ڇڏي گهر ويو.

اياز يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسيلر ٿيو، ته ڀٽي صاحب کي چئي مون کي پرو- وائيس چانسيلر ڪرايائين، چيائينس ته، ”مون کيSECOND IN COMMAND منهنجو دوست ڏيو.“ اهڙيءَ ريت جمال رند کي به سٺو عهدو ڏنائين. مطلب هئس، ته ”ٽيم ورڪ ٿي ڪم ڪجي.“ جوئي صاحب کي وڏو عهدو ڏنائين پر هن پاڻ ڇڏي ڏنو. نثار ميمڻ، سراج ۽ جمال ابڙي کي سئنڊيڪيٽ جو ميمبر ڪرايائين. ڪن استادن کي اياز جي مقرري پسند ڪانه هئي، سو سندس خلاف چرپر ڪيائون. اياز ويو، سو ڀٽي صاحب کي وڃي ڳالهه ڪيائين. ڀٽي صاحب وزير اعليٰ سنڌ جتوئيءَ کي چيو ته، ”کين نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏ.“ هن ائين ئي ڪيو. انهن ۾ هڪ ڄڻو جمال رند جو گهاٽو دوست هو. اڳتي هلي، اياز، جمال تي الزام هنيو، ته هو درپرده انهيءَ شخص جي معرفت سندس خلاف سازش ۾ شامل هو. سو، کيس سڏي چيائين ته، ”تو مون کي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو آهي. اشرافت سان استعيفا ڏئي هليو وڃ.“ حقيقت اها هئي، ته جمال سراسر معصوم هو ۽ اياز جو ورهين جو يار هو. سُورُ پي ويو. ڪڇيائين پڇيائين ڪونه. اياز کي استعيفا ڏيئي گهر هليو ويو.

جڏهن ڳالهه ٺري ۽ مهينو ٻه گذري ويا، ته مون اياز کي سندس غلطيءَ جو احساس ڏياريو. اول ته کيس جمال جي معصوم هجڻ تي اعتبار ئي ڪونه اچي، پر آخرڪار غلطي قبول ڪيائين. جمال جو ڪو عزيز فوت ٿي ويو هو. مان فاتحه ڏيڻ جي بهاني سان اياز کي وٺي جمال جي جاءِ تي ويس. پر، غلام فريد جي ٻوليءَ ۾:

رٺي يار ڏاڍي اوکي منيندي.

جمال ملڻ کان انڪار ڪيو. اياز سخت پشيمان ٿيو. پر، ڪري ڪجهه ڪونه سگهيو. ڏاڍو اٻاڻڪو ۽ اداس ٿي پوئتي موٽيو. گهڻو پوءِ مون کي خبر پئي ته جمال کي ڪو شڪ هو ته اياز مون سان ڳالهه ڪري پوءِ سندس نوڪري ختم ڪئي هئي. جڏهن خبر پيس ته رڳو وقت جو ٿورو گهڻو فرق هو. اياز پنهنجي خودغرضيءَ جو جيڪو نسخو مٿس آزمايو هو، سو مون تي به استعمال ڪيائين، تڏهن پنهنجو زخم ته وسري ويس، پر کيس مون سان همدردي ٿي وئي.

 هڪ ڏينهن ٿڌو ساهه کڻي چيائين ته، ”جيڏو وڏو شاعر آهي، اوڏو ننڍو ماڻهو آهي. هڪ ڏينهن ماڻهن کان هي سڀ ڳالهيون وسري وينديون. هو سندس ڪلام تي ڪنڌ ڌوڻي چوندا ته سائين، سنڌ واهه جو ماڻهو پيدا ڪيو هو.“

جمال رند، اياز کان ڏکويل ته ڏاڍو هو. پر، سندس باري ۾ بغض سانڍڻ وارو ڪونه هو. جڏهن اياز وفات ڪئي، تڏهن وري به اسان ٽيئي ڄڻا- يعني جويو صاحب، مان ۽ جمال رند. ڪراچيءَ حميد آخوند سان، ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي اياز جي مزار تي ڪا ڇٽي، ڪو ڇاپرو ٺهرائڻ لاءِ ملڻ وياسين. آخوند سيڪريٽري ڪلچر هو. جمال رند ڪراچيءَ ويندي، ”اياز يادگار ڪميٽي“ ٺاهڻ جي تجويز ڏني، پر، حميد آخوند فائونڊيشن ٺاهڻ جو مشورو ڏنو. اياز فائونديشن ته ٺاهيوسون، پر پئسا ڪٿان اچن؟ اسين سڀ سُڃا سِر! هزار هزار رويپا به الائي ڪيئن فائونڊيشن جي رجسٽريشن لاءِ ڀرياسين!

مدد علي سنڌيءَ، شاهه محمد شاهه ۽ سندس دوست راڄپر جي ڪوشش سان ڀٽ شاهه ۾ اياز جي ياد ۾ جلسو ڪيو. چيف منسٽر جلسي ۾ آيو. مهتاب راشديءَ ساڻس اڳواٽ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، سو، چيف منسٽر جلسي ۾ فائونڊيشن لاءِ ڏهن لکن جي مدد جو اعلان ڪيو. مهتاب مرڪي ڪنڌ ورائي، اسان ڏي داد طلب نگاهن سان نهاريو، اسان پوئينءَ قطار ۾ ويٺا هئاسين. سندس شڪريو ادا ڪيوسين. پنڊال ۾ وڏڦڙي مينهن وانگر تاڙين جا وسڪارا ٿي ويا، پر اڳتي هلي فائونڊيشن کي مليا ڏهه رپيا به ڪونه!

جويي صاحب مسز مهتاب راشديءَ کي گهڻئي دفعا چيو، ته تڏهوڪي چيف منسٽر لياقت جتوئيءَ کي يادگيري ڏياري، جو پاڻ ئي اها امداد کانئس منظور ڪرائي هئائين، پر وريو ڪجهه به ڪونه.

لياقت جتوئي سڀني جو مٿو ڪُوڙي ويو.

اياز جي دوستن ۾ سڀ سڃا ڪونه هئا. ڪي آسودا به هئا، پر، جيتريقدر مون کي معلوم آهي ته اياز جي مقبري ٺهرائڻ لاءِ فقط نثار ميمڻ، جويي صاحب کي ڏهاڪو هزار رپيا امداد ڏني. اها ڳالهه مون سان نثار پاڻ ڪئي هئي. ٻيو ٿيو ڀلو.

فائونڊيشن ڀڳڙن جي مُٺ تي ڪونه هلندا آهن. انهي کي هلائڻ لاءِ پئسا کپن اهي اسان وٽ ڪونه هئا. تنهن هوندي به فائونڊيشن اياز جا ٻه چار ڪتاب ڪڍيا ۽ جلسا ڪيا. مون هٿ پير هڻي، جنرل معين الدين حيدر، گورنر سنڌ سان ملاقات ڪئي ۽کانئس پنجاهه هزار رپيا وٺي فائونڊيشن کي ڏنم. جنهن مان اياز جي ”آتم ڪهاڻي“ جو آخرين جلد ڇپجي ويو.

