سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٽيون)

 

صفحو :4

318- سيد جلال شيرازي ٺٽوي

        عابد زاهد  فاضل سيد جلال بن سيد علي بن سيد احمد شيرازي ٺٽوي. سيد محمد حسين شاهه مراد قطب وقت جو ڀائيٽو. جڏهن سندس  تولد ٿيو ته سيدعلي پنهنجي ڀاءُ سيد حسين وٽ هي ڳڀور کڻي حاضر ٿيو. سيد صاحب دعا  فرمائي ته هي نينگرو وڏو نامور ٿيندو ۽ اُن جي اولاد وري کائونس به وڏي نالي واري ٿيندي.

        سيد جلال شروع جواني جو زمانو ديني علوم ۾ خرچ ڪيو، تفسير ۽ حديث ۾ وڏي مهارت پيدا ڪيائين. اڳتي هلي زهد ۽ رياضت ۾ ايڏو ڪمال حاصل ڪيائين جو تارڪ دنيا ٿي، فقط ياد خدا ۾ لڳو رهيو. سندس اولاد مان سيد علي شيرازي ثاني، ايڏو نامور  ٿيو، جو سمورو ملڪ هن جي فيض ۽ ظاهري ۽ باطني سخا سان معمور ۽ ڀرپور ٿي ويو.

        سيد جلال 66 سالن جي ڄمار کي پهچي سال 903هه ۾ هن دارفاني مان رحلت فرمائي، دارجاوداني ۾ وڃي آراميو. فقره ”جعلنا للمتقين اماما“ مان سندس تاريخ جو سال حاصل ٿئي ٿو.

(معارف الانوار)

 

 

319- سيد منصور بن سيد حسين ٺٽوي

        سيد منصور بن قطب الوقت سيد حسين شاهه مراد شيرازي ٺٽوي پنهنجي والد بزرگ جي وفات کانپوءِ سندس جنازه نماز ادا ڪرائڻ کان پوءِ، جماعت جي اتفاق سان سجاده نشين ٿيو.، هو وڏو عالم عامل ۽ ولي ڪامل هو. هر هفتي جامع مسجد ٺٽي ۾ قرآن شريف جو شروع کان وٺي  ترجمو ۽ تفسير بيان ڪندي، آخر وڃي والناس تائين پهچائيندو هو ۽ ان ۾ ڪيترو به وقت خرچ ٿئي، ان کان پوءِ وري مُنڍ کان قرآن جو ترجمو جماعت کي شروع ڪرائيندو هو. گهڻو ڪري صائم الدهر ۽ چادر جي جهنڊ ۾ رهندو هو. نماز جو ايڏو پاءِ بند هو جو  ڪڏهن به جماعت کانسواءِ نماز نه ڇڏيائين. پنهنجي والد جي نقش قدم تي بيحد مضبوط رهيو. سنڌ جي عادل بادشاهه ڄام نظام الدين جڏهن سن 914هه ۾ وفات فرمائي ته سندس نماز جنازه به سيد منصور کان ادا ڪرائي وئي، جو وقت جو وڏو متقي ۽ پرهيزگار هو. 80  ورهين جي ڄمار کي رسي 15 رجب المرجب سن 968هه ۾  هن جهان مان برقعو مٽائي، هميشه واري وطن ڏانهن راهي ٿيو. پنهنجي والد بزرگوار جي مقبري جي لڳ دفن ڪيو ويو.

”عند مليڪ مقتدر“ مان سدس وفات جو سال ملي ٿو.

(معارف الانوار)

 

 

320- شيخ الڀو ٺٽوي

        سندس اصلي نالو ڄام مرگه (مرگه بمعنيٰ هرڻ) سنڌ جي عادل بادشاهه ڄام نظام الدين خان سمه جو ناٺي ۽ ڀاڻيجو، هڪ وڏو امير، سيد حسين شيرازي جي فيض يافتن مان آهي. نقل آهي ته سيد صاحب جي مسجد لڳ هندن  جو مندر هو، جنهن جي گهنڊن گهڙيالن وڄڻ سبب نمازين جي هڪ خيالي ۾ خلل پوندو هو.، سيد صاحب انهيءَ مندر کي اتان کڻائڻ جو حڪم ڪيو. جنهن تي هندن ڄام نظام الدين عرف ننده جي  دربار ۾ دانهن ڏني، اصل معاملي جي تحقيقات لاءِ ڄام صاحب  ماڻهن کي سيد صاحب ڏانهن روانو ڪيو، تن ۾ ڄام مارکه به هو. خدمت ۾ پهچڻ کان پوءِ هڪ ٻئي توجه سان تارڪ الدنيا بنجي هميشه لاءِ سيد صاحب جي خدمت ۾ رهجي ويو. چون ٿا ته هڪ دفعي پيشاب ڪندي، پنهنجي اڳيان سون جي واهي وهندي ڏٺائين، جنهن تي مٽي ۽ پٿر وجهي هن کي پورڻ لڳو. جڏهن سندس مرشد کي اها سڌ پئي، تڏهن کيس اُلڀو جو لقب ڏنائون. يعني الوڀو. لوڀ کان سواءِ بي طمع. ان کان پوءِ اڄ تائين انهيءَ لقب سان مشهور آهي.

        سندس مقولو آهي ته هڪ دفعي قبرن وارن کان پڇيم ته اوهين ڪڏهن ٿا اُٿو؟

        جواب ڏنائون جڏهن تون اسان وٽ ايندين. فقط تنهنجو انتظار ڪريون ٿا.

        هڪ دفعي حضور صلي الله عليه وسلم جو خواب ۾ ديدار ٿيس. فرمايائونس تون اسان کي پيارو آهين. عرض ڪيائين، سائين ڪهڙڻ لڇڻن  ڪري؟ فرمان ٿيس ته تو منهنجي سنت جي تابعداري ڪئي آهي، بزرگن جو ادب ڪندو آهين، اهل بيت سان محبت رکندو آهين، تهن ڪري توکي اهو درجو مليو آهي.

        هڪ دفعي سيدنا علي رضه کي  خواب ۾ عرض ڪيائين ته مون کي نصيحت ڪريو.

        فرمايائينس ته دولت مندن جي درويشن سان  مهرباني ۽ شفقت ڏاڍي سهڻي آهي، جنهن ڪري  بنا لالچ،  ثواب خاطر ڪندا رهن، پر درويشن کي اميرن کان الله ڪارڻ بيپرواهه رهڻ اُن کان به ڀلو آهي.

        هي امير درويش ابدال 63 سالن جي ڄمار کي پهچي، پنهنجي مرشد جي حياتي ۾ هن دنيا فاني مان پهرين ذي الحج سن 885هه ۾ رحلت فرمائي ويو. سندس مقبرو هن وقت ٺتي جي ٻاهرئين ناڪي جي لڳ آهي. سندس مرشد ۽ ان جو جاءِ نشين اولاد هميشه هن درويش جي مقبري تي وقت به وقت ختمو چوڻ لاءِ ايندا هوا. ڪان خالصا الله مان سندس وفات جو سال  حاصل ٿئي ٿو.

885                                           (معاف الانوار)

 

 

 

 

321- شيخ حسين صفائي ٺٽوي

 

        عارف ڪامل تارڪ دنيا، شيخ حسين ٺٽوي، سيد حسين شاهه مراد جي خادمن ۽ خليفن مان آهي. اصل ۾ هن جي والده سيد صاحب جي جاءِ تي ڪم ڪار ڪندي هئي ۽ هي ننڍڙو ماءُ جي  پوئتان هوندو هو. هڪ دفعي سندس ماتا سيد صاحب کي عرض ڪيو ته منهنجي پٽ کي پنهنجي  ڪوزي مان پاڻي ڍڪ پياريو ۽ دعا ڪريوس ته صالحن مان  ٿئي.

        پاڻ پاڻي چرون پياري دعا فرمايائونس، پوءِ ته جو ڪجهه ٿيڻ وارو هو، تنهن راهه تي هلڻ لڳو. سموري  ڄمار سيد صاحب جي نماز ۽ وضو لاءِ ڪوزو ۽ مصلو سنڀاليندو هو، جڏهن مصلو پراڻو ٿيندو هو ته اُن جون ٽوپيون ٺاهي پائيندو هو. سيد صاحب سان ايڏي معيت رهيس جو هڪ دفعي فرمايائونس ته حسين فقير  هن جهان ۽ ٻئي جهان ۾ اسان سان گڏ هوندو.

