سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  سائو پن يا ڪارو پنو

باب-11

صفحو : 12

باب چوڏهون

اومدرمان جي جنگ جون تياريون

The Eve of Omdurman

 

اومدرمان[1] جهڙي جنگ وري ڪير نه ڏسي سگهندو. اها انهن زور آزماين جي ڊگهي سلسلي جي آخري ڪڙي هئي جن جي شاهاڻي شان و شوڪت سموري جنگ جي عمل کي گليمر ڏئي ڇڏڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ جنگ ۾ هر شي خالي اکين سان نظر پئي آئي. فوجن ريگستاني ميدان جي ڪُرڪري سطح تي مارچ ۽ مشقون پئي ڪيون. انهيءَ ريگستان منجھان نيل دريا ڪڏهن اسٽيل ته ڪڏهن پتل جهڙو ڏيک ڏيندو وسيع وهڪرن ۾ ور وڪڙ ڪندو ٿي ويو. ڪيولري وارن هڪٻئي جي ويجهو گهوڙا ڊوڙائيندا حملا ٿي ڪيا ۽ انفنٽري وارا يا نيزي بردار سپاهي انهن کي روڪڻ لاءِ قطارن يا ميڙن جي صورت ۾ اڀا ٿيا بيٺا هوندا هئا. انهيءَ شاهي دريا جي ڪناري تي ڪٿي ڪٿي بيٺل ٽڪرين تان سمورو منظر ننڍي کان ننڍي تفصيل سان ظاهر ٿيو بيٺو هوندو هو. پر شيون عجيب نموني ابتيون سُبتيون ۽ ڌُنڌليون نظر اينديون هيون ۽ انهن جي وچ ۾ رُڃ جي سبب پاڻي پيو نظر ايندو هو. مادي ۽ ٺوس شيون بلڪل گهڙيل ٺهيل شڪل ۾ نظر اچي وري نظر جي دوکي ۽ شڪ جي ترورن ۾ بدلجي وينديون هيون. اسان کي جتي خبر هوندي هئي ته ريگستان آهي اتي مارچ ڪندڙ سپاهين جي گوڏن ۽ چيلهين تائين تجلا ڏيندڙ پاڻي جون ڊگهيون لهرون نظر اينديون هيون. آرٽلريءَ جون بيٽريون يا ڪيولريءَ جا ڊگها ڪالم ناهموار بلور جي نيم شفاف دنيا مان اوچتو زردي ڀوري رنگ جي پڪي واريءَ تي نمودار ٿي ڳاڙهن ڪارن پهڻن جي وچ ۾ پوزيشنون سنڀالي بيهي رهندا هئا ۽ انهن جا واڱڻائي پاڇا هر طرف پکڙجي ويندا هئا. هلڪي ڀوري کان فيروزي ۽ فيروزي کان ڳُوڙهي نيري ٿيندڙ آسمان جي شاهي گنبذ مان سج جا ساڙيندڙ اُلا نڪري مارچ ڪندڙ سپاهين ڪلهن ۽ ڪنڌن تي ڪري ڏاڍي تڪليف ڏيندا هئا.

ايڪويهين لانسرز وارا، 14 آگسٽ جي شام جو عتبره جي نيل ۾ ڇوڙ واري جاءِ وٽان نيل ٽپي کاٻي ڪناري تي وڃي، نون ڏينهن جي مارچ کان پوءِ شبلوقه[2] آبشار جي اتر ۾ فوجين جي گڏ ٿيڻ جي سڀ کان اڳئين ڪيمپ ۾ پهچي ويا هئا. اهو آبشار به هڪ عجيب خصوصيت آهي. نيل درياء جي ڀُونوچ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين چار هزار ميلن جي سفر ۾ قدرت انهيءَ جاءِ تي پٿرن جي هڪ اوچي ڀت وجهي ڇڏي آهي. درياء به انهيءَ جي اولهائين ڇيڙي وٽان ڏهن ميلن جو ڦيرو ڪرڻ بجاءِ آمهون سامهون حملي کي ترجيع ڏني آهي ۽ رڪاوٽ وجهندڙ ڍير جي بلڪل وچ ۾ رستو کوٽي يا ڳولهي ورتو اٿائين. انهيءَ جاءِ کي تمام ڏکيو سمجهيو ويندو هو. ڪنهن ڪارگر فوجي قوت کي ٻيڙين ۽ اسٽيمرن جي ذريعي انهيءَ آبشار تان ايستائين گذارڻ ممڪن نه هو جيستائين ريگستان جي طرف کان ٽڪرن جي سموري سلسلي کي ڦيرو نه ٿو ڏئي اچجي. اهڙي ڪاروائيءَ سان شبلوقه ٽڪرين جي پٺيان ويٺل درويش فوج کي تمام بهترين ٽيڪنيڪل موقعو هٿ اچي وڃي ها ۽ جيڪا به فوج اهو لازمي ڦيرو ڪري ها ته اهي انهيءَ جي پاسي تي حملو ڪري ڏين ها. سر هربرٽ ڪچنر پنهنجي ڪيولري، اسڪائوٽن ۽ پنهنجن جاسوسن کان اها خاطريءَ جي خبر ٻڌي ڏاڍي سک جو ساهه کنيو ته دشمن اهڙي اهم هنڌ جي دفاع جو ڪو به بندوبست نه ڪيو هو.

تنهن هوندي به ٽڪري جي هڪ پاسي کان ريگستان منجهان خطرناڪ مارچ ڪندي سڀئي جنگي حفاظتي اُپاء ورتا ويا. سڀني سوار دستن وڏي گولائيءَ ۾ حرڪت ڪئي. مارچ ڪندڙن ۾ اسين جيتوڻيڪ سڀ کان اندرئين طرف هئاسين ته به اتان صبح جو نيل درياء مان شبلوقه جي اتر ۾ جنهن جاءِ تان پاڻي کنيو هو اتان هلندي شبلوقه جي ڏکڻ ۽ اومدرمان واري طرف شام جي پڙاء واري هنڌ پهچڻ ۾ اسان کي تقريباً 25 ميلن جو پنڌ ڪرڻو پيو. اسان مان جيڪي ماڻهو منهنجي دستي وانگر اڳ ۾ موڪليل گشتي پارٽين ۾ شامل هئا اهي جڏهن سنهي جهنگ ۾ ٽڙي پکڙي ويا ته اسان مان هر ڪنهن اهو ٿي سمجهيو ته هر ٻوٽي ۽ ٿُٻ پٺيان دشمن لڪيل نظر ايندو ۽ سڀني جا ڪن کڙا ۽ اکيون پٽيون پيون هيون ۽ هر گهڙيءَ اهو انتظار هو ته ڄاڻ ٿي بندوقن جي ٺڪاٺڪ شروع ٿئي. پر چند ڀڄندڙ گهوڙيسوارن کان سواءِ اهڙو ڪو به دشمن جو ماڻهو يا آواز پيدا نه ٿيو جنهن سان اسان جي مارچ ۾ رخنو پوي يا کڻي ان جو رستو ئي تبديل ٿئي ۽ جڏهن لهندڙ سج ۾ وسيع ميدان ڳاڙهو ٿيندو ويو ته اسين به پنهنجن ڊگهن ٿيندڙ پاڇن پٺيان هلندا ڏاڍي امن سان پر ڏاڍا تاسارا ٿي اچي نيل جي مٺي پاڻيءَ تي پهتاسين. انهيءَ دوران تراکڙي تري واريون توپ بردار ٻيڙيون ۽ اسان جو رسد جو سامان ڌوئيندڙ سڙهه وارين ٻيڙين کي ڇڪيندڙ اسٽيمر آبشار وٽان حفاظت سان ڦري آيا ۽ ستاويهين تاريخ تائين اسان جون سڀئي ريگستاني ۽ دريائي فوجون شبلوقه ٽڪرين جي ڏکڻ ۾ گڏ ٿي ويون ۽ اسان کي گهربل شهر ڏانهن فقط کليل ميدان تي پنجن ڏينهن جو مارچ باقي هو.

فوج 28- تاريخ تي پنهنجي آخري پيشقدمي شروع ڪئي. اسان مڪمل جنگي ترتيب ۾ ۽ روزانو اٺن يا ڏهن ميلن جي ڏاڪن ۾ هلياسين جيئن پنهنجي سموري قوت ڪنهن به وقت ٿيندڙ ٽڪراء لاءِ بچائي سگهون. اسان پاڻ سان گڏ لباس ۽ هٿيارن کان سواءِ ڪا به شي ۽ گهوڙن تي به سازن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه رکيو هو. اسين پنهنجو کاڌو ۽ پاڻي روزانو رات جو نيل ۽ ان ۾ هلندڙ جنگي ٻيڙي مان کڻندا هئاسين. آفريقا جي انهيءَ حصي ۾ ۽ سال جي انهيءَ وقت ۾ گرمي تمام شديد هئي. اسان کي جيتوڻيڪ ٿلها ڪپڙا ۽ وڏين ڪنارين وارا ٽوپلا پهريل هئا ۽ ڪرنگهيءَ جي هڏن تي به ڪپڙن جون گديون رکيل هيون پر ائين پئي لڳو ته ڄڻ سج اسان جي مٿان جهُڪي پنهنجا ساڙيندڙ ڪرڻا اسان جي جسمن ۾ ٽُنبي رهيو هجي. اسان جي زينن ۾ لڙڪندڙ ڪينواس جون پاڻيءَ جون ٿيلهيون جيتوڻيڪ بخارن جي سبب وڻندڙ حد تائين ٿڌيون هونديون هيون پر منجهند کان گهڻو اڳ ئي خالي ٿي وينديون هيون. شامن جو جڏهن انفنٽري وارا ڪنهن مناسب جاءِ تي پهچي پڙاء جو حڪم ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ فوج جي سامهون رهندڙ ڪيولري جي آڏ هٽائي ويندي هئي ۽ اسين شام جو سونهري ۽ ارغواني جهونجهڪڙي ۾ قطارون ڪري اچي نيل جو جهجهو ۽ ڇوٽ وهندڙ پاڻي بار بار پيئندا هئاسين ته ڏاڍو مزو ايندو هو.

بهرحال هن وقت تائين برطانوي ڪيولري ۾ موجود هر ماڻهوءَ اهو سوچي ڇڏيو هو ته هاڻي ڪا به جنگ ٿيڻي نه آهي. ڇا اهي سمورا بندوبست ٺڳيءَ جو ٺاهه ته نه هئا؟ درويشن جو واقعي ڪو وجود به هو يا اهي سردار ۽ سندس انگريزي- مصري مصاحبن پاران گهڙيل هڪ افسانو هئا. وري ڪجهه درست ڄاڻ رکندڙ ماڻهن جو رايو هو ته جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه هو ته اومدرمان ۾ وڏي تعداد ۾ درويش گڏ ٿي ويٺل هئا پر انهن سڀني جنگ کان پاسو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ۽ اهي اڳيئي روڊن جا پاسا وٺندا قطارن جي صورت ۾ ڪردفان[3] جي ڏورانهين علائقي ڏانهن نڪري ويا آهن. اسين اهڙي طرح مهينن جا مهينا مارچ ڪندا خط استوا ڏانهن وڌندا رهنداسين. ٺيڪ آهي، ڪائي ڳالهه نه آهي. اها به ڪا اهڙي خراب ڳالهه نه آهي، زندگي مزي ۾ پئي ٿي گذري، صحت سٺي آهي. ورزش سان دل خوش ٿي وڃي ٿي، کاڌو ضرورت آهر آهي ۽ پاڻي گهٽ ۾ گهٽ صبح ۽ شام جو بي انداز ملي وڃي ٿو. اسين هر وقت نئين زمين ڏسي رهيا هئاسين ۽ شايد آخرڪار ڪنهن ڏينهن ٻيو ڪجهه به ڏسي وٺون. پر مون جڏهن 31- تاريخ جو هڪ سوڊاني بٽالين جي برطانوي آفيسرن جي ميس ۾ ماني کاڌي ته مون کي مختلف رايو ٻڌڻ ۾ آيو. اهي سڀئي هتي ئي آهن. درويشن سان ڏهن سالن کان وڙهندڙ انهن ماڻهن جو چوڻ هو: ’اهي پنهنجي سلطنت جي گادي جي هنڌ لاءِ لازماً جنگ جوٽيندا. اهي ڀڄي وڃڻ جهڙا ماڻهو ئي نه آهن اهي اسان کي شهر ٻاهران ئي تيار بيٺل نه ملي وڃن، ۽ شهر هاڻي فقط 18 ميل پري هو.‘

اسان جو پهرئين سيپٽمبر وارو مارچ ٻين ڏينهن وانگر بلڪل سانت ۾ شروع ٿيو پر نائين وڳي جي لڳ ڀڳ اسان جي گشتي پارٽين کي ڪي شيون نظر اچڻ لڳيون. اهڙيون رپورٽون دستن کان ٿينديون اسڪواڊرنن تائين پهچڻ لڳيون ته ڏاکڻين طرف واري آسماني ڪناري تي رُڃ جي تجلن ۾ روشني جا ترورا ۽ ڪي سفيد چَتيون نظر اچي رهيون آهن. آءُ انهيءَ ڏينهن جنهن اسڪواڊرن سان لاڳاپيل هوس انهيءَ جي ذمي فقط ڪيولري جي مهڙ واري آڏ جي مدد جو ڪم رکيل هو ۽ اسين دٻيل جوش واري ڪيفيت ۾ آهستي آهستي اڳتي وڌي رهيا هئاسين. اسين تقريباً ساڍي ڏهين وڳي واريءَ جي هڪ ويڪري دڙي تي چڙهياسين ۽ ڏٺوسين ته اسان جون سڀئي گشتي پارٽين مشڪل سان هڪ ميل اڳتي هڪ ڊگهي صف ۾ گهوڙا جهليون ڪنهن شي کي غور سان ڏسي رهيون هيون جيڪا ائين پئي لڳو ته ڪا انهن جي رستي جي بلڪل وچ تي پئي آهي. جلد ئي اسان کي بيهڻ جو حڪم ملي ويو ۽ ڪا دير نه  گذري ته هڪ دوست سبالٽرن اچي منهن ڪڍيو. هو گشتي پارٽيءَ ۾ شامل هو ۽ اسان لاءِ ڏاڍي اهم فيصلائتي خبر آندي هئائين. ’دشمن نظر اچي ويو آهي.‘ هن خوشيءَ مان ٻهڪندي چيو، ’ڪٿي؟‘ اسان پڇيو ’اوهو، توهان کي نطر نه ٿو اچي. اهو ڊگهو ميٽوڙو نشان ڏسو، اهي اٿو.‘ ائين چئي هو ته اڳتي ويو هليو. اسان سڀني پري آسمان جي ڪناري تي رنگ ۾ آيل اها تبديلي محسوس ته ڪري ورتي هئي پر انهيءَ کي ڪانڊيرن جو جهنگ سمجهيو هئوسين. اسان جنهن جاءِ تي بيٺا هئاسين اتان بهترين دوربين به ٻيو ڪجهه نه ٿي ڏيکاري سگهي. وري رجمينٽل سارجنٽ – ميجر اچي ويو. هو به آئوٽ پوسٽ لائين تان پئي آيو.

’اهي ڪيترا ٿيندا؟‘ اسان پڇيو.

’وڏي فوج آهي. چڱي خاصي وڏي فوج آهي.‘ ائين چوندي هو به پنهنجو رستو وٺي ويو هليو.

پوءِ مدد جي ڪم سان لاڳاپيل دستي لاءِ حڪم آيو ته اهي ڪنهن اهڙي سبالٽرن کي جنهن جو گهوڙو ٿڪيل نه هجي، آئوٽ پوسٽ لائين ۾ ڪرنل وٽ موڪلين.

’مسٽر چرچل‘، منهنجي اسڪواڊرن ليڊر چيو ته آءُ گهوڙو هڪلي روانو ٿي ويس.

مون کي ڪرنل مارٽن آئوٽ پوسٽ لائين ۾ ڪجهه ڀٽن جي ويجهو نظر اچي ويو پر انهيءَ کان اڳ مون کي هڪ تراکڙي ترائي ۽ انهيءَ کان پوءِ ٻئي مٿاهين پٽ تي اچڻو پيو. ’گڊ مارننگ‘ هن چيو، ’دشمن بلڪل هاڻي پيشقدمي شروع ڪئي آهي ۽ اهي چڱا تيز پيا اچن. منهنجي مرضي آهي ته تون صورتحال جو پاڻ جائزو وٺ ۽ پوءِ پنهنجي گهوڙي کي ٿڪائڻ کان سواءِ جلد از جلد واپس وڃي سردار وٽ پاڻ رپورٽ پيش ڪر. هو توکي انفنٽري سان گڏ ايندو نظر اچي ويندو.‘

انهيءَ جو مطلب ته منهنجو آخرڪار ڪچنر سان مکاميلو ٿيندو! هو مون کي ڏسي حيران ته نه ٿي ويندو؟ هو ڪاوڙ جو اظهار ته نه ڪندو؟ ڇا هو ائين ته نه چوندو ته ’تون هتي ڇا ٿو ڪندو وتين؟ منهنجي خيال ۾ مون ته توکي نه اچڻ جو چيو هو!‘ متان هو ڌڪار وچان ڪو ردعمل ئي نه ڏيکاري! يا هو فقط رپورٽ وٺندو ۽ اها آڻيندڙ آفيسر جو نالو پڇڻ جي تڪليف ئي نه ڪندو؟ بهرحال انهيءَ عظيم ماڻهوءَ جي ويجهو وڃڻ جو اها خبر کڻي وڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪو سٺو سبب ٿي نه ٿي سگهيو ته دشمن جي فوج هن ڏانهن وڌي رهي آهي. آءُ اها ڳالهه سوچي ئي ايترو شوق ۽ جوش ۾ ڀرجي ويس جيترو هوند ايندڙ جنگ جو انتظار مون کي شوق ۽ جوش ۾ ڀري ڇڏي ها. پوءِ درپيش ايندڙ ڳالهيون ۽ مسئلا به اسان جي سامهون بيٺل دشمن کان ڪي گهٽ دلچسپ ۽ ڪجهه لحاظن کان ته گهٽ خطرناڪ ڏسڻ ۾ نه ٿي آيا.

دشمن جو باريڪ بيني سان جائزو وٺڻ ۽ آئوٽ پوسٽ لائين وارن کي مون کي جيڪو ڪجهه ٻڌائڻو هو اهو ٻڌڻ کان پوءِ مون فوج ۽ اڳ ۾ رواني ڪيل ڪيولري جي دستن جي وچ ۾ ريگستان جي ڇهن ميلن تي گهوڙو هڪلڻ شروع ڪيو. اس تمام شديد هئي ۽ مون کي جيئن ته اها تقريباً پڪ هئي ته اسان کي ٻيپهري جو سمورو وقت گهوڙي تي ويهي جنگ ڪرڻي پوندي، پر مون کي مليل حڪم به فوري نوعيت جا هئا تنهنڪري انهن کي ذهن ۾ رکندي مون پنهنجي گهوڙي جو وڌ ۾ وڌ بچاء به ڪيو. اهڙيءَ طرح آءُ لڳ ڀڳ چاليهن منٽن ۾ انفنٽري جي مُک حصي جي ويجهو پهچي ويس. مون هڪ ڪاري ٽڪريءَ تي بيهي پنهنجي گهوڙي کي ساهي پٽرائي ۽ منظر جو جائزو ورتو. اهو نظارو سچ پچ ته ڏاڍو شاندار لڳي رهيو هو. برطانوي ۽ مصري فوج جنگي صف بنديءَ ۾ پيشقدمي ڪري رهي هئي. پنج پڪيون پختيون برگيڊون نيل کي پُٺيءَ تي رکي کُلي ترتيب ۾ اڳتي وڌي رهيون هيون. انهن مان هر هڪ برگيڊ ٽن يا چئن انفنٽري بٽالينن تي ٻڌل هئي. انسانن جي انهن شاهي جٿن جي پٺيان توپخاني جون ڊگهيون قطارون هيون ۽ انهن کان پريان رسد ڍوئيندڙ اٺن جو اڻکٽ بهيرون هيون. درياء ۾ سامان سان سٿيل سڙهن وارين ٻيڙين جا ميڙ هلندا ٿي رهيا جن کي ويهه کن اسٽيمر ڇڪي رهيا هئا. ٻيڙين جي انهيءَ ميڙ مان ست يا اٺ خطرناڪ چمڪندڙ سفيد رنگ جون توپ بردار ٻيڙيون ڪاروائي لاءِ تيار نظر اچي رهيون هيون. ريگستان جي پاسي کان ۽ دشمن جي طرف وڏين وٿين تي مصري ڪيولري جا ٻارنهن اسڪواڊرن آئوٽ پوسٽ لائين جي مدد ۾ نظر اچي رهيا هئا ۽ اڃا اڳتي ڪيمل ڪور جا ميرانجهڙا ۽ چاڪليٽي ڪالم وسيع پيش منظر جي تڪميل ڪري رهيا هئا.

مون جيئن ته هڙ تڪڙ ۾ پيش ٿيڻ نه ٿي چاهيو تنهنڪري بيهي گهوڙي کي ساهي پٽرائڻ کان پوءِ گهوڙو هڪلي انفنٽري جي مکيه حصي جي وچ ڏانهن وڌيس. مون کي جلد ئي انهن جي مُهڙ ۾ هڪ تيز ڳاڙهي بينر پٺيان چڱو خاصو ماڻهن جو اٽالو هلندي نظر اچي ويو. ويجهو پهچڻ تي مصري جهنڊي جي ڀرسان يونين جيڪ به نظر اچڻ لڳا. ڪچنر به پنهنجي هيڊڪوارٽر اسٽاف کان ٻن يا ٽن گهوڙن جي ڊيگهه جيترو اڳتي هو. سندس ٻه علمبردار سندس بلڪل پٺيان مارچ ڪندا پئي آيا ۽ انگريزي – مصري آرمي اسٽاف جا پرنسپال آفيسر وري انهن جي پٺيان هئا.

آءُ هڪ ڪنڊ کان ڳتي وڌيس ۽ اڌ گول ٺاهيندي پنهنجو  گهوڙو هن جي گهوڙي پاسي ۾ آڻي ٿورڙو پٺتي رکي کيس سليوٽ ڪيم. اهو منهن مهانڊو جيتوڻيڪ گهڻو ڄاتل سڃاتل هو، پر آءُ انهيءَ تي پهريون دفعو نظر وجهي رهيو هوس. اڳتي هلي ۽ شايد ڪيترن نسلن تائين سموري دنيا انهيءَ چهري کان واقف رهڻي هئي.[4] هن پنهنجو ڳنڀيرتا سان ڀريل منهن مون ڏانهن ڪيو. وڏا شهپر، عجيب انداز ۾ ڦرندڙ اکيون، اُس جي تپش ۾ لهسيل ۽ تقريباً رتا ڳاڙها ڳل ۽ ڄاڙي حواسن تي ڏاڍو چٽو اثر وجهي رهيا هئا.

’سر‘ مون چيو، ’آءُ ايڪيهين لانسرز مان هڪ رپورٽ کڻي آيو آهيان.‘ هن ڪنڌ کي هلڪو لوڏو ڏئي ڄڻ ته مون کي ڳالهه جاري رکڻ جو اشارو ڏنو. مون وڌ کان وڌ مختصر ۽ جامع لفظن ۾ پنهنجي ورتل جائزي مطابق صورتحال جو احوال پيش ڪيو ته ’دشمن نظر اچي رهيو آهي، بظاهر وڏي تعداد ۾ آهي. انهن جو مکيه حصو تقريباً ست ميل پري آهي ۽ اهي اسان جي موجوده پوزيشن ۽ اومدرمان جي شهر جي تقريباً وچ تي بيٺل آهن. انهن يارهين وڳي تائين ڪا چُر پر نه ٿي ڪئي پر يارنهن لڳي پنجن منٽن تي اهي حرڪت ڪندي نظر اچي رهيا هئا ۽ مون جڏهن چاليهه منٽ اڳ اها جاءِ ڇڏي تڏهن به اهي تڪڙي پيش قدميءَ ۾ هئا.‘

هن مڪمل سڪوت ۾ هر لفظ ٻڌو. اسان جا گهوڙا گڏوگڏ هلندا ۽ واريءَ کي پنهنجن سُنبن هيٺان ڪِرس ڪِرس ڪرائيندا ٿي هليا. پوءِ چڱو وقت ماٺ رهڻ کان پوءِ هن چيو، ’تون چوين ٿو ته درويش فوج اڳتي وڌندي پئي اچي. تنهنجي خيال ۾ مون وٽ ڪيترو وقت آهي؟‘ منهنجو جواب فوراً چپن تي تري آيو، ’توهان وٽ  گهٽ ۾  گهٽ هڪ ڪلاڪ آهي سر، يا ڏيڍ ڪلاڪ، ڀلي اهي جيڪڏهن ساڳئي رفتار سان وڌندا ايندا هجن.‘ هن پنهنجي مٿي کي اهڙي انداز ۾ لوڏو ڏنو جنهن مان آءُ شڪ ۾ پئجي ويس ته هن اهو تخمينو الائي قبول ڪيو الائي رد ڪيو. پوءِ وري ڪنڌ کي ٿورو جهڪائي اهو اشارو ڏنائين ته منهنجو ڪم پورو ٿيو. مون سليوٽ ڪري پنهنجي گهوڙي جي واڳن جي ڇڪي سندس اٽالي کي اڳتي وڌي وڃڻ ڏنو.

آءُ ڪجهه پريشانيءَ ۾ رفتارن ۽ فاصلن جو حساب ڪرڻ لڳس جيئن خبر پوي ته منهنجو تڪڙ ۾ ڏنل جواب صحيح هو يا نه. نتيجي ۾ مون کي ايتري پڪ ٿي وئي ته آءُ گهڻو  ٻاهر نه هوس. درويش جي وڌ ۾ وڌ رفتار چار ميل في ڪلاڪ کي ذهن ۾ رکندي جيڪو فاصلو منهنجي حساب مطابق ست ميل هو انهيءَ لاءِ ڏيڍ ڪلاڪ جو وقت بلڪل محفوظ ۽ پڪو تخمينو هو.

سوچن جي انهيءَ سلسلي ۾ هڪ دوستاڻي آواز رخنو وجهي ڇڏيو. ’اسان سان گڏجي هل ۽ ڪا لنچ ڪري وٺ.‘ هو فوج جي ڊائريڪٽر آف انٽيليجنس سر ريجينالڊو نگيٽ جي اسٽاف ۾ شامل هڪ آفيسر هو. هو مون کي پنهنجي چيف وٽ وٺي هليو جيڪو مون سان ڏاڍي مهرباني سان مليو. مون کي هاڻي اها ڳالهه ٻڌائڻ جي ته ڪا ضرورت ڪانهي ته پيٽ ڀري ماني ملڻ، اعليٰ عملدارن وٽ پهچ رکندڙ دوست سان گڏجڻ ۽ ايندڙ واقعن بابت بهترين معلومات جي اميد؛ اها هيڪوڻي نه پر ٽيڻ تي وڻندڙ ڳالهه هئي. انهيءَ دوران مون اها ڳالهه ڏسي ورتي ته انفنٽري وارا هر هنڌ نيل درياء سان قوس ٺاهيندڙ صفن ۾ ايندا ٿي ويا ۽ سڀ کان اڳئين برگيڊ جي سامهون ڪنڊيدار ٻوٽا ڪپي انهن سان هڪ لوڙهو ٺهي رهيو هو. پوءِ اسان جي رستي جي بلڪل وچ ۾ بسڪوٽن جي هڪ ننڍي  ڀت نمودار ٿي وئي. انهيءَ تي ڏاڍي تڪڙ ۾ ڪم ٿي رهيو هو ۽ پوءِ مون ڏٺو ته انهيءَ ميز پوش جو هڪ وڏو ٽڪر وڇائجي ويو. وري ماڻهو انهيءَ تي دل کي سَٽون ڏيندڙ شڪلين جون ڪيتريون ئي بوتلون، اچار ۽ مڪئي جي اٽي ۾ پڪل وڏو  گوشت رکندا ويا. مون جو اهڙي سُڃ ۾ لڙائي کان ڪجهه گهڙيون اڳ ڄڻ ته ڪنهن جادوئي اثر ذريعي اهڙو خوشگوار منظر اڀرندي ڏٺو ته منهنجي دل شڪراني جي احساس سان ڀرجي وئي ۽ اهو احساس روزاني واري ماني کائي شڪراني جي دعا گهرڻ واري احساس کان تمام گهڻو وڌيڪ هو.

سڀ ماڻهو سوارين تان لهي پيا ۽ اردلي وڌي اچي گهوڙا ڪاهي ويا. جيئن جو هي کاڌي پيتي جون شيون منظر تي آيون ته ڪچنر منهنجي نظرن کان غائب ٿي ويو. لڳو پئي ته هو پنهنجي اسٽاف کان ٿورو پرڀرو ٿي ويو هو. هن پنهنجي لاءِ نويڪلي بسڪوٽن جي پُڙن جي ڍير تي لنچ ڪئي يا ماڳهين لنچ ئي نه ڪئي. اها مون کي خبر نه پئجي سگهي نه وري مون کي اها خبر رکڻ جي ڪا ڳڻتي هئي. مون گوشت ۽ ٿڌي مشروب تي مڪمل ڌيان سان حملو ڪيو. هر ڪو ماڻهو ڏاڍو پُر جوش لڳو پيو هو ۽ تمام سٺي موڊ ۾ هو. ماني ڊربي کان اڳ ريس لنچ وارو منظر پيش ڪري رهي هئي. مون کي ياد آهي ته منهنجي ڀرسان جرمن جنرل اسٽاف بيرون وون ٽيڊمان جو نمائندو ويٺو هو. هو چئي رهيو هو ته: ”اڄ پهرئين سيپٽمبر آهي، اسان جو عظيم ڏينهن ۽ هاڻي توهان جو عظيم ڏينهن.“ سيڊان[5] ۽ سودان. هو انهيءَ مان تمام گهڻو خوش هو ۽ ويٺلن ۾ اها ڳالهه ڪيترائي دفعا ورجائي هئائين. انهن مان ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته هنن انهيءَ جملي ۾ لڪل چوٽ سمجهي ورتي. ”ڇا لڙائي واقعي ۾ ٿيندي؟“ مون جنرل ونگيٽ کان پڇيو: ”بلڪل، ڇو نه،“ هن وراڻيو. مون چيو ته ”ڪڏهن؟ سڀاڻي؟“ انهيءَ تي هن چيو ته ”نه، هتي، هينئر، ڪلاڪ ٻن ۾.“ سچ پچ ته اهو حياتي جو ڏاڍو سٺو لمحو هو ۽ آءُ ويچارڙو هڪ سبالٽرن جنهن پاڻ کي عتاب هيٺ آيل ٿي سمجهيو سو انهن سڀني اعليٰ فوجي عملدارن جي کل خوشيءَ جي وچ ۾ ويٺو مضبوط ارادي سان پنهنجو ڇُري ڪانٽو هلائيندو رهيس.

انفنٽري جون تڙ تڪڙ ۾ ٺهڪندڙ صفون ۽ انهن جي آڏو لمحي به لمحي ٺهندڙ لوڙها هر وقت ڏسڻ ۾ پئي آيا. اسان جي سامهون صاف وارياسو ميدان درياء وٽان مٿي اڀري سنهي چنڊ جي شڪل اختيار ڪري ٿي ويو جنهن جي ڀرسان اسان جون ڪيولريءَ جون آئوٽ پوسٽون هيون ۽ گمان اهو هو ته دشمن به پنهنجي پيشقدمي جاري رکيون ٿي آيو. اهو آکاڙو هڪ ڪلاڪ جي اندر حملي آور درويشن سان ڀرجي ويندو ۽ اتي لاشن جا ڍير لڳي ويندا. جڏهن ته لوڙهن جي پٺيان انفنٽري جون صفون رائيفل فائرن جا ڌوڙيا لائي ڏينديون ۽ توپن جا ڌڌڪا هوندا.

اسان جي فتح يقيني ڳالهه هئي. اسان انهن کي لُڻي رکنداسين. انهيءَ هوندي به اها ڳالهه آهي ته انهن ساڳين درويشن، جديد هٿيارن جي ايتري درستگي جي باوجود به هڪ کان وڌيڪ موقعن تي جيئن ابوقلي ۽ تمائي ۾ چوطرف بيهاريل برطانوي فوجين جي گهيري کي ٽوڙي وڌو هو ۽ مصري فوجين جي قبضي ۾ رهندڙ قلعن ۾ بار بار ڪاهي آيا هئا يا انهن کي زير ڪري ڇڏيو هو. آءُ پنهنجي تصور ۾ نقشا ٺاهڻ لڳس ته، اها بلڪل ويجهي ايندڙ لڙائي ڪهڙا مختلف انداز اختيار ڪري سگهي ٿي ۽ انهيءَ مهل ڄڻ ته انهيءَ جي شروعات جي اعلان طور ڌماڪن جا آواز اچڻ لڳا. نيل جي هڪ ٻيٽاري تان ننڍين توپن اومدرمان ۾ مهدي[6] جي مزار تي گولا باري شروع ڪري ڏني هئي.

بهرحال پهرئين سيپٽمبر تي لڙائي ٿيڻي نه هئي. آءُ آئوٽ پوسٽ لائين ۾ پنهنجي اسڪواڊرن ۾ وري دخلڪار ئي مشڪل سان ٿيس ته درويش فوج پيشقدمي روڪي ڇڏي ۽ توپن سان خطرناڪ نموني سلامي وٺڻ کان پوءِ لڳو ٿي ته اهي ٻئي ڏينهن ڏينهن تائين سڪون سان ويهي رهيا هئا. اسين سڄي ٻيپهري ۽ شام انهن ۾ اکيون وجهي ويٺا رهياسين ۽ اسان جون گشتي پارٽيون انهن جي پارٽين سان جهڙپون ۽ ڀڄ ڀڄان ڪنديون رهيون. سج جي روشني جهڪي ٿي وڃڻ کان پوءِ اسان نيل ڏانهن موٽياسين ۽ اسان کي ماڻهن ۽ گهوڙن کي درياء جي اتاهين ڪناري هيٺ لوڙهي ۾ هڪلي وڃڻ جا حڪم ملي ويا.

انهيءَ محفوظ پر هٿ پير ٻڌل صورتحال ۾ اسان کي خبر پئي ته اهڙيون ڀروسي جوڳيون خبرون مليون آهن ته دشمن رات جو حملو ڪندو. جيڪو به ماڻهو لوڙهي ۾ ڪهڙي به حالت ۾ ڀلي کڻي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پسٽل يا ڪربائين جو فائر ڪندو انهيءَ لاءِ تمام شديد سزائن جو اعلان ڪيو ويو. درويش جيڪڏهن صفون ٽوڙي ڪيمپ ۾ ڪاهي پون ته اسان کي پنهنجي دفاع لاءِ پيرن ڀر بيهي پنهنجين تلوارن يا نيزن سان وڙهڻو پوندو. اسان پاڻ کي اطمينان ڏياريو ته گرينيڊئيرز جي فرسٽ بٽالين ۽ رائيفل بٽالين جي هڪ برگيڊ سو وال پري ۽ اسان جي بلڪل مٿان لوڙهي جي حفاظت لاءِ بيٺل آهي. پنهنجو تحفظ اهڙن سپاهين جي حوالي ڪندي اسين ڊنر جي تيارين کي لڳي وياسين.