فائونڊيشن ٺهيو هو ته جويي صاحب اياز جا چونڊ دوست چونڊي ويهارو کن ڄڻا ميمبر ڪيا هئا. پر، آهستي آهستي سڀ پوئتي ٿيندا ويا. نيٺ، رڳو ٽي چار ڄڻا وڃي بچياسون. اهو ڏسي مون جويي صاحب کي مشورو ڏنو ته ٽي چار نوجوان کڻون، ته ڪجهه ڪم اڳتي هلي، پر هن ائين ڪونه ڪيو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته مس مس هڪ اهڙي ڄڻي جو نالو کنيائين، جنهن نڪي ته اياز ڏٺو هو ۽ نه وري کيس سڃاڻندو هو. بلڪه، فائونڊيشن ۾ سندس ڪا دلچسپي ئي ڪانه هئي. نتيجو اهو نڪتو ته فائونڊيشن ۾ اهي ئي ٽي چار ڄڻا رهياسين.

اڳتي هلي فائونڊيشن جو هڪ ٻه جلسو ٿيو، جنهن جو مورڳو مون کي به اطلاع ڪونه مليو، توڙي جو فائونڊيشن جو سيڪريٽري جنرل مان ئي هئس. ائين جمال رند وانگر منهنجو روح به فائونڊيشن مان کٽو ٿي ويو. نيٺ، فائونڊيشن جا ٽپڙ پورا ٿي ويا.

سالن کان پوءِ، سنڌ يونيورسٽيءَ شيخ اياز ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ اياز جو فقط نالو استعمال ٿيو.

فائونڊيشن جي خاتمي کان اڳ، جمال رند جي هڪ ڳالهه ياد ٿي اچي ته سال کن لاڳيتو دانهون ڪيائين ته لوهه هينئر تتل آهي، پبلڪ کي اياز فائونديشن جي مدد لاءِ اپيل ڪجي، ته ڪم هلائڻ لاءِ چار پئسا ملندا ۽ انهن مان ڪونه ڪو چڱو ڪم ٿي ويندو. پر، الائي ڇو جويو صاحب ان ڳالهه جي سخت خلاف هو. سو، ڳالهه ٿڌي ٿي وئي. بلڪه مري ٺري وئي. ان کي ڪيئي سال گذري ويا. هڪ دفعي جويي صاحب جمال ۽ مون کي چيو ته، ”هاڻي پبلڪ کي چندي لاءِ اپيل ڪريو.“

اسان ته وائڙا ٿي وياسين ”مَري پَرُ سال ۽ پٽجي هن سال“ واري ڳالهه ٿي! پر جوئي صاحب جمال کي چيو ته دير نه ڪريو. اپيل جاري ڪريو، سندس زور ڪري لاچار ڪئيسون. پائي به ڪانه ملي.

اهو به شڪر جو اياز جي عزت آبروءَ واري تربت ٺهي ويئي، جنهن ۾ وڏو ڪنٽريبيوشن حميد سنڌيءَ جو آهي. سندس ننڍي ڀاءُ شمس وڏيءَ سڪ سان قبر تي ڪاشيءَ جي جڙاوت ڪرائي، پر، سنڌ جي ڪنهن به سماجي تنظيم، سياسي جماعت يا ادبي اداري يا سنڌ جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ، ڪا به دلچسپي ڪانه ورتي. مدد علي سنڌي چيف منسٽر هائوس ۾ ملازم هو. ڪا پنهنجي ڪوشش ڪيائين، پر اسان سان صلاح سباب ئي ڪانه ڪيائين.

اياز هن دؤر ۾ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو، پر مئي پڄاڻان اهو ٿيو! سندس تازو ڄم جو ڏينهن هو، سو هڪڙيءَ اخبار ٽوڪ ڪري لکيو ته نڪي ته ڪلچر کاتي سندس قبر تي ڪو گل رکيو ۽ نه وري سندس اولاد مان ڪو تربت تي حاضري ڏيڻ ويو.

ماڻهن جا اهي پرڪار ڏسي، جمال رند جي پوين ڏينهن ۾ سياست، صحافت ۽ ادب ۾ نالي ماتر دلچسپي وڃي بچي. مذهبي ماڻهو هو. پر، ان جي نمائش ڪونه ڪندو هو. سندس مامو مرحوم غلام عباس اهل تشيعت هو، جنهن جو مٿس وڏو اثر هو. هن ئي پاليو پڙهايو هئس. جمال صبح جي نماز پابنديءَ سان پڙهندو هو. مون تي ٽوڪ ڪندو هو ته، ”تون سست آهين. رڳو سانجهيءَ جي نماز پڙهين ٿو.“ جڏهن خبر پيس ته هاڻي ڪڏهن ڪڏهن فجر ۽ جمعي جي نماز به پڙهان ٿو، ته ڏاڍو خوش ٿيو.

مان سانگهڙ ضلعي ۾ ٻه دفعا سندس ڳوٺ ويس نالو رکيو هئائينس: ”سهڻي ڌرتي“ سندس ڳوٺ جي ٻاهران سندس اوطاق هئي. اتي ڪچهري ڪئيسون. اوطاق جي ٻاهران وڏو جهنڊو لڳل هو. ٻئي دفعي يا ٽئين دفعي سندس ڀاڻيجي الطاف رند جي دعوت تي وياسين. ايڪڙن ۾ شاميانو هڻايو هئائون. غالباً شاديءَ جي ڪا تقريب هئي. موٽرون ۽ پجيرا گاڏيون بيٺيون هيون. جمال جو ڀاڻيجو وڏو آسودو  ماڻهو هو، پر جڏهن ننڍو هو ته جمال رند پبلڪ اسڪول ۾ استاد هو. وٽس رهندو هو. سو، مون سان جمال جي پٽ قائم وانگر گھرو گهاٽو هو.

جمال زندگيءَ جي پوئين پهر ۾، پنهنجي ڌنڌي، روزگار تي توجهه ڏنو. حيدرآباد ۾ پنهنجي جاءِ جوڙايائين. ٻني ٻاري ڏي نگاهه ڪيائين. پبلڪ اسڪول ته ڪڏهوڪو ڇڏي ڏنو هئائين. اول ونڊسر هوٽل وٽ ۽ پوءِ قاسم آباد ۾، پنهنجو خانگي اسڪول کوليائين. اهو جهڙو تهڙو هلي رهيو هو ته بيماريون وٺي ويس. شگر جو گهڻي زماني کان مريض هو، پوءِ دل جو عارضو به ٿيس. علاج ڪندو رهيو. پوين ڏينهن ۾ اڪثر ناچاق هوندو هو. اسان ٻنهي جي ميل ملاقات ۾ ڪڏهن به ناغو ڪونه آيو. سو، سدائين ٻڌائيندو هوته ”رات به بخار آيو هو. اڄ به طبيعت خراب آهي.“

مون ڏاڍيون منٿون ڪيس ته اهي ڳالهيون سڀ ڳڻتيءَ جون ڳالهيون آهن. تون هڪ ڀيرو ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي ڪراچيءَ ۾ پاڻ ڏيکار. مون کي جواب ڪونه ڏنائين. پوين ڏينهن ۾ فقط مان، جمال ۽ حسن ڀٽو وڃي پاڻ ۾ گڏ رهياسين.