        هڪ دفعي احمد آباد جو هڪ درويش کيس پارس پٿر يا اڪسير آڻي ڏنو ته هن مان گذر سفر ڪندو رهي، مگر پوءِ  جڏهن 12 مهينن بعد ساڳيو درويش، ٺٽي موٽي آيو ته حسين فقير اهو پٿر  آڻي کيس واپس ڏنو ۽ چيو ته مون کي الله ۽ سندس رسول ڪافي آهن. هنن شين جي ڪا ضرورت ڪانه آهي. هي پنهنجي امانت واپس ورائي وٺي وڃو.

        هو ايڏو لاطمع ڪامل هو جو هڪ دفعي مرزا شاهه حسين ارغون سنڌ جو حاڪم به سندس ملاقات لاءِ لنگهي آيو ۽ فائدو پرائي واپس ويو. هن ڪامل درويش سن 1931هه ۾ پنهنجي مرشد جي وفات کان گهڻو پوءِ وفات ڪئي. ”هو خير وابقيٰ“ مان سندس سال وفات نڪري ٿو.                                    (معارف الاانوار)

 

 

322- سيد علي ثاني ٺٽوي

        حافظ حاجي عامل ڪامل، سخي متقي سيد علي بن سيد جلال بن سيد علي بن سيد احمد ٺٽوي شيرازي. سيد حسين شاهه مراد جو ڀائيٽو. پنهنجي چاچي ولي ڪامل سيد حسين جي حياتي ۾ تولد ٿيو. جڏهن سندس والد پنهنجي ڀاءُ سيد صحب کان ٻارڙي لاءِ دعا گهرائي ته سنڌي زبان ۾ فرمايائين ته ”او ڀائي ڏئيس وڏي ڄمار“ يعني ته منهجا ڀاءُ الله تعاليٰ کيس وڏي حياتي بخشيندو. ٺٽي ۾ ئي شروع علم  حاصل ڪيائين ۽ خانداني ورد وظيفا پنهنجي چاچي ۽ والد کان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ٺٽي جي مشهور مجذوب فقير آجي جو معتقد ٿي رهيو، جنهن وٽان گهڻو ڪجهه فيض حاصل ڪيائين. فقير آجي جي وفات کان پوءِ مخدوم نوح عليه الرحمت جو معتقد ۽ مريد ٿي رهيو. هن ڪيترائي دفعا حج جو سفر ڪيو ۽ حرمين شريفين ۾ عرب عجم جا ڪيترائي ماڻهو سندس مريد ۽ معتقد ٿيا. هن وٽان حج جي سفر ۾ ايتريون گهڻيون ڪرامتون ظاهر ٿينديون رهيون، جنهن جو شمار ڪري نه ٿو سگهجي.

        معارف الانوار ۾ لکي ٿو ته:

        کراماتي که از سيد علي ثاني بظهور پيوسته اند اگر بيان ان کرده شود مجموعه علاحده کرده شود.

        هو تمام بيحد صاحب سخاوت جو هو. جيڪي به وٽس ايندو هو، سو سڀ لٽائي ڇڏيندو هو. مڪلي تي هڪ عاليشان گنبذ اڏايائين، جنهن جي تاريخ فقره ”بحر ڪرم بحر ڪرم“ مان نڪري ٿي. هڪ مسجد  به بينطير پنهنجي خرچ سان اڏايائين.940

        ترخان گهراڻي جي راڄ جو زمانو هو. مرزا محمد صالح ولد مرزا عيسيٰ خان ترخان پنهنجي نياڻي سيد علي جي فرزند سيد جلال ثاني جي نڪاح ۾ ڏني هئي، جنهن ڪري شاهي خاندان سان  سندس رشتيداري وارو تعلق پڻ هو. مرزا محمد باقي جهڙو بيدرد خوني بادشاهه  سندس ڏاڍو معتقد ۽ محتاج رهندو هو. مڪلي جي پهاڙي تي شيخ ڀرڪي مجذوب جو بيديني جا ڪم شروع ڪيا هوا ۽ کيس استد راج يا ڪرامتن ڪري ايڏي طاقت پيدا ٿيل هئي جو خود مرزا محمد باقي حيران رهجي ويو. ان جي مصيبت کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ مرزا صاحب سيد علي شيرازي ڏانهن رجوع ڪيو هو، جنهن جو بيان شيخ ڀرڪي جي ذڪر ۾ آيل آهي.

        سيد صاحب مخدوم نوح کي گهرائڻ لاءِ جيڪو خط لکيو ان ۾ پنهنجي  متعلق هيٺيان الفاظ لکيا هوائين.

        هي خط آهي پاران، ”سيد علي شيرازي حافظ القرآن، حاجي حرمين شريفين، عالم عامل متقي. صاحب المروة والحيات منبع الجود و الڪرم و السخا، احسن الخلق، اهل الرشد و الارشاد و الورع و السداد اصلح الله شانه و عز برهانه.

        سيد صاحب کان پڇيو ويو ته پنهنجي واکاڻ پاڻ لکڻ ته شرعاً ناجائز آهي اوهان هي ڇا ڪري رهيا آهيو؟ فرمايائين ته عملن جو بدلو نيت تي آهي ”انما الاعمال بالنيات“ هن عبارت لکڻ مان منهنجي هي نيت آهي ته جڏهن مخدوم صاحب هي لفظ پاڻ پڙهي يا ٻڌي ۽ زبان سان اوچاري ته الله تعاليٰ ضرور اهي قبول ڪندو ۽ آءُ سچ پچ انهن لفظن جي ڪامل زبان کان نڪرڻ بعد حقدار  ٿي پوندس. مخدوم صاحب جڏهن ٺٽي جي ٻاهران ٻيڙي ۾ پهتو ته نماز ظهر جي ادا ڪرڻ لاءِ ٻيڙي کان ٻاهر نڪتو  تڏهن سندن هٿ هڪ وڻ جي جهت سان وڃي ڇهيو. پاڻ فرمايائون ته اسان جي مسجد ۾ ته وڻ ۽ جهتون ڪونه آهن هي ڇا آهي.  جواب ۾ عرض ڪيو ويو ته اوهان سيدن جي سردار ۽ برڪتن جي چشمه، ڪامل ولي سيدعلي شيرازي جو سخي – رضي عالم متقي، حاجي ۽ مشاهدي جو مالڪ آهي، ان جي دعوت تي  ٺٽي ڏانهن اچي رهيا آهيو ۽ دريا جي ڪناري جو جهنگل ۽ جهاڙيون آهن.

        جڏهن ٺٽه پهتا تڏهن سيد علي سندس  حلقه ارادت ۾ آيو ۽ ڀرڪي کي ٺٽي کان دفع ڪرايو ويو.

        (دليل الذاکرين – تحفه – معارف الانوار)

        شيخ رضائي سنڌي مثنوي (  ) سسئي پنهوءَ ۾ لکيو آهي ته علي شيرازي لس ٻيلي ڏانهن سسئي جي قبر ڏسڻ ۽ ڪشف جي رنگ ۾ سندن حالات جاچڻ لاءِ سفر ڪيو هو جتي هن کي ٻنهي زال مڙس يا عاشق معشوق سان روحاني ملاقات ٿي، رضائي شاعران ملاقات جو تفصيل به آندو آهي.

         سيد علي  عربي جو هڪ وڏو عالم هو، هن حرمين جي مريدن  لاءِ عربي زبان ۾ هڪ رساله آداب المريدين لکيو آهي، جنهن جو سال تصنيف 954 هجري آهي.

        سيد علي علم ۽ هنر ۽ سخاوت ۾ ڪمال جو مالڪ هو. هر سال ربيع الاول جي شروع ۾ 12 ڏينهن تمام گهڻا کاڌا ۽  طعام تيار ڪرائي فقيرن ۽ درويشن کي کارائيندو هو ۽ سيد المرسلين صلي الله عليه وسلم جي روح جي خوشنودي لاءِ ائين ڪندو هو. مڪلي جي مزارن تي  سماع جون مجلسون ڪرائيندو هو. سندس هي حالت  هئي جو قاضين ۽ مفتين ۽ ڪوٽوال جي منع هوندي به سماع کان نه رڪبو هو.

        مير معصوم سنڌ وارن جي سماع جي ڪيفيت هن ريت لکي اهي ته ڪجهه ماڻهو پاڻ ۾ گڏ ٿي سنڌي زبان ۾ بلند آواز سان سر ملائي ڏوهڙا چوندا آهن، جنهن کي سماع چوندا آهن. سماع هلندي  ڪن کي خاص حالت پيدا ٿي ويندي آهي، جنهن کان پوءِ گهوڙي وانگي ميدان ڪندا آهن ۽  مست ٿي پوندا آهن، پوءِ هڪ ٻئي جي چيلهه ۾ هٿ وجهي مضبوط جهلي بيهندا آهن ۽ نچندا آهن ۽ سندن واتن مان آواز بلند ٿيندو رهندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن 2 سو يا  3 سو ماڻهو به گڏجي سماع ڪندا آهن، جنهن ڪري هڪ عجيب قسم جو آواز ميل يا ٻن تي پهچندو رهندو آهي.                      (معصومي)

        سيد علي شيرازي ايترين ڪماليتن هوندي ڪڏهن ڪڏهن فارسي يا سنڌي زبان ۾ شعر به فرمائيندو هو. مير قانع سيدمحمد منعم ٺٽوي کان نقل آندو آهي. هن فرمايو ته هڪ دفعي سيد عبدالڪريم  بلڙي واري پنهنجي استاذ مخدوم نوح هالائي ڏانهن سنڌي ۾ ٻه ڏوهڙا  ڳجهارت طور روانا ڪيا هوا ته ان جي معنيٰ سمجهائي موڪلي، جڏهن اهي بيت سيد علي  جي نظر آيا تڏهن ٻنهي ڏوهڙن جي هيٺين هڪ فارسي شعر ۾ معنيٰ ادا ڪري،  ٻنهي ڌرين جي خاطر ڪيائين. اهو شعر هي آهي:

جان بجانان ده وگر نه از تو بستاند اجل

خود تو منصف باش اي دل اين فکر يا آن مگو

        پڇاڙي ڄمار ۾ هڪ دفعو وري حرمين شريفين جي زيارت جو ارادو ڪيائين، مگر سندس مريدن ۽ جماعت سخت انڪار ڪيو. انهيءَ اجتماع ۾ پاڻ هيٺيان ڏهيڙا پڙهيائين.

سرتيون سانگ سکن جو مون کي  رويو رهائين

آءُ ٿي هلان هوت هوئي واريون وهارين

ورتيون ورن سين ويٺيون گهر گهارين

تپندا ٿيون کارين، ڪانه هلي ٿي ڪيچ ڏي

        اهي ڏوهيڙا چئي پاڻ به وجد ۾ آيو ۽ انبوه تي به سماع جي حالت طاهري ٿي وئي. پوءِ ته روڄ راڙو هو. ان مجلس کان پوءِ پاڻ ستت ئي ٿورا بيمار ٿي پيا ۽ 90 ورهين جي ڄمار ۾  هن دنيا فاني مان رحلت ڪري آخرت ڏانهن آراميل سفر اختيار ڪيائون.

(معارف الانوار)

        معارف الانوار  ۾ سندس وفات جي تاريخ جو فقره ماتم حاتم

992

الجودي  لکيو آهي. مير محمد معصوم  معصومي ۾ فات الحاتم بجوده

971  

آندو آهي. جامع اوراق سيد مرحوم جي تصنيف ٿيل ڪتاب آداب المريدين جي پڇاڙي ۾ هيٺيون فقره ڏٺو فاتح الحاتم بجوده  هن مان

        979   

 معارف الانوار واري تاريخ گهڻي حد تائين غير صحيح آهي، باقي مير معصوم ۽ آداب المريدين وارن فقرن جي حساب  ۾ 7 سالن جو فرق ٿئي ٿو، جنهن مان وري به معنيٰ جي لحاظ کان مير معصوم وارو ڏنل فقره صحيح نظر اچي ٿو. مير قانع تحفته الڪرام ۾ سيد صاحب جي وفات بابت لکي ٿو ته در سال نهصد و هفتاد ويک (971) در گشته“ ان مان  پڻ معصومي جي تائيد ٿئي ٿي.

        محمد صالح ٺٽوي سيد صاحب جي  مرثيه ۾ لکي ٿو ته:

آن ولي ک شور ولايت – برهان ممالک هدايت

صاحبدل عارف محقق – بيدار دل ولي مطلق

سيد علي آن بفضل ممتاز – سر دفتر سيدان شيراز

گلدسته بوستان طه – فرخ ثمره زنخل زهري

کشاف دقائق معاني – داناءِ حقائق نهاني

مرادت جمال اسم اعظم – بيناء رموز هر دو عالم

ميدان همه بتازگي روءِ – هرگز نفگند چين برابروءِ

احوال صفا زهر دياري – حلان وفا زهر کفاري

هفتا دو يک سنين نهصد – بگذشت زهجرت محمد صلي الله عليه وسلم

کو رفت زين سراءِ فاني – بربست بملک جاوداني

آسوده بخوشترين مزاري – مانند بهشت مرغزاري – الخ

(معارف الانوار)

 

323- ميون عبدالرحيم ڪوٽ عالمو

        ميون عبدالرحيم بن دين محمد عباسي  ساڪن ڪوٽ عالمو (ڪوٽ عالمو هن وقت ضلع ڪراچي جي ميرپور بٺوري تعلقه ۾ آهي. چون ٿا ته اهو ڳوٺ هميشه دريا ٻوڙيندو رهيو آهي ۽  هاڻوڪو ڳوٺ پنجون دفعو ٻڌو آهي).

