سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  سائو پن يا ڪارو پنو

باب-11

صفحو : 13

 

باب سورهون

آرميءَ کي الوداع

I leave the Army

 

درويش فوج کي جيئن ته مڪمل طور شڪست ۽ تباهي کي منهن ڏيڻو پيو هو تنهنڪري گهٽ خرچائو ڪچنر به برطانوي ڪيولريءَ رجمينٽ جي مهانگين خدمتن کان فوري طور جان ڇڏائڻ جي قابل ٿي ويو. ايڪويهين لانسرز وارن لڙائي ختم ٿيڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ اتر طرف وطن ڏانهن پنهنجو مارچ شروع ڪيو. مون کي نيل ۾ گرينيڊيئر گارڊس کي کڻي ويندڙ وڏين سڙهه وارين ٻيڙين ۾ سفر ڪرڻ جي اجازت ملي وئي. قاهره ۾ مون کي ڊڪ مولينيڪس ملي ويو. هو بليوز (The Blues) ۾ سبالٽرن هو ۽ مون وانگر ايڪويهين لانسرز ۾ اٽيچ ڪيو ويو هو. هن کي ساڄي ٻانهن جي ويڻي مٿان تلوار جو ڏاڍو شديد زخم آيو هو. انهيءَ سان سندس سڀ مشقون ڪٽجي ويون هيون ۽ مجبوراً کيس پنهنجي روالور مان هٿ ڪڍڻا پيا هئا. ساڳئي وقت سندس گهوڙي کي تمام ويجهي فاصلي کان گولي لڳي وئي. کيس سندس هڪ سپاهي وڏي دليريءَ جو مظاهرو ڪندي بچائي ورتو هو نه ته سندس موت يقيني هو. هو هاڻي اسپتال جي هڪ نرس جي نگرانيءَ ۾ انگلينڊ پئي ويو. مون هن سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيو. اسين ڳالهين ۾ ئي هئاسون ته ڊاڪٽر سندس زخم تي ملم پٽي ڪرڻ آيو. زخم ڏاڍو خطرناڪ هو ۽ ڊاڪٽر کي اها ڳڻتي هئي ته جيترو جلدي ٿي سگهي انهيءَ تي ٻي کل جو ٽڪرو چاڙهيو وڃي. هن دٻيل آواز ۾ نرس کي ڪجهه چيو جنهن تي هن پنهنجي ٻانهن تان ڪپڙو پري ڪيو. پوءِ هو هڪ ڪنڊ ڏانهن ويا جتي ڊاڪٽر نرس جي ٻانهن تان هڪ ٽڪرو ڪٽڻ لڳو جئين اهو مولينيڪس جي زخم تي لڳي سگهي. نرس ويچاري ته ڊپ ۾ اڇي ٿي وئي. انهيءَ تي ڊاڪٽر مون ڏانهن منهن ڪيو. هو وڏي هڏ ڪاٺ وارو آئرستاني هو ۽ پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چوڻ لڳو ته: ’مون کي اهو تو تان کڻڻو پوندو.‘ بچڻ جي ڪا واٽ ئي نه هئي ۽ آءُ جڏهن پنهنجو ڪف مٿي کنجي رهيو هوس ته ڏاڍي نرميءَ سان چيائين: ’ڪڏهن جيئري ماڻهو جي کل لهندي ٻڌي اٿئي؟ هن ڪم ۾ ائين ئي محسوس ٿيندو آهي.‘ هاڻي هن منهنجي ٻانهن جي اندرئين حصي مان هڪ شلنگ جي ماپ جيترو کل جو ٽڪرو ٿوري گوشت سميت ڪٽڻ شروع ڪيو. هو جيئن بليد کي آهستي آهستي اڳتي پوئتي ڪري رهيو هو ته منهنجا احساس بلڪل اهڙا ئي هئا جهڙي هن ڳالهه ٻڌائي هئي. بهرحال آءُ دل پڪي ڪري بيٺو رهيس ۽ هن کل جو هڪ سهڻو ٽڪرو گوشت جي سنهي ٽڪري سميت ڪٽي ورتو. اهو قيمتي ٽڪرو پوءِ منهنجي دوست جي زخم تي هنيو ويو. اهو اڄ ڏينهن تائين اتي ئي لڳو پيو آهي ۽ کيس ڪيترين ئي ڳالهين ۾ وڏو فائدو ڏنو اٿائين ۽ آءُ وري پنهنجي ڦٽ جي نشان کي يادگار طور سنڀاليون ويٺو آهيان.

منهنجا پيءُ ماءُ سدائين لنڊن واري دنيا جي مرڪز ۽ چوٽي جي ويجهو رهيا هئا ۽ چڱي حد تائين هر شي حاصل هين. پر اهي ڪڏهن به وڏا امير نه رهيا هئا. ڪجهه بچت جي ته ڳالهه ئي نه ڪجي. پر انهن جيڪا تمام سرگرم خانگي ۽ عوامي زندگي گذاري انهيءَ جي سبب قرض ۽ ٻيون زير باريون به باقاعدگي سان وڌنديون ويون. منهنجي پيءُ 1891ع ۾ ڏکڻ آفريقا ڏانهن جيڪو سفر ڪيو انهيءَ ۾ هن بهرحال تمام قيمتي سون جي کاڻين واري ايراضي ۾ حصو خريد ڪري ورتو هو ۽ ٻين ملڪيتن سان گڏ رانڊ (Rand) جي کاڻين ۾ پنج هزار شيئر به خريد ڪيا هئا. سندس زندگي جي آخري سال ۾ ته مارڪيٽ ۾ انهن جي حصن جي قيمت تقريباً روزانو وڌندي هئي ۽ سندس وفات وقت انهن جي قيمت اصل قيمت کان تقريباً ويهوڻ تي پهچي وئي هئي. جلد ئي انهيءَ قيمت تي پنجاهوڻ يا سٺهوڻ تي اضافو ٿي ويو ۽ هو جيڪڏهن ٻيو سال به زنده هجي ها ته چڱي خاصي وڏي دولت جو مالڪ هجي ها. انهن ڏينهن ۾ جڏهن ڪي قابل ذڪر ٽيڪسون به نه هونديون هيون ۽ پئسي جي قوت خريد به هاڻوڪي کان گهٽ ۾ گهٽ ٻيڻي هئي تڏهن اڍائي لک پائونڊن جي رقم کي به وڏي دولت سمجهيو ويندو هو. پر هن اهڙي وقت هيءُ جهان ڇڏيو جڏهن سندس نئين دولت سندس قرضن جي لڳ ڀڳ برابر اچي ٿي هئي. اهي شيئرز وڪرو ڪرڻ کان پوءِ جڏهن هر ڳالهه اطمينان بخش طريقي سان طي ٿي وئي ته منهنجي ماءُ وٽ فقط اها جائداد باقي بچي جيڪا کيس شاديءَ ۾ ملي هئي. اها به بهرحال سک آرام ۽ خوشيءَ لاءِ بلڪل ڪافي هئي.

مون کي اهو ڏاڍو فڪر هو ته آءُ ڪنهن به طرح مٿس بار نه ٿيان. فوجي مهمن ۽ پولو ٽورنامينٽن جي سرگرمين ۽ تفريحن دوران به آءُ پنهنجي فوجي زندگيءَ جي مالياتي رُخ بابت سوچ ويچار ڪندو رهيس. منهنجو پنج سو پائونڊ ساليانو وارو الائونس منهنجي پولو ۽ رجمينٽ جي خرچن لاءِ ڪافي نه هو. منهنجو مالي خسارو سال بسال بيرحمي سان وڌندو پئي ويو ۽ منهنجي انهيءَ تي به نظر هوندي هئي. اهو جيتوڻيڪ ايترو گهڻو ته نه هو پر بهرحال خسارو ته هو. مون هاڻي اهو محسوس ڪري ورتو ته مون کي جنهن واحد پيشي جي سکيا ملي آهي انهيءَ مان مون کي ايترو پئسو به نه ملندو جو آءُ قرض کڻڻ کان بچي سگهان. گهران ملندڙ الائونس نه وٺڻ ۽ جيئن منهنجي خواهش هئي ته آءُ مڪمل طور خودمختيار هجان اها ته ڳالهه ئي پنهنجي هنڌ رهي. پنهنجي زندگي جا تمام قيمتي سال ڏئي چوڏهن شلنگ روزاني واري نوڪري تي پهچڻ جنهن مان ٻن گهوڙن جي سار سنڀال ۽ تمام قيمتي وردين جو خرچ به ڪڍڻو پوي سا ڳالهه ڪو معقول ڪم نظر نه ٿي آئي. چند وڌيڪ سال فوجي نوڪري جاري رکڻ سان آءُ ۽ مون سان لاڳاپيل سڀ ماڻهو مشڪلات ۾ پئجي ويندا. ٻئي طرف وري مون جيڪي به ڪتاب لکيا هئا ۽ ڊيلي ٽيليگراف ڏانهن جيڪي خط موڪليا هئا انهن مان ئي مون کي ملڪه لاءِ محنت ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ کي خطري ۾ وجهي ٽن سالن جي نوڪري جي پگهار کان تقريباً پنجوڻ تي آمدني ٿي هئي. ملڪه تي پارليامينٽ طرفان  ايتريون ته مالي پابنديون هيون جو هوء ته مون کي گذاري لائق پگهار به نه ٿي ڏئي سگهي. تنهن ڪري مون ڏاڍي افسوس سان اهو فيصلو ڪري ڇڏيو ته آءُ بنا دير سندس نوڪري ڇڏي ڏيان. مون اومدرمان جي لڙائي بابت مارننگ پوسٽ لاءِ جيڪو خطن جو سلسلو لکيو هو انهن تي جيتوڻيڪ منهنجو نالو به پيل نه هو ته به انهن مان مون کي ٽي سو پائونڊن کان وڌيڪ آمدني ٿي هئي. منهنجي ماءُ سان گڏ رهڻ سان منهنجا خرچ به گهٽ ٿيندا ۽ مون کي اميد هئي ته مون کي سوڊان مهم بابت پنهنجي نئين ڪتاب (مون انهيءَ تي The River War نالو رکڻ جو فيصلو ڪيو هو) مان ايتري آمدني ٿي ويندي جيڪا منهنجي جيب خرچ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن لاءِ ڪافي هوندي. انهيءَ کان سواءِ مون وٽ پئائنيئر وارن سان به هڪ معاهدو غور هيٺ هو جنهن تحت مون کي ٽي پائونڊ في خط جي حساب سان لنڊن مان هفتيوار خط لکڻا هئا. مون پوءِ جي زندگيءَ ۾ انهيءَ رقم ۾ بهتري آندي آهي پر انهيءَ وقت مون سوچيو ته اها رقم سبالٽرن آفيسرن طور منهنجي پگهار جي تقريباً برابر آهي.

