سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ماڻهو شهر ڀنڀور جا

 

صفحو :12

جڏهن پير صاحب پاڻ ڪئنسر جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو ته مون کي اطلاع مليو ته، ”ڪراچيءَ اچ. سڀاڻي آپريشن آهي.“ ڪراچيءَ پهتس ته خبر پيم ته ڊاڪٽر شمل به جرمنيءَ مان پهچي وئي آهي. ۽ پيار علي الانا وٽ ٽڪيل آهي. ساڻس مليس ته پريشان هئي. چيائين ته، ”خدا ڪري جو MALIGNANT نه هجي! پر، جڏهن رپورٽ آئي ته ڊاڪٽر شمل جو انديشو صحيح ثابت ٿيو. پير صاحب کي گلي THYROID جو ڪينسر هو.

پير صاحب اسپتال مان نڪرڻ کان پوءِ، هڪ ڏينهن مون کي شام جو نارٿ ويسٽرن هوٽل ۾ وٺي هليو ۽ رازداريءَ ۾ ٻڌايائين ته ويهارو ورهيه اڳ ڄنگهه ۾ ڳوڙهي ٿي هئم، جا ڊاڪٽرن جي چوڻ تي بروقت ڪڍائي هئم. اهڙيءَ طرح ڪينسر ڏانهن اشارو ڏنائين. بهرحال، سندس ٿرائيڊ جا ڪيئي آپريشن ٿيا. هڪڙي ڀيري، هو اسپتال مان موٽيو هو، جو مان حيدرآباد مان وٽس پهتس. ادب سان رڳو ايترو چيومانس ته، ”سائين، طبيعت ڪيئن آهي؟“

اکين مان ڳوڙها وهي آيس. چيائين ته: ”ڀاءُ، ڊاڪٽرن جو ڇُرو آهي ۽ منهنجو گلو آهي.“

جڏهن پير صاحب ڪئنسر ۾ بلڪل وٺجي ويو، تڏهن ڪراچيءَ ۾ روس جي سفارتخاني جي “FRIENDSHIP HOUSE” ادبي ۽ ثقافتي مرڪز جو نائب صدر هوندو هو. صدر فيض احمد فيض هوندو هو. روس وارن پير صاحب کي علاج لاءِ ماسڪو موڪليو. اتي ڊاڪٽرن سڄي جي سڄي “THYROID” مشينن وسيلي ڪڍي ڇڏي.

حُسين شاهه راشدي به پنهنجي چاچي پير صاحب سان، گڏ ماسڪو ويو هو. مون سان اتان جي”برفيءَ“ جي تعريف ڪندو هو. چيائين ته چاچا اسپتال ۾ آرامي ٿيندو هو ته مان هيٺ هوٽل ۾ اچي برفي کائيندو هئس. ڏاڍي سستي ۽ سٺي هوندي هئي.“ ائين چئي مٿان چيائين ته، ”متان اها ڳالهه ڪنهن روسي ڪامريڊ سان ڪرين!“

مون چيو ته، ”ڇو؟“

چيائين ته، ”اصل ڪونه مڃيندا ۽ مون کي گاريون ڏيندا.“

ٻارنهن مهينن کان پوءِ ايران ۾ ڪا بين الاقوامي ڪانفرنس ٿي، جنهن جي هڪ اجلاس جو صدر پير صاحب ٿيو. پاڪستان موٽي آيو ته خوشيءَ مان چيائين ته، ”رباني، گذريل سال جنهن تاريخ تي ماسڪو جي اسپتال ۾ غم ۽ گوندر ۾ ليٽيو پيو هئس. هن سال، ساڳيءَ ئي تاريخ تي تهران ۾ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ وڏي ٺٺ سان صدارتي ڪرسيءَ تي ويٺو هئس.“

- پر، انسان لاءِ هن دنيا ۾ خوشيءَ جون گهڙيون گهٽ آهن ۽ ڏک جا ڏينهن ڊگها آهن. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته:

FOR MEN LIKE US THERE IS NO SEASON

BUT THE SEASON OF SORROW”

سال ٻن کان پوءِ ڊاڪٽرن، پير صاحب کي چيو ته، ”ڪئنسر وري منهن ڪڍيو آهي، ۽ اها جسم جي ٻين حصن ۾ به پکڙجي چڪي آهي.“

اِهو ٻڌي مان به پريشان ٿيس. ڪراچيءَ ويس ۽ کيس عرض ڪيم ته ”علاج لاءِ لنڊن وڃو.“

چيائين ته، ”پئسا ڪٿان آڻيان؟“

مون چيو ته، ”ٻنيءَ جو ٻارو وڪڻو.“

چيائين ته، ”ڪير وٺندو؟“

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خبر پيم ته ڊاڪٽر شمل کيس لکيو آهي ته، ”جرمنيءَ هليا اچو، ته مان اوهان جو علاج ڪرايان.“ اهو ٻڌي، وري ڪراچيءَ موٽيس ۽ پير صاحب کي چيم ته، ”جلد جرمنيءَ وڃو.“

پير صاحب اهلِ دل انسان هو. دلنواز دوست هو، سچو، سخي ۽ ڏاهو شخص هو، منهنجي ڳالهه ٻڌي، چُپ ٿي ويو. پوءِ ڏاڍي ڏک مان مون ڏي نهاري چيائين ته، ”رباني، عقل ڪر. مان اهڙو بداخلاق آهيان، جو هاڻي رن- زال وٽ وڃان، ته منهنجو علاج ڪرائي!“

قدرت کي ائين منظور هو، جو هڪ ڏينهن پير سائين هي جهان ڇڏي ويو. مون لاءِ ته آسمان تي غم جا ڪارا ڪڪر چڙهي ويا. منهنجا ڪيئي مهربان ۽ محسن، هڪ هڪ ٿي هن جهان مان اڳي ئي موڪلائي ويا هئا. نواب نور احمد خان لغاري جهان ڇڏي ويو هو. امداد جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر مجتبيٰ جوڻيجو موڪلائي ويا هئا. علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي رحلت جو داغ ته دل تان لهڻ جوئي ڪونه هو:

داغ تنهنجو دائما، ماري معذورين.

عين انهيءَ وقت، قسمت منهنجو داڻو پاڻي اسلام آباد لکيو هو، سو، اتان سرڪاري سڏ ٿيو. اهو به سنڌي ادبي بورڊ جهڙو ادارو هو. ائين کڻي چئجي ته ”پاڪستان ادبي بورڊ“ هو. هڪ ڏينهن آفيس ۾ صدر پاڪستان جو فرمان آيو ته:

حڪومت پاڪستان، جرمنيءَ جي مستشرقه ڊاڪٽر ائنيمري شمل کي ملڪ جو ”سرڪاري مهمان“ قرار ڏنو آهي. هُوءَ يورپ ۾ پاڪستان جي ڄڻ ته سفير آهي. سو، جڏهن به پاڪستان اچي، تڏهن سندس خاص خيال رکجي ۽ کيس پاڪستان جا مختلف علائقا گهمڻ لاءِ سڀ سهوليتون ڏجن.

وزارت تعليم، صدر جو اهو فرمان، ايڪيڊمي آف ليٽرس ڏي موڪليو، جنهن جو ڊئريڪٽر جنرل ته مان هئس، پر، چيئرمن هو ملڪ جو مشهور اردو مزاحيه نويس ۽ پاڪستان نيويءَ جو رٽايرڊ ريئر سرجن ايڊمرل شفيق الرحمان. پٽيوالو ڊوڙندو آيو ته، چيئرمن سڏي رهيو آهي. جلد اچو.