        مئين عبدالرحيم جا وڏا فقير ۽ ڪجهه علم وارا هوا، هي بزرگ ئي پهريون  فرد آهي جو انهيءَ خاندان ۾ وڏي علم ۽ ڪماليت جو مالڪ ٿيو. ميون پنهنجي دستخط لکيو پنهنجي ولادت جو سال هيٺين ريت:

        ”ولادت فقير  1238 تخمينا“ هو شروع ۾ حاجي محمد هاشم چانگائي وٽ ابتدائي ڪتاب پڙهيو،ان کان پوءِ مٽيارين ۾ مخدوم حاجي عبدالڪريم مهاجر متعلوي جي مدرسي۾ شريڪ ٿيو. انهيءَ زماني ۾ ميون عبدالرحيم سومرو (کٽي) ٺٽوي مخدوم مهاجر جي  مدرسي مان فارغ ٿي ٺٽي ڏانهن اچي رهيو هو، استاذ صاحب مئين عبدالرحيم عباسي جي ٻانهن پنهنجي هن ٻئي عبدالرحيم عالم فاضل جي حوالي ڪندي ارشاد ڪندي فرمايو ته هن شاگرد کي پوري سنڀال سان پڙهائجو. ٺٽي ۾ رهي هن بزرگ سمورا ڪتاب ختم ڪيا ۽ فتويٰ نويسي ۽ تحريرات جو ڪم به سکيو. ان کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ ڪوٽ عالمي ۾ اچي مدرسو قائم ڪيائين. ٺٽي ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ هن صاحب خواجه حاجي عبدالباقي مجددي بن خواجه صفي الله مجددي حدودي واري بزرگ سان نقشبندي طريقي ۾ بيعت پڻ ڪئي. هو  ڏاڍو صاحب تقويٰ جو ۽ گهڻو پرهيزگار  انسان هو.  ماڻهن جي وٽس تمام گهڻي رجوعات هئي پر ڪنهن کان ڪڏهن به سوال نه ڪيائين. ڪشف القبور جي ڪيفيت مٿس طاري هئي جنهن ڪري هو م ماتي وارن سان وروهون به ڪندو هو. شرعي نموني ۾ عام ماڻهن جا فيصلا وٽس ايندا  هوا. هن ٽالپرن جو زمانو پنهنجي جواني جي وقت ۾  ڏٺو ۽ ٽالپرن جو عهد حڪمت ختم ٿيندي به اکين سان ڏٺائين. سندس بياض ۾ سندس دستخط هي لفظ لکيل نظر آيا،  اختتام حکومت ٽالپر ماه محرم 1259 يعني ته ٽالپرن جي حڪومت ختم ٿيڻ وقت مئين عبدالرحيم جي ڄمار21 سالن کي پهتل هئي. سنڌي لکپڙهه جو رواج به ان وقت چالو ٿي رهيو هو. پاڻ به ڪي خط سنڌي زبان جهوني سنڌي صورت خطي ۾ لکيا اٿس  جي نظر مان گذريا آهن.

        هو صاحب مطالع جو   ڏاڍو شوقين هو، جنهن ڪري تمام وڏو ڪتب خانو جمع ڪيو  هوائين. قلمي ڪتابن جي ذخيري کان سواءِ سندس پوئين زماني تائين جيڪي ڪتاب بمبئي يا مصر  ۾ ڇپندا رهيا سي وٽس موجود ٿيندا رهيا. هن وقت تائين ڪنهن  حد تائين سندس ڪتب خانو موجود آهي. هو بيحد خوشخط ۽ صاف نويس آهي. بعض تحريرن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو حنفي مذهب هوندي به واهڻن ۾ جمع  پڙهڻ جو قائل آهي. آخر ظهر کي غير ضروري سمجهي ٿو. يعني ته واهڻن ۾ جمع کان ڪيترن حنفي عالمن جي فتويٰ آهي. ظهر جون چار  رڪعتون فرض به پڙهڻ گهرجن، مگر ميون عبدالرحيم ان جو قائل ڪونه هو، مگر ان لاءِ هي شرط وجهي، ان لاءِ قاضي اجازت ڏئي، جيئن ته هڪ تحرير جي آخر ۾ لکي ٿو ته:

        ”پس بنا براين فتوي اگر در کوهستان جمع و عيد باذن قاضي کرده شود جائز است“

        ايترين خوبين وارو بزرگ 10 شوال المڪرم 1202 ۾ هن دنيا فاني جي مطالعي کان چشم بند ڪري وڃي ملاء اعليٰ جي مطالع ۾ مشغول ٿيو.

