سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو :3

 

4- ميان عبدالرحمان صاحب ولد ميان عبدالله صاحب ڀرچونڊي

 (ميرپور ماٿيلو)

ميان عبدالرحمان جو ڏاڏو، حافظ محمد صديق عليه الرحمت، وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن سوئيءَ واري بزرگ شاهه حسن وٽان فيض حاصل ڪيو هو. اهو پير محمد راشد جو مريد هو، جنهن پنهنجي والد سيد محمد بقا کان طريقت جو سبق ورتو هو. هن ڪوٽ سڌانه جي پير جي بيعت ڪئي هئي، جنهن جو سلسلو سيد محمد صالح اُچ واري جي معرفت، شيخ عبدالقادر عليه الرحمته جيلانيءَ تائين پهچي ٿو. ان ڪري، سندن سلسلي کي قادري طريقو ڪري سڏيو وڃي ٿو.

حافظ ميان محمد صديق وڏو عالم، صاحب شريعت، اهل دل ۽ اهل نظر درويش هو، جنهن وٽان خان ڳڙهه جي بزرگ ميان احمد صاحب، مولانا تاج محمد امروٽي، مولانا عبيد الله سنڌي ۽ ٻين ڪيترن بزرگن طريقت جا سبق حاصل ڪيا هئا. مولانا عبيد الله سنڌي جڏهن پهرين سنڌ ۾ آ:و هو، ته حافظ صاحب جي خدمت ۾ ڪجهه وقت لاءِ اچي رهيو هو. هي صاحب سلسله طريقت جي انهيءَ گروهه سان واسطو رکندڙ هو، جن جي نظر ۾ شريعت جي پيرويءَ کانسواءِ طريقت بيڪار هئي. هنن خداشناسيءَ لاءِ به بزرگانِ دين اسلام جي ٻڌايل رستي تي هلڻ ضروري ٿي سمجهيو. مذهب اسلام جي فضيلت ۽ برتري سندن مکيه متو هو.

حافظ ميان محمد صديق کي اولاد ڪو نه ٿيو. سندس وفاتيءَ کانپو”، گاديءَ تي ميان عبدالله ويٺو، جو پوءِ "هادي سائين" جي نالي سان ڪوٺجڻ ۾ آيو. کيس ميان عبدالرحمان نالي فرزند، 1306هه مطابق 1889ع ڌاري پيدا ٿيو.

ميان عبدالرحمان تعليم هيٺين استادن وٽ، فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ حاصل ڪئي: (1) مولوي عالي شير لڪپوري، (2) مولوي سراج احمد بهاولپور، ۽ (3) مولوي سردار شاهه، والد جي ڏينهن ۾ پاڻ شاگردن کي مذهبي تعليم پڙهائيندو هو. ميان عبدالله صاحب 1925ع ۾ وفات ڪئي ۽ هي ان جي جاءِ تي مسند نشين ٿيو. ان کانپوءِ هن درس ڏيڻ جو سلسلو ختم ڪري، وعظ ۽ نصيحت ڪرڻ طرف رخ رکيو.

مٿس قدامت پسند ۽ فرقي پرست مولوي جو اثر ويهجي ويو، جن سندس بزرگن جي روايتن خلاف، کانئس ديوبندي سلسلي جي مولوين خلاف پرچار ڪرائڻ شروع ڪرايو. سندس ڏاڏي حافظ محمد صديق وٽ مولانا عبيد الله ۽ مولانا تاج محمد امروٽي جهڙن ديوبندي خيالن جي عالمن جي آمدرفت هوندي هئي. مولوي حماد الله صاحب هاليجوي ۽ مولوي عبدالعزيز ٿريچاڻي به، مولانا امروٽيءَ جي معرفت، انهيءَ سلسلي جي ڪڙي بڻيل هئا.

جڏهن کيس بريلوي گروهه جي مـُـلن جي تحريص تي مناظرن جو شوق دامن گير ٿيو، ته هو انهيءَ سلسلي ۾ جيڪب آباد، حيدرآباد، ڪنڌڪوٽ، رحيم يار خان، احمد پور ۽ سکر تائين، مولوين کي ساڻ وٺي، فقيرن جي جماعت ۽ ڪتابن سميت، بحث مباحثي ۾ حصي وٺڻ لاءِ ويندو هو. وعظ ۽ منهنجي پرچار جي سلسلي ۾ دهليءَ تائين به وڃي نڪرندو هو. مناظرا ۽ مباحثا درويشن جي راويتن موجب ٺيڪ نه هوندا آهن، پر هن بزرگ جي سادگيءَ جو فائدو وٺي، مـُـلا کيس ان طرف هلائڻ لڳا.

انهيءَ اثر هيٺ، ميان عبدالرحمان غير مسلمن کي مسلمان بنائڻ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، جنهن ڪري هڪ طرف مـُـلن مولوين ۽ ڪٽر فرقي پرست، مسلمانن وٽ سندس شهرت ٿيڻ لڳي، ته ٻئي طرف، ان جي ردعمل ۾، هندن ۾ هن لاءِ مخالفت شروع ٿي. سندس بزرگن جا اڪثر مريد جنگجو ۽ سخت طبيعت جا ماڻهو هئا، جن کي محبت ۽ سلوڪ جي ضرورت هئي، نه فرقه پرستي ۽ مذهبي تعصب جي.

