سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  وساريان نه وسرن

باب-

صفحو :19

انھن ٻولين کان سواءِ فقير جي ڪلامن واري ڪاپي ۾ بي شمار شاعرن جو ڪلام موجوده ھو پر ٻڌندڙ ھميشه مقبول ڪافين ۽ ڌنن کي ٻڌڻ پسند ڪندا آھن، انھيءَ ڪري جھونين ڪافين جو ذخيرو ۽ انھن جون جھونيون طرزون، فقير جي وفات کان پوءِ جھڙو ڪر ختم ٿي ويون آھن، ممڪن آھي سندس ٻن شاگردن حاجي غلام محمد ۽ غلام حيدر قنبراڻي کي ڪي طرزون ياد ھجن سنڌي سرائڪي، پنجابي، فارسي ۽ اردو زبانن ۾ پنھنجو مخصوص نموني ۾ ڳائيندو ھو ڪڏھن ڪڏھن گجراتي جا راسوڙا ۽ گربا نچي نچي ڳائيندو ھو، ۽ واھه جا ڳائيندو ھو اھي سڀ ساروڻيون اسان سان آھن، ۽ فقير پنھنجو وارو وڄائي وڃي سکيو ٿيو.

آخري منظر

فقير عبدالغفور مرحوم جي سڄي زندگي پنھنجي خاندان ۽ عيال جي بقاءَ ۽ ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندي گذاري ماڻھن سان داداگيري کان وٺي نازڪ دلين تي سر سان حڪمراني ڪرڻ تائين اھو ھڪ مسلسل سفر ھو، جيڪو ھن تنھا سر ڪاٽيو. ھلندي گھمندي ڪنھن دوست يار محبت سان ڪا مدد ڪيس ته قبوليائين نه ته ھر ڳالھه سان پاڻ مڙس ٿي منھن ڏيندو آيو ھن پنھنجي انداز۽ آواز سان سنڌي راڳ کي تمام وڏي زماني تائين سينگاريو. ماڻھن ۾ جذبو ۽ جنون پيدا ڪيو اھو اڏول ۽ جفاڪش فقير انسان حيدرآباد سول اسپتال جي جنرل وارڊ ۾ زندگي سان جنگ ڪندي ڪندي گزاري ويو آھي. نوجوان ڊاڪٽر جيڪي پنھنجي شاگردي جي زماني ۾ سندس ٻولن تي بيخود ٿي نچڻ لڳندا ھئا ته فيصلو ڪيو ته عبدالغفور جو موت حادثاتي آھي اھو پوليس ڪيس آھي انھي ڪري سندس جسم کي چيري ڦاڙي، قائدي قانون جي پورائي ڪئي ويندي حميد آخوند ان تي احتجاج ڪري ٿو. فقير طبعي طور گذاري ويو آھي ڊاڪٽر صاحبن جي انا اڀري ٿي لاش ڏيڻ کان انڪار ڪن ٿا حميد آخوند صاحب پنھنجو سڀ ڪجھه داءُ تي ھڻي سنڌ جي ھن معصوم ۽ سٻاجھي انسان جو مڙھه زوري کڻائي ٿو ۽ ان کي وڏي محنت ۽ ڪوشش سان فقير عبدالغفور جي وصيت موجب ميان غلام شاھه ڪلھوڙي واري مقبري وٽ دفن ڪرائي ٿو ۽ اسان جا ڊاڪٽر جيڪي فقير عبدالغفور کي چڱي طرح سان سڃاڻند ا ھئا ۽ حميد سان واقفيت ھئن ٿاڻي تي وڃي حميد لاءِ رپورٽ داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا زندگي انسان کان ڌڻي وٺي ٿو پر ڪي يار انھي جسم سان ڪيڏا ھاڃا ڪندا آھن جيڪو ڪجھه ڪرڻ جي حالت ۾ نه ھوندو آھي!

ذاتي اثر

مون ھن لکيت ۾ فقير عبدالغفور جي شخصيت سان انصاف ڪيو آھي يا نه ان جو فيصلو آءُ انھي لحاظ سان به نٿو ڪري سگھان جو ھن سان اسان جون ساروڻيون گھريون اھڙيون آھن جن جو بنياد احساس آھي احساس ڪڏھن لفظن جي صورت اختيار نه ڪري سگھندو آھي بس اھو ئي سوچان ٿو ته فقير جي ھستي ھنن تحريرن کان مٿي آھي پر جيڪي دل تي تري آيو سو لکي ويو آھيان ممڪن آھي فقير جي شخصيت جا ڪيترا پھلو مون کان رھجي ويا ھجن پر مجموعي طرح سان ھن بابت منھنجو تاثر آھي ته فقير عبدالغفور ھڪ اعليٰ انسان دلبر دوست يارن جو يار وڏو ڳائڻو، سنڌ ۽ سنڌي راڳن جو سر موڙ محبتن جو محور خوش لباس ۽ خوش خوراڪ دوستن جي دشمنن جو وري وڏي دل وارو دادلو ۽ سنڌ جو مجموعي سينگار. ھو جنھن جا قول ۽ ٻول رھندي دنيا تائين سنڌين جي دلين تي حڪمراني ڪدا رھندا.

ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينھن جي
جھڙا
آيا جڳ ۾، تھڙا ويا موٽي
سک
نه ستا ڪاپڙي لاھي لانگوٽي
انين
جو چوٽي، پورب ٿيندي پڌري
 

نم ھيٺان بيٺل ھيڪلو آواز

مائي ڀاڳي

ٿر، شھر زندگي لاءِ پراسرار سر زمين

اصل حياتي جو منفرد ۽ عجيب ماڳ

صدين جي اڃايل ڌرتي

ڪارونڀار مينھن جي منتظر ڀونءِ

مورن ۽ سپن وارا ڏھر، تڙ ۽ ڀٽون

سنڌي تمدن ۽ ثقافت جي نج ريتن ۽ رسمن جو مقام

ٿر جتي نازڪ دليون، جانٺا جسم ڏينھن جي سختين سامھون اڏول رات جي ٿڌڪار ۾ ڏھرن ۽ ڀٽن جي ڀر ۾ ڪنن تي ھٿ رکي ڪڏھن ٽيجون الاپين ته ڪڏھن ورساڙو ۽ ڪجلئي ٻول جا چئي پنھنجي اميدن ۽ آسن کي مظبوط ڪري ايندڙ اڀرندڙ سج سان سيني ساھڻ جون تياريون ڪن. زندگي نھايت سخت آھي تيز ٻرندڙ سج ۽ سالن جو سوڪھڙو مقابلي لاءِ ھر وقت موجود آھي ان ۾ زندگي کي ڏورڻ ۽ ان جي مشڪلن کي مڙس ٿي مقابل ٿيڻ جو احساس شامل آھي ۽ اھو جذبول تڏھن وڌيڪ وڻندڙ ۽ ھانو کي ٺاريندڙ لڳندو آھي جڏھن ٿر جي ٿڌين راتين ۾ پر انھين  ڀٽن مان ڪوئل جي ڪوڪ وانگر ڪو اوچتو آواز اسرندو ھو ۽ ڏھرن توڙي ڀٽن کي پنھنجن سرن ۾ سمائي سرھو ڪري ڇڏيندو آھي. اھڙو ئي آواز سنه 1963ع ۾ مارئي جي ميلي تي ويندي مٺي ۾ رات جي ماني کان پوءِ سرڪاري بنگلي تي ٻڌڻ جو موقعو مليو. اھو آواز ھو مائي ڀاڳي جو. اسان ٻڌو ٻين ٻڌو بس چيائون ته مائي رڳو شادين مرادين ۾ ڳائيندي آھي. اڄ رڳو اوھان جي وندر لاءِ کيس ھتي وٺي آيا آھيون. آواز ۽ انداز مڙني کي متاثر ڪيو. پر اسان ۾ اڃان به ايڏو حوصلو نه ھو. جو ايڏي ھام ھڻو ن ته مائي اچ ته ريڊيو تي توکي ڪو پروگرام وٺي ڏيون. بس ڳالھه آئي وئي ٿي. مارئي جو ميلو ٿي ويو. وري وچ ۾ وڏي وٿي پئجي وئي اوچتو 1967ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تان ھڪ ڪلام نشر ٿيو

تار منجھان ترندي اچي لھرن مان لڙھدي اچي.

او دل ڪوھيارل ڪوھيارل پئي ڪري.

