سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 10

 

مدبر ۽ سياستدان:

1- سر غلام حسين هدايت الله شيخ

(شڪارپور: ڪراچي)

ابتدائي زندگي:

سر غلام حسين جو والد چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڪشمير مان لڏي اچي شڪارپور ۾ ويٺو هو، جتي پوءِ مسلمان ٿيو، ۽ مڪاني پٺاڻن مان شادي ڪيائين. سندس نالو ميان هدايت الله هو. کيس ان شاديءَ مان ٻه فرزند (1) حبيب الله، ۽ (2) ميان غلام حسين، ۽ هڪ نياڻي هئي. هن اها نياڻي پٺاڻن ۾ ڏني. سندس گهر واريءَ جونالو حور بيبي هو. ميان غلام حسين جنوري  1878ع ۾ شڪارپور شهر ۾ ڄائو هو.

چوڻ ۾ اچي ٿو ته ننڍي هوندي، والد جي وفاتيءَ بعد، هي روزگار جي گهٽتائيءَ ڪري، رات جو ميونسپل بتين تي اسڪول جا سبق ياد ڪندو هو. ابتدائي تعليم مڪاني مدرسن ۾ وٺي، پوءِ شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ تعليم ورتائين. چوڻ ۾ اچي ٿو ته مئٽرڪ جو امتحان سنڌ مدرسي مان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ ويٺو، جتان بي. اي. جو امتحان پاس ڪري، وڪالت جي سند گورنمينٽ لا اسڪول بمبئيءَ مان وٺي، 1905ع ڌاري اچي حيدرآباد ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. ٿوري ئي عرصي ۾، پوءِ هو حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ اڳتي هلي ميونسپالٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ ٿيو. نومبر 1909ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو.

سياسي زندگي:

هن جي سرگرم سياسي زندگي ليجسليٽو ڪائونسل تي، ڊسٽرڪٽ لوڪل

بورڊ جي تڪ مان، نومبر 1912ع ۾ چونڊجڻ کانپوءِ شروع ٿئي ٿي، جنهن تي سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ کان ٿورو اڳ تائين ميمبر رهندو آيو. نون سڌارن ملڻ بعد، 1921ع ۾، هي بمبئي حڪومت ۾ لوڪل سيلف گورنمينٽ کاتي جي چارج ۾ وزير مقرر ٿيو. انهيءَ وقت هن لوڪل سيلف گورنمينٽ ايڪٽ، بمبئي، کي درست ڪري، پاس ڪرايو، جنهن ۾ ڪيترائي نوان سڌارا آندائين. خصوصاَ سنڌ ۾ آدمشماريءَ جي لحاظ کان مسلمانن کي لوڪل بورڊ ۾ نمائندگي وٺي ڏنائين. 1923ع جي چونڊن ۾ وري هي حيدرآباد ضلعي مان ميمبر چونڊيو، ۽ لاڳيتو وزير رهندو آيو. 1927ع ڌاري. پي. ڊبليو. ڊي منسٽر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. خانبهادريءَ جو خطاب کيس اڳي ئي ڪجهه وقت کان مليل هو. هاڻ 1926ع ۾ برٽش سرڪار طرفان کيس "سر" (K.C) جو خطاب مليو.

1928ع ۾ کيس بمبئي سرڪار ۾ اضافو ڏيئي، ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر ڪري رکيو ويو. انهن ڏينهن ۾، حڪومت جو سرشتو ڊائرڪي طريقي جو هو، جنهن ۾ ڪي کاتا ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن کي ڏنا ويندا هئا، جن کي وزير سڏيو ويندو هو، ۽ مکيه کاتا تجربيڪار سرڪاري آفيسرن يا تجربيڪار پراڻن وزيرن کي پروموشن ڏيئي ڏنا ويندا هئا. انهن کي "ايگزيڪيوٽو ميمبر" ڪري سڏيو ويندو هو. جيئن اڄڪلهه پاڪستان ۾ وزيرن کي چونڊن ۾ بيهڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي ۽ هو ائين مٿان ئي مٿان مقرر ڪيا وڃن ٿا، تيئن ان زماني ۾ به انهن ايگزيڪيوٽو ميمبرن کي چونڊن ۾ بيهڻ جي ضرورت ڪا نه هوندي هئي.

