سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 27

 

سماجي ڪارڪن

 

1-بيگم مريم حاتم بدرالدين طيبجي

(ڪراچي)

هيءَ سر اڪبر حيدري، مشهور سليماني بوهرا قبيلي جي مکيه بزرگ جي نياڻي آهي. 27 سيپٽمبر 1899ع  تي ڄائي هئي. ابتدائي تعليم محبوبيه  گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد دکن ۾ ورتائين، ۽ اُتي ئي سينيئر ڪئمبرج تائين تعليم حاصل ڪيائين. سندس والده جو نالو ليڊي آمنه حيدري هو.

16 فيبروري 1918ع ۾ مسٽر حاتم بدر الدين طيبجي بئريسٽر سان شادي ڪيائين، بمبئيءَ ۾ هن زالن کي ووٽ جي حق وٺڻ ڏيڻ لاءِ 1919ع ڌاري پرچار ۽ ڪوشش ڪئي، ڪجهه وقت بمبئي ۾ رهي، پوءِ وڪالت ڪرڻ جي خيال کان جڏهن مسٽر طيبجي سيپٽمبر 1926ع ۾ڪراچيءَ آيو ته هيءَ به مڙس سان گڏ ڪراچيءَ آئي. اچڻ بعد سماجي ۽ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ لڳي، جتي اڄ تائين اڻٿڪ سرجوشيءَ سان  ڪم ڪندي  آئي آهي، جن ادارن ۾ هن ڪم ڪيو آهي، انهنن جي فهرست  هيٺ ڏبي.

هيءَ حد درجي جي جذباتي عورت آهي. اردو، انگريزي ۽ پارسي ادب مان پوريءَ طرح واقف آهي، سيمابي طبيعت هئڻ ڪري، صبح کان شام تائين مختلف سرگرمين ۾ پاڻ کي مشغول رکندي پئي آئي آهي. سندس والد هندستان جو بهترين مالي ماهر هو. پر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ان جي ورثي  مان کيس حساب رکڻ جي عادت ڪا نه نصيب ٿي ؛ ان ڪري خرچ ڪرڻ مهل اهو پتو نه پئي رکيو اٿس ته سندن جملي پيدائش ان جو بار سهي سگهندي يا نه. سندس خاوند هڪ بهترين وڪيل ۽ پوءِ هاءِ ڪورٽ جو جج رهيو آهي؛ تنهن ڪري وٽن پئسو چڱو پئي آيو. ازانسواءِ مسٽر طيبجيءَ کي مائٽاڻي ملڪيت مان به ڪجهه پئسو آيل هو. سر اڪبر حيدري جيستائين حيات هو، ان کان به پيو پئسو ملندو هوس، پر سڀ رقم خرچ ٿي  ويندي هيس. اڃا تائين اهو حال آهي. مسٽر طيبجي پينشن تي لهڻ بعد به پوڙهپڻ ۾، جڏهن محنت ڪري ٿو ته خرچ پورو ٿئي ٿو.

امير گهراڻي منجهان هئڻ سبب، بيگم صاحبه جو سياسي رجحان اڪثر آفيسر طبقي ۽ صاحب اقتدار گروهه ڏانهن پئي رهيو آهي، جڏهن انگريز آفيسر هئا ته انهن جي عورتن سان اُٿ ويهه ۽ دوستي هوندي هيس. سنڌ جدا ٿيڻ بعد جڏهن سر غلام حسين طاقت ۾ آيو ته ليڊي هدايت الله سان لاڳاپو رکيائين، پوءِ مس فاطمھ جناح، بيگم رعنا لياقت علي،  بيگم خواجه ناظم الدين، بيگم محمد علي بوگرا، بيگم چوڌري محمد علي، بيگم سڪندر مرزا، حسين سهرورديءَ جي ڌيءَ، بيگم سليمان ۽ ٻين سڀني سان سندن عروج جي دؤر ۾ لاڳاپا ۽ دوستيون هيس، کيس صاحب اقتدار ماڻهن جي سنگت ۾ رهڻ ۽ هلڻ ۾ پنهنجائپ ۽ دلي سڪون محسوس ٿيندو  آهي.