انهن ڏينهن ۾ اهو دستور هوندو هو ته جيڪڏهن ڪو غير مسلم مذهب مـَـٽائي مسلمان ٿيندو هو، ته وڏي ڌام ڌوم سان سرگس ڪڍي ۽ دعوتون ڪري خوشي ملهائبي هئي، جنهن کي هندو ڪٽر مسلماني ذهنيت جو مظاهرو ۽ پنهنجي لاءِ بيعزتي سمجهندا هئا. اتر سنڌ جا ڪي هندو به ذرا تيز هئا. هنن عملدارن وٽ شڪايتون پيش ڪيون، پر پير صاحب تي ان جو ڪو به اثر نه پيو. هن مسلمانن جي اخلاق حميده ۽ تزڪيهءِ نفس طرف توجهه ڏيڻ سان گڏ، ظاهري مسلمانن جي تعداد وڌائڻ ڏانهن به توجهه ڏنو. انهيءَ اختلاف جي ڪري، ڪن ناعاقبت انديش سکر جي نوجوان هندن، سندس وڏي فرزند ميان عبدالرحيم صاحب جي، شهر ۾، بنا سبب جي بيعزتي ڪئي، جنهن ڳالهه پير صاحب جي مريدن ۾ جوش پيدا ڪيو. ديهاتي ۽ قبيلائي گروهه جي ماڻهن ۾، قديم وحشاني دستور موجب، رواج هوندو آهي ته هر نقصان جو بدلو وٺجي. نقصان جو اندازو قيمت ۾ ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن وڏي عزت واري ماڻهوءَ جو قتل يا بيعزتي ٿيندي آهي ته ان جو عيوض ڏوهاريءَ کان هروڀرو وٺڻو نه آهي، بلڪه قتل ٿيل يا بيعزتي ٿيل ماڻهوءَ جي شان شوڪت جي مدنظر، مخالف ڌر جي ايڏي ئي عزت واري ماڻهوءَ کان بدلو وٺبو آهي. عرب، بلوچ ۽ پٺاڻ قومن جي ڪيترن قبيلن ۾ اڃا اهو رواج هلندو اچي. سنڌ اڃا قبيلائي دستورن کان آزاد نه ٿي آهي، ۽ ڪيترائي قديم دستور هلندا اچن- مثلاََ ڪاري- ڪاريءَ جو رواج. ڏسجي ٿو ته دستور کان متاثر ٿي، مريدن فيصلو ڪيو ته هندن جي ڪنهن بزرگ کان بدلو وٺجي. وڏي پير صاحب کي خبر هئي يا نه، ان جو پتو ڪو نه آهي، پر ڪم از ڪم هو ان ڳالهه کان واقف هئڻ جو انڪاري هو.

ساڳئي وقت مسلم ليگ طرفان منزلگاهه مسجد جي موٽائڻ جي هلچل هلي رهي هئي. هندن جو ان عمارت ۾ واسطو نه هو، پر انهيءَ عذر تي ته اها جاءِ سندن ساڌٻيلي جي سامهون واقع هئي، هو ان جي مسلمانن کي موٽي ملڻ جي مخالفت ڪري رهيا هئا. جيتوڻيڪ ساڌٻيلو دريا جي وچ ۾ پري هو، ليڪن اها حقيقت هئي ته هندو عوام تي پنڊت ۽ مسلمان عوام تي مـُـلا جو اثر ويٺل هو، جن جي تصور موجب، سناتني هندن کانسواءِ سڀ ماڻهو مليڇ هئا، ۽ شريعتي مسلمانن کانسواءِ سڀ ماڻهو ڪافر هئا. تنهن ڪري، هنن هندن ۾ اُن وقت ڀائي ڪنور رام ڀڳت کي عزت وارو ۽ هندن جي گروءَ جهڙو سمجهي، ان کي قتل ڪرڻ جي سازش سٽي.

ملا جي تعبير واري اسلام موجب، هر اهو ماڻهو جو ظاهري شريعت واري اسلامي جماعت کان ٻاهر آهي، سو خدا جو منڪر ۽ ڪافر آهي، ۽ ان سان وڙهڻ يا جنگ ڪرڻ کي جهاد سڌيائون ٿي، انهيءَ راهه ۾ لڙندي قتل ٿيڻ کي شهادت سمجهيو ٿي ويو. انهيءَ مطابق، هڪ مسلمان پير طريقت جي فرزند جي توهين، دين اسلام جي بيعزتي هئي، ۽ ان جو بدلو وٺڻ مذهبي فرض هو. اهو ڪم حاجي جان محمد جلباڻيءَ سر تي کنيو هو. روزي، نماز جو پابند، چوريءَ ۽ بد عادت کان پري هو، ليڪن غلط مذهبي ۽ قبيلائي تعليم جو شڪار ٿي، هن بيگناهه ڀڳت ڪنور رام کي 2 نومبر 1939ع تي قتل ڪري وڌو، جنهن ڪري هندو- مسلمان تعلقات ويتر ڪشيده ٿي پيا.

پير صاحب ۽ سندس هزارن مريدن مسجد منزلگاهه جي ستياگرهه هلچل ۾ حصو ورتو. سندس سلسله طريقت قادري هو. سندس مريد "هـُـو هـُـو" جو ذڪر ڪندي، وجد ۾ اچي ويندا هئا. اهي نظارا منزلگاهه ستياگرهه جي زماني ۾ ڏسبا هئا.

مٿي زڪر ڪيل ڳالهين مان پتو پئجي سگهي ٿو ته جڏهن مذهب اسلام، باطني تعليم کي ڇڏي، ظاهري رسمن ۽ چند عبادتن جو فرقو بنجيو پوي، ته ان جو دائرو محدود ٿي هڪ فاسالائيزڊ Fossilized) پهڻجيل) صورت اختيار ڪريو وڃي. پوءِ اهو موجوده دنيا جي چالاماڻي ۾ نٿو اچي سگهي، بلڪه پراڻي سڪي وانگر، عجائب گهرن ۾ رکڻ جي لائق بنجيو پوي. موجوده سائنسي ۽ علمي دنيا کان دور، ڪي مخصوص قبائلي ۽ ديهاتي قبيلا، اهڙي ئي قسم جا عجائب گهر هوندا آهن.

اتر سنڌ جو ڪيترو حصو اهڙي قسم جي ماحول وارو هو، ان ڪري اتي پير صاحب ڀرچونڊيءَ جو گهڻو اثر هو. هي بزرگ قد جو ڊگهو ۽ بدن ۾ ڀريل هو. ڪشادي پيشاني، وڏين اکين، ڊگهي ريش، ڪلهن تائين وارن رکڻ ۽ ململ جي ڊگهي پهراڻ پائڻ ڪري، رعبدار ڏسڻ ۾ ايندو هو. اڪثر نماز، روزي، تلاوت، ذڪر ۽ تسبيح ۾ مشغول رهندو هو. نهايت سادو ۽ موجوده زماني جي حالات کان قطعي غير واقف هو. ان لاءِ مثال طور ڪي واقعا پيش ڪجن ٿا:

(1) پير صاحب کي ڪن مـُـلن ذهن نشين ڪرايوته سنڌ جدا ٿيڻ بعد، جنهن صورت ۾ سنڌ اسيمبليءَ اندر مسلمان ميمبرن جي ڪثرت آهي، تنهن ڪري ملڪ ۾ شريعت جو قانون جاري ٿيڻ گهرجي. ان وقت (خانبهادر) الهه بخش سومرو سنڌ جو وزيراعليٰ هو. پير صاحب مـُـلن سان گڏجي، وفد ٺاهي وٽس ويو ته مهرباني ڪري سنڌ سان شريعت جو قانون لاڳو ڪريو. الهه بخش زمانه ديد ۽ مردم شناس سياستدان هو، تنهن ساڻس بحث ڪرڻ مناسب نه ڄاڻي، کيس مسلم ليگي ميمبرن ڏانهن موڪليو ته هو انهن کي وڃي ان ڳالهه کي هٿ ۾ کڻڻ لاءِ آماده ڪري. ان وقت آءٌ مسلم ليگ ۾ هوس. هو صاحب مـُـلن سان گڏ، اسان وٽ کهڙي صاحب جي بنگلي تي آيو، ۽ احوال ڪيائين ته هو الهه بخش وٽان ٿي، اسان وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهي ته اسلامي شريعت جو قانون ملڪ ۾ رائج ڪجي. اسان هن کان پڇيو ته شريعت جي قانون مان سندس ڪهڙو مقصد آهي. جواب ۾ چيو ويو ته چور جا هٿ ڪپيا وڃن، زانيءَ  کي سنگسار ڪيو وڃي، ڪيسن هلائڻ جو ڪم ججن جي عيوض مولوين جي حوالي ڪيو وڃي، جي اسلامي فقه مطابق فيصلا ڪندا رهندا، وغيره.

پير علي محمد راشدي به اتي ويٺل هو. هي پير صاحب ان جي خاندان جو مريد هو، ان ڪري هو هن بزرگ جي دماغي ڪيفيت مان اسان کان گهڻو واقف هو، تنهن اسان کي روڪي، کيس جواب ڏنو ته حڪومت الهه بخش جي هٿ ۾ آهي، جيڪڏهن هو ڪو اهڙو قانون اسيمبليءَ اڳيان پيش ڪندو ته اسين ان جي مدد ڪنداسون. پير صاحب اهو جواب ٻڌي واپس ويو. شيخ عبدالمجيد صاحب کي راشدي صاحب جو جواب پسند نه آيو، جنهن چيو ته ههڙي سادي بزرگ کي اهڙيءَ طرح رُلائڻ مناسب نه هو،  بهتر هو ته کيس سمجهايو وڃي ها ته هن مهذب دؤر ۾ اهڙي قسم جا قديم دؤر وارا قانون رائج ٿي نٿا سگهن. ليڪن راشدي صاحب جواب ڏنو ته اوهين هن صاحب جي نفسياتي ڪيفيت مان واقف نه آهيو، هي ٻي ڳالهه سمجهي ئي نه سگهندو.

شيخ صاحب کي اهڙي جواب تي تسلي نه ٿي، ۽ هو مون کي وٺي، رائل هوٽل ۾ پير صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. اتي پير صاحب کي عرض ڪيائين ته قانون جو اهو سرشتو، جيڪو پاڻ ٿا تجويز ڪن، سو هن زماني ۾ هلڻ جهڙو نه آهي، ساريءَ دنيا ۾، سواءِ سعودي عرب جي. ڪنهن مسلمان حڪومت ۾ به اهو قانون هن وقت رائج نه آهي: ملن جو اڪثر حصو جاهل ۽ لالچي آهي ۽ انهن کان صحيح انصاف ملڻ جو امڪان نه آهي،  ازان سواءِ اڃا انگريز ويٺا آهن ۽ انهن جي آئين ۽ قانون هوندي هي سرشتو جاري ٿي نٿو سگهي، وغيره. ليڪن پير صاحب بجاءِ ڳالهين سمجهڻ جي، مورڳو شيخ صاحب تي ڪاوڙجي پيو.

(2) اهڙيءَ طرح هڪ ٻيو واقعو ٿيو. هڪ دفعي شڪارپور تڪ جي ضمني چونڊ ۾ مسلم ليگ اُميدوار کي مدد ڏيڻ لا”، پير صاحب سان گڏ، الهه بخش ڪاڪي پوٽي جي ڳوٺ ۾ ويل هوس. رات جو نماز کانپوءِ پير صاحب مون سان سنڌ جي سياسي مسئلن تي گفتگو ڪرڻ ويٺو. گفتگو جي دؤران ۾ ظاهر ڪيائين ته سنڌ جي موجوده وزيرن ۾ خدمت خلق جو  مادو نه آهي، ان ڪري سنڌ جي حڪومتي نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ تجويزون سوچجن. مون ان لاءِ کانئس سندس تجويز جي تقاضا ڪئي، تنهن تي چيائين ته "مون کي تنهنجي اخلاق ۽ خدمت خلق جي جذبي ۾ ويساهه آهي، تنهن ڪري تنهنجي هٿ هيٺ هڪ وزارت ٺاهي وڃي، جنهن ۾ سٺا ماڻهو چونڊي رکيا وڃن، جن ۾ هڪ منهنجو خليفو دائم به هجي."

مون کيس ٻڌايو ته، "مروجه پارليامينٽري آئين مطابق، صرف ڪثرت تعداد واريءَ پارٽي جو ليڊر ئي وزارت ٺاهي سگهي ٿو، ۽ هيءَ ضمني چونڊ هئي، جنهن ۾ هڪ ميمبر جي چونڊجڻ ڪري حالتون بدلجي نٿيون سگهن. ميمبر ساريءَ سنڌ مان چونڊجن ٿا، ۽ انهن جي چونڊ ۾ مڪاني زميندارن، پيرن، ڪامورن، پيسي وارن ماڻهن ۽ طبقاتي مفاد ۽ لڳ لاڳاپي کي گهڻو دخل آهي. اسين ٻه ماڻهو، باوجود نيڪ خيالن جي، وزارت ٺاهي سگهڻ جي حيثيت نٿا رکون." وغيره. پوءِ هو خاموش ٿي ويو.

مٿين گفتگو مان اندازو لڳي سگهندو ته هو نهايت سادو ۽ نيڪ جذبات وارو ماڻهو هو. ملڪ جي صحيح حالت کان واقف نه هو، ۽ انهيءَ ڪري اڪثر چالاڪ خليفن جي غلط مشورن جو نشانو بڻبو هو، جن ۾ خليفي محمد دائم ۽ خدا بخش جو وڏو هٿ هوندو هو.

(3) ميان امين محمد کوسي کي، ان حد ۾ پير صاحب جي نيڪ جذبن ۽ اثر کي ڏسي، اچي شوق جاڳيو ته پير صاحب تي اثر هلائي، ڪجهه ڪم ڪرائي سگهندو، پر ان ۾ ناڪامياب ٿيو. کيس خبر هئڻ گهربي هئي ته اهي اثر ۽ طاقتون گذشته دؤر جون باقيات هيون، جي موجوده زماني سان ٺهڪي نٿي سگهيون ۽ انهن ۾ اصلاح ٿي نٿي سگهي- انهن کي يا رد ڪرڻو هو، يا انهن جي پوئلڳي ڪرڻي هئي. بهرحال، پير صاحب باوجود نيڪ جذبن جي، آبا و اجداد جي روايتن موجب ڪجهه ڪم ڪري نه سگهيو.