وٽس ويس ته فرمان منهنجي اڳيان رکي، پريشانيءَ مان چيائين ته، ”يار، هن ڪراڙيءَ مان ڪيئن ڦاٿاسين؟“

مون کيس تسلي ڏني ته توهان ڳڻتي نه ڪريو، مان پاڻهي کيس منهن ڏيندس. اهو ٻڌي اهڙو ته خوش ٿيو، جو کِلي چوڻ لڳو ته، ”ماڻهو سرڪاري نوڪري تڏهن ڪري، جڏهن آفيس ۾ آگري جهڙا ساٿي هجن.“

مون پنهنجي آفيس ۾ اچي سرڪاري فرمان اکر اکر ڪري پڙهيو. ٻن صفحن ۾ هو ۽ شروع ۽ آخر ۾ مٿس ”خفيه“ (CONFIDENTIAL) جا ٺپا لڳل هئس. منجهس نهايت نازڪ ڳالهيون لکيل هيون. جن جو مقصد ڊاڪٽر شمل کي پاڪستان ڏانهن مائل ڪرڻ هو. ڇو ته اسان جو پاڙيسري ملڪ به اهڙي ڪوشش ڪري رهيو هو. اتان جي وزيراعظم، ڊاڪٽر شمل کي پنهنجي پاسي ڪرڻ لاءِ هڪ بي بها سونو تحفو به ڏنو هو، جو هن دهليءَ مان موٽندي، مون کي ڪراچيءَ ۾ ڏيکاريو هو. مون کيس مشورو ڏنو ته، ”هت ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪجو.“ هن ائين ئي ڪيو.

مون صدر پاڪستان جو فرمان پڙهي، ڊاڪٽر شمل کي خط لکي موڪليو ته فارسيءَ ۾ چوندا آهن ته، ”اوهان جو ٻيو حڪم ڪهڙو آهي؟“

خوش ٿي لکيائين ته، ”رباني، سيف الملوڪ واري ڍنڍ ڏسڻ جو سالن کان شوق اٿم، جيڪا چون ٿا ته ايڏي ته خوبصورت آهي، جو چنڊ جي چوڏهينءَ رات اتي پريون ناچ ڪرڻ اينديون آهن.“

مون ڪوشش ڪئي. خدا ڪامياب ڪيو ۽ سيف الملوڪ ڍنڍ تي وڃڻ لاءِ آرميءَ کان ڪرايي تي هيلي ڪاپٽر ملي ويو. ڊپٽي ڪمشنر کي ساڻ کنيم. هڪ ڏينهن، سڌو وڃي ڍنڍ جي ڪناري تي لٿاسين. سيارو هو. ڍنڍ اڌ برف هئي ۽ اڌ پاڻي! پر اهو به اهڙو شفاف جو ليئو پاءِ، ته منجهس آسمان جا ڪڪر پيا ڏسجن!

سيف الملوڪ ڍنڍ ڄڻ ته بيضوي شڪل جو هڪ وڏو پيالو آهي، جيڪو قدرت، ٽڪرن مان ٽاڪي ٺاهيو آهي. ڍنڍ جي سونهن ڏسي، اعتبار آيو، ته برابر چوڏهينءَ جي رات، پريون ’ڪوهه قاف‘ مان اڏامي، اتي رقص ڪرڻ اينديون هونديون!

ڊاڪٽر شمل دروبينيءَ سان، هيڏي هوڏي واجهائڻ لڳي. مون کلي چيس ته، ”ڊاڪٽر صاحبه پريون رڳو رات جو اينديون آهن.“

 پاڻ کِلي چيائين ته، ”پر، مون واري دوربين رڳو ڏينهن جو ڪم ڪندي آهي.“

ڍنڍ ڏسي، فوٽا ڪڍي وڃي جيپن ۾ ويٺاسين. ڀرسان سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ وڃي لٿاسين، جو درياءَ جي ڪناري تي ڄڻ ته هڪ ننڍڙو بهشت آهي. چون ٿا ته ست بهشت ٻيا به آهن، پر اهي الائي ڪاٿي آهن؟

ڪمشنر لنچ جو وڏي خيال سان انتظام ڪيو هو. ٻيو ته ٺهيو، پر، اُترين علائقن جي مشهور مڇي ”ٽرائوٽ“ به کاڌي جي ٽيبل تي رکائي هئائين، جيڪا تمام مهانگي آهي ۽ فقط اميرن لاءِ آهي. صحيح معنيٰ ۾ DELICACY آهي. کائڻ کان سواءِ ان جي ذائقي جو صحيح اندازو ڪونه ٿيندو. پر، جبلن جي وچ ۾، سو به وري درياءَ جي ڪناري تي ريسٽ هائوس جو نظارو اهڙو ته وڻندڙ هو، جو مون کان ته ماني ئي وسري وئي! وس پڄي ها، ته منجهس ۾ ٻه چار ڏينهن ٽڪي پوان ها. بهشت جو ٽڪرو هو.

ٻئي سال سڪردوءَ وياسين. ڊاڪٽر شمل جي جرمن دوست ڪئرن مٽمئن ۽ مجيب به گڏ هئا. مشهور معروف هوٽل شنگريلا ۾ وڃي ٽڪياسين. تمام سٺي پر تمام مهانگي آهي. درحقيقت، شادي ڪيل ننڍن نيٽن جوڙن جي لاءِ آهي، جن جي هر رات چوڏهينءَ جي رات هوندي آهي. هوٽل جي اڳيان هڪ خوبصورت تلاءُ ٺهيل هو، جنهن ۾ ڪنول جا گل ٽڙيا بيٺا هئا. منظر اهڙو ته سهڻو هو، جو مان شام جو ڪلاڪ ٻه اتي ڪرسي رکي ويهي رهيس. رات جو جڏهن بستري ۾ ليٽيس، ته گذريل زمانا ياد آيا ۽ دل جي آسمان تي ڪنول جو هڪ سفيد گُل اُڀري آيو. ڀٽائي ياد آيو:

اڱڻ تازي، ٻاهر ڪُنڍِيون، پَکا پَٽِ سُونهنِ،

سُرهي سيج، پاسي پرين، مَرُ پيا مينهن پَوَن،

اسان ۽ پـِرين، شل هئَن برابر ڏينهڙا.

ٻئي سال وري ٻيهر اسان سڪردو وياسين. تاريخي هنڌ آهي، جو اتان سنڌو درياءُ پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿو. اسان کي آرميءَ جون گاڏيون ايئرپورٽ تي وٺڻ آيون، سي ميل ٻه ميل درياءَ جي پيٽ مان هليون. درياءُ سياري جي ڪري سُڪو پيو هو. آرميءَ وارن شام جو اسان جي دعوت ڪئي. ۽ صبح جو وري ست پارا ڍنڍ تي وٺي ويا ۽ منجهس ٻيڙيءَ ۾ سير ڪيوسون. ڀُلجان نٿو، ته آرميءَ وارا سڪردوءَ ۾ ئي اسان کي پولو راند ۾ به مکيه مهمان ڪري وٺي ويا. پولو دلچسپ راند آهي، ليڪن، ڪرڪيٽ اسان جو قومي ڪلچر آهي. تاريخ جي محققن کي تحقيق ڪرڻ گهرجي ته قائداعظم ۽ علامه اقبال ڪرڪيٽ ۾ ڪيترو ڪمال ڪيو هو؟ يا کين ڪا دلچسپي ئي ڪانه هئي. ان کي فقط راند سمجهندا هئا.

هڪڙي سال ڪاغان ۽ ٻئي سال سوات وياسين. ٻئي علائقا هڪٻئي کان وڌيڪ سرسبز ۽ سهڻا آهن ۽ منجهن ايڏي ساوڪ ۽ سبزي هئي، جو اکين تي به اعتبار نه اچي. قدرتي نظارن جي سونهن جي انتها هئي. ڪاغان ۽ سوات جا اهي سفر ڪڏهن ڪونه وسرندا. خاص طرح واليءِ سوات جي محل ۾ چاءِ- پارٽي. ڊاڪٽر شمل ٻاهر نڪتي، ته پنهنجو تاثر بيان ڪندي مون کي چيائين ته، ”هر هنڌ، مقامي ثقافتي روايتن ۾ اسلامي اثرات جي آميزش آهي. اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ليڪن، سوات ۽ ڪاغان، سئٽزرلئنڊ جي سهڻن کان سهڻن علائقن جون سڪون ٿا لاهين.“

هُنزا ۾ اسان ڳوٺاڻي زندگيءَ جو منظر ڏسڻ لاءِ هڪ رات تنبن ۾ گذاري. صبح جو سوير مان مسجد ڏي نماز پڙهڻ هليو ويس، ته ڊاڪٽر شمل ۽ ڪئرن پنڌ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتيون ۽ ڳوٺ جي غريب دڪاندار کان پڇيائون ته، ”اوهان وٽ صبح جي بانگ ڪهڙي وقت ايندي آهي؟“

هن معصوم شخص کين جواب ڏنو ته، ”ڪڏهن ٻڌڻ ۾ ايندي آهي ته ڪڏهن ڪانه، ڇو ته بانگ ڏيڻ واري کي ئي ننڊ وٺي ويندي آهي.“

ڪاغان، سوات ۽ هنزا گهمڻ کان پوءِ، ڊاڪٽر شمل چيو ته، رباني، ڪو بندوبست ڪر، ته ايندڙ سال چترال هلون.

مان پاڻ به چترال ڪڏهن ڪونه ويو هئس، جيتوڻيڪ اتان جا اديب هر ڀيري دعوتون ڏئي ويندا هئا. چترال جو مکيه مسئلو اهو آهي ته اُتي رهڻ لاءِ سٺي هوٽل ڪانهي، پر مون ڊاڪٽر شمل کي خاطري ڏني ۽ سوچ ويچار ڪري، آرميءَ جي ريسٽ هائوس ۾ رهائش جو بندوسبت ڪيم. اهو ٻڌي، جرمن سفير ۽ سندس بيگم چيو ته، ”اسان به تو سان گڏ هلنداسين.“ ڊاڪٽر شمل وٽن ٽڪيل هئي ۽ مون سان به سندن سٺي ڏيٺ ويٺ هئي. اسان سڀئي گڏجي چترال وياسين. مجاهدن کي خچرن تي هٿيار کڻي افغانستان ۾ روسين سان وڙهڻ لاءِ ويندي ڏٺوسون. مجاهد ماڻهن جهڙا ماڻهو هئا. عام ماڻهوءَ ۽ مجاهد ۾ مون کي ته ڪوبه فرق نظر ڪونه آيو. شايد مجاهد جو اصل بارودُ، بندوق بدران سندس مٿي ۾ ڀريل هوندو آهي.

مون موقعي جو فائدو وٺي سيد احمد شهيد جي مزار تي حاضري ڏني. ڪوبه ماڻهو ڪونه هو. سراسر سڃ هئي. مزار شريف محمد هاشم ٺٽويءَ جي مزار وانگر خالص شرعي نموني تي ٺهيل هئي. ان موقعي تي وري عزيز مون سان گڏ هو.

چترال ۾ ڪافر قلاش سياهه پوش عورتن جو رقص به ڏٺوسون. غريبن تي عياش ڪامورن جو ڏاڍو ظلم هو. نه ته کين عزت ڀريو روزگار ڪمائڻ جو موقعو هو ۽ نه وري سندن خواتين جي عزت ۽ عصمت سلامت هئي: سندن سونهن هنن لاءِ عذاب ٿي پئي هئي. هڪڙيءَ جوانڙيءَ ته ڊاڪٽر شمل سان پنهنجا ڏک بيان ڪندي روئي ڏنو ۽ چيو ته، ”هڪ ته سرڪاري عياش ڪامورن جو عذاب آهي. انهيءَ عذاب جي مٿان وري ملڪ جي هڪ اسلامي جماعت ته اسان جو جيئڻ هيڪاري حرام ڪري ڇڏيو آهي.“ اهو ٻڌي ڊاڪٽر شمل ڏاڍي اداس ٿي وئي!

چترال جي مند ۽ موسم، مجيد لاهوريءَ جي محاوري موجب، ”محبوب جي مزاج ۽ سنڌ جي سياست وانگر بي ڀروسي آهي.“ سو، جڏهن موٽڻ جي تياري ڪئيسون ته روزانو خوشخبري ملندي هئي ته اڄ پشاور کان جهاز ايندو. پر، ٽي ڏينهن لاڳيتو موسم جي اوچتو مٽجڻ ڪري ڪونه آيو. جڏهن انتظار ڪري ڏاڍا ڪڪ ٿياسين، ته مون پنهنجي ميزبان ميجر کي چيو ته ”اسان کي لواري ٽاپ رستي ڪاغان پهچايو.“

هنن بندوسبت ڪيو ته سفر جو آغاز ٿيو. اسان کي جدا جدا جيپ ۾ وهاريائون. منهنجيءَ جيپ ۾ عزيز مون سان گڏ ويٺو. رستو ته هئو ئي ڪونه، پر، آرميءَ وارا نقشن جي مدد سان، پٿرن جي مٿان هلندا رهيا. الائي ته ڪٿان ۽ ڪاڏي هليا ۽ ڪيترا ڪوهه هليا. نه وڻ نه ٽڻ. نه ساوڪ نه ڪا ويجهو اوڏو وسندي. رڳو پٿر ئي پٿر گول ۽ لسا. شايد ڪنهن سڪل نئن يا نديءَ جي پيٽ ۾ سفر ڪري رهيا هئاسين. جنهن جا پٿر برساتن لسا ڪري ڇڏيا هئا. بهرحال الائي ته ڪيترن ڪلاڪن کان پوءِ، اچي لواري ٽاپ وٽ پهتاسين.

فوجي گاڏيون جبل وٽ هلي بيٺيون. چيائون ته جبل چوڏهن هزار فٽ بلند آهي. منجهند جي مهل هئي. آسمان نظر ڪونه ٿي آيو، ڇو ته سخت مينهن وسي رهيو هو. اسان جي ميزبانن جيپن جي مٿان ڇٽيءَ وانگر پلاسٽڪ جو پردو جهلي، وسندي مينهن ۾ به، اسان کي گرما گرم لنچ کارائي. ڊاڪٽر شمل کِلي چيو ته، ”هيءَ لنچ سڀني کي هميشه ياد رهندي.“

ماني کائي جبل تي چڙهائيءَ جو سفر شروع ڪيوسون. سڄي شام سفر ۾ گذري وئي. رات ٿي وئي. ڏهن ٻارنهن هزارن فوٽن جي بلنديءَ تي پهتاسين ته برسات ۽ برف جي ڪري، گاڏيون ترڪڻ لڳيون. مون ته اهڙو خوفناڪ سفر سڄيءَ زندگيءَ ۾ ڪونه ڪيو آهي، مَس مَــس لواري ٽاپ جي چوٽيءَ تي پهتاسين، ته لڱن ۾ ساهه پيو. اوچتو جرمن سفير فرمائش ڪئي ته ”هن سفر جي يادگار تصوير ڪڍايون.“ سندس بيگم به ڳالهه جي تائيد ڪئي. سيءُ اهڙو هو، جو جيپن ۾ ويٺي به ٿڌيءَ هوا ڄڻ ته ڇرين سان بُت پئي چيريو. اڌ رات جي مهل هئي. لاچار، ڏڪندا ڏڪندا هيٺ لٿاسين ۽ تصوير ڪڍائيسين.

جبل جي چوٽيءَ تي پهچڻ کان پوءِ هيٺ لهڻ جو سفر شروع ٿيو. وري ڪيئي ڪلاڪ لڳي ويا. خدا ڪيو، جو خير سان وڏي اسر مهل اچي ڪاغان جي ريسٽ هائوس ۾ منزل انداز ٿياسين. فوج جي انتظام ڪري، سيءَ کان بچڻ لاءِ باهه جا بُنڊ اڳي ئي پئي ٻريا. هر قسم جا کاڌا ۽ پيتا تيار رکيا هئا. کائي پي بسترن ۾ ليٽياسين، ته منجهند جو اٿياسين. سفر جو ٿَڪ لهي ويو. ناشتوڪيوسون ته اسان جون پنهنجون موٽرون به پهچي ويون، جن ۾ چڙهي اچي اسلام آباد پهتاسون.

چترال ڏسڻ کان پوءِ ورندي سال چولستان ڏسڻ وياسين. مون ان جي ايم.ڊي. آفتاب شاهه کي بندوسبت لاءِ چئي ڇڏيو هو. انهيءَ سفر ۾ مجيبُ مون سان گڏ هو. چولستان جي سوليءَ سنڌيءَ ۾ سمجهاڻي هيءَ آهي ته سنڌ واري ٿر جي هڪ ٽڪنڊي چوٽي، پنجاب ۾ داخل ٿئي ٿي، جنهن کي ”چولستان“ ڪوٺن ٿا. منجهس واريءَ جون ننڍڙيون ننڍڙيون ڀٽون آهن. سنڌ واري ٿر ۾ ڀٽون وڏيون آهن.

چولستان ۾ لال سنهارا قومي پارڪ به ٺاهيو اٿن، جنهن ۾ سَون جي تعداد ۾ هرڻ ڇڏيا اٿن. منجهس ننڍڙو ZOO به ٺاهيو اٿن. ان ۾ گهڻا ئي جانور ڏٺاسون. هڪ جانور ٻلي کان وڏو ۽ ڪتي کان ڪجهه ننڍو هو. پڃري ۾ قرار ڪونه ٿي آيس. مستن وانگر هيڏي هوڏي پئي ڦريو. چيائون ته، ”ڏاڍو خطرناڪ آهي. اسان لڳ جي مند ۾، ٻه ڀيرا، هڪ هڪ مادي سندس پڃري ۾ وڌي. اول ته ساڻس دل کولي محبت ۽ لڳُ ڪيائين. اهو مزو وٺي، رات جو کين ننڊ ۾ ڏسي، کائي ڇڏيائين. صبح جو پڃري ۾ ويچارين جا رڳا هڏا پيا هئا.“

چولستان جا ڪي نظارا خاص ڪري، تاريخي پراڻا قلعا ۽ سانجهيءَ مهل، چشمن تي سَون هزارن اُٺن جو اچي گڏ ٿيڻ ۽ پاڻي پيئڻ - ڏاڍا دلفريب آهن. آفتاب شاهه اتي ئي شام جي چاءِ جو بندوسبت ڪيو هو. هڪ چشمي جي ڀرسان واريءَ جي ڀٽ تي غاليچا وڇارايا هئائين ۽ انهن تي ريشمي طول وهاڻا رکايا هئائين. کائڻ پيئڻ لاءِ تازو ۽ سڪل ميوو، ڪيڪ ۽ بسڪيٽ ٿڌي پاڻيءَ جون بوتلون ۽ گرم گرم چاءِ جا ٿرماس رکايا هئائين. اسان حالي ته غاليچن تي آهلي پياسين. ساهي پٽي، آرام سان چاءِ پيتيسون پري پري، هرڻن ڇالَ پئي ڏنا. آسمان ۾ شفق جي لالاڻ هئي. ڏاڍو وڻندڙ نظارو هو.

آفتاب باذوق شخص هو. ڊاڪٽر شمل مون کي ڪن ۾ آهستي چيو ته، ”توکي خبر آهي ته سعديءَ تنهنجن اهڙن دوستن لاءِ ڇا چيو آهي؟“

مون چيو ته، ”نه“

تڏهن چيائين ته:

”همه آفتاب بينم، همه آفتاب گويم.“

آفتاب شاهه شاعر به هو. سو، چاءِ پيتيسون ته چولستان جي وارياسن پٽن مان ڪڍي اچي سنڌودرياءَ جي ڪناري تي پنجند ريسٽ هائوس ۾ ٽڪايائين. شاندار ڊنر سان گڏ ”انڊس واٽر“ جو بندوبست به ڪيو هئائين. ”انڊس واٽر،“ محاورو ڊاڪٽر شمل ايجاد ڪيو هو. ڪيف ۽ سرور ۾ ڊنر کائي پي، ڏاڍي سٺي ننڊ ڪئيسون.

پنجند وٽ پنجاب جا پنج ئي درياءَ گڏجن ٿا، اڳتي سنڌو درياءُ اسان ڏي اچي ٿو، جو اڳوڻي زماني ۾ تمام وڏو هوندو هو. ساوڻ جي مند ۾، ايڏو ته منجهس پاڻي هوندو هو، جو درياهه جو ٻيو ڪنارو ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو هو. آفتاب شاهه درياهه ۾ صبح جو سوير اسان جي سير جو بندوبست به ڪيو هو. ٿڌڙي هير پئي لڳي. ٻيڙيءَ جي هلڪن هلڪن لوڏن ۾ ڏاڍو مزو آيو. انهيءَ وقت مون کي هڪ فارسي شعر ياد آيو:

”هيءَ دنيا بهشت ٿي سگهي ٿي، بشرطيڪ منجهس انصاف هجي. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته بهشت اهڙو هنڌ آهي، جتي ڪنهن جو به ڪنهن ۾ ڪو به ڪم ڪونه پوندو:

”کسي را کسي کارِ نه باشد.“

ڊاڪٽر شمل ۽ مون ورهين جا ورهيه اهي سير ۽ سفر گڏ ڪيا. هر هڪ سفر تي پورو ”سفرنامو“ لکي سگهجي ٿو. انهن سفرن دوران هوءَ ڪنهن به ڊائريءَ يا ڪتاب ۾ نوٽس ڪانه وٺندي هئي. شايد فقط ذهني تاثر قائم ڪندي هئي. هاڻي ڪتاب انگريزيءَ ۾ ڇپيو آهي. جنهن ۾ انهن سفرن کي ياد ڪري هڪ هنڌ لکيو اٿس ته:

Ghulam Rabbani Agro slowly rose on the ladder to a higher position and was a loyal companion to me on many tours and travels. I shared many a amusing event with him.

ڪتاب ۾، پير صاحب ۽ سندس ڀاءُ راشدي صاحب کي ته گهڻو ياد ڪيو اٿس، پر حيرت آهي ته سيد عبدالواحد کي به ياد ڪيو اٿس، جنهن کيس گهڻو ڏکايو هو. اهڙيءَ طرح اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته، ”جنرل ضياءَ کيس اسٽيٽ گيسٽ“ قرار ڏنو، تنهن جو نالو به ڪونه کنيو اٿس، پر، ڀُٽي صاحب کيس چاءِ جو ڪوپ پياريو، تنهن کي ياد ڪيو اٿس. سائين جي.ايم.سيد کي به ياد ڪيو اٿس. ڪتاب ۾ ڪي تصويرون به وڌيون اٿس. پر، انهن ۾ سنڌ جي اديبن مان پير صاحب جي ۽ ليڊرن ۾ سائين جي.ايم.سيد ۽ ڀٽي صاحب جي ڏني اٿس. سنڌ ۾ کٽ تي رلهيءَ تي ويهي تصوير ڪڍائي اٿس ۽ ٻي اُُٺ تي سوار ٿي. ڪتاب جو نالو آهي: ORIENT AND OCCIDENT. انگريزي ترجمو ڪئرن مٽمئن ڪيو آهي جا اسان ٻنهي جي دوست آهي. ڪتاب اقبال ايڪيڊميءَ ڇاپيو آهي. منجهس علامه اقبال جو ذڪر ته گهڻو ڪيو اٿس، پر، سنڌ کي ياد ڪيو اٿس ۽ لکيو اٿس ته:

مون کي پنهنجيءَ سنڌ (MY SINDH) سان عشق آهي. مون ان جا گهڻا ڳوٺ ڏٺا آهن ۽ سنڌ جي اوليائن ۽ درويشن جي روضن تي حاضري ڏني آهي. سنڌي ڳائڻن ۽ موسيقارن سان منهنجي دل ٿي وئي آهي. مون چوڏهينءَ جي رات ٻيڙين ۾ سندن ڪلام ٻڌا آهن.“

ڊاڪٽر شمل، مشرق ۽ مغرب ۾ گهڻائي سفر ڪيا. هُوءَ سئيڊن، ترڪي، امريڪا، ڪوويت، بحرين، شام، اردن، مصر، سوڊان، تيونس، موراڪو، يمن، سعودي عرب، ايران، افغانستان، وچ اشيا، پاڪستان، هندستان، انڊونيشيا، روس، پئرس ۽ لنڊن وئي، بادشاهن، وزيراعظمن، عالمن ۽ اديبن سان ملاقاتون ڪيائين، پر جڏهن زندگيءَ جون يادگيريون لکڻ ويٺي ته کيس ”پنهنجي سنڌ“ ۽ سنڌي ڪلام ياد آيا، ڇو ته جيئن پاڻ ئي لکيو اٿس، کيس پنهنجيءَ سنڌ سان عشق هو.

هڪ سال ڊاڪٽر شمل مون کي فرمائش ڪئي ته هنگلاج هلون. هنگلاج جو سفر ڏاڍو ڏکيو آهي. سو، سندس فرمائش پوري ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پيم. وري به آرميءَ کان ڪرايي تي  هيلي ڪاپٽر ورتم. اسلام آباد مان هوائي جهاز ۾ چڙهياسين. ڪوئٽيا وڃي لٿاسين. اتان سبيءَ وياسين. اتان جي ڪمشنر اسان جي دعوت ڪئي هئي. مون سان گڏ قراقرم جي سيمينار ۾ همسفر هو ۽ ڊاڪٽر شمل جو ته گهڻو واقف هو.

