سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٽيون)

 

صفحو : 14

398- مولوي قادر بخش بيدل روهڙي

        قادر بخش ولد محمد محسن پاٽولي (ريشم فروش) مشهور فقير بيدل سنڌ جو هڪ نامور موحد صوفي شاعر، عالم فاضل، اصل کان روهڙي جو رهاڪو، وقت جو وڏو درويش ٿي گذريو آهي.  فقير بيدل جو والد سيد مولوي عبدالوهاب ڀاڳ ناڙي واري جو مريد هو ۽  سيد صاحب وري مير جان الله شاهه رضوي روهڙائي جو خليفو هو. مير  جان الله جهوڪ واري  مشهور صوفي شاهه عنايت الله شهيد جي 14 نامور خليفن مان هڪ هو.

        فقير بيدل جو والد ان کان پوءِ مير جان الله شاهه ثاني کان به بيعت ڪئي، جو وڏي جان الله جو پوٽو هو.

        فقير بيدل 1230هه مطابق 1814 عيسوي جي هن دنيا ۾ جنم ورتو ۽ ننڍي هوندي پنهنجي والد جي مرشد وٽ ايندو ويندو هو، جنهن صاحب بيدل لاءِ دعائون گهريون ۽ آسيسون ڪيون، جنهن جو نتيجو اڳتي هلي نڪتو.

        بيدل اڃا 5 سالن جو هو ته کيس تعليم لاءِ مڪتب ۾ وهاريو ويو. اگرچه سندس دل ظاهري علمن سان ايتري ڪانه لڳي، مگر والد جو حڪم کيس مڃڻو هو. برابر 12 سالن جي ڄمار تائين، هو باقائده استاد وٽان علم پرائيندو  رهيو ۽ ان وچ ۾ سيد جان  الله شاهه رضوي ثاني کان بيعت به ڪيائين، جنهن ڪري اندر واري اور ۽ شغل ۾ مشغول رهندو آيو.

        چون ٿا طالب علمي واري زماني ۾ هن هڪ خواب ڏٺو، جنهن ۾ سيوهڻ جي قلندر عثمان مروندي جي درگاهه تي حاضر ٿيڻ جو اشارو ٿيو. هي صاحب تن تنها سيوهڻ  روانو ٿي ويو. سيوهڻ کان موٽڻ بعد هن شعر چوڻ شروع ڪيو. سڀ کان پهريان، هڪ  فارسي غزل چيائين، جنهن جا چند مصرعا هي آهن:

زاهدا از مسجد يکبار به ميخانه در آ

عهد و پيما نه شکن طالب پيمانه در آ

تا شود بدلت اسرار شهودي مکشوف

در  شبستانه توحيد چو پروانه در آ

کرد که همني، از رتبه عشقت محروم

هين! درين حلقهء باهمت مردانه در آ

مفتي عشق، مخمور چنان فتويٰ داد

باده وجد کش و بيخود مستانه در آ

بيدل از ساغر منصور مئي حال بنوش

وانگهي بيخود در مجلس رندانه در آ

        چون ٿا ته اهو غزل جڏهن پنهنجي  استاد صاحب کي ڏيکاريائين ته هن صاحب کي اعتبار ئي نه ٿي آيو. چيائين ته اهو غزل شايد مرزا عبدالقادر بيدل دهلوي جو آهي. جنهن تي فقير قادر بخش بيدل عرض ڪيو ته مون  تي ڏات ٿي اجهو اوهان جي سامهون غزل لکان ٿو. جنهن کان پوءِ ارتجالا انهيءَ مجلس ۾ ٻه فارسي غزل لکي، استاد جي خدمت ۾ پيش ڪيائين، جنهن تي کيس آفرين ڪئي ويئي. سيوهڻ کان موٽڻ بعد فقير بيدل ڪجهه وقت پير ڳوٺ ۾، جناب پير سيد علي گوهر اول پاڳاري جي خدمت ۾ رهيو ۽ اُتي ظاهري علم جو شغل به جاري رکيائين. اتان روانو ٿي ڪجهه وقت پريالوءِ  ۾ حضرت مخدوم  محمد اسماعيل صاحب رح جي مقبري تي مجاور ٿي وڃي ويٺو ۽ روحاني  طريقي تي اتان به ڪجهه حاصل ڪري، ان کان پوءِ وري روهڙي واپس اچي رهيو. گهڻو وقت پنهنجي اوطاق ۾ گذاريندو هو ۽ سندس بيخودي واري جيڪا پهرين حالت هئي، سا پير ڳوٺ ۽ پريالوءِ جي رهڻ کان پوءِ بدلجي هڪ سڪون ۽ آرام جي حالت ۾ بدلجي وئي. پنهنجي مرشد مير جان الله شاهه جي وفات کان پوءِ جهوڪ شريف به هڪ دفعو  ويو ۽ ان وقت سجاده نشين صوفي ابراهيم شاهه چوٿون هو. هن موحد صوفي جي  صحبت ۾ رهي گهڻو ڪجهه پرائي آيو.

        ظاهري يا مجازي عشق ڪن صوفين هجي طريقي ۾ ناجائز آهي ۽ ڪن وٽ جائز آهي. فقير بيدل انهي صوفين مان آهي، جي ڪجهه وقت لاءِ ظاهري حسن کي، حقيقي حسن لاءِ ڏاڪڻ سمجهندا آهن.

