سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  سائو پن يا ڪارو پنو

باب-9

صفحو : 10

باب ڏهون

مالاڪنڊ فيلڊ فورس

Malakand Field Force

 

هندستاني سرحد تي جڏهن پٺاڻ قبائلين جي بغاوت شروع ٿي انهيءَ وقت آءُ گڊ وڊ (Good wood) جي سبزه زارن تي هوس ۽ پئسا کٽيندو پئي ويس. مون اخبارن ۾ پڙهيو ته ٽن برگيڊن تي ٻڌل هڪ فيلڊ فورس جي تشڪيل ٿي چڪي آهي ۽ انهيءَ جو سربراهه سربائيڊن بلڊ آهي. مون فوراً تار ڪري کيس پنهنجو واعدو ياد ڏياريو ۽ برائينڊيسي[1] (Brindisi) لاءِ ريل گاڏيءَ ۾ سوار ٿيس جيئن اتان انڊين ميل ۾ چڙهي سگهان. مون لارڊ وليم بيريسفورڊ کي به دليل دلائل ڏئي پنهنجو حامي ڪري ورتو. هن منهنجين گذارشن کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪري جنرل تائين پهچايو ۽ منهنجي ريل گاڏي وڪٽوريا مان رواني ٿيڻ کان اڳ مارلبورو ڪلب ۾ پنهنجي خاطر تواضع ڪئي. اهي بيريسفورڊ ڏاڍي رک رکاء وارا هوندا هئا ۽ هر ڪنهن ملڻ واري کي اهو تاثر ڏياريندا هئا ته سموري دنيا ۽ انهيءَ ۾ موجود سڀني ماڻهن مان آخرڪار فائدو ئي ٿيڻو آهي. مون کي چڱي طرح ياد آهي ته هن مون کان عمر ۾ ڪيترائي سال وڏن پنهنجن ڪلب جي دوستن سامهون منهنجي خواهش جو اظهار ڪئين نه ڪيو هو ته: ’هي اڄ رات اوڀر طرف جنگ جي ميدان ڏانهن پيو وڃي‘. انهيءَ موقعي تي گهڻا ماڻهو فقط اهو چون ها ته: ’هي انڊيا ٿو وڃي. پر انهيءَ نسل لاءِ اوڀر جو مطلب ڪارنامن ۽ انگلينڊ لاءِ فتحن جو دروازو هوندو هو. سندس انهيءَ ڳالهه تي هنن پڇيو ته ”ڇا هو محاذ تي ٿو وڃي؟“ ڪاش آءُ جيڪر انهن جي جواب ۾ چئي سگهان ها ته ”هائو! منهنجي اها خواهش آهي.“ بهرحال انهن سڀني جو رويو تمام دوستاڻو ۽ پرجوش هو. آءٌ پاڻ کي ڏاڍو اهم محسوس ڪرڻ لڳس. پر سر بائينڊن بلڊ جي مهم جي رٿا بابت به ڏاڍو محتاط رويو رکندو آيس.

آءٌ ريل گاڏيءَ تي به عين وقت تي وڃي پهتس پر انهيءَ تي سوار ٿيڻ وقت تمام پُرجوش لڳو پيو هوس.

انڊيا ڏانهن هڪ سامونڊي سفر ئي ڪافي آهي. ٻين سفرن ۾ تجربي جي لحاظ کان ڪابه نواڻ نه هوندي آهي. اهي سال جا گرم ترين ڏينهن هئا ۽ ڳاڙهي سمنڊ تي هوا به بلڪل بند هئي انهيءَ ڪري ساهه ٻوساٽجي رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ بجلي وارا پکا ته هوندا نه هئا باقي ماڻهن سان ڳتيل ڊائننگ سيلون ۾ هٿ واريون جهليون ڏاڍي زور سان لُڏي کاڌي جي بوءِ واري گرم هوا پيدا ڪري رهيون هيون. پر اهي جسماني اهنج منهنجين ذهني پريشانين جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه هئا. آءٌ پورن پندرنهن ڏينهن جي موڪل تان هٿ کڻي رهيو هوس. برائينڊيسي ۾ به سر بائينڊن بلڊ وٽان ڪوبه جواب نه پهتو. مون سوچيو ته اهو عدن ۾ ته ضرور پهچي ويندو. عدن پهچڻ تي جڏهن اسٽيورڊ ٽپال ورهائي رهيو هو ته منهنجا پير زمين تي ئي نه ٿي کُتا پر هو آخري تار به ڏئي مون کي نااميد ڇڏي هليو ويو. پر بمبئي ۾ خوش خبري ملي وئي. جنرل جي تار ۾ لکيل هو ته: ”ڏاڍو مشڪل آهي، جايون خالي نه آهن، نامه نگار طور اچ، توکي ڪا جاءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس. بي. بي.

مونکي سڀ کان پهريان بنگلور ۾ پنهنجي رجمينٽ مان موڪل وٺڻي هئي. انهيءَ جو مطلب ته مونکي پنهنجي اميدن جي مرڪز جي ابتڙ رخ ۾ ٻن ڏينهن جو ريل سفر ڪرڻو هو. رجمينٽ وارا مونکي پنهنجي موڪل پوري ٿيڻ کان اڳ واپس ڏسي حيران ته ٿيا پر ڊيوٽيءَ لاءِ هڪ واڌو سبالٽرن کي هميشه خوش آمديد ئي چيو ويندو آهي. انهيءَ دوران پائنيئر (Pioneer) اخبار مونکي پنهنجو جنگي نامه نگار (War correspondent) مقرر ڪري ڇڏيو. انهيءَ سان گڏوگڏ منهنجي ماءُ انگلينڊ ۾ اهو به بندوبست ڪري ڇڏيو ته منهنجا خط ساڳئي وقت ڊيلي ٽيليگراف اخبار ۾ به ڇپبا جنهن لاءِ اهي پنج پائونڊ في ڪالم معاوضو ڏيڻ لاءِ راضي هئا. جيئن ته مونکي سڀ خرچ پنهنجي هڙان وڙان ڪرڻو هو تنهنڪري اها ايتري وڏي رقم نه هئي. آءٌ جڏهن اهي صحافتي اجازت ناما پنهنجي ڪمانڊنگ آفيسر وٽ کڻي ويس ۽ کيس سر بائينڊن بلڊ جي تار ڏيکاريم ته آءٌ ذهني طور ڏاڍو پريشان هوس پر هڪ ته ڪرنل منهنجو لاڏ کڻي ورتو ۽ ٻيو ته قسمت به مهربان هئي جو جيتوڻيڪ تار بلڪل غير رسمي ۽ غير سرڪاري انداز ۾ لکيل هئي ته به هن چيو ته آءٌ ڀلي وڃي پنهنجي قسمت آزمايان. تنهنڪري آءٌ انهيءَ رات ئي پنهنجو ڊريسنگ بئاء ۽ سفري ٿيلهو ساڻ کڻي بنگلور ريلوي اسٽيشن ڏانهن روانو ٿي ويس ۽ نوشهري لاءِ ريل گاڏي جي ٽڪيٽ ورتم. هندستاني ڪلارڪ مون کان پئسن جي ننڍڙي ڳوٿري وٺي ڳڙکيءَ مان آرڊنري ٽڪيٽ کسڪائي ڏني. مونکي هورا کورا لڳي پئي هئي تنهنڪري پڇيومانس ته اهو ڪيترو پري آهي؟ انهيءَ بااخلاق هندستاني هڪ ريلوي ٽائيم ٽيبل کڻي ڏٺو ۽ بلڪل عام رواجي نموني چئي ڇڏيائين 2028 ميل. مون سوچيو ته انڊيا ته تمام وڏو ملڪ ٿيو! انهيءَ جو مطلب ته تمام سخت گرميءَ ۾ پنجن ڏينهن جو سفر ڪرڻو پوندو. آءٌ اڪيلو هوس پر جيئن ته ڪافي ڪتاب گڏ هئا تنهنڪري وقت خراب نه گذريو. انهن ريلوي گاڏن ۾ مقامي حالتن مطابق سٺو بندوبست ٿيل هوندو هو. ٻاهرئين هلاک ڪندڙ اُس کان بچڻ لاءِ درين تي مضبوط شٽر لڳل هوندا هئا ۽ پُسيل ڪکن ڪانن جي هڪ گول ڦيٿي جي ذريعي اهي چڱا ٿڌا به رهندا هئا. ماڻهو انهن کي وقت بوقت ڦيرائيندا رهندا هئا. مون پنج ڏينهن انهيءَ متحرڪ، اونداهي ۽ نرم ڀتين واري کوليءَ ۾ گذاريا ۽ گهڻو وقت بتيءَ جي روشني يا ٻاهران ايندڙ بنهه ٿوري روشني جي ترورن تي ويٺو ڪتاب پڙهندو رهيس.

مون راولپنڊي ۾ هڪ ڏينهن ۽ رات جو وقفو ڪيو. اتي ڦورٿ ڊريگون گارڊس ۾ منهنجو سبالٽرن دوست رهندو هو. اهو وقت انهيءَ وٽ گذاريم. راولپنڊي جيتوڻيڪ محاذ کان سوين ميل پري هو پر اتي به هڪ قسم جي هلچل لڳي پئي هئي. سموري ڇانوڻيءَ ۾ هرڪو ماڻهو اها اميد ڪيون ويٺو هو ته کيس اتر طرف موڪليو ويندو. هر قسم جون موڪلون بند ڪيون ويون هيون ۽ دريگون گارڊس ذهني طور بلڪل تيار ويٺا هئا ته کين ڪنهن به وقت تلوارون تکيون ڪرڻ جو حڪم ملي ويندو. اسين ڊنر کان پوءِ سارجنٽ ميس ڏانهن لڙي وياسون. اتي شوقيه ڳائڻ وڄائڻ جي محفل پئي هلي. ڪنهن به قسم جي بوءِ ماضيءَ جي ياد تازي ڪرڻ جو هڪ موثر ذريعو هوندي آهي. بوءِ نه هجي ته ڪا موسيقيائي ڌن به ساڳيو ڪم ڪندي آهي. آءٌ جنهن به جنگ ۾ ويو آهيان يا منهنجي زندگيءَ جي هر اهميت ۽ دلچسپيءَ واري دور متعلق منهنجي ذهن ۾ ڌنون محفوظ آهن. ڪنهن ڏينهن جڏهن منهنجو جهاز گهر واپس پهچندو ته آءٌ اهي سڀ ڌنون گرامو فون رڪارڊن تي چاڙهيندس ۽ ڪرسيءَ تي ويهي سگار پيو ڇڪيندس ۽ منهنجي ذهن تان گهڻو اڳ ويسارجي ويل ماڻهن جا چهرا ۽ مختلف منظر، احساس ۽ مزاجي ڪيفيتن جون يادون تازيون ٿينديون وينديون ۽ گذريل ڏينهن جا ڌنڌلا پر حقيقي عڪس اُڀري ايندا. انهيءَ موقعي تي سپاهين جيڪي گيت چيا هئا اهي مونکي چڱي طرح ياد آهن. انهن ۾ (The New Photographee) گيت به هو. انهن ڏينهن ۾ تازو هڪ حيران ڪندڙ ڪيميرا ايجاد ٿي هئي جنهن جي مدد سان ڪنهن به پردي يا نيم شفاف رڪاوٽ جي پويان به فوٽو ڪڍي سگهجن ها. انهيءَ گيت ۾ انهيءَ ايجاد جو ذڪر هو. مون انهيءَ بابت پهريون دفعو تڏهن ٻڌو هو. ائين پئي لڳو ته هاڻي شايد جلد ئي ڪنهن به قسم جي پرائيويسي جو تصور ختم ٿي ويندو. انهيءَ بابت گيت جا ٻول هئا:

The inside of everything you see,

A terrible thing an horrible thing is new photographee.

[توهان هر شي جي اندر نظر وجهي سگهو ٿا

نئين فوٽو گرافي ڏاڍي خطرناڪ ڳالهه آهي.]

بهرحال اسان ته انهيءَ کي هڪ ڀوڳ ئي سمجهيو هو پر پوءِ مون اخبارن ۾ پڙهيو ته اهي ڪنهن ڏينهن توهان جي جسم جون هڏيون به ڏسڻ جي قابل ٿي ويندا. انهن وري هڪ ٻيو گيت ڳاتو جنهن جو ڪورس هي هو:

And England asks the question,

When danger is nigh,

Will the sons of India do or die?