تنهنڪري مون سال 1899ع جي هن طرح رٿا بندي ڪئي: انڊيا واپس وڃان ۽ پولو ٽورنامينٽ کٽيان؛ ڪاغذ مٿي موڪليان ۽ آرمي کي الوداع چوان؛ پنهنجي ماءُ کي مون کي الائونس ڏيڻ کان آزاد ڪريان؛ پنهنجو نئون ڪتاب ۽ پئائنيئر کي خط لکان؛ ۽ پارليامينٽ ۾ وڃڻ جي ڪنهن موقعي جي ڳولها ڪريان. جيئن اڳتي هلي ڏسڻ ۾ ايندو ته اهي رٿائون چڱي حد تائين عملي صورت ۾ آيون. حقيقت اها آهي ته انهيءَ سال کان وٺي سن 1919ع تائين منهنجو دارومدار مڪمل طور پنهنجي محنت سان ڪمايل آمدني تي رهيو. انهيءَ سال مون کي پنهنجي گهڻو وقت اڳ گذاري ويل پڙ ڏاڏي فرانسس اين کان غير متوقع طور تمام قيمتي ملڪيت ورثي ۾ ملي. انهن ويهن سالن دوران آءُ پاڻ کي ۽ پوءِ پنهنجي ڪٽنب کي به اهڙي طرح هلائيندو آيس جو اسان وٽ صحت توڙي تفريح لاءِ ضروري گهربل ڪنهن به شي جي ڪا به کوٽ نه هوندي هئي. مون کي انهيءَ تي فخر آهي ۽ پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي سڀني ٻارن آڏو به پنهنجو مثال پيش ڪندو آهيان.

*      *      *      *      *

مون نومبر جي آخر ۾ انڊيا ڏانهن واپسي جو فيصلو ڪيو جيئن فيبروري جي آخر ۾ پولو ٽورنامينٽ جي  تياري ڪري سگهان. انهيءَ وچ واري عرصي ۾ مون وطن ۾ پنهنجي ڏاڍي خاطر تواضع ٿيندي ڏٺي. مارننگ پوسٽ ۾ منهنجا خط وڏي ڌيان سان پڙهيا ويا هئا. ماڻهن انهيءَ مهم، اومدرمان ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪيولري جي ڪاهه بابت ڳالهيون ٻڌڻ ٿي گهريون. آءُ پاڻ گهڻو ڪري ڪنهن ڊنر ٽيبل تي يا ڪلبن يا نيو مارڪيٽ ۾ ويٺل ڏسندو هوس. آءُ انهن ڏينهن ۾ نيو مارڪيٽ گهڻو ويندو هوس جيڪو منهنجون ڳالهيون ٻڌندڙن ۽ مون کان پڇائون ڪندڙ قدردان حلقن جو مرڪز هوندو هو. اهي ماڻهو مون کان عمر ۾ به گهڻا وڏا هوندا هئا. اهڙين جاين تي نوجوان عورتون به موجود هونديون هيون جيڪي منهنجين ڳالهين ۽ معاملن ۾ ڪجهه دلچسپي وٺنديون هيون. تنهنڪري اهي هفتا وڻندڙ نموني گذري ويا.

انهيءَ ئي وقت آءُ پارليامينٽ جي نون ڪنزرويٽو ميمبرن جي هڪ گروپ سان مليس. انهن سان اڳتي هلي منهنجو گهڻو تعلق رهيو. مسٽر آئن ميلڪوم مون کي لنچ تي دعوت ڏني جتي ٻين مهمانن ۾ لارڊ هيو سيسل، لارڊ پرسي ۽ لارڊ بلڪاريز (Balcarres) شامل هئا. اهي ڪنزرويٽو پارٽي جا اڀرندڙ سياستدان هئا. انهيءَ کان پوءِ ٻيون به ڪيتريون ئي پارليامينٽون چونڊجي آيون آهن پر ڪنهن ۾ به اهڙا طاقتور ۽ اهڙا ناميارا ماڻهو ايتري تعداد ۾ گڏ نه آيا آهن. اهي منهنجين سرگرمين بابت پڙهي چڪا هئا ۽ منهنجي پيءُ کي به موت کان پوءِ جيڪا عزت ۽ وقار مليو هو انهيءَ ڪري اهي سڀئي مون سان ملاقات جا خواهشمند هئا. فطري طور آءُ به پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ لاءِ بلڪل تيار هوس جو مون کان عمر ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي سال وڏين انهن نوجوانن جي موجودگيءَ ۾ منهنجي دل ۾ به ڪجهه رقابت ۽ ريس جا جذبا پيدا ٿي رهيا هئا جو اهي سڀئي وڏن خاندانن جا ٻار هئا، سڀني آڪسفورڊ يا ڪئمبرج جا امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيا هئا ۽ سڀني کي پنهنجا محفوظ ٽوري چونڊ حلقا هئا. حقيقت ۾ ته آءُ پاڻ کي پتل جي ٿانون ۾ هڪ ٺڪر سمجهي رهيو هوس.

 لارڊ هيوسيسل جي فطري لياقتن کي جهڙو عروج اوائل جوانيءَ ۾ مليو تهڙو وري ڪڏهن نه مليو. هن جيئن ته ويهن سالن تائين هڪ وزيراعظم ۽ پارٽي سربراهه جي گهر ۾ پرورش ورتي هئي تنهنڪري ننڍپڻ کان ئي رياست جي عظيم مسئلن کي اسان جي معاملن جي هڪ ذميوار فرد جي نقطئه نظر کان بحث هيٺ ايندي ٻڌندو رهيو هو. سيسل ڪٽنب جا فرد؛ مرد توڙي عورتون، جنهن بي تڪلفي ۽ آزاديءَ سان هڪٻئي سان ڳالهيون ٻولهيون ۽ بحث مباحثا ڪندا هئا اهي ڏسڻ وٽان هونديون هيون. اختلاف راءِ کي همٿايو ويندو هو ۽ پيءُ ۽ اولاد، ڀائرن ۽ ڀينرن، چاچن ۽ ڀائيٽين ۽ وڏن توڙي ننڍن جي وچ ۾ وڏ ننڍائي جي ڪنهن فرق کان سواءِ فقري بازي ۽ ڏي جواب وٺ جواب پئي هلندي هئي. انهيءَ کان اڳ اهو موقعو به اچي چڪو هو جو لارڊ هيو دنياوي اقتدار پادرين جي هٿن هئڻ يا پادرين کي دنياوي اقتدار جي ماتحت ڪرڻ جي مسئلي تي هڪ ڪلاڪ تقرير ڪري هائوس آف ڪامنز کي پنڊ پاهڻ ڪري چڪو هو. کيس فصاحت بلاغت توڙي جدليات جي هر قسم تي مهارت حاصل هئي ۽ سندس گفتگو ايتري ته طرافت سان ڀريل هوندي هئي ۽ هو ايترو ته جلدي ڳالهه جو رخ سمجهي ۽ غير متوقع طور جوابي حملو ڪري ڏيندو هو جو کيس فقط ڳالهائيندي ٻڌڻ ئي ڏاڍي خوشي جو باعث هوندو هو.

لارڊ پرسي هڪ دانا ۽ رومانوي لاڙا رکندڙ نوجوان هو ۽ مذهبي طور جيتوڻيڪ ارونگي (Irvingite) هو ته به وڏي شخصي لطافت ۽ اعليٰ ترين تعليمي حاصلات جو مالڪ هو. ٻه سال اڳ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ سال جو بهترين نظم لکڻ تي نيو دي گيٽ پرائز (Newdigate prize) ماڻيو هئائين. هن ڪا ڪيشيا ۽ ترڪي جي جابلو علائقن ۾ ڏاڍا سفر ڪيا هئا جتي جهنگلي شهزادن ۽ جنوني مذهبين سان پڻ گهڻو اُٿيو ويٺو هو.

پوءِ گفتگو جو رخ انهيءَ مسئلي ڏانهن ٿي ويو ته عوام کي خود حڪومت (Self-government) ۽ سٺي حڪومت ٻنهي مان ڪهڙو حق ملڻ گهرجي ۽ انسان جا بنيادي حق ڪهڙا آهن ۽ انهن جو بنياد ڇا تي آهي؟ انهيءَ موضوع مان اسين غلاميءَ ڏانهن وڌي آياسين. آءُ اهو ڏسي ڏاڍي اچرج ۾ پئجي ويس ته منهنجا صحبتي انهن سڀني مسئلن جي عوام ۾ غير مقبول رخ جو ڀر کڻڻ ۾ ذري برابر به نه ٿي هٻڪيا. پر جنهن ڳالهه مونکي اڃا وڌيڪ حيران ڪيو ۽ تڪليف ڏني اها هئي ته انهن جي غلط بنيادن تي ٻڌل ۽ پُر فريب دليلن جي خلاف مون کي پنهنجو بلڪل چٽو ۽ سچائي تي ٻڌل نقطه نظر پيش ڪرڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿي پيش آئي. انهن زير بحث موضوع ۽ انهيءَ جي مختلف رخن بابت ايتري وسيع ڄاڻ رکي ٿي جو منهنجا آزادي، مساوات ۽ اخوت بابت عام اصول انهن جي سامهون پير ئي نه کوڙي سگهيا. بهرحال آءُ ”يونين جيڪ هيٺ غلامي نه ٿي رهي سگهي“ جي نعري تي ڄمي بيهي رهيس. انهن جو رايو هو ته غلامي درست يا غلط ٿي سگهي ٿي ۽ يونين جيڪ بلاشڪ ته قابل تعظيم جهنڊي آهي پر انهن ٻنهي جي وچ ۾ اخلاقي ڳانڍاپي جو بنياد ڪهڙو آهي؟ مون کي انهن ڏاڍي اعتماد سان پيش ڪيل بيانن جو بنياد دريافت ڪرڻ ۾ ايتري ئي دشواري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو جيتري ڏکيائي مون کي انهن ماڻهن سان بحث ڪندي پيش آئي هئي جن جو خيال هو ته سج فقط اسان جي خيالي قوت جو ڪرشمو آهي. حقيقت اها آهي ته ڳالهه شروع ڪرڻ وقت ته ائين پئي لڳو ته آءُ سڀ ڳالهيون پنهنجي فائدي ۾ چوندس پر جلد ئي ائين محسوس ٿيڻ لڳو جيئن نه آءُ سينٽ جيمس اسٽريٽ يا پڪا ڊلي ۾ وڃي ڏاڍي سولائي سان ڪا رڪاوٽ کڙي ڪري ماڻهن جي ميڙ کي آزادي، انصاف ۽ جمهوريت جي دفاع لاءِ اُڀاري رهيو هجان. بهرحال آخر ۾ لارڊ هيو مون کي چيو ته مون کي اهڙن بحث مباحثن کي سنجيدگيءَ سان نه وٺڻ گهرجي ۽ جذبا ڀلي ڪيترا به قابل قدر ڇو نه هجن انهن بابت سوچ ويچار ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. هن اهو به چيو ته هو ۽ سندس دوست غلاميءَ جا هڪ اداري جي حيثيت ۾ ايترا حمايتي نه آهن جيترو ممڪن آهي ته مون سمجهيو ٿي. تنهن مان ظاهر ٿيو ته انهن جو مقصد فقط مون کي چيڙائڻ ۽ اهڙي ميدان تي چوتال ڊوڙائڻ هو جنهن بابت انهن کي چڱي طرح خبر هئي ته اهو ڪوڙڪين، دامُن ۽ کڏن کوٻن سان ڀريل آهي.