اھو ڪلام مائي ڀاڳي ڳايو غلام حسين شيخ رڪارڊ ڪيو ۽ جنھن ڏينھن اھيو ڪلام نشر ٿيو بلڪل انھي ڏينھن کان مائي ڀاڳي جي اوج جو چنڊ آسمان تي چوڏھين جيان چمڪڻ لڳو سنڌي سنگيت جي دنيا ۾ ڄڻ ته مڪمل طور تي انقلاب اچي ويو. ھر طرح مائي ڀاڳي مائي ڀاڳي جا پڙولا پئجي ويا. مائي ڀاڳي مٺي جي مڱڻھار ھئي سر تار سندس ستي ۾ پيل ھو. تنجڻن ۾ دھل جو آواز سندس ننڍڙي روح ۾ پئي ويو. وڏي ٿي ته ڳوٺ راڄ جي شادين مرادين ۾ پنھنجن وڏڙن سان ڳائڻ شروع ڪيائين آواز ۾ مٺاڻ ۽ سرن جي سڃاڻ پيدا ٿي. شڪل جي ڪوجھي ۽ قد جي ننڍڙي  ڪن تي ھٿ رکي ڳائيندي ھئي. ٿر وسع تن جي لحاظ کان تمام وڏو خطو آھي پر ان جو سماج تمام ننڍڙو آھي. ان مختصر جذبن ۽ احساسن واري سماج ۾ اڃان به جديد تھذيب جا لاڙا ايترا اثر انداز نه ٿيا آھن اچ وڃ جي ڏکيائي سفر جون صعوبتون پاڻي جي کوٽ ۽ ڏڪر جون ڊگھيون راتيون اتي جي ماڻھن کي پنھنجي ذات جي باري ۾ سوچ کان وانجھيو ڪري ڇڏين. ھنن جي سوچ جو دائرو فقط ٻن ويلن جي ارد گرد آھي انھي جي باوجود به ٿر جي ماروڙئين پنھنجي ذوق ۽ شوق کي نج نڀار جي صورت ۾ اڃان تائين قائم رکيو آھي. شھري تمدن ۽ تھذيب ھنن کي اڃان ايترو تبديل نه ڪيو آھي. اڄ به ھو مختلف موقعن تي ٽيجھون آلاپن ٿا ورساڙو ڳائين ٿا. ڪجلئي جا آلاپ ڪڍي ان جون ۽ ٻين جون دليون ريجھائن ٿا. ھتي جا لوڪ جا گيت ۽ لوڪ رسمون اڃان نج نبار آھن انھن ۾ اھڙي تبديلي نه آئي آھي. جھڙي سنڌ جي ٻين حصن ۾ جديد لاڙن جي ڪري آئي آھي اڃان نه ٿر جي مارن جا جي جھرو ڪن ۾ جھڏن ٿا. اڄ به اٺي کان پوءِ ولوڙين جون  ويلون مڙئي چوڙيليون سارين ٿيون. اڄ به سرتيون ڏٿ سبيل ڪيو آڻيو اڱڻ ۾ ڍير ڪن ٿيون. اڄ به بر ۾ بيرن تي وڏي وير وھون سانٺيڪا سنجي جرجندن ۾ پايو پھون پيارين ٿيون ميان ني جو اھيو سفر اسان کي ڏکيو لڳندو پر ٿاريلا انھي رمز جا عشق ڪن انھن ئي ماڳن تي ڪئي ڪٿائون سوين سريلا ٻول ۽ سر انسان جي اڌمن جو اظھار بڻجي لازوال ٿي ويندا آھن. مائي ڀاڳي ۾ سنڌ جي ٿر جي انھي روايت جي سرواڻ ھئي. ۽ ٿر ڏي سنڌ جي ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪيو ته ڏسو سڌ ھي به آھي سفر ارانگو ضرور آھي. پر انھي تڪيلف جي پويان وڏي راحت آھي. مائي ڀاڳي سنڌي لوڪ سنگيت ۾ ھن ئي سڏ سان آئي ۽ ٿورئي عرصي ۾ پنھنجو نھايت بلند مقام بڻائي وئي.

سنڌ ۾ سنڌي راڳ جي ھڪ عجيب الميي جو آئون پاڻ شاھد آھيان ان ڏس ۾ اڪثر آئون به سوچيندو آھيان ۽ ٻيا دوست به ويچاريندا آھن. پر اڃان تائين اسان کي انھي ڳالھه جو حل نه ملي سگھيو آھي سمورا سنڌي انھي ڳالھه کان چٽي طرح واقف آھن ته سنڌ جي راڳ جي سلسلي جي ترقي ۽ ترويج صدين کان ٿيندي رھي آھي. اسان جي سنڌي راڳ جي نظام جو انگ آسپاس جي راڳن جي ادارن کان گھڻي ڀاڱي ڌار آھي. اسان جو لوڪ ڳيت اھڙا به آھن جن ۾ موجوده ڪلاسيڪي راڳ جي مختلف راڳن جي آميزش آھي ڪئي لوڪ گيت اھڙا آھن جن جي طرزن جي وضاحت لاءِ مون راڳ جي ماھر عالمن سان ڳالھايو انھن باجا وڄائي سرگم ھڻي سر ڇيڙي وڏا وس ھلايا پر انھن ان طرز جي راڳ جو نالو نروار نه ڪيو چي ھي به آھي ھو به آھي ھي راڳ به ٿي سگھي ٿو. ھو راڳ به لڳيس ٿو ان ڏس ۾ منھنجو خيال اھيو پئي رھيو آھي. ته اھو اصل سنڌي سنگيت آھي، جنھن جي حفاظت سنڌ جي سھڻن سيبتن ڳائڻن صدين کان پنھنجي ڳوٺ واھڻ ۾ ڪئي آھي. اڃان به ڪي گھڻيون ڳالھيون ھونديون  جيڪي وقت جي پيٽي ۾ سڃاڻ گائڪن جي وڃڻ سان صدائين لاءِ گم ٿي ويون ھونديون. يا انھن جون صورتون موجوده راڳ جي نظام موجب مٽجي ويون ھونديون. يا جيڪڏھن اھي وٿون اسان تائين پھتيون به ھونديون ته انھن جون شڪليون ائين بدلجي ويون آھن جو جيڪڏھن اھيو اصل آلاپڻ وارو انسان جيئرو ٿي اچي آڏو بيھي ٻڌي ته اھو به حيران ٿي وڃي. ته آھي ڇا. اسان جي سانڀر کان ڪجھه عرصو اڳ جڏھن بلاغ جا موجوده ذريعا نه ھئا تڏھن ڪي ڪي ڪڻا اسان ٻڌا ۽ ڏٺا اسان کان اڳي نسل وارن انھن کان بھتر راڳائي ٻڌا جيڪي اسان جي اصل روايتن جا اڳواڻ ھئا. اھي سڀ پنھنجو وارو وڃائي ويا. ۽ وٽن جيڪو گڻ ھو سو پاڻ سان کڻي ھليا ويا. نه کين ڪو ڳائڻ وارو نه پڇڻ وارو الله الله خير صلا. ڪيئي سنزي راڳ ۽ راڳڻيون انھن سان لاڳاپيل ٻول ڪي سماٽڪا ته ڪي وري ٻاروچا سڀ ختم ٿي ويا. رڳو ڪي ٻول ڪتابن ۾ بچيا آھن. ۽ ان جي اجر به خدا ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ڏيندو. جنھن لوڪ ادب سلسلي جي ڪتابن ۾ لوڪ گيت ڳيچ (ٻه جلد) ۾ جمع ڪري محفو ظ ڪيا آھن. ورنه ته اھي ٻول به اسان جي پلي نه پون ھا ھن پس منظر ۾ اسان اھيو واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته سنڌي ماڻھون جي پنھنجي انا واري خوبي ڪري اسان جي راڳ جا ڪيترائي سر موڙ ۽ ڳائڻا ۽ وڄتا اسان تائين نه پھتا ائين ئي پنھنجي دونھين تي رڳو پاڻ ھٿڙا سيڪي وڃي سائين جا سلامي ٿيا . سنڌ ۾ اھڙن باصلاحيت انسانن تائين پھچڻ جو طريقو موجود نه آھي گني ماڻھو پنھنجي گن تي بم رکيو ويٺو ھوندو ته پاڻ ھلي آيا ته واه نه ته ڪانھي اسان کي لالچ اسان جا ٻول فقيراڻا سي پرچائڻ لاءِ آھن. پرين جي پرتو ته حياتي به سفري ٿي. باقي ٻيا ماڻھو اسان کي نه ٻڌي سگھيا ته ڪا قيامت ڪانه اچي ڪڙڪندي اسان جي بھراڙين جي ڳائڻ وڄتن جو اھيو تعداد اڄ کان ويھه پنجويھه سال گھڻو ھو ھاڻي ته ٽي وي جي ڪري اھڙي لڪيل ماڻھن کي ماڻھن ان ڳالھه تي پاڻ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ته ميان جيڪي اٿئي ته ٽي تي منھن ته ڏيکار انھي ويڻ سان ڪراچي ڪھيو اچن پوءِ ڪنھن منزل ماڻين ته ڪي ائين ٺلھي ھٿين موٽي وڃن. مون اھڙا ڪيئي ڳائڻا ڏٺا جيڪي پنھنجي روح ۾ وتا پيا ھئا. انھن کي ڪنھن ٽيڪ جي پرواھه ئي نه ھئي انھن مان ڪن کي منٿ ميڙ ڪري اچڻ لاءِ آماده ڪيوسين ته شھري نظام تحت ڳائڻ وڄائڻ واري رمز ۾ پاڻ کي رلائي نه سگھيا. ڇاڪاڻ ته جنھن جوءِ مان ھو شھرين ڏي آيا ٿئي ان ماڳ تي ھو اڪيلا ھوندا ھئا. ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنھنجي منھن پيا ڳائيندا ھئا. ڪنھن ٻڌو نه ٻڌو ھو پنھنجي رنگ رمز ۾ پورا شھر جي ڳائڻ وڄائڻ جو ماحول ٻيو پنجن ڏھن منٽن ۾ اسم ادا ڪري. ساز کڻي ميدان خالي ڪرڻو ٿو پوي ۽ اھيو ھنن کي نه آئيڙندو ھو. ڪي ائين آيا ۽ ويا ڪي وري ڪن خاص درگاھن مان سلھاڙيل سي سوا درگاھه ڌڻي جي ڏات کان ٻئي جو قول ڪڇڻ لاءِ آماده نه ٿيا ھئا. ۽ موٽي وڃي پنھنجا ماڳ وسايائون. وري موٽي شھر جو رخ نه ڪيائون. مقصد چوڻ جو اھيو آھي ته ڳائڻن ۽ وڄتن جي اڄ به ڪمي ڪانھي پر اسان انھن تائين سندن عمر جي انھي حصي  ۾ پڇون ٿا جيڪو پويون پھر ھوندو آھي زندگي جون اڌمن ۽ جذبن واريون گھڙيون گذري وڃن ٿيون تڏھن اسان کي ڄاڻ ملي ٿي ته فلاڻي ھنڌ فلاڻو ڳائڻو ۽ وڄتو موجود آھي. وڃو ته ھمراھه ڏي وٺي بيٺو ھوندو ان جي باوجود انھي يار کي ڇڪي آندوسين. ته سال اڌ کان پوءِ جوڳي نه ڪنھن جا مٽ رھي نانءُ سائين جو. انھي لاءِ ضروري آھي ته اسان وڏي سرجوشي سان ان ڏس ۾ پاڻ ملاھايون. ڇاڪاڻ ته منھنجي راءِ ۾ ھي اسان جي راڳ ۽ سرن جي سانڍڻ جو آخري موقعو آھي. نوجوانن ۾ سکڻ ۽ پرجھڻ جي صلاحيت نه آھي. ريڊيو ۽ ٽي وي جي ڪنھن ھڪ اڌ پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ ھو بنھه وڏا ريڊيو ٽي وي آرٽسٽ بڻجي سکڻ جو دروازو پاڻ تي بند ڪري ڇڏين ٿا. باوجود انھي جو انھن مان ڪي آواز ڏاڍا سٺا آھن محنتن سان ھو به وڏي منزل رسي سگھن ٿا. پي جي ڪاشيءَ سولي ملي ته پوءِ ڇو جھد پٽجن. ڪنھن مشھور راڳائي جو ڳايل ھڪ اڌ ڪلام ياد ڪري پنھنجي آواز جي آسري تي منزل آسان ٿي وڃي ٿي ته ان کان سٺي ڳالھه ڪھڙي! ااسان لاءِ اھو ضروري آھي ته ھاڻي ھن وقت ان پاسي ڌيان ڏيون. سنڌ مان ماڻھن جي ڳولا ڪيون انھن کي سکيا ڏيئي اڳتي وڌايون ته جيئن سنڌي راڳ جي سونھن ۽ ساڃھه سلامت رھي سگھي ورنه ٿيندو ائين جيئن وڏي عمر جاڪي ڳائڻا ۽ وڄتا لحظي لاءِ آيا ۽ ھليا ويا، جيئن مائي ڀاڳي جو مثال آھي.