[انگلينڊ سوال ٿي ڪري ته

جڏهن خطرو سِر تي اچي پهتو آهي

ته هندستان جا جوڌا مرڻ لاءِ تيار ٿيندا؟]

ظاهر آهي ته انهيءَ جو وڏي خاطري ڏيندڙ جواب اچي رهيو هو. پر سڀ کان بهترين گيت جا ٻول هي هئا:

The great white Mother, far across the sea,

Ruler of the Empire may she ever be,

Long may she reign, glorious and free,

In the Great White Motherland.

[سمنڊ پار عظيم سفيد ماءُ

شال سدائين سلطنت جي حڪمران رهي

عظيم سفيد فام وطن ۾

شال آزادي ۽ شان شوڪت سان حڪومت ڪندي رهي.]

اهڙن اعلى جذبن جو اظهار ٿيندي ٻڌي ۽ خاص طور رجمينٽل ميس ۾ ڏاڍي سٺي نموني خاطر تواضع ٿيڻ کان پوءِ منهنجا جذبا ڏاڍا بلند ٿي ويا. انهيءَ جي باوجود به مون پنهنجي اٿي ويٺيءَ ۾ هڪ محتاط انداز قائم رکيو. ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت انهيءَ نامياري رجمينٽ ۽ منهنجي رجمينٽ وچ ۾ هڪ قسم جي اڻبڻت هلندي پئي آئي. انهيءَ جو سبب اهو ٿيو هو جو فورٿ ڊريگون گارڊس جي هڪ آفيسر فوجي نوڪري جي بلڪل عام رواجي معمول مطابق اسان جي هڪ ڪيپٽن ڏانهن تار موڪلي هئي ته: ”فورٿ ڊريگون گارڊس ۾ بدلي ٿي اچڻ لاءِ تنهنجا گهٽ ۾ گهٽ شرط ڪهڙا آهن؟“ انهيءَ تي اسان جي ڪيپٽن به ڏاڍي خوش مزاجيءَ سان جواب موڪليو ته: ”ڏهه هزار پائونڊ روڪ، نوابي خطاب ۽ فوجي ورديون.“ ڊريگون گارڊس کي انهيءَ تي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ انهيءَ مان اهو مطلب ڪڍيائون ته هو سڀ سندن رجمينٽ بابت اهڙي سوچ رکيو ويٺا آهن. اسان پوءِ 1898ع ۽ 1899ع ۾ جڏهن انهيءَ بهترين رجمينٽ سان پولو جون ميچون کيڏيون ته انهيءَ جذباتي ڇڪتاڻ سبب مقابلن ۾ ڏاڍو جوش و خروش پيدا ٿي ويندو هو.

آءٌ پنهنجي پڙهندڙن کي اها ڳالهه وسارڻ نه ڏيندس ته آءٌ هڙ تڪڙ ۾ محاذ تي وڃي رهيو هوس ۽ بنگلور ڇڏڻ کان پوءِ ڇهين ڏينهن تي صبح جو سوير نوشهري جي پليٽ فارم تي بيٺو هوس. مالاڪنڊ فيلڊ فورس لاءِ ريل جي ذريعي رسد پهچڻ جي اها آخري اسٽيشن هئي. اسٽيشن کان اڳتي ميداني علائقي ۾ تيز اُس ۾ چاليهن ميلن جو پنڌ هو. انهيءَ کان اڳتي مالاڪنڊ دري (Malakand Pass) وٽ پهچڻ لاءِ ورن وڪڙن واري اتهين چاڙهي چڙهڻ لاءِ تانگو ڪم اچي ٿو. تانگو تيز گهوڙن سان ڇڪي ويندڙ هڪ قسم جي ننڍي گاڏي آهي. سربائينڊ بلڊ ٽي سال اڳ انهيءَ دريءَ ۾ داخل ٿي ويو هو ۽ هاڻي انهيءَ نئين مهم جي هيڊ ڪوارٽر سان گڏوگڏ هر قسم جي هٿيارن سان ليس هڪ برگيڊ انهيءَ چوٽيءَ تي ڪيمپ ۾ موجود هئي. آءٌ مٽيءَ ۽ دز ۾ ڀڀوت ٿي انهيءَ ڪيمپ جي اسٽاف آفيس ۾ پيش ٿيس. جنرل پاڻ موجود نه هو. هو هڪ مختصر فوجي ڪالم سان بونيروالن کي منهن ڏيڻ ويو هو. اهو ڏاڍو ڏکيو قبيلو هو ۽ صدين کان پنهنجي وادي ۾ ٻاهرين حملي آورن کان محفوظ لڳو ويٺو هو. امپيرئيل گورنمينٽ 1863ع ۾ بونير ڏانهن هڪ مهم رواني ڪئي هئي. جيڪا اڳتي هلي اينگلو انڊين تاريخ ۾ امبيلا Umbeyla مهم جي نالي سان سڏجڻ ۾ آئي. بونيروالن تمام وڏي جوش ۽ جذبي سان مهاڏو اٽڪايو هو ۽ سوين برطانوي فوجين ۽ مقامي سپاهين جا لاش ڪنهن وقت ۾ بدنام ڪريگ پڪيٽ (Crag Picquet) جي آسپاس ڳري سڙي مٽي ٿي ويا هئا. انهيءَ پڪيٽ تي بار بار حملا ٿيندا هئا ۽ هٿن مان نڪري وري قبضي ۾ ايندي هئي. ڪنهن کي به صحيح خبر نه هئي ته سر بائينڊن بلڊ کي انهن مشهور ۽ خونخوار ڦورن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو. بهرحال مونکي اسٽاف ميس جو ميمبر ڪيو ويو ۽ ڪنهن تنبوءَ ۾ وڃي پنهنجي سفري ٿيلهو کولڻ جي به اجازت ڏني وئي. مونکي ڊپ هو ته آءُ جنهن نئين دنيا ۾ چڙهي اچي پهتو هوس انهيءَ ۾ مون کان ڪو به اهڙو ڪم نه ٿي وڃي جنهن جي سبب منهنجي گلا نه ٿي پوي تنهنڪري مون فيصلو ڪري ڇڏيو ته آءُ هر وقت تمام بهترين ڪردار جو مظاهرو ڪندس.

جنرل کي بونيروالن کي ريهڻ ريبڻ ۽ ٿڌو ڪرڻ ۾ فقط پنج ڏينهن لڳا پر مونکي ته اهو تمام ڊگهو وقت لڳو مون انهيءَ وقت کي تمام فائديمند بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهيءَ دوران هڪ بلڪل نئين صلاحيت حاصل ڪري ورتي. آءُ انهيءَ کان اڳ وهسڪي بلڪل پي نه سگهندو هوس. مونکي انهيءَ جو ذائقو بلڪل نه وڻندو هو. مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ايندي هئي ته منهنجا ٻيا دوست آفيسر سوڊا ۽ وهسڪي جي ايتري گهڻي طلب ڪيئن لايون ويٺا هوندا هئا. مونکي سفيد توڙي ڳاڙهي وائين ۽ خاص طور شامپين وڻندي هئي ۽ وقت پئي برانڊي جو ننڍو گلاس به پي ويندو هوس. پر اها دونهين جو ذائقو رکندڙ وهسڪي ڪڏهن به وات تي نه آڻي سگهيس. پر هاڻي آءُ پنجن ڏينهن کان اهڙي گرمي ۾ سڙي رهيو هوس جنهن کي مون جيتوڻيڪ ڏاڍي سٺي نموني منهن ڏنو هو پر اها تمام شديد هئي ۽ انهيءَ دوران پيئڻ لاءِ چانهه کانسواءِ نيم گرم پاڻي هو يا نيم گرم پاڻي سان لائيم جوس يا نيم گرم پاڻي سان وهسڪي. اهڙين حالتن ۾ منهنجو بلند حوصلو به منهنجو سهارو ڏيندو رهيو. مون جيئن ته پاڻ کي جنگ جي حالتن مطابق تيار ڪرڻ ٿي چاهيو تنهنڪري آءُ جسماني ڪمزورين تي غالب پئجي ويس. مونکي وهسڪي جي ذائقي کان ئي جيڪا نفرت هوندي هئي انهن پنجن ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي آءُ انهيءَ تي به مڪمل طور غالب پئجي ويس ۽ اها ڪا عارضي حاصلات نه هئي. آءُ انهن ڏينهن ۾ حاصل ڪيل علائقي تي مضبوطي سان ڄميو بيٺو رهيو آهيان ۽ پنهنجي سموري زندگي انهيءَ تي قبضو برقرار رکيو آهي. ماڻهو ڪنهن به شي جو هڪ دفعو عادي ٿي وڃي ٿو ته پوءِ انهيءَ کان اڳ ۾ جيڪا ناپسنديدگي هوندي آهي اها هڪ قسم جي ڪشش ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. آءُ اڄ ڏينهن تائين جيتوڻيڪ صحيح معنيٰ ۾ شراب کان پرهيز جي روش تي عمل پيرا رهيو آهيان پر جڏهن موقعي ۽ محل جي لحاظ کان ضروري هوندو آهي ته مون انهيءَ کان ڪڏهن ڪيٻايو نه آهي. جئين مشرق ۾ گوري آفيسر جي مکيه ۽ مستقل خاطر تواضع جي شي شراب هوندو هو تڏهن آءُ اهو بنا هٻڪ جي واپرائيندو هوس.

پر اها حقيقت آهي ته انگلينڊ جي فيشني طبقي پاران وهسڪي سان اها رغبت بلڪل نئون معاملو هو. مثال طور منهنجي پيءُ جنگ ۾ شڪار ڪرڻ يا ڪنهن ويران ٿڌي جاءِ کان سواءِ ڪڏهن به وهسڪي نه پيئندو هو. هن پنهنجي زندگي برانڊي ۽ سوڊا واري دور ۾ گذاري جنهن لاءِ باعزت طبقي ۾ وڏو جواز موجود هوندو هو. پر انهيءَ صورتحال جو اڻ ڌري حيثيت ۾ جائزو وٺڻ ۽ ڪافي تجربي ۽ سوچ ويچار کان پوءِ هاڻي منهنجي پڪي پختي راءِ اها آهي ته روزاني جي عام رواجي استعمال لاءِ انهن ٻنهي جنن مان ڇڍي وهسڪي وڌيڪ ڪارآمد آهي.

هاڻي آءُ جڏهن مالاڪنڊ پاس جي چوٽي تي ويهي هن موضوع ڏانهن ڇڪجي ئي آيو آهيان ته مونکي اها ڳالهه به چوڻ ڏيو ته آءُ ۽ ٻيا نوجوان آفيسر انهن ڏينهن جي يونيورسٽي جي ڇوڪرن کان بلڪل مختلف ماحول ۾ پروان چڙهيا هئاسون. آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج جا شاگرد ته پونئرن وانگر پيئندا هئا ۽ انهن کي ته ڪلب به هوندا هئا ۽ رسمي ڊنرن ۾ به شريڪ ٿيندا هئا جتي هر ڪنهن لاءِ وِت کان وڌيڪ شراب واپرائڻ لازمي هوندو هو. ٻئي طرف وري سينڊهرسٽ ۽ آرمي ۾ شراب پي نشي ۾ مدهوش ٿي وڃڻ شرم جهڙو ڏوهه هوندو هو جنهن جي سزا ۾ سماجي لعنت ملامت کي منهن ڏيڻو پوندو هو ۽ انهيءَ جو گهڻو ڪري جسماني طور به اظهار ٿيندو هو پر انهيءَ مدهوشيءَ جو اثر جيڪڏهن سرڪاري دائري ۾ اچي ويندو هو ته نوڪريءَ تان برطرفي جي سزا به اچي ويندي هئي. منهنجي تعليم ۽ تربيت اهڙي ماحول ۾ ٿي هئي جنهن ۾ مونکي شراب سان سخت نفرت ڪرڻ سيکاري وئي هئي. ها باقي ڪجهه خاص موقعن ۽ ڪجهه سالگراهن تي ماڻهو پي ٿو وٺي ته اها ٻي ڳالهه هئي. منهنجي ته خواهش هوندي هئي ته يونيورسٽين جي شرابي شاگردن کي قطار ۾ بيهاري ٺيڪ ٺاڪ نموني فهمائش ڪريان ته اهي اهڙي سٺي شي جو بنهه خراب استعمال ٿا ڪن جنهن کي آءُ ديوتائن جو هڪ بهترين تحفو سمجهان ٿو. انهن ڏينهن ۾ آءُ شرابين توڙي شراب تي بندش جي حامين ۽ ٻين اهڙن گهڻو هڪ طرفو لاڙو رکندڙ جي بلڪل خلاف هوندو هوس. پر هاڻي آءُ انهن طرفان حد کان وڌي وڃڻ جو سبب بڻجندڙ فطري ڪمزورين کي وڌيڪ کلي دل سان سمجهي سگهان ٿو. انهن ڏينهن ۾ سبالٽرن ۾ رواداري بلڪل نه هوندي هئي. اهي خود شرابي توڙي ٻين کي شراب پيئڻ جي اجازت نه ڏيندڙ ٻنهي کي ناپسند ڪندا هئا. پر هاڻي جيئن ته جنگ عظيم اسان کي تهذيب ۽ شرافت سيکاري ڇڏي هئي تنهنڪري هاڻي اسين ڳالهين کي وڌيڪ بهتر نموني سمجهي سگهون ٿا.

