سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  وساريان نه وسرن

باب-

صفحو :13

ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي سرگرمين سان منھنجو تعلق به ڊاڪٽر صاحب جن جي ڪري ٿيو پاڻ مون کي آڱر کان وٺي ھڪ ھڪ وک کڻائي اسٽيج جي علم، ڳاڻن وڄتن جي انداز ۽ رمزن، آڏو ويٺل ماڻھن کي متاثر ڪرڻ جا ڪيئي گر مون کي سيکاريا. انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي ته ڄاڻ جو پنڌ بنھه پري آھي، پر مون پنھنجي عقل موجب جيڪي ڪجھه پرايو اھو به مون لاءِ تمام گھڻو آھي، ڊاڪٽر صاحب جن علم جي ميدان ۾ ھڪ بحر آھي ۽ آءُ ان بھر جو قطرو ئي حاصل ڪري چڪو آھيان جنھن جي آڌار تي اڃان اھو ڪم جاري رکيو پيو اچان. انھي محسن ۽ مربي استاد، منھنجي ملاقات منظور علي خان سان ڪرائي منظور علي خان، جيڪو سنڌ جي ساڃھه ھو جنھن پنھنجي علم ۽ فن سان سنڌي راڳ لاءِ نوان دڳ متعين ڪيا جنھن پنھنجي صدق دلي ۽ پيار ڀرئي ورتاءُ سان محمد يوسف، گلزار علي، وحيد علي، انور حسين وسطڙي ۽ ٻين ڪيترن   راڳاين کي تربيت ڏني مٿانھين ماڳ تي رسايو. اھو منظور علي خان جيڪو سدائين پيو مشڪندو ھو، سو اسان کان جدا ٿي ويو ان جون ڪھڙيون ڳالھيون ڪجن لطيف سائين جي بيت موجب:

ڳالھيون پيٽ ورن م، وڌي وڻ ٿيون
پاڻان
مون ته ڪيون، گوشي گڏيا نه سپرين.

منظور علي خان، سنڌ جي سونھاري سرزمين کي دل سان پنھنجو ڪيو اھو ئي سبب ھو، جو ھن جي گفتن مان سنڌ جي سرھاڻ جو احساس ٿيندو ھو ۽ انھن لکڻن جي ڪري، جو جتي ھوندو ھو اتي پنھنجي رنگ ڍنگ سان نه سرن جي سونھن سان سھڻن گفتن سان مڙني کي موھي مست ڪري ڇڏيندو ھو. ڪوڙي ٺاھه جوڙيا اجائي ڊيگھه منجھس ته ھئي ڪانه ڪنھن به محفل ۾ ھوندو ھو ۽ جي ڪا ڳالھه ڀرجي آيس ته اھو ڏسندو ئي ڪين ھو ته آڏو ڪير آھي، سڀ ڪي چئي وڃي پار پوندو ھو، پر ان عمل ۾ ھڪ خاص ڳالھه اھا ھوندي ھئس ته ڪنھن جي دل آزاري نه ڪندو ھو گفتن ۾ مٺاين جامڻ ھوندا ھئس. ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن ڳالھه تي ڪاوڙبو ھو ته پنھنجي منھن پاڻ تي ڪاوڙ ڇنڊي اٿي کڙو ٿيندو ھو اھو اھڙي نموني جو ڪنھن کي سندس انھي مٺيڻن جي سڌ ئي نه پوندي ھئي اھڙا ڪيئي موقعا آيا ھوندا جن کي ڏسندي خيال ٿيندو ھو ته اجھو ٿو استاد پاڻي مان نڪري پر مجال جو پيشاني ۾ ڪو ور پويس.