        فقير  بيدل جو روهڙي جي هڪ قاضي پير محمد سان محبت هئي. هن کي پنهنجو معشوق ڪري سڏينندو هو. قاضي پير محمد سندس خدمت گذاري به ڏاڍي ڪندو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ رسامان به ٿيندا هوا ۽ وري جلد پرچاءُ به ٿي ويندو هو.، ڪجهه وقت اهو مجاز جو مشغلو به هلندو رهيو، مگر اُن کانپوءِ فقير صاحب مجازي معاملي کان منهن موڙي، روحاني رمزن پروڙڻ لاءِ پوري طرح متوجه ٿي رهيو. فقير بيدل روهڙي ۾ جڏهن هميشه اچي مقيم ٿيو، تڏهن سندس عزيزن ٻه دفعا شادي ڪرائي.  پهريون گهر مان کيس نياڻي پيد اٿي ۽ پوئين گهر مان مشهور شاعر صوفي محمد محسن بيڪس تولد ٿيو. فقير صاحب شريعت جو سخت پابند ۽ سني مذهب رکندڙ هو، مگر ان هوندي به عام صوفين جي طريقي وانگي اهل بيت جي محبت جو به چڱي ريت اظهار ڪندو رهندو هو. فقير بيدل هميشه توڪل تي گذاريو ۽ ڪنهن کان به ڪڏهن هڪ ڪوڏي جو به سوال نه ڪيائين. جو ڪجهه پاڻ مرادو ملندو هوس، ان مان پاڻ به کائيندو  ۽ عيال ۽ مهمانن کي به کارائيندو هو. مسافرن ۽ مسڪينن کي هميشه پاڻ سان گڏ کاڌي تي ويهاريندو هو. فقير صاحب وڏي ڄمار کي پهچي 16 ذي القعد 1289هجري ۾ عالم بقا ڏانهن راهي ٿي ويو. سندس لاش کي، سندس گهر واري جاءِ ۾ دفن  ڪيو ويو.

(بيدل نامه تان مختصراً)

بيدل جي تصنيفات ۽  شاعري

        مولوي قادر بخش بيدل لاءِ هندو ڄاڻن ۽ سندس سوانح نگارن جو خيال آهي ته هو استاذ وٽ ٿورو پڙهيو هو. باقي جو ڪجهه هن عربي، فارسي زبان ۾ ڪتاب تصنيف ڪيا آهن، سا خدائي ڏات يا علم لدني هو. مگر حقيقت ان جي برخلاف آهي. هو باقاعده استادن وٽ عربي علوم پڙهي ۽ عالم ٿيل هو. مولانا مرحوم عبدالرحمان سکر واري وٽ به ڪي پويان انتها جي درجي وارا ڪتاب پڙهيو هو. اهو علمي ذوق ۽ علمي طاقت هئي جو هن جو گهڻو مشغلو تصنيفات ۾ رهيو هو. بيدل فقير جي ڪتابن جو ڳاڻاٽو اگرچه پوري طرح معلوم نه ٿي سگهيو، مگر جن جا  نالا اسان تائين پهتا آهن، تن جو تفصيل هيٺ  ڏجي ٿو.

        (1) ديوان بيدل فارسي، هن  ۾ اٽڪل ٻه هزار شعر ۽ 449 غزل آهن. پهرين غزل جو مطلع آهي:

الاهي مطلع انوار وحدت ساز جانم را

ز ظلمهائي کثرت رستگاري دهه روانم را

        (2) سلوڪ الطالبين. هي به نظم جو  مجموعو آهي، جنهن ۾ 90 غزل آهن. پهرين غزل جو منڍ آهي:

الاهي موج وحدت بخش دريائي خيالم را

به بحرحال گم کرده گردان حباب قيل قالم را

        (3) مصباح طريقت، هي  به فارسي نظم آهي، جنهن ۾ هڪ هزار کان به وڌيڪ شعر آهن. پهريل غزل جي شروعات آهي:

بيا مطرب نوائي زن بحالت آر مستان را

تو هم ساقي! جدا از جام و مئي مگزار مستان را

        (4) مثنوي هير رانجهو فارسي، جنهن جو پهريون شعر آهي:

ز هرچه خامه نويسد به ناصيهء دوران

سواد حرف غم عشق خوشتر است بدان

        (5) منخمسات،هي هڪ ننڍو رسالو آهي، جنهن ۾ فارسي مخمس ۽ ڪجهه غزل آهن.

        (6) هندي  غزليات. هن مجموعه ۾ ٻه سو کن شعر آهن. پهريون شعر آهي:

دل وحدت طالب فارغ ز قيد جسم و جان هوگا

که بيڻهک عاشقان دائم به ملک لامکان هوگا

        (7) نهر البحر. مولانا رومي جي مثنوي واري بحر ۾ هڪ ننڍي مثنوي آهي:

شنو از ني نغمهء سر الت

تاچه ميگويد ازان عهد درست

        (8) رموزالقادري، قصيده غوثيه جو فارسي نظم ۾ شرح.

        (9) رموز العارفين، هڪ ننڍو رسالو آهي، جنهن ۾ ڪن عارفن جا قول نقل ڪري ان جو فارسي نظم ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. ابتدا هيٺئين ريت آهي:

اي آنکه توئي وجود مطلق

ذات توحقيقت الحقائق

        انهيءَ رسالي ۾ پنهنجو عقيدو هن ريت ظاهر ڪيو اٿس:

بيدل که نمود ترجماني – اين رموز بس نهاني

سني با عتقاد مذهب – صوفي ست با تحاد مشرب

تن تابع شرع و جان بوجدان – بيرون از خيال کفر و ايمان

        (10) وحدت نامه، هڪ ننڍو رسالو سنڌي ڏوهيڙن ۾.

        (11) شرح احاديث، هن ۾ ڪن  حديثن جو شرح آهي، هي به ننڍو رسالو آهي.

        (12) قرت العين في مناقب سبطين، واقعه ڪربلا جي متعلق هڪ وڏو رسالو فارسي نظم ۾ آهي.

        (13) فوائدالمعنوي، هي عربي رسالو آهي، جنهن ۾ صوفين جا وحدت ۽ معرفت بابت قول نقل ٿيل آهن. عشق مجازي بابت ان  ۾ هڪ قول آهي. ”المجاز يوصل بالاحقيقت و يمنع منها“ يعني ته مجازي عشق ڪڏهن حقيقت تائين  پهچائي ٿو ۽  ڪڏهن ان کان روڪي ڇڏي ٿو.

        (14) رياض الفقر، هي به تصوف جي حقيقت تي فارسي نظم ۾ هڪ هزار شعر جو مجموعو آهي.

        (15) تقويت القلوب في تذڪرت المحبوب، هن رسالي ۾ وحدت الوجود جي مسئلي تي صوفين جا قول ڏنل آهن ۽ ان تي پنهنجا رايا به پيش ڪيا اٿس.