اتي مون کي هڪ دلچسپ واقعو به درپيش آيو. آءُ جيئن ته درياء جي ڪناري تي هڪ بردار آفيسر سان گڏ چهل قدمي ڪري رهيو هوس ته ڪناري کان 20 يا 30 فوٽ پري بيٺل توپ بردار ٻيڙين مان اسان کي ڪنهن هٿ کڻي کيڪاريو. ٻيڙيءَ جي ڪمان بيٽي (Beatty) نالي نيوي جي هڪ جونيئر ليفٽيننٽ وٽ هئي جيڪو گهڻي وقت کان نيل جي  ٻيڙين تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو ۽ اڳتي هلي سمنڊن تي مشهوري ماڻڻ سندس مقدر ۾ لکيل هئي. توپ بردار ٻيڙي جا سفيد بي داغ ورديون پهريل آفيسر اها خبر چار وٺڻ لاءِ ڏاڍا بيتاب هئا ته ڪيولريءَ وارن جي نظر مان ڇا گذريو آهي. اسان کي به ٻڌائڻ ۾ ڪنهن به لحاظ کان ڪا به هٻڪ نه هئي. سج آسمان جي ڪناري ۾ ٻڏي رهيو هو ۽ اسان پاڻي جي پريان بيٺي بيٺي سٺي ڳالهه ٻولهه ڪري ورتي. اهي لوڙهي اندر آتشين هٿيارن جي استعمال خلاف حڪمن بابت ٻڌي خاص طور ڏاڍا خوش ٿيا ۽ انهيءَ بابت اسان سان ڏاڍا چرچا ڪيائون. انهيءَ دوران اها به آڇ ڪيائون ته جيڪڏهن ڪا بدترين صورتحال پيش اچي وڃي ته اهي ٻيڙيءَ تي اسان جي خاطر تواضع ڪندا. اسان انهيءَ ڳالهه کي ڏاڍي وقار سان نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ انهي رٿا تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو ته اسين درويشن جي انبوهن خلاف گهگهه اونداهيءَ ۾ واريءَ جي دڙن تي اڀي پيرين بيهي ڪيولري تلوارون ۽ نيزا ڪم آڻينداسين. بهرحال چڱي کل ڀوڳ کان پوءِ ڀلي ڀاڳ واري شي به اچي وئي.

”مشروبات جو ڪهڙو بندوبست اٿو؟ اسان وٽ هتي دنيا جي هر شي موجود آهي. ڪيچ ڪري وينداؤ؟“ ائين چوندي هنن شامپين جي هڪ وڏي بوتل ڪناري ڏانهن اڇلائي ڏني. اها نيل جي پاڻيءَ ۾ ڪري پئي پر چڱو ٿيو جو قدرت طرفان اتي پاڻي تانگهو هو ۽ ترو نرم هو. آءُ پاڻيءَ ۾ لهي پيس ۽ پاڻي گوڏن تائين آيو جو انهيءَ  قيمتي تحفي وٽ پهچي قابو ڪري کڻي آيس. اسان پوءِ اها فاتحانه انداز ۾ واپس پنهنجي ميس کڻي آياسين.

هن قسم جي جنگ وڏن جوش ۾ آڻيندڙ واقعن سان ڀريل هئي. اها جنگ عظيم وانگر نه هئي. ڪنهن کي به مارجڻ جي توقع نه هئي. هِتي هُتي هر رجمينٽ يا بٽالين ۾ اڌ ڊزن، ويهه يا ڪنهن بدترين صورتحال ۾ ٽيهن يا چاليهن ماڻهن جو تاوان ڏيڻو پيو. پر انهن آهستي آهستي منظر تان غائب ٿيندڙ بي فڪريءَ وارن ڏينهن ۾ جن ماڻهن برطانيه جي ننڍڙين جنگين ۾ حصو ورتو انهن جي وڏي اڪثريت لاءِ اهو به هڪ شاندار راند جو فقط تفريحي عنصر هو. اسان مان گهڻن جي نصيب ۾ هڪ اهڙي جنگ ڏسڻ لکيل هو، جنهن ۾ نقصانن جا انگ اکر ابتڙ ٿي ويا. جنهن ۾ هر ڪنهن جي ذهن ۾ مارجي وڃڻ جو خيال موجود هو ۽ شديد ترين زخمن تي ماڻهو سمجهندو هو ته ڀاڳ ڀلو ٿيو جان ته بچي وئي. جنهن ۾ توپخاني ۽ مشين گنن جي گولاباري ۾ سموريون برگيڊون لڻجي ويون ۽ جنهن ۾ هڪ طوفان مان زنده بچي ويلن کي خبر هوندي هئي ته اهي ايندڙ يا انهيءَ کان پوءِ واري طوفان ۾ پڪ سان ڪم اچي ويندا.

هر ڳالهه واقعن جي پيماني تي دارومدار رکي ٿي. اسان نوجوان جيڪي انهيءَ رات بهترين نموني هٿياربند سٺ هزار جنوني درويشن کان ٽن ميلن جي فاصلي تي سُمهياسين تن کي هر گهڙيءَ انهن جي شديد حملي جو انتظار هو ۽ پڪ هئي ته دير ۾ دير به باک ڦٽيءَ وقت ويڙهه شروع ٿي ويندي. اسان پاڻ کي جيڪڏهن ڪنهن حقيقي جنگ ۾ موجود سمجهيو هئو سي ته اسان کي معاف ڪيو وڃي.

 


 

باب پندرهون

ڪيولريءَ جي ڪاهه جو جوش و خروش

Sensations of a Cavalry Charge

 

اسين پرهه ڦٽي کان گهڻو اڳ سجاڳ ٿي چڪا هئاسين ۽ پنج ٿيندي ٿيندي ايڪيهين لانسرز وارا لوڙهي جي ٻاهران گهوڙن تي سوار ڪنهن به حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار بيٺا هئا. منهنجي اسڪواڊرن ليڊر ميجر فن (Finn) مون سان ڪجهه ڏينهن اڳ واعدو ڪيو هو ته مناسب وقت اچڻ تي هو مون کي ڪا چڱي شي ڏيکاريندو. مون سمجهيو پئي ته هو هڪ ڏينهن اڳ مون پاران ڪچنر وٽ پيش ٿيڻ کي منهنجي لاءِ ڇوٽڪارو سمجهي وٺندو پر هاڻي مون کي پنهنجي دستي مان سڏي هڪ گشتي پارٽي سان گڏ وڃي جبل سرغام جي ٽاڪرو چوٽي ۽ درياء جي وچ ۾ ٽڪرين جي قطار تي دشمن جو جائزو وٺي اچڻ لاءِ موڪليو ويو. اسان جي اسڪواڊرن، توڙي مصري ڪيولريءَ مان ٻين پارٽين کي پڻ جلدي جلدي اوندهه ۾ اڳتي روانو ڪيو ويو هو. مون ڇهه سپاهي ۽ هڪ ڪارپورل پاڻ سان کنيا. اسان گهوڙن کي ميدان تان تڪڙو هلايو ۽ جلد ئي ٽڪرين جي قطار جي نامعلوم چاڙهين تي چڙهڻ شروع ڪيو. باک ڦٽي جهڙو ڪو منظر ٿي ئي نه ٿو سگهي. نامعلوم منظر تان پردو کڄڻ کان پندرهن منٽ اڳ وارو وقت جهنگ جو هڪ معنائن سان ڀريل تجربو هوندو آهي. ٽڪرين جي قطار تي دشمن جو قبضو هو يا نه؟ ڇا اسين اوندهه ۾ هزارين غضبناڪ وحشين مان ته نه گذري رهيا هئاسين؟ هر وک موتمار ٿي سگهي ٿي؛ انهيءَ جي باوجود به تمام گهڻي احتياط جو وقت نه هو. رجمينٽ اسان جي پٺيان اچي رهي هئي ۽ باک ڦٽي رهي هئي. اسان پاران چاڙهي تي چڙهندي اڳي ئي اڌ روشني ٿي وئي هئي. اسان کي چوٽيءَ تي ڇا ڏسڻ ۾ ايندو؟ گهري ۽ تجسس ڀريل سر خوشي لاءِ اهڙا لمحا منهنجي نظر ۾ بهترين آهن.

اسين هاڻي چوٽي جي ويجها اچي پهتا آهيون. آءُ هڪ ماڻهو جي پٺيان ٻيو ماڻهو سو والن جي وٿي تي بيهاريان ٿو جيئن ڪجهه به ٿي پوي ته ڪير ٻين کي ڳالهه ته ٻڌائي سگهي. اسان جي پنهنجي کٽ کٽ کان سواءِ ٻيو ڪو به آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. اسين چوٽي جي مٿئين حصي تي پهچي ويا آهيون ۽ گهوڙن کي بيهاريون ٿا. آسمان جو ڪنارو هر گهڙيءَ وڌيڪ روشن ٿيندو پيو وڃي ۽ اسين ٻه سو والن تائين ڏسي سگهون ٿا. هر طرف ماٺ لڳي پئي آهي. پهڻن ۽ واريءَ جي ڀٽن ۾ اسان جي ساهن کان سواءِ زندگيءَ جو ڪو به آثار نظر نه ٿو اچي. ڪو به شب خون نه ٿو لڳي نه ئي ڪو زوريءَ قبضو ٿي رهيو آهي. اسان کان اڳتي ميدان بلڪل خالي لڳو پيو آهي: هاڻي اسين اڌ ميل کان به اڳتي ڏسي سگهون ٿا.

معنيٰ ته اهي سڀئي ڪيمپ پٽي روانا ٿي ويا آهن! اسان به ائين ئي چيو هو! سڀني ڪردفان ڏانهن رخ رکيو آهي؛ جنگ نه ٿيندي! پر ٿورو ترسو! هاڻي پرهه ڦٽيءَ ۾ تيزي ايندي پئي وڃي. پيش منظر تان تهن پٺيان لهندو پيو وڃي. پري ميدان تي اهي ترورا ڇا جا آهن؟ اهي ته هاڻي وڌيڪ واضح ٿيندا پيا وڃن. انهن ترورن جي هيٺان اهي گهاٽا نشان ڇا جا آهن؟ معنيٰ ته هو اتي ويٺا آهن! اهي تمام وڏا ڪارا چُٽا هزارين ماڻهو آهن؛ اهي ترورا انهن جي هٿيار جي چمڪڻ جا آهن. هاڻي ڏينهن جي روشني ٿي وئي آهي. آءُ پنهنجي گهوڙي تان لهي پوان ٿو ۽ پنهنجي فيلڊ سروس بڪ ۾ لکان ٿو: ”درويش فوج اڃان جبل سرغام جي ڏکڻ اولهه ۾ ڏيڍ ميل جي فاصلي تي پوزيشن ۾ آهي.“ آءُ اهو پيغام مون کي مليل حڪم مطابق ڪارپورل جي هٿان سڌو ڪمانڊر انچيف ڏانهن موڪليائين ٿو ۽ انهيءَ تي XXX جو نشان هڻان ٿو. ڊرل بڪ مطابق انهيءَ جو مطلب آهي تمام تيزي سان.

اسان جي پٺيان شاندار نموني سج اڀري رهيو آهي. پر اسين ٻئي ڪنهن نظاري ۾ محو آهيون. هاڻي روشني ايتري ٿي وئي آهي جو دوربين ڪم آڻي سگهجي ٿي. اهي وڏا نشان هاڻي مختلف انداز ۾ نظر اچي رهيا آهن. اهي اڳي ئي پٽ کان وڌيڪ روشن ٿي ويا آهن ۽ هاڻي هلڪي ڀوري رنگ جا پيا لڳن. هاڻي اهو هڪ قسم جو سفيد رنگ اختيار ڪري ويا آهن جڏهن ته پٽ هلڪو بادامي پيو ڏسڻ ۾ اچي. اسان جي سامهون چئن يا پنجن ميلن تائين فوجي صف بندي نظر اچي رهي آهي. انهيءَ سان افق ڀريل پيو نظر اچي. اهو وقت گهڙيءَ گهڙي ماڻڻ جو آهي. اسين وري گهوڙن تي سوار ٿيون ٿا ۽ اوچتو نوان تاثر ذهن ۽ اکين جي پردن سان ٽڪرائجن ٿا. ماڻهن جا اهي ميڙ ساڪن نه آهن. اهي اڳتي وڌندا پيا اچن ۽ انهن جي پيشقدمي جي رفتار تيز آهي. هڪ وير آهي جيڪا چڙهندي پئي اچي. پر اسين اهو آواز ڇا جو پيا ٻڌون؟ هڪ خاموش گجگوڙ لهرن جي صورت ۾ اسان ڏانهن وڌندي پئي اچي؟ اهي خدا، سندس پيغمبر ۽ پاڪ خليفي جي واکاڻ ۾ نعرا پيا هڻن. اهي سمجهن ٿا ته اهي اچي سوڀ حاصل ڪري وٺندا. انهيءَ ڳالهه جي به جلد ئي خبر پئجي ويندي. انهيءَ هوندي به مون کي اها ڳالهه تسليم ڪرڻ گهرجي ته اسان کي ٽڪرين جون چاڙهيون لهڻ کان اڳ ٿوري دير پنهنجا گهوڙا جهلي چوٽيءَ تي بيهي رهڻ گهرجي.