1932ع ۾، سر غلام حسين هدايت الله، بمبئي سرڪار جي مشهور مالي ميمبر سر گووندراءِ پرڌان جي جاءِ تي مالي ميمبر جي ڪم جي چارج ورتي. ٻئي سال، 1933ع ۾، هن کي برٽش سرڪار طرفان (K.C.S.I) (نائيٽ ڪمانڊر اسٽار آف انڊيا) خطاب مليو. 1933ع ڌاري، بمبئي گورنر جي موڪل تي وڃڻ ڪري، عارضي گورنر جي مقرري ٿيڻي هئي. هي سڀني ايگزيڪيوٽو ميمبرن ۾ سينئر ميمبر هو، ليڪن انگريزن هن جي حق کي ريٽي، سر ارنيسٽ هاسٽن، هوم ميمبر، کي گورنر مقرر ڪيو، جنهن تي سياسي حلقن ۾ حڪومت تي گهڻي نڪته چيني ٿي.

1930ع ۾ گول ميز ڪانفرنس لنڊن ۾ ڪٺي ٿي، جنهن ۾ بمبئي سرڪار طرفان هي عيوضي ٿي شرڪت لاءِ ويو. اتي هن سنڌ جي جدائيءَ واري ڪميٽيءَ ۾، بيمار هئڻ جي باوجود، پاڻ کڻائي، وڃي سنڌ جي جدائيءَ جي فائدي ۾ پرزور تقرير ڪئي هئي.

1933ع ۾، کيس وڌيڪ هڪ سال لاءِ ايگزيڪيوٽو ميمبر جي عهدي تي رکيو ويو، ۽ جون 1934ع ۾ انهيءَ ميمبريءَ تان رٽائر ٿيو.

1934ع ۾، زميندارن طرفان سنڌ جو عيوضي ٿي، هو وائسراءِ جي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ويو. 1936ع ۾، جڏهن سنڌ جدا ٿي، ته هڪ سال لاءِ ائڊمنسٽريٽو ڪائونسل مقرر ڪري ڪم هلايو ويو. سر غلام حسين هدايت الله اُن ڪائونسل جو چيئرمين ٿي ڪم ڪيو.

1937ع جي چونڊن ۾، هي مسلم پوليٽيڪل پارٽيءَ طرفان سنڌ اسيمبليءَ تي زميندارن طرفان چونڊجي آيو. اتحاد پارٽيءَ جي مکيه ليڊرن سر شاهنواز خان ڀٽي ۽ سر حاجي عبدالله هارون کي چونڊن ۾ شڪست ملڻ ڪري، گورنر سنڌ هن کي تجربيڪار سياستدان ۽ مدبر سمجهي، وزارت ٺاهڻ لاءِ گهرايو، جيتوڻيڪ هن جي پنهنجي پارٽيءَ جي طاقت فقط پنجن ميمبرن تائين محدود هئي، هن پوءِ ٿوري وقت ۾ ڪيترن گروپن کي ٺاهي، ميمبرن جي ميجارٽي پنهنجي طرف ڪري ڇڏي. ان سندس پهرينءَ وزارت ۾ مير بنده علي خان ٽالپر ۽ مکي گوبند رام وزير هئا. سندس پارليامينٽري سيڪريٽرين ۾ ديوان بهادر هيرانند کيمسنگ، خانبهادر سيد محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سيد ميران محمد شاهه هئا. ان  وقت ديوان بهادر ڀوڄسنگ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊيو ويو. هندن کي اها هڪ اسپيڪر جي جاءِ ۽ ٻي هڪ وزارت جي جاءِ ڏيئي، راضي ڪيو هئائين.

ان پهرينءَ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪانگريس ۽ اتحاد پارٽيءَ وارا مخالفت ۾ ويٺا، جن گڏجي ميٽنگون ڪري، عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪي هندو وزارت سان شريڪ ٿيا هئا، سي سيٺيا ۽ شاهوڪار شخصي اثرن ڪري چونڊجي آيل هئا. اهي سندن خلاف پروپئگنڊا کان ڊڄي ويا. ڪجهه وقت کانپوءِ مکي گوبندرام ڪن خانگي سببن ڪري، وزارت تان استعيفيٰ ڏني. ان جي جاءِ لاءِ هندن مان ٻه اُميدوار بيٺا: (1) مسٽر نيچلداس وزيراڻي، ۽ (2) ڊاڪٽر هيمنداس. انهيءَ عرصي اندر سنڌ اسيمبليءَ اندر ٻه خانگي بل- هڪڙو "قانون انتقال ايراضي" ۽ ٻيو "قرضن جي معافيءَ جو بل"- مسٽر گذدر ۽ منهنجي طرفان پيش ٿي چڪا هئا. ان تي مسٽر نيچلداس وزيراڻيءَ سخت پروپئگنڊا ڪري، هندن کي ڊيڄاري، وٽن پاڻ کي مقبول بنايو. هندو انڊپينڊنٽ پارٽي (جا وزارت سان شريڪ هئي) جي خواهش هئي ته مسٽر نيچلداس کي وزير ڪري رکيو وڃي. وزارت سان شريڪ مسلمان ميمبر ۽ مسلمان ڪامورا مسٽر نيچلداس جي تقريرن ۽ تحريرن ڪري، سندس مخالف ٿي پيا هئا، تن سر صاحب تي زور ڏنو ته ڊاڪٽر هيمنداس کي وزارت ۾ کنيو وڃي، جو ماٺيڻي سڀاءَ جو ماڻهو شمار ڪيو ويو ٿي. سر صاحب مسلمان ميمبرن جي رضامندي خاطر ڊاڪٽر هيمنداس کي وزير ڪري رکيو. هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جو چوڻ هو ته وزارت ۾ گڏيل جوابداري هئڻ ڪري، هن کي اهڙو ماڻهو کڻڻو هو، جو ليڊر سان هم راءِ ٿي ڪم ڪري سگهي: هندن کي هڪ عيوضي ڏيڻو هو، باقي اهو ڪهڙو هجي سو اختيار وزيراعظم جو هو ته هو ڪنهن کي پسند ڪري ٿو. ان تي ڪيترا هندو ميمبر وزارت کان ناراض ٿي پيا. مخالفت جو هيءُ رخ ڏسي، سر صاحب اتحاد پارٽيءَ سان ڪوئليشن ڪئي، جن عهدي وٺڻ کانسواءِ پروگرام جي بنياد تي، سندس وزارت جي مدد ڪرڻ قبول ڪئي.  ٽنهي گروپن جي گڏيل هڪ ورڪنگ ڪميٽي ٺهي، جا وقت به وقت مکيه ڳالهين تي وزارت کي مشورو ڏيندي هئي.

انهيءَ وقت ڌاري ديوان بهادر ڀوڄسنگ، اسپيڪر سنڌ اسيمبليءَ، جو ديهانت ٿيو. هندن جي راءِ هئي ته اها جاءِ وري کين ملي. مسلمانن جو خيال هو ته هندن سان اڳئين دفعي بيجا رعايت ٿيل هئي، ازانسواءِ هن وقت انهن جو گهڻو تعداد مخالفت ۾ ويٺل هو، ۽ منجهانئن صرف ٻه ٽي وزارت سان شريڪ هئا: تنهن ڪري اسپيڪريءَ جي جاءِ تي مسلمان رکيو وڃي. انهيءَ زوربار سبب سر صاحب آخر سيد ميران محمد شاهه کي اسپيڪر چونڊايو، جنهن تي هندن کي ويتر کانئس ناراضگي پيدا ٿي.

اڳتي هلي، سر غلام حسين جي وزارت کي ٻن ڳالهين جو مقابلو ڪرڻو پيو. هڪ ته مسلمان نوجوان گروهه جي راءِ هئي ته ترت ڪي سنڌ جي ڀلي جا بل پاس ڪيا وڃن ۽ سڌارا آندا وڃن. سرڪاري عملو انگريزي دور جي رفتار تي هريل هئڻ ڪري، گورنر سوڌو اهڙيءَ رفتار سان هلڻ جي خلاف هو. ٻيو ته وزارت جو سمورو بوجو سر غلام حسين جي سر تي هو، ڇاڪاڻ ته سندس وزارت ۾ مير بنده علي خان ۽ ڊاڪٽر هيمنداس، باوجود طبيعت ۾ شريف هئڻ جي، انتظامي نقطه نگاهه کان بيڪار هئا. انهيءَ ڳالهه کي منهن ڏيڻ لاءِ تقاضا ٿي ته وزيرن جو تعداد وڌايو وڃي، ۽ هڪ اتحاد پارٽيءَ طرفان خانبهادر الهه بخش، ٻيو خانبهادر کهڙو ۽ هڪ هندو وزير کنيا وڃن، پر ڪيترن سببن ڪري ائين نه ٿي سگهيو. ناراضگي ۽ غلط فهمي وڌي ويئي. جملي هندو ميمبرن ۽ اتحاد پارٽيءَ گڏجي اوچتو بحث وقت هڪ روپيي ڪٽ جي رٿ تي، مارچ سنه 1938ع ۾، وزارت کي شڪست ڏني. مخالف پارٽيءَ وارا ساڻس وزارتن وڌائڻ واريءَ تجويز تي شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار هئا، پر گورنر وزارتن وڌائڻ تي راضي نه ٿيو، ۽ الهه بخش وزارت وجود ۾ آئي. سر غلام حسين پنهنجن پوئلڳن سان وڃي مخالفت ۾ ويٺو.

ان وقت اتحاد پارٽيءَ سان صرف ست مسلمان ميمبر شريڪ هئا، ٻيا ساڻن سڀ هندو ميمبر هئا. سر صاحب کي توقع هئي ته باقي مسلمان ميمبر ساڻس مدد ۾ رهندا ايندا، ليڪن ٿوري وقت کانپوءِ گهڻا مسلمان ميمبر وڃي وزارت ڌر سان شريڪ ٿيا. سنڌ جي وڏيري ڪلاس لاءِ، جهڙو اڄ تهڙو ان زماني ۾ به، ناممڪن هو ته هو حڪومت جي مخالفت ڪري سگهن. سر غلام حسين ساري زندگي پارليامينٽري سياستدان ٿي رهيو هو. نئين طرز جي پارٽي پروپئگنڊا وغيره سان مانوس نه هو. سندس ايام سياست ۾ شخصي لاڳاپن، حڪومت جي اثر، عهدن جي سودي بازي تي گروهن جي جوڙجڪ جو گهڻو مدار رهندو هو. هندو فرقيوار بنياد تي متحد ٿي ويا ٿي. هن جي خيال موجب مسلمان به انهيءَ طرح متحد ٿي ويندا پر سندس اهو اندازو غلط ثابت ٿيو. هندن ۾ سياسي شعور هو، تنهن ڪري هو فرقيوار پروپئگنڊا کان ڊڄي، هڪ ٿي ويا ٿي. مسلمان ميمبرن جي اڪثريت خود غرض ۽ بزدل هئي. مسلم عوام ۾ سياسي بيداري نه هئي، ان ڪري مسلم ميمبرن کي جيڪي وڻيو ٿي، سو ڪيائون ٿي. هنن کان ڪو حساب وٺڻ وارو ڪو نه هو. چنانچه ڪجهه وقت مخالفت ۾ رهڻ بعد، هي شڪسته دل ٿي پيو.

سگهوئي پوءِ خود اتحاد پارٽي ۾، ڍلن جي سوال مان اختلاف پيدا ٿيڻ ڪري، اسان جو گروهه ان پارٽيءَ کي ڇڏي، مخالفت ۾ وڃي ويٺو. جناح صاحب جي صدارت هيٺ صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس ڪٺي ٿي. ساري هندستان جا مسلمان ليڊر اچي سنڌ ۾ ڪٺا ٿيا. انهن جي موجودگيءَ ۾ سڀني مسلمان ميمبرن مسلم ليگ ۾ داخل ٿيڻ جو واعدو ڪيو. اوڻٽيهه مسلمان ميمبرن مسلم ليگ جي اقرار نامي تي، جناح صاحب جي موجودگيءَ ۾، صحيح ڪئي. جڏهن ته ليڊر چونڊڻ لاءِ ڪٺا ٿيا، ۽ خانبهادر الهه بخش چيو ته کيس سر سڪندر حيات وانگر پنجاب ۾، مولوي فضل الحق وانگر بنگال ۾، هتي سنڌ ۾ وزيراعظم ڪري رکيو وڃي، جا ڳالهه جناح صاحب ۽ سر غلام حسين جي گروهه قبول نه ڪئي، تڏهن الهه بخش ان صورتحال تي ٺاهه نه ڪيو. ان تي مون کي چيو ويو ته الهه بخش وزارت خلاف بي اعتماديءَ  جو ٺهراءُ پيش ڪريان. گورنر جي موڪل تي وڃڻ ڪري اجلاس ٻه - ٽي مهينا ڪٺو ٿي نه سگهيو. سنڌ جي مسلمان ميمبرن مان، جن جناح صاحب جي روبرو واعدو ڪيو هو، گهڻا ڦري ويا. هن منزل تي سر صاحب، پرئڪٽيڪل پاليٽيشن ٿيڻ ۾ سلامتي ڄاڻي، الهه بخش سان صلح ڪري، وڃي سندس وزارت ۾ شرڪت ڪئي. سندس چوڻ هو ته سنڌي مسلمان ميمبرن کي اصولن جي ڪا به پرواهه نه هئي، هو ڍنڍ جي پکين وانگر هميشه سک جا سانگي هئا، هن مسلم نقطه نگاهه خاطر اڳي هڪڙو قدم کڻي ڌوڪو کاڌو هو، مسلم عوام خواب غفلت ۾ ستل هو، سندن عيوضي خود غرض ۽ بي اصول هئا، هن جي اها عمر نه هئي ته سياسي پارٽيون ٺاهي، ڏورانهن پروگرامن جي بنياد تي مسلم عوام کي منظم ڪري، تنهن ڪري هن لاءِ ٻه رستا کليل هئا- يا ته انهيءَ ماحول مان رٽائر ڪري وڃي يا جڳ سان جڳ جهڙو ٿي هلي. سندس چوڻ موجب، انهن ڳالهين ۽ انهيءَ صورتحال ۾ هن پويون طريقو اختيار ڪرڻ پنهنجي لاءِ وڌيڪ ڪارآمد ۽ مناسب سمجهيو. الهه بخش وزارت ۾ کيس لاءِ آرڊر جو کاتو مليو.

ٿوري وقت بعد مسجد منزلگاهه جي سوال تان هندو- مسلم فساد ٿي پيا. الهه بخش وزارت کي شڪست آئي، ۽ مير بنده علي خان جي هٿ هيٺ وزارت ٺهي. انهيءَ عرصي ۾ سر صاحب وزارت کان ٻاهر رهيو. هي زمانه ديد تجربيڪار سياستدان هو، هن کي خبر هئي ته مسلم ليگ ۽ هندن جي گروهن جو هيءُ ٺهراءُ وقتي مصلحتن خاطر عارضي هو، ان ڪري ماٺ ۾ رهي، موقعي جي انتظار ۾ ويٺو رهيو.

مون کي پڻ اهي ڳالهيون سجهيون پئي، ان ڪري مون وزارت کان استعيفيٰ ڏيئي، الهه بخش کي وزارت ۾ ان شرط سان آندو، ته ٿوري وقت بعد وزارت ۾ سر غلام حسين کي کنيو ويندو، ۽ وزارت عظميٰ الهه بخش يا سر غلام حسين مان هڪ کي پارٽيءَ جي فيصلي موجب ڏني ويندي، ليڪن ان فيصلي کي لوڪل مسلم ليگ ليڊرن ۽ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ منظور نه ڪيو، ۽ سنه 1941ع جي مارچ ۾ مير بنده علي خان جي وزارت کي شڪست ملي، ۽ وري الهه بخش وزارت ٺهي، ۽ سر غلام حسين ان ۾ وزير مقرر ٿيو. مسلم ليگ مخالفت ۾ وڃي ويٺي. ٿوري وقت بعد، سنه 1942ع ۾، ڪانگريس "ڪئٽ انڊيا" تحريڪ هلائي. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جو زمانو هو. ڪانگريس جا ميمبر سڀئي جيلن ۾ ويا. سڀني ڪانگريس وزارتن استعيفائون ڏنيون. ڪانگريس ميمبرن جي خانبهادر الهه بخش کان تقاضا ٿي ته هو استعيفيٰ ڏئي. ان تي صلاح بيٺي ته پهرين هو لقبن کي ڦٽو ڪري، جي سرڪار سندس وزارت کي ڊسمس ڪيو ته بهتر، نه ته پوءِ استعيفيٰ ڏئي. ڪن جو چوڻ آهي ته ان فيصلي تي اچڻ لاءِ سر غلام حسين سان مشورو نه ڪيو ويو هو، پر ڪن جو چوڻ آهي ته مشورو ڪيو هئائين، ۽ هن اهڙي قدم کڻڻ جي نتيجن کان آگاهه ڪندي، کيس منع ڪئي هئي. ڪيئن به هجي، پر اها حقيقت آهي ته سر غلام حسين ان قدم لاءِ رضامند نه هو.  نيٺ گورنر الهه بخش جي وزارت کي، بادشاهه سان وفاداريءَ جي قسم جي ڀڃڪڙيءَ ڪري، ڊسمس ڪيو ۽ سر غلام حسين کي وزارت ٺاهڻ لاءِ سڏايو. ان تي هن يڪدم هائو ڪري، مسلم ليگ سان گڏجي، خانبهادر کهڙي ۽ گزدر سان وزارت ٺاهي، جنهن ۾ پوءِ ڪجهه ڦيريون گهيريون ٿيون، ليڪن پاڻ پاڪستان بنجڻ تائين سنڌ جو وزيراعظم هلندو آيو.

پاڪستان سنه 1947ع ۾ وجود ۾ آيو. ان بعد سنڌ جو گورنر، سر مودي، پنجاب جو گورنر مقرر ٿيو، ۽ ان جي جاءِ تي سر صاحب سنڌ جو پهريون پاڪستاني گورنر مقرر ٿيو. سندس جاءِ تي خانبهادر کهڙو سر غلام حسين جي دست راست پوئلڳن مان هو، پر سياست ۾ اقتدار لاءِ رسه ڪشي اهڙي بري بلا آهي، جو دوستن ۾ به اختلاف ٿيو پون. جناح صاحب ڪراچي سنڌ کان جدا ڪرڻ گهري، کهڙي صاحب انڪار ڪيو، جنهن تي هو ناراض ٿيو. سر غلام حسين صاحب کي هن وقت تائين وزارتن جو آزمودو هو. گورنر ٿيڻ بعد پتو پيو ته نئين سرشتي ڪري اختيار سمورا وزيراعظم جي هٿ ۾ هئا. کهڙي صاحب کان پراڻي پوئلڳ هئڻ جي حيثيت ۾ هن کي توقع هئي، ته ساڳيءَ طرح هن جو لحاظ ۽ احترام رکندو ايندو. پر ائين نه ٿيو، ۽ ان ڪري هي به منجهانئس ناراض ٿيو. آخر کهڙي صاحب جي وزارت کي ڊسمس ڪيو ويو.

جناح صاحب 11 سيپٽمبر 1948ع تي انتقال ڪيو. سر غلام حسين به اڳ ۾ بي چاڪ هو. هن سگهوئي پوءِ، 4 آڪٽوبر 1948ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ جي پراڻي عيدگاهه ۾ دفن ڪيو ويو.

سر صاحب ٻه شاديون ڪيون هيون. کيس پهرينءَ بيبيءَ مان هڪ نياڻي ٿي. سندس ٻي بيبي موجوده بيگم صغرا هدايت الله آهي. ان مان کيس چار فرزند ٿيا. (1) انور حسين، (2) منور حسين، (3) الطاف حسين، ۽ (4) ممتاز حسين. سندس ٻئي فرزند، لاهور ميل جي حرن هٿان ڪرڻ واري حادثي ۾، انتقال ڪيو. ٻيا حيات آهن.