مائي ڀاڳي به پنھنجي جواني گذاري حياتي جي پوئين پھر ۾ سنڌ جي راڳ جي آسمان تي اڀري اھو بنھه نئون ۽ اثرائتو انداز ھو، آواز ايڏو مٺڙو جو ماڻھون ان جي جادو ۾ اصل گم ٿي ويا غلام حسين شيخ ريڊيو حيدرآباد تان مائي ڀاڳي جا گيت اھڙي سھڻي سٽاءَ سان رڪارڊ ڪيا نياز حسين انھن جي سرن کي ائين ترتيب ۾ رکيو جو وڏا وڏا ڳائڻا دنگ رھجي ويا ته ھھڙو آواز ھن وقت تائين ڪٿي لڪل ھو. سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪا اھڙي محفل ڪانه ھوندي ھئي جنھن ۾ مائي ڀاڳي شامل نه ٿيندي ھئي جڏھن ھو اسٽيج تي ايندي ھئي ته ماڻھو جنون جي ڪيفيت ۾ تاڙيون وڃاائي سندس آجيان ڪندا ھئا. مون کي ياد آھي ته ڪيترن موقعن تي ائين به ٿيو ھوندو ته ماڻھو مائي ڀاڳي کي اٿڻ نه ڏيندا ھئا ھڪ ڪلام کان پوءِ ٻيون ٽيون چوٿون بس گيتن جو اکٽ سلسلو شروع ٿي ويندو ھو نيٺ ڳائي ڳائي مائي ساڻي ٿي پوندي ۽ تڏھن ھٿ ٻڌي ماڻھن کان جند ڇڏائڻي پوندي ھئي وچ وچ ۾ وري به دانھون ٿينديون ھيون ته ”ڀاڳي ڀاڳي‛‛ سنڌ جي ماڻھن انھي انداز سان منھنجي ڄاڻ موجب تمام گھٽ ڳائڻن کي ٻڌو ھوندو سنڌين ڀاڳي کي عزت به ڏني، ۽ دولت به ڏني ٿوري عرصي ۾ مائي ڀاڳي جيترو ڪمايو اوترو تمام گھٽ ڳائڻن ڪمايو پاڻ مون سان گھڻي حجائتي ھئي ـ ڏک سور به ورھيندي ھئي . گاريون به ڏيندي ھئي . ھڪ ڀيري چيائين

”خدا جو شڪر  آھي ، سڀڪي ڏنائين، اصل ڪيچ ڪري ڇڏيا اٿس. جائڙي به نئين ڪوٽ ۾ اڏائي اٿم. ڪڏھن اچ ته ..... پر ھن مئي ڪالو کي سمجھائي، اصل افعال نه اٿس، مون کي بنھه پنائي ڇڏيو اٿس.‛‛

ڪالو سندس ننڍو پٽ ھو جيڪو ھر سفر ۾ ساڻس شامل ھوندو آواز چڱو اٿس ڳائڻ سان گڏ جوا جو به گھڻو شوق ھئس. ھاڻي خبر ناھي کيڏي ٿو يا نه پر انھن ڏينھن ۾ گھڻي کيڏندو ھو ماڻس کي اھو ئي ارمان ھوندو ھو ته اھا پٽ ڇڏي، ته سندس به ڀلائي آھي ۽ گھر جو ڪم به صحيح ٿي ويندو. مون ھن کي گھڻو ئي سمجھايو. ھڪ ڀيري ھا سيڪار مائي سان ملڻ لاءِ نئين ڪوٽ به وڃي نڪتس اتي به ڪالو کي سمجھايم پاڻ سان محفلن ۾ وٺي وڃڻ جو به دلبو ڏنم پر ڪالو جو معاملو اھو ئي ته سھي جو ٽنگون ٽي! ان رمز مان نه نڪري سگھيو مائي ڀاڳي آخر تائين  ان ڳالھه تي روئيندي رھي دراصل ڪالو سان سندس پيار به گھڻو ھو اکين کان پري ڪين ڪندي ھئس. سندس سامھون ڪو لفظ گھٽ وڌ ڳالھائبو ھو ته چوندي ھئي ته ڇڏينس مرزان! نه چئيس، ھاڻي ائين نه ڪندو پوءِ ھڪ ڪچي گار ڏئي چوندي ھئس ته جي تنھنجا افعال سٺا ھجن ھا ته آءُ ائين ٻين کي تنھنجون دانھون ڇو ڏيان ھا ! ڪڏھن ڪڏھن پيالو پي مست ٿي ويندي ھئي ته ھر آئي ويئي کي پئي گاريون ڏيندي. ھڪ اھڙي ئي موقعي تي مون کي گاريون ڏيئي وڏي آزي سان چيائين ته آخر حميد تنھنجي ڳالھه ڪونه موٽائيندو چئينس ته مون کي حج ڪرائي ڀلي پار وڃن جو ڏاڍو شوق ھئس اسان به ان ڏس ۾ گھڻي ڪوشش ڪئي ڪم ٺھندي ٺھندي ۽ ڦٽي پوندو ھو.

اوچتو مائي تي اڌرنگ جو حملو ٿيو ھلڻ کان حيران ٿي پئي پر ڀٽ تي يا اسان جي ڪنھن سڏ تي پاڻ کڻائي اچي پھچندي ھئي. اسٽيج تي ھميشه آءُ کيس ڀاڪر ۾ وٺي وڃي ويھاريندو ھوسانس، ۽ ساڳي طرح کيس موٽائي وٺي ايندو ھئس. انھي زماني ۾ سندس ڳائڻ به جھڪو ٿي ويو ھو ڪڏھن ڪڏھن ته ٻڌايل سر ڇڏي وڃي ٻي سر تي ڳائيندي ھئي ۽ پوءِ وچ راڳ ھلندي باجي واري کي سر مٽائي ساز ملائڻا پوندا ھئا تڏھن به ماڻھو ماٺ ڪري ويھي ٻڌندا ھئس، ڪڏھن ڪنھن مٿس واضع نه ڪيو ته سندس ڳائڻ مان اھو ساءُ ختم ٿي ويو سدائين وڏي حب سان سندس آجيان ٿي. سنڌ جي تڏھوڪي گورنر جنرل جھانداد خان کي انھن حالتن ۾ به رڳو مائي ڀاڳي وڻي چوندو ھئس مائي ڀاڳو ھن صاحب مائي جو تمام گھڻو خيال رکيو سندس علاج معالجي لاءِ حميد آخوند کي خاص تاڪيد ڪيائين مالي مدد به ڪندو ھئس جھانداد خان کيس حج تي موڪلڻ جو انجام ڪيو پر انھي وچ ۾ مائي وڃي ڌڻي کي پھتي.

منھنجي خيال ۾ سنڌ جي ھن ڳائڻي کي پنھنجي زندگي ۾ وڏي شھرت ۽ دولت ملي سندس آواز ۽ ڪلامن ٻڌندڙن جي رويي ۾ وڏي تبديلي آندي ڪيترن شاعرن سندس چيل طرزن تي شعر چيا ۽ وڏن وڏن ڳائڻن انھن ڪلامن کي ڀاڳي جي طرز تي ڳايو ۽ مقبول ڪرايو ھن پنھنجي مختصر فني زندگي ۾ انھي شھرت جي ڪڏھن پرواه نه ڪئي پنھنجي فقيراڻي رنگ کي ترڪ نه ڪيو پيرن فقيرن سان عقيدت ھئس سمن شاھه جي مريد ھئي اڌ رنگ جي حملي کان پوءِ نھايت جذباتي شعر پاڻ چئي ڳايائين ته:

 

سمن سائين مان ته گولي غلام تنھنجي در جي

گھڙا ڀريندس دل سان.....

 

ھر وقت حج وڃڻ جي آس دل سان ائين ساڍيندي ھئي ته:

در تي دونھينءَ جيئن سڙان سپرين جي

لڳو آھي لطيف چئي تن پريان ڏي تيئن

جي حاصل ٿئي ھيئن قرينو قريب جو.

 

سنڌي لوڪ سنگيت جو ھيءُ نھايت معصوم ۽ سريلو آواز اسان جي ٿر جي ڏھرن ۽ ڀٽن مان اسريو ۽ سنڌ جي سمورن ميدانن ۾ ڇانئجي ويو. سنڌ جي ماڻھن ھن آواز سان عشق ڪيو، ۽ کيس ايڏي شھرت ڏنائون جو ايتري ٿوري عرصي ۾ سنڌ جي ٻي ڪنھن آواز کي نه ملي پاڪستان جي حڪومت سندس فن جي اعتراف ۾ صدارتي تمغ حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ھيءُ چنڊ جيئن آسمان تي اوچتو چڙھيو، تيئن ھڪ ڏينھن ماٺ ميٺ ۾ لھي به ويو سڄي سنڌ کيس رنو ۽ ياد ڪيو سندس آواز ۽ صورت اسان وٽ محفوظ آھي.جڏن به سندس آواز ڪنن ۾ ٻرندو ته سنڌ وارا ھن امر آواز کي سڪ سان سڻي سھڻن لفظن ۾ مائي ڀاڳي کي ياد ڪندا رھندا.