قدرت ته پنهنجو حساب ڪتاب پورو رکي ٿي. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”زندگيءَ جي گهڙيال کي چاٻي رڳو هڪ دفعو ايندي آهي. انهيءَ جا ڪانٽا هلي هلي، آخر ڪٿي ته بيهندا.“ نيٺ اهو ڏينهن آيو. مان ڪراچيءَ ۾ هئس ۽ ڪنهن صاحب سان ذاتي مجبوريءَ ڪري ملڻ ٿي ويس. اڃا گاڏي سندس گهر جي دروازي وٽ مس پهتي، ته حيدرآباد مان منهنجي گهران فون آئي ته، جمال رند اڄ هيءُ جهان ڇڏي ويو!“ غم ۾ ٻڏي ويس. اکين جا ڳوڙها لڪائي، صاحب موصوف سان مختصر ڳالهه ڪري، موٽي پنهنجي ريسٽ هائوس ۾ آيس ۽ سڄو ڏينهن ڏک ۾ گذاريم. ڪمري مان ڪاڏي ڪونه نڪتس. جمال جي فاتحه پنهنجي پاڻ کي ڏنم.

 استاد اظهار حسين

نوشهري فيروز جو مدرسو هاءِ اسڪول، ڊڀري جي سخي مرد، سيدالله آندي شاهه ٺهرايو هو. انهيءَ کان اڳي سنڌ ۾ مسلمان شاگردن لاءِ فقط حسن علي آفنديءَ جو ڪراچيءَ ۾ ٺهرايل سنڌ مدرسو هوندو هو. هونئن ته سنڌ ۾ هاءِ اسڪول گهڻا هئا. پر، هندن جي تسلط هيٺ هئا، جن ۾ مسلمان شاگردن کي داخلا ملڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه هئي.

نوشهري مدرسي کي ٺهئي هاڻي سو سال ٿي ويا آهن. سو،  سائين الله آندي شاهه جي پوٽي، سيد ظفر علي شاهه، ڪجهه عرصو اڳ، انهيءَ جو ”سو ساله جشن ملهايو. جنهن جي صدارت ملڪ جي تڏهوڪي صدر فاروق لغاريءَ ڪئي. ڊاڪٽر دائودپوٽي سميت مدرسي جي پيدا ڪيل ڏهاڪو کن ذهين شاگردن کي شيلڊون ڏنائون: جنهن ۾ منهنجو نالو به شامل ڪيائون ۽ ”شليڊ“ مون کي اسلام آباد ڏياري موڪليائون. مان انهن ڏينهن ۾ اتي پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس ۾ چيئرمين هئس.

جڏهن نوشهري مدرسي ۾ پڙهندو هئس تڏهن اظهار حسين ڪاظمي منهنجو استاد هو. هندستان جي يو.پي. پرڳڻي ۾ ڪنهن ڳوٺ جو ويٺل هو. اتي ئي بي.اي. ۽ ايم.اي. ڪيائين. 1947ع ۾، پاڪستان ٺهيو، ته ٻين مهاجرن وانگر هجرت ڪري آيو ۽ نوشهري فيروز ۾ ماستر مقرر ٿيو. قد جو ڊگهڙو. بت ۾ پورو پنو. رنگ جو ڪجهه سانورو. پر، منهن مهانڊي وارو ۽ ڳالهائڻ ٻولائڻ ۾ چست چالاڪ. چهري تي اڪثر مرڪ هوندي هئس. محبتي ماڻهو هو. غريبن سان همدردي هئس. لٽي ڪپڙي ۾ سادو، پر، پڙهائڻ ۾ هوشيار هو. قلم ۽ ڪتاب سان دل هئس.

1947ع ۾، هندو استادن جي هندستان لڏي وڃڻ ڪري ساهتي پرڳڻي جا اڪثر انگريزي هاءِ اسڪول، مثال طور، هالاڻيءَ، ڪنڊياري ۽ ڀرين وارو بند ٿي ويا. سو، انهن اسڪولن مان گهڻا ئي شاگرد اچي نوشهري مدرسي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيا. مان به انهن ۾ هڪڙو هئس. نوشهري مدرسي ۾ وڏي سهوليت اها هئي، ته اسڪول سان گڏ، رهائش لاءِ سٺي هاسٽل به هئي. پهرين تاريخ جي چنڊ جي شڪل ۾ ٺهيل هئي.

جڏهن مون نوشهري مدرسي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي تڏهن هيڊ ماستر، ڪي. ٽي. نندا هو، جو سک هو. پر، اهو به ستت هندستان هليو ويو. فقط سنڌي مسلمان ماستر رهيا ۽ هندستان مان ٽي مهاجر استاد اسڪول ۾ آيا: استاد اظهار ڪاظمي آخر ۾ آيو.

اظهار حسين ڪاظمي به ٻين مهاجرن وانگر اڪثر ڪري، ڪڙتو، پاجامو ۽ مٿان ڪاري شيرواني پائي اسڪول ۾ ايندو هو. سندس مادري زبان اردو هئي. پر، انگريزي تمام سٺي ڄاڻندو هو. اسان کي اردو انگريزيءَ کان وڌيڪ سولائيءَ سان سمجهه ۾ ايندي هئي، سو، اردوءَ ۾ پڙهائيندو هو، سنڌ ۾ اردو اڃا عام ڪانه ٿي هئي ۽ نڪي وري ڪڙتي پاجامي ۽ شيروانيءَ جو لباس رائج ٿيو هو. اڃا به ڪونه ٿيو آهي. پر، شاگرد سندس لباس نظرانداز ڪري، استاد اظهار حسين ڪاظميءَ جي شخصي اخلاق قرب ۽ اخلاص ڪري، شاگرد رفته رفته ساڻس مانوس ٿيندا ويا. کين ذهني طرح هوشيار ڪرڻ لاءِ، نصابي ڪمن کان علاوه، ڊبيٽنگ - سوسائٽي ٺاهي، جنهن جي بحث مباحثن ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. سو، اسڪول ۾ سندس مقبوليت روز بروز وڌندي وئي. هو اسان کي ڪلاسن ۾ ته ڪڏهن به ڪنهن غير نصابي موضوع تي ڪوبه ننڍو وڏو سبق ڪونه ڏيندو هو. پر، ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ ۾ بحث مباحثي جا موضوع مختلف هوندا هئا. سو، عام شاگرد نصابي ڪتابن کان علاوه علمي معاملن ۽ زندگيءَ جي ٻين ڳالهين ڏانهن به متوجهه ٿيا. اهو سڀ استاد اظهار ڪاظميءَ جي محنت جو نتيجو هو.

نوشهري مدرسي جي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن لاءِ مفت کاڌي جو انتظام هوندو هو ۽ نماز لاءِ مسجد هوندي هئي، جنهن ۾ حاضريءَ جو رجسٽر رکيل هوندو هو. جيڪو شاگرد نماز ڪونه پڙهندو هئا، سي، معتوب ٿيندا هئا. هاءِ اسڪول جي مٿين ڪلاسن ۾ ته عربي ۽ فارسي به پڙهائي ويندي هئي. عربيءَ جو استاد مولانا جان محمد ڀٽو هوندو هو، جو به استاد اظهار ڪاظميءَ وانگر شاگردن ۾ ڏاڍو مقبول هوندو هو. سخن جو سچو ۽ دلير شخص هو. اڳتي هلي ٻڌڻ ۾ آيو ته مولانا جان محمد ڀٽو، جماعت اسلاميءَ جو ڪارڪن هو. هڪ ڏينهن اوچتو ماٺ ميٺ ۾ سرڪاري ملازمت ڇڏي هليو ويو. جماعت اسلاميءَ جي قائم ڪيل منصوري واريءَ درسگاهه ۾ وڃي منتظم ٿيو.

استاد اظهار حسين ڪاظميءِ لاءِ وري عام رايو اهو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته مذهبي معاملن ۾ ماڳهن آزاد آهي. شهر جي وٽنري ڊاڪٽر سان دوستي اٿس، جيڪو به پنهنجن آزاد ۽ سوشلسٽ خيالن ڪري، نوشهري فيروز جهڙي ننڍڙي شهر ۾ مشهور هوندو هو. روزانو شام جو ٻئي ڄڻا ميل ٻه ميل شهر کان ٻاهر پنڌ ڪرڻ ويندا هئا.

استاد مولانا جان محمد ڀٽو ۽ اظهار حسين ڪاظمي، ٻئي ڄڻا، مون کي ذهين شاگرد هئڻ ڪري ڀانئيندا هئا. مولانا ڀٽو جماعت اسلاميءَ جا ننڍا ننڍا سنڌي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. گهڻا گهڻا سال پوءِ 1976ع ۾، مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرووائس چانسيلر ٿيس، ته جماعت اسلاميءَ سان وابسته ڪن شاگردن ڪو مسئلو اٿاريو. مون مولانا جان محمد ڀٽي کي منصوري ۾ ماڻهو موڪليو، پاڻ ڄامشوري آيو ۽ شاگردن کي اهڙي هدايت ڪري ويو جو، هنن وري ڪڏهن به ڪو مسئلو ڪونه اٿاريو. مولانا ڀٽو صاحب منهنجن مائٽن ۽ دوستن جي دعوت تي ٻه چار دفعا منهنجي ڳوٺ به آيو هو. وڏو لائق انسان هو.

اظهار ڪاظمي صاحب، مولانا ڀٽي وانگر مون کي ڪتاب ته ڪونه ڏيندو هو. پر، چوندو هو ته ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن جا ڪتاب پڙهڻ کپن، مثلاً فيض جو اردو ڪتاب ”نقش فريادي“ ۽ ملڪ راج آنند جو انگريزي ڪتاب ”ڪولهي“ تمام سٺا آهن. اهڙيءَ ريت، اظهار صاحب منهنجي دل ۾ ترقي پسند ادب ڏانهن رغبت پيدا ڪئي ۽ پروڙ پيم ته، ”ترقي پسند ادب جو پيغام، سماجي ۽ اقتصادي انصاف لاءِ جدوجهد آهي.“

اظهار صاحب کي ٻن ٽن سالن کان پوءِ لاهور ۾ ريڊيو اسٽيشن تي نوڪري ملي. اها خبر ٻڌي، شاگردن سندس مانَ ۾ الوداعي پارٽي ڪئي. انهيءَ ۾ ڏاڍيون دل ڀڄائيندڙ تقريرون ڪيائون. نه رڳو ايترو پر شاگردن جو وڏو ڊنبُ، نوشهري فيروز جي ريلوائي اسٽيشن تان ساڻس گڏجي ريل گاڏيءَ ۾ چڙهيو ۽ پڊعيدن جنڪشن اسٽيشن تي کيس ڇڏڻ هليو. گاڏي آئي، ته ننڍڙا شاگرد، سنڌ جي روايت موجب، کيس پيرين پئي مليا. منجهانئن ڪن جي اکين ۾ ڏک جا ڳوڙها هئا. معصومن جي اها محبت ڏسي، استاد اظهار صاحب جون اکيون به ڀرجي آيون.

ستت مون کي اسڪول ۾ لاهور مان ٽپال رستي سندس خط اچي مليو. انگريزيءَ ۾ لکيل هو. ڏاڍي خوشي ٿي. پنجاهه ورهيه گذري ويا آهن، پر سندس خط جو پهريون جملو مون کي اڃا ياد آهي ته، ”لاهور پهتس، ته تمام سخت برسات وسي رهي هئي.“

مون پنهنجيءَ جڏيءَ سڏيءَ انگريزيءَ ۾ کيس خط جو جواب لکيو. ائين اسان جي خط و ڪتابت شروع ٿي. هو مون کي سٺا ڪپڙا پائڻ جي شوق ڪرڻ کان جهليندو هو.  اعليٰ اخلاقي قدرن جي تعليم ڏيندو هو. خاص طرح غريبن سان همدردي ۽ محبت جو درس ڏيندو هو.

اسان جي اها خط و ڪتاب ورهين جا ورهيه هلي. جيڪڏهن پٿر جي مٿان به پاڻيءَ جو ڦڙو ڦڙو ڪرندو رهندو ته نيٺ پنهنجو اثر ڇڏيندو. انهيءَ ذهني تربيت سببان اعليٰ اخلاقي قَدُرَ“ منهنجو آدرش بنجي ويا. وڏيرن ۽ رشوتي ڪامورن لاءِ ڏينهون ڏينهن نفرت وڌندي وئي. پئسو مون لاءِ ”بي معنيٰ“ ٿي ويو. سڀ ڪجهه ”اخلاقي قدر“ هئا. سرڪاري نوڪريءَ مان سٺ سالن جي عمر ۾ رٽاير ڪيم ته رهڻ لاءِ (ڳوٺ جي ڪچيءَ جاءِ کان سواءِ) ڪنهن به شهر ۾ مٿي ڇانوَ ڪانه هيم ڇو ته پگهار پيٽ ۾ پوري ٿي ويندي هئي. ٻارن کي به سرڪاري اسڪول ۾ پڙهايم. بيڪن هائوس ۽ گرائمر اسڪول جو سوچي به ڪونه سگهيس. ڪنهن به شهر ۾ جاءِ ڪيئن ۽ ڪٿان ٺهرايان؟ سمجهه ۾ ڪونه ايندو هو ته مون جهڙا ٻيا سرڪاري ملازم عاليشان جايون ڪيئن ٿا جوڙائن؟ غلام مصطفيٰ شاهه ڪنهن سرڪاري سهوليت پلاٽ وغيره جي الاٽمينٽ لاءِ مرحومه شهيد بينظير ڀُٽي صاحبه سان ڳالهه ڪڍي هئي ته کيس جواب ۾ چيائين ته، ”سڄي عمر ڇا ۾ وڃائي اٿس؟“ جواب ٻڌي چپ ٿي ويس.