پر هاڻي چٽي صبح ٿي وئي آهي ۽ ليٽيل سج منظر ۾ شاندار رنگ جو اضافو ڪري رهيو آهي. ميڙ هاڻي ماڻهن جي انبوهن جي شڪل ۾ واضح ٿي بيٺا آهن. اهي باترتيب صفن ۾ چمڪندڙ هٿيار کنيو بيٺا آهن ۽ انهن جي مٿان بي انداز رنگا رنگ جهنڊا ڦڙڪي رهيا آهن. صليبي مجاهدن جيڪو ڪجهه ڏٺو هو اهو اسين به پنهنجين اکين سان ڏسي رهيا آهيون. اسان کي ته اڃان اهڙيون گهڻيون شيون ڏسڻيون آهن. آءُ اڳتي انهن ڀٽن جي ڪجهه ويجهو وڃان ٿو جتي ڪالهه ايڪيهين لانسرز وارا بيٺا هئا. هتان اسين ماڻهن جي وڏن ميڙن کان مشڪل سان 400 وال پري آهيون. اسين وري بيهون ٿا ۽ آءُ چئن سپاهين کي انهن تي فائر ڪرڻ تي بيهاريان ٿو جڏهن ته ٻيا ٻه انهن جا گهوڙا جهلي بيهن ٿا. دشمن سمنڊ وانگر اڳتي وڌي اچي ٿو. اسان جي سامهون ۽ کاٻي طرف بندوقن جي ٺڪا ٺڪ شروع ٿي وڃي ٿي. ڀٽن ۾ ڌوڙ جا ڦوهارا پيدا ٿيڻ لڳن ٿا. هتي عيسائين جي بيهڻ جي جاءِ نه آهي. اسين ڀڄي وڃون ٿا ۽ خوش قسمتي سان ڪو به ماڻهو يا گهوڙو زخمي نه ٿيو آهي. اسين وري ٽڪرين جي قطار تي چڙهي وڃون ٿا ۽ لڳ ڀڳ انهيءَ ئي وقت ڪارپورل سهڪندڙ گهوڙي تي موٽي اچي ٿو. هو سڌو ڪچنر وٽان آيو آهي ۽ چيف آف اسٽاف جي صحيح پيل آرڊر آندو اٿائين. ’جيترو وڌيڪ ٿي سگهي اتي ئي رهو ۽ حملي آور لشڪر جي چر پر بابت رپورٽ موڪليو‘ واهه جي ڳالهه ٿي. لانگ هيٺان گهوڙو، سج اڀرڻ جو وقت، پيشقدمي ڪندڙ فوج جي گوليءَ جي زد ۾، هر شي پنهنجي اکين سان ويٺو ڏسجي ۽ هيڊڪوارٽر سان سڌي لکپڙهه. اهڙو موقعو وري ڪڏهن ملندو! اسين تقريباً اڌ ڪلاڪ ٽڪرين تي رهياسين ۽ مون هڪ اهڙو منظر بلڪل ويجهي کان ڏٺو جيڪو بلڪل ٿورن ماڻهن کي ڏسڻ نصيب ٿيو هوندو. انهن مان هڪ کان سواءِ باقي ٻيا سڀ جٿا ٿوري دير لاءِ اسان جي ساڄي طرف جبل سرغام جي چوٽي پٺيان اسان جي نظرن کان غائب  ٿي ويا. اها پڪ سان ڇهه هزار ماڻهن جي هڪ ڊويزن ٽڪرين جي ڪنڌيءَ کان سڌي پئي آئي. انهن اڳي ئي انهيءَ جي مهڙ وارين چاڙهين تي چڙهڻ شروع ڪيو هو. هوڏانهن اسان جي فوج درياء وٽ گڏ ٿي ۽ صف بندي ڪيون بيٺي هئي ۽ توپ بردار ٻيڙيون وهڪري ۾ انتظار ۾ بيٺيون هيون. توپون فائر لاءِ تيار هيون. انهيءَ دوران ٻئي طرف وري هي وڏو مستطيل شڪل ۾ رنگ برنگي لشڪر چڱي سٺي ترتيب ۾ ڏاڍي تيزي سان چوٽي تي چڙهي آيو هو. اسين پنهنجين بيٽرين کان تقريباً 2500 وال پري انهن جي وڌندڙ نشاني کان 200 والن کان ٿورو پري هئاسين. آءُ انهن درويشن کي ’سفيد جهنڊا‘ ڪوٺيندو هوس. انهن جي سفيد ۽ هيڊي رنگ جي سڌو مٿي جهليل جهنڊن جي قطار جي سبب انهن کي ڏسي مون کي بييوڪس[7] (Bayeux) جي ديوارگير ڪپڙي تي ٺهيل فوجون ياد اچي وينديون هيون. هاڻي درويشن جو ميدان ۾ گهڻو ٻاهر نڪتل مرڪز به فائر جي زد ۾ اچي ويو هو ۽ هڪ ٻئي پٺيان برطانوي ۽ مصري بيٽرين انهن تي فائر ڪري ڏنو. منهنجون اکيون هڪ ويجهي منظر تي ڄمي بيهي رهيون. سفيد جهنڊا ٽڪري جي چوٽي تي بيهي پنهنجي صفن کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ لڳا ۽ چوٽي سان لڳو لڳ ويڪري ۽ مضبوط صف بندي ڪري بيهاريائون. پوءِ ته انهن تي لاڳيتي گولي باري شروع ٿي وئي. ٻن يا ٽن بيٽرين ۽ ٻيڙين تي بيٺل گهٽ ۾ گهٽ ٽيهن توپن شديد فائر شروع ڪري ڏنو. انهن جا گولا اسان ڏانهن سوساٽ ڪندا ٿي آيا ۽ وڏي تعداد ۾ سفيد جهنڊن جي مٿن تي ۽ انهن جي وچ ۾ وڃي ٿي ڪريا. اسين ساهه مٺ ۾ ڪيون گهوڙن تي بيٺا هئاسين ۽ انهن جي ايترا ته ويجها هئاسين جو لڳ ڀڳ انهن جهڙا ئي خطرا اسان کي به درپيش هئا. مون موت کي پوري رفتار سان انسانن جي ڀت سان ٽڪرائيندي ڏٺو. انهن جا جهنڊا ڊزنن جي حساب سان ۽ ماڻهو سون جي انگ ۾ هيٺ ڪري پيا. انهن جي صفن ۾ وڏا وڏا خال ۽ بي ترتيب ڍير پيدا ٿي پيا. اهي گولا ڦاٽڻ کان پوءِ ٽپ ڏيندي ۽ ٿاٻڙجي ڪرندي نظر اچي رهيا هئا پر ڪنهن به پٺي نه ٿي ڏني. اهي صفن پٺيان صفون ٿيندا اسان جي لوڙهي ڏانهن ڪاهيندا ۽ رائيفل سان شديد فائر ڪندا پئي آيا ۽ فائر سبب دونهين ۾ ويڙهجي ٿي ويا.

هيستائين ڪنهن به اسان ڏانهن ڌيان نه ڏنو هو. پر هاڻي مون ڏٺو ته بغارا گهوڙيسوار ٻن ٻن ٽن ٽن جي ٽولين ۾ اسان جي کاٻي طرف ميدان مان ٽڪرين طرف وڃي رهيا هئا. انهن مان ٽن ماڻهن جي هڪ پارٽي پسٽل جي فائر جي زد ۾ اچي وئي. اهي رنگ جا ڪارا هئا ۽ جبا پهريل هئن. جئين گهوڙن تي راهب نظر ايندا آهن. بدشڪل، بڇڙا وحشي جن کي هٿن ۾ ڊگها نيزا هئا. مون گهوڙي تي ويٺي انهن تي ٻه ٽي فائر ڪيا ته اهي ڀڄي ويا. مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته اسان حملي دوران انهن ٽڪرين تي ڇو نه بيٺا رهياسين. مون سوچيو ته اسين نيل ڏانهن نڪري وڃي سگهون ٿا جتان خطري کان پري رهي ٻنهي ڌرين کي ڏسي سگهون ٿا. پر هاڻي ميجر فن وٽان واضح حڪم اچي ويو ته ”فوراً لوڙهي ۾ اچي وڃو جو انفنٽري فائر شروع ڪرڻ واري آهي.“ حقيقت ۾ اسين ٽڪرين تي وڌيڪ محفوظ هجون ها. جو اسان جي پاران انفنٽري وٽ پهچندي ئي رائيفل جي گولين جو مينهن وسڻ شروع ٿي ويو.

*      *      *      *      *

ذاتي تاثرات جي هن رڪارڊ ۾ اومدرمان جي لڙائي جو سربستو احوال ڏيڻ منهنجو مقصد نه آهي. اها ڳالهه ايتري ته بار بار ۽ فوجي لحاظ کان ايتري ته تفصيلي بيان ٿي چڪي آهي جو انهيءَ موضوع ۾ دلچسپي رکندڙ هر شخص اتي ٿيندڙ واقعن کان چڱي ريت واقف آهي. آءُ فقط لڙائي جو ايتريقدر احوال ڏيندس جيترو منهنجن تجربن جي بيان لاءِ ضروري هوندو.

خليفي جي تقريباً سٺ هزار سپاهين تي مشتمل سموري فوج پنهنجي گذريل رات واري ڪيمپ جي جاءِ کان جنگي ترتيب ۾ پيشقدمي ڪندي ٻنهي فوجن کي هڪٻئي جي نظرن کان اوجهل ڪندڙ دڙي تي چڙهي وئي ۽ اتان آهستي آهستي جنگ جي ميدان ۾ لهي آئي جتي ڪچنر جا ويهه هزار سپاهي ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي نيل کي پنهنجي پٺ تي رکي انهن سان مقابلي لاءِ تيار بيٺا هئا. تڏهن قديم ۽ جديد هڪ ٻئي جي سامهون اچي ويا. وچئين دور (Middle Ages) جي شدت پسندي، جنگي طريقا ۽ جنگي هٿيار اوڻيهين صديءَ جي ايجادن ۽ تنظيم سان شديد ٽڪراء ۾ اچي ويا. انهيءَ جو نتيجو ڪو حيرت ۾ وجهندڙ نه هو. قديم مسلمان مجاهدن جا جانشين درياء ۽ سندن دشمنن ڏانهن ويندڙ ڊگهين هموار لاهين تان لهندي ئي اڍائي ڊويزن ترتيب يافته انفنٽري جي رائيفل جي فائر جي منهن ۾ اچي ويا. اهي هڪٻئي جي پٺيان ٻن قطارن ۾ بيٺل هئا. انهن جي مدد لاءِ درياء جي ڪناري تي ۽ درياء ۾ بيٺل ٻيڙين مان ستر توپون به ڏاڍي ڪارگر ۽ لاڳيتي گولاباري ڪري رهيون هيون. انهيءَ فائر جي زد ۾ اچي سموري حملي جو زور ٽٽي ويو ۽ انهيءَ جي پيشقدمي رڪجي وئي ۽ شايد ڇهه يا ست هزار ماڻهن جو نقصان ٿي ويو. پر درويش فوج وٽ قديم ترين کان جديد ترين هر قسم جون تقريباً ويهه هزار رائيفلون موجود هيون ۽ جڏهن نيزي بردار اڳتي وڌي نه سگهيا ته رائيفلن سان مسلح اهي ماڻهو زمين تي ڪري پيا ۽ حفاظتي لوڙهي تي بغير نشاني جي ڇتي ۽ بي ترتيب فائرنگ شروع ڪري ڏنائون. هاڻي انهن پهريون دفعو پنهنجن مخالفن کي نقصان پهچائڻ شروع ڪيو ۽ جيڪو مختصر وقت اها ڪاروائي جاري رهي انهيءَ دوران برطانوي ۽ مصري سپاهين ۾ فوتين ۽ زخمين جو انگ تقريباً ٻن سون کي پهچي ويو.

ڪچنر جڏهن ڏٺو ته حملي آور وڏي خون خرابي کان پوءِ پٺتي ڌڪجي ويا آهن ۽ هو درويش فوج جي ڀيٽ ۾ اومدرمان شهر جي وڌيڪ ويجهو پهچي ويو آهي ته هن فوراً پنجن برگيڊن کي پنهنجي معمول واري ترتيب ۾ آڻي پنهنجي فوج جي کاٻي حصي کي درياء جي ڀر تي رکندي شهر ڏانهن مارچ شروع ڪيو. سندس ارادو هو ته ائين ڪري هو درويش فوج جي رهيل کهيل حصن کي پنهنجي گاديءَ جي هنڌ، مرڪز، کاڌي پيتي ۽ سندن گهرن کان ڪٽي انهن کي هر طرف کان وات کولي بيٺل ريگستان ڏانهن هڪلي ڇڏيندو. پر درويش ڪنهن به لحاظ کان شڪست نه کاڌي هئي. انهن جو سمورو کاٻو حصو جيئن ته پنهنجي هدف کان اڳتي وڌي ويو هو تنهنڪري اڃان ڪنهن فائر هيٺ آيو ئي نه هو. خليفي جي تقريباً پندرهن هزارن تي ٻڌل رزرو (Reserve) فوج به اڃان محفوظ هئي. ماڻهن جي انهن سڀني انبوهن هاڻي اڻموٽ همٿ ۽ بهادريءَ سان برطانوي ۽ مصري فوجين تي حملو ڪرڻ لاءِ پيشقدمي شروع ڪري ڏني. برطانوي ۽ مصري فوجون هاڻي تيار حالت ۾ نه هيون پر آزادي سان ريگستان مان مارچ ڪنديون ٿي ويون. اهو ٻيون ٽڪر پهرئين کان گهڻو وڌيڪ شديد هو. حملي آور درويش هر جاءِ تي مخالف سپاهين جي سو کان ٻه سو والن تائين ويجهو اچڻ جي ڪامياب ٿي ويا ۽ فوج جي آخري حصي واري سوڊاني برگيڊ تي ٻنهي طرفن کان ايترا ته شديد حملا ٿيا جو اها پنهنجي ڪمانڊر جنرل هيڪٽر ميڪڊونالڊ جي مهارت ۽ ثابت قدمي جي سبب ئي تباهي کان بچي وئي. بهرحال نظم و ضبط ۽ مشينري انتهائي بي جگري تي سوڀ ماڻي ورتي ۽ تمام وڏي خون خرابي ۽ ويهن هزارن کان وڌيڪ ماڻهو مارجي وڃڻ  کان پوءِ درويشن جو سمورو لشڪر ٽڪرن ۽ ذرن ۾ ورهائجي ريگستان جي رڃ ۾ وهي ويو.

حفاظتي لوڙهي تي حملو ٿيڻ وقت مصري ڪيولري ۽ ڪيمل ڪور جي ساڄي پاسي جو دفاع ڪري رهيون هيون ۽ سموري فوج ۽ کاٻي طرف کان فقط ايڪويهين لانسرز وارا ئي واحد گهوڙيسوار جٿو هئا جيڪي اومدرمان جي سڀ کان ويجهو هئا. پهرئين حملي کي منهن ڏيڻ کان فوراً پوءِ اسان کي حڪم مليو ته لوڙهي مان نڪري اها پڪ ڪريون ته ڪچنر ۽ شهر جي وچ ۾ دشمن جي ڪا فوج ته نه بيٺي آهي. جيڪڏهن آهي ته ان کي پوئتي ڌڪي اڳتي وڌندڙ فوج لاءِ رستو صاف ڪريون. حقيقت اها آهي ته رجمينٽل آفيسر کي لڙائي جي سموري ميدان تي ٿيندڙ واقعن بابت ڪا گهڻي خبر نه هوندي آهي. اسين پهرئين حملي دوران درياء جي ڪپر تي پنهنجن  گهوڙن جي ڀرسان مٿن کان سوساٽ ڪندڙ گولين کان نيل جي اڀڪپري ڪناري کي آڏ ڪيون بيٺا رهياسين. جيئن ئي فائر جو زور ختم ٿيڻ لڳو ۽ هر طرف کان اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي ته حملي آورن کي ڪاميابي سان پٺتي ڌڪيو ويو آهي ته هڪ جنرل پنهنجي اسٽاف سان گهوڙو ڊوڙائيندو اچي پهتو ۽ فوري حڪم ڏنائين ته گهوڙن تي چڙهي پيشقدمي شروع ڪئي وڃي. ٻن منٽن جي اندر فوج جا چار اسڪواڊرن گهوڙن تي چڙهي لوڙهي مان نڪري ڏکڻ طرف وڃي رهيا هئا. اسين وري جبل سرغام جي چاڙهين تي چڙهي وياسين جنهن ڪاروائي جي شروعاتي مرحلن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ جلد ئي انهيءَ جي ٽڪرين تان اومدرمان جو سمورو ميدان اسان جي نظرن جي سامهون اچي ويو ۽ ڇهه يا ست ميل پري شهر جون ڪچيون جايون ۽ منارا ۽ گنبذ اسان کي نظر اچڻ لڳا. ڪيترائي دفعا اڳتي وڌي وري بيهڻ ۽ آسپاس جو جائزو وٺي وري اڳتي وڌڻ کان پوءِ اسان فوجي دستن جي هڪ اڳتي وڌندڙ ڪالم جي شڪل اختيار ڪري ورتي. هڪ اسڪواڊرن ۾ چار دستا ۽ هڪ رجمينٽ ۾ چار اسڪواڊرن هوندا آهن. هاڻي اهي سڀئي دستا هڪٻئي جي پٺيان پئي هليا. آءُ پٺيان کان ٻئي دستي جي ڪمان ڪري رهيو هوس جنهن ۾ ويهن کان پنجويهن جي وچ ۾ لانسرز (Lancers) هئا.

سڀ ماڻهو اها توقع ڪيون ويٺا هئا ته اسين هاڻي ڪاهه ڪنداسين. قاهره مان نڪرڻ کان ئي سڀني جي ذهنن ۾ اهو خيال هو. هائو ڪاهه ٿيڻ ته يقيني ڳالهه هئي. انهن ڏينهن ۾ بوئر جنگ کان اڳ برطانوي ڪيولري کي ٻي ڪنهن ڳالهه جي مشڪل سان ڪا سکيا ملي هئي. هتي ڪاهه ڪرڻ جو سنئون سڌو موقعو موجود هو. پر اها ڪاهه دشمن جي ڪهڙي لشڪر تي، ڪهڙي ميدان تي ۽ ڪهڙي طرف کان ٿيندي يا انهيءَ جو مقصد ڪهڙو هوندو انهن ڳالهين بابت عام سپاهي کي ڪا به خبر نه هئي. اسين سخت واريءَ تي اڳتي وڌندا رهياسين. اسان جون نظرون رُڃ جي سبب بگڙيل منظر پيش ڪندڙ ميدان تي کُتل هيون ۽ دلين ۾ تمام گهڻو پر دٻيل جوش خروش موجود هو. مون کي اوچتو اسان جي پاسي تي ٽي سو وال پري، اسان جي قطار جي پور وڇوٽ تي نيرين ۽ ڪارين شين جي هڪ ڊگهي قطار نظر آئي جيڪي هڪ ٻئي کان ٻه يا ٽي وال پري هيون. مون سوچيو ته اهي ڏيڍ سو کن هونديون. پوءِ مون کي پڪ ٿي وئي ته اهي زمين تي پلٿي هڻي ويٺل دشمن جا ماڻهو هئا. تقريباً ساڳئي وقت بگل ’ڊگ‘ جو ساز وڄايو ۽ ڪيولري جي سموري ڪالم انهن ڄُڪي ويٺل ماڻهن جي سامهون جهڻڪار لائي ڏني.

اسين جنگ کان اڳ واري ماٺ ميٺ ۾ هئاسون ۽ هر طرف مڪمل خاموشي لڳي پئي هئي. اوچتو هر ڪاري نيري نشان مان دونهين جو اڇو ويڙهوٽو نڪري آيو ۽ بندوقن رائيفلن جي تيز ٺڪائن عجيب ماٺ کي ٽوڙي ڇڏيو. اهڙي نشاني کان ايتري فاصلي تي گسي وڃڻ ڏاڍو مشڪل هو ۽ سموري ڪالم ۾ هِتي هُتي گهوڙن وٺي ٽپا ڏنا ۽ ڪجهه ماڻهو هيٺ ڪري پيا.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان جي ڪرنل جا شروع ۾ ارادا هي هئا ته هن هاڻي درويشن جو جيڪو لشڪر ڏٺو هو انهيءَ جي پاسي کان ڦري انهن تي ڪنهن وڌيڪ فائدي واري هنڌ تان حملو ڪري. انهن جو لشڪر سندن رائيفل بردار ماڻهن جي پٺيان ڪجهه اڀريل زمين جي پٺيان لڪيل هو ۽ اسان کي نظر نه ٿي آيو. پر جڏهن فائر شروع ٿي ويو ۽ نقصان وڌڻ شروع ٿي ويو ته هن به لازماً کليل ميدان تي پنهنجي پيشقدمي جاري رکڻ کي مصلحت جي خلاف سمجهيو هوندو. وري بگل جي ذريعي نئون حڪم ملي ويو ۽ سورنهن ئي دستا ڦيرو کائي نيرن ڪارن رائيفل بردار ماڻهن ڏانهن وڌي آيا. انهيءَ کان فوراً پوءِ رجمينٽ گهوڙن کي چوتال ڊوڙائڻ شروع ڪيو ۽ ايڪويهين لانسرز وارا پهريون دفعو جنگ ۾ پنهنجي ڪاهه تي لٿا.

منهنجو مقصد آهي ته آءُ پاڻ کي پيش آيل واقعن ۽ مون جيڪو ڪجهه ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. انهيءَ جو پورو پورو بيان ڏيان. مون لڙائي کان پوءِ هي ڳالهيون ذهن ۾ ايترو ته بار بار ورجايون آهن جو منهنجي ذهن ۾ انهن جو تاثر ايترو ئي صاف ۽ چٽو آهي جيترو اهو 25 سال اڳ هو. آءُ جنهن دستي جي ڪمان ڪري رهيو هوس اهو رجمينٽ جي ساڄي طرف کان ٻئي نمبر تي هو. آءُ هڪ سفيد سڻائي ۽ مضبوط پيرن واري عربي پولو گهوڙي تي سوار هوس. اسان پاران چوتال شروع ڪرڻ اڳ آفيسرن کي تلوارون هٿن ۾ هيون. مون پنهنجي ڪلهي جي سبب شروع کان ئي اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته مون کي جيڪڏهن ڪڏهن به آمهون سامهون وڙهڻو پئجي ويو ته آءُ تلوار نه پر پسٽل ڪم آڻيندس. مون لنڊن مان هڪ خودڪار مائوزر (Mausar) پسٽل خريد ڪيو هو. اهو تڏهن سڀ کان نئون ۽ سڀ کان جديد ڊزائين ۾ هو. مون انهيءَ هٿيار سان وڙهڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو. هاڻي مون کي سڀ کان اڳ پنهنجي تلوار کي مياڻ ۾ وجهڻو هو. گهوڙي کي چوتال ڊوڙائيندي اهو ڪم ڪو ايترو سولو نه هوندو آهي. پوءِ مون کي پنهنجو پسٽل ڪاٺ جي هولسٽر مان ڪڍي انهيءَ جو گهوڙو چاڙهڻو هو. انهيءَ ٻٽي ڪاروائي چڱو وقت ورتو ۽ انهيءَ جي پوري ٿيڻ تائين لڙائي جي مڪمل منظر تي منهنجي نظر نه وئي. باقي مون پنهنجي کاٻي طرف هڪ ٻه دفعا نگاهه وجهي ورتي ته جيئن ڏسان ته فائر جي نتيجي ۾ ڇا ٿي رهيو هو.

پوءِ مون پنهنجي بلڪل سامهون ۽ پولو جي گرائونڊ جي اڌ ڊيگهه جيترو پري ڄُڪيل نيرن ماڻهن جي قطار کي ڇتن وانگر فائر ڪندي ۽ اڇي دونهين ۾ ويڙهيل ڏٺو. منهنجي ساڄي ۽ کاٻي بيٺل دستن جا ليڊر سٺي سڌ ٺاهيون بيٺا هئا. بلڪل پٺيان نيزن جي هڪ نچندڙ ڊگهي قطار حملي لاءِ تيار بيٺي هئي. اسين خاصي تيز پر يڪسان رفتار سان وڃي رهيا هئاسين. ساڄي کاٻي طرف ۽ پنهنجي دستي تي اها نگاهه وجهڻ کان پوءِ مون وري دشمن ڏانهن ڏٺو. منظر اوچتو بلڪل بدليل نظر آيو. نيرا ڪارا ماڻهو اڃان فائر ڪري رهيا هئا پر هاڻي انهن جي پٺيان ڪجهه ويهجي ويل روڊ جهڙي هيٺاهين نظر اچي رهي هئي. اها ماڻهن سان سٿي ۽ ڀري پئي هئي جيڪي انهيءَ لڪ جي جاءِ مان هاڻي اڀا ٿي بيهي رهيا هئا ڄڻ ته ڪنهن جادوئي لٺ جي ذريعي سفيد جهنڊا به ظاهر ٿي ويا ۽ دشمن جي ميڙ منجهان ۽ ان جي آسپاس گهوڙن تي سوار امير به مون کي ايندي ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا. درويشن جون لڳو ٿي ته هڪٻئي پٺيان ڏهه يا جتي اهي تمام گهڻا هئا اتي ٻارنهن قطارون هيون. سڪل واٽر ڪورس ۾ بيٺل ماڻهن جو اهو وڏو اڇو ميڙ سج تي چمڪندڙ تلوارن جي سبب تجلا ڏئي رهيو هو. مون ساڳئي اک ڇنڀ ۾ اهو به ڏسي ورتو ته اسان جو ساڄو حصو انهن جي کاٻي حصي جي مٿان پئجي رهيو هو ۽ منهنجو دستو انهن جي صفن جي بلڪل ڪنارن تي حملو ڪندو. منهنجي ساڄي پاسي تي ستين حصارز وارو منهنجو سبالٽرن دوست ورمالڊ (Wormald) به ساڳئي صورتحال ڏسي سگهيو ٿي، تنهنڪري اسان ٻنهي پنهنجي اسپيڊ وڌائي ڇڏي ۽ سنهي چنڊ جي چوٽين وانگر اندر پلٽو کاڌوسين. تڏهن مون پاران بيان ڪيل انهن ضروري ڪمن ڪرڻ کان سواءِ ڊڄڻ يا ٻيو ڪجهه سوچڻ جيترو وقت ئي نه هو. اهي ئي ڪم ذهن ۽ حواسن تي مڪمل طور حاوي لڳا پيا هئا.

هاڻي ٻنهي فوجن جي ٽڪراءَ جو وقت بلڪل ويجهو اچي ويو هو. مون کي پنهنجي بلڪل سامهون ڏهن والن کان به گهٽ فاصلي تي منهنجي رستي ۾ ٻه نيرا ماڻهو ويٺل نظر آيا. انهن جي وچ ۾ شايد ٻن والن جيتري وٿي هئي. آءُ انهن ٻنهي جي وچان گهوڙو ڊوڙائي ويس. انهن ٻنهي فائر ڪيو. آءُ دونهين مان اڳتي ڌوڪيندو ويس. اها خبر هئم ته مون کي ڪو به زخم نه رسيو آهي. منهنجي بلڪل پٺيان وارو گهوڙيسوار بلڪل انهيءَ هنڌ ۽ انهيءَ وقت مارجي ويو. باقي مون کي اها خبر نه آهي ته هو انهن جي گولين سان مئو يا انهيءَ جو ٻيو ڪو سبب هو. مون پنهنجي گهوڙي جون واڳون ڇڪي ورتيون جو اڳتي ڪچي زمين سندس سنبن هيٺان نڪرندي ٿي وئي. اهو سياڻو جانور چار يا پنج فوٽ هيٺ واٽر ڪورس جي وارياسي پيٽ تي ٻليءَ وانگر وڃي ڪريو ۽ مون پاڻ کي انهيءَ وارياسي پيٽ ۾ درجنين ماڻهن جي گهيري ۾ آيل ڏٺو. اهي انهيءَ مرحلي تي هڪٻئي جي ايترا ويجها نه هئا جو آءُ سمجهان ته انهن سان حقيقي معنيٰ ۾ ڪو دوبدو مقابلو ٿيندو. منهنجي کاٻي طرف هڪ ڇڏي ٻئي نمبر تي گرين فيل جو دستو بلڪل اڳتي وڌي نه سگهيو ۽ ان جو تمام شديد نقصان ٿيو جڏهن ته اسين اڳتي ڌوڪيندا اهڙي طرح پنهنجو رستو ٺاهيندا وياسين جيئن گهوڙيسوار پوليس وارا ڪنهن ميڙ کي ڇڙوڇڙ ڪندي نظر ايندا آهن. جيترو وقت اها ڳالهه ٻڌائڻ ۾ لڳي ٿو منهنجو گهوڙو انهيءَ کان به گهٽ وقت ۾ رڙهي سڙهي کڏ جي ٻئي پاسي چڙهي ويو. مون پنهنجي چوطرف نظر وڌي.

آءُ هڪ دفعو وري پڪي ۽ خشڪ ريگستان تي هوس ۽ منهنجو گهوڙو ڊگ هلي رهيو هو. مون کي ائين لڳو ڄڻ ته ڇڙوڇڙ درويش هر طرف هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيا هجن. منهنجي بلڪل سامهون هڪ ماڻهو پاڻ کي پٽ تي کڻي ڪيرايو. پڙهندڙن کي اها ڳالهه ضرور ياد هوندي ته منهنجي تربيت هڪ ڪيولري جي سپاهي طور ٿي آهي ۽ منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ويٺل هئي ته جڏهن به ڪيولري وارا انفنٽري ۾ ڪاهي پوندا ته انفنٽري وارا ڪيولري وارن جي رحم ڪرم تي هوندا. تنهنڪري منهنجي ذهن ۾ پهريون خيال اهو آيو ته اهو ماڻهو خوف ۾ ورتل آهي. پر عين انهيءَ لمحي مون کي سندس تلوار جو چمڪو نظر آيو جو هن اها منهنجي گهوڙي جون کچون ڪٽڻ لاءِ اُڀي ٿي ڪئي. مون وٽ ايترو وقت به هو ۽ جاءِ به هئي جو آءُ پنهنجي گهوڙي کي سندس پهچ کان ٻاهر ڪڍي ويس. ٻئي پاسي ڏانهن ڍُرڪندي مون ان تي تقريباً ٽن والن کان ٻه فائر ڪيا. آءُ جيئن پنهنجي هني تي سڌو ٿي ويٺس ته مون پنهنجي سامهون هڪ ٻيو ماڻهو تلوار اڀي ڪيون بيٺل ڏٺو مون پنهنجو پسٽل سڌو ڪري فائر ڪيو. اسين هڪٻئي جي ايترو ته ويجهو هئاسين جو خود پسٽل هن کي لڳو. ماڻهو ۽ تلوار هيٺ ۽ منهنجي پٺيان غائب ٿي ويا. منهنجي کاٻي طرف ڏهه وال پري هڪ عرب گهوڙيسوار هڪ تيز رنگ صدري، لوهي ٽوپلو ۽ زره بڪتر پهريو بيٺو هو. مون انهيءَ تي فائر ڪيو. هو هڪ پاسي ٿي ويو. مون پنهنجي گهوڙي کي آهستي هلائي ڇڏيو ۽ وري چوطرف نظر وڌي.

هڪ لحاظ کان ڪيولري جي ڪاهه زندگيءَ جي ڪنهن بلڪل عام راوجي ڳالهه وانگر هوندي آهي. توهان جيستائين بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهيو، پنهنجي هني تي ڄميا ويٺا آهيو، گهوڙي جون واڳون توهان جي هٿن ۾ آهن ۽ توهان چڱي طرح هٿياربند آهيو ته ڪيترائي دشمن توهان کان پاسو ڪندا. پر جيئن ئي توهان کان رڪاب ڇڏائجي وئي، رين ڪٽجي وئي، هٿيار هيٺ ڪري پيو، يا توهان پاڻ يا توهان جو گهوڙو زخمي ٿي پيو ته انهيءَ وقت هر طرف کان دشمن توهان ڏانهن ڌوڪيندا ايندا. منهنجي بلڪل کاٻي طرف وارن دستن ۾ منهنجن ڪيترن ئي دوستن جو اهو حشر ٿيو. انهن کي دشمن جي ميڙ ۾ چُرڻ پُرڻ جي جاءِ ئي نه ملي ۽ اهي هڪ جاءِ تي بيهجي ويا. هر طرف کان وٺ وٺان ٿي وين، نيزن ۽ تلوارن سان وارو وار ٿي وين ۽ آپي کان نڪتل دشمن انهن کي گهوڙن تان ڇڪي لاهي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. پر آءُ انهيءَ وقت اها ڳالهه ڏسي يا محسوس نه ڪري سگهيو هوس. منهنجي تاثرات تي خونا خوني هلندي ٿي آئي. آءُ سمجهي رهيو هوس ته صورتحال اسان جي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ اسين دشمن کي سنبن هيٺان لتاڙيندا، انهن کي ڇڙوڇڙ ڪندا ۽ ماريندا پيا وڃون. مون پنهنجي گهوڙي جون واڳون ڇڪيون ۽ پنهنجي چوطرف ڏٺو منهنجي کاٻي طرف چاليهه يا پنجاهه ميل پري درويشن جو هڪ ميڙ بيٺو هو. اهي هڪٻئي سان گڏيا ۽ پنهنجي دفاع لاءِ مُچي ڪيون بيٺا هئا. اهي جوش ۾ چريا نظر اچي رهيا ۽ پنهنجا نيزا هيٺ مٿي ڪندي پيرن تي نچي رهيا هئا. سمورو منظر باهه جي ڄڀيءَ وانگر ڄرڪي رهيو هو. منهنجي ذهن ۾ هڪ تاثر موجود آهي پر اهو ايترو ته سرسري آهي جو انهيءَ کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي ته خاڪي ڪپڙا پهريل لانسرز هِتي هُتي انهيءَ انبوهه ۾ گڏيا سڏيا پيا آهن. منهنجي بلڪل آسپاس ٽڙيل پکڙيل ماڻهن مون کي تنگ ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي. منهنجو دوست ڪٿي هو؟ اسڪواڊرن جا ٻيا دستا ڪٿي هئا؟ مون کي پنهنجي هڪ سو والن جي اندر ڪو به سپاهي يا آفيسر نظر نه ٿي آيو. مون وري درويشن جي ميڙ تي نظر وڌي. مون کي انهيءَ جي ڪناري تان ٻه يا ٽي ڄُڪي ويٺل رائيفل بردار پنهنجين رائيفلن سان منهنجو نشانو وٺندي نظر آيا. تڏهن انهيءَ صبح جو پهريون  دفعو منهنجي ذهن ۾ آيو ته اهي رائيفل بردار مون کي ڌڪ هڻندا ۽ ٻيا مون کي بگهڙن وانگر هڙپ ڪري ڇڏيندا. آءُ ڪيترو نه بيوقوف هوس جو دشمن جي وچ ۾ ائين رُلي رهيو هوس. مون هني تي جهڪي گهوڙي کي اڙي هنئي ۽ انهيءَ جنگاڻ مان ٻاهر نڪري آيس. مون پنهنجو دستو ٻه يا ٽي وال پري ۽ ڪنهن حد تائين صفن ۾ بيٺل نظر اچي ويو.

اسڪواڊرن جا باقي ٽي دستا ويجهو ئي بيٺا نئين ترتيب ۾ اچي رهيا هئا. اوچتو دستي جي وچ ۾ هڪ درويش نڪري نروار ٿيو. مون کي خبر نه آهي ته هو اتي ڪيئن پهتو هو. هو ضرور ڪنهن وڻ ٻوٽي يا ڪنهن ٻرڙ مان ٽپي آيو هوندو. سڀئي سپاهي پنهنجا نيزا اڀا ڪري هن ڏانهن وڌيا پر هو هيڏانهن هوڏانهن گهتون هڻڻ لڳو جنهن ڪري ڪجهه دير لاءِ هلچل ۽ وٺ وٺان ٿي وئي. انهيءَ ۾ هن کي ڪيترائي زخم به آيا پر پوءِ به هو پنهنجو نيزو اڀو ڪيون ٿڙندو ٿاٻڙندو مون ڏانهن وڌيو. مون هن تي هڪ وال کان به گهٽ فاصلي تان فائر ڪيو. هو واريءَ تي ڪري پيو ۽ اتي ئي مري ويو. ماڻهو مارڻ ڪيترو نه سولو ڪم آهي. پر مون کي انهي بابت ڪا به پريشاني نه هئي. مون پنهنجي مائوزر پسٽل جي ميگزين ۾ پيل سڀئي گوليون فائر ڪري ڇڏيون هيون تنهنڪري مون ڪنهن به شي بابت سوچڻ کان اڳ ڏهن گولين جي نئين ڪلپ پسٽل ۾ وڌي.

منهنجي ذهن تي اڃان به اهو خيال حاوي هو ته اسان دشمن جو وڏو ڪوس ڪيو آهي ۽ اسان جو پنهنجو مشڪل سان ئي ڪو نقصان ٿيو آهي. منهنجي دستي مان ٽي يا چار ماڻهو گم هئا. ڇهن سپاهين ۽ نون يا ڏهن گهوڙن کي نيزن يا تلوارن جا زخم آيل هئا جن مان رت وهي رهي هئي. اسان سڀني کي اميد هئي ته اسان کي فوراً وري ڪاهه ڪرڻ جو حڪم ملندو. سپاهي جيتوڻيڪ تيار هئا پر اهي سڀئي ڪجهه ڳنڀير ڏسڻ ۾ پئي آيا. ڪيترن ئي چيو ته انهن کي پنهنجا نيزا اڇلائي تلوارون ڪڍڻ جي موڪل ڏني وڃي. مون پنهنجي سيڪنڊ سارجنٽ کان پڇيو ته ڪيئن کيس مزو آيو. جنهن تي هن جواب ڏنو ته: ”سائين آءُ ائين ته نه چوندس ته مون کي انهيءَ مان مزو آيو آهي پر منهنجو خيال آهي ته آءُ ٻئي دفعي انهيءَ ڪم سان اڃان وڌيڪ هري ويندس.“ انهيءَ تي سمورو دستو کلڻ لڳو.

پر هاڻي دشمن جي طرف کان تمام خوفناڪ ۽ ڀوائتيون تصويرون اچڻ لڳيون: ٽن ٽنگن تي گهلجندڙ رت ڳاڙيندڙ گهوڙا، ڪرندا ڊهندا سپاهي، خطرناڪ زخمن مان رت وهائيندڙ ماڻهو، مڇي ڦاسائڻ جي ڪنڊي جهڙا نيزا لڳل، ٻانهون ۽ منهن چچريل ته ڪنهن جا آنڊا پيٽ کان ٻاهر لڙڪندڙ. ماڻهن جا لُڪي ۾ ساهه هئا ۽ آهون ڪندا وٽبا سٽبا مرندا ٿي ويا. اسان جو پهريون ڪم انهن کي امداد پهچائڻ هو. انهيءَ دوران اسان جي ليڊرن جي رت به ٿڌي ٿي وئي. انهن جي ذهن ۾ پهريون دفعو اها ڳالهه آئي ته اسان وٽ ڪاربائينون به هيون. اڃان هر ڳالهه وڏي مونجهاري ۾ لڳي پئي هئي. پر بگل وڄي ويا ۽ وڏي آواز ۾ حڪم ملي ويا ۽ اسين سڀئي گهوڙن کي ڊگ هلائيندا دشمن جي پاسي ڏانهن هلي پياسين. اسين جڏهن اهڙي جاءِ تي پهتاسين جتان واٽر ڪورس تي گولين جو مينهن وسائي اتي موجود ماڻهن جو صفايو ڪري سگهجي ته اتي ٻه اسڪواڊرن گهوڙن تان لهي پيا ۽ انهن جو ٽي سو والن تان فائر لائي ڏنو ته درويش ڪجهه منٽن جي اندر پٺيان پير ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. تنهنڪري ميدان اسان جي قبضي ۾ رهيو. اسان جي ڪاهه شروع ٿيڻ جي ويهه منٽن جي اندر اسين انهيءَ ساڳئي واٽر ڪورس ۾ ويٺا نيرن ڪري رهيا هئاسين جيڪو لڳ ڀڳ ته اچي اسان جي شڪست ۽ تباهي جو سبب ٿيو هو. درويش پنهنجا زخمي ماڻهو کڻي ويا هئا ۽ زمين تي دشمن جا فقط ٽيهه يا چاليهه لاش نظر اچي رهيا هئا. انهن ۾ ويهن کان مٿي لانسرز جا لاش به پيا هئا جن کي ايترا ته ڌڪ لڳل هئا ۽ اهي ايترا ته چچريا پيا هئا جو انهن مان گهڻا سڃاڻپ کان ئي ٻاهر هئا. مجموعي طور 310 آفيسرن ۽ سپاهين مان رجمينٽ ٻن يا ٽن منٽن جي عرصي ۾ پنج آفيسر ۽ پنجهٺ سپاهي مارائي يا زخمي ڪرائي وڌا هئا ۽ رجمينٽ وٽ موجود گهوڙن جي تقريباً چوٿين حصي جيترا يعني 120 گهوڙا به مئا يا زخمي ٿيا هئا.

انهيءَ مشهور واقعي ۾ مون کي اهو ڀاڳ پلئه پيو. اهو ڏاڍو ورلي ٿيندو آهي ته ڪيولري ۽ انفنٽري جڏهن اڃان ڪنهن نقصان کان آجون هجن ۽ ڪنهن ٽڪراء جي نتيجي ۾ هڪٻئي ۾ گڏجي سڏجي وڃن يا ته انفنٽري پنهنجا مٿا کنيو بيٺي هوندي آهي ۽ ڪيولري کي ڪرائيندي ويندي آهي يا ته اهي وڳوڙ جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ ڀاڄ وقت تلوارن ۽ نيزن جي زد ۾ اچي ويندا آهن. پر اومدرمان وٽ واٽر ڪورس ۾ ايڪويهين لانسرز سان آمهون سامهون ٿيندڙ ٻه يا ٽي هزار درويش نه ئي لڙائي جي دٻاء سبب همٿ هاري ويٺا نه ئي ڪيولري کان ڊڄي ويا. انهن جو فائر اهڙو ڪارگر ته نه هو جو اهو ڪاهه کي روڪي سگهي. پر انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اهي حبشه (Abyssinia) سان جنگ ۾ ڪيترائي دفعا گهوڙيسوارن کي منهن ڏئي چڪا هئا انهن کي خبر هئي ته گهوڙن جي ڪاهه سان ڪهڙيون مشڪلاتون درپيش اينديون آهن. هيءُ اهڙي قسم جي لڙائي هئي جنهن کان اهي مڪمل طور واقف هئا ۽ لڙائي به هڪجهڙن هٿيارن سان ٿي رهي هئي ڇاڪاڻ ته برطانوي به قديم دور وانگر تلوارن ۽ نيزن سان وڙهيا هئا.

*      *      *      *

هڪ سفيد توپ بردار ٻيڙي اسان جي پهرئين پيشقدمي ڏسندي، ڪنهن قسم جي مدد ڏيڻ جي اميد ۾ تڙ تڪڙ ۾ درياء ۾ مٿي هلي آئي هئي. انهيءَ جي ڪمانڊر بيٽي (Beatty) انهيءَ جي ديدبان مان سموري واقعي جو ڏاڍي دلچسپي سان مشاهدو ڪيو هو. ڪيترا سال پوءِ منهنجي انهيءَ آفيسر سان ملاقات ٿي ۽ خبر پئي ته هن اسان کي گهوڙا چوتال ڊوڙائيندي ڏٺو هو. اسان جي جڏهن ملاقات ٿي ته آءُ فرسٽ لارڊ آف دي ايڊمرلٽي هوس ۽ هو رائيفل نيوي ۾ سڀ کان ننڍي عمر وارو ايڊمرل هو. ”اهو منظر ڪيئن ٿي لڳو؟“ مون هن کان پڇيو ”تنهنجي ذهن تي سڀ کان حاوي تاثر ڪهڙو هو؟“ ايڊمرل بيٽي چيو ته: ”اهو ڪشمڪش ۽ مائي مان ٺهيل کيرڻيءَ وانگر ٿي لڳو: ڀوري ڪشمڪش جا داڻا تمام گهڻي گيهه ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا“. انهيءَ اثرائتي پر ڪجهه قدر سادي بيان سان انهيءَ مهم بابت منهنجي روداد مناسب نموني پڄاڻي تي پهچي سگهي ٿي.


 


[1] سوڊان ۾ درياء نيل جي ڪناري تي خرطوم جي آمهون سامهون شهر محمد احمد مهدي، 1885ع ۾ انهيءَ کي پنهنجو گاديءَ جو هنڌ ٺاهيو هو. (سنڌيڪار)

[2] هتي ليکڪ Cataract جو لفظ ڪتب آندو آهي، جنهن جي عام مروج معنيٰ ته آبشار آهي پر جيئن ته متن مان به ظاهر ٿئي ٿو ته اتي دريا جي وچ ۾ پٿرن جي هڪ وڏي رڪاوٽ آهي جتان پاڻي تيزي سان وهي ٿو. انهيءَ لاءِ انگريزي ۾ تز لفظ Rapid آهي. جنهن لاءِ سنڌي توڙي اردو ۾ ڪو مناسب لفظ نه هئڻ جي صورت ۾ آبشار ئي ڪم آندو ويو آهي. (سنڌيڪار)

 

[3]  موجوده سوڊان ۾ تيل جي پيداوار ڏيندڙ هڪ علائقو. (سنڌيڪار)

[4] سندس چهري جي ايتري مشهوري جو هڪ سبب سندس تصوير وارو اهو پوسٽر ٿيو جنهن تي ”توهان جي وطن کي توهان جي ضرورت آهي“. (Your country needs you) وارا لفظ لکيل هئا ۽ اهو پوسٽر پير علي محمد راشدي جي تحرير مطابق سندس ڳوٺ بهمڻ ۾ به پهتو هو. (سنڌيڪار)

[5] فرانس ۾ مييوز درياء تي هڪ شهر ۽ هڪ لڙائي جو هنڌ. (سنڌيڪار)

[6] محمد احمد مهدي (1885-1848ع) عرف مهدي سوڊاني انگريزن خلاف 13 جنگيون وڙهيون ۽ سڀني ۾ ڪاميابي حاصل ڪيائين. جنرل گورڊن خلاف جنگ ۾ کيس شڪست ڏنائين ته گورڊن جي سسي لاهي سندس سامهون پيش ڪئي وئي. انهي جو بدلو وٺڻ لاءِ ڪچنر سندس مقبري تي گولاباري ڪرائي سندس لاش ڪڍرايو ۽ سري لاهي گورڊن جي ڀائٽي ڏانهن موڪلي. هن سوڊان ۾ مڪمل اسلامي نظام قائم ڪيو هو. (سنڌيڪار)

[7] انهيءَ نالي سان فرانس ۾ هڪ شهر آهي جنهن جي گرجا گهر ۾ اهو 69 ميٽر ڊگهو يارهين صديءَ جو ڀرت ڀريل ڪپڙو ٽنگيل هو. انهيءَ تي 1066ع ۾ ايگلينڊ تي نارمنن جي فتح جا منظر چٽيل آهن. روايت آهي ته اهو وليم فاتح جي زال مٽلڊا ٺاهيو هو. (سنڌيڪار)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org