        (16) پنج گنج، هي رسالو عربي ۽ فارسي ۾ لکيل اهي، رسالي ۾ ڪوبه تصوف جو قول بيان ڪري ٿو ته ان لاءِ  5 دليل دپيش ڪيا اٿس. قرآن، حديث، مثنوي رومي، شاهه ڀٽائي ۽ ٻئي ڪنهن مزهبي ڪتاب تان، اهوئي سبب آهي جو ان جو نالو ”پنج گنج“ رکيو اٿس.

        (17) فرائض صوفيه، سنڌي زبان ۾ تڪ بندي تي سالڪن لاءِ سمجهاڻيون آهن.

        (18) سند الموحدين. سنڌي زبان ۾ سنڌ جي جدا جدا اوليائن جا وحدت جي مسئلي تي شعر نقل ڪيل آهن.

        (19) تاريخهائي وفات بزرگان، هڪ ننڍو رسالو فارسي ۾ آهي، جنهن  ۾ ڪيترن بزرگن جي وفات جون منظوم تاريخون آهن.

        (20) انشاء قادري، فارسي زبان ۾ فقير جا ڏهه رقعه آهن.

        (21) سرود نامه، سنڌي زبان ۾ نظم، ان سان گڏ ڪجهه سرائڪي  ۾ به ڪلام آهن.

        (22) عقائد بيدل.

 

 

399- مولوي عزيز الله متعلوي

        مولوي عزيز الله مٽيارين جو  رهاڪو هڪ وڏو عالم فاضل ۽ قابل بزرگ هو. هن جا وڏا بزرگ  اصل ٺٽي جا ويٺل هوا، مگر پوءِ قسمت سانگي مٽيارين ۾ اچي رهيا. مولوي عزيز الله صاحب مٽيارين جي مشهور مخدوم عثمان وٽان سمورن علمن جي تحصيل ڪري هڪ برجستو عالم بڻيو. نقشبندي طريقي ۾ سندس بيعت لواري جي بزرگن سان هئي. لواري علمي مرڪز به ٿي رهيو آهي،. جنهن ڪري عزيزالله گهڻو  ڪري  لواري ۾ رهندو هو. درس به ڏيندو هو ۽ فتويٰ نويسي يا تحريرن جو ڪم به ڪندو هو.

        مولوي عزيزالله جو سڀ کان وڏو تاريخي ڪم آهي قرآن مجيد جو سنڌي ۾ ترجمو. جڏهن سنڌي زبان اڃا نثر ۾ ڪانه لکي ويندي هئي، تڏهن ان سنڌي جي صورت خطي ۽ گرامرئي ڪونه جڙيا هوا، تنهن زماني ۾ هن صاحب قرآن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو، جو ڪيترا دفعا بمبئي ۾ ڇاپجي پڌرو ٿيو ۽ اهو پهريون ترجمو آهي، جو سنڌ وارن لاءِ ڏاڍو  ڪارائتو ثابت ٿيو ۽ قبول پيو. انهي ترجمي تي سندس مختصر تفسيري حاشيو به آهي جنهن ۾ جهوني سنڌي ڪم آيل آهي.،، ان کان پوءِ سواءِ قصيده غوثيه جو فارسي ۾ شرح به سندس يادگار آهي.

        مرحوم عزيز الله وفات به لواري ۾ ڪئي. اتي ئي بزرگن جي گنبذ جي پوئتان دفن ڪيو ويو. سندس ڪتب خانه جي ڪن ورقن مان هڪ تايخ وفات جون هيٺيون سٽون هٿ  لڳيون آهن.

        ”وفات مخدوم  عزيزالله مترجم قرآن بزبان سنڌي 7 شعبان دوشنبه بوقت ضحيٰ 1273هه مدفنشن در مکان لواري به پشت روضه بزرگان  لواري ”نورالله جل مضجعھ“ جي فقري مان سندس تاريخ وفات حاصل ٿئي ٿي. ڪنهن شاعر فارسي ۾ تاريخ وفات لکي آهي، جنهن جو پويون مصرعو آهي:

هاتف از سر حسرت تاريخ وصل او بخواند

طوطي آن گويائي اسرار اعليٰ ساکت ماند

1273هه

 

 

400- سيد محمد مڪي بکري

        سيد شريف امير محمد مڪي پهريون ئي بزرگ آهي، جنهن سکر ۽ بکر جا شهر آباد ڪيا ۽ انهيءَ کليل ميدان کي اچي  وسايو. سندس شجره هيٺئين ريت آهي. محمد بن سيد  شجاع بن سيد ابراهيم بن سيد زيد بن سيد جعفر بن سيد حمزه بن سيد هارون  بن سيد عقيل بن سيد اسماعيل بن سيد ابوالحسن علي المختار بن سيد جعفر ڪذاب بن امام علي نقي بن امام محمد تقي بن امام موسيٰ رضا بن امام  محمد ڪاظم بن  امام جعفر صادق  بن امام محمد باقر بن امام علي زين العابدين بن امام حسين بن سيدنا علي بن ابوطالب رضي الله تعاليٰ عنهم. اهو نسب نامه سيد محمد جي مقبري جي لوڙهه تي به  سنگ  سرخ سان لکيل آهي، مگر ان مان ڪي نالا ڊاٺا ويا آهن، جنهن ڪري انهيءَ شجره نسب جي تصحيح ڪتاب نزهت الخواطر تان ڪئي وئي آهي. مقبري جي ڪتبي مان هي به معلوم ٿئي ٿو ته سيد محمد مڪي شيخ الشيوخ شهاب الدين سهروردي بغدادي جي دختر جو فرزند ۽ شيخ جو ڏهٽو آهي.

        تحفت الڪرام ۾ لکي ٿو ته سيد شجاع مشهد (طوس) ۾ رهندو هو. اتان حرمين جي زيارت جي ارادي سان روانو ٿي سفر ڪندي اچي شيخ الشيوخ شيخ شهاب الدين صديقي سهروردي (وفات 632هه) جي خدمت ۾ پهتو، سندس مريد ٿيو، شيخ پنهنجي نياڻي سان سندس نڪاح ڪرائي کيس حج جي موڪل ڏني. هو پنهنجي اهليھ سميت جڏهن مڪه شريف ۾ اچي مقيم ٿيو، تڏهن کيس سيد محمد مڪي تولد ٿيو. سيد محمد شجاع حج جي عبادت کان فارغ ٿي جڏهن وطن واپس  آيو، تڏهن ٿورن ڏينهن کان پوءِ وفات ڪري ويو. کيس موسيٰ رضا جي  گنبذ ۾ دفن ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ سيد مڪي مشهد مان نقل مڪاني ڪري اچي سنڌ ۾ مقيم ٿيو.

        سيد معين بن شهاب رضوي پنهنجي ڪتاب منبع الانساب ۾ لکي ٿو: سيد محمد مڪه ۾ 540 هه ۾ ڄائو ۽ سنڌ ڏانهن سفر ڪري بکر ۾ اچي رهيو. اهو هڪ برپٽ هو، جنهن ۾ ڪابه عمارت ڪانه هئي. سيد محمد اُتي ڍڳو ڪهائي ٽپڙ رکي ويهي رهيو. پوءِ انهيءَ آبادي جو  نالو ئي بقره (ڍڳو) رکيائون، جو ڦري بکر ٿي پيو.

(نزهت الخواطر)

        سيد محمد مشهد کي ڇڏي، ڇو سنڌ ڏانهن لڏي آيو، ان بابت رضوي بکري سيدن جي جهونن ڪاغذن مان معلوم ٿئي ٿو ته سيد محمد جو والد سيد شجاع، پهريان هڪ دفعو سنڌ ۾ آيو هو. سکر بکر واري ميدان تي اچي رهيو. هن پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ڇڏيو هو ته هي جاءِ رهڻ جي لائق آهي. سندس وفات کان پوءِ سيد محمد پنهنجي والد جي لکيت موجب سنڌ جو سفر اختيار ڪيو،  جڏهن اسر جي ويلي انهيءَ هنڌ تي  سندس قافلو پهتو، تڏهن هڪ ڍڳي جي رنڀ جو آواز ڪنن تي پين. تڏهن پاڻ فرمايائين ته هاذه بقرة (يعني ته هي ڍڳو رنڀي رهيو آهي) يا فرمايائين ته هاذا بکر يعني ته هاڻي صبح ٿيو آهي. اُتي ئي ڪري ڊاهو ڪيائون ۽ اها ساڳي  سرزمين هئي، جنهن بابت سندن والد پنهنجي رهڻ جي خواهش ڏيکاري هئي، بقره يا بکره (صبح) جو لفظ بگڙي بکر ٿيو.

        تحفت الڪرام ۾ لکي ٿو ته  بکر جو جهونو نالو فرسته آهي. هندن راجائن جي زماني ۾ اُتي ڪوبه شهر ڪونه هو. اروڙ جي ويراني کان  پوءِ بکر آباد ٿيو.  چون ٿا ته سيد محمد مڪي جڏهن انهيءَ سرزمين تي  وارد ٿيو، تڏهن فرمايائين ته ”جعل الله بکر تي في بقعة المبارڪة“ يعني ته الله تعاليٰ  منهنجو صبح برڪت واري جاءِ تي ڪرايو. هن کان پوءِ بکره عام ماڻهن جي زبان تي ڦري بکر ٿيو. ٻئي روايت آهي ته سيد صاحب کان سندس خادمن پڇيو ته ڪٿي سامان لاهي. سفر کان آرام وٺجي ته پاڻ فرمايائون ته جتي پرڀات جي ويلي ڍڳي جي  رنڀ ٻڌو. جڏهن انهيءَ هنڌ پهتا، تڏهن ڍڳي جي رنڀ ٻڌائون. (ڍڳي کي عربي زبان ۾ بقره چئبو آهي). جنهن ڪري انهيءَ شهر جو نالو بکر پئجي ويو.

        بکري رضوي سيدن جي خانداني ڪاغذن مان معلوم ٿئي ٿو ته بکر انهيءَ هنڌ  جو نالو آهي جتي هاڻي سيدمحمد مڪي جو مقبرو آهي، يعني پراڻي سکر ۽ نئين سکر جي وچ وارو ٽڪرو. سيد محمد مڪي اُتي ئي وفات ڪئي  ۽ پنهنجي ڪوٽ جي اندر دفن ڪيو ويو. تحفت الڪرام ۾ لکي ٿو ته:

        سيد محمد مکي، در فرسته اعني بکهر توطن گرفته در گذشت و اندرون قلعه رک مدفن يافته“

        شڪر نالي  سيد صاحب جو هڪ برک غلام هو، جنهن کي ٻين خادمن سميت  سيد انهيءَ هنڌ رهڻ لاءِ چيو، جتي هاڻي سکر آهي. سکر جو لفظ شکر مان بگڙيل آهي. ان کان بعد ڪيترا نو مسلم جي سيد صاحب جي هٿ هيٺ مسلمان ٿيندا رهيا، سي پڻ شڪر غلام جي بستي ۾  ويهندا  ويا ۽ ان ريت سکر ۽ بهکر  ٻه شهرسيد جي آمد کانپوءِ آباد ٿيا.

        سيد صاحب کي 14 فرزند تولد ٿيا،  جن مان وڏا نامور سيد بدرالدين ۽ سيد صدرالدين خطيب ٿي گذريا آهن. بهکر جو دريا جي وچ وارو پهاڙي  قلعي جي  آبادي سيد  خطيب صدرالدين ڪرائي، جو اُتي لڏي اچي ويٺو هو. سيد محمد مڪي 646هه ۾ هڪ سو  ڇهن سالن جي ڄمار ماڻي وفات ڪري  ويو. سندس اولاد سنڌ کان سواءِ سموري هندستان ۾ پکڙيل آهي.

