سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٽيون)

 

صفحو : 17

467- خواجه عبدالحق درازائي

        خواجه عبدالحق ولد مخدوم محمد حافظ عرف ميان صاحب ڏنو فاروقي  هڪ مشهور درويش ڪامل، عارف ٿي گذريو آهي. سچل فقير درازائي جو مرشد ۽ چاچو سهرو هو. سچل فقير  پنهنجي ڪلام ۾ بار بار هن بزرگ جي ڪماليت جي واکاڻ ۽ شڪرگذاري ڪئي آهي.

        هو ميان محمد  حافظ جو ننڍو پٽ هو. پر سندن مرشد  سيد عبيدالله جيلاني هن کي سندس والد جي سامهون گادي  جو حقدار مقرر ڪيو ۽ اهڙو پروانو به لکي  حوالي ڪيو. مخدوم محمد حافظ کي فرمايائين ته اوهان جي وڏي پٽ ميان صلاح الدين کي هڪ  مجذوب الحال فرزند پيد اٿيندو، جو دنيا کي ترڪ ڪري ويهي رهندو، تنهن ڪري هن ننڍي کي گادي حوالي ڪجي  ٿي ته سندن پوين ۾ درويشي جو سلسلو هليو اچي.

        هي درويش دنيا وارن سان ڪو واسطو  ڪونه رکندو هو، جنهن ڪري ٽالپرن جي نئين شروع ٿيل حڪومت سان به ڪو لاڳاپو ڪونه هوس. مگر هڪ دفعي حيدرآباد جو ڪو ديوان مير  سهراب خان ٽالپر جو نوڪر هو، جنهن کي پئسن کٽائڻ جي تهمت ۾  گرفتار  ڪري قيد ۾ رکيو ويو. هندو ديوان جا عزيز ٻي  واهه ڪانه ڏسي فضل الله صديقي جهوڪ واري وٽ لنگهي وڃي ملتجي ٿيا ته ديوان کي قيد مان ڪڍائي ڏيو. صوفي صاحب هڪ سفارشي  خط ميان عبدالحق ڏانهن لکي موڪليو ته هڪ بازو  ٽالپرن وٽ ڦاٿي پئي آهي، سا ڇڏائي موڪليو. ميان عبدالحق پنهنجي ڀائٽي سچل فقير کي پنهنجي دستار مان ٽوپي ڪڍي مٿي  ۾ پارائي ميرن جي دربار ۾ خيرپور روانو ڪيو جو مير  سهراب خان ۽ سندس پٽن جي ڪچهري ۾ وڃي پهتو. ا ُتي بندوقون تراريون ڏسي  پڇڻ لڳو ته ابا هي ڪهڙي ڪم جون آهن؟ چيائون ته سائين هنن سان شينهن جو شڪار ڪبو آهي. فقير صاحب چيو ته  ابا شينهن ڪو مارجڻ جو آهي؟ تڏهن درباري ماڻهن چيو ته هي وري ڇا ٿا چئو؟،. شينهن جا ڪيترا دفعا اسان هنن سان شڪار ڪيا آهن. فقير کي اُن وقت اهڙو جوش آيو جو سندس صورت ماڻهن جي اکين ۾ شينهن جهڙي ڏيکاري ڏيڻ لڳي، جنهن ڪري سڀني تي دهشت ۽ هيبت ويهجي وئي، پوءِ ته فقير صاحب کي هٿين پيرين پئي معافي گهريائون. فقير صاحب هندو ديوان جي بازو ڇڏائي پوءِ درازن ڏانهن روانو ٿيو. ان کان پوءِ ٽالپرن جو ميان عبدالحق ڏانهن اعتقاد ٿيو ۽ سندس خدمت ۾ ايندا ويندا هوا ۽ درازن جي جاگير به لنگرخاني جي خدمت لاءِ مقرر ڪري ڏنائون. هميشه لاءِ ٽالپر هن درگاهه جا معتقد رهندا آيا.

        ميان عبدالحق صاحب 1138هه ۾ جنم ورتو ۽ تمام وڏي ڄمار کي پهچي 1214هه ۾  هن دارفاني مان رحلت فرمائي ويو.

قطعه تاريخ وفات

مرشد کامل حقيقت يار

وارث دين احمد مختار

گوهر بحر انه و احد

ليس في الدار  غيره ديار

سال تاريخ اوست ”مظهر حق“

ميم  ما و من از ميان بردار

1214هه

        يعني ته مظهر  حق جي عدد مان 800 عدد کي ڪڍيو ويندو ته سال تاريخ حاصل ٿيندو.

        ميان عبدالحق جي وفات کان پوءِ سندس فرزند ميان قبول  محمد  سجاده نشين ٿيو جو پڻ هڪ خدا پرست، نيڪ انسان، نيڪ طبع صوفي هو. هن صاحب 1245هه ۾ وفات فرمائي،  ڪنهن شاعر سندس تاريخ هن ريت لکي آهي:

ماهتاب  منير شمع نکو

عاشق جاءِ رحمت ايمان

عابدي بود فائض دارين

رحمت الله آيت سبحان

مظهر يمن اهل ذات حق

کاشف صدق عارف رحمان

           1225هه

        ميان قبول محمد کان پوءِ سندس فرزند ميان نظر محمد گادي تي ويٺو، جنهن پنهنجي رشد ارشاد جو وقت گذاري،  سال 1252هه ۾ وفات  فرمائي.

قطعه تاريخ

مه برج ولايت اوج سرمد

که محڪم بود بر شرع احمد

پس از سال وصالش گفت هاتف

چراغ اوليا نظري محمد

         1252هه

        ميان نظرمحمد کان پوءِ سندس فرزند ميان نجم الدين صاحب سجاده نشين ٿيو، جنهن جي وفات جي تاريخ فقره ”جلوه خورشيد حق“ (1272هه) مان نڪري ٿي. ان کان پوءِ فقير قبول محمد ثاني گادي نشين ٿيو جو اڳوڻن درويشن جو يادگار هو. تمام وڏي ڄمار کي پهچي سال ........ ۾ وفات فرمائي ويو.

        سخي قبول محمد کان پوءِ گادي نشين رافضي ٿي چڪا آهن. سلسلو تصوف ۽ فقيري جو ڪونه رهيو آهي.، خواجه عبدالحق صاحب جي وفات کان پوءِ مير رستم خان ولد مير سهراب خان ٽالپر هڪ وڏو گنبذ تعمير ڪرايو جو  1225هه ۾ جڙي راس ٿيو. انهيءَ گنبذ جي تعمير جي تاريخ هيٺين ريت لکي  اٿن:

والي ملک مير رستم خان

ابن سهراب خان عاليشان

دربرش خلعت مريدي شد

بر سرش قائم ست تاج شهان

هست آن مير طالب الموليٰ

داد او را خدا بلند مکان

صاحب کرم و صاحب وسعت

راضي ست دائما بر او رحمان

او بنا کرد گنبذ اخضر

هست آن روضه بهشت نشان

ميکند هر که آستانه بوسي

همه مشک شود بر او آسان

هست درگاه حضرت قدر

بارگاه رفيع مثل جنان

عام و خاصان جبين سايا نند

سر بمالند همچو صد خاقان

سال تاريخ جستم از هاتف

گفت روضه مقدس برهان

1225هه

        بتاريخ 6  ڊسمبر 49ع اين همه قطعات از گنبذ و مقبر هاي شهر درازا نقل نمودم بمعيت حکيم مولوي محمد صادق صاحب رانيپوري (فقير وفائي)

 

       

428- ميان عبدالله روحاني حڪيم لاڙائي

        هي بزرگ سيد ميان عبدالڪريم بلڙي واري بزرگ جي مريدن  جي سلسلي ۾ داخل هو. هوبيمارن جو هڪ عجيب  نموني ۾ علاج ڪندو هو. لاعلاج مريض وٽس ايندا هوا ته ڏس هميشه بيماري جي ابتڙ ڏيندو هو. مگر الله  تعاليٰ جي مهرباني ۽ سندس تصرف سان اهو ماڻهو چڱو ڀلو ٿي  پوندو هو، جن مان ڪي مثال هت ڏجن ٿا:

        (1) سيد ميان مجن شاهه جيلاني جي دوست ميان محمد عابد کان نقل آهي ته سيد صاحب کي سلهه جي بيماري ٿي پئي، مون کي چيائين ته ميان عبدالله  کان هن بيماري لاءِ دعا ۽ دوا ڪرائي وڃي. اسان ٻئي ڄڻا سنڀري نڪتاسين. اسان جي اچڻ کان اڳ ۾ هن بزرگ پنهنجي خادمن کي چئي  ڇڏيو ته اڄ پير صاحب سيد عبدالقادر جيلاني رضه  اسان وٽ اچي رهيو آهي، ان لاءِ سمورو بندوبست  رهڻ جو ڪري ڇڏيو. جڏهن وٽس پهتاسين، تڏهن بزرگ پاڻ هيٺ ويٺو ۽ سيد مجن شاهه کي کٽ تي کڻي ويهاريائين. بيماري جو احوال  پڇي، پوءِ هيٺيون نسخو تجويز ڪيائين. مکڻ  هڪ دڪا، ڪارا مرچ 2  ماسا ملائي روزانو استعمال ڪيا وڃن. انشاء الله کنگهه ڇڏي ويندي. ان مان فائدو پهچي ته پوءِ ٻي ڪابه دوا ڪم نه آندي وڃي، ان کان پوءِ سيد مجن شاهه پنهنجي ڳوٺ اچي مٿيون نسخو استعمال ڪرڻ لڳو ۽ بلڪل چڱو ڀلو ٿي  ويو. ڪجه عرصي کان پوءِ هالار (ڪاٺياواڙ) مان سندس ڪي مريد اچي نڪتا، تن اچي سيد صاحب کي چيو ته اوهان  جي بدن مان کنگهه جي پوري طح پاڙ ڪانه پٽي ويئي آهي. جيڪلڏهن گورخر جو ڦڦڙ هٿ اچي ته ان مان دوائون تيار ڪيون وڃن ته اهو ڏاڍو فائدو ڪندو. سيد  مجن شاهه کان ميان عبدالله جو  چوڻ ئي وسري ويو، جو کيس چيو هوائين ته ٻي ڪابه دوا ستعمال نه ڪجو. گورخر جو ڦڦڙ گهرائي ان مان دوا تيار ڪرائي کائڻ لڳو. نتيجو  ڇانڪتو جو کنگهه مٿس غلبو ڪرڻ لڳي. بلڪل بنستري داخل ٿي پئجي رهيو. مون کي بانڊي مان گهرائي سمورو  احوال ڏنائين، جنهن تي مان ميان عبدالله جي خدمت ۾ آيس. مان اڃا سيد صاحب  جو احوال ئي ڪونه ڏنو هو ته مثال طور هڪ نقل ٻڌايائين ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فقيرن مان هڪ درويش اهڙو به هو،  جنهن کي بک ڏک تي راضي رهڻ جي طاقت ڪانه رهيل هوس. هڪ دفعي اَسر جي ويلهي، حضرت شاهه صاحب وضو ڪرڻ جي ارادي سان ٻاهر نڪري ويو ۽ درويش به ساڻس ڪوئنرو کڻائي هليو، جڏهن شاهه صحب پاڪائي ڪري  واندو ٿيو، تڏهن درويش کي فرمايائون ته توکي بکن ڏاڍو ستايو آهي، هاڻي هن کٻڙ جي وڻ مان، جتي پاڻ بيٺا هوا، ان ڏانهن اشارو ڪري فرمايائونس ته ان کي هٿ اچي هڻندين تو توکي ماکي ۽ مکڻ  ملندو، ان مان  ڍؤ تي کائيندو ڪر. مگر اها ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪج، ڇو ته ڳالهه ڪرڻ کان پوءِ اها مينهن  (کٻڙ جو وڻ) توکي ۽ مون کي  ڪڏهن به کير نه ڏيندي. ان کان پوءِ اهو درويش روزانو اچي ان کٻڙ مان ماکي ۽ مکڻ کائي ويندو هو. آخر رهي نه سگهيو. هڪ ڏينهن پنهنجن ساٿين سان اها ڳالهه ڪيائين ۽ اهو غيبي رزق ملڻ صفا بند ٿي ويو. وري ڪنهن وقت شاهه صاحب پاڪائي جي خيال کان اوڏانهن ويا ته ساڳيو درويش ڪرو کڻي سندس پوئتان هليو. شاهه صاحب وضو ۽ پاڪائي کان واندا ٿي فقير کي فرمايو ته يار! اها نعمت وري هٿ ڪانه ايندي، پر هاڻي بک وٺيئي ته هن کٻڙ جا پن کائي پورت ڪندو رهه!

        اوهان  به سيد  مجن شاهه کي ٻڌايو ته بلڪل چڱ ڀلائي جيڪا اوهان کي حاصل ٿي هئي، سا ته موٽي ڪانه ايندي، پر وري به جيڪڏهن ساڳيو  نسخو استعمال ڪندا ته بستر ۾ پوڻ کان ڇوٽڪارو لهندا. ان کان پوءِ ساڳيو نسخو مکڻ ۽ مرچ استعمال ڪرڻ لڳو، فائدو تمام گهڻو پيو پر مرض بلڪل بدن مان ويو.

        (2) ساڳي ميان محمد عابد کان نقل آهي ته هڪ سيد ميان حيدر شاهه کي  ڪا بيماري ٿي پئي،  جنهن ڪري ڏاڍو ضعيف ۽ ڏٻرو ٿي پيو.، پنهنجي هڪ عزيز کي مخدوم عبدالله جي خدمت ۾ دعا ۽ دوا لاءِ موڪليائين. ميان عبدالله فرمايو ته 7 گهڙا نوان پاڻي سان ڀري، رات جو ٿڌ ۾ ٻاهر رکي ڇڏيو، صبح جو ان سان تڙ ڪرايوس ته چڱو ڀلو ٿي  پوندو. انشاء الله تعاليٰ . هوڏانهن ميان حيدر شاهه جو هي حال هو جو نمازجو وضو به گرم پاڻي سان ڪندو هو. سندس عزيز جنهن کي اهو ڏس مليو، تنهن اها ڳالهه نه ڪئي، فقط چيائين ته ميان عبدالله اوهان لاءِ دعا گهري آهي. ڏٺو ويو ته سيد حيدر شاهه جي  بيماري جيئن پوءِ تيئن وڌندي ويئي  ٿي، آخر مون کي (محمد عابد کي) گهرائي چيو ويو ته تون  وڃي اسان جي عزيز کان پڇ ته ميان عبدالله ڪا دوا به ڏسي آهي، يا نه؟.  مان اچي  سيد حيدر شاهه جي عزيز  سيد عبدالواسع کان پڇيو،  جنهن چيو ته ميان عبدالله ته 7 گهڙا ٿڌا سر تي هارڻ جي دوا ڏسي هئي.  هوڏانهن ميان حيدر شاهه کي ٿڌي پاڻي مان سراسر  نقصان پهچڻ وارو آهي، تنهن ڪري مان اها ڳالهه نه ڪئي آهي. جڏهن ميان حيدر شاهه سان اها ڳالهه ڪيم. سيد حيدر شاهه کي ٿڌ جو ڊپ ته ٿيو، پر ميان عبدالله جي فرمودي کي پوري ڪرڻ لاءِ ستن گهرن جي بجاءِ ست ڪنگر پاڻي جا رات جي ولهه ۾ رکائي صبح جو اُتي پنهنجي سر تي هارايائين. خدا جي حڪم سان شفا حاصل ٿيس.

        (3) جناب خليفو محمود ڪڙئي وارو بزرگ فرمائي ٿو ته اسان جي عزيزن مان هڪ ميان عبدالله فقير  نظاماڻي کي اڌ رنگي جي بيماري ٿي  پئي،جنهن ڪري منهن  ئي ڦري ويس. جنهن کي ميان عبدالله جي خدمت ۾ وٺي آيا. ڏسي فرمايائين ته ڪجهه فڪر ناهي، هن کي پهريان سنامڪي ۽ جرڦل جو جلاب ڏ.ئي پوءِ ٿڌي پاڻي ۾ 5 ٽٻيون ڏياريوس، انشاء الله چڱو ڀلو ٿي پوندو. ائين ڪيو ويو، بزرگ جي برڪت ۽ الله جي فضل سان  شفا لڌائين.

        (4) حاجي ڪلائي نظاماڻي  کان  نقل آهي ته آءٌ مخدوم محمد ميان عبدالله جي خدمت ۾ ويٺو هوس ته هڪ بيمار خدمت ۾ آيو. سندن عادت هوندي هئي ته پهريان ان مانهو کان  نذرانو مقرر ڪرائيندا هوا ۽ ان کان پوءِ دوا جو ڏس  ڏيندا هوا. مون کي فرمايائون ته هن ماڻهو تي نذرانو اڄ تون مقرر ڪر! جنهن تي  مان ڏهه روپيا مقرر ڪيا، مگر اُن منتون ڪري 5 رپيا مقرر ڪرايا. کيس سنامڪي ۽ جل ڦل جي جلاب جو ڏس ڏنائون. جڏهن چڱو ڀلو ٿيو تڏهن 5 پائليون يعني سوا رپيو کڻي اڻي خدمت ۾ رکيائين. پاڻ  اهو موٽائي ڏنائينس. موٽي  مس گهر پهتو ته ساڳي بيماري اچي ورايس. جنهن کانپوءِ پورا 5 رپيا آڻي حاضر ڪيائين ۽ معافي به گهريائين، تڏهن کيس  بيماري ڇڏي ويئي.

        (5) ملا ماڪوپيو، جو ميان عبدالله جو خادم هو، تنهن کان نقل آهي ته هڪ ٽالپر نوجوان، جو ميرن پاران ڪاردار هو، سو سندن  زيارت لاءِ آيو، مگر هن کي اندر اچڻ ڪونه ڏنائون ٿي ۽ هو ڪيترو وقت دروازي تي ويٺو رهيو. هن مون کي چيو ته اوهان وڃي ڪا سفارش ڪريو. ويهه روپيا نذرانو به آندو اٿم. آءٌ ساڻن گستاخ هوس. عرض ڪيم ته هي ڇا آهي جو فلاڻو ماڻهوڪيتري وقت کان وٺي  پوري ارادتمندي سان دروازي تي ويٺو آهي. ان کي ڇو اجازت نٿا ڏيو، ته اچي قدم بوسي ڪري. جواب ۾ فرمايائين ته اهي  دنيا جا طالب ڪتا آهن. آءٌ انهن کي اندر اچڻ نه ڏيندس. آخر گهڻي منت کان پوءِ کيس هن شرط تي اجازت ڏنائون ته اچي هٿ ملائي هڪدم واپس هليو وڃي،. باقي ويهي ملاقات نه ڪندو. هن کي اندر وٺي آيس. هن ويهه رپيا نذرانو ڏيڻ گهريو پر کائونس نه ورتائون ۽ ائين بيٺي بيٺي پوئين پيرين هليو ويو.

        (6) پيرو فقير کان نقل آهي ته آءٌ 5 سال سندس خدمت ۾ خدا شناسي لاءِ رهيو پيو هوس ۽ کوهه جي ڳاڌي ڪاهڻ جو ڪم مون تي رکيل هوندو هو. سندن پوئين ڄمار جي وقت مون کي سڏائي فرمايائون ته پيرو! منهنجو ارداو آهي ته منهنجي وفات کان پوءِ تون منهنجي اوطاق کي آباد رکندو رهه! يعني منهنجو جاءِ نشين ٿي رهه ته توکي پنهنجو سمورو اسباب سامان ڏئي ڇڏيان! عرض ڪيم ته حضرت! آءُ خدا جي  طلب لاءِ خدمت ۾ آيو هوس نه اوطاق ۽ سجاده نشيني لاءِ. فرمايائين ته خدا به هتان توکي حاصل ٿيندو. عرض ڪيم ته آءٌ ڪمزور ايڏو ڳرو بار کڻي نه سگهندس. سيد سڳورن جو هن معاملي ۾ هٿ آهي، تن جو آئون مقابلو ڪري نه سگهندس. جڏهن تمام پويون وقت ٿين، تڏهن سمورو سامان ميان حيدر شاهه جي حوالي فرمايائون ۽ سندس وفات کان پوء سيد حيدر شاهه اچي سموري ملڪيت تي قبضو ڪيو. اٽڪل چار هزار رپيا هڪ دري مان ڪڍيائون جو جدا جدا ڪپڙي جي اڳڙين ۾ ٻڌل هوا.  ميان عبدالله جي عادت هوندي هئي، جو ڪوبه ماڻهو نذرانو ڏيندو هو ته ان کي پاڻ هٿ نه لائيندا هوا، پر ان ماڻهو کي چوندا هوا ته هن دري ۾  کڻي اُڇلايو. پاڻ انهن روپين کي خرچ به ڪونه ڪندا هوا جو وفات کان پوءِ  سيدن جي ڪم آيا. (1)

 

 

429- حافظ عبدالله درازائي

        قادري طريقي جو  صوفي عارف، قرآن جو حافظ ميان عبدالله صاحب اصل گڏيجي جو رهاڪو صديقي نسب جو بزرگ هو. درازن جي فقير ميان عبدالحق صاحب جي خدمت ۾ تصوف ۽ طريقت جا شغل حاصل ڪيائين. درازن  جي مشهور صوفي عبدالوهاب عرف سچيڏنو جو استاذ هو، جنهن وٽ فقير سچيڏني قران شريف حفظ ڪيو ۽ فارسي جا ڪتاب پڙهيا. حافظ عبدالله پنهنجي ڄمار جا سمورا پساهه مرشدن جي درازي تي ختم ڪري، درازن ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو به اُنهن بزرگن جي قبرستان ۾ آهي.

قطعه تاريخ وفات

خادم صاحبان اهل الله

محرم راز عارف با الله

عرف اهل قريش صديقي

و اصل بحر ذات الال الله

جستم از عقل سال تاريخش

گفت از اسم حافظ عبدالله

           1232هه

 

430- سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي

        سنڌ جو سدا جيئرو  شاعر ۽  صوفي سڳورو سيد  شاهه عبداللطيف  ولد سيد حبيب متعلوي  ولد سيد عبدالقدوس ولد سيد جمال ولد سيد شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو قادري طريقي جو صوفي ۽ سلسلي جو مالڪ ٿي گذريو  آهي. هن بزرگ جي ولادت 1102هه ۾ ڀئي پور جي  ڳوٺ تعلقه هالا ۾ ٿي. جواني جي زماني ۾ ڏاڍا ڪشالا  ڪاٽيائين ۽ رياضتون ڪيائين. هندو جوڳين سان هنگلاج ۽ گرنار جو سفر ڪيائين. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ماڻهن کي فيض ۽ فائدو پهچايائين. ميان نور محمد ڪلهوڙو سنڌ جو حاڪم پهريان سندس مخالف هو، مگر پوءِ سندس معتقد و موافق ٿي رهيو. ميان غلام شاهه ولد ميان نور محمد، شاهه صاحب جي  مخلص معتقدن مان هو. سنڌي زبان  جو جڏهن ملڪ ۾ اڃا رواج ئي ڪونه هو، تڏهن شاهه لطيف سنڌي ۾ نهايت اعليٰ درجي جو شعر چيو، جنهن ۾ تصوف ۽ توحيد جا باريڪ نڪتا بيان ڪيل آهن. سنڌ جي جن عاشقن جون ڪهاڻيون مشهور ٿيل هيون، تن کي شاهه صاحب پنهنجي خاص انداز ۾ بيان ڪيو آهي. سندس مخلص دوستن ۽ فقيرن ان ڪلام کي هڪ هنڌ جمع  ڪري درويشن جي  ورونهن جو سامان پيدا ڪيو  آهي،  جنهن کي شاهه جو رسالو سڏيو وڃي ٿو.

        شاهه صاحب اگرچه هڪ خاص خيال جو موحد صوفي هو، پر ان هوندي به هن جون  سندس عمعصر عالمن ۽ مخدومن سان ملاقاتون ۽  صحبتون رهيون آهن. هو صاحب حال هو. سندس قلب هميشه ذڪر الاهي ۾ زنده رهيو.

        شاهه صاحب ڀٽائي پنهنجي زماني ۾ تارڪ سڏيو ويندو هو. هن دنيا ۽ دنيا جي سڀني وٿن کي هميشه لاءِ تياڳي ڇڏيو هو. اگرچه هو اصل ۾ مٽياري جي ساداتن مان آهي، پر سندس والد بزرگ ڀئي پور ۾ رهيو ۽ اتان ڪوٽڙي مغل ۾ اچي مقيم ٿيا. ان کان پوءِ شاهه صاحب پنهنجي والد جي حياتي ۾ ڀٽ کي آباد ڪيو ۽ انهيءَ جاءِ تي فقيرن سميت رهڻ لڳو. سندس والد بزرگ جو مقبرو به ڀٽ تي آهي ۽ پاڻ به اُتي وفات ڪيائين. جڏهن وفات جو ويلو ويجهو آيو، تڏهن هڪ ڏينهن سماع جي مجلس ڪئي وئي، پاڻ پنهنجي حجري ۾ مراقبو ڪري ”مونن“ ۾ منهن وجهي ويهي رهيو. 3 ڏينهن اها مجلس قائم رهندي آئي. ٽن ڏينهن کان پوءِ ڏٺو ويو ته سندس روح پرواز ڪري هليو  ويو، جنهن کان پوءِ کيس ليٽايو ويو ۽ سندس وصيت ڪيل ۽ ڏسيل جاءِ تي دفن ڪيو ويو. اهو واقعو 14 صفر 1165هه ۾  ٿي گذريو. مخدوم محمد ابراهيم هالائي سندس وفات جي تاريخ هيٺئين ريت لکي آهي:

شاهه صاحب اولو المواهب حضرت عبداللطيف

آن که قطب وقت خود بوده است از مردان حق

چون ز جام ارجعي مخمور نوش وصل کرد

گفت ملهم غيب سال رحلتش  رضوان حق

                                                                                                          1165 هه

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي  حالات ۾ منهنجو هڪ جدا ڪتاب ”لطف اللطيف“ احوال شاهه عبداللطيف نالي لکيل آهي. مفصل احوال اُن ۾ ڏسڻ گهرجي.

 

 

431-  سيد قطب علي شاهه حيدرآبادي

        سيد قطب علي شاهه ولد سيد فتح الدين بخاري اُچي، هڪ موحدانه رنگ ۾ رڱيل صوفي ٿي گذريو آهي.  هن جا وڏا ٽالپرن جي زماني ۾ اُچ رياست بهاولپور مان سنڌ ۾ اچي رهيا. حيدرآباد جي ٻاهران ٽنڊو جهانيان نالي هڪ ڳوٺ ٻڌائي ويٺا.