سبيءَ ۾ مند ۽ موسم اڃا ٺيڪ هئي. فيبروريءَ جون ٿڌڙيون ٿڌڙيون راتيون هيون. گرمي شروع ڪانه ٿي هئي. ريسٽ هائوس جي باورچيءَ چيو ته، ”سائين، سبيءَ ۾ فيبروري پورو ٿيو، ته گرميءَ منهن ڪڍيو. بس، ڏسندي ڏسندي، اهڙي حالت ٿي ويندي، جو يارهين بجي صبح جو مکيه بازار ۾ بيهي گولي هلايو، ته ڪنهن کي به ڪانه لڳندي، ڇو ته ڪو ماڻهو هوندو ئي ڪونه.“

مون چيو ته، ”يار، پوءِ ته صبح سويري هن وڻندڙ موسم ۾ اسان کي ڪا گرم گرم چاءِ پيار.“

هن ريسٽ هائوس جي سبزه زار تي آرام ڪرسيون آڻي رکيون ۽ ڊاڪٽر شمل، ڪئرن ۽ مون لاءِ چاءِ ٺاهي کڻي آيو. ڪئرن ڪٽليءَ مان ڪوپن ۾ چاءِ اوتي رهي هئي، ته مان مٿي وڻن ڏي نهاري رهيو هوس.

ڪئرن چيو ته، ”چاءِ پيءُ. وڻن ڏي ڇا ٿو ڏسين؟“

مون چيو ته، ”اسان کان اڳ هـِتِ هڪ ٻيو مهمان ڪرسي وجهي ويٺو هو ۽ وڻن کي تڪي رهيو هو. آلي قميص ۽ آلي شلوار پاتل هئس. سو، ته ٺهيو، پر مٿي جي قراقلي ٽوپي به آلي هئس. مون کي ڏسي چوڻ لڳو ته، هنن وڻن ۾ چار پنج هزار ڪانوَ ويهن ٿا. مان ڪرسي وجهي، چاءِ جو ڪوپ پيئڻ ويٺس، ته هنن حرامزادن مٿان پنهنجا پڇ مٿي ڪيا. سڄو ڪوپ  ڀرجي ويو ۽ لٽا ڪپڙا ڪِنُ ٿي ويا. هاڻي، پاڻ ڌوئي پائي آيو آهيان.“

ڊاڪٽر شمل اهو ٻڌي اهڙي کِلي، جو چاءِ پيئندي اڙي پئي! جرمنيءَ مان به خط ۾ لکندي هئي ته، ”پنجن هزارن ڪانوَن وارو اهو شخص توکي وري گڏيو؟“

سبيءَ مان نڪري، موٽرن ۾ هيلي ڪاپٽر جي پيڊ تي اچي رهيا هئاسون ته ڳالهه ڪيائين ته، ”رباني، گذريل سال لنڊن ۾ هئس، ته سيد عبدالواحد جي ننهن ملڻ آئي. سس جا سلام ڏنائين ۽ خط سان گڏ هڪ پارسل ڏئي ويئي. جڏهن موڪلائي ويئي ته کولي ڏٺم. اندران زيورن جو سيٽ نڪتو. سڄو سونو هو.

مون حيران ٿي چيو ته، ”اهو ساڳيو جو هن مرحوم ڪراچيءَ ۾ اوهان جي پيتي ڦاڙي چورايو هو؟“

چيائين ته، ”نه، پر، اهڙو ئي سونَ جو ٺهيل ۽ قيمتي هو. چٺيءَ ۾ سندس گهرواريءَ لکيو هو ته منهنجي مرحوم مڙس کي معاف ڪري ڇڏيو. غلطيون انسانن کان ٿينديون آهن.“

مون کيس چيو ته، ”ڊاڪٽر صاحب، اندرا اوهان کي جيڪو سونو تحفو ڏنو هو، سو به لاجواب هو.“

چيائين ته، ”ڪهڙو تحفو؟ مون کي ته اندرا گانڌيءَ ڪوبه تحفو ڪونه ڏنو هو.“

مون کي سندس جواب ٻڌي حيرت لڳي، جو جڏهن مون کي اهو تحفو ڏيکاريو هئائين، ته مون ئي کيس منع ڪئي هئي ته پاڪستان ۾ ڪنهن سان به اها ڳالهه نه ڪجو. پاڻ ته اندرا جون اهڙيون نازڪ ڳالهيون ڪيون هئائين جي ڪتاب ۾ لکڻ جهڙيون ڪونهن. دل ۾ چيم ته، ”انسان جو مزاج الائي ڪيئن آهي؟“

اسان ڪار مان لهي، هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ٿياسين. بلوچستان وارا جبل ٽپي، وڃي لس ٻيلي لٿاسين. انهن جبلن جي چوٽين تي ننڍا ننڍا ميدان آهن، جن ۾ ماڻهن جا گهر آهن. مون کي حيرت لڳي ته اهي ماڻهو اتان هيٺ ڪيئن لهن ٿا ۽ مٿي چڙهڻ ۾ ته کين سڄو ڏينهن لڳي ويندو. اوليءَ سوليءَ کي منهن ڪيئن ڏين ٿا؟

لس ٻيلي جو ڊپٽي ڪمشنر علي رضا وڏو مهمان نواز هو. خاص ڳالهه اها ته لوڪ ناچ ڏيکاريائين، جهڙا شايد آفريڪا جي ڪن قبيلن ۾ اڃا هجن. سنڌ ۾ اسان لوڪ ناچ ۽ لوڪ گيت جو نالو ٻڌو آهي. لس ٻيلي ۾ سنڌي ٻولي عام جام هئي. بلڪ، هئي ئي سنڌي ٻولي. رات جو ماني کائي واندا ٿياسين، ته ڊاڪٽر شمل ڪَنَ ۾ سرٻاٽ ڪيو ته، ”رباني، هت سنڌي هندو گهڻا آهن. ٽڪاڻي ۾ هلي سنڌي راڳ ٻڌون.“

مون چيو ته، ”ڊاڪٽر صاحبه توکي اهي خبرون ملائڪ ٻڌائن ٿا ڇا؟“

بهرحال، علي رضا ڊپٽي ڪمشنر سان ڳالهه ڪيم. فوراً فوج جو هڪ اعليٰ عملدار ساڻ کنيائين. سڌو وڃي ٽڪاڻي پهتاسون. هندن پاپڙ پاڻي ۽ ميوو آندو. ڊاڪٽر شمل جي فرمائش تي صوفي شاعرن جا ڪلام ٻڌايائون. دريا خان جو هي شعر اڃا ياد اٿم:

بهشت دلاسو، دوزخ دڙڪو، ڊاهه ويا سڀ ڊهي ڊهي،

شاهه حُسُنَ تنهنجي شوق ۾، لاڳاپا ويا لهي لهي!

رات جو دير دير سان ريسٽ هائوس تي موٽياسين، ته فوجي عملدار ڪَنَ ۾ اچي چيو ته، ”سائين اوهان جي وڏي مهرباني.“

مون حيران ٿي چيس ته، ”ڪهڙي؟“

چيائين ته، ”اوهان اهو قرب نه ڪريو ها، ته اسان کي هندن جي ٽڪاڻي ۾ اندر وڃڻ جو موقعو ڪيئن ملي ها.“

صبح جو هيلي ڪاپٽر ۾ چڙهي، اچي هنگور نديءَ جي منهن وٽ SEA SCOUTS جي هيلي پيڊ تي لٿاسين. ريسٽ هائوس ۾ چاءِ پي، جيپن ۾ سوار ٿياسين ۽ هنگور نديءَ جو پيٽ ڏيئي اُتي پهتاسين، جتي اُٺ اسان لاءِ تيار بيٺا هئا.

هيلي ڪاپٽر مان لهي، اُٺ تي چڙهڻ ۾، سڀني کي ڏاڍي کِل آئي. اُٺ آهستي آهستي هلندا هلندا، اچي آساپوريءَ وٽ پهتا. هنگلاج جا زيارتي اُتي پنهنجي دل جي ڪا نه ڪا آس ڪندا آهن. ڊاڪٽر شمل، ڪئرن ۽ مون ناريل اڇلايو ۽ رسم موجب آس ڪئي، پر ڪنهن جي به آس پوري ڪانه ٿي. هنگلاج جي زيارتين جي هڪ رسم هئي جا اسان به ادا ڪئي.