 

401- سيد نظام بکري

        سيد نظام الدين بکري موحد درويش چشتي طريقي جو پيشوا سيد محمد  مڪي جي اولاد مان آهي. اگرچه ظاهري عالم سندس موسيقي واري  مشرب تي اعتراض ڪندا هوا، مگر هو پنهنجي وحدت واري بيخودي ۾ مست رهندو آيو. انهيءَ وقت جا سوين ماڻهو سندس ارادت ۾ آيل  چون ٿا ته جڏهن بکر جي قلعي ۾ وفات ڪيائين،  تڏهن وصيت ڪري ڇڏي هوائين ته  منهنجو جنازو نه کڻجو، پاڻيهي غيبي فرشتا انهيءَ کي کڻي، منهنجي مدفن واري هنڌ تي پهچائيندا. روهڙي ۾ جتي سندس هاڻي مقبرو آهي، اُتي ساڳي سندس وفات واري ڏينهن موسيقي جي مجلس هئي. ڏٺو ويو ته سندس جنازي جي کٽ بکر جي قلعي مان رواني ٿي، انهي هنڌ اچي اتري، جتي پوءِ کيس دفن ڪيو ويو. والله اعلم

        سندس تايرخ وفات هيٺئين ريت منظوم آهي:

شاهنشه کريم مکمل نظام الدين

کو داشت اشتهار طريق محمدي

ناب مناب شاهه رسل فخر اولياء

چشتي طريق سيد سادات سرمدي

ساقي که طالبان صفارا عطا نمود

بايک نگاهه  مستي، صد جام بيخودي

سال وصال آن شه عرفان چو دل بجست

گفتم که وي کمال حقيقت محمدي

827هه

 

402-  سيد محمد يعقوب خان رضوي روهڙي

        مير  سيد يعقوب علي ولد سيد ميران، اولاد سيد محمد مڪي باني بکر و سکر. مير يعقوب هڪ وڏو عالم فاضل ۽ اهل قلم هو. پنهنجي قابليت جي طفيل شاه جهان ۽ عالمگير جي زماني ۾ سرڪار جي وڏن وڏن عهدن تي فائز ٿيو. هڪ ٻه  دفعا سيوهڻ جو گورنر مقرر ٿيو. اُتي هڪ مسجد به اڏارايائين، جا ذي القعد  1083هه ۾ شروع ٿي، 28 تاريخ ربيع الاول 1084هه ۾ اختتام کي پهتي.

        سلطان محمد  دارا شڪوه پنهنجي والد کان ناراض ٿي، دهلي مان روانو ٿيو ته بادشاهه، شاهجهان سيد يعقوب علي کي ان جي نگراني لاءِ حڪم موڪليو. ان کان پوءِ بادشاهه جي خدمت ۾ دهلي ۾ وڃي حاضري ڀريائين. بادشاهه پاران سندس حسن خدمات جي عيوض شاهانه خلعت عطا ٿي. هي صاحب برابر 8 سال  2 مهنا دهلي ۾ رهي، سال 1078 ۾و اپس بکر آيو. دهلي ۾ رهڻ واري عرصي ۾ اُتان هڪ شادي به ڪيائين، جنهن کي پاڻ سان بکر وٺي آيو. شاهجهان جي وفات 1076هه کان پوءِ هن کي حضرت اورنگزيب عالمگير جي دربار ۾ وڏي رسائي حاصل  ٿي ۽ انهيءَ جي ڏينهن ۾ ئي، سيوهڻ جو گورنر ٿيو. ان کان پوءِ لاهور ۾ به سرڪاري ڪمن سان ڪجهه  وقت وڃي رهيو، جتي پڻ هڪ مسجد تعمير ڪرايائين ۽ لاهور مان به شادي ڪري بکر وٺي آيو.

        1084هه ۾ بکر مان نقل مڪاني ڪري اچي روهڙي ۾ مقيم ٿيو ۽ اُتي هڪ قلعه ۽ حويلي جو بنياد رکيائين. قلعه ۽ جاين جي تعمير جو ڪم شروع ٿيل هو. ان وچ ۾ بادشاهه عالمگير پاران کيس حاضري جو سڏ ٿيو. سال 1085هه ۾ شاهه جهان آباد ۾ وڃي شاهي خدمت ۾ حاضر  ٿيو، ان کان پوءِ هميشھ لاءِ سرڪار کان بکر جي گورنري جو پروانو حاصل ڪري اچي پنهنجي وطن ۾ مقيم ٿيو.

        پنهنجي رهڻ ۽ حويلي لاءِ جيڪو ڪوٽ تعمير ڪرائڻ شروع ڪيو هوائين، سو پنڌرهن ايڪڙن زمين تي پکڙيل آهي.  ڪوٽ جي اندر سندس خاندان جي ساداتن جون حويليون ۽ اوطاقون آهن. قلعه اندر مغليه عمارتن جي نموني تي هڪ عاليشان مسجد به آهي، جنهن تي هڪ قطعو  لکيل اهي، ان جو هڪ مصرعو آهي:

”مسجد عالي بنا، از مير رضوي شد بنا“

        اهو قلعو سال 1088هه ۾ تڪميل کي پهتو. سال تعمير ۽ تڪميل جي تاريخ قلعي جي وڏي دروازي تي هيٺين ريت ثبت آهي:

به عهد شهنشاهه اورنگزيب

يکي شهر از نو شهر ها شد بنا

شه آباد نامش نهاده فلک

ازان روءِ شد بر زمين قمرسا

بنا کرد يعقوب ميران علي

بهمت به خصلت چو موسيٰ رضا

چو تاريخ تعميرش از عقل جستم

بگفتا عمارت زهي دلکشا

1088هه

خدادا تو اين شهر اسلام دين

نگهدار معمور دائم بقا

        هن قطعي مان ظاهر آهي ته مير يعقوب خان اهو ڪوٽ هڪ نئين ڳوٺ آباد ڪرائڻ جي ارادي سان اڏايو هو، جنهن تي شهه آباد نالو رکيو هوائين، مگر هاڻي اهو ڳوٺ يا ڪوٽ ويران اهن ۽ رضوي خاندان جي ساداتن مان گادي نشين سيد ۽ ٻيا ڪي فرد ان ۾ رهن ٿا.

        سيد مير يعقوب  خان 65 سالن جي ڄمار کي رسي 1091هه ۾ هن دنيا فاني جي حڪمراني کان اکيون بند ڪري هميشه لاءِ وڃي اصلي آرام گاهه ۾ آرامي ٿيو. پوتئان سندس وڏو فرزند مير صادق علي شاهه، پنهنجي والدجي گادي کي سنڀاليندو رهيو.