سر غلام حسين سياستدان ۽ مدبر:

سياستدان ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا عوامي تحريڪن ۽ جماعتن ۾ حصو وٺندڙ، ۽ ٻيا پارليامينٽري سياستدان. سنڌي مسلمانن ۾ پهرئين گروهه جي سياستدانن ۾ مرحوم غلام محمد خان ڀرڳڙي، مرحوم حاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد وغيره شمار ڪري سگهجن ٿا. ٻئي گروهه جي سياستدانن ۾ سر غلام حسين هدايت الله، سر شاهنواز خان ڀٽو، مرحوم الهه بخش خان، ۽ خانبهادر کهڙو شمار ٿي سگهن ٿا.

سر غلام حسين هدايت الله انهيءَ ٻئي گروهه ۾ سڀ کان پهريون ممتاز سياستدان ۽ مدبر ٿي گذريو آهي. ابتدا ۾ هي شخصي لاڳاپي ۽ اثر ڪري بمبئي ڪائونسل ۾ چونڊجي ويو. محنت، لاڳاپي ۽ هوشياريءَ سان وزارت، ايگزيڪيوٽو ميمبريءَ ۽ گورنريءَ جي درجن تي پهتو. سندس سياسي مسلڪ کي پهرئين گروهه جي قومي ڪارڪنن سان مشابهه ڪرڻ يا ان جي اصولن مطابق ان جي پرک ڪرڻ غلط ٿيندو. انهن ٻنهي گروهن جا فلسفا ۽ زندگيءَ جا نظريا ئي علحده پئي رهيا آهن.

پهرئين گروهه وارن خدمت خلق لاءِ ڪي بنيادي اصول مقرر ڪري، انهيءَ مطابق، شخصي نفعي ۽ نتيجي جي پرواهه ڪرڻ بنا، ڪم ڪرڻ گهريو ٿي. ٻئي گروهه وارن جو چوڻ هو ته نظرياتي سياست ۽ عملي سياست ۾ وڏو تفاوت هو.

پهرئين گروهه وارا ڪارڪن اصولي طرح کڻي ڪيترا به لائق هجن پر عملي طرح هنن جي سياست مان ڪو ترت نفعو يا نتيجو نٿي نڪتو. ان ڪري سياست عمليءَ جي تقاضا اها هئي ته اقتدار حاصل ڪجي. اقتدار کان سواءِ ڪو به ڪم ٿي نٿي سگهيو. اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ وقتي مصلحتن، ضرورتن ۽ تقاضائن موجب مقرر معيارن يا اصولن کان منهن موڙيا ڪمپرومائيز (راڌا ويڌ) لازمي ٿيو پوي. ان ڪري ٻئي گروهه جي سياستدانن هر موقعي مان فائدي وٺڻ کي سياسي تدبير ۾ شمار ڪيو ٿي. موقعي کي هٿان وڃائڻ ڪم فهمي ۽ تدبر جي خلاف سمجهيائون ٿي.

مرحوم سر غلام حسين هدايت الله عملي سياست ۽ تدبر ۾ اول درجي جو ماهر ۽ استاد سياستدان ٿي گذريو آهي. سندس ڪامياب زندگيءَ ۾، بخت جي ياوريءَ کان علاوه، سندس دانشمنديءَ ۽ تدبر کي وڏو دخل هو. هو پنهنجي وسيع تجربي مان هي معلوم ڪري ويو هو ته سنڌي عوام ۾ سياسي شعور پيدا نه ٿيو هو: اڃا گهڻي وقت تائين، مختلف سببن ڪري، ان جي يپدا ٿيڻ جو امڪان به نه هو. سنڌي مسلمانن ۾ ٽي گروهه طاقتور هئا: (1) زميندار ۽ جاگيردار، (2) پير، سيد ۽ مـُـلا مولوي، ۽ (3) ڪامورو.