اسان جي فوج ايندڙ ڪنهن به وقت چُرپر شروع ڪري ڇڏي ها تنهنڪري مون کي انهن پنجن ڏينهن دوران انهيءَ لاءِ مڪمل تياري به ڪرڻي هئي. مون کي ٻه سٺا گهوڙا خريد ڪرڻا هئا، فوجي سائيس پاڻ وٽ بيهارڻو هو ۽ منهنجي فوجي وارڊروب جون ڪيتريون ئي شيون کٽل هيون اهي به پوريون ڪرڻيون هيون. گذريل هفتي دوران ڪيترائي آفيسر مارجي ويا هئا. اها ڳالهه انهن لاءِ ته ڏاڍي بدقسمتيءَ واري چئبي پر مون لاءِ ڏاڍي سهوليت ٿي پئي جو انهن ڏينهن جي اينگلو انڊين مهمن جي رواج مطابق انهن جون سڀ شيون بشمول انهن جي جيڪي مرڻ وقت انهن جي جسمن تي هجن اهي ڪفن دفن ٿيڻ کان فوراً پوءِ (جيڪڏهن ڪنهن جو ٿيو به) نيلام ڪيون وينديون هيون. مون اهڙي طرح مڪمل ساز سامان حاصل ڪري ورتو. هڪ ماڻهو ڪالهه گڏ گهمي ڦري رهيو هو اڄ انهيءَ جي بلڪل شخصي استعمال جون شيون ڪوٽ، قميص، بوٽ، ڪمبل، ريوالور، پاڻيءَ جي بوتل ۽ رڌ پچاءُ جو ٿانء اهڙي بي زيب نموني اوپرن ماڻهن ۾ ورهائجڻ مونکي ڪجهه اڻ وڻندڙ ڳالهه لڳي. پر اها ڳالهه بلڪل منطقي ۽ اقتصاديات جي اعليٰ ترين اصولن جي مطابق هئي. هتي منڊي به تمام سٺي هئي جو ٽرانسپورٽ جا خرچ به اڳواٽ ڏنل هئا. مئل ماڻهو پنهنجا اثاثا ڄڻ ته پنهنجي مرضيءَ جي اگهه تي نيڪال ڪري ڇڏيندو هو. دنياوي سازوسامان لاءِ ليفٽيننٽ اي. بي. يا ڪيپٽن ايڪس. واءِ. جي بيوه يا ماء کان ڪيمپ جو نيلامي ڪندڙ تمام سٺيون قيمتون ڏياريندو هو. آفيسر جي شين سان ٿيندڙ هلت خانگي فوجين جي سامان سان پڻ پر اڃان تڪڙي تڪڙي ٿيندي هئي. انهيءَ هوندي به مونکي اها ڳالهه لازماً تسليم ڪرڻ گهرجي ته ڪجهه هفتا پوءِ مون جڏهن هڪ ڏينهن اڳ مارجي ويل پنهنجي هڪ بهادر دوست جي سيٽي ٻڌڻ جي ڏوري پهريون دفعو ڪلهي ۾ لڙڪائي ته مون کي دل ۾ سور جي هڪ سٽ محسوس ٿي هئي.

هاڻي پڙهندڙن کي مهم بابت وڌيڪ ڄاڻ ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي. برطانوي ٽن ورهين کان مالاڪنڊ پاس جي چوٽي تي قابض رهيا هئا ۽ اهڙيءَ طرح وادي سوات کان چترال تائين روڊ جو رستو بحال رکندا آيا هئا. اهو روڊ سوات نديءَ کان اڳتي ٻين ڪيترن وادين مان ٿيندو چترال پهچندو هو. چترال کي تڏهن فوجي لحاظ کان ڏاڍي اهميت وارو سمجهيو ويندو هو. اهو رستو تڏهن کان ڏاڍي خوشيءَ سان روان دوان رهندي نظر آيو آهي پر انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اهو انهيءَ وقت به ڏاڍي اهميت رکندو هو. وادي سوات جا قبائلي صدين کان انهيءَ علائقي کي پنهنجو ملڪ سمجهندا آيا هئا سو اهي اتي فوجين جي موجودگيءَ تي چڙيل هئا پر هاڻي اوچتو بلڪل غضبناڪ ٿي پيا هئا. سرڪار انهيءَ ڪاوڙ کي مذهب ڏانهن منسوب ڪري رهي هئي پر انهيءَ جا بلڪل سولائي سان بنهه عام رواجي سبب به ڏئي سگهجن پيا. انهن مالاڪنڊ پاس جو دفاع ڪندڙ ڇانوڻين ۽ چقدره جي ننڍڙي قلعي تي حملا ڪيا هئا. اهو قلعو ننڍڙي جبرالٽر وانگر هڪ ٽڪريءَ جي مٿان بيٺل هو ۽ سوات ندي جي ڊگهي پينگهي وانگر لڏندڙ پل جي حفاظت جو ڪم ڪندو هو. غلط فهميءَ جو شڪار قبائلين پُرامن ۽ برطانوين سان دوستاڻو تعلق رکندڙ عورتن ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو ماري ڇڏيا هئا. انهن پاران اوچتي حملي سبب مالاڪنڊ پاس جي دفاع ۾ هڪ بحراني وقت به اچي ويو هو. بهرحال اهڙي ڪاهه کي ڌڪي پٺتي ڪيو ويو ۽ صبح جي روشني ٿيندي ئي گائيڊس ڪيولري ۽ يارهين بنگال لانسرز وارا انهن فسادي ۽ بي قابو قبائلين کي وادي سوات جي هڪ ڪناري کان ٻي ڪناري تائين ڊوڙائيندا ويا ۽ اها دعويٰ پڻ ڪيائون ته هو انهن جي چڱي خاصي انگ کي گرزن سان زخمي ڪري ۽ ماري آيا آهن. چقدره جي قلعي؛ جنهن کي لِليپيوٽيائي جبرالٽر چئجي؛ جو محاصرو ٿيو هو پر اهو جيئن تيئن ڪري سر بچائي ويو. لڏندڙ رسن نوڙن واري پل سلامت هئي ۽ هاڻي 12000 ماڻهن ۽ 4000 جانورن تي ٻڌل تاديبي مهم انهيءَ پل تان ٽپي دير ۽ باجوڙ جي وادين منجهان ٿيندي جبلن ڏانهن رواني ٿيڻي هئي ۽ واپسي ۾ پشاور جي آسپاس مهمند جي تمام سرڪش قبيلي کي مطيع ڪندي آخرڪار انڊيا جي ميدانن تي تهذيب و تمدن واري علائقي ۾ اچي شامل ٿيڻي هئي.

سربائينڊن بلڊ بونير والن کي زير ڪري مناسب وقت تي واپس اچي ويو. هو تمام تجربيڪار اينگلو انڊين آفيسر هو ۽ هڪ به ماڻهو مارڻ کانسواءِ بونيروالن کي سمجهه ڀري روش وٺرائي آيو هو. هو انهن وحشين کي ڏاڍو پسند ڪندو هو ۽ انهن سان ڳالهائڻ جو ڏانءُ به ايندو هوس. پٺاڻ عجيب ماڻهو آهن. انهن جون ريتون رسمون ۽ رواج به ڏاڍي عجيب قسم جا آهن ۽ اهي ڏاڍي خوفناڪ نموني پلاند ڪندا آهن. اهي سوديبازي کان به مڪمل طور واقف آهن ۽ انهن کي جڏهن پڪ ٿي ويندي آهي ته اڳئين ڌر به ايتري طاقتور آهي جيڪا انهن سان برابري جي بنياد تي ڳالهائي سگهي ٿي ته پوءِ اهي ظاهر ظهور يا ڳجهه ڳوهه ۾ ڪو راضي نامو ڪري وٺندا آهن. هاڻي سر بائينڊن بلڊ به بونيروالن سان ڏاڍي خوشگوار نموني صلح صفائي ڪري آيو هو. انهيءَ ۾ فقط هڪ ننڍي جهڙپ ٿي هئي جنهن ۾ لارڊ فنڪيسل (Fincastle) سندس اي. ڊي. سي. ۽ هڪ ٻئي آفيسر مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتل هڪ زخمي ساٿيءَ کي ڏاڍي دليريءَ سان بچائي وڪٽوريا ڪراس حاصل ڪيو هو. هاڻي منهنجو ڊيپ ڊين جي ڏينهن وارو پراڻو دوست جنرل ۽ ڪمانڊر انچيف به واپس اچي پهتو آهي. سندس اسٽاف ۽ اسڪارٽ گڏ اٿس ۽ سندس جوان جوڌا سندس پٺيان اچي رهيا آهن.

سر بائينڊن بلڊ جي شخصيت انهن اجاڙ جبلن ۽ رائيفل بردار وحشي قبائلين ۾ ڏاڍي متاثر ڪندڙ لڳي رهي هئي. مون کيس انگلينڊ جي پرامن ۽ آرامده ماحول ۾ ڏٺو هو. هاڻي هو پنهنجي فوجي ورديءَ ۾ گهوڙي تي سوار ۽ سموري قافلي سان گڏ ڏاڍو بارعب لڳي رهيو هو. هن برطانوي ۽ هندستاني فوجن سان جنگ ۽ امن جو وڏو عرصو گذاريو هو تنهنڪري سندس ذهن ۾ ڪنهن به ڳالهه بابت ڪي به غلط فهميون نه هيون. کيس انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍو فخر هو ته هو بدنام زمانه ڪرنل بلڊ جي پيڙهيءَ مان آهي جنهن چارلس ٻئين جي دور ۾ لنڊن ٽاور[2] مان هٿياربند جٿي سان گڏ شاهي جواهرات چورائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اهو واقعو تاريخي ڪتابن ۾ بيان ٿيل آهي. ڪرنل ٽاور جي دروازي مان نڪرندي وقت اهڙي طرح گرفتار ڪيو ويو جو شاهي جواهرات سندس هٿن ۾ هئا. مٿس غداري ۽ ٻين ڪيترن وڏن ڏوهن جي الزام هيٺ ڪيس هليو. پر هو انهن مان باعزت بري ٿيو ۽ فوراً بادشاه جي محافظ دستي جي ڪمان سندس هٿن ۾ ڏني وئي. واقعن جي اهڙي عجيب رخ اختيار ڪرڻ تي اهڙيون گنديون ڳالهيون به منظر تي آيون ته سندس پاران ٽاور مان شاهي جواهرات ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ خود بادشاه به هم صلاحي ٿيل هو. اها ڳالهه بلڪل سچ آهي ته انهي مشڪل دور ۾ بادشاه وٽ پئسن جي تمام گهڻي کوٽ ٿي وئي هئي ۽ مسٽر اٽينبورو جا ابا ڏاڏا پڻ يورپ جي ڪيترن ئي حصن ۾ موجود هئا. بهرحال انهيءَ واقعي بابت صورتحال ڪهڙي به هجي ته به سربائينڊن بلڊ پنهنجي انهيءَ وڏي ڏاڏي پاران شاهي جواهرات جي چوريءَ جي ڪوشش کي پنهنجي خاندان جي تاريخ جو تمام شاندار واقعو سمجهندو هو ۽ نتيجي طور کيس هندستاني سرحد تي رهندڙ پٺاڻ قبائلين سان به  دلي همدرديون هونديون هيون. اهي سڀئي انهيءَ واقعي ۽ انهيءَ جي نتيجن ۽ اثرن کي پوريءَ طرح سمجهن ها ته جيڪر سڀني ڌرين کي دل کولي داد ڏين ها، جيڪڏهن جنرل انهن سڀني کي گڏ ويهاري اها ڳالهه تفصيلي طور ٻڌائي وڃي ها ته فوج جي ٽن برگيڊن ۽ بي انداز خچرن ۽ اٺن کي جبلن ۽ ڇڊي پاڊي آباديءَ وارن جابلو پٽن تي ڪشالا ڪرڻا ئي نه پون ها پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ منهنجا ايندڙ ٻه ٽي هفتا انهن ڪشالن ۾ گذري ويا.