خاص ڪري جڏھن لطيف سائين جي ميلي جي آخري ڏينھن تي مڙني محفلن پڄاڻان ، جڏھن فنڪارن کي نالي ماتر معاوضا ادا ڪيا ويندا ھئا، ته منظور علي خان اڀرون سڀرن راڳاين جون پيو پارتون ڪندو ھو ته ھي به لطيف سائين جا ڄاڃي آھن آس ڪري آيا آھن لطيفي لنگر اڻ ميو آھي ڪنھن جو پانڌ پالھو نه رھي ته چڱو. اھڙن موقعن تي ڪڏھن ڪڏھن ڪي پيسا ورھائڻ وارا اجايو تکا مٺا ٿيندا ھئا چي استاد پيسن جي ڳالھه آھي ڪا ھيٺ مٿانھين ٿي وڃي ته ڪير ذميوار ٿيندو. پر مجال آھي جو استاد جي مرڪ ۾ ڪو فرق اچي اوڀاريون لھواريون ڳالھيون ڪري مڙني کي ڪجھه ميلي جي خرچي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو ھو. ۽ ھونئن به گھڻو ڪري سندس چوڻ ڪوبه موٽائيندو ھو. حالانڪ ان وقت ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز جي ڪل مالي امداد ساڍا ستيتاليھه ھزار ھئي جنھن ۾ ميلي جي خرچ کان سواءِ سمورين عمارتن جي سار سنڀال ، ملازمن جا پگھار وغيره سڀ انھي رقم مان پورا ڪيا ويندا ھئا. خير، استاد جي وفات کان پوءِ اھا ڳڻ ڳوت، ۽ مڙني جي خبر گيري واري رسم ڄڻ ته اسان جي اھڙن ڏھاڙن کان رسي وئي اڪثر اھڙن موقعن تي ھر ڪو پنھنجي ڳالھه سوچيندو آھي ٻين اڀرن سڀرن جي خبر لھڻ ڪنھن کي ڏانو ئي نه آئي آھي. استاد منظور علي خان ڄڻ ته اھا ماڻھپي ۽  وڏگردائي واري سرھاڻ پاڻ سان کڻي ويو. ائين. جيئن ھو سنڌ جي سچن سرن کي جياري اجاري پنھنجي شاگردن توڙي سنڌ جي سچن سرن کي جياري اجاري پنھنجي ٻين شاگردن توڙي سنڌ جي ٻين ڳائڻن وڄتن تائين رسائي اسان کان وڇڙي ويو. اھڙو سٺن ۽ مٺن ڏينھن ۾ منظور علي خان سان منھنجي گھرائپ وڌندي وئي ۽ ڳالھه اتي وڃي بيٺي جو اسان ھڪٻئي م ڏک سک پيا اوريندا ھئاسين: محبت وارو اھو ناتو سندس گذاري وڃڻ تائين قائم رھيو اڪثر اسان ھڪ ٻئي سان تکا مٺا به ٿيا ھونداسين، ڪڏھن ھن دڙڪا ڏنا ته ڪڏھن مون تيز ڳالھايو ھوندو، پر اھو سڀ وقتي ھوندو ھو، گھڙي کن کان پوءِ وري به اھو ئي ساڳيو پيار ۽ ساڳئي محبت، نه ته سندس مرتبي جھڙو استاد، جنھن کي ھرڪو مان ڏيندو ھو ۽ عزت ڪندو ھو ان سان ائين ڪو تکو ڳالھائي سو ممڪن نه ھو. استاد منظور علي خان جي ھڪ اھڙي وصف ھئي جيڪا ھر ڪنھن ماڻھو ۾ ڏکي پيندا ٿيندي آھي اھا وصف ھئي ڀانئڻ ۽ نڀائڻ اھو ڄڻ ته سندس ئي وڙ ھو. ھيڏي وقت کان پوءِ اڄ جڏھن آءُ سندس انھي وصف تي ويچار ڪريان ٿو ته حيرت ٿئي ٿي، آخر اھو سڀ ڪجھه ڪيئن سھندو ھو بس ڀٽائي جو ھيءُ بيت مٿس ٺھڪي ٿو اچي ته:

ھو چونئي تون ڪيم چئو، ورائي واتان ويڻ
سڀني
سين، سيد چئي، من ماري ڪر ميڻ
کانڌ
وڏيائي کيڻ، ڪيني منجھان ڪين ٿئي
 