(رضوي سيدن جي ڪتب خانه جا مسودا)

 

 

403- سيد محمد بزرگ ٺٽوي

        سيد محمد بزرگ ولد سيد محمد فاضل خوش نويس ولد سيد محمد علي بکري. سيد محمد بزرگ جا وڏا اصل جوڻ (بدين علائقه) جا رهاڪو هوا. اتان نقل ڪري اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيا. محمد بزرگ جو والد محمد فاضل هڪ وڏو فاضل ۽ بيحد خوش خط ۽  ٻين علمي ڪماليت ۾ پنهنجي زماني ۾ وڏو مشهور ماڻهو هو. سيد محمد  بزرگ قرآن جو حافظ ۽ هڪ عمده عالم ۽ خوش نويس هو. ڪتابت جو فن پنهننجي والد ۽ ٺٽي جي مشهور خوش نويس محمد شفيع کان حاصل ڪيو هوائون. سلطان اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ محمد بزرگ پنهنجي ڀاءُ نظام الدين سميت روزگار جي تلاش ۾ عالمگيري دربار ۾ وڃي پهتا. بادشاهه جي درباري  اميرن ۾ شامل ٿيا. بادشاهه دکن تي چڙهائي ڪئي ته سيد نظام الدين سندس هم رڪاب هو ۽ اُتي ئي وفات ڪري ويو. باقي سيد محمد بزرگ برابر 21 سال بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر رهندو آيو ۽ شاهزاده ڪام بخش ولد عالمگير جي استاذي جو شرف حاصل ٿيس. کيس خوشخطي ۽ ٻين علمن جي تعليم ڏيندو رهيو. بادشاهه جي وفات کان پوءِ دکن مان روانو ٿي ٺٽي ۾ اچي پهتو ۽ آخر ڄمار تائين ٺٽي ۾ قامت پذير ٿي 80 سالن جي ڄمار ۾ سن 1152هه هن دنيا فاني مان هميشه  واري حويلي ڏانهن نقل ڪري ويو.

 

 

404- قاضي شڪر الله شيرازي ٺٽوي

        قاضي سيد شڪر الله ولد سيد وجهه الدين ولد سيد نعمت الله ولد سيد عرب شاهه ولد سيد امير نسيم الدين محمد ولد محمد ميرڪ شاهه محدث ولد امير عطاءُ الله جمال الدين محدث بن سيد فضل الحسيني الاسڪي شيرازي.

        سيد شڪر الله جا وڏا ڪجهه وقت کان شيراز مان نقل مڪاني ڪري هرات ۾ اچي رهيا هوا. سيد صاحب 906هه ۾  هرات مان لڏي قنڌهار ۾ اچي مقيم ٿيو. علمي خاندان ڪري هو سمورن علمن جي زيور سان سينگاريل ۽ وڏي مرتبي وارو هو. مرزا شهه بيگ ارغون اُن زماني ۾ قنڌهار جو حاڪم هو ۽ پاڻ  ۾ گهاٽا لاڳاپا ۽ گهرا تعلق هون. مرزا شهه بيگ جڏهن قنڌار ڇڏي، سنڌ تي ڪاهيو ته سيد صاحب کي گذارش ڪيائين ته هو ٺٽي ۾ هلي رهي، جيئن ته  927 هه ۾ هو بزرگ ٺٽي ۾ اچي مقيم ٿيو. سنڌ جي فتح کان پوءِ شهه بيگ ارغونستت ئي لاڏاڻو  ڪري ويو.

        مرزا شهه حسن بيگ ارغون ولد مرزا شهه بيگ پنهنجي شروع حڪومت جي زماني ۾ سيد صاحب کي ٺٽي جو قاضي مقرر ڪيو. جنهن صاحب شرعي فيصلن کي عدل و انصاف سان نيڪال ڪرڻ ۾ ڏاڍو نيڪ نالو پيدا ڪيو.

        مرزا شاهه حسن قاضي شڪر الله جي انصاف پروري جي شهرت ٻڌي هڪ دفعو سندس امتحان وٺڻ گهريو. ٺٽي ۾ ٻاهر کان ڪي گهوڙن جا واپاري آيل هوا، جن کان بادشاهه ڪي گهوڙا خريد ڪري ڄاڻي ٻجهي هنن کي قيمت ادا ڪرڻ کان گس گساؤ ڪري رهيو هو. آخر واپاري بادشاهه کان نااُميد ٿي، شريعت جي عدالت ڏانهن رجوع ڪيو. انهيءَ زماني ۾ دستورموجب قاضي صاحب بادشاهه کي شرعي عدالت ۾ حاضر ٿيڻ جو اطلاع موڪليو. بادشاه ديندار  هڪدم اچي حاضر ٿيو. انهيءَ زماني ۾د ستور هو ته مدعي ۽ مدعا عليه  قاصي جي سامهون برابر هڪ درجه ۾ کڙا ڪيا ويندا هوا، تنهن ڪري قاضي صاحب حڪم ڪري ڇڏيو هو ته بادشاهه مدعي کان هڪ قدم به مٿي نه بيهي ۽ نه وري اڳڀرو ٿي بيهي. بادشاهه جو مطلب هو ته شرعي عدالت ۾ حاضر ٿي قاضي صاحب جي انصاف جو امتحان وٺڻو، سو ٿي چڪو ۽ بادشاهه جي ڪابه رعايت ڪانه ڪئي ويئي. جنهن کان پوءِ بادشاهه مدعي کي رويپا ڏيئي، جهٽ پٽ راضي ڪري ورتو. جڏهن مقدمو پورو ٿيو، تڏهن قاضي صاحب اُٿي دستور موجب بادشاهه  جو ادب بجا آندو ۽ سندس درجي جي مناسب هنڌ تي ويهاريائينس ۽ پاڻ ۾ دوستانه صحبت ڪرڻ لڳا. ڳالهيون ڪندي، بادشاهه چيس ته جيڪڏهن اوهان هن مقدمي ۾ شرعي قانون جي عزت نه رکو ها ۽ بادشاهه جي رعايت ڪرڻ گهرو ها ته اوهان تي تعزير جو حڪم ڪڍان ها. جيڪڏهن ڪورٽ جا  چپراسي اوهان جي سيادت ۽ علميت واري بزرگي سبب وهان جو ويجهو نه اچن ها ته آءٌ پنهنجي سر هن خنجر سان اوهان کي ادب سيکاريان ها. جنهن تي قاضي شڪرالله صاحب پنهنجي گاديلي هيٺان اگهاڙي تلوار ڪڍي، بادشاهه کي ڏيکاريندي چيوته آءٌ به اڄ سنبري ويٺو هوس ته اوهان جيڪڏهن شريعت جو ادب پورو بجا نه آندو ۽ ٻيو ڪوبه ماڻهو اوهان جي سامهون نه بيهي سگهيو ته پوءِ هن ترار سان اوهان کي شريعت جي سياست جو مزو چکايان ها.