جنرل تڏهن ئي ڪافي وڏي عمر جو هو پر هو اڃان حال حيات ۽ خوش چڱو ڀلو آهي. هو انهيءَ مهم ۾ هڪ شخصي مصيبت مان پڻ گذريو هو. ٿيو ائين جو هڪ وفد ۾ ٻين سان گڏ ايندڙ هڪ جنوني اوچتو هڪ چاقو ڇڪي ڪڍي ورتو ۽ لڳ ڀڳ اٺن والن جي فاصلي تان جنرل ڏانهن لُوهه ڪيائين. سر بائينڊن بلڊ پنهنجي گهوڙي تي ويٺي پنهنجو ريوالور ڪڍيو ۽ حملي آور کي ٻن والن تان فائر ڪري ماري وڌائين. اسان مان اڪثر ماڻهو سمجهندا هئا ته هڪ ڊويزن جي جنرل جو ريوالور مڙئي نمائش جو هٿيار هوندو پر انهيءَ واقعي تي فيلڊ فورس جا سڀئي ماڻهو ويندي، اڇوت جمعدار تائين ڪيترا خوش ٿيا هوندا انهيءَ جو اندازو ڪرڻ ايترو مشڪل نه آهي.

هتي مهم بابت تفصيلي بيان ڏيڻ منهنجو مقصد نه آهي جو آءُ اڳ ۾ ئي انهيءَ موضوع تي هڪ معياري تاريخ لکي چڪو آهيان. پر افسوس آهي ته هاڻي انهيءَ ڪتاب جي ڪا به ڪاپي مارڪيٽ ۾ موجود نه آهي. تنهنڪري آءُ فقط ڪجهه جملن ۾ انهيءَ جي واقعن جو رُخ بيان ڪندس. مالاڪنڊ فيلڊ فورس جون ٽئي برگيڊون مون پاران اڳ ۾ ذڪر ڪيل وادين مان هڪ ٻئي پٺيان گذرنديون قبائلين سان کونس ڪنديون ويون ۽ کاڌي پيتي لاءِ انهن جا ڍور ڪاهي ۽ پنهنجن وهٽن جي کاڌ خوراڪ لاءِ انهن جا فصل لڻي انهن کي تمام گهڻي تڪليف پهچائينديون ويون. فورس سان گڏ هلندڙ پوليٽيڪل آفيسر سمورو وقت سردارن، مذهبي عالمن ۽ ٻين مقامي معززن سان صلح جون ڳالهيون ٻولهيون به ڪندا رهيا. ڪوٽن جي ڪالرن تي سفيد پٽيون لڳل اهي پوليٽيڪل آفيسر آرميءَ جي آفيسرن ۾ تمام غير مقبول هوندا هئا. انهن کي ته راند ڦٽائيندڙ سمجهيو ويندو هو. ماڻهو سمجهندا هئا ته اهي سدائين ڪنهن کي به ٻڌائڻ کانسواءِ ٺهراءَ ڪري ۽ سلطنت جي وقار کي داغدار ڪري ٿا ڇڏين. انهن تي ٽال مٽول ڪرڻ جي ڏوهه جو الزام به مڙهيو ويندو هو ته اهي فائر ڪرڻ کان اڳ هر ممڪن ڪوشش ڪري جنگ کان بچي وڃن ٿا. اسان سان به ميجر ڊين نالي هڪ ڏاڍو هوشيار پوليٽيڪل آفيسر هوندو هو جنهن کي ماڻهو ڏاڍو ناپسند ڪندا هئا ڇاڪاڻ ته هو سدائين فوجي ڪاروايون روڪرائي ڇڏيندو هو. اسين جڏهن ڏاڍي سٺي معرڪي لاءِ تيار ٿيا ويٺا هوندا هئاسون، هر ڪو پُرجوش لڳو پيو هوندو هو ۽ سڀئي بندوقون لوڊ لڳيون پيون هونديون هيون ته اهو ميجر ڊين- اسين ته چوندا هئاسين ته اهو ميجر ٿيو ڪيئن آهي؟ سچ ته اهو آهي ته انهيءَ جو عام رواجي سياستدانن کان وڌيڪ ڪو ڪردار ئي نه هوندو هو- اچي ويندو هو ۽ اهي سڀ ڳالهيون روڪرائي ڇڏيندو هو. لڳندو ته ائين هو ته اهي سڀ وحشي سردار ڪي سندس پراڻا دوست يا شايد ويجها مائٽ هجن. انهن جي دوستيءَ ۾ ڪا به ڳالهه حائل نه ٿيندي هئي. ويڙهه هلندي به اهي ائين ڳالهيون ٻولهيون ڪندا هئا جيئن ڪي عام ماڻهو يا دوست پاڻ ۾ ڳالهائيندا آهن. اهي ته اسان جي جنرل سان به ائين ڳالهائيندا هئا جيئن ڪو ڦورُو ٻئي ڦورو سان ڳالهائيندو هجي.

اسان کي اها خبر ته نه هئي ته شڪاگو ۾ پوليس ۽ ڏوهاري ٽولن جي وچ ۾ معاملا ڪيئن ٿا هلن پر انهن ۾ لازماً اهڙي قسم جي سوچ ئي ڪم ڪندي هوندي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي سڀئي هڪٻئي کان چڱيءَ طرح واقف هوندا هئا ۽ جمهوريت، واپار، ڪاروبار، پئسو گڏ ڪرڻ ۽ ايمانداريءَ جهڙي ڳالهين کان نفرت ڪندا هئا. ٻئي طرف اسان وري پنهنجا هٿيار هلائڻ چاهيا ٿي. اسان ايترو پنڌ ڪري انهيءَ لاءِ نه آيا هئاسون ۽ ايتريون گرميون ۽ اهنج انهيءَ لاءِ نه سٺا هئا ته پوليٽيڪل آفيسرن ۽ انهن چيڙاڪ ۽ خونخوار قبائلين جي وچ ۾ ناقابل بيان معاملن تي ٿيندڙ اڻکٽ رازو نياز جي ڳالهين ۾ اچي شريڪ ٿيون. گرمي جو هر طرف ايترو ته راڄ هوندو هو جو توهان اها جيڪر پنهنجن هٿن ۾ کڻي سگهو ها. اها توهان جي ڪلهن تي ٿيلهي وانگر پئي هوندي هئي ۽ توهان جي دماغ تي ڪنهن ڀوائتي خواب وانگر سوار هوندي هئي. ٻئي طرف اسان ۾ تمام شديد جوش ۽ جذبو رکندڙ شدت پسند ۽ دشمن جي طرف به ”گرم خون رکندڙ“ ماڻهو موجود هئا. انهن اسان تي اسان انهن تي گوليون هلائڻ چاهيون ٿي. پر اسان ٻنهي ڌرين ۾ موجود اهڙن ماڻهن جا ارادا اهي ”وڏڙا“ يا جن کي هاڻي پوڙهن جو ٽولو چئي سگهجي ٿو. اهي ۽ پوليٽيڪل آفيسرن جي ڪوٽن جي ڪالرن تي سفيد پٽيون يا سفيد کنڀ، ناڪام ڪري ڏيندا هئا. بهرحال جئين هيستائين صورتحال رهي هئي تيئن هاڻي به گوشت خور قوتن پنهنجي لاءِ دڳ ڪڍي ورتو. ڪجهه قبيلا پنهنجي پوڙهن جي ٽولي کان ڌار ٿي ويا ۽ اسان جي پوليٽيڪل آفيسرن جي ڳالهين سان به ٿڌا نه ٿيا. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ اسان جي طرفان مئلن جي بيواهن کي امپيرئيل گورنمينٽ طرفان پينشن ڏيڻي پئي ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا ۽ پنهنجي باقي حياتي ۾ منڊڪائيندا رهيا. باقي جيڪي مارجڻ ۽ زخمي ٿيڻ کان بچي ويا انهن لاءِ ته اها ڏاڍي دلچسپي ۽ کل خوشي جهڙي ڳالهه ٿي. مون کي اميد آهي ته مون انهن ڪنهن حد تائين گستاخانه جملن جي ذريعي گورنمينٽ آف انڊيا جي صبر ۽ تحمل ۽ معلومات جو ڪنهن حد تائين اندازو ڪرائي ڇڏيو هوندو. انهيءَ کي مون انهيءَ ڪري صبر تحمل وارو چيو آهي جو ٻين ڳالهين سان گڏوگڏ کيس اها به خبر آهي ته جيڪڏهن ڪا بدترين صورتحال پيش اچي وئي ته اها ڪنهن  به ماڻهو تي گولي به هلائي سگهي ٿي. پر اها پاڻ اهڙن اڻ وڻندڙ نتيجن کان بچڻ چاهي ٿي. اها ڏاڍي پُرسڪون حڪومت آهي جنهن جا هٿ قانونن سان ٻڌل آهن ۽ جيڪا ڪيترن ئي ويجهن لاڳاپن ۽ مذاڪرات جي ذريعي ڦاٿي پئي آهي. انهيءَ جا هٿ نه فقط هائوس آف ڪامنز پر ڪيترن ئي خالص اينگلو انڊيا ئي رڪاوٽن سان به ٻڌل آهن. انهن رڪاوٽن جو سبب ڪڏهن ته فياضي ۽ عالي ظرفي جا اعليٰ تصور هوندا آهن ته ڪڏهن افسر شاهي جي ڳاڙهي پٽي (Red Tape) دشواريون پيدا ڪري وجهندي آهي.

انهيءَ هوندي به وقت بوقت ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو رهندو ۽ ڪي ڀُلون چڪون يا جن کي افسوسناڪ واقعا چئجي ٿو، ٿيندا رهندا. ايندڙ ڪجهه صفحن ۾ اهڙي ئي هڪ واقعي جو بيان آهي.

 

باب يارهون

ماموند وادي

The Mamund Valley

 

هندستاني سرحد تي ڪنهن مهم ۾ حصو وٺڻ پنهنجي نوعيت جو هڪ انوکو تجربو آهي. اتان جي ماڻهن ۽ منظرن جو جوڙجيس دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ نه ٿو ملي. جابلو وادين جون اُڀڪپريون ڀتيون سڀني طرفن کان پنج يا ڇهه هزار فوٽن تائين هليون وڃن ٿيون. فوجين جون قطارون پتل جهڙي آسمان هيٺان ور وڪڙ کائيندڙ وڏن جابلو رستن تي آهستي آهستي هلنديون رهن ٿيون جن جي هيٺان برفاني پاڻين جا ريلا گجيون اُڏائيندا وهندا رهن ٿا. اهڙن عمدن قدرتي منظرن ۾ هڪ اهڙي قوم رهائش پذير آهي جنهن جون خصوصيتون به سندن ماحول سان هم آهنگي رکندي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. پٺاڻ قبيلا لاباري جي وقت کان سواءِ باقي سمورو وقت ذاتي يا قبيلائي جنگ ۾ مصروف هوندا آهن. انهيءَ وقت تحفظ ذات جي سبب عارضي جنگ بندي لازمي ٿي ويندي آهي. هر هڪ ماڻهو هڪ ئي وقت ويڙهاڪ به هوندو آهي ته سياستدان ۽ مذهبي معاملن جو ڄاڻو به هوندو آهي. هر وڏو گهر سچو پچو جاگيرداري قلعو هوندو آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهو مٽي جو ٺهيل هوندو آهي پر انهيءَ ۾ دفاعي لحاظ کان گهربل ڳالهيون جهڙوڪ مورچا، مينارا، عالم پناه ۾ جارا ۽ ڦاٽڪ جي سامهون کاهيءَ جي مٿان ڇڪجي بند ٿيندڙ پل (Draw bridge) وغيره سڀ هونديون آهن. هر ڳوٺ کي پنهنجو دفاع جو بندوبست ڪيل هوندو آهي. هر خاندان پنهنجو وير پاليندو ۽ هر قبيلو پنهنجي دشمني زنده رکيون ايندو آهي. مختلف قبيلن ۽ قبيلن جي مجموعن کي هڪٻئي سان پنهنجو حساب برابر ڪرڻو هوندو آهي. ڪا به ڳالهه وساري نه ويندي آهي ۽ نه ئي ڪو قرض چُڪتو ڪرڻ کان سواءِ ڇڏيو ويندو آهي. سماجي زندگيءَ جي مقصدن لاءِ لاباري واري عارضي جنگ بنديءَ واري روايت سان گڏوگڏ هڪ تمام تفصيلي اخلاقي ضابطو پڻ رواج ۾ آندل آهي جنهن جي مجموعي طور ڏاڍي سچائي سان پاسداري ڪئي ويندي آهي. انهيءَ جي ڄاڻ رکندڙ ۽ انهيءَ تي چڱيءَ طرح عمل ڪندڙ ڪو به شخص بغير ڪنهن هٿيار جي سرحد جي هڪ ڪناري کان ٻي ڪناري تائين وڃي سگهي ٿو. پر ننڍي ۾ ننڍي اصولي قسم جي ڀُل چُڪ موتمار ٿي سگهي ٿي. اهڙيءَ طرح هڪ پٺاڻ جي زندگي دلچسپيءَ سان ڀرپور هوندي آهي ۽ سندس واديون به سج جي بي انداز روشني ۽ وافر مقدار ۾ پاڻي سان ملندڙ طاقت جي سبب ايتريون ته زرخيز هونديون آهن جو اهي ٿورڙيءَ محنت سان ئي اتان ڇڊي پاڊي آباديءَ جي مادي ضرورتن لاءِ پوري پيداوار ڏئي ڇڏين ٿيون.