استا مرحوم انھي يت جي ڄڻ شرح ھو. مون کي ذاتي طرح سان خبر آھي ته ڪن عزيزن ساڻس ڏاڍا ڪي اڍندگا پير ڀريا ھئا. بظاھر ھو انھي ڪريت جو اظھار نه ڪندو ھو، پر ڪڏھن ڪي پور دل تي چڙھي ايندا ھئس ته نھايت ڏکاري نوع سان آھستي آھستي لڪل لفظن ۾ انھن جي شڪايت ڪندو ھو. چي مرزا صاحب فلاڻي جا ڪم ڏسين ٿو! عجب جھڙو ماڻھو آھي مون ھن لاءِ ھيئن ڪيو ھونئن ڪيو پر اڄ ان جو ڪھڙو اجورو ٿا ڏين تون ڀلائي ڪري ڪا ڳالھه سمجائين من ڪو شرم پوين! پوءِ لحظو رکي وري چوندو ھو ته، ”ڇڏيو کڻي گند ڪڏھن گند سان ڌوتو آھي‛‛! پاڻھي منھن ڀت سان لڳندن ته خبر پوندو ته گھڻين ويھين سوءُ آھي پوءِ ور ور ڪيو پيو چوندو ته متان ڳالھه ڪئي اٿئي فلاڻي سان منھنجو اھو مشاھدو آھي ۽ مون ته سنڌ جي سمورن ڳائڻن ۽ وڄتن سان ڊگھو عرصو گذاريو آھي پر ھھڙو ھمراھه اڃان منھنجي تجربي ۾ نه آيو آھي انھي ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته ھر ماڻھو جو پنھنجو سڀاءُ ۽ ساءُ آھي ھر ڪنھن ۾ ڪا چڱائي ڪا اوڻائي آھي ئي پر سائين منظور علي خان ڪون سڏاوي! مڙسي جون اصل ديھون ھئس. نفعي نقصان کي ساٿ سنگت تي سدائين ترجيح ڏيندو ھو. يارن جو يار ۽ ڪچھريءِ ۾ پنھنجو وکر ساوڻ جي درياءَ وانگر نھايت فراخدليءَ سان وھائيندو ھو اھو ئي سبب ھو جو ھن جي رھاڻ ۾ ھڪ خاص قسم جو لطف ھوندو ھو سندس آواز کان گھڻو سندس علم ھو ھو راڳ جي علم جي چئن پڳن جو اڳواڻ ھو وٽس پڪي راڳ جون اھڙيون رمزون ھيون، جو ھن ننڍي کنڊ جي ڪيترن ڳائڪن وٽ نه ھيون ھو ڪافي به ان روشن سان ڳائيندو ھو، تانون، مينڍون، مرڪون ۽ پلٽا سندس ڪافي ڳائڻ وقت نمايان ھوندا ھئا شھري ٻڌندڙ ھجن : توڙي ٻھراڙي جا ماڻھو راڳداري جا ڄاڻو ھجن يا بنھه اڻ ڄاڻ ھر ٻڌندڙ کائنس متاثر ٿيندو ھو. شروع وارن ڏينھن ۾ ڀٽ تي استاد ڳائڻ ويھندو ھو ته آھستي آھستي ماڻھو اٿڻ لڳندا ھئا ڇو ته راڳ کان ڊگھي ھوندي ھئي استاد جي تياري. آءُ چوندو ھئس ته، استاد محفل جو خيال ڪر ڪلام چئو، چوندو  ھو ته جنھن کي منھنجو راڳ ٻڌڻو ھوندو اھو ڪين ويندو باقي جيڪي وڃن پيا انھن کي نه تون ويھاري سگھندي نه ئي منھنجي جلدي ڳائڻ سان ويھندا ڀلي گوڙ گھٽجي مزي سان تون به وڃي سامھون ويھي راڳ ٻڌ اڪثر ائين ٿيندو ھو ته منظور علي خان مون کي ۽ حميد آخوند کي چوندو ھو ته سامھون ٿي ويھو اوھان سان اکيون ملن ٿيون ته راڳ ڳائڻ ۾ ڏاڍو مزو ٿو اچي ڪڏھن ڪڏھن اسان ائين اٿي ڪم ڪار سانگي اسٽيج جي پويان يااسٽيج جي ونگ ۾ بيٺا ھوندا ھئاسين ته ڳائيندي سامھون ويٺل ماڻھن کان منھن ورائي اسان ڏي ڏسي مرڪندو ھو ۽ داد وٺندو ھو پاڻ ڳائيندو ھو، ۽ پنھنجي شاگردن کي ڳارائيندو ھو ڪڏھن پنھنجي ننڍڙي ڀائٽي، وزير علي جي پٽ مختار علي کي وٺي ايندو ھو ۽ ھنج ۾ ويھاري زوريءَ اسان جي مرض جي خلاف ڳارائيندو ھو چي مدرسي کي پڪو ڪرڻو آھي ھنن کي ھينئر ھير وجھنداسين ته اڳتي ڪم ايندا ۽ سٺو ڪم ڪندا. مرزا صاحبٰ مدرسي کي وڌائڻو آھي، گھٽائڻو نه آھي.