        بادشاهه جي انهيءَ امتحاني صحبت کان پوءِ تمام ٿوري وقت اندر قاضي شڪر الله صاحب قضا جي عهدي کان استعفا ڏني، بادشاهه کي چيائين ته آءٌ هڪ انسان آهيان، مون کان شرعي معاملن ۾ ممڪن آهي ته غلطيون ٿينديون هجن،تنهن ڪري انهيءَ ڳري بار کڻڻ جي هاڻي طاقت نه رهي اٿم. آخر بادشاهه استعفا قبول ڪئي ۽ قاضي  صاحٻ کي ٻڌايو ته هن عهدي لاءِ ٺٽي جي مشهور عالم قاضي محمد اُچو آهي. جنهن کان پوءِ قاضي محمد کي انهيءَ عهدي تي مقرر ڪيو ويو.  قاضي شڪر الله جنهن محلي ۾ اچي مقيم ٿيو، اُتي انصاري خاندان جا بزرگ رهندا هوا ۽ سندس شادي به انهن  مان ٿي. سندس  مشهور فرزند عالم فاضل زاهد سيد ظهيرالدين نالي  انهيءَ انصارڻ بيبي مان تولد ٿيو، جنهن جو اولاد اڄ تائين ٺٽي ۾  شڪراللهي سيدن جي نسبت سان مشهور آهي. سيد شڪرالله سان گڏ ٻيا به 3 دوست عالم عارف اولياء ساٿي اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيا هوا. (1) سيد ڪمال (2) سيد منڀو (3) سيد عبدالله. انهن ٽنهين بزرگن جا مقبرا اڄ تائين ٺٽي ۾ مشهور آهن.

 

 

405- شيخ محمد عابد سنڌي مدني

        شيخ محمد عابد  بن شيخ الاسلام احمد علي بن مراد بن يعقوب الحافظ بن محمود قاري انصاري. هن بزرگ جا وڏا سيوهڻ جا رهاڪو  هوا ۽ پاڻ  به سيوهڻ ۾ ڄائو. سيوهڻ ۾ شروعاتي علم حاصل ڪيائين. سندن گهراڻو علمي گهراڻو هو ۽ سندن ڏاڏو شيخ مراد شيخ الاسلام جي لقب سان مشهور هو.

        شيخ محمد  مراد پهريائين پنهنجي سموري اهل و عيال سميت سنڌ مان هجرت ڪري عرب ديس کي وطن ڪري رهڻ جي ارادي سان روانو ٿيو،. پهريائين هو ڪجهه وقت لاءِ  حديده (يمن) ۾ اچي رهيا ۽ ان کان پوءِ شيخ محمد عابد مدينه شريف ۾ اچي مقيم ٿيو.

        شيخ محمد عابد پنهنجي والد ۽ چاچي محمد حسين کان وايت آندي آهي ته سندن والد محمد مراد جي ملاقات خضر عليه السلام سان ٿيندي رهندي هئي ۽ وٽانئس تصوف جو خرقھ خلافت به ڍڪيو هوائين. جڏهن سندس وفات جو وقت ويجهو آيو، تڏهن پنهنجي محمد حسين کي سڏي فرمايائين ته اجهو خضر عليه السلام مون کان موڪلائڻ آيو هو ۽ کيس تنهنجي پارت ڪئي اٿم ته تنهنجي آئي وقت امداد ڪندو رهي. خضر عليه السلام اڄ جده ۾ شافعي وارن جي جامع مسجد ۾ عصر جي نماز وقت توسان ملندو. ان کان پوءِِ خضر عليه السلام جي شڪل شباهت ٻڌائيندي چيائينس ته مسجد ۾ جنهن مرد  جي پير جي چيچ ٻئي پاڙي واري آڱر سان مليل هجي، اُهو خضر آهي. شيخ محمد حسين فرمائي ٿو ته  آءٌ وچين جي وقت مسجد ۾ وڃي جماعت سان نماز ادا ڪيم، واندو ٿي ارادو ڪيم ته گهر  موٽي وڃان ته ايتري ۾ مٿئين نشان وارو  مڙس منهن پئجي ويو.  ڏاڍو قداور مڙس هو. رنگ جو سانورو، مون کي چيائين ته تنهنجي والد نتهنجي بابت مون کي پارت  ڪئي آهي. مان اڳتي وڌي سندس هٿ چميو، جنهن کان پوءِ ان جي برڪت معلوم ڪيم. ان کان پوءِ خضر سان ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿيندي رهندي هئي. هي سمورو خاندان شروع کان وٺي علم برڪت ۽ خير سان ملڪ ۾ مشهور هو.

        شيخ محمد عابد گهڻي حد تائين چاچي محمد حسين وٽ علم حاصل ڪيو ۽ وٽانئس طب به پڙهي. ان جي  وفات کان پوءِ هو يمن جي مشهور شهر زبيد ۾ وڃي مقيم  ٿيو. جتي ڪيترن عالمن کان حديث ٻيا علم حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ حرمين ۾  به اچي رهيو ۽ اُتان به گهڻو فيض پرايائين. مگر ڦري گهري وري به ”زبيد“ ۾  موٽي اچي اقامت ڪندو هو.

        ڪجهه وقت کان پوءِ  هو يمن جي گادي واري شهر صنعا ۾ وڃي مقيم ٿيو. ان وقت جي امام يمني (بادشاهه) مولانا محمد عابد جي ڏاڍي عزت ڪئي ۽ کيس پنهنجو خاص طبيب مقرر ڪيو. صنعا ۾ امام يمن جي وزير پنهنجي نينگري به  شادي ڪرائي ڏني، مولانا شيخ محمد عابد سنڌي جي بيحد اهليت ۽ عالمي لياقت کان متاثر ٿي يمن جي امام هڪ دفعو مصر ڏانهن کيس سفير ڪري موڪليو. ڪيتريون سوکڙيون  پاکڙيون به امام يمني پاران مصر جي حاڪم ڏانهن کنيو ويو. مصر جي والي ۽ شيخ عابد جي وچ ۾ ان ڪري گهاٽي سڃاڻپ پيدا ٿي ۽ ساڻس ايتريقدر عزت ۽ تعظيم سان پيش آيو، جنهن جو ڪوبه ڪاٿو ڪري نٿو سگهجي. يمن ۾ ايتري عزت ۽ مرتبو ۽ مان هوندي به شيخ سنڌي جو شوق مدينه طيبه ۾ رهڻ جو  هوندو هو، ۽  سندس دل ٻئي ڪنهن به هنڌ نه ٿي لڳي سگهي.