اوڻيهين صديءَ انهيءَ خوش گذاريندڙ دنيا ۾ ٻن نين شين جو اضافو ڪيو. انهن مان هڪ هئي برطانوي حڪومت ٻي هئي بريچ لوڊر رائيفل[3] انهن مان پهرئين هڪ مڪمل آزار هو ۽ ٻي هڪ تمام وڏي سهوليت ۽ نعمت هئي. بريچ لوڊنگ ۽ اڃان به ميگزين واري رائيفل جو هندستان جي جابلو علائقن کان وڌيڪ ٻي ڪنهن به جاءِ تي ايترو قدر نه ٿيو. پندرهن سو والن جي فاصلي تي به درستگيءَ سان مار ڪري سگهندڙ هٿيار هر انهيءَ خاندان لاءِ خوشين جون نيون راهون کولي ڇڏيون جيڪي اهو حاصل ڪري سگهيا ٿي. هاڻي ماڻهو پنهنجي گهر ۾ هوندي به ڪنهن پاڙيسريءَ تي لڳ ڀڳ هڪ ميل کان به فائر ڪري سگهيو ٿي. ماڻهو ڪنهن مٿاهينءَ ٽڪري تي لڪي ويهي تمام گهڻو هيٺان گذرندڙ گهوڙيسوار کي به گولي هڻي سگهيو ٿي. ويندي ڳوٺن جا ڳوٺ به گهرن کان گهڻو پري نڪرڻ جي تڪليف ڪرڻ کان سواءِ هڪٻئي تي فائر ڪري سگهيا ٿي. اهڙن فائدن هوندي سائنس جي اهڙي حيران ڪندڙ پيداوار لاءِ تمام وڏين قيمتن جي آڇ ٿيڻ لڳي. تنهنڪري سمگلرن جي ڪوششن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ رائيفل چور به سموري هندستان ۾ نوس نوس ڪرڻ لڳا. اهي وڏي طلب وارا هٿيار روانيءَ سان پهچڻ لڳا ته انهن جو خوشگوار اثر به سمورن سرحدي علائقن ۾ پکڙجڻ لڳو ۽ پٺاڻ قبائلي عيسائي تهذيب لاءِ جيڪا عزت رکندا هئا انهيءَ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو.

ٻئي طرف برطانوي حڪومت جي ڪارگذاري وري بلڪل غير اطمينان بخش هئي. اها عظيم طاقت جيڪا ڏکڻ طرف وڌندي، تنظيم پيدا ڪندي ۽ مختلف شيون پاڻ ۾ جذب ڪندي ٿي وئي انهي کي فقط ٻين جي راند بگاڙيندڙ سمجهيو ٿي ويو. هاڻي پٺاڻ جيڪڏهن جبلن تان لهي ميدانن تي ڪي حملا ڪري ڏيندا هئا (انهيءَ ۾ اهڙي ڪا خرابي ته نه هئي.) ته انهن کي نه فقط ڌڪي پٺتي ڪيو ويندو هو پر انهيءَ کان پوءِ انهن جي علائقن ۾ مداخلتن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويندو هو جنهن کان پوءِ وقفي وقفي سان فوجي ڪاروائي ڪندڙ مهموم موڪليون وينديون هيون جيڪي وادين ۾ وڏا ڪشالا ڪاٽي قبائلين کي دڙڪا دهمان ڏيندا هئا ۽ انهن پاران ڪيل ڪنهن به نقصان جا ڏنڊ به ڀرائي وٺندا هئا. اهي جيڪڏهن اچي لڙائي ڪري واپس هليا وڃن ها ته جيڪر انهن مهمن کي ڪير خاطر ۾ ئي نه آڻي ها. اڪثر موقعن تي ته انهن جي اها ئي روش هوندي هئي ۽ گورنمينٽ آف انڊيا به گهڻو وقت انهيءَ Butcher and bolt Policy تي ڪار بند رهي. پر انهن ٻاهران گهڙي ايندڙن اوڻيهين صديءَ جي آخر ڌاران ڪيترين ئي وادين جي وچ مان ۽ خاص طور چترال ڏانهن ويندڙ وڏو روڊ ٺاهڻ شروع ڪيو. اهي ڌمڪين، قلعن ۽ روڪ رقمن ذريعي انهن روڊن جي تحفظ جي خاطريءَ جون ڪوششون ڪرڻ لڳا. جيستائين آخري طريقي جو تعلق آهي ته انهيءَ تي ڪنهن کي به اعتراض نه هو. پر پٺاڻ انهي روڊ ٺاهڻ واري لاڙي کي سخت ناپسند ڪندا هئا. روڊ ٺهڻ کان پوءِ ماڻهن کان اها توقع ڪئي ويندي هئي ته اهي روڊ جي ٻنهي پاسن کان ماٺ ميٺ ۾ رهن ۽ هڪٻئي تي فائر نه ڪن ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته روڊ تي هلندڙ مسافرن تي فائر نه ڪن. اها هڪ تمام وڏي طلب هئي ۽ اهائي ڳالهه لڙاين جي ڪيترن سلسلن جو سبب بڻي.

*      *      *      *

اسين مهمند قبيلي جي علائقي ڏانهن مارچ ڪندي ماموند واديءَ جي مُنهن وٽان لانگهائو ٿياسين. اها وادي ڪنهن برتن جي شڪل جهڙو پٽ آهي جيڪا لڳ ڀڳ ڏهه ميل ويڪري ٿيندي. اسان ۽ ماموندن جي وچ ۾ ڪو تنازعو نه هو. انهن بابت مشهور هو ته اهي تمام خطرناڪ ماڻهو آهن تنهنڪري وڌ کان وڌ ڪوشش ڪري انهن کي پنهنجي حال تي ڇڏيو ويو. پر ڪيمپ جون اُس کان بچاء لاءِ سهڻن سڌن ڇپرن جون قطارون، اسپتال جي خيمن جو جهڳٽو ۽ ڪيترائي اٺ، گهوڙا، گڏهه ۽ خچر ڏسي ڳالهه ماموندن جي ضبط کان ٻاهر نڪري وئي. رات جي پهر ۾ هڪ وڏي چوڪنڊي ۾ اسان جون ٽمڪندڙ باهيون ڏسي هندستاني سرحد تي پروان چڙهيل انساني طبيعت لاءِ انهن جو نشانو وٺڻ کان پاڻ پلي سگهڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو. مختلف ماڻهن طرفان نشاني بازي اڻٽر هئي ۽ اها اسان جي سڀ کان اڳ واري برگيڊ جي ڪيمپ تي اوندهه ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿي وئي. ڪو گهڻو نقصان نه ٿيو. ٿورا ماڻهو زخمي ٿي پيا. سربائينڊن بلڊ انهيءَ ڳالهه جو ڪو به اثر وٺڻ کان سواءِ پنهنجو ڊنر جاري رکيو جيتوڻيڪ هڪ موقعي تي اسان کي ميڻ بتيون وسائڻيون پئجي ويون. اسان صبح جو ماموندن جي گستاخيءَ کي نظرانداز ڪندا نواگئي ڏانهن مارچ ڪري وياسين. پر قبائلي هاڻي جوش ۾ اچي ويا هئا ۽ جڏهن ٻن ڏينهن جي وقفي تي رهندڙ اسان جي ٻين برگيڊ اچي پهتي ته سوين ماڻهو پراڻي ۾ پراڻي  بندوق کان جديد ترين رائيفل تائين هر قسم  جي هٿيار سان ليس ٿي اچي پهتا ۽ ماڻهن ۽ جانورن جي قطارن تي ٽي ڪلاڪ لاڳيتو فائر ڪندا رهيا. فوجين جي وڏي حصي پنهنجي لاءِ اڳي ئي تانگهيون کڏون کوٽي ڇڏيون هيون ۽ سموري ڪيمپ جي چوگرد به حفاظتي کاهي کوٽجي چڪي هئي. تنهن هوندي به رات جي انهيءَ ٺڪا ٺوڪيءَ ۾ انهن کي چاليهن آفيسرن ۽ سپاهين تان هٿ ڌوئڻا پئجي ويا ۽ ڪيترن ئي لاڏو وهٽن ۽ گهوڙن جو نقصان تنهن کانسواءِ ٿيو. اها رپورٽ سربائينڊن بلڊ تائين پهتي ته هن جوابي حملي جا حڪم موڪليا. ٻين برگيڊ جي ڪمان ڪندڙ جنرل جيفريز کي چيو ويو ته هو ايندڙ ڏينهن تي ماموند واديءَ ۾ داخل ٿي وحشي حملي آورن کي سيکت ڏئي. انهيءَ سيکت جي صورت اها ٿيڻي هئي ته مارچ ڪندو انهن جي وادي (جيڪا هڪ گهٽيءَ وانگر آهي) جي آخري ڇيڙي تائين وڃجي ۽ رستي ۾ ايندڙ سڀني فصلن کي تباه ڪندو، پاڻيءَ جي ذخيرن کي ڀڃندو ۽ وقت کي ذهن ۾ رکندي وڌ کان وڌ قلعن کي ڌماڪي سان اُڏائيندو وڃجي ۽ انهيءَ عمل ۾ جيڪو به رڪاوٽ بڻجي انهيءَ کي گولي سان اڏائيندو وڃجي. سربائينڊن مون کي چيو ته: ”تون جيڪڏهن لڙائي ڏسڻ چاهين ٿو ته پٺتي وڃي جيفريز جي برگيڊ ۾ شامل ٿيءُ“. اسان جي ۽ جيفريز جي ڪيمپ جي وچ ۾ ڏهن ميلن جو فاصلو هو ۽ انهيءَ رستي تي گهڻي اچ وڃ پئي ٿيندي هئي. انهيءَ وقت به بنگال لانسرز وارا ٻين برگيڊ ڏانهن واپس پئي ويا سو آءُ انهن کي پنهنجو ايسڪارٽ ڪري ڏاڍي احتياط سان روانو ٿي ويس ۽ رات جي اونداهي پکڙجڻ کان اڳ جيفريز جي هيڊ ڪوارٽر پهچي ويس.

ڪيمپ جي مٿان سڄي رات گوليون اُڏامنديون رهيون پر هاڻي سڀني پنهنجي لاءِ سٺا کُڏڙا ٺاهي ورتا هئا ۽ گهوڙن ۽ خچرن جو به وڏي حد تائين بچاءُ ڪيو ويو هو. اسان جي سموري برگيڊ 16 سيپٽمبر تي صبح جو سوير جنگي ترتيب ۾ ماموند واديءَ ڏانهن مارچ شروع ڪيو ۽ جلد ئي واديءَ جي وسيع ايراضي ۾ ٽڙي پکڙي وئي. اسان کان اڳ ۾ بنگال لانسرز جي هڪ اسڪواڊرن به رواني ٿي چڪي هئي. اسان جي برگيڊ جا ٽي جدا جدا دستا هئا ۽ هر هڪ کي پنهنجي مقرر ٿيل تادِيبي ڪاروائي سرانجام ڏيڻي هئي. اسان جو جملي انگ ٻارنهن سو لڙائي جي قابل ماڻهن کان وڌيڪ نه هو. هاڻي اهي جڏهن مختلف طرفن ۾ ٽڙندا پکڙندا ويا ته اسين جلد ئي بلڪل ننڍڙين ننڍڙين ٽولين جي صورت ۾ ورهائجي وياسين. مون پاڻ کي مرڪزي ڪالم ۾ شامل ڪري ڇڏيو جنهن جي ذميواري اها هئي ته اهو واديءَ جي بلڪل آخري ڇيڙي تائين هليو وڃي. اهڙيءَ طرح مون ڪيولريءَ سان گڏ هلڻ شروع ڪيو.

اسين هڪ به فائر ڪرڻ کان سواءِ واديءَ جي مُنڍ تائين پهچي وياسين. ڳوٺ توڙي ميدان بلڪل ويران لڳا پيا هئا. اسين جيئن جبل جي وٽ جي ويجهو اچي پهتاسين ته دوربين جي ذريعي هڪ گول ٽڪريءَ تي ننڍڙين ننڍڙين شڪلين جا ميڙ نظر اچڻ لڳا. انهن گول نشانن تان وقفي وقفي سان سج جي روشنيءَ ذريعي اسٽيل جا چمڪاٽ ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا جو قبائلي پنهنجون تلوارون لوڏائي رهيا هئا. اهو منظر ڏسي هر ڪو تمام خوش پئي ٿيو ۽ اسان جو سڀ کان اڳيون دستو پنهنجن گهوڙن کي ڪڏهن ڊُگ ته ڪڏهن رلي ۾ هلائيندو اڳتي وڻن جي هڪ ننڍڙي جهڳٽي وٽ پهچي ويو. اها جاءِ گول ٽڪريءَ تان رائيفل جي گوليءَ جي پهچ ۾ هئي. اسين اتي لهي پياسون ۽ ست سو والن جي فاصلي تي فائر جي شروعات ڪري ڏني. اسان وٽ جملي شايد پندرهن ڪاربائينون هيون. اوچتو سموري ٽڪري تي دونهين جا اڇا گولا ظاهر ٿي ويا ۽ اسان جي ننڍڙي جهڳٽي مٿان گوليون سوساٽ ڪرڻ لڳيون. اها مزي جهڙي جهڙپ تقريباً هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي ۽ انهيءَ دوران انفنٽريءَ وارا به لُڇندا ڪڇندا پٽ لتاڙي اسان جي ويجهو اچي پهتا. انهن جي پهچڻ کان پوءِ اها ڳالهه طي ٿي ته 35هين سک ڪمپني گول ٽڪريءَ تي حملو ڪري ڏي ۽ ٻه وڌيڪ ڪمپنيون انهيءَ ٽڪري جي کاٻي پاسي کان جبل جي اڳتي وڌيل حصي تان ٿينديون ڳوٺ ڏانهن هليون وڃن. انهيءَ ڳوٺ جون ڇتيون وڏين ڇپن ۽ جبل جي ڪڇ ۾ بيٺل فصل جي لڏندڙ تيلن منجهان ظاهر ٿي رهيون هيون. انهيءَ دوران ڪيولري کليل ميدان واري پاسي کان چوڪي ڏيندي ۽ اسان جي فوج جي رزرو (Reserve) واري حصي سان رابطو رکندي جيڪو هاڻي گهڻو تڻو بفز (Buffs East Kent Regiment) تي مشتمل هو.

مون به ٻين ٽوليءَ سان گڏجي جبلن جي اڳتي وڌيل حصي تي چڙهي ڳوٺ ڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪيو. مون پنهنجو گهوڙو هڪ مقامي سپاهي جي حوالي ڪيو ۽ انفنٽري سان گڏ جبل تي چڙهڻ شروع ڪيو. اسين وک وک ۾ کڻندا ڪِرندا ڊهندا ڪڏهن زمين جي اتاهن ٽڪرن تي بيٺل فصل مان ته ڪڏهن جابلو ڇپن تان، ڪڏهن پٿريلن پيچرن تان ته ڪڏهن لسين چاڙهين تان ٿيندا لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ هلندا رهياسين. پر اهو سمورو وقت اسين وياسين ٿي مٿي چڙهندا. مٿان جبل تان ڪجهه فائر ٿيا باقي نه ته لڳو پئي بلڪل ٺاپر ٿي وئي هئي. اسين مٿي چڙهندا پئي وياسين ته اسان جي پٺيان ماموند واديءَ جو سمورو بيضوي برتن پکڙيل پئي نظر آيو. آءُ اُتي ٿوري دير ساهي پٽڻ ۽ پنهنجي نرڙ تان پگهر اگهڻ لاءِ هڪ وڏي پٿر تي ويهي رهيس ته واديءَ جو جائزو به وٺڻ لڳس. انهيءَ وقت ڏينهن جا يارنهن ٿي چڪا هئا. پهرئين ڳالهه جنهن منهنجو ڌيان ڇڪايو اها هئي ته واديءَ ۾ ڪو به سپاهي نظر نه پئي آيو. جبل جي انهيءَ اڳتي وڌيل حصي جي پاڙ کان تقريباً اڌ ميل تي لانسرز جا ڪجهه سپاهي گهوڙن تان لٿا بيٺا هئا. گهڻو اڳتي جبل جي هڪ ڏورانهين اُڀڪپري وٽان هڪ سڙندڙ قلعي مان دونهين جي سنهي ليڪ مٿي وڃي رهي هئي. اسان جي فوج ڪٿي هئي؟ انهن ڪجهه ڪلاڪ اڳ ڪيمپ مان ٻارهن سون جي تعداد ۾ مارچ شروع ڪيو هو ۽ هاڻي وادي انهن سڀني کي ڳهي وئي هئي. مون پنهنجي دوربين ڪڍي ميدان جو غور سان جائزو ورتو. هِتي هُتي مٽي جا ٺهيل ڳوٺ ۽ قلعا نظر اچي رهيا هئا. گڏوگڏ اونها کوٽيل واٽر ڪورس، پاڻيءَ جي ذخيرن جا ترورا ۽ وڻن جا الڳ ٿلڳ بيٺل جهڳٽا ۽ ڪٿي ڪٿي پوک جا ٽڪرا به ڏسڻ ۾ پئي آيا. پر برطانوي – هندستاني برگيڊ جو ڪو نالو نشان ئي نظر نه ٿي آيو.

تڏهن مونکي اها ڳالهه پهريون دفعو ذهن ۾ آئي ته اسان جي ٽولي ته تمام ننڍڙي آهي جنهن ۾ مون سميت پنج برطانوي آفيسر ۽ شايد ته پنجاسي سک آهن. اسان جي سموري فوج اها هئي ۽ اسين تمام خطرناڪ ماموند واديءَ جي مُنڍ وٽ بيٺا انهي جي بلڪل ڏورانهين ڳوٺ کي سيکت ڏيڻ پئي وياسين. آءُ سينڊهرسٽ مان بلڪل تازو نڪتو هوس ۽ فوج کي پکيڙي ڇڏڻ بابت چتاء اڃان منهنجي ذهن ۾ تازا هئا. اسان جي مضبوط فوج صبح جو ڪيمپ مان نڪرڻ وقت جيترا حفاظتي اپاء ورتا هئا هاڻي موجوده صورتحال ۾ اسان چند ماڻهن جي صورت ۾ انهن جي بلڪل ناڪار ٿي رهي هئي. انهيءَ جي باوجود به اڪثر نوجوان بيوقوفن وانگر آءُ به ڪنهن مشڪل جي ڳولها ۾ هئس. دل ۾ اها ئي اميد هئي ته ڪا دلچسپ ڳالهه ٿيڻ گهرجي.

اسين آخرڪار ڳوٺ  جي ڪجهه ڪچن گهرن وٽ پهچي وياسين. ٻين سڀني ڳوٺن وانگر اهو به ويران لڳو پيو هو. اهو ڳوٺ وڏي جبل مان نڪري اڳتي وڌيڪ حصي جي مُنڍ تي واقع هو ۽ هڪ ويڪري ڳچيءَ جي ذريعي ٻين جبلن سان ڳنڍيل هو. آءُ هڪ آفيسر ۽ اٺن سکن سان گڏ ڳوٺ جي جبل واري پاسي کان ٿي ويهي رهيس. جڏهن ته ڪمپنيءَ جو باقي حصو ڪچن گهرن جي تلاشي وٺندو يا انهن جي پاڇي ۾ ويهي آرام ڪندو رهيو. پندرهن منٽ ٻيا ته گذري ويا پر ڪجهه به نه ٿيو. پوءِ ڪمپني جو ڪيپٽن اچي ويو.

’اسين هي علائقو خالي پيا ڪريون‘. هن سبالٽرن کي چيو، ”اسين جيستائين ڳوٺ کان هيٺان انهيءَ ٽڪريءَ تي نئين پوزيشن وٺون تيستائين تون اسان کي ڪور (cover) ڏي. بفز (Buffs) ته ايندا ڪو نه پيا ڏسجن ۽ ڪرنل جي خيال ۾ اسين هتي فائر جي زد ۾ آهيون.“

منهنجي ذهن ۾ به اها ڳالهه آئي ته اها بلڪل درست راءِ آهي. اسان ٻيا ڏهه منٽ انتظار ڪيو. انهيءَ دوران مون ذهن جي اک سان ڪمپني جي مک حصي کي ڳوٺ خالي ڪري ٽڪري ڏانهن ويندي ڏٺو. ذهن جي اک سان انهيءَ ڪري جو آءُ انهن کي سڌو سنئون نه پئي ڏسي سگهيس. اوچتو جبل جي پاسي ۾ وڏي هلچل پيدا ٿي وئي. وڏن پٿرن جي پٺيان تلوارون چمڪڻ لڳيون ۽ هيڏانهن هوڏانهن جهنڊا ڦڙڪڻ لڳا. اسان جي سامهون ٻارنهن مختلف جاين تان سفيد دونهين جا گولا اٿڻ لڳا ۽ بلڪل ويجهو ڪنهن جاءِ تان ڌماڪن جا آواز اچڻ لڳا. اسان کان هڪ ٻه يا ٽي هزار فوٽ مٿي هڪ وڏي پٿر جي چوٽيءَ تي سفيد يا نيري رنگ جون شڪليون ظاهر ٿيڻ لڳيون ۽ پٿرن جي وچ ۾ هموار سطحن تي ائين لهڻ لڳيون جئين ڀولڙا ڪنهن ڊگهي وڻ جي ٽارين تان لهندا آهن. ڪيترين جاين تان سنها تيز ڪيڪاٽ به ٿيڻ لڳا. يي! يي! يي! سڄي جبل تان دونهون اٿڻ لڳو ۽ هر گهڙيءَ ننڍڙيون شڪليون مٿان کان هيٺ لهنديون اسان جي ويجهو اچڻ لڳيون. اسان جي اٺن سک سپاهين فائر شروع ڪري ڏنو جيڪو جلد ئي وڌ کان وڌ تيز ٿيندو ويو. دشمن جا ماڻهو جبل کان هيٺ لهندا آيا ۽ اسان کان لڳ ڀڳ هڪ سو وال مٿي وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا. ايترا سولا ۽ ظاهر ٽارگيٽ ڏسي پاڻ تي ضبط ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو. مون پنهنجي ڀرسان ويٺل سک کان مارٽيني رائيفل وٺي پنهنجي هٿ ۾ ڪئي. هو مونکي ڪارتوس ڏيندو وڃڻ تي بلڪل راضي هو. مون پهڻن ۾ گڏ ٿيندڙ ماڻهن تي ڏاڍي ڌيان سان فائر ڪرڻ شروع ڪيا. اسان جي آسپاس به ڪيتريون ئي گوليون سوساٽ ڪنديون ويون. پر اسين پٽ تي بلڪل سڌا پيا هئاسين تنهنڪري ڪو به نقصان نه ٿيو. ٻنهي طرفن کان اها لڳاتار ڇتي فائرنگ پنجن منٽن تائين هلندي رهي. اسين جنهن مهم جوئي جي ڳولها ۾ هئاسين اها اسان کي ملي وئي هئي. پوءِ ويجهو ئي ڪنهن انگريز جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. اهو بٽالين ايڊجوٽنٽ هو.