 

 

324- حيدر ڪلوج پاٽائي

        حيدر ڪلوج هڪ  مشهور شاعر آهي، ”ديوان“ جو مالڪ آهي. هو سنڌ ۾ اچي رهيو. سندس دفن جي جاءِ پات آهي. سندس هڪ غزل جو هيٺيون مطلع آهي.

دلا مجنون صفت خود را خلاص از قيد عالم کن

ره صحراي محنت گير ورد در وادئي غم کن

(معصومي)

        مرزا  اصام صفوي طهراني لکي ٿو ته:

        حيدر ڪليجه پڻ هراتي آهي. پهرين زماني ۾ ڪليچه يعني منڍين پچائڻ جو ڪم ڪندو هو، ان کان پوءِ شاعري ڏانهن لاڙو ڪيائين. مگر هو اڻ پڙهيل هو، تنهن ڪري گهڻو ڪري پنهنجي شعر کي به پورو نه سمجهي سگهندو هو. سندس شعر ڏهن  هزارن بيتن کي وڃي پهچن ٿا. قصيدا، غزل، وغيره گهڻائي چيا اٿس. سندس غزل ٻين شعرن کان گهڻو  بهتر آهي، هو هڪ فقير تن ماڻهو ۽ درويش صفت ماڻهو هو. ڪڏهن ڪڏهن واپار جي سانگي سنڌ  ڏانهن  هليو ايندو هو. ان مان وقت گذاريندو هو. ڪنهن ۾ طمع نه رکندو هو.

(تحفهء سامي)

        ڪلوچ، ڪليچه، ڪليچ، انهن ٽنهي  لقبن سان مشهور آهي، مگر حقيقت ۾ اهو لفظ  ڪلوچ آهي، تذڪره آفتاب عالمتاب لکي ٿو ته هي جو ڪن مصنفن حيدر جي نالي سان ڪليچه جي لفظ ڳنڍجڻ  سبب سندس ڌنڌو ڪليچه ٻري (منڍين پچائڻ) جو لکيو آهي ته هو هرات ۾ پهريان اهو ڌنڌو ڪندو هو، سا هڪ بڇڙي غلطي آهي. حقيقت ۾ سندس تولد جي جاءِ ڪلوج نالي هڪ ڳو‎ٺ آهي جو  طارم جي آس پاس خراسان ۾ آهي، حيدر وڏو ٿي پوءِ اچي هرات ۾ رهيو. هو شاهه  اسماعيل ۽ شاهه طهماسب صفوي جي زماني جو شاعر آهي. هو پوري طرح لکي پڙهي ڪونه ڄاڻندو هو، پر ڏاڍو نڪته سنج ۽ موزون ڪلام چوندڙ ۽ عروض جي بحرن جو واقف هو. هرات ۾ هن مرزا شاهه حسن بيگ حاڪم سنڌ جي فياضي جي مشهوري ٻڌي، تمام گهڻو شوق سان سندس درٻار ۾ اچي  حاضر ٿيو ۽ مرزا جي احسان واري خونچه کان گهڻائي ذرڙا چونڊيائي، مگر جنهن صورت ۾ هو اڻ پڙهيل  شاعر ۽ اميرن يا بادشاهن جي آداب صحبت کان غير واقف هو. هوڏانهن مرزا شاهه حسن جي مجلس ڏاڍي ادب ۽ ڪمال تهذيب سان سينگاريل هئي! ان ۾ حيدر ڪلوچ پورو پئجي نه سگهيو ۽ مرزا جي نظر مان ڪري پيو. آخرڪار سيوهڻ  جي حدن ۾ ويهن ڪوهن تي هڪ ڳوٺ (پاٽ) ۾ اچي رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. هڪ دفعي ڪن خوش طبع ماڻهن کائونس  پڇيو ته جو ڪجهه چوين ٿو سو سمجهندو به آهين، جواب ۾ هي شعر پڙهيائين:

چنان طوطي صفت حيران آن آئينهء رويم

که ميگويم سخن اما نمي دانم چه ميگويم

(يديضا و تذکره روزروشن)

        مير معصوم سندس غزل جو جيڪو مطلع پيش ڪيو آهي،  تحفه سامي ۾  هيٺين ريت مڪمل آيل آهي.