        چون ٿا ته هڪ دفعي مديني  شريف ۾ اچي مقيم ٿيو. جڏهن درس تدريس ۽ وعظ و نصيحت جو سلسلو شروع ڪيائين،تڏهن ڪن حاسدن کي اها ڳالهه پسند نه آئي ۽ مولانا  جي مخالفت ۾ سمورا هڪ ٿي مٿس حملا ڪرڻ لڳا، جنهن ڪري  لاچار ٿي مدينه معظمه مان لڏي ٻئي پاسي هليو ويو.  وري اچي يمن ۾ رهيو. مديني شريف ۾ کيس پاڙيوارن جيڪا تڪليف ڏني، ان کان  به وڌيڪ تڪليف کيس حديده ۾ پهتي، جڏهن اُتي جو قاضي سيدحسين بن علي رندي مذهب جو داعي هو. سن 1224هه ۾ سيد حمود بن محمد مڪه جو شريف هو، جنهن جو نجدين سان سخت اختلاف هو، عين انهيءَ زماني ۾ حديده جي زيدي شيعه قاضي حڪم ڪيو ته صبح جي اذان ۾ ”الصلوات خير من النوم“ بدران ”هي اعليٰ خيرالعمل“ جو لفظ وڌايو وڃي.  قاضي جو خيال هو ته اصلوات خير من النوم چوڻ بدعت آهي، جنهن کي خيفله عمر رضه پنهنجي خلافت جي زماني ۾ رائج ڪرايو هو. مگر عام  مسلمان قاضي جي حڪم تي ڪوبه توجه ڪونه ڏئي رهيا هوا،  جنهن ڪري قاضي کي گمان ٿيو ته ماڻهن کي  روڪيندڙ حنفي علماء آهن.  جنهن 40 ڄڻا حنفي مذهب جا پيرو گرفتار ڪري کڻي جيل ۾ وڌا، جن ۾ شيخ محمد عابد سنڌي به هو. ٻين ماڻهن کي قاضي  آخر ڇڏي ڏنو، مگر شيخ محمد عابد کي تمام گهڻيون تڪليفون ۽ ايذاءُ ڏئي، درا هڻائي پوءِ  حديده مان نيڪالي ڏياري ڇڏيائينس.

        شيخ محمد عابد حديده ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ لواري واري بزرگ شيخ محمد زمان ثاني سان  نقشبندي طريقي ۾ بيعت ڪئي، ۽ هو صاحب حديده واري واٽ سان حج تي وڃي رهيو هو. ان کان پوءِ شيخ محمد عابد پنهنجي مرشد جي زيارت لاءِ لواري به آيو ۽  ڪيترا ڏينهن اُتي لواري ۾ رهيو پيو هو. گهڻي مدت تائين عرب ۾ رهڻ ڪري سندس سنڌي زبان ۾ قدري فرق اچي ويو هو. چون ٿا ته لواري ۾ هڪ ”سانهه“ ڏسي فرمائڻ لڳو ته ”نر مينهن“ ته اڄ مان، ڏٺو آهي.

        اُهي ساڳيا ڏينهن اُهي آهن، جڏهن سيد احمد بريلوي شهيد ۽ مولانا محمد اسماعيل شهيد دهلوي جهاد جي دعوت لاءِ سنڌ ۾ آيل هوا.

        لواري کان موٽڻ بعد شيخ محمد عابد مدينه شريف ۾ وڃي مقيم ٿيو. هاڻي مدنيه ۾ سندس عزت ۽ مان مرتبو  حد کان وڌيڪ ٿيڻ لڳو ۽ مصر جي حاڪم سان جو اڳ واقفيت هئس، ان ڪري کيس مدينه ۾ علماء جور ئيس مقرر ڪيو ويو، پوري اطمينان سان پويون وقت، سنت ۽ علم جي پکيڙڻ ۽ حديث جي درس ڏيڻ  ۾ گذاريائين.  عرب ۽ عجم جا ماڻهو کانئس حديث جي سند وٺڻ سان بهره ياب ٿيا.

        شيخ محمد عابد کي حديث جي ڪتابن سان خاص شوق  هو ۽ پنهنجي دستخط سان ڇهن صحيح حديث جي ڪتابن کي هڪ جلد ۾ تمام باريڪ قلم سان لکي پنهنجي مرشد خواجه محمد زمان ثاني جي ڪتب خانه ۾ داخل ڪرايائين. اهڙي طرح فتح الباري شرح صحيح بخاري به هڪ جلد ۾  لکيائين. علي مسند ابي حنيفه ٻن جلدن ۾ حديث جي علم ۾ هڪ بينظير ڪتاب آهي. (2) شرع بلوغ المرا  الابن حجر مگر اهو شرح ناتمام رهجي ويو آهي، (3) شرح تيسر الوصول لابن الربيع الشيباني، اهو شرح ڪتاب الحدود تائين  آهي، (4) طوالع الانوار  علي الدر المختار – فقه حنفي ۾ هڪ بي نظير ڪتاب آهي، مگر هن وقت هو بالڪل ناياب آهي، (5)  رساله رد عقائد نجديھ وغيره ٻيا به سنها ٿلها سندس رسالا آهن.

        شيخ محمد عابد وڏي ڄمار کي پهچي، ربيع الاول 1257هه ۾ مدينه  شريف ۾ وفات ڪئي، بقيع جي قبرستان ۾ حضرت عثمان جي مقبره جي سامهون دفن ڪيو ويو. پوئتان ڪابه اولاد ڪانه ڇڏيائين، سندس يادگار لاءِ، هن جا ڪتاب ۽ نيڪ نالو ڪافي آهي.

(يانع جني – مرغوب الاحباب – رساله ڪاشف)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org