ڊپٽي ڪمشنر علي رضا، هنگلاج جي بريفنگ ڏيڻ لاءِ هڪ پنڊت وهاريو هو، جنهن سڄي روايت ٻڌائي ۽ اهو به چيو ته سري رامچندر، گرو گورک ناٿ، گرو نانڪ ۽ شاهه ڀٽائي هت آيا هئا.

مون کي جنهن ڳالهه ڏاڍو متاثر ڪيو، سا اها هئي ته هنگلاج ۾ ايڏو ته سڪون هو، جو ڪنهن پکيءَ جو آواز به ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿي آيو. سانت ئي سانت هئي. غار جي اڳيان شفاف پاڻيءَ جو تلاءُ هو. هنگلاج جي غار ۽ ان جي اردگرد سانت ۽ سڪون، روح جي راحت گيان لاءِ آئيڊيل (IDEAL) هنڌ هو. مستقبل ۾ ڪو ان جي ٻيڙي ٻوڙي، ته اها جدا ڳالهه آهي.

هنگلاج برصغير جو هڪ قديم مذهبي زيارتگاهه آهي. چون ٿا ته حضرت ابراهيم عليه السلام واري زماني جو آهي. منهنجو خيال آهي ته مٿس اهو نالو هنگور نديءَ تان پيو آهي. لسانيات جي ماهرن جو رايو آهي ته ڪي اچار بدلجن ٿا. اسان وٽ ان جو هڪ مثال ”ڪراچي“ آهي. جڏهن ڳوٺڙو هئي ته منجهس مهاڻن ۽ ڪولاچي قبيلي جي ماڻهن جا گهر گهڻا هئا. سو، ڪولاچي ڪوٺيندا هئس. ڪولاچي قبيلو اڃا سنڌ ۾ عام جام آهي. ٿر جي پاسي مرحوم خان محمد پنهور اسان کي ٽنڊو ڪولاچيءَ ۾ جلسي تي وٺي ويو هو. اسان جي پنهنجي ڳوٺ کان ميل ٻه پري ڪولاچين جو ڳوٺ آهي. خود ڪراچيءَ ۾ بوٽ بيسن وٽ ”مائي ڪولاچي روڊ“ آهي.

لام بدلجي ”ر“ ٿيو ته ڪولاچي بدلجي ڪراچي ٿي. هنگور به ائين ئي هنگلاج ٿيو هوندو. مان چين ويس ته چيني مون کي ”غلام ربانيءَ“ بدران ”غلام لباني“ ڪوٺيندا هئا. منهنجو پٽ عزيز آگرو چين پڙهڻ ويو ته سندس چيني دوست کيس ”آگلو“ ڪوٺيندا هئا. آگرو ڪونه ڪوٺي سگهندا هئا. اها ماجرا اسان جو ڊاڪٽر الانا سولائيءَ سان سمجهائي سگهندو.

هندستان جي قديم تاريخ ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جو سڄو فلسفو انهيءَ ڳالهه تي ٻڌل آهي ته ماڻهوءَ کي نرواڻ يا ڇوٽڪارو (PEACE OF MIND) تڏهن نصيب ٿيندو، جڏهن ”خواهش“ ختم ڪندو، پر هنگلاج ۾ ته قصو ئي ابتڙ نظر آيو. ”آسا پوري“ ڪيڏو نه معنيٰ خيز نالو آهي! ۽ گوتم ٻڌ جي فلسفي جي صاف ترديد آهي ته ڪابه خواهش ۽ آس نه ڪبي ته دنيا جي سورن مان ڇوٽڪارو ملندو.

شاهه سائين سامين سان گڏجي هنگلاج ويو هو. ڪنهن شخص ٽوڪ ڪري چيو ته:

ڪوڙا سامي، ڪوڙا سامين پنڌ،

هوت آهي هر هنڌ، هو هليا هنگلاج ڏي.

شاهه سائينءَ جڏهن اهو بيت ٻڌو ته فرمايائين ته:

سچا سامي، سچا سامين پنڌ،

هوت آهي هر هنڌ، هنن ڏٺو هنگلاج ۾.

هنگلاج ڏسي، وري اچي هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ٿياسين ۽ ڪراچي ۾ ايئرفورس جي اڏي تي اچي لٿاسين. رات ڪراچيءَ جي پرل ڪانٽينينٽل هوٽل ۾ ٽڪياسون يا شيريٽن ۾، اهو ياد ڪونهي.

هڪڙي ڀيري ڊاڪٽر شمل اسلام آباد ۾ آيل هئي. جنرل رحيم الدين جي اهليه، بيگم ثاقبه صاحبه مون کي چيو ته، صبح جو يارهين ڌاران مون وٽ چاءِ پيو، ته ڏاڍو سٺو. جنرل رحيم الدين سال ٻه اڳي بلوچستان جو گورنر هوندو هو. سندس بيگم صاحبه سان منهنجي دعا سلام هئي. هوءَ اسلام آباد ۾ مون کي سوکڙيون پاکڙيون موڪليندي رهندي هئي: ڪڏهن ميوو ۽ مٺايون ته ڪڏهن گلدستا. پاڪستان جي پهرئين پهرئين وزير تعليم، مرحوم ڊاڪٽر محمود حسين جي ڌيءُ ۽ هندستان جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي ڀائٽي آهي.

بيگم صاحبه سان ”هائو“ ڪيم. ڊاڪٽر شمل اشارو ڏنو ته رات جو ڪوبه پروگرام نه رکجو. مان واندي ڪانه آهيان. مون ائين ئي ڪيو. ٻئي ڏينهن صبح جو ناشتو ڪري، ڪا انگريزي اخبار پڙهيم، ته منجهس خبر ڇپيل هئي ته، ”ڊاڪٽر شمل ڪالهه رات جرمن سفارتخاني ۾ حڪومت جي مخالف ڌر جي اڳواڻ بينظير ڀٽي کي مانيءَ تي سڏيو هو.“

بيگم ثاقبه جي گهر چاءِ لاءِ ويندي، ڊاڪٽر شمل ڪار ۾ اها اخبار ڏٺي. مون کي چيائين ته ”توکان ڪير پڇي، ته چئجانس ته هارورڊ ۾ مون سان ميل ملاقات هيس.“

بيگم ثاقبه وٽ چاءِ پي، اسان اسلام آباد ايئرپورٽ تي وياسين ۽ لاهور روانا ٿياسين. ملتان جو مخدوم، سجاد حسين قريشي گورنر پنجاب هو. ٻئي ڄڻا گھرا گهاٽا هئاسين. مخدوم صاحب لنچ تي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر، اعليٰ عملدار ۽ لاهور جا معزز شهري سڏيا هئا. چاليهارو کن مهمان هئا. سروس لنچ هئي. وڏو ٺَٺ ڪيو هئائين. ماني کائي اُٿياسين. مهمان موڪلائي ويا، ته مخدوم صاحب سان ڪچهري ڪئيسون. باغ و بهار شخصيت جو مالڪ هو. ماڻهوءَ تي جادو ڪري ڇڏيندو هو. انگريزي، اردو، سنڌي ۽ سرائڪي ڳالهائيندو هو. کل ڀوڳ ته سندس گفتگو ۾ گلاب جي گلن وانگر ٽڙندا هئا. مون زندگيءَ ۾ اهڙو ٻيو سخن سنج ماڻهو فقط هڪ ڏٺو. دادو ضلعي ۾، ماڏي ۾ خليفو حڪيم عبدالحميد خان چانڊيو. پر، افسوس آهي ته مخدوم صاحب جڏهن پنجاب جو گورنر ٿيو، ته مٿس مون هلڪو اثر ڏٺو. صحيح معنيٰ ۾ وڏو انسان هو. کيس پاور جو اثر وٺڻ نه کپندو هو. اقتدار اچڻي وڃڻي شيءِ آهي ۽ ڏاڍي بڇڙي بلا آهي. ماڻهوءَ جو مٿو خراب ٿي وڃي ٿو. جڏهن پاور ڇڏائجي ويس ته احساسِ محرومي ٿيس ۽ مخالف دشمنيءَ تي لهي آيس ۽ فالج جو عارضو ٿي پيس.