”هاڻي هليا اچو. اسان کي وڌيڪ وقت ڪونهي. اسين ننڍڙي ٽڪري تان توهان کي ڪور ڏئي سگهون ٿا.“

مون جنهن سک کان رائيفل ورتي هئي انهيءَ منهنجي ڀرسان پٽ تي اٺ يا ڏهه ڪارتوس رکي ڇڏيا هئا. فوج جو اهو اصول هو ته ڪنهن به قسم جو بارود قبائلين جي هٿن ۾ وڃڻ ناهي ڏيڻو. سک ڪافي پُرجوش پئي لڳو تنهن ڪري مون هڪ هڪ ڪري سڀ ڪارتوس هن کي ڏئي ڇڏيا جئين اهي پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ رکي ڇڏي. اها به قسمت جي ڀلائي هئي جو اها ڳالهه ذهن ۾ اچي وئي. اسان جي ٽوليءَ جا ٻيا سڀ ماڻهو اٿي واپس روانا ٿي ويا هئا. اوچتو جبل مان گولين جو ڇتو وسڪارو ٿي ويو ۽ هڪلون ۽ هوڪرا ٿي ويا ۽ هڪ رڙ ٻڌڻ ۾ آئي. انهيءَ وقت منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته اسان جا پنج يا ڇهه ماڻهو وري ڪريا آهن. ائين ئي ٿيو هو. ٻه مئا هئا ۽ ٽي زخمي ٿيا هئا. هڪ ماڻهو کي سيني ۾ گولي لڳي هئي ۽ انهيءَ مان رت ناليون ڪري وهي رهيو هو. ٻيو ماڻهو پُٺي ڀر پيو وٽجي سٽجي ۽ کرڙيون هڻي رهيو هئو. برطانوي آفيسر منهنجي بلڪل پٺيان ڦرڻيءَ وانگر ڦيراٽيون پائي رهيو هو. سندس منهن رت جو دڳ ٿي ويو هو ۽ سندس ساڄي اک کوپي مان ٻاهر نڪتي پئي هئي. هائو! بلاشڪ ته اها مهم جوئي هئي.

هندستاني سرحد تي اهو عزت جو معاملو ليکيو ويندو آهي ته زخمي ماڻهن کي پٺتي نه ڇڏيو وڃي. جنگ ۾ جيڪي به ماڻهو زخمي ٿي پٺاڻ قبائلين جي هٿن ۾ ايندا آهن انهن جا لازمي طور عضوا ڪپيا ويندا آهن ۽ اهي آخرڪار چُڻي چُڻي مري ويندا آهن. هاڻي ايڊجوٽنٽ به واپس اچي ويو. هن سان هڪ برطانوي سبالٽرن، هڪ سِک سارجنٽ ميجر ۽ ٻه يا ٽي سپاهي گڏ هئا. اسان سڀني زخمين کي هٿ وڌا ۽ انهن کي ٽڪري تان هيٺ کڻڻ ۽ گهلڻ شروع ڪيو. اسان ڏهن يا ٻارنهن ماڻهن جي هٿن ۾ چار زخمي ماڻهو هئا ۽ ڳوٺ جي ڪجهه گهرن مان نڪري ٻاهر ٿي زمين جي هڪ خالي پٽيءَ تي ظاهر ٿي بيٺاسين. اتي ڪيپٽن ڇهن ماڻهن تي ٻڌل ڪمپني جي ڪمان سنڀاليون بيٺو هو. هوڏانهن هيٺ ڏيڍ سو وال پري هڪ ننڍڙي ٽڪري هئي هڪ مددي پارٽيءَ کي اتي مقرر هئڻ گهربو هو. انهن جا ڪي آثار نظر نه ٿي آيا. شايد اها ٽڪري اڃان هيٺ هئي. اسان زخمين جي احتجاجن کي نظرانداز ڪندا انهن کي کنڀيندا وياسين. اسان کي ڪنهن  به قسم جو ريئر گارڊ نه هو. سڀئي زخمي کنيو پئي آيا تنهنڪري مون کي پڪ هئي ته اسان کي اڃان بدترين صورتحال کي منهن ڏيڻو هو. اسان کليل علائقي ۾ اڌ پنڌ به نه ڪيو هو ته گهرن جي پٺيان ويهه يا ٽيهه غضبناڪ ماڻهو جوش ۾ فائرنگ ڪندا يا پنهنجون تلوارون لوڏيندا ظاهر ٿيا.

انهيءَ کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو انهيءَ جا مون کي فقط ٽڪرا ٽڪرا ياد آهن. ٻه سک جيڪي مون سان پنهنجو زخمي کڻائي رهيا هئا انهن مان هڪ کي پٺيءَ ۾ گولي لڳي وئي. هو سور ۾ رڙيون ڪرڻ لڳو. سندس پڳڙي هيٺ ڪري پئي ۽ ڊگها ڪارا وار ڪُلهن تي پکڙجي ويس. هو ڏک ۽ کل جو گڏيل منظر پيش ڪري رهيو هو. هيٺان ٻه وڌيڪ ماڻهو آيا ۽ اسانجي ماڻهو کي قابو ڪيائون. نئين سبالٽرن ۽ مون انهيءَ سک کي ڪالر مان ورتو ۽ کيس زمين تي گهليندا وياسين. چڱو ٿيو جو هاڻي سمورو پنڌ ٽڪريءَ تان هيٺ لهڻ جو هو. ظاهري ڳالهه آهي ته اسان کيس تکن پٿرن تي گهليندي ايترو ته ڦٽي وڌو هو جو هن عرض ڪيو ته کيس اڪيلو ڇڏيو وڃي. هو منڊڪائيندو، گهلبو، ٿيڙ کائيندو ۽ ٿاٻڙبو پر چڱي رفتار سان اڳتي وڌندو آيو. اهڙيءَ طرح هن پنهنجي جان بچائي ورتي. مون ڪنڌ ورائي پنهنجي کاٻي طرف ڏٺو. ايڊجوٽنٽ کي به گولي لڳي وئي هئي. سندس چار سپاهي کيس کنيو پئي آيا. هو ڳرو مڙس هو تنهنڪري هنن سڀني جا هٿ هن ۾ مضبوطي سان پيل هئا. اوچتو گهرن جي ڪنارن وٽان اڌ ڊزن پٺاڻ تلوار باز ظاهر ٿيا. انهن جي ويجهو اچڻ تي ويچاري ايڊجوٽنٽ جا ڪانڌي کيس اڇلائي پاڻ ڀڄي ويا. سڀ کان اڳئين تلوار باز ڊوڙي اچي منهن ڀر ڪريل ماڻهو مٿان اچي بيٺو ۽ کيس پنهنجي تلوار سان ٽي يا چار دفعا ڌڪ هنيائين. انهيءَ وقت ٻيون سڀ ڳالهيون منهنجي ذهن مان نڪري ويون ۽ اها تمنا دل ۾ اڀري بيهي رهي ته انهيءَ شخص کي قتل ڪريان. پبلڪ اسڪول جو تلوار بازيءَ جو تمغو ته منهنجو اڳ ۾ ئي کٽيل هو. مون دوبدو مقابلي جو فيصلو ڪري ورتو. وحشيءَ مون کي ايندو ڏسي ورتو. آءُ ويهن والن کان وڌيڪ پري نه هوس. هن هڪ وڏو پٿر کڻي کاٻي هٿ سان مون ڏانهن اڇلايو ۽ پوءِ تلوار جهلي منهنجو انتظار ڪرڻ لڳو. هن جي پٺيان ٻيا ماڻهو به بيٺل هئا جيڪي هن کان گهڻو پري نه هئا. مون تلوار ڪم آڻڻ بابت پنهنجو ارادو تبديل ڪري ڇڏيو. مون پنهنجو ريوالور ڪڍيو ۽ پنهنجي اندازي مطابق تمام ڌيان سان نشانو وٺي فائر ڪري ڇڏيو. ڪو به نتيجو نه نڪتو. مون ٻيهر فائر ڪيو. وري به نتيجو نه نڪتو، مون وري فائر ڪيو. آءُ چئي نه ٿو سگهان ته هن کي ڌڪ لڳو يا نه پر هو ٻه يا ٽي وال پوئتي ڀڄي ويو ۽ هڪ پٿر جي پٺيان پئجي رهيو. گولين جو وسڪارو مسلسل ٿي رهيو هو مون چوطرف نظر وڌي پر ڪو به ساٿي نظر نه ٿي آيو. آءُ دشمنن جي وچ ۾ بلڪل اڪيلو هوس. آءُ پنهنجي پوري رفتار سان ڊوڙڻ لڳس. هر طرف گوليون ئي گوليون هيون. منهنجي سامهون جيڪا پهرئين ٽڪري آئي آءُ انهيءَ تي چڙهي ويس. سک هيٺين ٽڪريءَ تي پوزيشن سنڀاليون بيٺا هئا. انهن هٿن سان ڏاڍي پُرجوش نموني اشارا ڪيا ۽ آءُ ڪجهه گهڙين ۾ ئي انهن وٽ پهچي ويس.

ميدان تي پهچڻ کان اڳ اڃان جبل جي وڌيل حصي تي مني ميل جيترو پنڌ ڪرڻو هو ۽ اسان جي ٻنهي پاسن کان جبل جا ٻيا وڌيل حصا هيٺ وڃي رهيا هئا. اسان جو تعاقب ڪندڙ انهن ٻنهي تان ڊوڙندا ۽ اسان جي ٻنهي پاسن کان فائر ڪندا پئي آيا. انهن جي ڪوشش هئي ته اسان کي پنهنجن ساٿين کان ڪٽي ڇڏين. مون کي ياد نه آهي ته اسان کي هيٺ پهچڻ ۾ ڪيترو وقت لڳو پر اسان اهو سمورو فاصلو بلڪل آهستگي ۽ مضبوطي سان طي ڪيو. اسان ٻه آفيسر ۽ ڇهه سک زخمي به پاڻ سان کنيو پئي آياسين. انهن کي کڻڻ لاءِ ئي ويهه ماڻهو درڪار هئا. اسان هڪ آفيسر ۽ ٻارنهن زخمي ۽ مئل سپاهين کي وڍجي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لاءِ اتي ئي ڇڏي ڏنو.

انهيءَ دوران مون هڪ مئل ماڻهو جي مارٽيني رائيفل ۽ بارود کڻي ورتو ۽ کاٻي پاسي تي اسي کان هڪ سو ويهن والن جي فاصلي تي بيٺل قبائلين تي وڌ ۾ وڌ احتياط سان ٽيهه يا چاليهه فائر ڪيا. انهن موقعن تي مشڪل اها هوندي آهي ته وڏي هڻ وٺ جي سبب ماڻهو جا عضوا پيا ٿڙڪندا آهن ۽ ڏاڍو پيو سهڪندو آهي. بهرحال مونکي پڪ آهي ته مون فائر نشانو وٺي ڪيو.

اسين هيٺ پهتاسين ته اسان جي حالت ماڻهن جي ڪنهن بي ترتيب ميڙ کان بهتر نه هئي پر انهيءَ هوندي به اسان پنهنجا زخمي گڏ آندا هئا. ڪمپني جو رزرو (Reserve) حصو ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل به بيٺا هئا. هو بٽالين ڪمانڊر هو پر حالت اها هئي جو فقد چند اردلي سندس ڪمان هيٺ بيٺا هئا. زخمين کي هيٺ سمهاريو ويو ۽ سموري ڪمپني جي باقي بچيل ماڻهن کي ٻن قطارن ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي بيهاريو ويو. قبائلي جن جو انگ هاڻي لازماً ٻه يا ٽي سو ٿيندو اهي هڪ اڌ چنڊ جي شڪل ۾ اسان جي ٻنهي پاسن کان گڏجي بيهي رهيا. مون ڏٺو پئي ته گورا آفيسر سکن کي نظم ضبط ۾ رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا هئا. اها ترتيب جيتوڻيڪ دشمن کي وڏو نشانو مهيا ڪري رهي هئي پر ٽڙيل پکڙيل هئڻ کان ڪهڙي به ترتيب ۾ هئڻ بهتر هو. سڀئي قبائلي به ننڍڙن ميڙن جي صورت ۾ گڏيا بيٺا هئا ۽ اهي به جوش ۽ جذبي ۾ آپي کان ٻاهر ٿي نظر آيا.

ڪرنل مونکي چيو ته: ”بفز اڌ ميل کان وڌيڪ پري نه آهن. وڃ ۽ انهن کي چئه ته جلدي ڪريو نه ته اسين سڀ ختم ٿي وينداسين.“

مون انهيءَ ڪم تي روانو ٿيڻ لاءِ منهن ئي مس ڦيرايو ته منهنجي ذهن ۾ هڪ چڱي ڳالهه اچي وئي. مون تصور جي اک سان ڪمپني کي زير ٿيندي ۽ ختم ٿيندي ڏٺو ۽ پاڻ ڊويزن جي جنرل سان مقرر اردلي آفيسر کي اڪيلو بچيل، پوري رفتار سان ڊوڙندي ۽ سهڪندي اچي تباهي جي خبر ٻڌائيندي ۽ مدد لاءِ اپيل ڪندي ڏٺم.

”مون کي اهو حڪم لکت ۾ گهرجي سر!“ مون چيو.

ڪرنل حيران ڏسڻ ۾ آيو پر پنهنجي ڪوٽيءَ جي کيسي ۾ کوٽهڙا هڻي پنهنجو پاڪيٽ بڪ ڪڍيائين ۽ لکڻ لڳو.