مان اڃا نوشهري ۾ مئٽرڪ جي ڪلاس ۾ پڙهي رهيو هئس ته هڪ دفعي استاد اظهار صاحب کي سرڪاري طرح لاهور مان ڪراچيءَ اچڻ جو موقعو مليو. واپسيءَ تي سڌو لاهور موٽڻ بدران پڊعيدن اسٽيشن تي لٿو، جتان نوشهري ۾ آيو ۽ پنهنجي دوست وٽنري ڊاڪٽر وٽ رهيو. مون لاءِ تحفي طور، چارلس ڊڪنس جو ٻارن لاءِ هڪ ڪتاب وٺي آيو. ساڻس ملي ڏاڍي خوشي ٿي.

اظهار صاحب ڪجهه عرصي کان پوءِ لاهور مان راولپنڊيءَ بدلي ٿي ويو. اتي ريڊيو جي ڊرامن ۾ حصو وٺڻ لڳو، جن ۾ عورتون ۽ مرد ٻئي شريڪ ٿيندا هئا. ائين هڪ ڇوڪريءَ سان سندس دعا سلام ٿي، جنهن سان آخرڪار شادي ڪيائين. سندس پنهنجا والدين لاهور ۾ هوندا هئا، جيڪي ٻڍا ٿي ويا هئا. هڪڙي ڀيڻ هئس، جنهن جي شادي ڪرائي ڇڏي هئائين. اهي سڀ ڳالهيون پاڻ ئي مون کي خطن ۾ لکيون هئائين.

مان نوشهري فيروز مان مئٽرڪ پاس ڪري، اول حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ ويس. سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي اديبن سان لڳ لاڳاپو ٿيم. تڏهن ادبي سنگت فقط ڪراچيءَ ۾ ئي هئي. شروع شروع ۾ افسانا لکيم، جن جو مرڪزي موضوع ”اقتصادي انصاف“ هو. حميد سنڌيءَ انهن افسانن جو مجموعو ”آب حيات“ شايع ڪيو، جنهن جو انتساب اظهار صاحب کي ئي ڪيم. خوش ٿيو. نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيائين.

پر، حيدرآباد جي ڪاليج ۾ پڙهندي، آهستي آهستي احساس ٿيم، ته اسان جي ورهين کان هلندڙ خط و ڪتابت آهستي آهستي ڇٽي پاٽي ٿيندي ٿي وئي. جڏهن مون وٽان پنج ست خط ويندا هئا، تڏهن استاد صاحب وٽان جواب ۾ هڪڙو خط ايندو هو. هڪڙي خط ۾ لکيائين، ته  ”هاڻي تون پاڻ عاقل ۽ بالغ آهين. توکي ڪنهن به درس تدريس جي ضرورت ڪانهي.“

تاهم، مان اڳي وانگر کيس پابنديءَ سان خط لکندو هئس، جن ۾ اڳي وانگر کيس هر ڳالهه لکندو هئس. ساڻس جيڪا عقيدت هئم. ان ۾ رتيءَ برابر به فرق نه آيو.

هڪ دفعي، قسمت سانگي مون کي ڪنهن سرڪاري ڪم سان لاهور وڃڻ جو پهريون ڀيرو موقعو مليو. سن ۽ سال ياد ڪونهي. شايد 1959ع هو يا 1960ع هو. لاهور ڏسڻ جي ته خوشي هئم. پر، اظهار صاحب سان ملاقات جو شوق حد حساب کان ٻاهر هئم. لاهور پهتس. هوٽل ۾ ٽڪيس ۽ سرڪاري ڪم ڪار لاٿم. فارغ ٿيس ته اظهار صاحب کي سندس فون نمبر تي راولپنڊيءَ ڪال ڪيم. تڏهن سڌي فون ڪانه ٿيندي هئي. ڪال بڪ ڪرائڻي پوندي هئي. بيچينيءَ سان سندس جواب جو انتظار ڪندو رهيس. اڌ رات گذري وئي. پر فون جي گهنٽي ڪانه وڳي. سو، ڏاڍو مايوس ٿيس. پر، وري صبح سان کيس فون ڪيم ته لڳي وئي. مون کيس چيو ته، ”گذريل رات گهر ۾ اوهان کي منهنجو پيغام ڪونه مليو هو؟“ چيائين ته، ”مليو هو. پر، ڪنهن مجبوريءَ ڪري، موٽ ۾ فون ڪري ڪونه سگهيس.“ مون کيس چيو ته، ”اوهان سان ملڻ لاءِ ”اڄ تيزرو گاڏيءَ ۾ راولپنڊي اچي رهيو آهيان.“

ريل گاڏي شام جو پنڊيءَ پهتي. مان بئگ کڻي هڪ ننڍڙيءَ هوٽل ۾ هليو ويس. اتان کيس فون ڪيم. پاڻ اڌ ڪلاڪ کن ۾ ڪار ڪاهي آيو. هوٽل مان بئگ کنئيسون. سڌو سندس گهر وياسين. گهر واريءَ سان متعارف ڪرايائين. مون کي گهر ۾ ڏاڍي آرام سان رکيائون. کاڌي پيتي، هنڌ بستري جو خاص خيال ڪيائون. رات ڳالهه ٻولهه ۾ گذري وئي. صبح جو مون کي ريل گاڏيءَ ۾ واپس ڪراچيءَ موٽڻو هو. گڏجي سندس آفيس آياسين. اتي پنج پندرنهن منٽ ويٺاسين، ته مون کيس چيو ته، ”هاڻي ريل گاڏيءَ جو ٽائيم ٿيو آهي.“ آفيس مان ٻاهر آياسين. روڊ تان ڪا ٽئڪسي اچي لنگهي. ۽ اشاري ڏيڻ تي بيٺي. استاد اظهار صاحب، بيٺي بيٺي، ٻانهن ڊگهي ڪري، هٿ ڏئي، مون کان موڪلايو. اسٽيشن تائين ڇڏڻ ڪونه آيو.

راولپنڊيءَ مان ريل رستي ڪراچيءَ جو سفر ڪافي ڊگهو آهي. پر، گذري ويو. زندگيءَ جو سفر به ائين ئي آهي. زندگيءَ جي سفر ۾، ڪي خوشيءَ جون گهڙيون اهڙيون به اينديون آهن، جن جي ياد ورهين کان پوءِ به ذهن تان ڪانه لهندي آهي. ساڳيءَ طرح غم جون به ڪي گهڙيون اهڙيون ٿينديون آهن، جن جي  ياد پڻ دل تي دائمي داغ هوندي آهي.

جڏهن استاد اظهار حسين مون کان ريڊيو اسٽيشن جي ٻاهران، بيٺي بيٺي، ٻانهن ڊگهي ڪري، هٿ ڏئي موڪلايو، ته منهنجيءَ دل کي ڌڌڪو آيو. ان مهل ته غم پي ويس. پر، ريل گاڏيءَ ۾، راولپنڊيءَ کان ڪراچيءَ تائين، سندس روش تي سوچيندو آيس. ڪيترائي سوال ذهن ۾ اڀرڻ لڳا. مثال طور هي سوال ته وري وري اٿڻ لڳو ته  پنڊيءَ ۾ کيس گهر ۾ منهنجو فون جو اطلاع مليو، پر، پوءِ به هن صبح جو به مون کي جوابي فون ڇو ڪانه ڪئي. ٻيو ته پنڊي ريڊيو اسٽيشن جي آفيس جي ٻاهران هن مون کان موڪلايو، ته مون سندس چهري تي ڪنهن به قسم جي افسوس جو اظهار ڪونه ڏٺو!

سوچي سوچي ائين محسوس ڪيم، ته جيڪو شخص اسان کي نوشهري فيروز ۾ پڙهائيندو هو ۽ لاهور بدلي ٿيڻ کان پوءِ سالن جا سال مون کي شفقت ڀريا خط لکندو هو. سو، راولپنڊيءَ واري شخص کان مختلف ماڻهو هو.

انهيءَ جو مطلب ته ماحول ۽ وقت مٽجي وڃڻ سان ماڻهو به مٽجي وڃي ٿو. اها سوچ ڏاڍي ڏکوئيندڙ هئي. نتيجو اهو نڪتو، ته اسان جي خط و ڪتابت ختم ٿي وئي. ورهين جا ورق وري ويا. هن جا اخلاق، سچائيءَ ۽ سڀني سان محبت وارا سبق ياد اچڻ لڳا. پر، پنڊيءَ واري سندس روش انهن جي نفي هئي.

وري هڪ دفعي منهنجو پنڊيءَ وڃڻ ٿيو. نيشنل سينٽر وارن مون کي سنڌي ادب تي ليڪچر واسطي سڏيو. تڏهن مان سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري مقرر ٿيو هئس. اهڙو ڪو تڪڙو پروگرام هئن، جو جهاز جي ٽڪيٽ موڪليائون، ته متان اچڻ ۾ دير ڪري. ان زماني ۾ ”فلئش مئن“ پنڊيءَ جي سٺي ۾ سٺي هوٽل هوندي هئي. انٽر ڪانٽيننٽل اڃا ڪانه ٺهي هئي. ڀٽو صاحب ۽ ٻيا سرڪاري مهمان به اتي ٽڪائيندا هئا. مون کي به ان ۾ ”پريذيڊنٽ سوٽ“ ۾ ”معزز مهمان“ ڪري رهايائون. اظهار صاحب کي فون ڪيم. ٻڌي خوش ٿيو. آيو ۽ ليڪچر لاءِ مفيد مشورا ڏنائين.  فارغ ٿيس، ته بئگ ڪار ۾ وجهي، گهر هليو. ڏينهن اڌ وٽس ٽڪيس. حيدرآباد موٽيس، ته پهرئين ئي ڏينهن قاضي محمد اڪبر صاحب ”عبرت“ جي زيرِ تعمير عمارت اڳيان مليو ۽ ليڪچر جي مبارڪ ڏنائين. ”عبرت“ اخبار ۾ ان جي سٺي خبر ڇپائي هئائين. مون سندس شڪريو ادا ڪيو.

هاڻي ياد ڪونه اٿم، پر، ستت منهنجو وري ڪنهن ڪم سانگي پنڊيءَ وڃڻ ٿيو. موٽ تي رڳو اظهار صاحب سان ملڻ لاءِ لاهور لٿس، ڇاڪاڻ ته سال کن ٿيو هو، جو پاڻ به پنڊيءَ مان وري لاهور بدلي ٿي ويو هو. لاهور ۾ مال روڊ تي ”انڊس هوٽل“ ۾ ٽڪيس. اتي آيو. هوٽل ۾ ڪچهري ڪئيسون. چيائين ته، ”صبح جو توکي ايئرپورٽ تي ڇڏي ويندس، پر هينئر ماني کائڻ لاءِ گهر هلون ٿا.“ ”انڊس هوٽل“ جي ماني عمدي هئي، پر، سندس خواهش موجب، ڪار ۾ ويٺاسون. مون رستي تي کيس ٻڌايو ته، ”ڪن مهينن کان گڙدي جي تڪيلف ۾ مبتلا آهيان، جنهن جو سور ايڏو ته سخت ٿئي ٿو، جو اصل ڪهڪائجي ويو آهيان. سو، کاڌي پيتي ۾ سخت پرهيز ڪريان ٿو.“

اظهار صاحب جو گهر چڱو پرڀرو هو. هو منهنجي ڳالهه ته ٻڌندو رهيو. پر، هلندي هلندي، هڪ هنڌ ڪار بيهاري، رستي جي فٽ پاٿ تان هڪڙي ڪبابيءَ کان درجن کن ڪباب ورتائين. ڍڳي جي گوشت جا هوندا. سندس گهر پهتاسون. منجهند جو رکيل ساڳ ۽ سڪل ماني کڻي آيو. مان مسڪين ماڻهو آهيان. جائي جواري جيڪا آئي، سا بسم لله. فٽ پاٿ تان جيڪي ڪباب ورتا هئائين، تن کي ته مون رڳو سندس دل رکڻ لاءِ نالي ماتر هٿ لاتو. پوءِ به اڌ رات جو اچي ٿو هوٽل ۾ گڙدي جو سور پوي! نه اوهي، نه واهي. نه دوا نه درمل. بس، الله ڏئي ۽ بندو سهي. سڄي رات ڦٿڪندو رهيس. اظهار صاحب صبح جو آيو. ساڻس ڳالهه ڪيم. فقط خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو. ٻيو ته ٺهيو همدرديءَ جو اکر به ڪونه چيائين. البت ايئرپورٽ تي سو ڇڏي ويو.

1976ع ۾ مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو - وائيس چانسيلر مقرر ٿيس، ته ايران سرڪار مون کي پير سائين حسام الدين راشديءَ جي مشوري موجب پنهنجي ملڪ جي ثقافتي دوري جي دعوت ڏني، جنهن ۾ تهران، اصفهان، شيراز ۽ مشهد گهمڻ جو پروگرام شامل هو. انهيءَ سفر ۾، ٻيو همسفر منهنجو دلنواز دوست ۽ محسن نواب نور احمد خان لغاري هو. پاڻ اڪثر ڪري سعودي عرب ايندو ويندو هو. پر، منهنجو اهو پهريون پهريون غير ملڪي دورو هو. نواب صاحب مشورو ڏنو ته اسلام آباد وڃي، ايراني سفارتخاني مان ويزا پاسپورٽ ٽڪيٽ وغيره جو سڄو ڪم ڪار لاهي اچو، ته ”الاتوهار“ ڪيون ۽ هلي ايران گهمي اچون.

مان اسلام آباد ويس. ڪنهن هوٽل ۾ ٽڪيس. پر، اظهار صاحب کي فون ڪيم. پاڻ به، اسلام آباد بدلي ٿي آيو هو. ڪار ڪاهي آيو ۽ مون کي هوٽل مان گهر وٺي هليو. ڏينهن ٻه وٽس ٽڪيس. ڪم پورو ٿيو، ته حيدرآباد موٽڻ جي تياري ڪيم. جهاز جو ٽائيم ٿيو، ته بئگ کنيم. سندس گهر مان نڪرڻ کان اڳ سندس هر هڪ نياڻيءَ ۽ پٽ کي پنج پنج سؤ رپيا خرچي ڏنم. مون وٽ پئسا گهڻا ڪونه ٿيا هئا. پر، ائين ڄاڻي ٻجهي ڪيم، ته هو ائين نه سمجهن، ته منهنجي ڏينهن اڌ رهائش مٿن ڪا بار هئي. زماني جا رنگ ڏسي مان به هاڻي ڪجهه ڪجهه دنياداري سکيو هئس.

سال ٻن کان پوءِ، وري اسلام آباد وڃڻ ٿيو. منهنجو ڪو تمام ضروي ڪم هو. ايم.اين.اي. هاسٽل ۾ ٽڪيس. اظهار صاحب کي فون ڪيم، آيو. ذهن تي سندس انگريزيءَ جو اڃا به اثر هو. سو، چيومانس ته، ”ڪنهن ضروي ڪم سان حڪومت پاڪستان جي ڪنهن اعليٰ عملدار کي صبح جو هيءُ نوٽ ڏيڻو اٿم. خيال سان لکيو اٿم. پر، اوهان صبح جو اچي، رڳو مٿس نظر وجهي وڃو.“

صبح ٿيو. مان ناشتو ڪري، سندس انتظار ڪرڻ لڳس. نو، ڏهه، يارنهن، ٻارنهن ٿي ويا. اظهار صاحب اڳي نه اوري. فون به ڪانه ڪيائين، ته هيءَ مجبوري ٿي پئي اٿم، سو، اچي ڪونه ٿو سگهان لاچار، ڪاغذ کڻي وڃي واسطيدار آفيسر کي ڏئي، ڏکويل دل سان حيدرآباد موٽيس. سندس روش تي ڏاڍو غم ٿيو. پر، غم پي ويس. پيڻو پوي ٿو! پر دل تي دائمي داغ ڇڏي ٿو.

الائي ته ڪيترن ورهين جي وٿيءَ کان پوءِ اسان جي وري ملاقات ٿي. سو هيئن، ته قسمت منهنجو داڻو پاڻي ڪو اسلام آباد لکيو هو. سرڪار مون کي ايڪيڊمي آف ليٽرس ۾ وڏي عهدي تي مقرر ڪيو. اسلام آباد وڃڻو پيو. ڪجهه ڏينهن ترسي، کيس فون ڪيم. ملياسين، حالي احوالي ٿياسين. چيائين ته، ”اسلام آباد جو مکيه مسئلو آهي رهائش جي جاءِ. سو، ڳڻتي ڪانهي، جو سرڪار توکي تمام سٺو گهر ڏنو آهي. ]اهو قرب الاهي بخش خان سومري ڪيو هو، جو اتي وزير هو.[ باقي رهيو ان لاءِ ٿورو گهڻو فرنيچر وٺڻ، سو، تنهنجي ڀاڀي شاهده توکي خريد ڪرڻ ۽ گهر سيٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندي.“

ڀاڀي شاهده فون ڪانه ڪئي ۽ نه وري استاد اظهار صاحب يادگيري ڪئي. مون به انهيءَ خسيس ڪم لاءِ سندن ٿورو کڻڻ بدران پنهنجي همت پاڻ ڪئي. مسئلو ايڏو ڪو مشڪل به ڪونه هو. هونئن به منهنجون ساڻس وابسته توقعات ڪڏهوڪو ختم ٿي ويون هيون.

هڪ ڏينهن آفيس ۾ ويٺو هوس، ته اوچتو اظهار صاحب آيو ۽ ريڊيو پاڪستان واري پنهنجيءَ آفيس ۾ وٺي هليو، رازداريءَ ۾ ٻڌايائين ته، ”هتان جان ڇڏائي اٿم ۽ آمريڪا وڃي رهيو آهيان، جو ريڊئي وارا مون کي باغيانه خيالن جو ماڻهو سمجهن ٿا.“ ان کان پوءِ چيائين ته، ”P.N.C.A فلاڻيءَ تاريخ منهنجي الوداعي دعوت ڪندا. تون ضرور اچجانءِ. مون تقرير ڪندڙن ۾ تنهنجو نالو ڏنو آهي.“ بعد ۾ P.N.C.A جي ڊئريڪٽر به مون کي فون ڪئي ۽ يادگيري ڏياري.

مان مقرر تاريخ تي ڄاڻي ٻُجهي لاهور هليو ويس ۽ اتي ٻه ٽي ڏينهن ٽڪي پيس. هڪ ڏينهن ”چيئرنگ ڪراس“ وٽان لنگهڻ ٿيو. ٽئڪسي واري ”چيئرنگ ڪراس“ نالو کنيو، ته مون کيس چيو ته، ”اتي ترس.“

ٽئڪسيءَ واري چيو ته، ”شايد، ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“

مون ”هائو“ ڪئي ۽ کيس چيم ته، ”ورهين جي ڳالهه آهي، سو، چٽي يادگيري ڪانهي. پر، هت ڪا پوسٽ آفيس آهي ڇا؟ اها ڏسڻي اٿم.“

هن کي پوسٽ آفيس جي خبر ڪانه هئي. مان اداس اداس نظرن سان هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳس. ڳالهه فقط ايتري هئي، ته گهڻا گهڻا سال اڳي، جڏهن مان اڃا ٻار هئس ۽ نوشهري مدرسي اسڪول ۾ پڙهندو هئس، ته هڪ ڏينهن استاد اظهار صاحب جو خط اچي مليو هو، جنهن جي مٿان ”چيئرنگ ڪراس“ پوسٽ آفيس جي مهر لڳل هئي. سندس خط جا شروعاتي جملا هيءُ هئا:

“WITH TEARS IN MY EYES, I HAVE JUST READ YOUR LETTER. THROUGH WHAT LAND OF SORROW HAVE YOU BEEN WALKING, MY BOY?”

لاهور مان موٽي اسلام آباد پهتس، ته استاد اظهار حسين آمريڪا روانو ٿي چڪو هو. ٻن ٽن سالن کان پوءِ پاڪستان آيو. سندس ڪنهن عزيز جو قضيو ٿيو هو. مون کي فون ڪيائين. ملياسين. سندس گهر فقط اسان ٻئي ڄڻا ڪمري ۾ اڪيلا ۽ خاموش ويٺا رهياسين. موتيءَ فوتيءَ جو ماحول گنڀير ٿئي ٿو. ماڻهو انهن سان ئي گهڙي گڏ گذارڻ چاهيندو آهي، جيڪي دل کي ويجها هوندا آهن. سيارو هو. جڏهن اڌ رات لڙي وئي، تڏهن پاڻ ئي مون کي چيائين ته، ”تون هاڻي هل، مان سڀاڻي تو وٽ گهر ايندس.“

ٻئي ڏينهن گهر آيو. گڏجي ماني کاڌيسون. جيڪا مون سندس مان ۾ خاص اهتمام سان ٺهرائي هئي. ڳالهين ڪندي ٻڌايائين ته، ”ڪڏهن ڪڏهن VIOCE OF AMERICA وارا سڏيندا آهن. سو، توکان ”انٽرويو“ وٺي ٿو وڃان. اتان نشر ٿيو، ته توکي ڪئسيٽ موڪليندس. ڪئسيٽ موڪليائين ۽ خط لکيائين ته انٽرويو فلاڻيءَ تاريخ نشر ٿيو هو.