مان اهو ٻُڌي وٽس حاضري ڏيڻ ويس. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ۽ منهنجو ساٿي ميجر جنرل عبدالقيوم به گڏ هو. مخدوم صاحب وٽ ماني کاڌيسون ۽ مجلس ڪئيسون. سندس ڪچهري اڳي وانگر دل بهار هئي. پر افسوس ته ان جا گلاب ۽ رابيل ڪومائجي ويا هئا.

لاهور ۾ ڊاڪٽر شمل ۽ مان مخدوم صاحب سان گڏ،  گورنر هائوس ۾ صبح جو ناشتو ڪري، اسلام آباد واپسيءَ لاءِ تيار ٿي رهيا هئاسين، ته مخدوم صاحب اڪيلو منهنجي ڪمري ۾ هليو آيو ۽ خوش خير عافيت ڪري، چيائين ته، ”رباني، پنهنجا ڪي حال احوال ڏيون وٺون.“

مون انگريزي اخبار کڻي سندس اڳيان رکي. جرمن سفارتخاني واري خبر پڙهي حالي ته چپ ٿي ويو. ڪجهه دير سوچڻ کان پوءِ، رازداريءَ ۾ مون کي صلاح ڏنائين ته، ”رباني، پنهنجو ڇا وڃي؟“

هڪ دفعي ڊاڪٽر شمل الائي ته ڪهڙيءَ سوچ ۾ هئي. مون کي چيائين ته، ”رباني، تون منهنجن پرن تي سوار آهين.“

اهو ٻڌي، مان ته حيران ٿي ويس!  ڏاڍو ڏک ٿيم ۽ ڪئرن سان ڳالهه ڪيم. هُوءَ به ڏکوئجي وئي ۽ چيائين ته هر انسان ۾ خوبيون ۽ ڪمزوريون آهن. ڪڏهن ڪڏهن مون کي به ائين ڏکويو اٿس! پوءِ ٻه ٽي مثال ٻڌايائين.

ملڪ ۾ محترمه بينظير صاحبه جي حڪومت آئي، ته وزيرِ تعليم سائين غلام مصطفيٰ شاهه هو. مون کيس چيو ته، ”هن سال، اوهان وزير تعليم جي حيثيت ۾، اسان جي اديبن جي اڳواڻ طور، چين جو چڪر ڏئي اچو. مون چيني سفارتخاني سان ڳالهائي، سڄو بندوسبت ڪري ڇڏيو آهي.“

شاهه صاحب خوش ٿيو ۽ هائو ڪيائين پر، جڏهن وزير اعظم سان ڳالهه ڪيائين ته هن چيس ته، ”مخالف ڌر وارن جا ارادا نيڪ ناهن. سو، مان سمجهان ٿي ته اسان جي پارٽيءَ جو ڪوبه اهم ماڻهو ملڪ کان ٻاهر نه وڃي.“ شاهه صاحب مون کي فون تي اها ڳالهه ڪري چيو ته، ”هاڻي، تون ئي وڃي اديبن کي چين گهمائي اچ.“ مان ته اڳي ئي چين مان ٿي آيو هئس. پر، هاڻي وري وڃڻو پيو. هفتو کن ٽڪي، پنهنجي هڪ دوست اديب کي وفد جو ”ڊپٽي ليڊر“ مقرر ڪري، پاڻ پاڪستان موٽي آيس. پر، مان اڃا پهتو ڪونه هئس، ته ڊاڪٽر شمل اڳي ئي پهچي ويئي هئي. ايڪيڊميءَ جو هڪ اعليٰ عملدار ڪئبينيٽ ڊويزن مان ڪار وٺي، اسلام آباد ايئرپورٽ تي سندس استقبال لاءِ موجود هو. هُوءَ ڪار ۾ ويٺي، پر، اهو ڏسي مايوس ٿي ته سندس گاڏيءَ جي اڳيان ۽ پٺيان هلندڙ ساين ڳاڙهين بتين وارا موبائيل ۽ سفيد يونيفارم ۾ ملبوس پائلٽ ته آهن ئي ڪونه. ايڪيڊميءَ جي آفيسر جو اُن ۾ ڪو ڏوهه ڪونه هو. اهو سڄو بندوبست ته مان پاڻ ڊاڪٽر شمل سان، پير صاحب مرحوم جي دوستيءَ ڪري، شخصي لڳ لاڳاپا استعمال ڪري، ڪندو هئس. پوليس موبائيل ۽ پائلٽ کان سواءِ ٽيهه پوليس وارا گاڏين ۾ سندس اڳيان پويان هلندا هئا، ڄڻ ته ڪو ”اسٽيٽ گيسٽ“ وڃي رهيو آهي. کيس هميشه اعليٰ درجي واريءَ بلئڪ مرسڊيز ۾ ويهاريندو هئس. هوائي سفر سولو ڪونه هوندو هو ته فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ وٺندو هئس. فوج کان هيلي ڪاپٽر ڪرايي تي وٺندو هئس. ”ايوانِ صدر“ مان ”سرڪاري مهمان“ جا فرمان ته ٻين جا به نڪرندا رهندا هئا، پر انهن کي ڪير ٿو ليکي؟ هڪ دفعي حيدرآباد دکن مان ٻه اهڙا ”سرڪاري مهمان“ ٿي آيا. مون کين هوٽل ۾ ٽڪائي ڇڏيو. ماني سو سٺي ملندي هئن ٻيو ٿيو خير.

- پر، ڊاڪٽر شمل کي غير ملڪي سربراهه وارو پروٽوڪول ڏياريندو هئس. اها ڪا سولي ڳالهه ڪانه هئي، پر کيس ڪڏهن ڪونه ٻڌايم، ته مون کي سندس دورن لاءِ ڪيڏا ڪشالا ڪڍڻا پون ٿا! دل ۾ چيم ته مان سڀ سُور پير صاحب جي صدقي سهان ٿو. تون چوين ٿي ته، ”مان تنهنجن پرن تي سوار آهيان!“ هاڻي ڏسنداسون ته ڪير ڪنهن جي پرن تي سوار آهي؟“

حُسين شاهه جي بيگم، ادي شميم ڏاڍي سياڻي آهي، تنهن هڪ دفعي کِلي چيو ته، ”ادا، تو ڊاڪٽر شمل کي ايترو ته مٿي چاڙهي ڇڏيو آهي، جو هيءَ مائي هاڻي سولائيءَ سان هيٺ ڪانه ايندي.“

بهرحال، ايڪيڊميءَ جو اعليٰ عملدار اسلام آباد ايئرپورٽ تان ڊاڪٽر شمل کي آفيس ۾ وٺي ويو، جتي سندس مانَ ۾ ڏهه ويهه اعليٰ اديب چاءِ تي سڏيا هئائين. ڊاڪٽر شمل اسلام آباد ۾ ڏينهن ٻه رهي، لاهور ويئي. اتان جو ايڪيڊميءَ جو آفيسر وري کيس خوش ڪرڻ لاءِ جانورن جي باغ ۾ وٺي ويو ۽ ”نيل گانءِ“ ڏيکاريائين. هن غريب جو عقل ئي ايترو هو. ڊاڪٽر شمل ڪَڪ ٿي ڪراچيءَ ويئي. مان چين مان موٽي پاڪستان پهتس، ته پاڻ موٽي جرمنيءَ پهچي چڪي هئي.

ٻئي سال پاڪستان ڪانه آئي. ڪئرن نياپو ڏنو ته چوي ٿي ته، ”رباني مون کي پاڪستان جي دوري لاءِ پاڻ دعوت موڪلي.“

ڪئرن مون سان حُجائتي هئي. چيومانس ته، ”ڊاڪٽر شمل، صدر پاڪستان جي دعوت تي هت ايندي رهي آهي. صدر پاڪستان جي فرمان مٿان ايڪيڊميءَ جو ڪوبه عملدار پنهنجو فرمان جاري ڪيئن ڪندو؟ جيئن هميشه ايندي آهي، تيئن هن سال به هلي اچي. مان منهن ڏيندس، پر شڪر جو هاڻ کيس احساس ٿيو آهي ته سندن دورن ۽ سفرن ۾ ڪير ڪنهن جي پَرَن تي سوار هو؟“

حُسين شاهه راشدي انهيءَ سڄيءَ حقيقت کان واقف هو ته مان سائين حسام الدين شاهه جي ڪري ئي ڊاڪٽر شمل سان اهي پير ڀري رهيو آهيان. سو، ”سنڌ ٽي.وي تي هڪ انٽرويو ۾ وفات کان اڳ منهنجي خدمتن جي تعريف ڪيائين ۽ چيائين ته، ”ربانيءَ، چاچا جي قرب ۽ دوستيءَ جو حق ادا ڪيو.“

بهرحال، ڪئرن ڏک مان چيو ته، ”رباني، تنهنجي ڳالهه صحيح آهي. پر، شمل منجهيل آهي.“ پوءِ رازداريءَ ۾ ٻڌايائين ته، ”محترمه بينظير ڀٽو، وزيراعظم ٿي، ته اسلام آباد ۾ ڪنهن ادبي جلسي ۾ صدارت ڪرڻ وئي. ڊاڪٽر شمل به اُنهيءَ جلسي ۾ پهرينءَ صف ۾، مون سان گڏ، سندس سامهون ويٺي هئي. جلسي هلندي، اوچتو ڪرسيءَ تان اٿي، اسٽيج جا ٻه ٽي ڏاڪا تڪڙي تڪڙي چڙهي، وزيراعظم وٽ پهتي. کيس هڪ ڪتاب تحفتاً پيش ڪيائين ۽ واپس اچي، پنهنجيءَ ڪرسيءَ تي ويٺي. مون کي ڪَنَ ۾ سُرٻاٽ ڪيائين ته، ”ٽي.وي. ڪئميرا ته منهنجو ڦوٽو ڪڍيو هوندو.“

ڪئرن چيو، مان ته سندس ڳالهه ٻڌي وائڙي ٿي ويس ۽ دل ۾ چيم ته انهيءَ خسيس ڳالهه جي توکي ڪهڙي ضرورت هئي!

مون ڪئرن کي چيو ته، ”مان ڪاٿي هئس؟“

ڪئرن چيو ته، ”تون اڃا چين ۾ هئين.“

ڪئرن چيو ته، ”محترمه بينظير صاحبه ساڻس ملي. کانئس ڪتاب ورتائين. شڪريو ادا ڪيائين، پر کيس چاءِ جي ڪوپ جي به صلاح ڪانه ڪيائين. سو، شمل سڀ ڪجهه سمجهي ٿي. مان ڀانيان ٿي، ته هاڻي تنهنجيءَ سرڪاري دعوت ۽ بندوبست کان سواءِ هُوءَ پاڻ مرادو پاڪستان جي سرڪاري دوري تي ڪانه ايندي.“

 ڪئرن جو خيال صحيح نڪتو، ڊاڪٽر شمل پاڪستان جي سرڪاري دوري تي وري ڪانه آئي.

ڊاڪٽر شمل سنڌ جو آخرين ديدار وري به مون سان گڏ ڪيو. سو، هيئن ته مسٽر آخوند، سيڪريٽري ڪلچر سنڌ، هڪ دفعي چيو ته، ”ٻڌو اٿم ته ڊاڪٽر شمل اقبال ايڪيڊميءَ جي دعوت تي لاهور اچي رهي آهي. حيدرآباد ۾ پاڻ وٽ به ليڪچر ڏئي ته سٺو.“

مون ساڻس واعدو ته ڪونه ڪيو پر ايترو چيو ته، ”ڪوشش ڪري ڏسان ٿو.“

ڊاڪٽر شمل کي ڪئرن جي وسيلي جرمنيءَ ۾ نياپو موڪليم. جواب موڪليائين ته، ”رباني کي چئو، ته منهنجو پروگرام ته اڳ ئي فائينل ٿيل آهي، پر تنهنجو پيغام اکين تي. هاڻي هيئن ڪنديس، ته پروگرام کان ڏينهن ٻه اڳي ڪراچيءَ ايندس، پوءِ گڏجي حيدرآباد هلنداسين.“

ستت، جرمنيءَ مان ڪراچيءَ پهتي. پنهنجو نئون ڪتاب به مون لاءِ تحفي طور کنيون آئي. صبح جو سوير، نواب يوسف ٽالپر پنهنجي ذاتي ڪار مون کي موڪلي ڏني. مون اڳي ئي ساڻس ڳالهه ڪري ڇڏي هئي. اهو به بار رکيو هو مانس ته، ”حيدرآباد مان موٽ تي لنچ اوهان وٽ کائينداسون.“

گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي سربراهه مسز زمان کي به ڊاڪٽر شمل جي ڪمپني ڪرڻ لاءِ چئي ڇڏيو هئم، جا به جرمن خاتون هئي. ڪنهن پاڪستانيءَ سان شادي ڪري هتي آئي هئي. منهنجي گهرواري ۽ ٻارڙا به ڊاڪٽر شمل سان ڪمپني ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ پهتا.

صبح جو اسان سڀ ٺٽي واري رستي کان حيدرآباد روانا ٿياسين. ڊاڪٽر شمل ۽ مسز زمان حيدرآباد جي سفر ۾ ٻه ڳالهيون دلچسپ ڪيون. پهرين ڳالهه هيءَ ته سامهون ويندڙ ٽرڪن کي اهي ڪاريون اڳڙيون ٻڌل ڇو آهن، جيڪي پري کان جهنڊين وانگر، هوا ۾ ڦڙڪنديون نطر اچن ٿيون!

مون چيو ته، ”سچي ڳالهه اها آهي ته مون کي به خبر ڪانهي، پر ڀانيان ٿو ته اهو ڪاريءَ نظر کي ٽارڻ لاءِ هڪ سوڻ آهي.“ ٻئي مون سان متفق ٿيون. ٻي ڳالهه اهڙي ڪيائون، جيڪا مغرب ۽ مشرق جي سوچ ۾ فرق جي نشاني آهي.

مون چيو ته، اسان وٽ ازدواجي زندگي برقرار آهي، جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه آهي. ليڪن، مغربي معاشرو اندران ئي اندران ڀڄي ڀري، ريزه ريزه ٿي رهيو آهي. SINGLE PARENTS SYSTEM شروع ٿي چڪو آهي.“

ڊاڪٽر شمل ۽ مسز زمان ٻنهي چيو ته، ”اوهان وٽ به سڀ مرد ۽ زالون هڪٻئي مان خوش ڪونهن. ڪيتريون ئي زالون ۽ مڙس هر ۾ جوٽيل ڏاندن جي جوڙي وانگر مجبور آهن. اوهان جو فيملي سسٽم ائين برقرار آهي ته عورت کي پنهنجا حق حقوق حاصل ڪونهن. جڏهن زال مڙس رضا خوشيءَ سان گڏ گذاري نٿا سگهن، ته پوءِ لاچار زندگي گڏجي گذارڻ مان فائدو؟“

منهنجو خيال هو ته مغرب ۾ طلاق جيڪا وبائي صورت اختيار ڪئي آهي، ۽ ٻارڙا SINGLE PARENTS SYSTEM جي جنهن ڏکوئيندڙ صورتحال ۾ پلجي وڏا ٿين ٿا ۽ وڏي هوندي خودغرضيءَ ۾ مبتلا ٿين ٿا، تنهن ضرور مغربي معاشري کي احساس ڏياريو هوندو، ته طلاق جو شوق کين مهانگو پيو. آسٽريليا ۾ صورتحال هيءَ آهي ته پنجاسي سيڪڙو عورتون طلاق يافته آهن، پر ڊاڪٽر شمل ۽ مسز زمان ٻنهي ان جي ابتڙ راءِ ڏني.

ڊاڪٽر شمل ٽين ڳالهه اهڙي ڪئي، جنهن جو مون وٽ ڪوبه جواب ڪونه هو. پڇيائين ته علامه اقبال پنجاب جي عظيم صوفي شاعرن جو ڪلام ته پڙهيو هوندو. مون چيو ته مان به ائين ئي سمجهان ٿو.

تڏهن وري پڇيائين ته پوءِ پنهنجي ڪلام ۾ پشتو شاعر خوشحال خان خٽڪ کي ته تعريف جوڳن لفظن ۾ ياد ڪيو اٿس. پر، ڪنهن به پنجابي صوفي شاعر جو نالو ڪونه کنيو اٿس؟ سو، ڇو؟“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org