انهيءَ ملاکڙي کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ اهو خيال آيو ته ٽورناميٽ کان پوءِ انڊيا مان واپس اچي مون کي آڪسفورڊ يونيورسٽي وڃڻ گهرجي. مون سمجهيو پئي ته انهيءَ وقت آءُ آڪسفورڊ جي زندگي ۽ اتان جي ڏاهپ مان فائدو ۽ لطف حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي ويو هوس. تنهنڪري مون اوڏانهين وڃڻ بابت پڇائون شروع ڪري ڇڏيون. ڏسڻ ۾ پئي آيو ته مون جهڙن پختي عمر جي ماڻهن کي به امتحان ڏيڻا پون ها ۽ اهڙين رسمي ڪارواين جو پورائو ڪرڻ لازمي هو، مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي ته مون کي پنهنجون فيون ڏئي، اوڏانهن وڃي ليڪچر ٻڌڻ، پروفيسرن سان بحث مباحثا ڪرڻ ۽ انهن پاران سفارش ڪيل ڪتابن پڙهڻ جي اجازت ڇو نه هئڻ گهرجي. بهرحال اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته اهو ناممڪن آهي. مون لاءِ نه فقط لاطيني پر يوناني جا امتحان پاس ڪرڻ به لازمي هئا. برطانوي باقاعدي دستن جي ڪمان ڪرڻ کان پوءِ يوناني بي قاعدي فعلن سان مٿا ڪٽ واري ڳالهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر هئي. تنهنڪري وڏي سوچ ويچار کان پوءِ مون کي انهيءَ رٿا تان دستبردار ٿيڻو پيو.

مون ڪو چونڊ حلقو ڳولهڻ بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ لاءِ نومبر مهيني جي شروعات ۾ سينٽ اسٽيفن چيمبرز ۾ ڪنزرويٽو پارٽي جي مرڪزي آفيسن جو چڪر هنيو. فٽز راءِ اسٽيورٽ (Fitz Roy Stewart) نالي منهنجو هڪ پري وارو واسطيدار اتي گهڻي وقت اعزازي حيثيت ۾ ڪم ڪندو هو. تڏهن پارٽي مينيجر مسٽر مڊلٽن هو ۽ انهيءَ عهدي واري ماڻهو کي اسڪپر (Skipper) سڏيو ويندو هو. هن منهنجو انهيءَ سان تعارف ڪرايو. مسٽر مڊلٽن جو تڏهن وڏو ناماچار هو جو پارٽي 1895ع واريون عام چونڊون کٽي آئي هئي. پر پارٽيون جڏهن خراب قيادت، بيوقوفاڻين پاليسين يا فقط سُستي ڪاهلي ۽ عوامي مزاج جي تبديلي جي سبب ئي چونڊون هارائينديون آهن ته اهي سدائين پارٽي مينيجر کي عهدي تان هٽائي ڇڏينديون آهن. اسڪپر ڏاڍي گرمجوشي سان مليو. هن چيو ته پارٽي مون کي لازماً ڪا سيٽ هٿ ڪري ڏيندي ۽ کيس اميد هئي ته هو مون کي جلد ئي پارليامينٽ ۾ ڏسندو. هن پوءِ ڏاڍي نزاڪت سان مالي معاملن جي ڳالهه ڪڍي ۽ پڇيائين ته ڇا آءُ پنهنجي خرچ پکي جو بندوبست ڪري ويندس ۽ اهو به پڇيائين ته آءُ ساليانو چونڊ حلقي تي ڪيترو خرچ ڪري سگهندس. مون چيو ته آءُ لڙائي ته خوشي سان وڙهندس پر ذاتي خرچ کان سواءِ ٻي ڪنهن مد ۾ ادائيگي نه ڪري سگهندس. انهيءَ تي هو ڪجهه ٿڌو ٿيندي نظر آيو ۽ چيائين ته سڀ کان سٺا ۽ سڀ کان محفوظ چونڊ حلقا پنهنجن ميمبرن کان چندي طور وڏين رقمن جي توقع ڪندا آهن. هن ڪجهه اهڙا مثال به ڏنا جن ۾ ميمبرن کي سيٽ رکڻ جي اعزاز جي موٽ ۾ ساليانو هزار پائونڊ يا ان کان به وڌيڪ رقمون چندي ۾ خيراتي ادارن کي ڏنيون هيون. غير يقيني ۽ خطري واريون سيٽون اهڙي گُهر ته نه ٿيون ڪري سگهن، پر جن خواهش جي پورائي جي اميد ئي نه هجي اهي سيني ۾ سانڍڻ تي خرچ به ڪهڙو ايندو؟ بهرحال هن چيو ته هن کان جيترو ٿي سگهيو اهو ڪندو. هن اهو به چيو ته منهنجي پيءُ جي سبب ۽ پڻ جنگين ۾ منهنجي تجربي سبب منهنجو ڪيس غير معمولي نوعيت جو آهي جيڪو ٽورين جي محنت ڪش طبقي ۾ مقبوليت ماڻي وٺندو.

ٻاهر نڪرندي فٽز راءِ اسٽيوارٽ سان ٻيو دفعو گفتگو ڪئي. اوچتو منهنجي نظر سندس ٽيبل تي رکيل هڪ وڏي نوٽ بڪ تي وڃي پئي. انهيءَ جي پوش تي لڳل ليبل تي هي لفظ لکيل هئا: ”تقريرون ڪندڙ گهربل آهن.“ مون ڏاڍي حيرت سان انهيءَ تي نگاهه وڌي. ٿورو تصور ڪريو ته تقريرون ڪندڙ گهربل هئا ۽ درخواستون وٺڻ لاءِ هڪ ٿُلهو نوٽ بڪ رکيل هو. هاڻي منهنجي دل ۾ ته هميشه کان تقرير ڪرڻ جي خواهش موجود رهي هئي پر مون کي ڪنهن به وڏي توڙي ننڍي موقعي تي تقرير ڪرڻ جي ڪا دعوت ئي نه ملي هئي. حقيقت ته اها آهي ته مون کي ڪٿي تقرير ڪرڻ ڏني ئي نه وئي هئي. چوٿين حسارز يا سينڊهرسٽ ۾ تقريرون نه ٿينديون هيون. البت هڪ اهڙو موقعو آيو هو پر انهيءَ ۾ مون پاران تقرير ڪرڻ جي ڪا تُڪ ئي نه هئي. اهي ويچار ذهن ۾ رکي مون فٽز راءِ اسٽيورٽ کي چيو ته: ”مون کي هن بابت ڪجهه ٻڌايو. توهان جو مطلب اهو آهي ڇا ته گهڻيون ئي گڏجاڻيون ٿينديون رهن ٿيون جن لاءِ تقريرون ڪندڙ گهربل آهي؟ هن چيو ته هائو، اسڪپر به مون کي چيو هو ته تو مان ڪجهه نه ڪجهه ڪڍڻ کان سواءِ توکي نه ڇڏيان. سو توکي ڀلي بُڪ ڪريان نه؟“ منهنجي اندر ۾ ڏاڍي هلچل مچي وئي. هڪ طرف ته مون ڏاڍي اُتاولائي محسوس ڪئي پر آءُ ڏاڍو پريشان به ٿي ويس. بهرحال زندگيءَ جي اسٽيپل چيز (Steeple Chase) ۾ جڏهن ڪي رڪاوٽون سامهون اچي ئي وڃن ته پوءِ گهوڙي کي ٽپ ڏيارڻ به ضروري هوندو آهي. بهرحال مون کان جيترو ٿي سگهيو ٻاهريون پنو رکندي ۽ پنهنجن اندروني احساسن جي ابتڙ ٻاهران اهڙي ڏيک ڏيندي ڄڻ ته اها منهنجي لاءِ ڪا عام رواجي ڳالهه هجي. مون کيس جواب ڏنو ته جيڪڏهن حالتون سازگار هجن ۽ حاضرين ۾ مون کي ٻڌڻ جي حقيقي خواهش موجود هجي ته آءُ سندس درخواست قبول ڪرڻ تي آماده ٿي سگهيس ٿي. انهيءَ تي هن نوٽ بڪ کوليو.

خبر پئي ته سوين اندرون خانه گڏجاڻيون ۽ کليل ميدانن تي ميلا ۽ بازاريون رٿيل هيون جن سڀني طرفان تقريرون ڪندڙ جي گُهر ٿي رهي هئي. مون انهيءَ جو ائين جائزو ورتو جيئن ڪو رولو ٻار حلوائي جي دڪان کي تڪيندو آهي. آخرڪار اسان منهنجي پهرئين ڪوشش جي هنڌ طور باٿ[1] (Bath) جي چونڊ ڪئي ۽ اهو طي ٿيو ته آءُ ڏهن ڏينهن جي اندر پرمزور ليگ جي هڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪندس جيڪا مسٽر ايڇ. ڊي. اسڪرائين نالي ڪنهن صاحب جي ملڪيتي ايراضي جي پارڪ تي ٿيندي. اهو پارڪ انهيءَ قديم شهر جي ٻاهران هڪ ٽڪريءَ تي واقع آهي. آءُ دٻيل جوش جا جذبا کڻي مرڪزي آفيس مان ٻاهر نڪتس.