انهيءَ دوران پيدا ٿيل وڏي گوڙ گهمسان ۽ بدنظميءَ ۾ ڪيپٽن ڪمپنيءَ کي پنهنجو حڪم ٻڌائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن زور زبردستي ڪرائي ڪمپني کان گولين جي وسڪاري جي شدت گهٽ ڪرائي ورتي. هڪ حڪم جو آواز منهنجن ڪنن تي پيو. ”والي فائرنگ، ريڊي. پريزنٽ“ ڦهڪا ٿي ويا ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊزن قبائلي هيٺ ڪري پيا. گولين جو وري ٻيو وسڪارو ٿيو ۽ اهي ڍرا ٿي ويا. ٽئين وسڪاري تي اهي پٺيان پير ڪري جبل ڏانهن وڌڻ لڳا. بگل وڄائيندڙ ”چارج“ جي ڌن وڄائڻ شروع ڪئي ۽ هر ڪو ماڻهو هڪلون ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو. بحران پڄاڻي تي پهچي چڪو هو ۽ واکاڻ تنهن واحد جي جو سامهون بفز جي مُنڍ وارين قطارن به منهن ڪڍيو.

پوءِ اسان خوشي ملهائي لنچ کاڌي پر پوءِ اها صورتحال سامهون آئي ته اسان کي رات کان اڳ تمام گهڻو پنڌ ڪرڻو هو.

*      *      *      *

هاڻي بفز جي اچي وڃڻ کانپوءِ اهو اٽل فيصلو ٿيو ته اسان کي جبل جي جنهن وڌيل حصي تان ڀڄايو ويو هو انهيءَ تي وري قبضو ڪجي جيئن وڃايل عزت ۽ ايڊجوٽنٽ جو لاش حاصل ڪيا وڃن. اهو ڪم سراجام ڏيندي شام جا پنج ٿي ويا.

انهيءَ دوران 35 سک واري ڪمپني به اچي وئي جيڪا اسان جي ساڄي پاسي واري جبل تي چڙهي وئي هئي ۽ اسان کان به بدتر تجربن مان گذري هئي. اهي به آخرڪار ميدان تي لهي آيا هئا ۽ پاڻ سان گڏ شايد هڪ ڊزن زخمي آندا هئائون ۽ ڪيترائي آفيسر ۽ پندرهن سپاهي بگهڙن هٿان هڙپ ٿيڻ لاءِ اتي ئي ڇڏي آيا هئا. واديءَ تي اڳ ۾ ئي شام جا پاڇا پوڻ شروع ٿي ويا هئا ۽ جن دستن کي صبح جو ڏاڍي غير دانشمنديءَ سان ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو ويو هو اهي به ڪيمپ واپس موٽڻ لڳا. ڪيمپ به آهستي آهستي رات جي اونداهيءَ سان گڏوگڏ هوا جي طوفان ۾ ويڙهبي وئي ۽ جنهن کان پوءِ خوشيءَ ۾ ٽڙندڙ دشمن ۽ وحشي به پهچڻ لڳا. آءُ به بفز ۽ ڏاڍي ڏتڙيل 35هين سک ڪمپني سان گڏ ڪيمپ موٽيس. اسين جڏهن ڪيمپ جي چوطرف ٺاهيل مورچن ۾ داخل ٿياسين ته اوندهه ٿي چڪي هئي. ٻيون سڀئي ٽوليون به شديد پر غير تسلي بخش ويڙهه کان پوءِ ڪيمپ واپس پهچي ويون هيون. پر جنرل ڪٿي هو؟ سندس اسٽاف ڪٿي هو؟ ۽ خچر بيٽري ڪٿي هئي؟

ڪيمپ جي سڀني پاسن کان ڏاڍي سخت چوڪي هئي ۽ اسان ماني به معمول وارين گولين جي سنهي مينهن هلندي کاڌي. ٻه ڪلاڪ ٻيا به گذري ويا جنرل آخر ويو ڪيڏانهن؟ هاڻي اسان کي خبر پئي ته خچر بيٽري سان گڏوگڏ انجنيئرن ۽ سرنگهون وڇائيندڙن جي اڌ ڪمپني ۽ ڏهه گورا آفيسر به هن سان گڏ هئا. اوچتو وادي مان توپ جي گولي جي گونج ٿي جيڪو اندازي مطابق ٽي ميل پري هو. انهيءَ کان پوءِ ٿوري وقفي سان شايد ويهه ٻيا به ڌڌڪا ٿيا. پوءِ ماٺ ٿي وئي. ڇا ٿي رهيو هو؟ جنرل رات جي اونداهيءَ ۾ ڇا تي توپون هلائي رهيو هو؟ اها ڳالهه ضرور آهي ته سندس مدمقابل به سندس بلڪل ويجهو ئي موجود هوندو. اهي يا ته هڪٻئي ۾ گڏجي ويا آهن يا ائين ته ڪونهي ته اهي توپن جا ٺڪاء مدد جا سگنل آهن؟ ڇا اسان کي سندس مدد لاءِ نڪرڻ گهرجي؟ رضاڪارن جي ڪابه کوٽ نه هئي؟ سينئر آفيسر گڏجي صلاح مشورو ڪرڻ لڳا. جيئن اڪثر موقعن تي ٿيندو آهي ته حالتون خراب ٿي وينديون آهن ته رسمي ڳالهين تي ڪير به عمل نه ڪندو آهي سو آءُ به وڃي ڳالهين ۾ شريڪ ٿي ويس. اها ڳالهه طي ٿي ته رات جو ڪو به سپاهي ڪيمپ مان ٻاهر نه نڪرندو. گگهه اونداهيءَ ۾ واديءَ جي بيشمار کڏن کوٻن ۽ رڪاوٽن جي موجودگيءَ ۾ ريسڪيو فورس موڪلڻ وڌيڪ ڪنهن آفت جو سبب ٿيندو ۽ ائين ڪرڻ جي صورت ۾ جيڪڏهن ڪيمپ تي حملو ٿي ويو، جنهن جو چڱو خاصو امڪان آهي، ته ڪيمپ موتمار حد تائين ڪمزور ٿي ويندي. جنرل ۽ بيٽري جتي به آهن ڀلي وڙهي ڏينهن ڪن. واديءَ ۾ وري توپن جا فائر ٿيا. انهيءَ جو مطلب ته اهي اڃان تائين زير نه ٿيا هئا. مون تڏهن پهريون دفعو جنگ جون ڳڻتيون، پريشانيون ۽ دٻاء اکين سان ڏٺا. بظاهر ته اها ڪا کِل خوشي واري مهم نه ٿي لڳي. اسين اڳي ئي خطري جي حالت ۾ هئاسين. ڪجهه به ٿي سگهيو ٿي. اهو فيصلو ٿيو ته پرهه ڦٽڻ سان ئي بنگال لانسرز جو هڪ اسڪوارڊن، انفنٽري جي ڪالم جي مدد سان جنرل جي امداد لاءِ روانو ٿي وڃي. هاڻي اڌ رات ته گذري وئي هئي سو مون به جنگي لباس ۽ بوٽن سميت ٻه ٽي ڪلاڪ سٺي ننڊ ڪري ورتي.

ڏينهن جي روشني ۾ واديءَ جي کليل ميدان ۾ اسان جي لاءِ ڪي به خطرا نه هئا. اسان جنرل ۽ سندس بيٽريءَ کي ڪچن گهرن واري هڪ ڳوٺ ۾ مُچي ٿي ويٺل ڏٺو. هن ڏاڍو خراب وقت گذاريو هو. کيس مٿي ۾ زخم رسيو هو پر اهو ايترو شديد نه هو. اوندهه ٿي وڃڻ سان هن پنهنجي فوج کي ڪجهه گهرن ۾ آڻي هڪ قسم جو قلعو ٺاهي ورتو . ساڳئي وقت ماموند به پهچي ويا ۽ سموري رات مٽي جي انهيءَ ڳجهه ڳهيڙي جي گهرن ۽ گهٽين ۾ شديد ترين جنگ ٿيندي رهي. حملي آور علائقي جي هڪ هڪ انچ کان پوريءَ طرح واقف هئا. اهي ته پنهنجي گهرن جي صُفن ۽ رڌڻن ۾ وڙهي رهيا هئا. جڏهن ته دفاع ڪندڙن کي علائقي يا عمارتن بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي اهي ته بس گگهه اونداهيءَ ۾ جيڪو جتي هو اتي ئي بيهجي ويو. قبائلي ته ڀتيون ٽپندا، ڇتين تان لڙڪندا، گوليون هلائيندا ۽ پنهنجا وڏا خنجر هڻندا ويا. ماڻهن جا هڪٻئي ۾ هٿ هئا ۽ هر ڪنهن دڦ تي بندوقون پئي ڇوڙيون. توپ جا گولا ائين هلايا ويا جيئن ٻن يا ٽن والن تي بيٺل دشمن تي پستول سان فائر ڪجي. ڏهن مان چار برطانوي آفيسر زخمي لڳا پيا هئا. انجنيئرن ۽ توپچين جو ٽيون حصو زخمي هو ۽ لڳ ڀڳ سڀئي خچر مئا يا زخمي لڳا پيا هئا. باقي بچي ويل آفيسرن جا لٿل منهن صبح جي انهيءَ خوفناڪ منظر جي ڄڻ ته تڪميل ڪري رهيا هئا. اسان اڳتي وڌي زخمي خچرن کي گوليون هنيون ۽ پوءِ نيرن ڪرڻ ويٺاسين.

جڏهن اسين سڀ ڪيمپ واپس موٽي آياسين ته اسان جي جنرل هڪ ڏورانهين جبل جي چوٽيءَ تي بيهي آئيني جي اولڙن ذريعي نواگئي ۾ سربائينڊن بلڊ سان رابطو ڪيو. سربائينڊن بلڊ ۽ اسان جي مهڙ واري برگيڊ تي پاڻ گذريل رات شديد حملو ٿيو هو. انهن جو به سوين وهٽن ۽ ويهن يا ٽيهن ماڻهن جو نقصان ٿيو هو. باقي ٻي ڪا به اهڙي خراب صورتحال پيش نه آئي هئن. سربائينڊن بلڊ حڪم موڪليا ته اسان مامود واديءَ ۾ رهي باهه ۽ تلوار سان بدلو وٺي انهيءَ کي اجاڙي برباد ڪري ڇڏيون. اسان اهوئي ڪم ڪيو. پر انهيءَ دوران وڏا حفاظتي اپاء پڻ ورتا. اسين هڪ طريقه ڪار تحت هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ويندا، گهر تباهه ڪندا، کوهه لٽيندا ۽ قلعن جي مينارن کي ڌماڪن سان اڏائيندا وياسين. ساڳئي طرح تاديبي تباهيءَ طور وڏن ڇانو وارن وڻن کي ڪٽي، بيٺل فصلن کي باهيون ڏئي پاڻي جي ذخيرن جا بند ڀڃي ڇڏياسين. ميداني ڳوٺن تي ته اهي ڪاروايون سرانجام ڏيڻ تمام سولو ڪم هو. قبائلي جبلن تي ويٺا ڏاڍي افسوس سان پنهنجن گهرن ۽ گذر سفر جي ذريعن جي تباهي ڏسندا رهيا. پر اسين جڏهن جبلن جي پاسن تي واقع ڳوٺن تي حملا ڪرڻ وياسين ته انهن ڏاڍي مزاحمت ڪئي ۽ هر ڳوٺ جي بدلي ۾ اسان جو ٻن يا ٽن برطانوي آفيسرن ۽ پندرهن يا ويهن مقامي سپاهين جو نقصان ٿيو. ڳوٺن جي تباهي ايترو جاني نقصان لهڻو ٿي يا نه؛ انهيءَ بابت آءُ ڪجهه به چئي  نه ٿو سگهان. بهرحال پندرهن ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي وادي اجڙي ويران ٿي وئي ۽ اسان جي عزت جي احساس به تسڪين حاصل ڪري ورتي.


 


[1] اٽليءَ ۾ هڪ سامونڊي بندر.

[2] اڳ ۾ قلعو پوءِ شاهي قيد خانو ۽ هاڻي اسلحه گهر ۽ نمائش: (سنڌيڪار)

[3] اڳ ۾ مزل لوڊ يعني ناليءَ جي مُنهن ۾ بارود ڀرجڻ واريون بندوقون ۽ رائيفلون هونديون هيون پوءِ بريچ لوڊ يعني ڪنداق وٽان کولي ڪارتوس يا گولي ڀرجڻ واريون بندوقون ۽ رائيفلون ٺهيون. (سنڌيڪار)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org