دل مجنون صفت خود را  خلاص از قيد عالم کن

ره صحراي محنت گير ره در وادئي غم کن

بهر کس دوستي کردم شد آخر دشمن جانم

بخود گرنيستي دشمنبمردم دوستي کم کن

بدرد داغ تنهائي وفا از کس مجو ايدل

نه اظهار جرا حتهائي خود ني ياد مرهم کن

منال از سستي عهد بتان سنگدل حيدر

اساس عقل برهم زن بنائي عشق محکم کن

        يدبيضا ۽ آفتاب عالمتاب ۾ حيدر جي اقامت ۽ موت سيوهڻ کان ويهه ڪوهه پري هڪ ڳوٺ ۾ لکيو اٿن، مگر ڳوٺ جو نالو ڏيکاريل نه آهي.

        معصومي  ۾ لکي ٿو ته در موضع پاتره (پاٽ) بمسافت بيست گروهي سرکار سيوستان فوت کرده همانجا آسوده“ تحفت الڪرام ۽ مقالات الشعراء ۾ به حيدر ڪلوج جو رهڻ ۽ وفات پاٽ ۾ آيل آهي.

        وفات جي تاريخ جو يقين اگرچه معلوم نه ٿي سگهيو آهي، مگر مرزا شاهه حسن ارغون جي معاصرت مان ظاهر آهي ته هو ڏهين صدي جي شاعرن مان آهي.

 

 

325- سيد ضياءَ الدين ٺٽوي

        سيد ضياء الدين تخلص ضياء ولد سيد مير عزت الله شکر اللهي. هي بزرگ ٺٽي جي مشهور ۽ فاضل سيد مير علي شير قانع جو سڳو ۽ ننڍي ۾ ننڍو ڀاءُ هو. تحفته الڪرام ‎ ۾ مير قانع پنهنجن ڀائرن جي بيان ۾ پاڻ کي 4  نمبر ۽ ضياء الدين کي 6 نمبر شمار ڪيو اهي، ڀائنجي ائين ٿو ته مير قانع جي هن دنيا فاني جي حياتي کان قناعت گزين ٿيڻ کان پوءِ هن صاحب شعر شاعري ڏانهن توجه ڪيو آهي،جنهن ڪري ئي حضرت قانع ڪٿي به سندس شاعري جي حيثيت جو تذڪرو ڪونه آندو آهي.

        سيد ضياء الدين فارسي ۽ اردو جو وڏو شاعر ٿي گذريو اهي. سندس هڪ فارسي غزليات جو مڪمل ديوان مگر غير مرتب موجود آهي، اهڙي طرح هندي يا انهيءَ زماني جي اردو زبان ۾ هن غزليات جو هڪ ديوان به مرتب ڪيو. ”هير رانجها“ جي عشقيه قصي کي مثنوي جي صورت ۾ تيار ڪيو. ”فتح نامه ٽالپران“ به سندس نظم ۾ موجود آهي. سيد ضياء  جي ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي ٽالپر حاڪمن مان هو مير ٺاري  خان ميرپورخاص واري حاڪم جو درٻاري شاعر هو ۽ قصه هير رانجهو جو سندس نالي منسوب ڪيو اٿس.

        اردو ديوان جي ديباچه ۾ فرمائي ٿو ته:

        فقير اضعف العباد ضياء الدين المتخلص بضيا ولد سيد عزت الله شيرازي ساکن بلده ڻهڻه از ديوان غزليات در زبان فارسي و قصائد و مناقب بسيار که هنوز اورا ترتيب ديوان نداده ويک مثنوي عشقيه رانجها هير تصنيف کرده در حضور گذر رانيده بود باالفعل ديوان بزبان هندي تصنيف نموده“

        سندس ڪلام جو نمونو هيٺين طرح آهي:

***

هي جڳهه خالي ڇڏيل آهي

***

        سيد ضياء الدين جي وفات 13 ذي القعد 1229 هجري ۾ ٿي. پنهنجي خانداني مقبره ۾ مڪلي ۾ دفن ڪيو ويو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org