        سيد قطب علي شاهه  جي ولادت رمضان مهيني 1229هه ۾ ٿي. سندس والد والد پڻ صوفيانه خيالات جو بزرگ هو، جنهن جي صحبت ۾ گهڻو ڪجهه پرايائين. ظاهري علم ايترو ڪونه پڙهيو هوائين، پر نفس کي تڪليفون ڏيڻ ۽ رياضتن ڪڍڻ ۾ ڏاڍا ڪشالا ڪاٽيائين. سالن جا سال جبلن ۾ چلا ڪڍندو ۽ ڏونگر ڏوريندو رهيو. ساڻس ڪن هندو مسلمانن فقيرن جي ٽولي به هوندي هئي. جبل جي سير وارن ڏينهن ۾ ڪنهن طرح فقيرن کي هڪ پٿر ٽڪرو هٿ آيو، جو ٽامي سان لڳڻ ڪري ٽامي کي سون  ٿي بڻايائين، جنهن کي پارس پٿر چئبو آهي. اها پٿري فقيرن سيد صاحب کي ڏني. پاڻ هڪ ابي چند هندو ساٿي کي کڻي ڏنائون. هڪ دفعي کين سنڌو ندي مان اڪرڻو پيو، جڏهن ٻيڙي وچ ۾ سير ۾ آئي،  تڏهن سيد صاحب ابي چند کان اهو پٿر ٽڪر وٺي کڻي دريا ۾ اڇلايو. فقيرن دانهون ڪيون ته سائين ڇا ڪيو؟ اهو ته پارس پٿر هو، ڏاڍو ڪمائتو هو. سيد صاحب فرمايو ته اهو ڪوڙو ڌن ڪو انسان سان ساڻ هلندو ڇا، پر الله جو نالو ئي ساڻ هلندو، جنهن ڪري ڪوڙ جي موهه ۾ ڦاسڻ نه گهرجي.

        لس ٻيلي وارين پهاڙين ۾ هندن جي هنگلاج ۽ لاهوت پهاڙ ۾ ڪيترو وقت رهيو ۽ هندو جوڳين سان صحبتون ۽ سنگتون رهيون.

        هن دريش تي اسلامي تصوف جي  بجاءِ، ويدانيت فلاسفي يا هندو تصوف جو زياده غلبو هو. سندس شاعري جور خ به ويدانيت رنگ جو آهي. سنڌڪي، سرائڪي ۽ هندئي ۾ سندس گهڻو شعر موجود آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:

ست گر ايسا پريم لگايا هي

پريم لگتي، اکيان کليان

                    هر جا درسن پايا هي

ستگر ايسي طاقي کولي

وسر گئي ٻي سڀ ٻولي

                هر جا هو هو پايا هي

ستگر ايسي کنجي ڦيري

وسر گئي هي تيري ميري

           هر جا هڪو نام سمايا هي.

        جڏهن سندس ڄمار چاليهن سالن  کي پهتي، تڏهن سندس والد پيغام موڪليو ته هاڻي موٽي  ماڳ اچو جنهن ڪري هو  وري پنهنجي وطن واپس آيو. هن دفعي سندس والد کيس ٻي شادي ڪرائي. ان کان اڳ واري بيبي فوت ٿي وئي هيس. ڪل کيس 3 پٽ پيدا ٿيا. انهيءَ زماني ۾ سندس والد بزرگ به وفات ڪري ويو.

        سيد صاحب ظاهري طور شريعت جو بلڪل  پابند ڪونه هوندو هو، جنهن ڪري مسلمانن جو ساڻس گهڻي حد تائين ڪوبه لاڳاپو ڪونه رهندو هو. حيدرآباد ۽ روهڙي جا  هندو سون جي تعداد ۾ سندس مريد هوندا هوا. هنن سان رهاڻيون ڪندو هو ۽ سکني ۽ گيتا جو پاٽ ٻڌندو هو. هندو مسلمان جو ڪوبه تفاوت ڪونه رکندو هو. بلڪ هندو سندس گهڻو ويجها هوندا هئا. پنهنجي ڳوٺ ۾ رهڻ واري زماني ۾  اُتان وري ڪيڏانهن  به ٻاهر ڪونه نڪتو، سواءِ هڪ دفعي، جو روهڙي جو مشهور سنت ڊاڪٽر روچنداس کيس دعوت ڏئي روهڙي ۾ وٺي آيو هو. ڪجهه وقت اُتي ترسي پوءِ وري حيدرآباد پنهنجي ڳوٺ موٽي ويو. ان کان پوءِ وفات جي ويلي تائين پنهنجي آستاني کان ٻاهر پيرنه ڌريائين.

        سموري ڄمار سندس دستور هو ته اڌ رات کان پوءِ مراقبي ۾ ويهي رهندو هو ۽  اسم ذاتي ڪمائيندو رهندو هو. هندو يا مسلمان فقير جيڪي ساٿ ۾ هوندا هئس، سي به  اوجاڳو ڪندا رهند اهوا. کاڌو تمام ٿورڙو کائيندو هو ۽ گهڻو زمانو مسڪيني ۽ فاقن ۾ گذرندو رهيس ۽ ڪنهن کي سوال ڪونه ڪيائين. آخر اها حالت به گذري وئي ۽ آخر عمر ۾ ڏاڍي فتوحات ٿي،  جنهن ڪري گهر ۽ نگر تي ڍؤ لڳا پيا هوندا هوا. دنيا وارن کين دولت آڇي، زمين آڇي پر پاڻ ان ڏانهن ڪوبه توجه ڪونه ڪيائين.