مدرسي مان منظور عيل خان جي مراد ھوندي ھئي اھو سنگ جيڪو ساڻس ڀيرو ھوندو ھو اصولي طرح سان منظور علي خان پنھنجي ڳوٺ ۾ راڳ جو ھڪڙو مڪتب قائم ڪيو ھو جنھن ۾ شروع کان وٺي ڪيترائي شاگرد پيا راڳ ڳائيندا ھئا. اڄ انھن مان ڪيترائي، دوست سنڌي راڳ جا وڏا نالا آھن. انھن ۾ محمد يوسف، گلزار علي، وحيد علي، انور حسين وسطڙو ۽ قمر سومرو ذڪر لائق آھن ٽنڊي آدم وارو قاسم علي شاھه به استاد جي انھي مدرسي مان تيار ٿي نڪتو ھو منظور علي خان جا ڀائر امير علي خان بيرو خان  ۽ وزير علي خان ساڻس انھي ڪم ۾ ڀيڙا ھئا. امير علي خان سان منظور جي تمام گھڻي محبت ھوندي ھئي بيروخان به پنھنجي وقت مڙس ماڻھو ھو. راڳ سان البت ڏاڍ مڙسي ڪندو ھو باقي لٺ ڌڪي ۾ جھڙس ڪو ورلي ھوندو ھو. انھي ارڏاين ۽ مستين جي باوجود استاد مرحوم ھميشه سندس خيال رکندو ھو. ھر محفل ۾ بيري جي پتي ضرور نڪرندي ھئي پئسي تي منظور علي خان جي ساعت تمام گھٽ ھوندي ھئي. ڇاڪاڻ ته منھنجي علم ۾ ناھي ته ڪو ھن پنھنجي ڄمار ۾ ڪا محفل ٻولي کئني ھوندي دعوت مليس ۽ ٻي ڪنھن سان انجامي نه ھوندو ته مڙني شاگردن سان ريل ۾، ٽانگي ۾، پنڌ وڃي منزل تي رسندو ھو  ۽ محفل ڳائي جيڪو سريو سو کڻي اچي گھر پھچندو ھو. ٻاھر ئي مليل رقم جون پتيون ڪري ويندو ھو ھي گھر لاءِ ھي بيري لاءِ، ھي فلاڻي شاگرد لاءِ ۽ ھي فلاڻي لاءِ پوءِ پتي جي پنج رپيا اچن يا پنج ھزار منظور علي خان اھا تٿ نه ڀڳي. آءُ اڄ سوچان ٿو ته ھن نفسا نفسي جي عالم ۾ اھو نمونو قائم رکڻ ۽ پيسو ورھائڻ ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھه نه آھي.

جيتري قدر راڳ سيکارڻ ۽ پنھنجي شاگردن کي مٿي ڪرڻ جو تعلق آھي ته منظور انھي ڪم ۾ مڙني ڳائڻ وارن کان مٿانھين ماڳ جو مالڪ آھي. سندس سمورا شاگرد، ڪن گھڻو سکيو ڪن گھٽ سڀ پنھنجي نالي سان موجود آھن ۽ منظور علي خان جي شناس يا سڃاڻپ به انھي ڪري قائم آھي جو اڄ به ھو ھن جي رنگ ۽ انداز ۾ رچيل آھن ڳائيندا ته پنھنجي پنھنجي علم موجب پنھنجي استاد جون پيا سڪون لاھين سندس انداز ۾ منظور علي خان جي جھلڪ به پئي نظر ايندي انھي لحاظ کان اڄ اسان يقين سان چئي سگھون ٿا ته استاد منظور علي خان جو اھو سنڌي لوڪ موسيقي ۽ ڪلاسيڪي موسيقي جي ٻه درياھي انداز جو اسڪول بنجي ويو آھي ۽ اھو سلسلو انھي ڪري به جاري رھندو جو ھاڻي استاد جي شاگردن جا شاگرد به انھي رنگ ۾ پيا ڳائين. اھا ڳالھه بحث طلب ضرور آھي ته استاد مرحوم جو اھو ڪارنامو سنڌي راڳ لاءِ ڪيتري حد تائين فائديمند آھي سو ان موضوع تي به مرحوم سان مھنجي کلي طرح سان ڳالھه ٻولهه ٿي.