منهنجي ڪاغذ جي گلن ۾ ڪابه دلچسپي ڪانهي. سو، ڪئسيٽ کي الائي ته ڪاڏي اڇلائي ڇڏيم.

سال ٻن کان پوءِ سندس گهر واري ڀاڀي شاهده پنهنجيءَ نياڻيءَ جي شاديءَ جي سلسلي ۾ اسلام آباد آئي. مون سان ملي. مون سندس مانَ ۾ پنهنجي گهر پروقار دعوت ڪئي. کيس ۽ سندس نياڻيءَ کي نقد پئسا ۽ قيمتي ريشمي وڳا ڏنم.

 ڀاڀيءَ مون کي آمريڪا ۾ اظهار صاحب جي رهائش بابت ڳالهيون ٻڌايون، جيڪي اکر اکر ڪري توجهه سان ٻڌم. دل ڀرجي آئي. اڳيان زمانا ياد آيا، جڏهن مان ننڍو ٻار هئس ۽ استاد اظهار صاحب مون کي چيچ کان جهلي، پنڌ ڪرڻ سيکاريندو هو.

هڪ دفعي استاد اظهار صاحب وري ”انٽرويو“ وٺڻ لاءِ آمريڪا مان فون ڪئي. مان تن ڏينهن ۾ تازو تازو چين جو ادبي دورو ڪري موٽي آيو هئس. سو، کيس اتان جي زندگيءَ، معاشري ۽ اديبن بابت پنهنجا تاثرات ڏنم. پر، انٽرويو ۾ ته ڪابه دلچسپي ڪانه هئم. سو، کانئس اهو به ڪونه پڇيم ته، ”ڪڏهن نشر ٿيندو؟“

اظهار صاحب سان ميل ملاقات کي هاڻي ويهن ورهين کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي. پر، کيس وساري ڪونه سگهيو آهيان.مون کي سندس ڪوبه احوال معلوم ڪونهي. پر، سندس آواز ٻڌڻ جي ڏاڍي سڪ اٿم. شايد پاڻ ڪن مسئلن ۾ مبتلا آهي. پر، مسئلا ڪنهن کي ڪونهن؟ هر ڪو سورن ۾ ورتل آهي. هڪٻئي سان حال ڀائي ٿيڻ سان ئي هيانءُ هلڪو ٿيندو آهي.

جيڪڏهن اصول اهو ئي آهي ته هر شخص کي پنهنجو صليب پاڻ پنهنجن ڪلهن تي کڻڻو آهي، ته پوءِ ته دنيا ۽ دوزخ ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. پر، ڀايان ٿو ته حقيقت ائين ڪانهي. ماڻهوءَ جي ٻئي ماڻهوءَ ۾ اميد ٿئي ٿي. مهر ۽ محبت ۾ عجب خوشبو آهي، بلڪ، اها ئي زندگيءَ جو روح آهي. هونئن ڀلا، ماڻهوءَ ۽ ڇيڻوءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

 ارنيسٽ ٽرمپ

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، اسان جي سونهاريءَ سنڌ جي ادب ۽ تهذيب جو نقطئه عروج (The Crowning Point) آهي.

سنڌ جي جنهن تهذيب جو اڄ عام طرح سان تصور ڪيو وڃي ٿو، تنهن جو زمانو ۽ احوال، عربن جي فتح ۽ طلوع ِِ اسلام سان شروع ٿئي ٿو. انهيءَ جو عرصو لڳ ڀڳ چوڏنهن سؤ سال آهي. شاهه سائين انهيءَ ئي اسلامي تهذيب جو سدابهار گلابي گل آهي. ليڪن اسلامي تهذيب جي شروعات کان اڳ واري زماني ۾ به سنڌ وڏا وڏا شاعر پيدا ڪيا هوندا. انهن جا ته اڄ نالا به معلوم ڪونهن.

شاهه سائين سنڌ جي ادبي آسمان تي سج وانگر اڀريو. آسمان ۾ ڏينهن جو به تارا هوندا آهن، پر، سج جي تيز روشنيءَ ۾ نظر ڪونه ايندا آهن. شاهه سائينءَ جي شاعرانه ڏات جي ڏيا به ايڏي ئي زوردار هئي، جو سنڌ جي آسمان مان ادبي تارا ڄڻ ته گم ٿي ويا. ڪن ٿورن جو احوال ۽ ڪلام معلوم آهي.

هو سنڌ جي اتر، ڏکڻ، اوڀر ۽ اولهه ۾، هر وسنديءَ، ڳوٺ ۽ شهر جي مٿان رحمت جي ڪڪر وانگر ڇانو ڪري بيٺو. اهڙو ڪو هنڌ ماڳ ئي ڪونه رهيو، جتي سندس برڪت ڀريو پيغام ڪونه پهتو. تڏهن ٽي. وي ڪانه هئي. ريڊيو ڪونه هو. رسالا ۽ اخبارون ڪونه هيون. پر، سنڌ جي ماڻهن سندس لافاني ڪلام عشق ۽ عقيدت سان ائين ئي برزبان ياد ڪيو، جيئن ڪلام الله کي حفظ ڪندا آهن. مون کي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ هڪ نوجوان مليو. عمر ويهه پنجويهه ورهيه هوندس. ذات جو عباسي هو. موري جي پاسي، ڪچي جو ويٺل هو. کيس شاهه جو رسالو برزبان ياد هو.

شاهه جو ڪلام هڪ ته سندس عقيدتمندن ائين ياد ڪيو، ٻيو ته ان کي عام ڪرڻ ۾ سنڌ جي عوامي ڳائڻن ۽ فنڪارن وڏو رول ادا ڪيو. ليڪن، سندس ڪلام صحيح ۽ مقدس نموني ۾ ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ سڀ کان قابلِ تعريف ڪردار سندس فقراءَ جو آهي، جي درگاهه ۾ رات جو سومهاڻيءَ مهل مخصوص سياهه لباس پائي مخصوص ساز تي سندس ڪلام ڳائيندا آهن. ايڏو ته دلپذير هوندو آهي، جو ٻڌندڙن جون اکيون آليون ٿي وينديون آهن، جنهن هڪ دفعو اهو نظارو ڏٺو هوندو، تنهن جي دل تي سو هميشه نقش رهندو. اهڙو دلگداز منظر مون ته پنهنجيءَ سڄيءَ عمر ۾ ٻيءَ ڪنهن به درگاهه تي ڪونه ڏٺو آهي.  اسان وٽ درگاهن جو تقدس وري به ڪنهن حد تائين قائم آهي. پر، ايران ۾ شيخ سعديءَ جي ابدي آرامگاه تي ماڻهن جي نازيبا روش ڏسي مون کي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. حافظ ۽ فردوسيءَ جي مزارن تي وري به صورتحال بهتر هئي. دهليءَ ۾ غالب جي مزار تي صفا سُڃ هئي!

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org