مون کي ڪجهه ڏينهن اهو ڊپ رهيو ته انهيءَ رٿا ۾ متان ڪا گڙ ٻر نه ٿي وڃي. متان مسٽر اسڪرائين يا ٻيو ڪو مقامي اثر رسوخ وارو ماڻهو مون کي گهرائڻ نه چاهي يا انهن کي اڳي ئي پنهنجي پسند جو ڪو ماڻهو ملي ويو هجي. بهرحال سڀ ڳالهيون صحيح ٿينديون ويون. مون کي رسمي دعوت به ملي وئي ۽ مارننگ پوسٽ ۾ گڏجاڻي جو اعلان به ٿي ويو. اوليور بورٿ وڪ مون ڏانهن لکيو ته مارننگ پوسٽ باٿ ڏانهن خاص طور رپورٽر موڪليندي جيڪو منهنجي تقرير جو هڪ هڪ لفظ لکندو ۽ مارننگ پوسٽ انهيءَ کي نمايان جاءِ تي ڇاپيندي. انهيءَ سان منهنجو شوق ته وڌيو پر گڏوگڏ پريشاني به وڌي وئي. مون پنهنجي تقرير تيار ڪرڻ ۽ ياد ڪرڻ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ صرف ڪيا ۽ اها مون کي ايتري ته ياد ٿي وئي جو آءُ اها جيڪر ننڊ ۾ اُبتي به پڙهي وڃان ها! مون طي ڪيو ته آءُ ملڪه جي حڪومت پاران جارحاڻو ۽ ويڙهاڪ انداز اختيار ڪرڻ جي عمل جو دفاع ڪندس. آءُ پنهنجي هن ٺاهيل جملي مان خاص طور ڏاڍو خوش ٿيو هوس ته: ”انگلينڊ کي انتها پسندي جي سڪ نيساري بجاءِ ٽوري جمهوريت جي چڙهندڙ وير مان وڌيڪ فائدو ٿيندو.“ آءُ انهيءَ ۽ انهيءَ جهڙن ٻين جملن کي ورجائي گدگد پيو ٿيندو هوس. انهن وڻندڙ خيالن جو هڪ دفعو وهڪرو شروع ٿي وڃڻ کان پوءِ ائين پئي لڳو ته ڄڻ اهي پاڻمرادو ايندا ٿا وڃن. حقيقت اها آهي ته مون وٽ ڪيترين ئي تقريرن جيترو مواد گڏ ٿي ويو. بهرحال مون اها پڇا ڪري ڇڏي هئي ته آءُ تقرير ڪيتري ڊگهي ڪريان جنهن جي جواب ۾ مون کي ٻڌايو ويو هو ته پندرهن منٽن جو وقت ڪافي ٿيندو. انهيءَ تي مون وڏي ڪوشش ڪري پاڻ کي پنجويهن منٽن جي اندر بيهاري ڇڏيو. مون اسٽاپ واچ سان بار بار تجربا ڪري ڏٺو ته آءُ انهيءَ تي ويهن منٽن ۾ لَس هليو ويندس. اهڙي طرح وچ ۾ ٿيندڙ رخنن لاءِ به وقت ملي ويندو. گهڻي تڪڙ ۽ گهبراهٽ جو شڪار ٿيڻ ۽ حاضرين جي ڪمزورين جي آڏو سولائي سان ڊهي پوڻ کان بچڻ به ضروري آهي. اهي ڪري به ڇا ٿي سگهيا. انهن انهيءَ جي گُهر به پاڻ ڪئي هئي ۽ مُنهن به پاڻ کي ڏيڻو هُئن.

اهو ڏينهن به اچي ويو. آءُ پيڊنگٽن کان ريل ۾ چڙهيس. مارننگ پوسٽ جو رپورٽر به موجود هو. هن کي سفيد فراڪ ڪوٽ پهريل هو ۽ ڏاڍو رُلڻو ملڻو ماڻهو هو. اسان گڏجي سفر ڪيو ۽ جڏهن گاڏي ۾ اڪيلا ٿياسين ته مون تقرير جا ٻه ٽي جملا هن تي آزمائي ڏٺا. پر ظاهر ائين ڪيم ڄڻ ته اهي اتفاقي طور گفتگو ۾ اچي ويا هجن. اسين باٿ شهر مٿان ٽڪرين تائين گهوڙي گاڏي ۾ به گڏجي وياسين. مسٽر اسڪرائين ۽ سندس ڪٽنب ڏاڍي مروت سان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو. ميدان تي ميلو متو پيو هو ۽ مختلف قسمن جا کيل ۽ تماشا جاري هئا. موسم وڻندڙ هئي هر ڪو لطف اندوز ٿي رهيو هو. مون کي جيئن ته هڪ اڳوڻو تجربو ياد هو تنهنڪري مون ڪجهه قدر ڳڻتيءَ سان گڏجاڻي بابت پڇا ڪئي. هر ڪم صحيح لڳو پيو هو. پنجين وڳي گهنڊ وڄندو ته کل خوشي ۾ مصروف اهي سڀئي ماڻهو هڪ شامياني جي مُنهن وٽ اچي گڏ ٿيندا. انهيءَ ۾ هڪ پليٽ فارم به تيار ڪيو ويو هو. ضلعي وج پارٽي چيئرمين منهنجو تعارف ڪرائيندو. شڪريي ادائي جي مختصر تقرير کان سواءِ آءُ ئي واحد مقرر هوس.

مقرر وقت تي گهنڊ وڄڻ شروع ٿيو ۽ اسين پنهنجي شامياني ڏانهن وڌي آياسين ۽ پليٽ فارم تي چڙهي بيٺاسين. پليٽ فارم ننڍين نادين تي چار تختا رکي ٺاهيو ويو هو. شامياني ۾ ڪا به ڪرسي ٽيبل ڪا نه هئي ۽ جيئن ئي هڪ سو جي لڳ ڀڳ ماڻهو، منهنجي خيال ۾ ته نه چاهيندي به پنهنجون ٻاراڻيون تفريحون ڇڏي آيا ته چيئرمين اڳتي وڌي مختصر تقرير ۾ منهنجو حاضرين سان تعارف ڪرايو. سينڊهرسٽ توڙي آرميءَ ۾ ڪنهن جي تعريف ڇٺيءَ شماهيءَ ۾ ئي ٿيندي آهي ۽ سبالٽرز جي تعريف جو ته ڪو وجود ئي نه هوندو آهي. توهان ڀلي کڻي وڪٽوريا يا ڪراس، گرانڊ نيشنل اسٽيپل چيز يا آرمي هيوي ويٽ چيمپئن شپ کٽيو ته به توقع اها رکو ته دوستن کان تنبيهون ئي هڙ پلئه پوندوَ ته ’ڀاڳ ڀلو ٿيو اٿئي خيال رکجانءِ متان مٿو نه ڦري وڃئي.‘ اها ڳالهه بلڪل واضح هئي ته سياست ۾ معاملو بلڪل مختلف هو. هتي ته مکڻ چونارن سان لڳي رهيو هو. منهنجي پيءُ سان زندگيءَ ۾ ته تمام خراب ورتاء ٿيندو رهيو هو پر هاڻي مون تعارف ڪرائيندڙ کي سندس بابت تمام شاندار لفظ ڪم آڻيندي ٻڌو ته هو قدامت پرستن جو هڪ عظيم ترين ليڊر هو. ڪيوبا، هندستاني سرحد ۽ نيل ڏانهن منهنجين مهم جوئين بابت چيئرمين جيڪو ڪجهه چيو انهيءَ بابت ته مون دعائون پئي گهريون ته شال اهي لفظ رجمينٽ وارن جي ڪنن تي نه پون. هو جڏهن ”شمشير زنيءَ ۾ منهنجي دليري ۽ قلم ڪاريءَ ۾ منهنجي مهارت بابت قصيدا پڙهي رهيو هو ته مون کي ڊپ پئي ٿيو ته حاضرين مان ڪير رڙ نه ڪري ته بس بس! گهڻو ٿيو! پر مون کي اهو ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي ته سامت ۾ به آيس ته هُو انهن ڳالهين کي ڪنهن الهامي ڪلام وانگر ڏاڍي شوق سان ٻڌي رهيا هئا.

پوءِ منهنجو وارو آيو. مون پنهنجي دل کي پڪو ڪندي ۽ قوت ارادي کي گڏ ڪندي پنهنجي تقرير مان هٿ ڪڍيا. هڪ مرحلي کان ٻي مرحلي ۽ هڪ نقطي کان ٻئي نقطي تائين تقرير جي ٺهيل ٺڪيل انداز تي هلندي مون محسوس ڪيو ته اها بلڪل صحيح انداز ۾ هلي رهي هئي. حاضرين جو انگ آهستي آهستي وڌي ويو هو. اهي به ڏاڍا خوش ڏسڻ ۾ پئي آيا. مون جڏهن ڄاڻي واڻي انهن کي موقعو ڏيڻ لاءِ مناسب جاين تي وقفا ڪيا ته انهن خوب واه واه ڪئي ۽ نعرا هنيا. انهن واه واه ته اهڙن موقعن تي به ڪئي جن بابت مون اڳ ۾ سوچيو به نه هو. تقرير جي پڄاڻي تي انهن چڱو وقت زور زور سان تاڙيون وڄايون. معنيٰ ته آءُ اهو ڪم ڪري سگهيس ٿي. رپورٽر ۽ آءُ گڏجي واپس ٿياسين. هو منهنجي بلڪل سامهون بيٺو هو ۽ لفظ بلفظ لکندو ٿي ويو. هن ڏاڍي گرم جوشي سان مبارڪون ڏنيون ۽ مارننگ پوسٽ ٻئي ڏينهن مڪمل ڪالم ڇاپيو ۽ اها ڳالهه به توهان جي ذهن ۾ هجي ته انهن سياسي منظرنامي تي هڪ نئين شخصيت جي اچڻ بابت هڪ ننڍو اداريو به لکيو. آءُ پاڻ مان ۽ دنيا مان ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳس ۽ انهيءَ موڊ ۾ انڊيا ڏانهن روانو ٿيس.