اروڙ جو مست

اقبال جوڳي

اقبال جوڳي ھونئن ھو ته بيشڪ جوڳي پر جواني جي جوش وڃي ملھن ڀيڙو ڪيس ھمت ۽ زور سان، وڙھندي وڙھندي وڃي ٻي جوڙ جي ملھن جي ٻاريءَ ۾ ويٺو سٺا مقابلا ڪيائين پر پو ڪنھن ملاکڙي ۾ ھڪ مڙس ڌڪي وڌس ۽ گوڏا ڪڍائي ويٺو اھو ڏينھن اھو شينھن اقبال پھلواڻ وري ملاکڙي جي پڙ ۾ پير نه پاتو. ماٺڙي ڪري پنھنجي اباڻي وٿ مرلي کڻي ويھي ڦوڪڻ لڳو. اروڙ جو ھيءُ مست ملنگ جوڳي پور ڪري ويو. چون ٿا ته مرلي جي آواز تي نانگ به مست ٿي نچندا آھن نانگ نچندا آھن يا نه پر اسان اقبال کي مرلي وڄائيندي نانگ جو ويس ڌاريندي ضرور ڏٺو آھي. ھو پنھنجي وڄايل سرن ۽ لھر ۾ گم ٿي نانگن وانگر ڦوڪون ڏيندو ھو ته ور وڪڙ کائي نچندو به ھو ھڪ ته پاڻ جوڳي قد بٿ جو ٿلھو ٿنڀرو ھو ٻيو سندس اڇا شھپر نرالا، شھپرن جا وار به نچندا لڳندا ھئا ڪڏھن بنھه اڀو ٿي ويندو ھو ته ڪڏھن  گوڏا ڀڃي نانگ وانگر لھرا ڏيڻ لڳندو ھو ۽ جڏھن گر مڪائيندو ھو ته مرلي اوچتو وات مان ڪڍي ڪنھن پڪوازي ڏي بندوق وانگر ڪشي بيھي رھندو ھو. ان عمل ۾ ھڪ جي سڄي خلق  ڏانھن پٺ ھوندي ھئس ائين لڳندو ھو ته ھو جيڪڏھن مرلي وڄائي ٿو ته شايد فقط پنھنجي لاءِ سامھون ويٺل صاحبن تي شايد اک ئي نه ٻڏندي ھئس.

سندس ابا ڏاڏا اروڙ جي قديم وسئن جا ھئا جيڪو سنڌ جي تاريخ جو اھم شھر آھي. جتي ڪڏھن موج ڀريو مھراڻ وھندو ھو جتان ڪنھن زماني ۾ يونان و سڪندر پنھنجي بي پناھه لشڪر سان گذريو ھو، ۽ ڪنھن جوڳيءَ کان مرلي ٻڌي حيران ٿيو ھو. اروڙ تاريخ جو اھو ماڳ آھي جو زمانن کان اجڙڻ جي باوجود اڄ ننڍي پيماني تي آباد آھي اتي سنڌ جي جوڳين جو ھڪڙو مرشد بادل شير بادشاھه دفن آھي جنھن جو ھر محرم جي ڏھين تاريخ تي سنڌ جا جوڳي ڏڻ اچي ملھائيندا آھن اقبال جوڳي به انھي وسنئن جو جوڳي ھو. جيئن سندس مرشد بادل شير بادشاھه جي زماني جو ڪنھن کي علم ڪونھي ائين ئي اقبال جوڳي جي راڄ جي انھي ڀيڻي جي اچڻ جي ڪنھن کي ڄاڻ نه آھي شايد سڪندر جھڙي نانگ کي ريجھائڻ وارو ڪو آڳاٽو اقبال جوڳي ئي ھو شايد صدين کان اھو اروڙ جوڳين جي ڪنھن وڏي سرواڻي جو مرڪزي ماڳ ھو. اقبال جوڳي پنھنجي وڃايل سرداري ۽ سرواڻي جو مرڪزي ماڳ ھو. اقبال جوڳي پنھنجي وڃايل سرداري ۽ سرواڻي حاصل ڪرڻ لاءِ شايد زمانن کان سرگردان ھو.... شايد ھن جي عمر تمام وڏي ھئي جو ھن ڪدو جي سڪل ٽڪري ۽ ڪانھه جي ڪاني ۾ زمانن جي سفر کان پوءِ زندگي جي سچن سرن جو روح ڦوڪي ان کي مڪمل ساز جي صورت عطا ڪئي،

مرلي ھن ننڍي کنڊ ۾ تقريباً ھر ھنڌ نانگن کي جھلڻ لاءِ جوڳي استعمال ڪندا آھن پر انھن جي وڄت ۽ ڦوڪ تي نانگ شايد ئي ڪي ريجھندا ھوندا. مون پنجاب جي مرلين وارا جوڳي به ٻڌا آھن جيڪي چولستان جي ڀٽن مان اڪثر سنڌ ۾ لھي ايندا آھن. شھرن ۾ واھڻن ۾ مرليون وڄائي چار ڏوڪڙ ڪمائي گذران ڪندا آھن سندس مرلين ۾ ايڏو ميٺاج مون نه ٻڌو. ٿر ۾ مرلين وڄائڻ وارا آھن لاڙ ۾ به آھن لاڙ ۾ گھڻي ئي مرلين وارا مشھور ٿيا. ھڪ ڀيري ان وقت جو صدر ايوب خان ڀٽ جي ميلي تي آيو ان وقت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ھڪ جوڳي کي لاڙ مان وڏن سعين ۽ ڪوشش سان سڏايو نالو ھئس محمد فقير مشھور نالو ھئس محمد جوڳي ناٽڪي. ڪنن ۾ وڏا والا ڳچي ۾ مالھائون جسم تي گيڙو رتي الفي ھمراھه ۾ ڏاڍي ڏيا ھئي. ڊاڪٽر صاحب مون کي چيو ته ھن کي چڱي طرح سمجھائ ته ڪيئن اسٽيج تي اچڻو آھي ڪيئن وڄائڻو آھي. وقت ٿورو آھي مان فقير جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ادب سان عرض ڪيو مانس ته فقير مرليون ڦوڪيو ڇا لاءِ ته اسٽيج تي انھي جو موقعو ئي ڪونه ملندو. محمد جوڳي مون کي ھيٺ کان مٿي تائين ڏٺو سمجھيم ته جوڳي جي اک وات ڳاڙھي ڇوري ۾ ٻڏي ئي ڪانه. سمجھائڻ جي ڪوشش ڪيم جوڳي ساڳي تري تيل به نه ھئڻ ڏنو چيائين ته ”تنھنجي ايتري عمر به ناھي اسان جي ڪم جي خبر نه اٿئي پوءِ به سمجھائڻ آيو آھين پھرين اسان جي ڳالھه سک پوءِ ڪنھن جھوني جوڳي کي سمجائڻ جو سعيو ڪجئين‛‛. ائين چئي پنھنجن سوٽن ۾ سرگرم ٿي ويو مون به ڊيگھه نه ڪئي نيٺ مھل آئي ناٽڪي کي سڏ ٿيو سنبت ۾ ٽي چار منٽ ورتائين ڇڪي تاڻي اسٽيج تي آندو مانس ته مرلي ملائڻ ۾ پنج منٽ لڳي ويس ذوالفقار علي ڀٽو مرحوم ان وقت وزير ھو تنھن دڙڪو ڏيئي اٿاري ڇڏيس. ان ڏينھن مونکي ڏک به ٿيو ته ھڪ ڄاڻو وڄتي پنھنجي اجائي ھوڏڪري ڀٽ جي اسٽيج تي ڏک ڏنو ٻيو ته مون کي اھو احساس ٿيو ته مرلي اھڙو ساز ئي ناھي جوان کي اسٽيج تي پيش ڪجي حالانڪه ان کان اڳ قادر بخش چھواڻ ۽ خميسو چھواڻ ڀٽ جي ميلن تي مرليون وڄائي چڪا ھئا. پر محمد جوڳي ناٽڪي جو حشر ڏسي مون ته پنھنجي دل ۾ پڪو پھه ڪيو ھو ته مرلي کي پنھنجي سنگ ۾ شامل ئي نه ڪجي ته چڱو. ڊاڪٽر صاحب کي به محمد فقير ناٽڪي جي انھي حشر تي ارمان ٿيو ھو پر ڏڌو کير ٿڻين ته ڪين پوندو آھي. ان موقعي تي ٻين ڪيترن صاحبن به انھي انتخاب تي چٿرون ڪيون ھيون جيڪي مون ٻڌيون خود اسان جي ڳائڻ واري لڏي جوڳي تي گھڻو ٺٺوليون ڪيون حالانڪ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي راءَ ۾ ھو پنھنجي وقت جو ماھر ۽ نھايت سمجھو وڄائڻو ھو لاڙ ۾ سندس وڏو مان ھو جوڳي جي قسمت خراب ھئي جو ھڪ وڏو موقعو پنھنجي ھٿان وڃايائين. خير انھي تجربي جي روشني ۾ جڏھن ڊاڪٽر بلوچ صاحب ميلي جي موقعي تي اقبال جوڳي کي سڏ ڏيڻ لاءِ ايڊريس ڏني ته مون دل ۾ سوچيو ته اھو به ڪٿي ڪنھن کان پنھنجو پٽڪو نه لھرائي ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته سائين ڇڏيو انھن مرلين وارن کي پر ڊاڪٽر صاحب چيو ته نه اقبال کي ضرور سڏيو. خط لکيوسين ميلو ٿيو پر اقبال نه آيو سو نه آيو چوٿين سال جڏھن ميلي جي موقعي تي ڳائڻن جي وڄتن جي دعوتنامن جي لسٽ منظور ڪرائڻ ويس ته ھاسيڪار اقبال جوڳي جو نالو لکيم ڊاڪٽر صاحب لسٽ پڙھي اقبال جوڳي جو نالو پنھنجن ھٿن سان لکيو عرض ڪيم ته سائين اچي ئي نٿو ٽن سالن کان پيا سڏ موڪيليونس ڊاڪٽر صاحب ڇيو ته جيستائين اقبال جوڳي نه اچي تيستائين کيس دعوت موڪليندا رھو مون حڪم جي پوئواري ڪئي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org