سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 26

 

ٻيا بزرگ، رفيق ۽ واقفڪار

1- پير ميان خدا ڏنو شاهه ولد پير ميان امام بخش شاهه رضوي

(نصرپور)

هن خاندان جي نسب جو سلسلو حضرت امام علي نقي عليه جن سان ملي ٿو. سندن وڏا مڪي شريف کان هجرت ڪري، امام علي موسيٰ رضا عليه جي مزار تي اچي مجاور ٿي ويٺا. انهن مان سيد زيد جو پوٽو سيد قاسم اتان هجر ڪري، هندستان ۾ آيو، جتي ڪجهه وقت سير وسياحت ۾ گذارڻ بعد، آخر سنڌ ۾ بکر جي قلعي ۾ اچي رهڻ لڳو، جتي ديني تعليم ڏيندو هو. ان جو پوٽو، سيد قاسم شاهه ثاني، بکر مان لڏي پهرين روهڙي ۾ آيو، جتان پوءِ نصرپور ۾ لڏي اچي ويٺو. اتي سندس اولاد ٽن پاڙن ۾ ورهائجي ويو: 1- محمد پوٽا، 2- جلال پوٽا ۽ 3-  عنايت پوٽا.

        ميان خدا ڏنو شاهه محمد پوٽا ڪٽنب جي مشهور درويش سيد غلام حسين شاهه عرف گل پير جو ٽيون نمبر سجاده نشين هو. سندس اصل نالو بنده حسين شاهه هو، ليڪن بعد ۾ خدا ڏني شاهه جي نالي سان مشهور ٿي ويو. سندس والد جو نالو امام بخش شاهه ۽ ڏاڏي جو نالو محمد علي شاهه هو. هو نصرپور جي ڳوٺ ۾، تاريخ 15- جمادي الاول 1292هه، بروز ڇنڇر، مطابق 20- جون 1875ع تي ڄائو هو. هي نصرپور ۾ شاهه پوٽا ڪري ڪوٺبا آهن.

        هو اڃا ستن سالن جو هو ته سندس والد 1882ع ۾ وفات ڪري ويو، جنهنڪري کيس درگاهه جي مسند تي ويهاريو ويو. هي جيتوڻيڪ نقوي سيد هئا، پر امام موسيٰ رضا جي مجاوريءَ ڪري، رضوي سڏائڻ لڳا ۽ اڃا تائين ائين سڏائيندا اچن ٿا.

        هن پير صاحب جي دور ۾ سنڌ جي اڪثري درگاهن جي سجاده نشينن کان ذڪر اذڪار ۽ سلسلو طريقت، ڇڏائي ويل هو. پير صاحبن جو مدار ملڪيت مريدن سان لاڳاپي ۽ سندن دنيوي طاقت تي رهندو هو: تنهنڪري سنڌ جي ٻين پير صاحبن وانگر هن به انهي وقت جي خانداني دستورن مطابق راڳ، ملاکڙن، شڪار، خاندانن سان لڳ لاڳاپن، مهمان نوازيءَ ۽ حڪومت سان سٺن تعلقات قائم ڪرڻ تي توجهه ڏنو.

        هن صاحب وڏي ٿيڻ بعد راڳ ۾ خاص دلچسپي ورتي، جنهن جي سگهوئي پوري ڄاڻ حاصل ڪري ويو. پاڻ به ڳائيندو هو. وڄت، راڳ وغيره ۾ هو اهڙو ماهر ٿي ويو هو، جو سندس مجلس ۾ وڏن گوين کي ڳائڻ مهل خيال رهندو هو ته ڪٿان چڪ نه نڪري پوين. هن وٽ پري پري جا ڪيترا راڳيندڙ ايندڙ هئا. ڪي ته وٽن ڪيترو وقت رهيا پيا هوندا هئا. هن ساري عمر راڳ جي سرپرستيءَ ۾ گذاري. چوڻ ۾ اچي ٿو ته خانصاحب فتح علي خان، علي بخش خان ۽ زهره ٻائي وٽس راڳ ڳائي ويل هئا. ائين به ٻڌجي ٿو ته ان وقت جي مشهور ڳائيندڙ گوهر جان جڏهن سنڌ ۾ آئي، ته پير صاحب جي راڳ کان متاثر ٿي، سندس تعريف ڪري ويئي. موجوده خانصاحب اميد علي خان جو والد استاد پيارو خان، مبارڪ علي خان، بيبو خان ۽ موجوده خانصاحب منظور علي خان جو والد جمال خان پڻ اڪثر وٽس ايندڙ هئا. پير صاحب شعر به چيو آهي، جو ڇپجي نه سگهيو آهي. ممڪن آهي ته سندس اولاد وٽ محفوظ هجي.

        از انسواءِ پير صاحب کي ڀلن گهوڙن ۽ سٺن اٺن ڌارڻ جو گهڻو شوق هوندو هو. هو بهترين گهوڙي سوار ۽ شتر سوار ليکيو ويندو هو. جيتوڻيڪ هن ڪنهن اسڪول يا مدرسي ۾ تعليم نه ورتي هئي، ليڪن صحبت ۽ سير وسياحت ڪري، هن سلسلي طريقت تي چڱي معلومات حاصل ڪئي هئي.

        سندس مجلس متانت واري ۽ رعب دار هوندي هئي. سندس واقفن ۽ دوستن جو دائرو نهايت وسيع هوندو هو، جن ۾ سيد ميان ولي محمد شاهه، سيوهڻ، پير ميان علڻ سائين، ڀٽ شاهه، مخدوم ميان غلام محمد صاحب، هالا، ميان الهيار شاهه، مٽياري، سيد فضل علي شاهه، سيد الهه اوڀايو شاهه، حاجي بچل شاهه مٽيارن وارا ۽ نواب علي مردان، تاجپور خاص هئا. سيد مصري شاهه شاعر نصرپور واري مرزا قليچ بيگ مرحوم سيد جمن شاهه ولد لعل شاهه بخاري، حيدرآباد، سيد صادق علي شاهه، روهڙي، مير علي مراد خان، خيرپور، سان سندس ملاقاتون ٿيون هيون.

        هو نصرپور جي هيٺين انجمنن جو صدر رهي چڪو هو: (1) مسلم جماعت، (2) انجمن فيض حسيني، هي اثنا عشري فرقي سان تعلق رکندڙ هو. سندس ٻه شاديون ڪيل هيون. کيس چار فرزند ٿيا، جن مان ٻه ننڍي هوندي وفات ڪري ويا. باقي (1) سيد محمد علي شاهه عرف سيد خادم حسين شاهه، ۽ (2) سيد امداد علي شاهه زنده رهيا. ساڻس منهنجي واقفيت سيد ميران محمد شاهه ۽ پير الهيار شاهه جي معرفت ٿي. هر مجلس ۽ ميلي ۾ پير صاحب جي موجودگي باعث رونق سمجهي ويندي هئي.

        هو پنجهٺ سالن جي عمر ۾ اٺونجاهه سال سجاده نشين رهي، 1357هه، مطابق 1938ع ۾ وفات ڪري ويو. کانئس پوءِ سندس جاءِ تي سندس وڏو فرزند سيد خادم حسين شاهه سجاده نشين ٿيو. اهو ڪجهه وقت ضلعي لوڪل بورڊ اسڪول بورڊ، حيدرآباد جو چيئرمين ٿي رهيو. ان کان پوءِ سياست کان ٻاهر رهيو. خادم حسين شاهه 1- مارچ 1963ع مطابق 4 شوال 1381هه تي وفات ڪئي. هن وقت سندس جاءِ نشين سيد نثار حسين شاهه عرف ميان خدا ڏنو شاهه آهي:

2- ميان عبداللطيف ولد ميان دين محمد ڀٽي

(هالا پراڻا)

        هن جا وڏا اصل راجپوت گهراڻي جا، جسلمير جا ويٺل هئا. هن خاندان جو وڏو شيخ مخدوم عبدالله صاحب حضرت غوث بهائو الدين ذڪريا ملتانيءَ جي نظر عنايت ڪري، مسلمان ٿيو ۽ رياضتون ڪري ولايت جي درجي تي پهچي، خلافت جو خرقو حاصل ڪري، سنڌ ۾ هالا جي نزديڪ ڳوٺ ڳاهوٺ (لڳ ڀاڻوٺ) ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس مقبرو جهنگل ۾ آهي، جتي ماڻهو ماهه پهرينءَ خميس تي زيارت لاءِ ايندا آهن. ان تائين شجرو ونسب ميان عبداللطيف جو هيٺين طرح آهي: ميان عبداللطيف بن ميان دين محمد بن ميان محمود بن ميان عبدالعليم بن ميان نعمت الله بن ميان عبدالحميد دوم بن ميان فتح محمد بن ميان محمد ابراهيم بن ميان محمد عمر بن مخدوم عبدالحميد بن ميان احمد دوم بن ميان فتح الله بن مخدوم احمد اول بن ميان اسحاق بن ميان محمد عمر بن ميان محمد اسماعيل بن مخدوم شيخ عبدالله.

        مخدوم احمد اول پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمد ۽ ٻئي سموري ڪٽنب سميت لڏي اچي هال ڪنڊيءَ ۾ ويٺو ۽ 934هه ۾ وفات ڪيائين. جڏهن هال ڪنڊيءَ کي دريا پائڻ لڳو، ته سندس اولاد مان ميان نعمت الله اڳين بزرگن جا لاش لڏائي، مسجدن ۽ گهرن جو سامان کڻائي 25 ربيع الثاني 1178هه ۾ اچي، موجوده جاين تي هالن پراڻن ۾ ويٺو، جتي سندن اولاد اڃا تائين رهندو اچي.

        چوڻ  ۾ اچي ٿو ته ميان دين محمد کي اولاد ڪونه ٿي ٿيو، ان ڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمت جي مقبري تي اچي مراقبو ڪيائين. اتان کيس اشاري ۾ چيو ويو ته توکي فرزند ٿيندو، ان تي اسان جو نالو رکج. 1274هه ۾ ميان عبداللطيف تولد ٿيو، ان ئي سال ميان دين محمد وفات ڪئي. ان کانپوءِ سندس پرورش ۽ تربيت ميان محمد صالح جي ذمي رهي، جنهن کيس پارسي ۽ عربي پڙهائي.

        ميان عبداللطيف طب ۽ علم جفر ۾ ڪافي دسترس رکندو هو. اڳين جي دستور موجب، پساريءَ ڏي نسخو لکي ڏيندو هو. معاوضو نه وٺندو هو. وٽس مريضن جا ميلا لڳا پيا هوندا هئا. دعا به ڪندو هو ۽ دوا به. نماز روزي جو پابند هوندو هو. سدائين ذڪر فڪر ۽ وضوءَ ۾ رهندو هو. هن 9 جمادي الثاني بروز اربع 1337هه، مطابق 8 مارچ 1919ع تي وفات ڪئي.

        هن ٽي شاديون ڪيون هيون، جن مان کيس چار فرزند ٿيا. سندس وڏي فرزند جو نالو ميان دين محمد هو، جنهن کي ٻه فرزند آهن: (1) ميان محمود ۽ (2) ميان عبداللطيف عرف نواز احمد، ٻئي گهر مان ميان عبداللطيف کي ميان محمد فرزند ٿيو ۽ ٽئين گهر مان ميان رحمت الله ۽ ميان لطف الله ٻه فرزند ٿيس.

        ميان محمد ابراهيم سندس سوٽاري سوٽ هو. ان کي ٻه فرزند ٿيا: (1) ميان محمد صالح، جو اسڪولن جو ڊيپوٽي انسپيڪٽر ٿي رهيو ۽ ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪيا هئائين، جو ٿورا سال ٿيا ته وفات ڪري ويو آهي ۽ (2) ميان نور محمد صاحب جيڪو حيات آهي:

        ميان عبداللطيف جي وڏي فرزند، ميان دين محمد، 3 جمادي الثاني 1340هه مطابق 1- فيبروري 1922ع تي وفات ڪئي.

 

3- نارو مل ولد آلو مل ڀڳت

(ٿاڻو بولا خان)

        هي اصل ٿاڻي احمد خان جو ويٺل هو. هو واپار ڪندو هو ۽ خاص ڪري ان سودائيندو هو.

        هي 1889ع ڌاري ڄائو هو. ننڍي هوندي کان صوفيانه خيال رکندو هو. سندس اعتقاد جهانيان پوٽي، سائين قطب شاهه، حيدرآباد جي درگاهه ڏي هو. اوڏانهن اچ وڃ ڪري، ننڍي هوندي کان صوفيانه ڪلام چوڻ لڳو.

        هن جي مکيه خاصيت اها هئي ته ڪلام ڳائيندي، وجه ۾ اچي، حال کان بيحال ٿي ويندو هو: جنهنڪري سندس راڳ جو مجلس تي گهڻو اثر پوندو آهي. سندس مشهوري ۽ مقبوليت سٺي آواز يا راڳ جي مهارت ڪري نه، پر سندس جذبي، چيده ڪلام ۽ دل سان ڳائڻ ڪري ٿي.

        ڪن سببن ڪري، پڇاڙيءَ جي وقت ۾، هو ٿاڻي احمد خان کان لڏي اچي ٿاني بولا خان ۾ ويٺو. آزاد خيال ۽ بي ڊپو ماڻهو هو، جنهنڪري ڪيترا ماڻهو کيس نه سهندا هئا. جيڪڏهن ڪنور ڀڳت وانگر هي راڳ جي ڪمائيءَ مان مليل پيسو پنهنجي ڪتب نه آڻي ها، ته شايد اڃا به وڌيڪ مقبوليت ٿئيس ها.

        نارو ڀڳت سنڌ ۾ گذشته دور جي صوفيانه ڪلام چوندڙ ڀڳتن جي آخري يادگار هو. پيريءَ سبب ڪمزور ٿي ويل هو، ته به راڳ تي عاشق هو. هن جو نالو سنڌ جي راڳ رس ۾ سدائين زنده رهندو. هو شاهه جي ڪلام جو فدائي هو ۽ ان جو وڏو حصو کيس ياد هوندو هو. سر ۽ تال جو وڏو پختو هو. سنڌي لوڪ رس ۾ پراڻو روايتي ڀڳت وارو انداز هوندو هوس. سنڌ جا ڳائڻا سندس وڏي عزت ڪندا هئا. پنجانوي ورهين جي وڏي عمر ۾ تازو 16 - ڊسمبر 1966ع تي هن جهاني فانيءَ مان لاڏاڻو ڪيائين.

سندس فرزند ٽيئون مل، به راڳ ڳائيندڙ، سريلو ۽ درديلو آهي.

 

4- شاهه محمد، نابينا، ولد رمضان ولد پيراڻو بڪڪ

)ڳوٺ عيسيٰ بڪڪ، ميرپور بٺورو)

هي درويش اصل ۾ عيسيٰ بڪڪ جي ڳوٺ، دڙي ۽ لائق پور جي وچ ۾، تعلقي ميرپور بٺوري، جو ويٺل چوڻ ۾ اچي ٿو. ننڍي هوندي کان ماتا جي بيماريءَ ڪري، اکين کان معذور ٿي ويو. غريب هئڻ ڪري فقيرن جي صحبت ۾ گهمڻ لڳو ۽ آهستي آهستي ڪري نڙ وڄائڻ سکي ويو، هن کي خداداد ڏات هئي، جنهنڪري ان ۾ مهارت حاصل ڪري ويو. مختلف راڳڻيون، ڪافيون، لهرا، ڦوڪون وڄائي ويندو هو. ريڊين تان مختلف طرزون ٻڌي، پنهنجون نيون طرزون ايجاد ڪيون هئائين. ساز سرود سان کيس عشق هوندو هو. نڙ وڄائڻ مهل وجد ۾ اچي ويندو هو. نانگ وانگر اواز تي جهولڻ لڳندو هو. نانگ ٻئي جي آواز تي مست ٿيندو آهي، هي پنهنجي آواز تي جهولندو نظر ايندو هو. سندس اهڙي طرح وجد ۾ اچڻ ۾ عجيب موج هوندي هئي. کيس ڪراچي شهر ۾ ڪيترين ئي مجسلن ۾ نڙ وڄائڻ جو موقعو مليو، جتي دنيا جي ڪيترن ملڪن جي سفيرن، آفيسرن، مردن 7 عورتن کيس ساز وڄائيندو ڏٺو هو. اها اکين ڏٺي ڳالهه آهي ته هن جي نڙ وڄائڻ مهل ساري مجلس محويت جي عالم ۾ اچي ويندي هئي ۽ مثنوي مولانا روم جا هي بيت دل تي تري ايندا هئا- ته:

بشنواز ني چون حڪايت مي ڪند، از جدائي ها شڪايت مي ڪند!

(“نڙ کان سندس ڪهاڻي بڌو، جو وڇوڙي ۾ دانهون ڪري رهيو آهي.”) اهو ڪهڙي شيءِ جو فراق هو، جو شاهه محمد نابينا ۾ ايترو سوز ۽ گداز پيدا ڪندڙ هو! هن راز کي عمومي طور سمجهڻ لاءِ زماني قديم کان مغرب ۽ مشرق جي عالمن، فيلسوفن ۽ درويشن پئي ڪوششون ڪيون آهن. يونان جي عالمن “ٽريجڊي”  (Tragedy) صنف جا ڊراما لکيا، ۽ ان جون فلسفيانه تشريحون ڪيون، جنهن تي اڄ تائين به يورپ جا عالم ۽ فيلسوف لکي رهيا آهن. جيڪڏهن اسان مشرق ۾ صرف ايران ۽ سنڌ جي درويشن جي ڪلام مان ان مسئلي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسون، ته به هن راز جي عظمت ۽ اهميت جو ڪجهه پتو پئجي ويندو، مولانا روم ان جو سبب خود نڙانڊيءَ جي زبان کان هيٺين طرح چوائي ٿو:

ڪز نيستان تا مرا ببريده اند، از نفيرم مرد وزن ناليده اند

(جڏهن کان مون کي نڙلي کان وڍي جدا ڪيو ويو آهي، مون ۾ ان جي فراق اهو درد پيدا ڪيو آهي، جو مرد عورتون منهنجو آواز ٻڌي غمگين ٿيو پون!)

        وري وڌيڪ ان جي تشريح ساڳيءَ نڙانڊيءَ کان هن طرح ٿو ڪرائي:

سر من از ناله من دور نيست، ليک چشم و گوش را آن نور نيست.

(“ منهنجي درد جو راز منهنجي آواز ۾ ڇپيو پيو آهي. ليڪن عام جون اکيون ۽ ڪن ان جي محسوس ڪرڻ کان محروم آهن.”)

هاڻ اچو ته “حافظ” کان پڇون ته اهو ان باري ۾ ڇا ٿو چوي -

“شب از مطرب ڪه دل خوش باد وي را،

شنيدم نالهاي جان سوزني را

چنان در جان من سوزش اثر ڪرد

ڪه بي رقت نديدم هيچ شي را.

(ڪالهه رات سازيندڙ کان نڙ جو بدن جلائيندڙ آواز ٻڌم: ان منهنجي جان ۾ اهڙو سوز پيدا ڪيو، جو دنيا جي هر شيءِ کي درد کان آجو نه ڏٺم.”)

ان کان پوءِ شاهه سائينءَ جي دروازي تي اچبو ته آواز ٻڌبو ته:

وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪو ڪاري،

هن پن پنهنجا ساريا، هو هنجون هڏن لئي هاري.

چي، نڙانڊي ته پنهنجن پنن کي ساري دانهون ٿي ڪري، جيئن ساهه واري شيءِ پنهنجي عزيزن ۽ خويشن جي جدائيءَ کان هنجون هاري ٿي! مطلب ته سڀ ڪنهن درد فراق جا داستان پئي بيان ڪيا آهن ۽ ان کي پئي ساراهيو آهي -

“دل خالي ز درد عشق دل نيست

تن بي درد بس جز آب و گل نيست”

(جامي)

(“ درد کان خالي دل حقيقت ۾ دل ئي نه آهي: درد کان خالي بدن مٽيءَ ۽ پاڻيءَ جو بوتو آهي.”)

آخر ڪهڙو سبب آهي، جو هرڪو ان دانهن کي پسند ڪري ٿو؟ حافظ ان جو جواب ڏئي ٿو ته اهو شر هستيءَ کي کي مٽائي ڇڏي ٿو ۽ بي سري زندگيءَ کي باسر يعني بامعنيٰ بنائي ڇڏي ٿو. ۽ بي سري زندگيءَ کي باسر يعني بامعنيٰ بنائي ڇڏي ٿو. شاهه سائين فرمائي ٿو ته “جيڪي فراقان سو وصالان نه ٿئي!” صحيح زندگيءَ جو راز انهيءَ وسيلي حاصل ٿي سگهندو. موجوده زماني جي زبان ۾ علامه قاضي صاحب فرمائي ٿو ته: “درد سائڪرين مثل  آهي، جا ظاهري ذائقي ۾ ڪڙي، پر انتها درجي جو مٺاڻ رکي ٿي -  يعني درد ظاهري تڪليف ده آهي، پر حقيقت ۾ حد درجي جي خوشي آهي، جنهن جو حصو زندگيءَ جو مقصد سمجهيو وڃي ٿو:

        ائين نه آهي ته اهو راز صرف درويش ۽ صاحب دل سمجهي سگهن ٿا. شاهه محمد نابينا کي به “اشارتون ان جون سڪو تان سڄن” سان ان جي پروڙ هئي. هي اڪٿر مون سان خلاصيءَ مجلس مهل، منهنجو هٿ جهلي، آهستي ڪري چوندو هو ته عام منهنجو نڙ ٻڌي تعريف ڪن ٿا، پر منهنجي اندر جي سوز کان واقف نه آهن. اميد ته تون واقف هوندين!” ان وقت مون کي مولانا روم جي هيءَ مصرع اچي ياد پوندي هئي -

هر ڪسي از ظن خود شد يار من،

وزد زون من نجست اسرار من.

(“سڀ ڪنهن پنهنجي نقطي نگاهه کان مون کي پسند ڪيو، ليڪن منهنجي اندر جي احوال طرف نگاهه نه ڪئي.”)

        هي واقعي سوز ۽ گداز جو پتلو هو انسان جي قيمت سندس ظاهري سونهن، ملڪيت، عزت ۽ طاقت تي ڪٿڻ ٺيڪ نه آهي. ان جو حقيقي قدر ۽ قيمت سوز ۽ گداز جي موڙيءَ تي ڪٿي سگهبو. شاهه فرمائي ٿو ته:

مٺ مٺ سورن سڀ ڪنهين! مون وٽان وٿاڻان،

ڀريو ڪيو ڀڻان، ويا وهائو نڪري!

اسان جا پوئتي پيل ملڪ بيابان مثل آهن، جن ۾ ڪيئي گل کڙي، ڪنهن جي ڏسڻ ۽ خوشبوءِ ڏيڻ کان سواءِ ختم ٿيو وڃن. اسان جي اديبن، فنڪارن ۽ اهل دل جي اهائي حالت بنجي ٿي، ليڪن ڇا ڪجي! وهائو ڪونه آهن، پارکو ڪونه آهن، شيهي ۽ سون جي تميز ڪانه اٿن.

        ههڙي بي بها جوهر جو قدر ڪونه ٿيو. هي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ميرپوري بٺوري جي اسپتال ۾ 5- مئي 1957ع تي وفات ڪري ويو. سندس مزار مقام قاضي ڀريو لڳ لائقپور تعلقي ميرپور بٺوري ۾ آهي.

        شاهه محمد نڙ پاڻ سان کڻي ويو. سازيندڙ گهڻا ٿين، ممڪن آهي، ڪي انهيءَ جهڙيون طرزون به وڄائي وڃن. پر اهو سوز، اهو گداز، اها بي زبانيءَ جي گفتگو اهو وجد ۽ حال ڪٿي ملندا! “روءِ راڻي جي ناهه ڪو، سوڍو سوائي” وارو حال ئي ڏسڻ ۾ ايندو.

        ڪنور ڀڳت ۽ شاهه محمد نابينا جي آواز ۽ ساز ۾ جو سوز آهي، سو صديون گذرڻ بعد به پيو ڪنن ۾ گونجندو.

چه بانگ بود ڪه نواخت مطرب عشاق،

ڪه رفت وقت هنوزم دل  پرز صدا است

يورپ ۾ ويس ته اتي ڪيترين جاين تي شاعرن، اديبن، مصورن ۽ فنڪارن جا يادگار ڏٺم، ڇا هتي اسان اهڙو ياد گار قائم ڪري سگهون ٿا؟

        شاهه محمد جود والد، رمضان ولد پيراڻو بڪڪ، پنجهتر سالن جو اڃا تائين حيات آهي - هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. شاهه محمد کي پنج ڀائر هئا: (1) سليمان، (2) محمد رحيم (3) امير بخش، (4) جمعو خان ۽ (5) مينهن وسايو هي سڀ مال چارڻ جو ڌنڌو ڪندا آهن.

 

5- بيگم طاهره، آغا اعجاز حسين

(حيدرآباد)

هن جو والد، مسٽر محمد اسحاق، سنڌ پراونشل سروس جو علمدار هو، جو پڇاڙيءَ ۾ ڪراچيءَ جو ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ ٿي رٽائر ٿيو. ان مولوي ضياءُ الدين احمد، سنڌ جي مشهور پوليس عملدار، جو آخر ۾ ڊيپوٽي انسپيڪٽر جنرل جي عهدي تان پينشن تي لٿو، جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي هئي. ان مان هيءَ مائي صاحبه 15- جولاءِ 1918ع تي، حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي.

        مولوي ضياءُ الدين احمد ساري زندگي سنڌ جي پوليس سروس ۾ گذاري، جنهنڪري وڏيءَ عمر وارا اڪثر سنڌي سندس نالي کان واقف آهن. هي وڏو عالم، آزاد خيال، باهمت عملدار ٿي گذريو آهي. آخر ۾ پينشن وٺڻ بعد، لاهور ۾ ماڊل ٽائون اندر بنگلو ٺهرائي رهڻ لڳو، جتي وڏي جامع مسجد ٺهرائي، آخر عمر عبادت ۾ گذاريائين. سندس فرزند زيڊ، زيڊ، احمد سنڌ ۾ ڊي آءِ جي پوليس ٿي رهي ويو آهي. اهو به پيءُ وانگر آزاد خيال هو. ٻيو سندس فرزند ڀارت ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو مکيه ڪارڪن آهي ۽ لوڪ سڀا جو ميمبر آهي. بيگم طاهره آغا جو ڀاءُ، مسٽر خالد اسحاق، مغربي پاڪستان جو ائڊووڪيٽ جنرل رهي چڪو آهي. هو نهايت خوش خلق ۽ قابل وڪيل آهي.

        بيگم طاهره آغا گهڻي وقت کان سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ دلچسپي وٺندي رهي آهي. 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبريءَ لاءِ هيءَ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آئي. جنهن ۾ صدارت به پئي ڪيائين. جنوري وقتي 1956ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ تي هيءَ حيدرآباد ضلعي مان ميمبر چونڊجي آئي ۽ مخالفت م مسلم ليگ سان گڏ ويٺي. هن “اسان جو پاڪستان” ۽ “قائداعظم” نالي مضمون چوپڙين جي صورت ۾ ورهايا هئا. هيءَ مائي مخلص، اڻٿڪ سماجي ۽ سياسي ڪارڪن رهي آهي. زالن جي بهتريءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ گهڻو پاڻ پتوڙيو اٿس، ۽ پڻ گهڻن ادارن جي ميمبر رهي چڪي آهي، مثلا:

(1) مهاجرن جي آبادڪاريءَ لاءِ ڪوشش ڪئي اٿس.

(2) زالن جي ڀلائيءَ جي جماعت (وومينس ويلفيئر ائسوسيئيشن) جي سيڪريٽري رهي چڪي آهي.

(3) آل انڊيا مسلم ليگ وومينس جي ڊسٽرڪٽ ڪميٽيءَ جي سيڪريٽري ٿي رهي آهي.

(4) مارچ 1946ع ۽ جنوري 1947ع ۾ سنڌ وومينس ڪانفرنسون حيدرآباد ۾ سڏايائين.

(5) آل پاڪستان مسلم ليگ ڪائونسل ۽ خواتين مسلم ليگ جي ميمبر ۽ سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي وائيس پريزيڊنٽ رهي چڪي آهي.

(6) مغربي پاڪستان سرڪار کيس پاڪستان انڊسٽريز فيڊريشن تي ڊائريڪٽر نامزد ڪيو هو.

(7) چونڊيل، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن صلاحڪار بورڊ، حيدرآباد.

(8) ڊسٽرڪٽ ڪمشنر، گرلس گائيڊ، حيدرآباد.

(9) پاڪستان وومينس گرلس گائيڊ جي ڪمانڊنٽ ميجر جو رئنڪ حاصل اٿس.

(10) سيڪريٽري آل پاڪستان وومينس ائسوسيئيشن، سنڌ برانچ.

(11) بين الاقوامي زالن جي اتحاد ڪانفرنس، منعقد نيپلس، اٽليءَ ۾ 1952ع ۾، پاڪستان طرفان عيوضي ٿي ويئي.

(12) نومبر 1952ع ۾، حيدرآباد ميونسپالٽيءَ تي بنا مقابلي ميمبر چونڊي.

(13) حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جي پبلڪ ورڪس ڪميٽي، هيلٿ ڪميٽي ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين ٿي رهي آهي.

014) 1955ع ۾، سنڌ لوڪل باڊيز ڪانفرنس ۾ ميمبر ٿي رهي.

(15) مغربي پاڪستان لوڪل باڊيز انسٽيٽيوٽ جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر رهي چڪي آهي.

(16) مغربي پاڪستان ۾ پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽيءَ تي ڪم ڪيو اٿس.

(17) سنڌ سرڪار طرفان جون 1953ع ۾ زوري تعليم لاءِ مقرر ڪيل ڪميٽيءَ جي ڪنوينر رهي چڪي آهي.

(18) چيئرمين صلاحڪار ڪميٽي، سنڌ پراونشل ڪو آپريٽو بئنڪ، حيدرآباد.

(19) ميمبر، نارا جيل صلاحڪار ڪميٽي.

(20) ميمبر، ايمپلائمينٽ بورڊ.

(21) پراونشل ٽيڪسٽ بوڪ ڪميٽيءَ جي ميمبر رهي چڪي آهي.

(22) شاهه لطيف آباد شهر، حيدرآباد، جي انتظامي ڪميٽيءَ تي ميمبر ٿي ڪم ڪيو اٿس.

(23) جنوري 1954ع ۾، سنڌ سرڪار جي تعليمي صلاحڪار ٿي رهي.

(24) مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي ڪيترين ڪميٽين تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليس.

(25) ميمبر سنڌ يونيورسٽي سينڊيڪيٽ.

(26) ميمبر ڊسٽرڪٽ ڊيولپمينٽ ڪميٽي ۽ ڊويزنل بورڊ.

(27) ميمبر بنيادي جمهوريت ۽ ميمبر ڊويزنل ڪائونسل

(28) ميمبر پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف ويلفيئر

(29) آمريڪا جو ليڊرس پروگرام هيٺ سير ڪري آئي آهي.

سندس خاوند، مسٽر اعجاز حسين آغا، حيدرآباد ۾ وڪالت ڪندو آهي. حيدرآباد ۾ 21- سي لطيف آباد ۾ رهندا آهن.

 

6- ميان محمد امين خان عبدالعزيز خان کوسو

(جيڪب آباد)

هيءُ جيڪب آباد ضلعي جي کوسن بلوچن مان ربش دراز، عابد، صاحب دل، بلند همت، معامله فهم، نصف گوشه نشين، مخلص قومي ڪارڪن آهي، جنهن جو حال ۽ قال، گفتگو ۽ فڪر، سياسي نظريو ۽ عمل ايتري قدر پراز معما ۽ معنيٰ ڀريل ٿين ٿا، جو انهن جو سمجهڻ ۽ سلجهائڻ جو ٿورن کي پتو پوي ٿو. گفتگو گهڻي، پلي ءِ پوندڙ، معني مختصر: پڄندي ٿوري، دعويٰ بلند - سندس ڪردار جون اهڙيون ڳالهيون آهن، جي مشغول ماڻهن، صاحب ثروت ۽ اقتدار، ترقي پسند نوجوانن ۽ دقيانوسي ملن کي، سندس نزديڪ ٿي وٽانئس مستفيد ٿيڻ کان مانع آهن.

        منهنجي ساڻس واقفيت 1938ع کان ٿي، جڏهن هي مير زين الدين خان سندراڻيءَ جي وفاتيءَ ڪري، خالي ٿيل اسيمبليءَ جي ميمبريءَ جي جاءِ تي، سردار شير محمد خان بجاراڻيءَ جي مقابلي ۾، ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيو. هن 29 مارچ 1938ع تي اسيمبليءَ ۾ حلف وفاداري کنيو. مرحوم الهه بخش جي وزارت جو دور شروع ٿيو هو. هيءُ به جذباتي هو ۽ آءٌ به ان لهس ۾ لوساٽيل هوس. هن کي بلوچ هئڻ ڪري سيدن ۽ پيرن لاءِ عزت هئي: ليڪن، بقول عبيدالله سنڌي مرحوم، “سيد روحانيت ۽ سعادت ڪري، بيشڪ عزت جي لائق هئا: پر سياسي معامله فهميءَ ۾ هميشه قاصر رهيا هئا.” چنانچه هن کي منهنجي سياسي پخته خياليءَ ۾ ابتدا کان ئي شڪ ويٺل هئا.

        اتحاد پارٽي، ڪانگريس ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽين طرفان الهه بخش وزارت کي وجود ۾ آندو ويو هو، جن سڀني پنهنجن پنهنجن مقصدن ۽ مرادن سان ان جي مدد ڪئي ٿي. مون کي الهه بخش جي گذشته روايات کان پوري واقفيت هئي: ليڪن باوجود ان جي مون کيس انهيءَ نوجوانيءَ ۾ ان بار وزارت لا”، سندس قابليت، پارليامينٽري تجربي، غير فرقيوارانه ذهنيت، خوش خلقي ۽ ملنساريءَجي صفتن ڪري، منتخب ڪيو هو. ميان محمد امين کيس ڪهڙين صفتن ۽ وصفن ڪري مدد ڪئي ٿي، ان جو پتو کيس هوندو. الهه بخش وزارت کي مسلمان ميمبرن جي اڪثريت جي مخالفت آڏو هئي. اها مسلم پريس ۽ طبقي جي عتاب هيٺ هئي، ان جي باوجود مون ان لاءِ هيءَ راءِ قائم ڪئي هئي ته جي ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي جا ڪم اڳين وزارت سرانجام نه ڪري سگهي هئي، سي هن جي ذريعي پورا ڪرايا وڃن. آءٌ انتها پسند آئيڊيلسٽ هوس. انتظامي دشوارين، وزارت کي مدد ڪندڙن پارٽين جي متضاد مفاد، ڪامورا شاهيءَ جي سستيءَ ۽ قدامت پسنديءَ جي طريقن ۽ مسلم عوام جي خواب غفلت ۽ سندن نمائندن جي خود غرضيءَ، حڪومت پرستيءَ ۽ بي اصولي جو پتو ڪونه هوم. هندو ڪاموري ۽ ڀائي بند ڪلاس جي طبقاتي مفاد ۽ مسلم ڪاموري ۽ عوام جي مفاد جي مقتضاد هئڻ جو پورو احساس نه ٿيو هوم.

        مون الهه بخش وزارت کان بلا تاخير جي ان پروگرام تي عمل ڪرائڻ ٿي گهريو. جنهن جي سرانجاميءَ ۾ مٿي ذڪر ڪيل سڀ رڪاوٽون موجود هيون. الهه بخش جي هوبهو اها حالت هئي ته:

“مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،

اڀا ائين چون، متان پاند پسائيين!”

(شاهه)

        مون سخت گيريءَ کان ڪم ورتو. برداشت جي به حد ٿيندي آهي. آخر ٻن مستقل مزاج طبيعتن جو ٽڪر ٿي پيو. آءٌ وزارت جي ترت انقلابي ۽ اصلاحي قدمن کڻڻ تي هوڏيل هوس. الهه بخش مٿي ذڪر ڪيل محدود دائري ۽ نامناسب حالات ڪري، منهنجي مرضيءَ موافق مقرر ڪيل پروگرام جي پوئواري ڪري نه سگهيو. هڪ طرف تجربي جي ڪمي ٻئي طرف حالتن جي مجبوري نمايان طور نمودار ٿي ويئون. ويتر ڍلن کي “سلائيڊنگ اسڪيل” جي بنياد تي، پارٽيءَ جي اجازت کان سوا”، مڙهڻ ان ابتدائي اختلاف کي وڌائي، نئين مخالفت جي صورت اختيار ڪرائي. هن مون کي غير تجربيڪار ۽ هوا ۾ اڏامندڙ آئيڊيلسٽ سمجهي، ڪانگريس، هندو انڊپينڊنٽ پارٽي ۽ مسلم وڏيرن جي آڌار ۽ حڪومتي طاقت جي ڀروسي تي، نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مون کي پنهنجي جوش جوانيءَ، جذبي ايمانداريءَ ۽ بي انتها قوت عمل تي ڀرسو هو. اها حالت ڏسي، رجعت پسند گروهه ۽ افراد، جن کي ڪڍي نئون دور آندو هوم، سي ڦري اچي منهنجا پشت پناهه ٿيا.

        باوجود ان جي پهرين مون ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ کي حالتن درست ڪرڻ لاءِ اپيل ڪئي. مولانا ابو الڪلام آزاد ۽ سردار پٽيل، ڪانگريس پارليامينٽري بورڊ جا ميمبر، سنڌ ۾ پهچي ويا.

                ڪانگريسي ڪارڪن ٻن راين ۾ ورهائجي ويا: هڪڙا منهنجي راءِ جا ٿيا ته ڍلن جو سوال پارٽين جي منظوريءَ تائين مهمل ڪيو وڃي، نڪتل آرڊر سسپينڊ ڪيا وڃن يا وزارت کي استعيفا ڏيڻ گهرجي. سنڌ مان مرحوم ڊاڪٽر چوئٿرام جو گروهه ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد ان راءِ جا هئا. ٻيو گروهه مرحوم رستم سڌوا ۽ محمد امين کوسي جو هو، جنهن کي پشتي سردار پٽيل جي هئي - ان گروهه جو خيال هو ته منهنجا يوٽوپين پروگرام ناممڪن العمل هئا: ڍلن جا پاس ڪيل آرڊر رد ٿي نٿي سگهيا: ۽ الهه بخش جي وزارت جو قيام آل انڊيا سياسي مصلحتن خاطر ضروري هو. اختلاف وڌندا ويا، جوش ۽ غصي جي حالت  ۾ دماغي توازن اعتدال تي رهي نٿا سگهن. مون حالت کي درست ڪرڻ خاطر مستقبل جي نتيجن جي پرواهه نه ڪئي. هنن هڪ ايماندار، عمل ۽ اصول جي مجذوب کي، مختلف وجوهات جي بنا تي نظر انداز ڪيو. حالتون ببگڙنديون ويون. سرزمين  سنڌ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي سياسي اختلافن جو اکاڙو بنجي پيئي. ڪانگريسي گروهه کي عارضي ڪاميابي حاصل ٿي ويئي. الهه بخش وزارت کي ڪجهه عرصي لاءِ مهلت ملي ويئي: ليڪن نتيجو اهو نڪتو ته انهن اختلافن جي آڙ ۾، خلاف توقع، رجعت پسند، فرقه پرست، نفرت آميز طاقتن اچي ديرو ڄمايو. آخر ۾ حالتون اسان جي وس کان ٻاهر نڪري ويون. نيڪ ارادن جي باوجود، غير تجربيڪاري ۽ حالتن جي صحيح اندازي نه ڪرڻ ڪري سمجهه ۽ جذبي جي قوتن جو ٽڪر ٿي پيو. جذبو ڪامياب ٿيو. عقل کي شڪست آئي. ڪانگريس جي سنڌ مان پاڙ پٽجي ويئي. الڳ الڳ راهن ۽ تقسيم کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه رهيو.

        انهن سمورن ڏوهن ۽ ثوابن جي ورهاست مون تي ۽ برادرم محمد امين کوسي تي ڪيتري قدر پوندي، سو فيصلو مستقبل جي تاريخ نويسن کي ڪرڻو آهي. اهي تاريخي حقيقتون ۽ حالات اهن، جن جي پس منظر ۾ مستقبل جي سوالن تي غور ۽ فڪر ڪرڻو آهي.

        انهيءَ وقت کوسي صاحب جا هيٺيان ڪارناما ۽ سياسي عقيدا هئا:

(1) مغربي سنڌ ۽ بلوچستان جي پوئتي پيل خطي ۾ سياسي بيداري ۽ آزاديءَ جي جذبي پيدا ڪرڻ لاءِ ٻين قومي ڪارڪنن سان گڏ، هن محب وطن يوسف علي خان مگسيءَ جي سنگت ۾ ڪوشش ڪئي.

(2) مسلم ليگ جي نظريي کي اتحاد ۽ آزاديءَ هند جي خلاف سمجهي، ان جي هن  مخالفت ڪئي.

(3) هن مرحوم الهه بخش کي سنڌ جي مقامي خود اختياري جو علمبردار فرقيوارانه ۽ نفرت واري پاليسي جو مخالف، ۽ آل انڊيا سياسي جهڳڙن کي سنڌي سياست ۾ ٽپائي آڻڻ جي برخلاف سمجهي، بغير چون چران جي، هن جي مدد ڪرڻ شروع ڪئي.

(4) هن سرزمين سنڌ کي اتحاد، امن ۽ ترقي و انسانيءَ جو پيغام رسان ۽ مشنري سمجهيو هو.

(5) انهيءَ پيغام جي آخري اشاعت جو مرڪز، هن پير صاحب ڀرچونڊيءَ جي درگاهه سمجهي هئي، جنهن مولانا تاج محمد امروٽيءَ ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جهڙا حريت جا دلداده ۽ مستقل سياسي ڪارڪن پيدا ڪيا هئا.

(6) مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي سياسي ۽ مذهبي فڪر جو صحيح وارث ۽ پورو ترجمان پاڻ کي سمجهيو هئائين.

سندس راين ۾ تعجب آميز ڳالهه اها هئي ته هن بيڪ وقت مولانا ابو الڪلام آزاد، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ علامه شيخ محمد اقبال جي مختلف خيالن ۽ متضاد راين ۾ يڪرنگي ڏٺي هئي.

        بهرحال برصغير جي ورهاڱي بعد، جي حالتون پيدا ٿيون تن ميان محمد امين ۽ اسان کي پس پشت اڇلائي ڇڏيو، ليڪن باوجود سياسي حالات جي ناسازگاريءَ جي قوت فڪر ۽ جذبو ڪمزور نه ٿيا هئا. مون سياسي ميدان ۾ بقول شاهه عبداللطيف عليه الرحمت

هيڪلائي هيل، پوريندينس پنهونءَ ڏي -

پئي پاڻ پتوڙيو. هن زياده توجهه، نين حالتن جو جائزو وٺي، ڪنهن مستقل فڪر جي هٿ ڪرڻ ۾ صرف ڪيو.

        برصغير جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام بعد، ڪي واقعات رونما ٿيا،مثلا:

(1) ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪري، مرڪزي حڪومت جي ماتحت ڪيو ويو. سنڌين ان کي موروثي ملڪيت جي کسجڻ ۽ غصب ٿيڻ برابر سمجهي، ان جي مخالفت ڪئي. ان ۾ مون کي انهيءَ تحريڪ جو محرڪ سمجهي، ڳوٺ ۾ نظربند ڪيو ويو.

(2) سنڌ جي هزارها ورهين جي روايات، پنهنجي سياسي حيثيت، اقتصادي مفاد ۽ ڪلچرل ورثي جي باوجود زوريءَ ڪن مخصوص مفادن ۽ طبقاتي ضرورتن خاطر، ختم ڪري ان کي ون يونٽ ۾ اٽڪائڻ وقت وري مون کي قيد ۾ نظربند ڪرڻ لاءِ منتخب ڪيو ويو.

(3) مارشل لا قائم ٿيڻ، بعد ڪن خسروانه مصلحت سبب، وري مون کي ساڍن ستن سالن تائين نظربند ڪيو ويو.

        انهن ڳالهين هن دور دراز پنڌ تي ڳوٺڙي ۾ ويٺل گوشه نشين، سياسي اختلاف رکندڙ دوست کي جهڙو بي چين ڪيو ۽ صدمو رسايو. ان جو اظهار سندس پنج سؤ خطن ۽ اڍائي هزار فولسڪيپ پنن جي صورت ۾ مون وٽ موجود آهي. اهي خط سندس منهنجي لاءِ جذبي محبت، سندس سياسي شعور ۽ احساس جو بين ثبوت آهن. انهن جملي خطن ۾ جنهن مودت جو اظهار ڪيو آهي، جن لفظن سان همت افزائي ڪئي آهي، مون کي جنهن درجي تي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان جو ذري ماتر، پنهنجن عيبن، خامين ۽ ڪمزورين کي مدنظر رکندي، اظهار ڪرڻ پاڻ لاءِ ندامت، شرمندگي ۽ خود ثنائيءَ جو باعث سمجهي، ان کان گوشو ٿو ڪريان ۽ کيس غلو محبت ۾ مجذوبي گفتگو جي طعني کان بچائڻ خاطر بيان نٿو ڪريان: ليڪن سندس اهو جوش مون تي اثر ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو آهي -

دل هي تو هي نه سنگ وخشت، درد سي ڀر نه آئي ڪيون،

روئينگي هم هزار بار، ڪوئي همين ستائي ڪيون.

مون پنهنجي ايام سياست ۾ ناپخته دماغيءَ، غير معامله فهميءَ کان ڪيئي غلطيون ڪيون هونديون. جڏهن گذشته ايام جي ڪارڪردگيءَ تي نظر ٿو ڪريان، ته سر ندامت کان هيٺ ٿيو وڃي. ”پلئه پايو ڪچ، آڇيندي لڄ مران“ جو حال اٿم. پر ان ساري معاملي ۾ مون کي جي ڪابه ڳالهه آٿت ڏيندڙ رهي هئي، ته اها هيءَ هئي ته منهنجي ساري ڪارڪردگي، هر موقعي تي خود مطلبيءَ جاءِ طلبيءَ قوم فروشيءَ، بزدليءَ ۽ خريد ٿي وڃڻ جي آرائشن کان ڪجهه مڙيو ئي پري هئي. اجتهادي ۽ معامله فهميءَ جون خطائون گهڻيون ٿيون هونديون. ممڪن آهي، اهي خطائون ڪيترن بزرگان دين ۽ اعليٰ سياستدانن کان به سرزد ٿيون هجن: پر انهن جي پاداش ۾ پروان کي ڇڏي، پنهنجن طرفان جا سرد مهري ۽ جو غير التفاتي جو برتاءَ اختيار ڪيو ويو هو، ان سزا جو لائق نه هوس.

”خوني نه ڪرده ايم ڪسي را نه ڪشته ايم،

جرم ماهمين است که عاشق روي تو گشته ايم!“

        انهيءَ سموري عرصي ۾ نه ڪنهن سنڌي اخبار کي جرئت ٿي، جو منهنجو نالو اچارين، نه جلسي ۾ منهنجي نظربنديءَ تي ٺهراءَ پاس ڪرڻ  جو ڪنهن کي ڪو خيال پيدا ٿيو. ڪيترا ڏسڻا وائسڻا دوست مون سان ملاقات ڪرڻ، بيماريءَ جي وقت ۾ طبيعت پرسيءَ لاءِ اچڻ، والده ۽ عزيزن جي انتقال ڪرڻ وقت عذر خواهي ڪرڻ جي جرئت ساري نه سگهيا، ته متان حڪمران طبقي کي خبر پئجي وڃي ته هو ناراض ٿين. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”جنين لاءِ مياس، سي ڪلهي ڪانڌي نه ٿيا!“ ڪهڙا قصا بيان ڪريان. هڪ عزيز جهڙو عملدار، جو منهنجي وسيلي ڊيپوٽي ڪليڪٽر جي درجي تي پهتو هو، سو ساڍن ستن سالن ۾، باوجود نزديڪ هئڻ جي بيماريءَ جي حالت ۾ به طبيعت پرسيءَ لاءِ ان ڪري نه آيو ته متان سندس عملدار ناراض ٿين. هڪ سنڌي ڊسٽرڪٽ عملدار غير واجبي ڍل مڙهي ڇڏي: کيس سبب ڏيئي اپيل ڪئي ويئي: اها رد ڪري ڇڏيائين. ڪمشنر کي اپيل ڪئي ويئي، جيستائين فيصلو ٿئي، ان وچ ۾ مختيارڪار کي گهرائي چيائين ته ضبطي ڪئي وڃي! اسان جي ”آڻيون ۽ چاڙهيون، ڏٿ ڏيهاڻي سومرا“ جي حالت جو پتو هوس. هڪ دفعي علاج لاءِ ڊاڪٽر جي اجازت سان ڪراچيءَ ويس. عين بيماريءَ جي حالت ۾ موڪل رد ڪري، ان ساڳئي عملدار ڳوٺ موٽڻ لاءِ مجبور ڪيو، صرف انهيءَ واسطي ته حڪمران طبقي وٽ سرخروئي ٿئيس. هڪ سنڌي ڊاڪٽر منهنجي والده جي علاج لاءِ اڌ ڪلاڪ ڏسڻ واسطي هزار روپين جي فيءَ جي تقاضا ڪئي. ان حالت ۾ جڏهن هڪ غير سنڌي ڊاڪٽر سوين دفعا بنا اجوري جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار هجي. هڪ پير طريقت باوجود اظهار محبت ۽ مودت جي طبيعت پرسيءَ لاءِ ان ڪري مون وٽ اچڻ کان انڪار ڪيو ته متان سي آءِ ڊي رپورٽ ڪري. هن جو سياسي مستقبل خراب ڪري.

        ڪهڙا بيان ڪجن! انهيءَ اوڻٽيهين اونداهيءَ جي وقت ۾ هڪ گوشه نشين، سياست ۾ هميشه مخالفت ڪندڙ، دور دراز پنڌ تان پنهنجي محبت ۽ مودت جي اظهار ۾ هزارها صفحا ڪارا ڪري، درگاهه الاهيءَ ۾ روئي ٻاڏائي پنهنجون نيم شبي دعائون موڪليندو رهي، ننڊ ۽ آرام ڦٽائي مجنون واريون دانهون ڪري سا ڳالهه ڪا معمولي نه هئي.

        اڄڪلهه جڏهن چوطرف خودمطلبي، بزدلي، فرض ناشناسي، قوم فروشيءَ جي بازار گرم لڳي پيئي آهي، ان وقت هڪ مخلص، بي لوث دوست جي دعا ۽ همت افزائي ڪا گهٽ قيمت واري شيءِ نه آهي. اڄڪلهه وفا ۽ محبت اڻ لڀ وٿون آهن. انهيءَ اثر، وفاداري ۽ اظهار مودت، بمصداق ”دلڙي، گهر ته گهرانءِ“ جي مون کي سندس طرف رجوع ڪيو، ته ان ۾ ڪهڙي خطا هئي!

جز محبت هر چه بردم، سود در محشر نداشت

دين و دانش عرض کردم، کس به نيم جو نخواست

قيمتي چشم ترم را، قيمت کوثر نداشت

انهيءَ پس منظر سان هن وفادار دوست جي زندگيءَ جو ذڪر لکيو رهيو آهيان.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org