*      *      *      *      *

اسين هاڻي ٻين ۽ وڌيڪ ڳنڀير مسئلن ڏانهن رخ ڪريون ٿا. رجمينٽ جي سمورن آفيسرن اسان جي ٽيم کي ميرٺ ۾ ٿيندڙ ٽورنامينٽ ۾ موڪلڻ لاءِ چندو ڏنو. ٽيهه گهوڙا هڪ سارجنٽ ميجر جي چارج ۾ چوڏهن سو ميلن جي سفر تي هڪ خاص ريل گاڏيءَ ۾ چاڙهي موڪليا ويا. گهوڙن سائِسن سان گڏوگڏ اسان جا ڪيترائي بااعتماد نان ڪميشنڊ آفيسر ۽ هڪ فاريئر سارجنٽ به انهن سان گڏ هو[2] ريل گاڏي هر روز ٻه سو ميلن جو سفر ڪندي هئي ۽ گهوڙن کي هر روز شام جو گاڏي مان لاهي ورزش ۽ آرام ڪرايو ويندو هو. اهڙي طرح اهي منزل تي پهچڻ وقت به پهرئين ڏينهن جهڙا فِٽ لڳا پيا هئا. اسان ته ڌار سفر ڪيو پر ساڳئي ڏينهن اتي پهتاسين. اسان ميرٺ وڃڻ کان اڳ پندرهن ڏينهن جوڌپور ۾ کيڏڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. اتي اسين سر پرتاب سنگهه جا مهمان هئاسين. سندس ڀائيٽيو جوڌپور جو اصل مهاراجا جيئن ته اڃا ننڍو هو تنهنڪري هو نائب السلطنت مقرر ٿيل هو. هن اسان کي پنهنجي وڏي، ٿڌي، پٿر جي ٺهيل گهر ۾ شاهاڻِي انداز ۾ رهايو هو. سندس نوجوان مٽ مائٽ ۽ جوڌپور جا ٻيا معزز اسان سان هر روز شام جو راند کيڏندا هئا. سندس ٻه مائٽ هُرجي ۽ ڊوڪل سنگهه ته انڊيا جا بهترين پولو جا رانديگر هئا. پوڙهو پرتاب جنهن کي دنيا ۾ جنگ کان پوءِ ٻئين نمبر تي پولو سان عشق هو، ان جي عادت هوندي هئي ته بار بار راند بيهاري اسان جي راند جي خامين جي نشاندهي ڪندو هو يا جتي ٿي سگهندو هو ته راند ۾ بهتريءَ بابت ٻڌائيندو هو. هو ”تيز تيز بلڪل مک وانگر“ زوردار آواز ڏئي راند جي اسپيڊ وڌرائيندو هو. جوڌپور جي پولو گرائونڊ تي راند هلڻ وقت ڳاڙهي دز جا وڏا بادل پيا اُٿندا هئا. تيز هوا گُهلڻ وقت اُهي بادل راند ۾ رڪاوٽ ۽ ڪنهن حد تائين خطرناڪ پيچيدگي پيدا ڪندا هئا. دز جي بادل مان اوچتو ڪو پٽڪو ٻڌل ماڻهو گهوڙي کي چوتال ڊوڙائيندي ظاهر ٿيندو هو يا انهيءَ مان غير متوقع طور بال سوساٽ ڪندو نڪري ويندو هو. راجپوت ته انهيءَ تي هريل هئا ۽ آهستي آهستي سندس مهمانن به انهيءَ مان پريشان ٿيڻ ڇڏي ڏنو.

جوڌپور مان ميرٺ لاءِ نڪرڻ کان هڪ رات اڳ مونکي هڪ وڏي بدنصيبي کي مُنهن ڏيڻو پئجي ويو. آءُ ڊنر لاءِ هيٺ لهندي پٿر جي ڏاڪڻ تي ترڪي پيس ۽ منهنجو ڪُلهو نڪري پيو. آءُ اهو ڏاڍي سولائي سان پنهنجي جاءِ تي وجهرائي ته ويس ته مُشقن ۾ آيل سٽ برقرار رهي. ٻئي ڏينهن صبح ٿيندي آءُ پنهنجي ٻانهن جي استعمال کان وانجهجي ويس. اڳ ۾ پيش آيل تلخ تجربن مان مون کي خبر هئي ته مون کي پولو بال کي زور سان ڌڪ هڻڻ جهڙو ٿيڻ ۾ اهو ٽي هفتا يا اڃان وڌيڪ وقت لڳي ويندو. تڏهن به مون کي اهو احتياط ڪرڻو پوندو جو منهنجي ٺونٺ منهنجي پاسي سان ٻڌل هوندي ۽ فقط ٻه ٽي انچ چُرپر ڪري سگهندي. ٽورنامينٽ چئن ڏينهن ۾ شروع ٿيڻ واري هئي. پڙهندڙ چڱي طرح سمجهي سگهي ٿو ته مون کي ڪيتري نه مايوسي ٿي هوندي. منهنجي ٻانهن آهستي آهستي طاقت وٺندي پئي وئي ۽ آءُ نمبر پهرئين تي کيڏي رهيو هوس. اسان جي ٽيم مون مان بلڪل مطمئن هئي. پر هاڻي آءُ معذور ٿي ويو هوس. خوش قسمتي سان اسان وٽ پنجون ماڻهو به هو. تنهنڪري منهنجن دوستن جڏهن مون کي ٽيم ۾ کنيو ته مون انهن کي پاڻ کي ٽيم مان ڪڍڻ لاءِ چيو. اهي ٻيو سمورو ڏينهن انهيءَ مسئلي تي ڏاڍي ڳنڀيرتا سان سوچ ويچار ڪندا رهيا. پوءِ اسان جي ڪيپٽن مون کي ٻڌايو ته انهن کي ڪهڙي به حالت ۾ کيڏائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. انهن جو خيال هو ته ڀلي آءُ بال کي بلڪل ڌڪ نه هڻي سگهان ۽ فقط هٿ ۾ اسٽڪ جهلي سگهان ته به آءُ راند بابت پنهنجي ڄاڻ ۽ ٽيم ۾ سڀني کي سمجهي وڃڻ سبب ڪاميابي جو سٺو امڪان پيدا ڪري ويندس. مون پهريان ته اها پڪ ڪئي ته اهو فيصلو مون تي ڪهل کائيندي نه پر حقيقتن کي سامهون رکي ڪيو ويو آهي. تنهن کان پوءِ مون پنهنجي پاران بهترين ڪوشش ڪرڻ تي رضامندي ڏيکاري ڇڏي. انهن ڏينهن ۾ آف سائيڊ (Off – Side) رول هلندو هو ۽ نمبر پهريون مخالف ٽيم جي بئڪ (Back) سان مسلسل ويڙهاند ۾ مصروف هوندو هو جيڪو پنهنجي گهوڙي کي ڦيرائيندو گهيرائيندو پنهنجي مخالف کي آف سائيڊ تي آڻڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو هوندو هو. نمبر پهريون جيڪڏهن بئڪ تي قبضو برقرار رکي هن کي راند مان ٻاهر ڪڍي هر جاءِ تي هن جي آڏو رڪاوٽ وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هو ته انهيءَ سان هو ٽيم کي بال کي گهڻا ڌڪ هڻڻ بنسبت وڌيڪ فائدو پهچائيندو هو. اسان کي خبر هئي ته ڪيپٽن هارگريس لائڊ (Hargress Llyod) چوٿين دريگون گارڊس جو بئڪ ۽ انهن جو تمام مضبوط کلاڙي هو. اسان کي جن ٽيمن سان مقابلو ڪرڻو هو هيءَ انهن مان سڀ کان مضبوط ٽيم هئي ۽ هارگريس لائيڊ اڳتي هلي آمريڪا خلاف کيڏندڙ بين الاقوامي رانديگر ٿيو.

نيٺ اهو وقت به آيو ۽ آءٌ ٽورنامينٽ جي ٻن ميچن ۾ اهڙي طرح کيڏيس جو منهنجي ٺونٺ منهنجي پاسي سان ڇڪي ٻڌل هئي ۽ مون کي اسٽڪ هٿ ۾ جهلي بيهڻ سان به ڏاڍو سُور ۽ ڊُوهه پئي محسوس ٿي. اسان اهي ٻئي ميچون کٽي ورتيون ۽ آءٌ جيتوڻيڪ محدود ڪردار ادا ڪري سگهيو هوس ته به منهنجا دوست مطمئن نظر پئي آيا. اسان جو نمبر ٻيون آلبرٽ سيوري ڏاڍو بهترين ۽ زوردار هِٽر (Hitter) هو. مون راند ۾ هن لاءِ رستو پئي صاف ڪيو. پولو راندين ۾ شهزادي واري حيثيت رکي ٿي ڇاڪاڻ ته بال کي زور سان ڌڪ هڻڻ جيڪا ڪيترين تفريحن جو بنياد آهي، هن ۾ اها هڻڻ سان گڏوگڏ گهوڙيسواري جي تفريح به موجود آهي. انهن ٻنهي سان گڏوگڏ هن ۾ فوٽ بال يا بيس بال جو بنيادي عنصر يعني ٽيم ورڪ به شامل آهي. انهيءَ جي نتيجي ۾ تفريحن جو هڪ اهڙو حقيقي مجموعو وجود ۾ اچي ٿو جيڪو جدا جدا راندين ۾ انفرادي طور حاصل ٿيندڙ تفريحن کان تمام برتر هجي ٿو.

آخرڪار اهو عظيم ڏينهن به اچي پهتو. اسان جي اندازي جي عين مطابق اسان جو ٽاڪرو چوٿين ڊريگون گارڊس سان ٿيو. ميچ پهرئين گهڙيءَ کان ئي ڏاڍي شديد ۽ برابر پئي هلي. اسين پڪي ۽ لسي هندستاني پولو گرائونڊ تي هڪ طرف کان ٻئي طرف تائين گهوڙا ڊوڙائيندا رهياسين. انهيءَ گرائونڊ تي بال تي ڌڪ ورلي گُسيو ٿي ۽ سڀني کي خبر هئي ته انهيءَ کي ڌڪ هڻي ڪٿي پهچائڻو آهي. جلد ئي اسان جي مخالفن ٻه ۽ اسان هڪ گول ڪري ورتو ۽ ڪجهه وقت تائين ته ڇڪتاڻ جو ڪو نيتجو نه ٿي نڪتو. مون مخالف ٽيم جي بئڪ کي ڇڏيو ئي نه ۽ جيئن ته منهنجو گهوڙو به ڀلو هو تنهنڪري هن کي تمام مصروف رکندو آيس. اوچتو مخالفن جي گول ڀرسان ٿيندڙ وٺ وٺان ۾ بال مون کي پاڻ ڏانهن رڙهندي نظر آيو. بال منهنجي کاٻي طرف هو. مون اسٽڪ ٿوري مٿي کڻي گهوڙي تي ٿورو جُهڪي ان کي ٿورو اڳتي ٿيڙ ڏئي ڇڏيو ته اهو ڦرندو ڦرندو گول ۾ ويو هليو. ٻنهي پاسي ٻه گول! نمبر پهرئين تي کيڏندڙ معذور کان سواءِ اسان جي ٽيم واقعي تمام بهترين هئي. نمبر ٽئين تي کيڏندڙ اسان جي ڪيپٽن ريجينالڊ هور (Reginald Hoare) کان ڀلو کلاڙي سموري انڊيا ۾ مشڪل سان ملي ها. ڪيوبا ۾ منهنجو سنگتي ۽ اسان جو بئڪ بارنيس ٽڪ وانگر ڄميو بيٺو هو ۽ بال کي چتائي بلڪل انهيءَ جاءِ تي پئي موڪليائين جتي آءٌ ۽ سيوري رستو صاف ڪرڻ لاءِ انتظار ۾ بيٺا هوندا هئاسين. اهو مقابلو ٽن سالن تائين اسانجين زندگين جي مکيه مشغولي رهي هئي ۽ اسان پاڻ وٽ موجود هر وسيلو انهيءَ تي لڳائي ڇڏيو هو. هاڻي مون کي وري ٻيو موقعو مليو. وري مخالف گول جي ڀرسان بال مون وٽ اچي ويو. هن دفعي اهو تيز پئي آيو ۽ هڪ سيڪنڊ جيتري وقت ۾ آءٌ اهو ئي پئي ڪري سگهيس جو پنهنجي اسٽڪ اڳتي ڪري ان کي گول جي ڏنڊن جي وچ ۾ ريڙهي ڇڏيو. ٽي- ٻه! پوءِ اسان جي مخالفن وڏا زور ڏئي اسان کي گرائونڊ جي هيٺئين پاسي ڌڪي ڇڏيو ۽ وري گول ڪري ورتو. اهڙي طرح ٻنهي پاسي ٽي ٽي گول ٿي ويا.

هتي آءٌ اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏيان ته انهن ڏينهن جي هندستاني پولو ۾ ميچ برابر ٿي وڃڻ کان بچڻ لاءِ سبسيڊيئري (Subsidiary) گول به ڪري سگهبا هئا. گول جي ٻنهي ڏنڊن جي وچ واري فاصلي جي اڌ اڌ جيتري ٽڪر تي ٻنهي پاسن کان ٻه جهنڊيون هنيون وينديون هيون ۽ جيڪڏهن گول نه به ٿيندو هو ته به انهن جهنڊين جي وچ ۾ ويندڙ بال کي سبسيڊيئري گول ڪري ڳڻيو ويندو هو. ڀلي ڪيترا به سبسيڊيئري گول ٿين اهي هڪ گول جي برابر ته نه ليکيا ويندا هئا پر جڏهن گول برابر هوندا ته فيصلو سبسيڊيئري گولن تي ٿيندو هو. بدقسمتيءَ سان اسان جا مخالف سبسيڊيئري گولن ۾ اسان کان وڌيڪ هئا. هاڻي اسان جيڪڏهن ٻيو گول نه ڪيو ته هارائي وينداسين. قسمت هڪ دفعو ٻيهر منهنجو ساٿ ڏنو ۽ مون گهوڙي جي سنبن جي وچ مان بال کي هلڪو ڌڪ هنيو ۽ انهيءَ کي ٽيون دفعو گول ۾ ويندي ڏٺو. انهيءَ سان ستون چڪو به پڄاڻي تي پهتو.

هاڻي جڏهن اسين وري لائين ٺاهي بيٺاسين ته اسان جا چار گول ۽ ٽي سبسيڊيئري ۽ اسان جي مخالفن جا ٽي گول ۽ چار سبسيڊيئري گول هئا. هاڻي جيڪڏهن انهن هڪ گول وڌيڪ ڪيو ته اهي ميچ کٽي ويندا. مون ٻنهي طرفن تي اهڙا ڳڻتين ۾ ورتل مُنهن ورلي ڪڏهن ڏٺا هوندا. صورتحال ڏسڻ کان پوءِ توهان انهيءَ کي زندگيءَ ۽ موت جو ڪو مسئلو سمجهو ها. انهيءَ کان به ڳنڀير مسئلن تي ايترو جذباتي هيجان پيدا نه ٿيندو آهي. مون کي آخري چڪي جي فقط اها ڳالهه ياد آهي ته اسين جڏهن گرائونڊ تي حملن ۽ جوابي حملن ۾ چوتال گهوڙا ڊوڙائي رهيا هئاسين ته منهنجي ذهن تي فقط اها سوچ حاوي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان راند ختم ٿئي ۽ آخرڪار جڏهن راند ختم ٿيڻ جو گهنڊ وڳو ته مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته مون اهڙو خوشگوار آواز اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٻڌو هو. اسين ٿڪا ٽٽا گهوڙن تي ويٺا هئاسين ۽ پگهر اسان مان ٽمي رهيو هو. پر انهيءَ آواز کان پوءِ اسين چئي پئي سگياسين ته ”اسان 1899ع جي انٽر رجمينٽل ٽورنامينٽ کٽي ورتي آهي.“ ڊگهي سُرور، گهري اندروني اطمينان ۽ رات جو ٿيندڙ جشنن ذريعي سوڀ ملهائي وئي. اها ڳالهه به واضح هجي ته انهن جشنن ۾ شراب واپرائڻ تي ڪابه پابندي نه هئي. توهان ڀانت ڀانت جي رجمينٽن مان گڏ ٿيل انهن نوجوان سپاهين پاران خوشي ملهائڻ تي دل سوڙهي نه ڪريو. انهيءَ خوش گذاريندڙ ٽولي مان فقط چند ڄڻا ئي وڏي عمر ماڻي سگهيا. اسان جي ٽيم به وري ڪڏهن نه کيڏي سگهي. آلبرٽ سيوري هڪ سال پوءِ ٽارنسول ۾ مارجي ويو. بارنيس ناتال ۾ تمام شديد زخمي ٿي پيو ۽ آءٌ به ويهي وقت گذاريندڙ سياستدان ٿي ويس ۽ منهنجو هچارو ڪلهو به منهنجي لاءِ ڏاڍو اهنج پيدا ڪندو رهيو. تڏهن اها صورتحال هئي ته اسان هاڻي نه کٽيو ته وري ڪڏهن به نه کٽنداسين ۽ واقعي به تنهن کان پوءِ ڏکڻ انڊيا مان ڪنهن به ڪيولري رجمينٽ اهو انعام نه کٽيو آهي.

آءٌ جڏهن وطن روانو ٿي رهيو هوس ته رجمينٽ مون سان ڏاڍو سهڻو ورتاءُ ڪيو ۽ مون جڏهن انهن سان آخري دفعو ڊنر ڪئي ته انهن منهنجو جام صحت نوش ڪري اهو ورلي ڪنهن کي ملندڙ اعزاز به مون کي ڏنو. مون انهن سان ڏاڍا خوشگوار سال گذاريا هئا ۽ ڏاڍا گهاٽا دوست ٺاهيا هئا. اهو هڪ اعلى تربيت گاه هو. انهيءَ نظم و ضبط ۽ سنگت ساٿ جا سبق پڙهايا ٿي. اهي شايد ته ايترا ئي قيمتي آهن جيترو يونيورسٽين جو علم. انهيءَ هوندي به ماڻهو جي خواهش هوندي ته هن وٽ ٻئي شيون هجن.

****

آءٌ انهيءَ دوران لاڳيتو `The River War` ڪتاب تي ڪم ڪندو رهيو هوس. انهيءَ ڪم جو دائرو وڌندو ٿي ويو. شروعات ۾ انهيءَ ۾ فقط اومدرمان جي مهم جي واقعن جو بيان ڏيڻو هو پر انهيءَ جو دائرو وڌندو سوڊان جي تباهي ۽ نجات جي تاريخ تائين وڃي پهتو. مون ڪيترائي ڪتاب، اڃان به چئجي ته انهيءَ موضوع تي ڇپيل هر شي پڙهي ورتي ۽ هاڻي منهنجي رٿا هڪ ٻه ٿلها جُلد ڪڍڻ جي هئي.  مون ميڪالي ۽ گِبن جي اسلوبن جو هڪ مرڪب اختيار ڪيو ۽ انهيءَ ۾ وقت بوقت پنهنجو انداز به ٽنبيندو ويس. مون کي هاڻي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ لڳي ته تحرير ۽ خاص طور بياني تحرير ۾ سمورو دارومدار نه فقط جملن پر پيراگرافن تي آهي. حقيقت ۾ مون پيراگراف کي جملي جيترو ئي اهميت وارو سمجهيو ٿي. ميڪالي پيراگرافن جو استاد آهي. جهڙي طرح جملي ۾ هڪ خيال مڪمل موجود هوندو آهي اهڙي طرح پيراگراف کي هڪ جدا واقعي ۾ پاڻ ۾ سمائڻ گهرجي ۽ جئين جملا هڪٻئي جي پٺيان هم آهنگ سلسلي ۾ هلندا اچن تيئن هڪ پيراگراف ٻئي پيراگراف سان ريل جي گاڏي جي آٽو ميٽڪ ڪپلنگ (Coupling) وانگر جڙيل هئڻ گهرجي. مون تي اهو راز به کلڻ لڳو ته باب ڪهڙي ترتيب سان ٺاهڻ گهرجي. سڀئي باب برابر اهميت ۽ گهٽ وڌ ساڳئي ڊيگهه وارا هئڻ گهرجن. ڪجهه باب ته فطري ۽  ظاهر ظهور نموني پنهنجي ترتيب وٺي بيهندا آهن پر انهيءَ وقت ڏاڍي ڏکيائي درپيش ايندي آهي جڏهن ڪيترائي مختلف نوعيت جا واقعا جن کي حذف به نه ڪري سگهبو آهي پر انهن کي اهڙي طرح هڪٻئي ۾ ملائي پيش ڪرڻو پوندو آهي جيئن اهي هڪ موضوع تي ڏسڻ ۾ اچن. آخري ڳالهه اها ته سموري ڪم جو ڪُلي حيثيت ۾ جائزو ورتو وڃي ۽ منڍ کان آخر تائين صحيح تناسب ۾ پختي ترتيب قائم ڪئي وڃي. مون کي اڳ ۾ ئي خبر هئي ته سولي بياني سلسلي لاءِ واقعن جي تاريخي ترتيب بنيادي اهميت رکي ٿي ۽ مون اها ڳالهه به محسوس ڪري ورتي هئي ته سٺو فهم سٺي تحرير جو بنياد آهي. مون پاڻ کي انهيءَ خاميءَ کان به خبردار رکيو ته پنهنجي ڪهاڻي جي شروعات ائين نه ڪريان جيئن ڪي ويچارا ماڻهو ڪندا آهن ته: ”نوح جي طوفان کان چار هزار سال اڳ جي ڳالهه آهي.“ مون پنهنجي هڪ بهترين فرانسي چوڻي ڏاڍي سچائي سان بار بار ذهن ۾ آندي ته بوريت پيدا ڪرڻ جو فن انهيءَ ۾ آهي ته هر ڪا ڳالهه چوندا وڃو. آءُ سمجهان ٿو ته آءُ اها هاڻي وري ورجائيندس.