مون کي سال ياد ڪونھي البته اھا چٽي ياد اٿم استاد کي حڪومت پاڪستان طرفان ”پرائيڊ آف پرفارمينس‛‛ جي تمغي جو اعلان ٿيو ھو. انھي ڏس ۾ حميد آخوند، سنڌ صوبائي عجائب گھر حيدرآباد ۾ استاد منظور علي خان جي رات جي ماني جھلي ان موقعي تي اسان فيصلو ڪيو ته رڳو ماني نه کائبي پر منظور علي خان سان سندس فن، حياتي ۽ يادگيرين بابت ڳالھه ٻولھه به رڪارڊ ڪنداسين. ان جي مڪمل رڪارڊنگ حميد آخوند صاحب وٽ موجود آھي. استاد کان سواءِ فقير عبدالغفور، ڍول فقير، حسين بخش خادم، وحيد علي ۽ عرس مڱڻھار به موجود ھئا. ڳالھين ڪندي نج سنڌي راڳ ۽ پڪي راڳ جي فرق جو اچي قصو شروع ٿيو آءُذاتي طرح سان انھي ڳالھه جو قائل آھيان ته سنڌي راڳ جو پنھنجو ماحول آھي جيڪو ڪلاسيڪي موسيقي کان ٻاھر آھي اھا سٽاءُ انھي لحاظ کان منفرد آھي جو اڄ سنڌي راڳ راڳڻين جا اھڙا نالا موجود آھن جن جو ذڪر ڪلاسيڪي موسيقي جي راڳن ۾ نه آھي ۽ سنڌي راڳ جي دنيا ۾ ڳايا وڄايا وڃن ٿا اھي راڳ راڳڻيون صدين کان وٺي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، جھرجھنگ ڳايون ۽ جھونگاريون پيون وڃن . اھي نج سنڌي راڳڻيون آھن سو چيومانس ته استاد دل ۾ نه ڪريو ته ھڪ ڳالھه چوان چيائين مرزا صاحب اڳ ڪڏھن تو واري ڳالھه اسان دل ۾ ڪئي آھي پڇ ڇا ٿو پڇين؟ چيم اوھان سنڌي راڳ سان ھاڃو ڪري ڇڏيو آھي گھڙي کن لاءِ مون ڏانھن ڏٺائين ۽ سوچ ۾ پئجي ويو نيٺ پڇيائين سمجاءِ اھو ڪيئن؟ مون عرض ڪيو ته استاد توھان راڳداري جا وڏا ڄاڻو آھيو ان جي نزاڪتن کي سمجھو ٿا. مان ايترو نٿو ڄاڻان پر ٿلھي ليکي ڳالھه ڪريان ٿو ته سنڌي راڳ جو واسطو اوھان واري پڪي راڳ سان بنھه ناھي پڇيائين ان جو ڪو دليل؟ چيم ڏسو نه اسان جي ڪوھياري آھي راڻو آھي اھي سڀ پيا ڳائين نه ڪنھن کان سکيو اٿن نه وري ڪنھن کين سيکاريو آھي. اھي سر ڄڻ ته سنڌين جي ستي ۾ پيل آھن اوھان وري ڇڪي انھن راڳن راڳڻين کي وڃي ڪلاسيڪي راڳ سان ملايو آھي ته ھي ڪماچ. ٺاٺ جي، راڳڻي آھي، ۽ ھي فلاڻي ٺاٺ جو راڳ ٿي سگھي ٿو ته انھن راڳن راڳڻين جا ڪي سر انھن ٺاٺن جي راڳ راڳڻين سان ملندا ھجن پر ائين ڪرڻ سان اوھان سنڌي راڳ کي پنھنجي مان ڏيڻ کان ڪيٻايو ٿا اھو نه ٿيڻ گھرجي جنھن جو جيترو حق ھجي ان کي اھو ڏيڻ ۾ ڪيٻائڻ نه گھرجي. منھنجي اھا ڳالھه ٻڌي استاد منظور علي خان چند گھڙين لاءِ ٽٻي ۾ پئجي ويو نيٺ چيائين مرزا صاحب تو واري ڳالھه آءُ مڃڻ لاءِ تيار آھيان پر تون ڏس ته منھنجي پرورش ڪھڙي ماحول م ٿي آھي منھنجو سڄو پس منظر ڪلاسيڪي موسيقي وارو آھي ابي ڏاڏي کان اسان جو تعلق انھي رمز سان آھي اسان جا ابا ڏاڏا جڏھن ھتي لڏي آيا ته ھتي جي قدردانن سندن ايترو خيال رکيو جو ڄڻ جيءَ ۾ جايون ڏنائيون ان زماني ۾ پڪو راڳ ٻڌڻ ڄڻ وڏن خاندانن جو فيش ھو پر سنڌ جا ماڻھو ۽ خاندان راڳ جا ڄاڻون ھئا قدر ڪري ڄاڻندا ھئا، انھي ڪري ھتي اسان جو ڄڻ ته ڌاڪو ڄمي ويو.

 جيتوڻيڪ ھندستان جي ڪند ڪڙڇ مان ڪيئي وڏا وڏا ڳائڻا ھتي ايندا رھندا ھئا. پر اسان کي جيڪا عزت ملي ان جو ٿورو اسان ڪڏھن لاھي نه سگھنداسين. اسان وارن ھمراھن ھتي نه رڳو راڳداري کي قائم رکيو پر ڪافيون ڪلام به چيا اسان جي وڏن مان مراد علي خان جوڳ مان مصري شاھه جي ڪافي ”سڪندي ٿيڙم سال‛‛. ۽ مانجھه مان ”ماڙيون ڀانيان ماتام‛‛ عاشق علي خان سنڌڙي شاھه جي ڪافي ”جادو لائي ويم جيءَ‛‛  ۽ بيبي خان وغيره پنھنجي حال آھر سنڌي ڪلام ڳايا ۽ ان وقت جي رواج موجب اھي ڪلام تمام گھڻا مقبول ٿيا ۽ گھڻي حد تائين اڄ به نھايت مقبول آھن. اسان واري ٽھي مان مرحوم اميد علي خان ۽ سندس ڀاءُ غلام رسول خان به سنڌي سرائڪي ڪافيون ڳايون بيبي خان جو پٽ فدا حسين ته پنھنجي ڄاڻ جي باوجود رڳو سنڌي اوتارن واري گائڪي ۾ مھارت حاصل ڪئي آھي وٽس سنڌي ڪلامن جو تمام وڏو ذخيرو آھي آءُ به ڳايان پيو مون کان سواءِ ھاڻي اسان جي خاندان ۾ وحيد علي به ڪافيون ڪلامن سان سڃاتو وڃي ٿو، ۽ اڳتي به اھو سلسلو ھلندو رھندو. انھي ءَ جو اھو مطلب نه آھي ته اسان سنڌي راڳ ۾ ڪو اجايو واڌارو ڪري، ان جي اصل ساءَ کي نقصان پھچايو آھي، پر ساڳئي وقت اھو به چوندس ته بيشڪ سنڌي موسيقي جو اسان جي لحاظ سان ھڪ منفرد مقام آھي اھو آءُ پنھنجي ذاتي تجربي ۽ علم جي خيال سان پيو چوان. ان ۾ انفراديت آھي، ان جي حفاظت ڪرڻ گھرجي؛ ان سلسلي ۾ آءٌ فقير عيسيٰ ۽ ڍول فقير جي ڳائڻ لاءِ چوندس ته منھنجي سانڀر ۾ اھي ڳائڻا سنڌي راڳ جي اصل روايت جا ڄاڻو آھن. انھن جي لئي ۽ گائڪي ۾ گھڻو وکر آھي. ان جي حفاظت ڪرڻ گھرجي. پوءِ ان کي ڪڏھن نقصان نه پھچندو. عيسو فقير گذاري ويو، ڍول کي ڌڻي حياتي ڏي. آءٌ ڀانيان ٿو ته ھن به پنھنجو ڪو شاگرد تيار نه ڪيو آھي، انھي ءَ ڪري وٽس جيڪي ڪجھه آھي سورڪارڊ ٿيڻ گھر جي، انھي ءَ لاءِ ته اڳتي لاءِ ڪم اچي سگھي. رھيو سوال منھنجو ته اھاته توھان کي خبر آھي ته سنڌ ۾ سڃاڻپ، ڪلاسيڪي راڳ ڳائڻ واري بدران ڪافي ڪلام ڳائڻ واري آھي. پر اھو ذھن ۾ رکو ته مان ڍول يا عيسي فقير وانگر ڳائي نه سگھندس، البت انھن جي انداز ۽ لئي کي پنھنجي سرن جي تنظيم تحت ڳائي سگھندس. رھيو سوال سنڌي راڳ راڳڻين جو مختلف ٺاٺن سان ملائڻ سو ان سان ڪو فرق نه پوندو. سنڌي راڳ جي سرھاڻ پنھجي جاءِ تي قائم رھندي. سنڌي سنگيت ۽ ڪلاسيڪي سنگيت ھميشه جدا جدا رھندي. انھي ڪري نه توکي پريشان ٿيڻ گھرجي: نه ٻئي ڪنھن کي. خير آھي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org