سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 15

 

3- قاضي حاجي ميان اسدالله شاهه ولد سيد ميان الهه بخش شاهه ٽکڙائي

(ٽکڙ، تعلقو ٽنڊو محمد خان)

هي شاهه صاحب مٽياري خاندنا جي جرار پوٽي پاڙي جي منعمائي شاخ مان هو. سندس والد، سيد الهه بخش شاهه کي پنج فرنزد هئا: 1. سيد حاجي عبدالحڪيم شاهه، 2. سيد حاجي غلام شاهه، 3 سيد حاجي اسدالله شاهه، 4. سيد محمد حافظ شاهه، ۽ 5. سيد حاجي علي اصغر شاهه.

شاهه صاحب 15 شعبان 1285هه، مطابق 30 نومبر 1869ع، اربع جي ڏينهن ڄائو هو، مڪاني طرح سنڌي، پارسي ۽ عربي پڙهي، پوءِ ديوبند ۾ مولانا محمود الحسن شيخ الهند وٽ وڃي پڙهيائين. طب ۾ به چڱي مهارت هيس.. وقت جي حالت آهر بهترين ڪتبخانو هوس. پاڻ خلافت تحريڪ ۾ نهايت جوش سان ڪم ڪيائين، منهنجي ساڻس واقفيت به لاڙڪاڻي واريءَ خلافت ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي هئي.

شاهه صاحب مولانا محمود الحسن جي تحريڪ آزاديءَ جو حامي هو. خلافت تحريڪ شروع ٿيڻ بعد، تڏهوڪي سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر، خانبهادر نبي بخش محمد حسين جي تحريڪ سان، مولوي فيض الڪريم موري واري جي هڪ فتويٰ، مڪي شريف جي خلافت جي فائدي ۾ ۽ ترڪيءَ جي سلطان جي خلاف شايع ڪرائي. اُن تي سنڌ جي مکيه پيرن ۽ مولوين کان سرڪاري عملدارن ذريعي صحيحون ورتيون ويون هيون، جن ۾ پير شاهه مردان پاڳاري، مخدوم ظهير الدين هالن واري، پير صالح شاهه راڻيپور واري ۽ ڪيترن ٻين پيرن، سيدن ۽ مولوين جون صحيحون شامل هيون. سنڌ مان جمعيت العلماءِ جي ميمبرن اُن تي صحيحون نه ڪيون، بلڪه هڪ جدا فتويٰ لکائي، صحيحون وٺي ورهايون. ان جي لکڻ ۽ ورهائڻ ۾ هن وڏو حصو ورتو.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام تي کيس خاص مهارت حاصل هئي. جڏهن مرحوم ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ شاهه جو رسالو لکي، ڪي سر ان مان ڪڍيا هئا ته ٻئي طرف مسٽر ڄيٺمل پرسرام انهن سُرن ڪڍڻ جي مخالفت ڪئي هئي. ان اختلاف تي هن ”الوحيد“ اخبار ۾ هڪ مدلل مضمون لکي راءِ ڏني هئي.

جڏهن حيدرآباد شهر جو قاضي ابراهيم شاهه وڃي ”امن سڀا“ ۾ داخل ٿيو ۽ مسلمان  مٿس ڪاوڙجي پيا، تڏهن شاهه  صاحب کي حيدرآباد شهر جو قاضي مقرر ڪيائون. ”انجمن سادات مٽياري“ جي ٺاهڻ ۾ به خاص حصو ورتو هئائين ؛ اَنجمن جي سَنَ ۽ ڊگهڙيءَ وارين ڪانفرنسن ۾ به آيل هو.

پاڻ حاجي، حافظ، عالم، شاعر، مصنف، ۽ سياستدان، هڪ ئي وقت هو. شريف النفس، ساده مزاج، تيز فهم ۽ محنتي هوندو هو.

کيس چار فرنزد ٿيا: 1. سيد الهه بخش شاهه، 2. فضل الله شاهه، 3. حزب الله شاهه، 4. حبيب الله شاهه. پويان ٻيئي صغيريءَ ۾ فوت ٿي ويا ۽ پهرين ٻن کي اولاد آهي.

شاهه صاحب 27 رجب 1344هه، مطابق 10 فيبروري 1926ع تي وفات فرمائي، وفات وقت سندس عمر  59 سال هئي.

سندس لکيل ڪتاب هيٺيان آهن:

”بهار اخلاق“ (ماهوار رسالو)، ”هَديه اَسَديه“ ، ”اَلانتصار في جواب الاشتهار“ ، ”فتح الهادي في رد گمنام حيدرآبادي“ ، ازانسواءِ شعر ۽ تاريخي قطعا.

سندس پوٽو ساڳئي نالي سان ساماڻو آهي. اُڀرندي سان شعاع ڪيو اٿس، خدا سائين شل کيس عمر دراز ڏئي ۽ قوم ۽ ملڪ جي خدمت جي توفيق ڏئي! هن وقت لنڊن ۾ پي. ايڇ . ڊي فارسي ادب ۾ ڪري رهيو آهي.

4- شيخ عبدالعزيز محمد سليمان

(سکر)

هي شيخ جان محمد نالي هڪ نو مسلم جو پوٽو ۽ شيخ محمد سليمان ”الحق“ اخبار جي بانيءَ جو فرزندهو. سندس ڏاڏو سولجر بازار ڪراچيءَ ۾ فوجي راشن شاپ ۾ ملازم هو. اتي ئي مولوي تاج محمد مرحوم، سولجر بازار مسجد جي پيش امام، جي هٿ تي مسلمان ٿيو. شيخ محمد  سليمان پنهنجي والد جي مسلمان ٿيڻ کان پوءِ، تولد ٿيو. شيخ محمد سليمان، 1901ع ڌاري ”الحق“ اخبار اول  سکر مان جاري ڪئي. ان اخبار کي بعد ۾ حيدرآباد آندو ويو، پر 1907ع ۾ وري ان کي سکر آڻي، اتان ڪڍڻ شروع ڪيو ويو.

شيخ محمد سليمان کي ٽي فرزند ٿيا: شيخ عبدالعزيز، شيخ عبدالحڪيم ۽ ڊاڪٽر شيخ عبدالباقي، ڪجهه وقت شيخ عبدالعزيز ”الحق“ سان واسطو رکندڙ هو. منهنجي ساڻس واقفيت خلافت تحريڪ جي زماني ۾ ٿي. هو سَن ۾ خلافت ڪانفرنس جي موقعي تي آيو هو. مرحوم نهايت بي ڊپائيءَ سان سرڪاري عملدارن جي ظلم، وطن فروشيءَ رشوت ستاني ۽ خود مطلبيءَ جي اُپٽار ڪندو هو. جيئن ته عام ماڻهو عملدار طبقي کان  نهايت ستايل هوندا هئا، تنهن ڪري سندس تقريرن کي نهايت پسند ڪندا هئا، پاڻ فيبروري 1945ع ۾ وفات  ڪيائين.

سندس ڀاءُ شيخ ڊاڪٽر عبدالباقي، سنڌ ۽ اولهه پاڪستان سرڪار جي ايگريڪلچرل کاتي ۾ ڊائريڪٽر ۽ ٽنڊي ڄام ايگريڪلچرل ڪاليج ۾ پرنسپال رهي چڪو آهي.

5- ڊاڪٽر شيخ نور محمد ولد ديوان ريجهومل جڳتياڻي

(حيدرآباد)

هي صاحب  حيدرآباد شهر ۾ جڳتياڻي عامل خاندان ۾ پيدا ٿيو. اُتي ئي مئٽرڪ پاس ڪري، اعليٰ تعليم لاءِ بمبئيءَ ويو، جتان ايم. بي. بي. ايس جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ حيدرآباد ۾ خانگي طور ڊاڪٽريءَ جو ڌنڌو ڪرڻ لڳو. جڏهن آزاديءَ جي تحريڪ ۽ خلافت تحريڪ گڏجي پيون ته هن انهن ۾ سرگرم حصو ورتو. جڏهن سن ۾ خلافت ڪانفرنس ٿي هئي، ته ان ۾ پڻ آيل هو ۽ تقرير ڪئي هئائين. نهايت مخلص ڪارڪن، همدرد  ڊاڪٽر، بي طمع ۽ يار ويس هو.

جڏهن هجرت جي تحريڪ 1921ع ۾ شروع ٿي، تڏهن هو سنڌي قافلي سان گڏجي هجرت ڪري ڪابل ويو. ڪجهه وقت اتي رهڻ کان پوءِ، هو روس، جرمني ۽ ترڪيءَ مان ٿيندو وري 1928ع ۾ موٽي سنڌ ۾ آيو.  ٿوري وقت رهڻ کان پوءِ، جڏهن امان الله خان ملڪ ڇڏي ويو ۽ ان جي جاءِ تي نادر شاهه ڪابل جو بادشاهه  ٿيو، تڏهن ان پراڻيءَ واقفيت ڪري، کيس دوباره ڪابل گهرائي پنهنجو شاهي ڊاڪٽر ڪري رکيائين،  جتي هو 19  سال کن رهيو.

1947ع ۾ جڏهن هندستان کي ڀارت ۽ پاڪستان جي ورهاڱي جي  صورت ۾ انگريزن آزاد ڪيو، تڏهن ٿوري وقت اندر پاڪستان ۽ افغانستان جا تعلقات ڪشيده ٿي ويا، جنهن ڪري هو 1948ع ۾ موٽي پنهنجي وطن آيو. ڪجهه وقت کيس ملٽري کاتي جي ڊاڪٽري برانچ ۾ نوڪريءَ ۾ رکيو ويو، پر جلد ئي کيس اها جاءِ خالي ڪرڻي پيئي. ان کان پوءِ کيس حيدرآباد سول اسپتال جو سپرنٽينڊنٽ ڪري رکيو ويو، جنهن کي سڌارڻ ۾ هن ڪسر ڪا نه ڇڏي. اتان نڪرڻ کان پوءِ، هو خانگي طرح پرئڪٽس ڪندو رهيو.

تاريخ 22 نومبر 1956ع تي، اوچتو دل جي ٽٽڻ ڪري، ڊاڪٽر صاحب وفات ڪري ويو، کيس چار پٽ: هر هڪ نور احمد، رشيد احمد، اقبال احمد ۽ عزيز احمد ۽ ٻه نياڻيون آهن. وڏو فرزند ورلڊ بئنڪ آمريڪا جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي، ٻيا خانگي فرمن ۾ ڪم ڪن ٿا.

6- مولوي فتح محمد صاحب ولد حڪيم غلام محي الدين سيوهاڻي

(سيوهڻ: ڪراچي)

خليفو غلام محي الدين سيوهڻ جي عباسي خاندان جو فرد هو، جو پشتان پشت علم ۽ حڪمت ۾ ناميارو رهيو آهي. اهل علم هئڻ سبب،  اهي قاضي به سڏبا هئا.

ميان غلام محي الدين کي ٽي فرزند ٿيا: 1. خليو ميان محمد زمان، 2. مولوي فتح محمد صاحب، ۽ 3 قاضي عبدالقيوم.

ميان فتح محمد صاحب دستاربندي ڪري عالم ٿيو، علم طب ۾ اڳي ئي تربيت مليل هيس، پوءِ هو مرحوم سيد الهندي شاهه جي ڪاروبار  سنڀالڻ ۽ سندس ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ ڪجهه وقت درٻيلي ۾ رهيو، جتان نوڪري ڇڏي اچي ڪراچيءَ ۾ شفا خانو کوليائين، جتي سگهو ئي واقفيت، لاڳاپو ۽  دسترسي پيدا ڪري ويو. سندس لاڳاپو  کڏي واري مدرسي جي مولانا محمد صادق سان هو، تنهن ڪري ديوبندي سلسلي سان واسطو هوس.

منهنجي واقفيت ساڻس خلافت تحريڪ جي ڏينهن کان ٿي، جڏهن کيس خلافت ڪانفرنس سَن جي صدارت واسطي، 17 مارچ 1920ع تي گهرايو ويو هو. ان کان پوءِ اڪثر ملڻ ٿيندو هو ؛ پر گهاٽو لاڳاپو لڪيءَ جي ڌارا تيرٿ تي مسجد ٺهرائڻ ۾ مون جيڪا ميان صفر شاهه وارن کي مدد ڪئي هئي، تنهن کان پوءِ ٿيو. ميان صفر شاهه، سجاده نشين درگاهه شاهه حيدرعليھ رحمت، جي گهر ۾ سندن همشيره هئي، جنهن مان موجوده سجاده نشين سيد ميان شاهه محمد شاهه آهي. ان کان پوءِ جڏهن آءٌ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ ۾ وائيس پريزيڊنٽ ٿيس، تڏهن حڪيم صاحب جو مطلب سياسي ڪارڪنن جي ملڻ لاءِ ڄڻ ته مرڪز  هوندو هو، ان ڪري اڪثر وٽس پيو ايندو ويندو هوس. ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جي پريزيڊنٽ چونڊجڻ وقت مولوي صاحب  منهنجي چڱي مدد ڪئي. شيخ عبدالمجيد کي  ضلعي ڪراچيءَ مان بمبئي ڪائونسل  ۾ چونڊائڻ ۾ حڪيم صاحب چڱو بهرو ورتو. بعد ۾ ساڻس  اهڙو رستو ٿي ويو جو مهيني ۾ چار پنج خط هڪ ٻئي کي لکبا هئا، جن مان اٽڪل منو سئو کن خط مون وٽ محفوظ آهن.

جهڙو هو عمدو شاعر، اهڙو ئي عمدو نثر نويس هو. سندس اکر موتين جهڙا هئا، سندس تصنيفون خاص ڪري ”ابوالفضل فيضي“ ، ”ميرن جي صاحبي“ ، ”آفتاب ادب“ ، ”تنوير الايمان“ وغيره هر ڪنهن جي نظر مان گذريون هونديون. هڪ ٻه عربي ڪتاب به لکيا  هئائين، پوءِ الائجي ڇپيا يا نه. باوجود شهر  ۾ رهڻ جي، سندس دستر خوان کليل رهندو هو. ڪم سخن ۽ شائسته گفتگو  جو مالڪ هو. ماڻهن تي احسان ڪرڻ سندس دل جو مرغوب مشغلو هو. سندس تخلص اول ۾ ”ضمير“  هو ۽ پوءِ ”حڪيم“ رهيو.

1928ع ۾ سن ۾، محال مانجهند تنظيمي ڪانفرنس ٿي هئي ۽ ان سان گڏ باب قليچ جو افتتاح ٿيڻ وارو هو. پهرينءَ جي صدارت ڪيائين، ۽ ٻيءَ جو افتتاح. کڏي مدرسي کي زور وٺائڻ، جميعت علماءِ هند ۾ ڪم ڪرڻ، ڪانگريس ۽ خلافت تحريڪن ۾ حصو وٺڻ، سندس خاص ڪارناما آهن.

مسلم ليگ جي زور وٺڻ وقت جڏهن ٻيا سڀ وڃي اُن ۾ داخل ٿياسون، تڏهن مولوي فتح محمد صاحب ۽ مولوي محمد صادق ئي هئا، جن جمعيت العلماءِ ۽ قوم پرستيءَ جي اصولن کي نه ڇڏيو.

کيس ٻه فرزند ٿيا: حڪيم محمد احسن ۽ ميان محمد  محسن. پهريون ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميئر به رهي چڪو آهي ۽ هاڻي حڪومت پاڪستان پاران نائيجيريا ۾ هاءِ ڪمشنر ٿي ويو آهي.

حڪيم صاحب 13 ڊسمبر 1943ع تي وفات ڪئي.

7- مير ايوب خان ولد ڄام مير خان بئريسٽر

(ڪراچي)

هي لس ٻيلي جي  ڄامن جي خاندان مان هو، جي راجپوت قوم جي سما خاندان جي هڪ شاخ مان آهن، جن  سنڌ تي ڪيترا ورهيه حڪومت ڪئي هئي، هندستان جي سوراشٽر ۾ به سندن رياستون هيون. سنڌ ۾ به انهيءَ قبيلي جي ڪيترن خاندانن جا مکيه ماڻهو اڃا تائين ”ڄام“ سڏائين ٿا. جهڙوڪ: جوڻيجا، شورا، ڏهر وغيره.

مير ايوب خان جو والد مير ڄام خان ڪالياڻي ٻيو، لسٻيلي رياست جو ڪيئي سال حاڪم رهيو. هن 1888ع ۾وفات ڪئي. هن پنج شاديون ڪيون هيون،  جن مان چار فرزند ٿيس: 1. ڄام مير عالي خان، 2. مير يعقوب خان، 3 مير ايوب خان، ۽ 4. مير مقبول خان. پهريون رياست جي گاديءَ تي ويٺو. رياستي سازشن کان محفوظ رهڻ لاءِ مير مقبول خان جي والده باقي ٽنهي فرزندن ۽ نياڻين سميت لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ ويٺي.

مير ايوب خان 8 جنوري 1881ع تي لسٻيلي جي شهر ۾ ڄائو هو. سندس ابتدائي تعليم ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي  ۾ ٿي. پوءِ پنهنجن ٻين ٻن ڀائرن: مير يعقوب خان ۽ مير مقبول خان سان گڏ، کيس ايٽڪنس ڪاليج لاهور ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو، جتي هن ڪيترا انعام حاصل ڪيا. مئڪورٿ ينگ بڪرم ميڊل، 1900ع ۾، لارڊڪرزن کان مليس. 1903ع ۾ انگلينڊ ويو ۽ لنڪولنس اِن مان بئريسٽريءَ جي ڊگري وٺي آيو. 1906ع ۾ سنڌ ۾ واپس اچڻ بعد 1908ع ۾ کيس پروبيشنري ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو ؛ پر ڇهن مهينن کان پوءِ نوڪري ڇڏي اچي ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. سال کن پرئڪٽس ڪيائين، پر آخر اها به ڇڏي، رياست طرفان مقرر ڪيل پينشن تي گذر ڪرڻ لڳو. ۽ 1914ع کان 1927ع تائين ايران جو وائيس ڪائونسل ٿي رهيو.

اعليٰ تعليم يافته هئڻ ڪري، کيس سرڪار طرفان ڪيترن ئي مختلف ادارن تي نامزد ڪيو ويندو هو، جن ۾ بلا ناغي ۽ پوري وقت تي حاضر ٿي پنهنجا فرض سرانجام ڪندو هو.

1. ڪراچي ميونسپالٽيءَ تي پهرين آڪٽوبر 1910ع ۾ نامزد ٿيو ۽ 28 سالن تائين خدمت ڪندو رهيو. 2. ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر نامزد ٿيو. 3. سنڌ مدرسه بورڊ جو پنجويهه سال ميمبر رهيو ۽ ڪجهه وقت پريزيڊنٽ به  رهيو، 4. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو ٽرسٽي ۽ ڪجهه وقت وائيس چيئرمين رهيو، 5. سنڌ ڪالجئٽ بورڊ جو ميمبر رهيو. 6. ليڊي ڊفرن اسپتال جو صلاحڪار ميمبر رهيو. 7 روٽري ڪلب جو پريزيڊنٽ رهيو. 8 ڪراچي ڪلب جو ميمبر رهيو. 9 فري ميسنري جو ميمبر رهيو. 10 انجمن ترقيءَ اردو جو ميمبر رهيو. 11 ينگ مينس مسلم ايسوسيئيشن جو ميمبر رهيو. 12. مسلم جيمخاني جو ميمبر ۽ پريزيڊنٽ ٿي، گهڻي وقت تائين، مختلف حيثيتن ۾ خدمت ڪيائين. 13. 1913ع ۾، آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جي اٺاويهين اجلاس جي مرحبائي ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿي، ان جي ڪاميابيءَ لاءِ ڪوشش ڪيائين ۽ اجلاس ۾  جن سنڌي  ميمبرن ٺهراءَ پيش ڪري ڳالهايو هو، انهن مان هڪ هو. 14. پنجن سالن تائين ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جو آنرري سيڪريٽري به رهيو، ۽ ”سنڌ هلال احمر سوسائٽي“ جو  چيئرمين ٿي ڪم ڪيو هئائين، جنهن ترڪن کي بلقان ۽ اٽليءَ جي جنگين وقت چندو گڏ ڪري مدد ۾ موڪليو هو. 15 جن ڏينهن ۾ ضلعي لوڪل بورڊ جا پريزيڊنٽ ڪليڪٽر هوندا هئا، 1921ع ۾ هن ضلع لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ ٿي ڪم ڪيو. 16. ڪراچي ميونسپالٽي ۽ ”وار ليگ“ جو به وائيس پريزيڊنٽ رهي چڪو هو. 17. ٻه دفعا ڪراچي ميونسپل اسڪول بورڊ جو چيئرمين ٿي رهيو هو. 18. جڏهن آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جو اجلاس 1919ع ۾ خيرپور ميرس ۾ ڪٺو ٿيو هو، تڏهن هن کي ان جو آنرري سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو. 19 فري ميسنري جي لاج هارموني جو پاسٽ ماسٽر ۽ لاج ٽيمپرنس ۽ بينيوولنس جو پايو وجندڙ هو. 20 ڏهن سالن تائين ڪراچيءَ ۾ آنرري فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ ٿي ڪم ڪيائين. 21. 1915ع ۾، بمبئي سرڪار کيس لوڪل بورڊ ائڪٽ ۾ درستين ڪرڻ لاءِ ماهرن جي ڪميٽيءَ تي مقرر ڪيو هو.

منهنجي ساڻس ملاقات  لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جي ميمبر ٿيڻ واري وقت کان ٿي، جا آخر وقت تائين هلندي آئي. هو بي ريا،  يار ويس ۽ آزاد خيال خانداني فرد هو. مون کي ميونسپالٽي، لوڪل بورڊ، انجمن ترقي اردو، ينگ مينس مسلم ايسوسيئيشن، فري مسنري، سنڌ مدرسه بورڊ ۽ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن ۾ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو. هن سڄي عمر شادي نه ڪئي ۽ مجرد رهيو، نشست برخاست جو مهذب، گفتگو جو شائسته،ڪم آزار ۽ خاموش ڪارڪن هو. علم ادب سان خاص دلچسپي هيس. اردو انگريزي ۽ پارسي شعرن جو بي انداز ذخيرو ياد هوندو هوس. جو تقرير ۽ گفتگو وقت مناسب موقعي تي پيش ڪندو هو. رنگين سوسائٽيءَ ۽ راڳ سان ڏاڍو شوق هوندو هوس. انگريزي ۽ اردو زبان ۾ فصاحت سان تقرير ڪندو هو. اردو فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ شعر به چوندو هو. جڏهن به ڪا خاص مجلس ٿيندي هئي، تڏهن مير صاحب کي شريڪ ٿيڻ ۽ تقرير ڪرڻ لاءِ ضرور عرض ڪيو ويندو هو. سندس ٻه همشيرائون ڪوٽڙيءَ وارن مَلڪن، خان صاحب شاهنواز خان ۽ خانصاحب شير دل خان جي گهرن ۾ هيون.

سندس وڏي ڀاءُ، مير يعقوب خان، 1922ع ۾ وفات ڪئي، سندس ڀاءُ مير مقبول خان جي والده، جنهن کيس نپايو هو ۽ سندس اصل والده جي سڳي ڀيڻ هئي، 1943ع ۾ وفات ڪئي. انهن صدمن هن جي صحت تي گهڻو اثر ڪيو.

سندس ڀاءُ مير مقبول خان، پوليس کاتي ۾ ڊسٽرڪٽ سپرنٽينڊنٽ جي عهدي تان رٽائر ٿي، ادبي زندگي گذاريندو  هو. هو به سٺو شاعر هو. پاڪستان ٿيڻ کان اڳ ٺٽي ڊويزن مان سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبر به چونڊيو هو.

مير ايوب خان 5 مارچ 1945ع مطابق، 11 ربيع الآخر 1364هه تي وفات ڪئي. ڪراچيءَ جي ميوا شاهه جي مقام ۾ مدفون آهي، ۽ سندس مزار تي هيٺيون ڪتبو لڳل آهي:

سوي عقبيٰ از جهانِ بي ثبات، با تبسم رفت، مير ايوب خان.

خوش ڪلام و صاحبِ علم، و ادب، بود گوهر درنگاه نڪته دان،

مِصرع تاريخ اين مقبول،گفت، شمع محفل رفت از بزم جهان.

(1364هه)

مير مقبول خان 24 جنوري 1963ع، مطابق 27 شعبان 1382ع تي وفات ڪئي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org