انهن ٽنهي گروهن ۾ تنظيم يا اتحاد ڪو نه هو. اهي ذاتي خود غرضين ۽ دشمنين ڪري هڪ ٻئي ۾ ورهائيا پيا هئا. سياسي جماعتن ۾ سندن داخلا شخصي سهوليتن، لڳ لاڳاپن، ۽ ڪن ذاتي نفعن جي نقطه نگاهه کان اٿي ٿي. سنڌ جا اڪثر مسلم ميمبر ڍنڍ جي پکين وانگر سک جا سانگي هئا. جيڪو طاقت ۾ هو، ان جو سڀڪو سلامي ٿيو ٿي. طاقت کان ٻاهر نڪرڻ بعد اهي ساڳيا ماڻهو بدلجي ٿي ويا. سر صاحب دور انديش، انهن گروهن جو نبض شناس هو. تنهن ڪري هن عملي سياست کي پنهنجو مسلڪ ڪري رهبر راهه بنايو. هن ان راهه ۾ پهرينءَ جذباتي غلطيءَ کان پوءِ ڪڏهن به ڌوڪو نه کاڌو، ڪنهن به موقعي کي هٿان نه وڃايو،  ان ڪري آخر وقت تائين ڪاميابي سندس  پير چمندي آئي.

سر صاحب شخصي طرح مهمان نواز، مهل تي ڪم ايندڙ، بدلو نه چڪائيندڙ، سرنديءَ ٽري ويندڙ، شخصي دوستيءَ ۽ لڳ لاڳاپن جو قدر ڪندڙ، پڻ ڪامورڪي ڪلاس جو نبض شناس هو. انهيءَ ڪري هي هيٺان وٺي، مٿي چڙهي، اوچ کان اوج تي پهچي. وڏي خير خوبيءَ سان گذر ڪري ويو.

سندس دور حياتيءَ ۾ منهنجو گهڻو وقت ساڻس اختلاف ۾ گذريو- جهڙيءَ طرح ان کانپوءِ جملي صاحب اقتدار سياستدانن سان منهنجا اڄ تائين اختلاف رهندا پئي آيا آهن. اهي اختلاف نظرياتي هئا نه شخصي. هو پرئڪٽيڪل پاليٽيشن (عملي سياستدان) هو، آءٌ آئيڊيلسٽ هوس. هن جا پير زمين تي هئا، مون مٿي هوا ۾ اڏامڻ ٿي گهريو. هو صاحب عقل هو، آءٌ صاحب جنون هوس. هو حال تي حاوي هو. آءٌ آئيندي لاءِ حيران هوس. ظاهري طور  هو ڪامياب هو، آءٌ ناڪامياب. سياسي دنيا ۾ ٻنهي ڳالهين جي ضرورت آهي. آئيڊيلسٽ نه هجي، ته آزاديءَ جا خواب، اقتصادي انقلاب، ۽ روشن مستقبل جا امنگ ئي پيدا نه ٿين! پرئڪٽيڪل پاليٽيشن نه هجي، ته شايد حڪومت جو انتظام ۽ ملڪ جي سياست جو استحڪام ۽ ملڪي تعمير جا منصوبا بغير تعبير جي رهجي وڃن.

منهنجو مقصد سر صاحب جي سياسي زندگيءَ ۽ مسلڪ کي پنهنجي نقطه نگاهه ۽ معيارن تي پرکڻ جو نه آهي، پر غير جانبدار سوانح نويس طور سندس زندگيءَ جو احوال لکڻ آهي. تنهن ڪري هن ڳالهه کان انڪار ڪري نٿو سگهجي ته سر صاحب سنڌ جي سياسي عملي وارن سياستدانن ۾ چوٽيءَ جو ماڻهو هو. هن کي سنڌ جو ”گرانڊ اولڊ مئن" (اعليٰ شان وارو بزرگ) سڏجي ته بيجا نه ٿيندو. هن جي دوست نوازي ضرب المثل هئي. جي ماڻهو سندس وڪالت جي وقت کان واقف يا لاڳاپي وارا هئا، انهن کي اوج تي رسڻ بعد به نه وساريائين. سندس دوست ۽ نيازمند، حيدرآباد جي مور حجام، جو مثال اکين اڳيان آهي، جنهن سان سر صاحب پڇاڙيءَ تائين پيار ۽ شفقت جا لاڳاپا قائم رکيا. اڄڪلهه جي صاحب اقتدار ماڻهن جي اها حالت آهي ته جڏهن اوج ۾ اچن ته پراڻن ساٿين کي کيڪارين به ڪو نه- غريب دوستن کي ملڻ ۾ حقارت پيئي ايندي اٿن. ان ڳالهه کان سر صاحب مستثنيٰ هو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org