ڪتاب لکڻ به ڏاڍي مزي جهڙي ڳالهه آهي. ماڻهو ڄڻ ته انهيءَ سان گڏ پيو جيئندو آهي. اهو هڪ ساٿي ٿي ويندو آهي. اهو ماڻهو جي خيالن ۽ دلچسپين جي چوگرد هڪ غير محسوس شفاف گولو ٺاهي وٺندو آهي. هڪ لحاظ کان ته ماڻهو ڪنهن پيالي ۾ رکيل گولڊ فش وانگر محسوس ڪندو آهي. پر هن صورتحال ۾ گولڊ فش پنهنجو پيالو پاڻ ٺاهيندي آهي. اهو هر جاءِ مون سان گڏ هلندو هو. اهو سفر ۾ ڌار نه ٿيندو هو ۽ ڪنهن به وقت دلچسپ مشغلي جي کوٽ ئي محسوس نه ٿيندي هئي. ڪڏهن شيشو پالش پيو ٿيندو هو ته ڪڏهن ڍانچي ۾ توسيع پئي ٿيندي هئي ته ڪڏهن ڀتين کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت هوندي هئي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترين  ئي مختلف قسمن جي شين ۾ ڏاڍي مشابهت محسوس ڪئي آهي. ڪتاب لکڻ ۽ گهر ٺاهڻ يا ڪم ايندڙ مواد مختلف آهن پر اصول ساڳيو آهي. سڀني ڪمن ۾ بنياد رکبو آهي، انگ اکر گڏ ڪبا آهن ۽ اهو به ضروري هوندو آهي ته مفروضا پنهنجن نتيجن جو بار برداشت ڪري سگهن. آرائشي شين ۽ سوڌ سنوار جو پوءِ به اضافو ٿي سگهي ٿو. سموري شي جڏهن تڪميل تي پهچندي ته هڪ خيال جي ڪامياب پيشڪش هوندي. لڙائين ۾ البت ٻيو همراهه هر وقت دخل اندازي ڪندو ۽ ڪمن کي ڦٽائيندو رهندو آهي ۽ بهترين جنرل اهي ليکيا ويندا آهن جيڪي رٿائن ۾ وچڙجڻ کانسواءِ رٿابندي جي نتيجن تي پهچي ويندا آهن.

وطن واپسيءَ تي اسٽيمر ۾ مون صحافتي دنيا جي پنهنجي ملاقات ۾ آيل ذهين ترين ماڻهو سان دوستي ڪري ورتي. مسٽر جي. ڊبليو. اسٽيونس (G. W. Steevens) مسٽر  هارمس ورٿ نالي ڪنهن ماڻهو جي ڊيلي ميل نالي نئين اخبار جو مکيه ليکڪ هو. انهيءَ اخبار اچي ڊيلي ٽيليگراف کي وڪٽوريا ئي عزت داري جي هڪ وک اڃان ويجهو ٿيڻ تي مجبور ڪيو. هارمس ورٿ انهن شروعاتي ۽ تمام اهميت وارن ڏينهن ۾ اسٽيونس تي تمام گهڻو ڀاڙيندو هو ۽ جيئن ته مون بابت به سٺي راءِ رکندو هو تنهنڪري اڳتي هلي کيس چئي ڇڏيائين ته هو منهنجي ساراهه ۾ لکندو رهي. اهو ڪم هن ڏاڍي پُرجوش نموني ۾ ڪيو. انهن ڏينهن جي نئين ڄاول هارمس ورٿ پريس جو اهو اصول هو ته شهرت طلبيندڙ کي ڀلي مشهور ڪيو وڃي. انهيءَ ميدان تي سندن نوازشن لاءِ منهنجي چونڊ ڪئي وئي.

آءُ  سامونڊي جهاز جي سيلون ۾ ڪم ڪري رهيو هوس ۽ پنهنجي ڪهاڻي جي هڪ پُرجوش نقطي تي اچي پهتو هوس. نيل ڪالم اڃان رات جو ئي مارچ ڪري ابو حميد وٽ پهتو هو ۽ انهيءَ تي حملو ڪرڻ وارو هو. آءُ پنهنجي تمام پُر تصنع اسلوب ۾ منظر تيار ڪري رهيو هوس. باک ڦٽي رهي هئي ۽ درياء تان ڌُنڌ کڄندي کڄندي سج اڀرڻ سان ٽڙندي پکڙندي پئي وئي ته درويشن جي شهر جا اڻ چٽا آثار ۽ ان جي پٺيان ٽڪرين جو اڌ گول به ظاهر ٿيڻ لڳو. جنگ جي انهيءَ پٺئين ميدان ۾ هاڻي جنگ جي هڪ ننڍي ڊرامي لاءِ منظر تيار ٿيڻو هو. ’واه واه‘، اهي اسٽيونس جا لفظ هئا جيڪو اوچتو اچي منهنجي ڪلهي جي مٿان بيهي منهنجي لکت کي ڏسي رهيو هو. ’هاڻي ڀلا تون ئي انهيءَ کي پورو ڪر‘. مون اٿندي چيو ۽ عرشي تي ويس هليو. مون کي شوق هو ته ڏسان ته هو اهو ڪم ڪيئن ٿو ڪري ۽ حقيقت اها آهي ته مون کي اميد هئي ته هو ڪو ڪارآمد ڪم ڪندو. پر آءُ جڏهن هيٺ لهي آيس ته ڏٺم ته هن منهنجي ڏاڍي سٺي ڪاغذ تي پنهنجن ننڍڙن اکرن ۾ فقط هي لفظ ئي لکيا هئا Pop! Pop! Pop – Pop, Pop, Pop, ۽ پوءِ ڪاغذ جي آخر ۾ وڏن اکرن ۾ “Bang!!!” لکي ڇڏيو هو. مون کي انهيءَ هلڪڙائي تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. پر هو ڊيلي ميل ۾ جنهن بي فڪري ۽ البيلي انداز ۾ لکندو هو انهيءَ کان سواءِ سندس ٻيا به ڪيترائي انداز هوندا هئا. انهيءَ ئي وقت برطانوي سلطنت جي آئيندي بابت هڪ ليک ڇپيو هو. جنهن تي ”نئون گبن“ (The New Gibbon) جو نالو لکيل هو. انهيءَ ليک جي طرز تحرير مان ڪير به پڙهندڙ اهو سمجهي ها ته اهو هوبهو انهيءَ رومن تاريخ نويس جي ڪتاب تان کنيل آهي. جڏهن اسٽيونس باسيو ته انهيءَ جو ليکڪ هو پاڻ هو ته آءُ ڏاڍو حيران ٿيو هوس.

اسٽيونس پوءِ مهرباني ڪري منهنجي ڪتاب جا پروف به پڙهيا هئا ۽ ڏاڍا قيمتي مشورا ڏنا هئائين. جيڪي آءُ هتي لکان ٿو: ’مون ڪتاب جا جيڪي ٽڪرا پڙهيا آهن انهن مان لڳي ٿو ته اهي جي. ڊبليو. اسٽيونس جي تحريرن تي ڪارائتا اضافا آهن. حقيقت ۾ ته اهو ڏاڍو ڪمائتو ڪتاب آهي. انهيءَ بابت منهنجي راءِ اها آهي ته اهو نهايت اعليٰ قسم جو آهي، انهيءَ ۾ پيش ڪيل رايا بلڪل درست آهن. نقطه نظر درست نموني اڀاريل ۽ صحيح ترتيب ۾ رکيل آهي ۽ تمام معلوماتي ۽ بياني صفحن سان ڀريل آهي. مون کي تنقيد فقط اها ئي ڪرڻي آهي ته تنهنجا فيلسوفاڻا ويچار جيتوڻيڪ سٺي نموني بيان ٿيل آهن پر گهڻو ڪري ڏاڍا تکا آهن ۽ ڪجهه جاين تي جيتوڻيڪ حقيقت سان مطابقت رکن ٿا ته به اهي تمام گهڻين جاين تي آيل آهن. آءُ جيڪڏهن تنهنجي جاءِ تي هجان ها ته فيلسوف کي جنوري 1898ع ڌاران خارج ڪري ڇڏيان ها. اهو ماڻهن کي فقط ڪڪ ڪندو. جن ماڻهن کي اهڙي ويچارن جي ضرورت آهي اهي ڪنهن مدد کان سواءِ ئي اهي حاصل ڪري سگهن ٿا. هو پنهنجي وڻندڙ ۽ چرچائي طبيعت ۽ تمام حاضر جوابي سبب ڏاڍو دلچسپ ساٿي ليکيو ويندو هو ۽ سن 1899ع جي اونهاري مهينن ۾ اسان جي واقفيت دوستي ۾ بدلجي وئي. اهو سندس زندگيءَ جو آخري اونهارو ثابت ٿيو. هو ايندڙ فيبروري مهيني ۾ ليڊي سمٿ ۾ ٽائيفائيڊ وگهي فوت ٿي ويو.