        ستانوي سالن جي ڄمار کي پهچي 16 ذي الحج 1328هه مطابق 22 ڊسمبر 1910ع جي هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس گادي تي سندس وڏي فرزند سيد روشن علي شاهه کي ويهاريو ويو، جن صوفيانه هندو طريقي سان گڏ شيعه مذهب اختيار ڪيو آهي.

        سيد قطب علي شاهه جي حالات ۾ پروفيسر جهامنداس شڪارپوري مفصل احوال لکيو آهي، جنهن تان هي احوال ورتو ويو آهي.

 

 

432- خواجه محمد سعيد لواري

        عالم فاضل، حافظ صوفي شاعر خواجه محمد سعيد بن خواجه محمد حسن بن خواجه محمد زمان ثاني بن خواجه گل محمد بن خواجه محمد زمان اول صاحب لواري. ننڍپڻ ۾ ئي بزرگي جا آثار ظاهر هئس. مولانا  حاجي محمد عيسيٰ ساندائي محدث فقيه وٽ ظاهري علومن جي تحصيل ڪيائين ۽ باطني شغل نقشبندي طريقي جا پنهنجي والد بزرگ خواجه محمد حسن صاحب وٽان حاصل ڪندو رهيو. خواجه محمد سعيد جي ولادت   باسعادت  1263هه لواري ۾ ٿي. شروع ۾ ابتدائي تعليم سيد علي بخاري کان پڙهندا رهيا، جو سندس والد جو مريد ۽ مخلص هو ۽ ان کان پوءِ حاجي عيسيٰ  ساندائي وٽ مٿيان ڪتاب پڙهيائون. اڃان  13  سالن جي ڄمار کي رسيو ته سندس والد بزرگ ٽيون دفعو 1276هه ۾ حرمين شريفين جي زيارت جي ارادي سان روانو ٿيو ۽ اُن وقت هن بزرگ کي پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪري پوءِ سفر حج تي روانو ٿيو، جيئن ته پنهنجي والد بزرگ جي سفر حج جي  حالات ۾ لکيو اٿس:

        ”درين سفر مبارک حج اين جامع را عمر سيزده سال ميداشت، در مکان معليَ خويش (لواري) بشرط طمعاونت و استخارات تکاثرات جانشين کرده رفته اند باوجود صغر سن اجازه ارشاد طالبان داده اند و ازان جا از عرب شرفيف بعنايت نامجات مينداخته اند“ (حقائل الضمائر)

        هن مان ظاهر آهي ته هو بزرگ ڄمندي ئي ڄام هو. مڪه معظمه مان سندس والد بزرگ ڪي خط کيس لکيا آهن، جن مان انهيءَ ننڍڙي ڄمار ۾ ئي سندس بزرگي ۽ خدا شناسي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

        هن خاندان جا بزرگ، اگرچه نقشبندي طريقي جا پير آهن، جن وٽ  همه اوست جي بجاءِ همه ازوست  جو مسئلو تحقيق ٿيل آهي. مگر هنن وٽ همه اوست ئي همه ازوست کان  وڌيڪ سمجهيل آهي،جنهن  ڪري هو مرشد جي ذات ۾ الاهي تجلي جو پرتوو ڏسندا آهن ۽ ان جو مريدن کي ڏس ڏيندا آهن.

        خواجه محمد سعيد جي والد پنهنجي خط  ۾ مٿئين نموني جي ئي کيس تلقين ڪئي آهي. لکي ٿو ته انهيءَ اعتقاد کان پوءِ فيض ۽ ڪشف جا دروازا کلن ٿا.

        هن بزرگ 3 دفعا پنهنجي والد بزرگ سان گڏجي حج شريف جا سفر ڪيا.

        (1) سال 1286هه (2) 1292هه (3) 1297هه ۾ حرمين جي انهن  سفرن جو بيان صقائل الضمائر ۾ تفصيل سان آندو اٿس. انهيءَ پوئين حج واري سفر ۾ مدنيه منوره ۾ 7 صفر 1298هه ۾ سندن والد وفات فرمائي ۽ ان کان پوءِ هي صاحب واپس وطن اچي مريدن ۽ مخلصن جي تربيت ۽ تلقين کي جاري رکندو آيو.  عربي فارسي شعر جو هڪ ڪامل استاد شاعر آهي. سندس شعر گهڻو نعت ۽ تصوف جي رنگ ۾ آهي. حضرت رسول الله صلي الله عليه وسلم سان هي خاص عشق جو انداز آهي. ڪيتريون نعتون پنهنجي والد بزرگ جي ارشاد موجب سفر حج ۾ چيل اٿس، جن مان مثال طور ڪجهه هيٺ ڏجن ٿيون. عربي زبان ۾ مشهور مناجات ”جد بلطفڪ يا الاهي“ تي هڪ مثمن نعت لکيو اٿس، هن ريت آهي:

اي صبا الحب برخيز از من حيران ذليل

تيز رو اندر حريم کعبه رب جليل

سبع اشواط  طواف آور بجاي قال قيل

نيز يک نفل طواف از عجز و شوق بي بديل

پس عرض بنما که آن عاشق رسول تو ج ميل

گويد و آرد پناهه آن شفيع بي عديل

جد بلطفڪ  يا الاهي من له زاد  قليل

مفلس با الصدق يا تي عند با بک يا جليل

        ٻي نعت عربي زبان ۾ آهي،  جنهن جو منڍ هن ريت آهي:

حبک المصطفا يلا قينا

ذاک عما سواک يفينا

وهو کا النار لاهب فينا

اسال الله ڪي يعا فينا

حقک المرتضيٰ يعا فينا

را جيا ان نقول آ مينا

يا محمد لشانک الا وسيع

اڪرم الله ذڪرڪ الا رفع

را جئا جئت مومنين اجمع

فار افو في بحالي الا جدع

في جميع المحال و المجمع

حبذا ان تقول آ مينا

        انهن مناجاتن لاءِ لکي ٿو ته سفر حج جي تياري وقت ڳوٺ لکيو هئم. سفر واري حالت ۾ سندن والد ٻڌندو رهندو هو ۽ فرمائيندو هو ته:

        که خيلي تاثير اجابت در اين هر دو مناجات آمده است (صقائل)

        خواجه محمد سعيد صاحب علم وارن جي بيحد گهڻي عزت ڪرڻ فرمائيندو هو ۽ هميشھ کان وٽس وڏن وڏن عالمن جو مجمع رهندو هو ۽ عالمن کي تمام گهڻو مان ڏيندو ۽  ڍائي ڇڏيندو هو. خاص طرح انهيءَ زماني جي مشهور عالم مولانا  حاجي گل محمد صاحب شهدادپوري سان خصوصي لاڳاپا هئن ۽ هڪ  ٻئي ڏانهن جيڪا سندن خط ڪتابت ٿي آهي سا فارسي انشا پردازي جي لحاظ سان هڪ اعليٰ درجي جي فارسي انشا پردازي آهي. سندس فارسي علامه ابوالفضل اڪبري جي فارسي جهڙي، مگر ابوالفضل جي شاعري ۾ عربي لفظ گهٽ هوندا آهن ۽ خواجه محمد  سعيد جي فارسي ۾ عربي لفظن جي گهڻي ڀرمار ڪيل آهي.

        سندس فارسي شعر جوڪجهه نمونو هيٺ  ڏيکارجي ٿو:

جاهل از اهل بلاغت رو شکنج را شد چه شد

جعل از خوشبوءِ گل گر سر مخدر شد چه شد

روز روشن شد قسم گاه خدا در  الضحيٰ

ظلمت افزا ديده بي نور شپر شد چه شد

قدر زر يا نقره را صراف داند ني  شهان

کاسئه روئين پيشش صدرت زر شد چه شد

نيک ديدن خويش  را بر همسران بس ابلهي است

از تکبر گردن افزا شاخ بي بر شد چه شد

حاسد از خود را به از استاذ داند نيست غم

بار مشک عود و عنبر و عطر بر خر شد ڍه شد

گل بود  از آب لطافت زيب ديهيهم شهان

خار در پهلوي گل شل برادر شد چه شد

فضل بر پندار نبود بين که دستار حباب

بر رخ سيلاب شکل برادر شد چه شد

فضل بر پندار نبود بين که دستار حباب

بر  رخ سيلاب شکل گنبذ گر شد چه شد

علم در قعر دل است و قال بر سطح زبان

خس بروئي يم اگر بالاءِ گوهر شد چه شد

زينت ظاهر گذار و زينت دل جو سعيد

از دو تار موي پر طائوس افسر شد چه شد

        خواجه محمد سعيد کي ابجد جي حساب سان سال تاريخ ڪڍڻ م وڏي  دسترس هئي. سندس والد جي وفات ۽ خواجه عبدالرحمان مجددي ٽکڙائي جي وفات تي جيڪي تاريخي نظمون لکيون اٿس، سي لاجواب آهن. هي خاندان حنفي مذهب جو مقلد پر صوفيانه رنگ ۾ حديث جو پيروي ڪندڙ هو، جنهن ڪري جمعه نماز کان پوءِ، آخر ظهر جون ٻه رڪتون ڪونه پڙهندا هوا ۽ انهيءَ مسئلي تي مولانا مخدوم فضل الله پاٽائي سان وڏا تحريري مناظرا ۽ رد قد رهيا. خواجه صاحب پاران مخدوم صاحب جي جواب لکڻ لاءِ مولوي ولي محمد متعلوي مقرر  ٿيل هو، عجيب رنگ ۾ فقهي تحقيقات جا حق ادا ڪيا ويندا هوا.

        مولوي فيض الڪريم ساندائي مون سان ڳالهه ڪئي ته مون پنهنجي ڄمار ۾ جيڪي خدا ورا بزرگ ڏٺا، تن مان ٻن ماڻهن جو  ڪوبه ٻيو نظر ڪو نه آيو: (1) خواجه محمد سعيد لواري وارو (2) پير سيد رشيدالدين جهنڊي وارو.

        خواجه محمد سعيد  بابت سندس چوڻ هو ته ايڏو صوفي ۽ ايڏو عالم ڪٿي ٿو ملي  سگهي ۽ ان سان گڏ سخي وري اهڙو هو،  جهڙس ٻيو ڪوبه ڏسڻ ۾ ڪونه اچي ٿو.

        خواجه محمد سعيد جون وحدت وجود جي مسئلي تي بعض فقهي سوالن تي وڏيون تحقيقي تحريرون آهن،جي هن وقت ناياب ٿي رهيون آهن. لواري جو ڪتب خانو بند آهي،  جنهن ڪري ڪابه شي هن وڏي عالم عارف صوفي جي اسان تائين پهچي نٿي سگهي.

        خواجه محمد سعيد پنهنجي ڄمار ۾ ڪيئي حج ادا ڪيا، پويون حج 1223هه ۾ ادا ڪري مدينه شريف ۾ رحلت فرمائي ويا.

انا الله و انا اليه  راجعون


 


(1)  هي سمورا نقل ”گلشن اولياء“ تان نقل ڪيا ويا آهن.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org