پير صاحب چار شاديون ڪيون: پهرينءَ مان ٻه نياڻيون، ٻيءَ مان ٻه فرزند، ٽيءَ مان چار فرزند ۽ چوٿينءَ مان ٽي پٽ ۽ ڻيايون هيس. آخر عمر ۾ پاڻ بيمار گذارڻ لڳو هو، ۽ 9 ربيع الاول 1380هه مطابق 1 سيپٽمبر 1960ع تي انتقال ڪيائين. سندس جاءِ تي سندس وڏو فرزند ميان عبدالرحيم صاحب سجاده نشين ٿيو آهي. تعصب ۽ طاقت اڪثري نفاق جو ڪارڻ بنجن ٿيون، تنهن ڪري ٻڌجي ٿو ته هن کانپوءِ خاندان ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا آهن.

5- ڀڳت ڪنور رام ولد ڀائي تارا چند

(ڳوٺ جروار، ميرپور ماٿيلو)

سنڌ صوفين ۽ درويشن جو ملڪ آهي، جيئن اڳ عرض ڪري چڪو آهيان، انهن سـَـنتن ۽ صوفين جا مکيه مقصد- وحدت الجود جي تعليم، اتحاد انساني لاءِ ڪوشش، ۽ جملي مذهبن جي بنيادي وحدت جو پرچار، پئي رهيا آهن ۽ انهن مقصدن جي پکيڙڻ لا”، اصل کان هنن ٻه طريقا پئي اختيار ڪيا آهن: هڪڙو "گيان" جو، ۽ ٻيو "ڀڳتيءَ" جو.

صوفين ۽ درويشن جي گهڻي حصي، هر هنڌ، عشق يا ڀڳتيءَ جي ذريعي مٿين مقصدن جي حصول لاءِ ڪوشش پئي ڪئي آهي. سنڌ جي ذريعي مٿين مقصدن جي حصول لاءِ ڪوشش پئي ڪئي آهي. سنڌ جي ڳوٺن کي جنهن چڱيءَ طرح گهمي ڏٺو هوندو، تنهن کي پتو هوندو ته ڳوٺن ۾ ڳائڻا ۽ ڀڳت ڇيريون پايو، يڪتارا کڻيو، انهيءَ صوفيانه تعليم کي، جا هندو مسلم درويشن شعر جي صورت ۾ آندي هئي، گهر گهر پڄائي رهيا آهن.

شاهه عنايت عليه الرحمت ۽ سچل سرمست جي مسند نشينيءَ جي احوالن ۾ ڄاڻائي آيو آهيان ته انهن جي طالبن ذريعي ڪهڙيءَ طرح سندن ڪلام سنڌ ۾ پکڙيو. بلڪل ساڳيءَ طرح، گرو نانڪ، ڪبير ڀڳت ۽ ميران ٻائيءَ جو ڪلام، جنهن جو مقصد به ساڳيو هو، سنڌ اندر پکڙبو رهيو.

ڳوٺ ڳوٺ ۾ گردوارا، ٽڪاڻا، اداسين جون سماڌيون ۽ آستان هئا، ۽ آهن، جن جي ذريعي پريم جو پيغام پکڙبو رهيو. سنڌ به ڪيئي سنت پيدا ڪيا، جن جو ڪلام هندن توڙي مسلمانن ۾ پکڙبو ويو.

سوامي مينگهراج، بهاولپور جي احمد پورڳوٺ مان شڪارپور ۾ اچي. مهراج هيمنداس جي مڙهيءَ ۾ رهيو. وڏو  ودوان ۽ ڪـَـوي، گڻوان ۽ پريمي ڀڳت هو. ان جي سنگ ۾ ڀائي چئنراءِ گهڻو ڪجهه پرائي شعر چوڻ لڳو. جنهن کي "ساميءَ جي سلوڪن" جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ازان سواءِ هندن مان دلپت صوفي، سائين پارو شاهه، وسڻ گهوٽ ۽ ڪيترن ٻين سنتن جو نالو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور آهي.

جهڙيءَ طرح مسلمان صوفي، اهڙيءَ طرح هندو سنت، ساڳين ذڪر ڪيل ٽن مقصدن جا مڃيندڙ هئا. سڀني کي پتو هو ته واٽون کڻي ويهه هجن، پهچڻ واري جاءِ ساڳي آهي. هنن کي پتو هو ته توصوف ۽ ويدانت هڪ ئي مقصد جا ڳولا آهن. هنن جڏهن ايڪتا جو نالو ٿي ورتو، ته ان مان منش جاتي مراد هين، ۽ نه ڪي قومون ۽ فرقا، هنن هندو، مسلمان، ڪرستان وغيره کي هڪ وڻ جي ٽاري يا هڪ بدن جا جزا ڪري ٿي سمجهيو. هنن کي مذهبن جي ظاهري گهڻائيءَ پويان باطني وحدت پئي پرکجڻ ۾ آئي. هو پريم جا پرچارڪ هئا، تنهن ڪري جنهن ڪلام ۾ ساڳيو حق جو پيغام هو، سو بيڌڙڪ ڳائيندا هئا.

ڪنور رام ڀڳت به انهن مان هڪ پرچارڪ هو. ڀڳت ڪير آهي، ڀڳتي مارگ جا بنيادي اصول ڪهڙا آهن، تنهن جو بيان، تيرٿ بسنت، ڀڳت ڪنور رام جي جيون چرتر لکندي ڪيو آهي. ان جو اختصار هيٺ ڏجي ٿو:

1. "وڃائي وجود کي، پاڻان پاسي ٿيءُ." پاڻ کي خوديءَ کان خالي ڪري، مرڻ ۾ مشاهدو ماڻڻو آهي.

2. جسماني ۽ نفساني لذتون ۽ خواهشون تـُـرڪ ڪري، اندر کي اُجارڻو اهي.

3. نيڪ عمل ڪرڻا آهن.

4. سچو رهبر هٿ ڪرڻو آهي.

5. دل کي محبت سان ڀرڻو آهي.

6. ذڪر فڪر ۾ وقت صرف ڪرڻو آهي.

7. ٿورو ڳالهائڻ، ٿورو کائڻ، ٿورو سمهڻ، ۽ ايڪانت ۾ گذارڻ جي هلت رکڻي آهي.

8. وڏائيءَ يا فخر کي ڦٽو ڪرڻو آهي.

9. رضا تي راضي رهڻو آهي.

10. سڀ ۾ پرين پسڻو آهي.

11. ٻين کي سمجهائڻ عيوض، پاڻ سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي.

12. اهو پتو رکڻو آهي ته عقل، عشق بنا بيڪار آهي.

13. صداقت ۽ سچائيءَ کي هٿان نه ڇڏڻو آهي.

14. ٻين جي عيبن ڏسڻ عيوض، پنهنجن عيبن کي پروڙڻو آهي.

انهيءَ مختصر تعارف کانپو”، ڀڳت ڪنور جي زندگيءَ جو احوال پيش ڪجي ٿو.

هي سکر ضلعي جي جروار ڳوٺ، تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾ رهندڙ هڪ مسڪين واڻئي، ڀائي تارا چند جو فرزند هو. سندس والده جو نالو شريمتي تيرٿ ٻائي هو. چون ٿا ته هنن کي، 1885ع ڌاري، ڀائي سترامداس جي دعا سان هي پٽ ڄائو هو، تنهن ڪري ڄمڻ سان ڀائيءَ جي حوالي ڪيائونس.

ڀائي سترامداس پاڻ ڀڳت هو، صوفيانه ڪلام چوندو هو. ڪنور رام عربي- سنڌي لکي نه ڄاڻندو هو. گرمکيءَ ۾ لکندو هو. گائن وديا حيات پتافيءَ جي ڳوٺ واريءَ درٻار جي شيواڌاريءَ ڀائي هاسارام کان سکيو. وڏي ٿيڻ بعد اچي ڀائي سترامداس وٽ رهڻ لڳو ۽ ساڻس گڏ ڀڳت وجهندو هو. ڀائي سترامداس جي ديهانت کانپوءِ هو جدا ڀڳت ڪرڻ لڳو، پر جتي ڀڳت لاءِ ويندو هو ته ڀائي سترامداس جي آڪهه جو ماڻهو وٺي، ان جي آگيا سان ڀڄن ڀاءُ ڪندو هو.

سندس والد هن جي شادي ڀائي اوٽو مل منگهرياڻين واري جي نياڻيءَ سان، ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ ڪرائي. سندس هڪ پٽ آهي، جو اڃا تائين جروار جي ڳوٺ ۾ رهندو  آهجي. ڀڳت صاحب شڪل ۾ سهڻو هو، اکيون رونق واريون هيس، ۽ سندس آواز ۾ حد درجي جو ميٺاج ۽ درد هوندو هو. سندس ڪلام ۾ اهڙو تاثير هو، جو ڪنور رام جي ڀڳت جي پتي پوڻ تي هزارن جي تعداد ۾ آسپاس کان هندو توڙي مسلمان اچي سندس راڳ ٻڌڻ لاءِ ڪٺا ٿيندا هئا. پاڻ اڪثري ٻارهين بجي رات کانپوءِ ڳائيندو هو، ۽ صبح تائين پيو ڳائيندو هو، جيئن رات ڀـِـڄندي هئي، تيئن راڳ جو اثر وڌندو ويندو هو. پري پري کان آيل ماڻهو ساري رات ويهي راڳ ٻڌندا هئا. رات پوري ٿيڻ کان اڳ انهن مان ڪو به ٻاهر نه نڪرندو هو. سندس راڳ ۾ گهڻو حصو صوفين جو ڪلام هوندو هو. ون کي رڳو ٻه دفعا سندس ڪلام ٻڌڻ جو موقعو مليو- هڪ دفعي سـَـن جي شهر ۾، ٻئي دفعي مانجهندن ۾ ٻائي ڌرمداس جي درٻار ۾. اهي ٻئي موقعا جڏهن ياد پوندا آهن ته حافظ شيرازيءَ جي هيءَ مصرع اچي ياد پوندي اٿم:

چه بانگ بود ڪ بنواخت مطرب عشاق،

ڪه رفت وقت هنوزم دلم پر از غوغاست!

اڃا تائين جڏهن ريڊئي تي سندس هيءَ ڪافي ٻڌندو آهيان،

"آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه، مون کي تن ماروئڙن جي."

ته ان وقت کاڌو کائيندو هجان يا پڙهندو هجان، ٻئي ڇڏائي ويندا اٿم: ڪنهن اونهي غور ۽ فڪر ۾ پئجي ويندو آهيان، ڪيئي خيال دل تي تري ايندا آهن ۽ گهڻيئي ستل سور جاڳي پوندا آهن. اهو وقت جي موڊ (رجحان) ۽ طبيعت جي لاڙي تي مدار رکي ٿو ته ڪهڙيون ڳالهيون ۽ ڪهڙا مارو ياد اچن. انهيءَ مصرع ۾ ٽي لفظ پـُـر معنيٰ آهن: "ڪانگو"، "ڳالهه" ۽ "ماروئڙا".

(1) ڪانگ کي شاهه صاحب قاصد، پيغام نيندڙ، خوشخبري آڻيندڙ، پرين پرچائيندڙ، غيب جون خبرون پهچائيندڙ ۽ ستا سور جاڳائيندڙ ڪري ظاهر ڪيو آهي.

(2) ڳالهه لفظ جون به ڪيئي معنائون ڪيون وڃن ٿيون، مثلاََ قصو، ڪهاڻي، مخفي راز، غيب جا احوال، ماضيءَ جون يادگيريون، مستقبل جا خواب، دردن جا داستان، قديم روايت، تهذيب ۽ تمدن جو ذڪر، هم نفس ۽ هم جنس دوستن کان دوري، مارئيءَ جا ديس ۾ معصومانه ۽ سادي زندگيءَ جا زمانا- ان ۾ اهي سڀ اچي وڃن ٿا.

(3) مارو لفظ مان قبيلو، ديسي، دوست، عزيز، هم خيال ۽ هم جنس ساٿيءَ جون معنائون نڪري سگهن ٿيون.

سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته "پٿر پـَـرايو، سور سڀڪا پنهنجا روئي." مون کي ان وقت ڪنهن مهل گذر ڪري ويل دوستن، هم نفس ساٿين، جنم کان گڏ گذارڻ وارن سنگتين سان ڪيل ملاقاتن، رس رهاڻين، سندن ڇڏيل ٽڪاڻن، ٽولن، ڪتابن، روايتن جي يادگيري اچيو ستائي.

ڪنهن وقت هندن مسلمانن جو شاديءَ غميءَ ۾ اچڻ وڃڻ، عاشورن، عيدن، ڏياريءَ، دسهڙن جي موقعن تي ونڊون ورهاستون، پيرن فقيرن، ساڌن سنتن جون مجلسون، تصوف ۽ ويدانت جي بنياد تي پيدا ٿيل عقيدا اچيو ياد پون، ۽ انهيءَ سڀ جي مقابلي ۾ هاڻوڪو زمانو اچيو سامهون بيهي.

ڪنهن مهل سنڌ جي قديم سڀيتا، موهن جي دڙي جو تمدن، سومرن ۽ سمن جي دور جون ڳالهيون- سسئي- پنهون، مومل- راڻي، ليلا- چنيسر، عمر- مارئي، دودي- چنيسر، ڄام تماچي ۽ نوريءَ جا داستان اچيو سامهون بيهن.

ڪنهن مهل سنڌ جي راءِ گهراڻي، سومرن، سمن، ڪلهوڙن، ٽالپرن جي زماني واري آزاديءَ جا واقعا اچيو اکين سامهون بيهن.

مطلب ته "سنڌ جو ڪانگو" ڪنور ڀڳت، ڪهڙي "ڳالهه" ۽ ڪهڙا "مارو" ٿو ياد ڏياري، اهو موقعي ۽ مهل تي مدار ٿو رکي.

اها ڪافي درياهه خان فقير ڪنڊڙيءَ واري جي چيل آهي، جو شاهه عنايت صوفيءَ جي طالبن مان هو.

ڀڳت ڪنور، نانڪ پنٿي سلسلي سان واسطو رکندڙ هو. هڪ جو پيغام، ٻئي جي آواز سان گڏجي اهو ترنم ٿو پيدا ڪري، جنهن جي خبر صرف "لڳيان واليان" کي پئجي سگهي ٿي.

اڪثر ڳائيندڙ ڳائڻ واري پيسي تي گذران ڪندا آهن، پر ڀڳت ڪنور ان مان هڪ پائي به پنهنجي ڪتنب نه آڻيندو هو. سندس گذران دڪان ۽ واپار تي هوندو هو. مليل پيسو انڌن، منڊن، غريبن، محتاجن، يتيم ٻارن ۽ بيوهه عورتن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيندو هو. ان ۾ هندو مسلم جو فرق نه رکندو هو.

هو ڪلام ماڻهن جي تفريح طبع ۽ دل وندرائڻ لاءِ نه چوندو هو، پر سنڌ جي صوفيانه ڪلچر جي پيغام پهچائڻ لاءِ پرچارڪ ٿي ڳائيندو هو.  ان ۾ پاڻ وڃائڻ، پاڻ سڃاڻڻ، محبت ۽ اخلاص جا سبق سمايل هوندا هئا.

ڀڳت صاحب جي حياتيءَ تي هڪ ناياب ڪتاب شري تيرٿ بسنت لکيو آهي. ان جي پڙهڻ لاءِ آءٌ ڀڳت ڪنور رام ۽ سنڌي تهذيب جي پياسن کي مشورو ڏيندس.

چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڪنور رام جڏهن مانجهندن جي ميلي تان ٿي، دادوءَ لٿو ۽ اتان ٻيءَ گاڏيءَ ۾ سکر وڃڻ لاءِ رڪ اسٽيشن تي پهتو، ته گاڏيءَ ڇٽڻ بعد کيس پير صاحب ڀرچونڊي جي مريد جان محمد جلباڻيءَ، انتقام طور، بندوق هڻي قتل ڪري وڌو. ڇالاءِ ته ان کان اڳ، سکر ۾ پير صاحب ڀرچونڊي شريف جي فرزند کي ڪن آرين، تعصب وچان، مارڪٽ ڪئي هئي ۽ مشهور مهاسڀائي ليڊر، ڊاڪٽر مونجي، هڪ عام جلسي ۾ تلوار هٿ ۾ کڻي، مسلمانن جي خلاف اشتعال پيدا ڪيو هو. گاڏيءَ ۾ علاج نه ٿيڻ ڪري، باگڙجيءَ اسٽيشن تائين رت ڇڏي، ڀڳت صاحب انتقال ڪيو ويو.

سکر، روهڙي ۽ ٻين شهرن ۾ هن جا ماتمي سرگس نڪتا. اهو حادثو 2 نومبر 1939ع تي ٿيو. سندس اگني سنسڪار جروار جي ڳوٺ ۾ ڪيو ويو.

هن قسم جا واقعا، سنڌ جهڙي صوفياڻي زمين تي ڪٽرپڻي جي دور جو آغاز هئا. ۽ ان کان پوءِ مسجد منزلگاهه جي تحريڪ ۾، ڪن اشتعال پسند ماڻهن طرفان، هندن- مسلمانن جي وچ ۾ حد کان وڌيڪ ڏڦيڙ ۽ وير- وروڌ پيدا ٿيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سکر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ خونريز قتلام ٿيو ۽ هزارين بيگناهه، هندو ۽ مسلمان، ۽ لکن جو مال ملڪيت، ان باهه جو بـَـکُ ٿي ويا. انهيءَ ئي سلسلي ۾ پروفيسر پمناڻي ۽ الهه بخش مرحوم جي قتل جا واقعا رونما ٿيا. بعد ۾ جي هندو- مسلم فساد ٿيا ۽ خونريز واقعا پيش آيا، تن کان هرڪو واقف آهي.

اسين اڃا تائين اهڙن دورن مان لنگهي رهيا آهيون، جن ۾ انسانذات جي محبت تي خودغرضي ۽ نفسانفسي غالب آهي. خبر نه آهي، ڪڏهن اهو سمو پورو ٿيندو، پر اُميدون رکيو ويٺا آهيون ته جنهن سرزمين شاهه عنايت، شاهه لطيف، سچل ۽ ساميءَ جهڙا بزرگ پيدا ڪيا آهن، سا ضرور اخوت ۽ مساوات جا انساني ۽ عالمي قدر پيدا ڪندي. شاهه صاحب چئي رهيو آهي:

متان ٿئين ملور، آئون آڳانهون آهيان،

ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، پر حد ٻنهي جي هيڪڙي.

پريان حافظ شيرازي پيو فرمائي:

دور گردون گر دو روزي بر مراد ما نگشت،

دائما يڪسان نه باشد ڪار دوران، غم مخور.

6- پروفيسر هاسارام سندرداس پمناڻي

(روهڙي)

پروفيسر هاسارام جو جنم 10 اپريل 1839ع تي، روهڙيءَ جي شهر ۾ ٿيو، جو شهد بيدل، بيڪس، پارو شاهه ۽ ڀائي وسڻ رام جي جاءِ سڪونت کان مشهور آهي. سندس والد، سيٺ سندرداس، جاين ٺهرائڻ جو مشهور مقاطعدار هوندو هو. پاڻ ابتدائي ۽ ثانوي تعليم روهڙيءَ جي شهر ۾ ورتائين، ۽ 1906ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، اعليٰ تعليم لاءِ وڃي بڙودي جي ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتي کيس شري اروندو گهوش جي شاگرد ٿي رهڻ جو شرف حاصل ٿيو. انهيءَ سال گهوش صاحب، بنگال جي ورهاڱي ڪري، نوڪري ڇڏي وڃي حڪومت جي خلاف هلچل ۾ شريڪ ٿيو. هاسارام پهريون سال اتي پڙهي، پوءِ فرگوسن ڪاليج پوني ۾ پڙهڻ ويٺو، جتان فلاسافيءَ ۾ بي. اي. پاس ڪيائين، اتي پرنسپال پرانچپي، راجوادي، پروفيسر ڪاري ۽ گنگاڌر تلڪ سان ملاقات ۽ واقفيت ٿيس. انهيءَ زماني ۾ ديوان ڏيارام گدو مل شهاڻي، حيدرآباد وارو، سورت ۾ جج هو، جنهن سان به واقفيت ٿيس. جا آخر تائين هلندي آيس.

ڪاليج جي زماني ۾ 1908ع ڌاري، لاڙڪاڻي جي سوامي ڌرمداس سان هاسارام جي واقفيت ٿي، جنهن کان گـُـر منتر وٺي، سندس شيوا ڪندو رهيو- پاڻيءَ جي دلن ڀرڻ، ٻهاري پائڻ ۽ ٻي خدمت ڪرڻ ۾ هن عار نه ڄاتو. امتحان پاس ڪري موٽي اچڻ کانپو”، روهڙيءَ ۾ پنهنجي گروءَ جي نالي تي "سوامي ڌرمداس شيوا منڊلي" کوليائين، جنهن جون شاخون اُٻاوڙي، شڪارپور، ٽنڊي محمد خان، جيڪب آباد ۽ ٻين ڳوٺن ۾ قائم ڪيائين. شام جو روزاني پاڻ منڊليءَ ۾ ست سنگت ڪندو هو، ۽ ان جي وسيلي ماڻهن تائين گروءَ جو پيغام پهچائيندو هو. 1917ع ۾ "ست سنگت ولاس" پرچو جاري ڪيائين، ۽ 1919ع ۾ "ڌرم درشن" رسالو ڪڍيائين، جنهن ۾ ڌرمي سکيا بابت آکاڻيون ۽ مضمون ڇپيا هئا. مختلف ڌرم- شاسترون، جهڙوڪ ويچار مالا، سارڪتاولي، ۽ ٻين ڪتابن جا ترجما رسالي ۾ شايع ڪيا ويندا هئا، ۽ سڀني مذهبن جا مکيه متا به ڏنا ويندا هئا، جنهن لاءِ ڪراچيءَ جي "سنڌ اَبزرور" اخبار هڪ دفعي لکيو هو ته "هي رسالو سون ۾ تورڻ جهڙو آهي." جهڙوڪ "من جينتي"، "جڳت جيت"، "سري رامچندر"، "گيان مالا"، "استوهريهر"، "سارڪتاولي" جا سنڌيءَ ۾ ترجما، "سک جي چاهه"، "موڪشن ڀنڊار"، "اڇوت اڌارا"، "خدا ڏي موٽ." وغيره.

بي. اي اپس ڪرڻ کانپو”، ڪجهه وقت هاسارام روينيو کاتي ۾ ملازم هو، جتان نوڪري ڇڏي، تعليم کاتي ۾ گهڙيو. آهستي آهستي ترقي ڪري، حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج جو هيڊ ماستر ٿيو. 1921ع ۾، "قطع تعلقات" واريءَ هلچل جي ڪري، نوڪري ڇڏي وڃي تحريڪ ۾ شامل ٿيو. سماجي ڪم ڪندي، روهڙيءَ ۾، تلڪ قومي هاءِ اسڪول ۽ تلڪ کاڌي فئڪٽري کوليائين، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڪانگريس جو سنهيو پهچائيندو رهيو. 1930ع ۾، لوڻ جي قاعدي ٽوڙڻ ڪري، کيس ٻارهن مهينا سزا ملي. وري 1932ع ۾، سکر براج کلڻ وقت وائسراءِ هند جي سکر ۾ اچڻ جي موقعي تي، کيس نظربند ڪيو ويو، جتان پندرهن ڏينهن کانپوءِ آزاد ٿيو.

1927ع ۽ 1931ع وارين ٻوڏن ڀيري، هن صاحب ماڻهن جي سهائتا لاءِ گهڻو ڪم ڪيو. پنهنجن بمبئيءَ وارن دوستن کي اپيل ڪري، ڪيئي هزار روپيا گهرائي، ڳوٺن ۾ ورهايائين. روڪڙي مدد کانسواءِ بلاڪيٽ، ڪپڙو ۽ دوائون به ورهايائين. انهيءَ سلسلي ۾، جتي پاڻ وڃي نه سگهيو، اتي ڳوٺن جي مکيه هندن ۽ مسلمانن جون ڪاميٽيون مقرر ڪري، سامان جي ورهاست انهن جي حوالي ڪيائين. سندس اهڙي ڪم کي ڏسي، سرڪار به کيس سهائتا ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو هو.

پروفيسر هاسارام جو تعليم سان ڏاڍو چاهه هو. اوٻاوڙي جي اڪيڊمي، ڏهرڪيءَ جي زناني اسڪول، ڳڙهي ياسين جي سناتن ڌرم اسڪول، ۽ جيڪب آباد جي والميڪ پاٺشالا جو هڪ ئي وقت تي مئنيجر تي ڪم ڪندو رهيو. روهڙيءَ جي شيوا منڊليءَ ۾ ڪم ڪندي، 1923ع ۾، ڀائي ڏيئو مل کان مليل پندرهن هزار روپين جي رقم سان، ان جي نالي تي سدا ورٿ قائم ڪيائين.

سنڌ جدا ٿيڻ بعد، 1937ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، ته هاسا رام روهڙي سب ڊويزن مان، سخت مخالفت جي باوجود ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ تي ميمبر چونڊجي آيو. اسيمبليءَ ۾ چونڊجڻ بعد، هندو- مسلم فرق بنا، پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي چڱي خدمت ڪيائين.

سال 1939ع ۾، سکر ۾ منزلگاهه جي سوال تان هندو- مسلم ڇڪتاڻ پيدا ٿي، ۽ ان وقت ڀڳت ڪنور رام جي قتل جو واقعو ٿيو. هاسارام ان بابت سنڌ اسيمبليءَ ۾ سوال پيش ڪيو، ۽ سخت تقرير ڪئي. ان تان کيس ڌمڪيون ملڻ لڳيون. نيٺ، 17 جولاءِ 1940ع تي، جيئن هو ميرپور ماٿيلي کان موٽندي، روهڙي اسٽيشن تي لهي ڳوٺ وڃي رهيو هو، ته رستي تي ڏينهن ڏٺي کيس گولي هڻي قتل ڪيو ويو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته سندس قتل به انهيءَ ساڳئي ماڻهوءَ ڪيو، جنهن ڪجهه مهينا اڳ ڀڳت ڪنور رام جو قتل ڪيو هو. ٻئي ڏينهن، 18 جولاءِ 1940ع تي، سندس ارٿي کنئي ويئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا. ساڳئي ڏينهن شام جو، سندس سوڳ ۾ عام جلسو به ڪيو ويو. ان وقت سندس عمر ٻاونجاهه سال هئي.

پروفيسر هاسارام ذاتي لالچي کان مٿي، فرقي پرستيءَ کان پري، صوفي منش ماڻهو هو. شاهه لطيف، سامي ۽ ٻين صوفي شاعرن جو ڪلام گهڻو ياد هوس. سندس ڪتبخاني ۾ گيتا، قرآن شريف، بائبل، گرو گرنٿ ۽ ٻيا مختلف مذهبن جا گهڻا ڪتاب هوندا هئا، جن جو هن چڱو اڀياس ڪيو هو. هو سوامي وويڪانند ۽ سوامي رام تيرٿ جي نقش قدم تي هلندي، روحاني تعليم پکيڙڻ جو حامي هو. ست سنگت ۾ ويا گيان وقت هو ايئن ظاهر ڪندو هو ته مذهبن جي ظاهري ڪثرت پويان وحدت سمايل آهي. هو سڀ ۾ پرين پسڻ جو قائل هو. سندس چوڻ هو ته دنيا جي ڪمن کي به نه وسارجي، پر هٿ ڪار ۾ ۽ دل يار ڏي هئڻ گهرجي. سرڪاري نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ کيس ڪيترا دفعا خانگي نوڪرين جي آڇ ٿي، پر سادي جيون گذارڻ ڪري، هو ٿوري تي راضي رهندو هو. ان ڪري کيس روزگار جو فڪر نه هوندو هو، ۽ خدا پيو ڏيندو هوس.

هو خوش خلق، بيڊپو ۽ نياز وارو هوندو هو. سدائين کاڌي پائيندو ۽ سادو کائيندو هو. ست سنگت ۾ هيٺيان متا بيان ڪندو هو:

1. زندگي الاجي ڪيتري رهي، ان ڪري ماڻهوءَ کي هر گهڙي خلق جي خدمت ۽ ايشور جي يادگيريءَ ۾ گذارڻ گهرجي.

2. ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگڻ عيوض، مالڪ کان سوال ڪجي.

3. جهڙيءَ طرح وڻن ۽ جاين جي مضبوطيءَ لاءِ پختي پاڙ جو هئڻ ضروري آهي، تهڙيءَ طرح انسان کي دنيا جي لاهن چاڙهن جي سٽ سهڻ لاءِ روحانيت جي پشتي هئڻ لازمي آهي.

4. خدا دلين جو ڄاڻو آهي: جتي محبت هوندي، اتي درشن ڏيندو، دوئي، وير وروڌ، نفرت ۽ دشمنيءَ کي هو پسند نٿو ڪري.

5. سدائين سائينءَ جي ڀـَـوَ ۾ وک کڻ، ائين نه ٿئي جو تـِـرڪي پوين ٻيا کلنئي.

6. اندر اُجارڻ ۽ نفس مارڻ کانسواءِ، ماڻهو جانور سمان آهي.

7. فرض ادائي ڪندو رهه: ماڻهن جي عيوض، خدا کان بدلي جي اُميد رک. سڀ ماڻهو ڪنهن مان به راضي ٿي نه سگهندا.

8. هي سنسار ايشور جو رچيل ناٽڪ آهي، ان ۾ هر ڪنهن کي پنهنجو پارٽ سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ادا ڪرڻ گهرجي.

9. کلندن تي خير ٿيندو.

10. ظاهر جي سينگار کان اندر جو اُجارڻ هزار بار بهتر آهي.

11. جڏهن هتي معافي گهرڻ تي ڏوهه معاف ٿي وڃن ٿا، ته پوءِ جو ماڻهو سچيءَ دل سان ايشور اڳيان نمندو، پرتما ضرور ان جي ٻڌندو.

12. دنيا پتڻ جي برابر آهي، جنهن تان هڪڙا پيا اچن ۽ ٻيا پيا وڃن.

13. موهه ۽ لوڀ کان آزاد رهڻ گهرجي.

14. دنيا ۾ دائمي سک ڪو نه ملي سگهندو. استري، پٽ، ڌن، عزت، سڀ فتنو آهن، جي ماڻهوءَ کي حقيقي خوشيءَ کان دور رکن ٿا.

15. دنيا ۾ رهي به، الڳ رهڻ ۾ لطف آهي.

ههڙي سنت پرش کي قتل صرف ان لاءِ ڪيو ويو، جو هن سندس جاتيءَ جي خدمت ٿي ڪئي. مذهبي تعصب جو ان کان وڌيڪ اُگرو روپ ملڻ مشڪل آهي. اهڙين ڳالهين کي مدنظر رکي، سچل سرمست جهڙي بزرگ چئي ڏنو ته:

جيسين ممبر مسجد مناري، ويران نه ٿيسن،

هال حقاني، ميان سچو، حاصل نه ٿيوي!

يعني مذهب جي ظاهري ۽ رسمي نشانن کي مٽائي، اندر اجارڻ سان ئي حق پلئه پوڻو آهي.

هاسارام ڪجهه شعر به چيو آهي، جنهن جو نمونو هي آهي:

ڀڳتي ڀڳتي سڀڪو چوي، هاسا، ڀڳتي ڄاڻي ڪو،

سر تريءَ تي جو ڌري، ڀڳت چئبو سو.

 

چوڻ ڪرڻ ۾ آهي، هاسا، وڏو ڦند ۽ ڦير،

ورهڻيءَ سـَـندو گهيڙ، جي لهين ته لک ٿئي.

منهنجي ساڻس واقفيت سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف پاسي گڏ ڪم ڪرڻ وقت ٿي. چڪ واريءَ ڪانفرنس ۾ گڏ هئاسون.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org