منهنجي ساڻس واقفيت 1928ع ڌاري ٿي، 1929ع ۾ هيءَ ڪراچي ضلعي اسڪول بورڊ جي ميمبر چونڊي ۽ ڪراچي ميونسپل اسڪول بورڊ جي ان وقت چيئرمين هئي، مسٽر  حاتم علويءَ جو ان خاندان سان لاڳاپو هو، ان جي واسطي سان منهنجي وٽن اچ وڃ ٿي ۽ اها وڌي وڃي دوستيءَ جي حد تي پهتي.

سياسي نظرين جي نقطه نگاهه کان اسين هڪ ٻئي جو ضد هئاسون. هوءَ طاقت ڏانهن مائل ۽ آءٌ ان جو مخالف هوس، پر جذباتي ۽ ادبي نقطه نگاهه کان اسان جون طبيعتون ملندڙ هيون، مون کي ابتدائي طور مُلن جي مذهبي اثر عورت بنسبت نهايت غلط اثر ويهاريا هئا، جن مان ڪن ان کي نفس پرستيءَ جو پتلو ۽ ڪن شيطان جي پهائي پئي ڄاڻايو. چي، پرائي عورت طرف نظر ڪرڻ ۾ به خطرو هو- ملاقات يا مجلس ڪرڻ ته درڪنار، مون کي انهن غلط اثرن مان ڪڍڻ لاءِ بيگم طيبجيءَ جي صحبت وڏو ڪم ڏنو. ان لاءِ آءُ سندس تاعمر احسانمند رهندس. هن ثابت ڪيو ته عورت نفيس ترين جذبات جي حامل، روح جي راحت، ادب ۽ ثقافت جي مخزن، ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيور، گهرو ڪارخاني جي مئنيجر،  پريم جو پتلو، مجلس جي سونهن، مرده دلين کي زنده ڪرڻ واري ۽ عشق صادق جي استاد به ٿي سگهي ٿي.

هن جي عيبن کان هن جا ثواب هزار درجي گهڻا هئا. هن جي مجلس مان شاهه، حافظ شيرازي، غالب ۽ جاميءَ جهڙن شاعرن جي شعر سمجهڻ جي لائق ٿي گهيس. شاهه جي هيٺين بيتن جي معنيٰ به پوءِ دماغ ۾ ويٺم:

”حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏ ڪيو،

سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهوئي ٿيو!“

 

منهن جنهين جي مون، ڏٺو منهن ميار جو،

آهم ساهه سنئون، سو گهڙو آءُ ڪيئن گهوريان!“

صوفين جي صحبت مان جا تعليم حاصل ٿي هيم ۽ ان ۾ ڪيئي اعليٰ رمز ۽ راز جي معنيٰ جا لفظ ۽ اصطلاح ڪتب آندل هئا، تن سڀني جي اهميت، معلوم ٿيڻ لڳي، پريم، وصال، فراق، قبض ۽ بسط، مجاز ۽ حقيقت وغيره جي ماهيت جو پتو پوڻ لڳو.

سندس سياسي لاڙن البت ميران  محمد شاهه وانگر وقتي اسان جي دوستيءَ سرد مهري پئي آندي  آهي، باوجود ان جي کيس مدر لاج، سمان سمجهي، انجي حاضري ڏيندو اچان.

سندس طبيعت ۾ هڪ نقص اهو آهي ته هر ڳالهه ۾ دلچسپي وٺڻ ڪري سڀ کي پهچي نٿي سگهي؛ ليڪن باوجود انهيءَ جي، هيءَ بينظير عورت آهي. سندس زندگيءَ جو هر  هڪ لمحو ڪم ۾ گذري ٿو. 65 ورهين جي عمر ۾ به صبح شام سماجي ۽ علمي سرگرمين ۾ مشغول رهي ٿي. هوءَ اڃا تائين به جوانن کان جوان وانگر پبلڪ خدمت جي ميدان ۾ ڪم ڪري  رهي آهي. سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ ثقافتي زندگيءَ ۾ سندس مختلف سرگرمين جو مختصر وچور هيٺ پيش ڪريان ٿو:

1. ميمبر ڊيلميٽيشن ڪميٽي، سنڌ سيپريشن.

2. ميمبر اسڪول بورڊ، لوڪل بورڊ، ڪراچي

3. چيئرمين اسڪول بورڊ، ميونسپالٽي ڪراچي.

4. ريڊ ڪراس ڪميٽيءَ جي ميمبر.

5. آل انڊِا وومينس ڪانفرنس، منعقده ڪراچي، 1932ع جي آنرري سيڪريٽري هئي.

6. ليڊي ڊفرن اسپتال جي مئنيجنگ ڪميٽيءَ جي ميمبر.

7. ايڊاريو ويلفيئر ايسوسيئيشن جي ميمبر.

8.جوينائيل ڪورٽ جي ميمبر.

9. آنرري بينچ مئجسٽريٽ .

10. جي. پي.

11.ڪارونيشن ميڊل ۽ سلور جوبليءَ ۾ شريڪ رهي.

12. پريزيڊنٽ، نيشنل فيڊريشن ويلفيئر آف بلائينڊ.

13.پريزيڊنٽ، ائڊلٽ بلائينڊ سينٽر.

14. وائيس پريزيڊنٽ، ڪربلد ايسوسيئيشن ڪراچي.

15. ميمبر آف ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي، انٽرنيشنل ڪميشن فار ويلفيئر آف بلائينڊ.

16. فائونڊر ميمبر آف ايمپائر ليڊيز ايسوسيئيشن، ڪراچي.

17.ميمبر، ڪراچي ميونسپالٽي.

18.وائيس پريزيڊنٽ، نشيمن ڪراچي.

19. وائيس پريزيڊنٽ آف اپوا ۽ انجي ڪراچي برانچ جي پريزيڊنٽ جي حيثيت ۾ به ڪم ڪيو اٿس.

20. ميمبر آف ڪاشانه اقبال.

21.فائونڊر ميمبر ڪاسما پاليٽن وومينس ڪلب، ڪراچي.

22. لائيف ميمبر، مسلم وومينس ائسوسيئيشن، ڪراچي.

سياحت:

(1) روم ۾ 1954ع جي انٽرنيشنل ڪانفرنس فار ويلفيئر آف بلائينڊ ۾ شرڪت لاءِ وئي، اتان انگلينڊ ۽ بيلجم ويئي، پوءِ جرمني، هالينڊ، ڊينمارڪ، سويڊن، ناروي، سريا، لبنان وغيره جو سير سفر پڻ ڪري آئي. 1951ع ۾ آمريڪا، ڪئناڊا، انگلينڊ، هالينڊ، فرانس، ڪيرو، سريا، لبنان منجهان به ٿي آئي.

(2) 1960ع ۾ جرمنيءَ ۾ انٽرنيشنل ڪانفرنس فار ويلفيئر فار بلائينڊ ۾ شرڪت ڪري اڪرا (گهانا)، ڪيرو، بيروت ۽ طهران مان ٿي آئي.

(3) سائوٿ ايسٽ ملڪن ۾ ايسٽ ايشيا ڪميٽي فار بلائينڊ جي شرڪت ۾ سينگاپور، ڪولالمپور، بئنڪاڪ، ٿائيلينڊ ملڪن ۾ آگسٽ 1963ع ۾ ويئي.

کيس هڪ فرزند اڪبر طيبجي آهي، جو هن وقت پاڪستان سرڪار جي فارين سروس ۾ سٺي عهدي تي آهي. ٻه ڌيون اٿس، هڪ جو نالو آمنت آهي ۽ ٻيءَ جو نالو شفيقه آهي، جن ٻنهي جي شادي سندن خاندان ۾ ٿيل آهي.

هن وقت بيگم صاحبه خاص طرح ڪراچيءَ جي بلائينڊ ويلفيئر مرڪز جو ڪم سنڀالي ٿي.

2- بيگم نصرت حاجي عبدالله هارون

(ڪراچي)

بيگم نصرت حاجي عبدالله هارون 1896ع ۾ ڄائي هئي. سندس والد جو نالو ڊاڪٽر حاجي نياز علي خان هو، جنهن کي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي اسپتال هئي. سندس چوڻ موجب، هو اصل مغل نسل مان هو. سندس والده ايراني نسل مان هئي، جنهن جو نالو شاهه بيبي هو. هن جا والدين 1911ع ۾ لڏي ڪراچيءَ آيل هئا، کين ٻه نياڻيون ٿيون، جن ۾ وڏي بيگم نصرت هئي.

بيگم نصرت ابتدائي تعليم قرآن شريف، انگريزي ۽ پارسيءَ ۾ ورتي. پوءِ ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ هوءَ نرسنگ جو ڪم سکي، هن جي سيٺ حاجي عبدالله هارون سان 13 نومبر 1913ع تي شادي ٿي.  اهو سال  حاجي صاحب ۽  بيگم صاحبه لاءِ ۽ پڻ سنڌ لاءِ نهايت سڀاڳو ثابت ٿيو. حاجي صاحب کي واپار مان چڱي آمدني هئي ۽ سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ اڳي ئي ڪجهه حصو وٺندو پئي آيو، پر سندس بخت، سياسي شهرت ۽ خوشيءَ جي شروعات هن شاديءَ سان ٿي. ساڳي حالت بيگم نصرت بابت چئي سگهجي ٿي. زندگيءَ جي سياسي ۽ سماجي ميدان جا اڪثر ڪارڪن گهرو زندگيءَ ۾ اهڙا خوش قسمت نٿا ٿين، جهڙو حاجي صاحب ٿيو.

بيگم صاحبه ۽ حاجي صاحب جو هي پريم جو وهانءُ هو. جيتوڻيڪ حاجي صاحب ڪٽر سُني طبقي مان هو ۽ بيگم صاحبه جو خاندان پڪو اهل تشيعت هو، پر محبت کي انهن اٽڪن  جي جبل ٽاڪڻ ۾ ويرم ئي ڪا نه لڳي. شادي ٿي ۽ گهر ۾ خوشيءَ ۽ آرام جو دروازو کلي پيو، ۽ حاجي صاحب پنهنجي واپار، سماجي، تعليمي ۽ سياسي سرگرمين ۾ هڪ منو ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. پنهنجي گهر جي سموري ڪاروبار کي درست ڪرڻ، ۽ زندگيءَ کي پرامن ۽ معنيٰ خيز بنائي، ان ۾ خوشيءَ جو  خزانو ميسر ڪري ڏيڻ ۾ بيگم صاحبه نهايت خوش اسلوبيءَ سان ڪردر ادا ڪيو. ان جي معنيٰ اها نه آهي ته بيگم صاحبه صرف گهرو معاملن سان پئي واسطو رکيو آهي: پر هن حاجي صاحب جي زندگيءَ  جي هر معاملي ۾ رفيق ۽ ساٿي بنجي کيس مدد ۽ سهارو پئي ڏنو:

نئين دهليءَ جي مرڪزي اسيمبليءَ جي اجلاسن جي موقعي تي، بيگم صاحبه اڪثر حاجي صاحب سان گڏ هوندي هي.اُتي ونڊسر پئليس ۾ حاجي صاحب جو دسترخوان هميشھ کليل رهندو هو. مهمانن جي کاڌي پيتي ۽ انهن جي رهائش جي نظرداريءَ جو حاجي صاحب کي بيگم صاحبه جي هوندي فڪر نه رهندو هو، خلافت، مسلم ليگ، آل پارٽيز ڪانفرنس دهلي، دهلي مسلم ڪانفرنس ۽ ٻين اڪيچار جماعتن جي اجلاسن ۾ اڪثر ڪري بيگم صاحبه ساڻس گڏ هوندي هئي. انهيءَ شموليت جيڪڏهن هڪ طرف بيگم صاحبه کي سياسي ۽ سماجي خدمت جي تربيت ڏني، ته ٻئي طرف حاجي صاحب کي سندس ساٿ رهڻ ڪري آرام دلداري، همدردي، صلاح ۽ مشوري جي گهڻي مدد پئي ملي.

حقيقت ۾ هنن ٻنهي جي زندگي هڪ ڪپڙي جي تاڃي پيٽي وانگر ڳنڍي پيئي هئي. ان کي جدا ڪري هر هڪ جو الڳ الڳ بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پر سنڌ جي عورت ڪارڪنن سان ناانصافي ٿيندي، جيڪڏهن بيگم هارون جي زندگيءَ کي  رڳو حاجي صاحب جي زندگيءَ جو هڪ باب ڪري ئي شمار ڪبو. سنڌ جي قومي، سماجي ۽ تعليمي خدمات ۾ جن عورتن حصو ورتو آهي، انهن مان بيگم نصرت به هڪ آهي. سندس ڪيل خدمتن کي رڳو حاجي صاحب جي  خدمتن جو هڪ حصو ڪري ڏيکارڻ، کانئس وڌيڪ سنڌ جي عورت ڪارڪنن سان ناانصافي ٿيندي، جيڪي اڳ ۾ ئي ٿوريون آهن، ڇو ته جيڪي ٿوريون گهڻيون آهن، تن کي الڳ شمار ڪرڻ بدران جيڪڏهن سندن خوش نصيب  ساٿين سان گڏي ڇڏبو، ته سنڌ ۾ اهي باقي وڃي بنهه ايڪڙ ٻيڪڙ بچنديون.

بيگم نصرت جون وصفون مختصر لفظن ۾ جيڪڏهن لکجن ته هيئن چئجي ته هوءَ مهمانواز، سخي،خوش خلق، دوست نواز، مدبر ۽ فهيم عورت آهي. سنڌ ۾ مسلمان عورتون سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ اڳيئي گهٽ هيون، پر سنڌ کان ٻاهر جيڪي هيون، تن ۾ به ڪيتريون ئي خودبينيءَ ۽ نمائش جي خامين ۾ ورتل رهيون آهن. پر بيگم هارون هڪ خاموش ڪارڪن جي حيثيت ۾ اهو ڪم ڪري پيئي ڏيکاريو، جو اڪثر قومي ۽ سماجي ڪارڪن عورتن ڏيک ويک جي ڏينهن رات ڊُڪ ڊوڙ سان به مشڪل ڪيو هوندو.

منهنجي ساڻس واقفيت سيٺ صاحب مرحوم سان اتحاد پارٽي ۽ مسلم ليگ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ وقت ٿي. مون سان سندس سلوڪ هميشه اهڙو رهيو آهي، جهڙو هڪ وڏيءَ ڀيڻ جو ننڍي ڀاءُ بنسبت رهي ٿو. هن منهنجي ڪمن کي محبت، همدرديءَ ۽ دلچسپيءَ جي نگاهه سان پئي ڏٺو آهي، جيڪڏهن حاجي صاحب عزيزانه شفقت سان ڏسندو هو، ته بيگم صاحبه به ان ۾ ڪوتاهي نه ڪندي هئي. هوءَ وڏي پسند ۽ ناپسند جو جذبو رکندڙ عورت پئي رهي آهي. ڪيترا سياسي ڪارڪن، جي حاجي صاحب سان وقتي مصلحتن ڪري گڏ ڪم ڪندا هئا، تن بابت بيگم صاحبه اