سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  وساريان نه وسرن

باب-

صفحو :12

فقير يار محمد پنھنجي رمز ۽ انداز جو ھڪ يڪتا گوھر ھو. ھو سنڌي فقرائي انداز ۾ ڳائڻ وارن جي آخري نشاني ھو جنھن جو بنياد فقط عشق ھو ۽ پرين پرچائڻ ھو. اھڙا لاھوتي ڪڏھن ڪڏھن پيدا ٿيندا آھن جيڪي عشق ۾ سڀڪجھه ترڪ ڪري پنھنجا جاما مٽائي ڇيرون پائي، ھنڌين ماڳين ھلندا وتندا ھئا. نه لالچ نه لوڀ، تنوار سدائين عشق جي اھڙن ھمراھن جون منزلون به آسان ھونديون آھن چون ٿا ته لاھور کان پئي موٽيو ريل گاڏي جڏھن سنڌ ۾ داخل ٿي ته فقير صاحب سجاڳ ٿيو وضو ساري نماز پڙھيائين. سندس چھري تي پنھنجي ڌرتي جي سرھاڻ ڀري صبح واري ھير ڄڻ ته خوشين جا خزانا پکيڙي ڇڏيا. سڄي سنگت کان موڪلايائين چيائين، ”ڀائو، چيو چوايو معاف اسين گھڙي پل لاءِ آرام ٿا ڪريون اک نه کلي ته ڳوٽ رسائجو سڄين ڀر صدقي حضرت عشق تان‛‛ ائين چئي پنھنجي سدائين ساڻ رھن واري ڪاري کٿي منھن تي وجھي نئون سنئون ٿي ليٽي پيو ڪلمي جي تنوار سڀني رفيقن ٻڌي ٽنڊي آدم تي ھمراھن فقير جي خبر ورتي ته شيءَ ڌڻي کي وڃي پھتي. بس رھي نانءُ سائين جو فقير صاحب پورب جو پنڌ پڇائيندو امڪان کان لا مڪان ڏي اسھيو. سندس نينھن ڀريا نعرا اڄ به ڪنن ۾ ٻرن ٿا دل تي سندس حب ۽ عشق جا ورق وريو وڃن.

ٻڌو اٿئون جته سندس پٽ. سندس روائپ کي سلامت رکيو اچن ڪاٺوڙ ۾ سندس مزار تي راڳ جي رھاڻ اصل متي پئي آھي فقيراڻو ننگر جاري آھي واه فقير تنھنجا ڀاڳ جھڙي نيت تھڙي مراد.

جوڳيئڙا وڃن وارا ڙي منھنجا ادا،

او پورب جو پنڌ پڇائين،

اربيلو استاد

 منظور علي خان

انسان پنھنجي حياتي ۾ ڇا ڇا نٿو ڏسي ! ڪھڙيون ڪھڙيون ڳالھيون ٻڌي سڻي ٿو ۽ ڪيئن انھن ڳالھين کي پٺي پويان اڇلي سڀ ڪجھه وساري ائين ڄڻ ڪجھه نه ٿيو ھجي. زندگي جو ڊوڙ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. جيڪڏھن سوچجي ته انسان جي اھا خوبي به آھي ھو سڀ ڪي جھٽ پل ۾ وساري ويھي نه ته ھيءَ دنيا جا ٽڪساٽ ۽ جنسار ھوند ڪڏھن به نه ھجن ھا پر اھڙن حالن جي باوجود، ڪي ڪي گھڙيون اھڙيون ٿينديون آھن جي وسارڻ جي ڪوشش ڪجي ته به نه وسرن. اھڙي ئي ھڪ ساعت ۾ سيپٽمبر 1980 تي آئي آءُ صبح جو ساڍي نوين بجي ڪراچي ٽي وي تي سچل سرمست جي عرس بابت پروگرام” سچل سارو سچ‛‛ جي ايڊيٽنگ ۾ مشغول ھئس جو حميد آخوند جو نياپو مليو ته مان ھن سان فون تي ڳالھايان، فون ڪيم چيائين،

”استاد منظور علي خان رات گذاري ويو‛‛ مون کي يقين نه آيو، چيائين جي تعزيتي پروگرام ڪريو ته مان به شرڪت ڪندس مان ذھني طور مفلوج ٿي ويس منھنجي آڏو منظور علي جي کلندڙ صورت ھئي ويڊيو ٽيپ تي سچل جي ڪافي سندس صورت ۾ آواز ۾ ان وقت ھلڻ شروع ٿي ”رانجھا تخت ھزاري دا سائين.....‛‛ سوچيم ھيءُ يار ڪو ائين اوچتو مرڻو ھو! ٿوري دير ۾ ھر طرف کان انھي ڏس ۾ تصديق ٿي وئي. مون پنھنجي ٽي وي جي اختياري وارن جي اجازت سسان انھي ڏينھن مرحوم جي ياد ۾ ھڪ پروگرام ترتيب ڏنو جنھن ۾ مون ميزباني ڪئي دل م درد جون لھرون ھيون ائين پئي لڳو ته اھو پروگرام مون کان ڪين ٿي سگھندو. منظور قريشي پروگرام جو پروڊيوسر ھو. ھن وڏا وس ڪيا، نيٺ وڃي پروگرام ۾ وڃي ويٺس حميد آخوند، انور حسين وسطڙو ۽ ٻيو به ڪو صاحب ھو. مون ٽي وي تي سون جي تعداد ۾ پروگرام ڪيا آھن پر ھن پروگرام  جي ڳالھائڻ وقت لفظن ۾ منھنجو روح سمائجي ويو. جن اھو پروگرام ڏٺو تن چيو ته مون ان پروگرام جھڙو اڳ ڪڏھن به ڪو پروگرام نه ڪيو ھو. ٽنڊي آدم ۾ منظور علي خان جا ڪانڌي  کيس دفن ڪري موٽيا ھئا ته اھو پروگرام نشر ٿيو ھو ۽ جڏھن سندس آواز ۾ ھيءَ ڪافي نشر ٿي ته:

”ويندس يار مري تان مري، تنھنجي درد فراق ۾‛‛

ته چون ٿا ته ماڻھن اوڇنگارون ڏيئي رنو ٽنڊي آدم وارا شايد انھي ڪري رنا جو شھر جو ھڪ راڄائتو آڌي مانجھي مڙني سان پير ڀرڻ وارو ۽ سخي مڙس گذاري ويو ھو پر مون دل ۾ انھي لاءِ به رنو ھو ته انھن مڙني ڳالھين سان گڏ سنڌي راڳ سڃو ٿي ويو، ۽ علم جو دروازو بند ٿي ويو سنڌي راڳ جي سونھن سدائين لاءِ سڃي ٿي وئي ھئي.

منھنجي آڏو منظور علي خان جي حياتي جا ڪيئي باب ھئا ھن جي شخصيت جا مختلف روپ ھئا، نالا ھئا، ”مڙني جو استاد‛‛ ھر ڪنھن لاءِ عزت وارو سندس شاگردن ۽ سنڌي راڳ سان رويو بي انداز يادگيريون سڀ ھڪٻئي پٺيان دل تي ترنديون آيون.

منظور علي خان 1927ع ڌاري شڪار پور ۾ ڄائو سندس والد جمال خان عرف جمالو خان ڏاڏو ڪريم بخش خان گائيڪي جي لحاظ کان گواليار جي ھدوخان، حسو خان واري گھراڻي سان تعلق رکندو ھو. ”جمالو خان شروع عمر وارو عرصو شڪارپور ۾ رھيو ۽ پوءِ لڏي اچي ٽنڊي آدم ۾ ويٺو جتي 1953- 1954ع ۾ گزاري ويو سندس پٽ منظور علي خان 1927ع ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو ننڍڙي وھي ۾ پنھنجي والد جمالي خان استاد ھدو خان ۽ استاد سينڌي خان کان تربيت ورتائين ۽ پنھنجي ڀريل ۽ اثرائتي آواز ذھن ۽ لياقت سان سگھوئي موسيقي ۾ مھارت حاصل ڪيائين. پاڪستان ان اڳ نوجواني ۾ پنھنجي پيءُ سان گڏ سنڌ توري سنڌ کان ٻاھر موسيقي جي محفلن ۾ حصو ورتائين 1940ع ۾ لاھور ۾ استاد بڙي غلام علي خان سان ڳايائين نوجواني ۾ اھا سندس وڏي ڪاميابي ھئي.1947ع کان وٺي موجوده وقت 1977 تائين ٽيھن سالن جي عرصي ۾ استاد منظور علي خان سنڌ ۾ ڪلاسيڪي موسيقي جو اڳواڻ ٿي رھيو آھي ڌر پد جي انداز کان سواءِ خيال ٺمري، دادرو، ٽپو ڳائڻ ۾ کيس دسترس حاصل رھي. ”ٽپو ڳائڻ ۾‛‛ استاد منظور علي خان پوري پاڪستان ۾ برک آھي. وڏي ڳالھه ته ھن صدي جي ڪلاسيڪي موسيقارن مان استاد منظور علي خان پھريون گني گويو آھي جنھن کي سنڌ جي مقامي موسيقي جي ڄاڻ آھي ۽ جيتريون سنڌي راڳڻيون صحيح انداز ۾ استاد منظور علي خان ڳايون آھن اوتريون ٻئي ڪنھن به ڪين ڳايون. استاد منظور علي خان ڪلاسيڪي موسيقي ۽ سنڌي موسيقي جي ٻه درياھي کي گڏي موسيقي جون ڄڻ ملڪ ۾ موڪون لائي ڇڏيون، ھو فقط ڪلاسيڪي راڳن جو ڳائيندڙ ناھي بلڪ ڪلاسيڪي موسيقي جو ھڪ عالم آھي. کلي محفل ۾ کلي ڳائڻ جو بادشاھه آھي پنھنجي صاف سريلي آواز وارن مٺن آلاپن توڙي پوري ڀريل آواز وارن ڌڌڪن ۽ ڌماڪن سان استاد منظور علي خان ٽيھن سالن کن ۾ جيڪي محفلون مچايون سي سڀني کي ياد رھنديون (1) ڊاڪٽر بلوچ صاحب مزيد لکي ٿو سنه 195 کان وٺي ھن وقت تائين 1979ع استاد منظور علي خان سان اسان جو قريبي ناتو رھيو آھي. سنه 1951ع کان وٺي 1966ع تائين شاھه لطيف جي ساليانه محفلن جي موسيقي وارين محفلن جو انتظام بنده جي حوالي رھيو ۽ استاد منظور علي خان انھن محفلن جو سر مور رھيو. ذاتي طور تي ھو ھڪ سنجيدو بااخلاق قربائتو ۽ سنڌ جي ناتي نباھڻ واري ريت رسم جو پابند آھي. (2) استاد منظور علي خان سان منھنجو گھرائپ جو رستو سنڌ جي مشھور محقق، عالم ۽ منھنجي استاد محترم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي معرفت ٿيو اھا ھڪ تاريخي حقيقت آھي ته سنڌ جي موجوده راڳ ۽ ثقافتي محفلن جي سرواڻي ٽوڙي انھي ريت کي اجارڻ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو تمام اھم حصو آھي.

ھن جاءِ تي، سنڌي ثقافتي تاريخ جي تعين جي لاءِ ضروري آھي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي ان ڏس م ڪيل خدمتن جو اعتراف ڪيو وڃي، ۽ سندن خدمت ۾ خراج تحسين پيش ڪجي. ڊاڪٽر صاحب جن جي شخصيت جا ڪيئي پھلو آھن سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۽ شاعري، لوڪ ادب ۽ سنڌ جي تاريخ سنڌي راڳ ۽ ثقافت عربي ۽ فارسي، ادب ۽ تاريخ تعليم تربيت ۽ ٻيا ڪيئي پھلو جن تي ڊاڪٽر صاحب نه رڳو قلم جو پورھيو ڪري انھن کي اجاريو پر سنڌي سماج جي اٿي ويٺي رھڻي ڪھڻي جو مطالعو ڪري انھن کي محفوظ ڪيو آھي. ڊاڪٽر صاحب جن جو تعلق سنڌ جي ٻھراڙي سان آھي سندن نظر ان سک واري سچي زماني واري سنڌ تي ھئي سنڌ جون اھي ٻھراڙيون جيڪي اسان جي لاءِ سڀڪجھه نه ھيون انھن کي نروار ڪري ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته اوھان جو اصل اھو آھي اھي. ئي ڀيڻيون اسان جي علم ھنر ۽ فن جو سرچشمو آھن اھي ئي ماڳ آھن جتان سنڌ جا سريلا آواز ۽ ساز اسرن ٿا ڪن کي وقت سڏي اڳتي وڌائي ٿو ڇڏي ۽ ڪن کي اھڙو موقعو نٿو ملي سي اتي ئي لوڪان لڪي پنھنجي رنگ ۾ آلاپيندي وڄائيندي ماٺ ٿي وڃن ٿا انھن تي شھر جا دروازا نٿا کلن.

مون ذاتي طرح سان ڊاڪٽر صاحب کي مختلف موقعن تي جدا جدا علمي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ مشغول ڏٺو آھي. سڄي سنڌ سندن نظر ۾ رھي آھي چاھي سنڌ جا وڏا شھر ھجن يا ننڍا ڳوٺڙا پڪن رستن سان وستيو واھڻ ھجن يا پيچرن ڀران ڪي ننڍڙيون آباديون ڊاڪٽر صاحب جي مڙئي ڪشالا سنڌ جي محبت ۽ عشق ۾ ڪٽيا آھن ھر سنڌي سنڌ سان عشق ڪري ٿو پر مون جنھن انداز سان سنڌ سان نينھن جي ناتي نباھڻ جو فريضو ڊاڪٽر صاحب کي پنھنجي سر تي کڻندي ڏٺو آھي اھڙو ڪو مون کي ورلي ئي مليو آھي. وڏي ڳالھه ته ان عشق جو بنيادي جذبو اھو آھي ته ان کي پڌرو نه ڪبو، چپ چاپ پنھنجي سر اھو نينھن جو ناتو نڀائڻو آھي ان لاءِ نه ڪنھن جزا جي ضرور ت آھي نه ڪنھن جي ساراه جي طلب. سنڌ وارا معشوقن جي مزاج وارا آھن انھن جي ھر ادا کي ڀانئجي ۽ ان سان لڳايل لنو نباھجي. ڊاڪٽر صاحب جن جي پريت ورو اھو پنڌ علمي لحاظ کان سنه 1940ع کان شروع ٿي اڄ 1988ع تائين جاري آھي ٻيلاين جا ٻول کان وٺي لوڪ ادب جي ڪتاب ”ڪافيون‛‛ تايئن شاھه لطف الله قادري جي رسالي کان شاھه شريف ڀاڏائي جي رسالي، تائين، چچ نامي کان وٺي لب تاريخ سنڌ تائين ڊاڪٽر صاحب سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ ادب ۽ ثقافت تي اڻ ڳڻيا احسان ڪيا آھن سنڌ، ڊاڪٽر صاحب جن جي خدمت کي سدائين ساراھيندي رھي آھي ۽ ساراھيندي رھندي.

ٻي پاسي جڏھن ثقافتي سرگرمين ۾ سندن ڪارنامن جو جائزو وٺبو ته اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته 1950ع کان وٺي جڏھن ڊاڪٽر صاحب مرڪزي حڪومت جي اطلاعات و نشريات جي کاتي ۾ غالباً ڊپٽي سيڪريٽي ھئا تڏھن کان سنڌ جي ٻھراڙين جي سازن ۽ آوازن کي پڙھيل ڪڙھيل ماڻھو سان روشناس ڪرائيڻ جو بار منھنجي ذمي ڪيو شاھه لطيف جون ورسون جيڪي ڀٽ تي ٿيون، ۽ جيڪي ڀٽ کان ٻاھر ٿيون انھن کي سينگاريو ۽ سنواريو سنڌي  راڳن ۽ سازن کي مختلف محفلن ۾ سنڌ جي اصل رنگ ۽ انداز ۾ پيش ڪري نه رڳو ملڪي پر بين الاقوامي سطح تي روشناس ڪرايو مون ڊاڪٽر صاحب کان اھو سکيو ته راڳ جي محفل کي ڪيئن ڪاميابي سان ھلائي سگھجي ٿو. ڪنھن کي ڪيئن متعارف ڪرائجي ۽ ڪنھن کي ڪيئن اڳتي وڌائجي ڊاڪٽر صاحب جي بنيادي تعليم استادن کي اعلي تعليم ڏيڻ آھي پر سنڌ سان سندن عشق کانئن اھي پنڌ ڪرايا آھن، سفر جو اھو سلسلو الائجي ڪڏھن کان شروع ٿيو ۽ خدا جي فضل سان جاري آھي ڊاڪٽر صاحب جن انھي سفر جو بنيادي مقصد اھو ئي آھي ته سنڌ جي صدين واري تھذيب تمدن ثقافت ۽ علم ادب جي خفاطت ٿئي اسان جي شھرن ۾ رھندڙ صاحب راءِ انسان گھڻو ڪري ٻھراڙين مان لڏي اچي شھرن ڀيڙا ٿيا آھن شھرن جي پيچ ۾ ھنن پنھنجن ريتن رسمن ۽ اٿي ويٺي کان انحراف ڪيو ۽ ڳوٺ سان لاڳاپا ٽوڙي شھري ريتون اختيار ڪيون نتيجي طور اسان جي ٻھراڙين جا بي مثال موتي ۽ انھن جي ڏڄ کين پاڻ ڏانھن ڇڪن ۾ ڪامياب نه ٿيندي ھئي ڊاڪٽر صاحب انھي طبقي کي پنھنجي ماضي جي شاندار ثقافتي روايتن کان روشناس ڪرائڻ جو عزم ڪيو مڙني محفلن ۾ اسان جي ٻھراڙين جي ڳائڻن وڄتن کي اچي گڏ ڪندا ھئا. انھن موقعن تي ڊاڪٽر صاحب سندن تمام گھڻي ھمت افزئي ڪندا ھئا ان ۾ اھو به احساس ڏياريندا ھئا ته وٽن جيڪو علم ۽ ھنر آھي اھو رڳو پاڻ تائين نه رکو ٻين کي ڀاڱي ڀائيوار ڪريو انھن کي سيکاريو جيئن سنڌ واري اصل وٿ قائم دائم رھي ۽ سنڌ جي سرن جي سرھاڻ ھنڌين ماڳين پکڙجي مون کي خبر آھي ته ڊاڪٽر صاحب پنھنجي انھي دور ۾ سدائين يڪتارن چپرن، نڙن، بينن، مرلين ۽ گھڙن وارن کي اڳتي آندو اڻ ڄاڻ ڳائڻ ۽ وڄتن کي ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن جي آڏو معتارف ڪرايو ڊاڪٽر صاحب جن جي انھي عمل سان اسان جي پڪي راڳ جي روايت جا ڪوڏيا گھڻو ڪري چڱي طرح سان به ڪين ڏسندا ھئا. ڪنھن يڪتاري ۽ چپر تي ڳائڻ واري کي ڳائيند ڪنھن بين ۽ مرلي کي پنھنجي ساز کي ڦوڪيندي پيا پنھنجي پر ۾ مشڪندا ڪشڪندا ھئا سندن انھي مشڪ ۾ نطز ھوندي ھئي ھڪ ڀيري ڪنھن صاحب کان ائين ٻڌم ته خبر ناھي ھنن ڄٽن مان ڪڏھن جند ڇٽندي اھي ڄج جڏھن اسان سڀني کي سنڌ جي اصلي ريتن جو احساسل ٿيو تڏن مڙني جي مٿن جا ڇٽ ثابت ٿيا سڀڪو پيو پاڻ کي پڌرو ڪندو ھو ته فلاڻي کي ڀائو مون آندو ! ڊاڪٽر صاحب جن کي پڙھيل ڪڙھيل سنڌين جي انھي روشن جو احساس ھو پر پاڻ ان ڏي ڪڏھن ڌيان نه ڏنائون چوندا ھئا: جيڪڏھن ڪم ڪرڻو آھي ته پوري طرح پير ٻڌي ڪيو ماڻھن جي ڳالھين تي وڃبو ته سنڌ کي نقصان رسندو ڪنھن سان مقابلا ڪنھن سان معملا ڪجن حالانڪ سنڌ جي پڙھيل ماڻھن کي پنھنجن جي خير خواھي ڪرڻ گھرجي ۽ پنھنجن جو قدر ڪرڻ گھرجي جي سنڌ ۾ سنڌين جو عاشق ٿينو آھي ته پوءِ معشوقن طرفان جيڪي ٿئي سو سھڻو آھي انھي عزم سان ڊاڪٽر صاحب ڀٽشاھ تي ڪيترن ئي ڳائنن ۽ وڄتن کي تعارف ڪرايو ڪنھن جا نالا کني ڪنھن جا کڻان، مصري خان جمالي جو جيڪو ميلن ملاکڙن تي بينو ٺاھي ڀري ٻڌي اچي نٽھڻ اس ۾ وڪڻندو ھو ۽ ڊاڪٽر صاحب کيس اٿاري آڻي اسٽيج تي پيش ڪيو.

اقبال جوڳي جو ذڪر ڪريان جنھن جي لاءِ ڊاڪٽر صاحب سالن کان پيو چوندو ھو ته ميڙي تي سڏجوس ڪيترائي خط لکياسين پر جوڳي سکي روھڙي جي وچ ۾ مرلي وڄائيندي پيو گدائي ڪندو ھو جنھن ميلي تي پھريون ڀيرو ھو آيو ۽ مون ڊاڪٽر صاحب کي سندس اچڻ جي خبر ڏني ته مون کي ائين لڳو ڄڻ کين ڪا دنيا جي وڏي دولت پلئه پئجي وئي آھي ۽ جڏھن اقبال پنھنجي مرلي وڄائي ته سڀني کي احساس ٿيو ته مرلي ته صدين کان جوڳي وڄائيندا ٿا اچن پر اقبال جيڪا مرلي وڄائي ٿو اھو مڪمل ساز آھي: جيڪو نه رڳو نانگن کي ريجھائي ٿو پر انسان کي به مست ڪيو نچائي ٿو اقبال جو وجد ۽ انداز اھڙو ھو جو ھو سراپا سر بڻج ويندو ھو ۽ لھرن تي پاڻ مست ٿي نانگن وانگر ڦوڪون ڏيڻ لڳندو ھو واه اقبال تنھنجو اقبال سرندي واري لونگ سومار جو نالو وٺان جنھن جي سرندي جي تارن مان واقعي سر جون صدائون نڪرنديون ھيون الله بچائي رونجھي جي بانسري جو بيان ڪريان جنھن مان سنڌ ۽ لس ٻيلي جي سچن سرن جو ساءَ ايندو ھو بنگل فقير لغاري، جو ذڪر ڪريان جنھن ڀٽ جي اسٽيج تي ڀٽائي واري دنبوري تي وائي چئي سوين اکيون روئاري ڇڏيو يا وري گل محمد ماڇي جو نالو لکان جنھن بنان سازن جي ڀٽائي جون وايون ائين چيون جو لڳندو ھو ته سندس صدائن پويان سوين ساز پاڻ مراد پيا وڄن اھي اھڙا ٻيا ڪيترائي ڳائڻا وڄتا ڊاڪٽر صاحب نه رڳو ڀٽ تي پر ڀٽ کان ٻاھر سچي سنڌ ۾ مختلف موقعن تي متعارف ڪرائي سنڌ جي راڳ جي نئين سٽاءُ جو بنياد رکيو ۽ انھن کي ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي روشناس ڪرائي سنڌي راڳ ۽ ثقافت جو مان مٿانھون ڪيو.

مان پنھنجي تجربي ۽ مشاھدي جي بنياد تي ائين چوڻ حق ٿو سمجھان ته اڄ جنھن نموني ۾ اسين سنڌ جي مختلف ميلن ۽ موقعن تي راڳ جون جيڪي به محفلون جاري رکيو پيا اچون انھن جو بنياد فقط ۽ فقط ڊاڪٽر صاحب جن جو ئي رکيل آھي. جيڪڏھن سنڌ جي ثقافتي سرگرمين جي ابتدائي زماني ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جھڙي سرواڻ، سنڌ ۽ سنڌين جي ھڏ ڏوکي ھستي شخصيت جو عمل دخل نه رھي ته پوءِ اڄ اسان جي سنڌ جي مختلف اسٽيجن تي اھڙا روايتي سنڌي راڳ ۽ ساز نظر نه اچن ھا، جيڪي اڄ اسان جي ثقافتي سرگرمين جو لازمي جزو بڻجي ويا. بين الاقوامي يا سائنس ڪانفرنسون ھجن يا تاريخ جي عالمن جون گڏجاڻين جميعت الشعراءُ سنڌ جون ادبي محفلون ھجن يا شاھه لطيف جي عرس جو تقريبون، ڊاڪٽر صاحب جن انھن مڙني موقعن تي پنھنجي نظريي تحت نچ سنڌي راڳ ۽ ساز جون نھايت معياري ۽ تاريخي محفلون منعقد ڪرايون، اھي محفلون جن ملڪي ۽ غير ملڪي ماڻھن ڏٺيون انھن سنڌ جي شاھوڪار ثقافتي روايتن کان دلي طرح سان متاثر ٿي بي اختيار ٿي داد ڏنو مان ذاتي طرح سان اھڙين ڪيترن محفلن ۾ ڊاڪٽر صاحب جن سان ھڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ شامل رھيو آھيان انھن موقعن تي ڊاڪٽر صاحب ھر ڳائڻي ۽ وڄتي کي مھل ۽ موقعي جي لحاظ سان جدا جدا زبان ۾ متعارف ڪرايو. انھي تعارف دوران ڊاڪٽر صاحب علم جا درياءَ وھائي ڇڏيندو ھو، سجيڪڏھن راڳ ۽ ساز محفل جي جان ھوندا ھئا ته ڊاڪٽر صاحب جن جو تعارف انھي جو سينگار ھر ماڻھو ھڪ ڪنو ٿي کين ٻڌندو ھو ۽ علم پرائيندو ھو. ڊاڪٽر صاحب نھايت منفرد انداز ۾ اھو ڪم سر انجام ڏيندا ھئا شاھه جي موقعي تي ٿيندڙ ابتدائي محفلن جو ٻيو ڪم ڪار ته ٻيا صاحب سنڀاليندا ھئا پر راڳ وارين رھاڻين جو اڳواڻ ۽ سرواڻ ڊاڪٽر صاحب جن ئي رھيا، تقريباً سترھن سال مسلسل اھو فرض نھايت شاندار انداز سان سر انجام ڏيندا رھيا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org