*      *      *      *      *      *

آءُ قاهره ۾ پندرهن ڏينهن ترسي پيس جيئن پنهنجي ڪتاب لاءِ مواد گڏ ڪرڻ سان گڏوگڏ سوڊان ڊرامي جي ڪيترن ئي ڪردارن جو تعاون حاصل ڪري سگهان. انهيءَ سلسلي ۾ مون ريگستاني ريلوي تعمير ڪندڙ نوجوان ڪينيڊين رائيل انجنيئر جيرارڊ (Girourd)، خليفي جو ڏهه سال قيدي رهندڙ ننڍڙي آسٽريائي آفيسر سلاطين پاشا[3] جنهن جو ڪتاب ”باهه ۽ تلوار سوڊان ۾“ (Fire and Sword in the Sudan) پنهنجي دائري ۾ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. انٽيليجنس جي سربراه سر ريجينالڊ ونگيٽ آءُ هن جو اڳي ئي ٿورائتو هوس جو هن هڪ اهم موقعي تي مون کي ماني کارائي هئي ۽ مصري ايريگيشن سروس جي سربراه گارسٽن سان ملاقاتون ڪرڻ سان گڏوگڏ آءُ ٻين ڪيترن ئي سرڪردن مصري مدبرن سان پڻ مليس. انهن سڀني باصلاحيت ماڻهن اهڙا جنگي توڙي حڪومتي قدم کڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو جن مصر کي ويهن ورهين کان به گهٽ عرصي ۾ وڳوڙن، ڏيواليي ۽ شڪست مان ڪڍي سوڀائتي خوشحالي تي پهچائي ڇڏيو هو. آءُ انهن جي اڳواڻ لارڊ ڪرومر کان اڳي ئي واقف هوس. هن مون کي برٽش ايجنسي جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ سوڊان جي آزادي ۽ گورڊون جي موت بابت منهنجي ڪتاب جا باب پڙهڻ جو خوشي سان انجام ڪيائين. آءُ اهي باب اڳي ئي مڪمل ڪري چڪو هوس ۽ پوءِ ٽائيپ ٿيل ڪاغذن جو هڪ ٿلهو بنڊل کيس موڪلي ڏنم. ٿورن ئي ڏينهن ۾ جڏهن اهو مون کي واپس اچي مليو ته مون کي خوشي سان گڏوگڏ ڏاڍي حيرت به ٿي جو انهيءَ تي هنڌين هنڌين نيري پينسل سان اهڙي ڀرپور انداز ۾ ليڪا ڏنل هئا جو مون کي هيرو ۾ پنهنجي لاطيني جي مشقن سان ٿيندڙ حالت ياد اچي وئي. مون ڏٺو ته لارڊ ڪرومر منهنجي لمبي لکت تي ڏاڍي هلاکي ڪئي هئي. تنهنڪري مون به سندس راين ۽ تنقيدن کي دل سان تسليم ڪيو. سندس رايا گهڻو ڪري هر لحاظ کان مڪمل ۽ بعض جاين تي ته ڏاڍي سخت انداز ۾ لکيل هئا. مثال طور مون جنرل گورڊن پاران سندس ڪيريئر جي هڪ دور ۾ لارڊپن جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿيڻ بابت لکيو هو ته: ”چمڪندڙ سج ميڻ بتي وانگر اپگرهه ٿي ويو.“ انهيءَ تي لارڊ ڪرومر جو رايو هي هو ته: ”چمڪندڙ سج حد کان وڌيڪ تعريف ٿو لڳي ۽ ميڻ بتيءَ جا لفظ لارڊ رپن جي وائسراءِ واري حيثيت سان انصاف نه ٿا ڪن. لارڊ رپن ته دل ۾ نه ڪندو پر سندس دوست شايد ڪاوڙجي نه وڃن ۽ انهيءَ سان گهڻا ماڻهو تو تي به کلندا.“ مون کيس لکي موڪليو ته آءُ هيستائين انهيءَ هيري کي ڏاڍو قيمتي سمجهي رهيو هوس پر هاڻي سندس چوڻ تي انهيءَ کي قربان ٿو ڪريان. مون سندس ٻيون به ڪيتريون ئي تنقيدون ڏاڍي نهٺائي سان قبول ڪيون. انهيءَ تي لارڊ ڪرومر به هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ ٿڌو ٿي ويو ۽ پوءِ به منهنجي ڪتاب ۾ دوستاڻي دلچسپي وٺندو آيو. هن مون ڏانهن لکيو ته: مون کي خبر آهي ته منهنجا رايا ڏاڍا سخت هئا پر تون به اهو ڏاڍو سمجهه جو ثبوت ڏنو آهي جو انهن کي انهيءَ ئي روح (Spirit) ۾ ورتو اٿئي جيڪو منهنجو اصل مقصد هو يعني دوستاڻي تنقيد. مون تنهنجي لاءِ اهو ئي ڪم ڪيو آهي جيڪو آءُ بار بار ٻين کي مون لاءِ ڪرڻ جو چوندو رهيو آهيان. آءُ ڪجهه لکڻ يا ڪو اهم ڪرڻ کان اڳ دوستن کان انهن تي تنقيدي رايا گهرندو آهيان. پنهنجي ڪم جي ڪمزورين جي نشاندهي دوستن پاران ٿيڻ تمام سٺي ڳالهه آهي بجاءِ انهيءَ جي پوءِ دشمن انهيءَ مان ڪمزوريون ڪڍن ۽ پوءِ وقت گذري وڃڻ سبب انهيءَ ۾ ڪا ڦير ڦار به نه ڪري سگهجي. مون کي اميد آهي ۽ آءُ سمجهان ٿو ته تنهنجو ڪتاب ضرور ڪامياب ٿيندو. مون کي هاڻي زندگيءَ ۾ جيڪي ٿوريون دلچسپيون رهيون آهن انهن مان هڪ هيءَ به آهي ته آءُ نوجوانن کي اڳتي وڌندو ڏسڻ گهران ٿو.

آءُ پندرهن ڏينهن دوران لارڊ ڪرومر سان بار بار مليس ۽ سندس ڄاڻ ۽ ڏاهپ مان پورو پورو فائدو ورتم. هن ۾ اوڀر ۾ مقرر ٿيندڙ اعليٰ برطانوي منتظمن سان منسوب سڪون ۽ ٿڌي طبيعت واريون خوبيون تمام وڏي پيماني تي موجود هونديون هيون. هن کي ڏسي مون کي پنهنجي هڪ بهترين فرانسي چوڻي ياد اچي ويندي هئي ته: ماڻهو سانت جي ذريعي ئي روحن تي راڄ ڪري سگهي ٿو. هن کي ڪڏهن به ڪا تڪڙ نه هوندي هئي نه ئي ڪو اثر يا احساس پيدا ڪرڻ جي ڪا ڳڻتي هوندي هئس. هو هڪ جاءِ تي ويٺو هوندو هو ۽ ماڻهو هن وٽ ايندا هئا. هو واقعن تي اک رکي ويٺو هوندو هو ايستائين جو مختلف واقعن جي ميلاپ کان پوءِ هو ڏاڍي سهوليت سان ۽ فيصلائتي انداز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو هو. هو هڪ سال جيترو عرصو به هڪ هفتي وانگر ڏاڍي سولائي سان انتظار ۾ ڪڍي ويندو هو ۽ هن اڪثر حالتن ۾ پنهنجو دڳ ڪڍڻ لاءِ چار چار يا پنج پنج سال به انتظار ڪيو هو. هن کي مصر ۾ حڪمراني ڪندي هاڻي لڳ ڀڳ سورهن سال ٿي ويا هئا. هن وڏا وڏا لقب رد ڪري ڇڏيا ۽ فقط برٽش ايجنٽ ٿي رهيو. سندس منصب جون ڪي به حدون مقرر ٿيل نه هيون. ممڪن آهي ته هو ڪجهه به نه هجي پر حقيقت ۾ هو سڀ ڪجهه هو. سندس لفظ قانون هوندو هو. ڪرومر چند نائبن جي ذريعي حڪم هلائي (جن مان اڪثر نوجوان هئا ۽ جن پنهنجي سربراه وانگر پاڻ کي پس منظر ۾ رکڻ سکي ورتو هو) مصري حڪومت جي هر کاتي ۽ ان جي پاليسي جي هر پهلو کي تمام ڌيان سان ڪنٽرول ڪندو هو. انهيءَ دوران ڪيتريون ئي برطانوي ۽ مصري حڪومتون آيون ۽ ويون. هن سوڊان کي پنهنجن هٿن مان نڪرندي ۽ وري فتح ٿيندي ڏٺو هو. هو ماليات تي مضبوط گرفت رکندو هو ۽ مصري سياسيات جي سموري چرپر تي سندس ماهراڻو ڪنٽرول هوندو هو. کيس ڏسي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي جو سندس زندگي ۾ ٿيل سمورو ڪم سندس چوگرد پيو تجلا ڏيندو هو ۽ هو پاڻ اعليٰ ترين اختيار جو مُجسم هوندي به ڪنهن ڏيک ويک کان سواءِ رهندو هو. هو مون سان جنهن مهرباني سان پيش ايندو هو انهيءَ سان آءُ پنهنجي ڏاڍي عزت افزائي محسوس ڪندو هوس. اسان کي جيتوڻيڪ ڏاڍي شديد ضرورت آهي ته به اڄڪلهه انهن جهڙا ماڻهو نظر نه ٿا اچن.


 


[1] سومر سيٽ، انگلينڊ ۾ هڪ شهر (سنڌيڪار)

[2] فاريئر گهوڙن کي نعل چاڙهيندڙ يا گهوڙن جو علاج ڪندڙ کي چيو ويندو آهي. (سنڌيڪار)

[3] پورو نالو Baron Rudolf Carl Von Slatin سن 1857ع ۾ آسٽريا ۾ ڄائو. 1878ع ۾ سوڊان ۾ جنرل گورڊون جي نوڪريءَ ۾ گهڙيو ۽ 1883ع ۾ وليم هِڪس جي شڪست وقت مهدي محمد احمد وٽ پيش پيو جتان 1895ع ۾ ڀڄي نڪتو. اومدرمان جي مهم ۾ ڪرنل جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو. سن 1900ع کان 1914ع تائين سوڊان جو انسپيڪٽر جنرل رهيو. سن 1932ع ۾ فوت ٿيو. (سنڌيڪار)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org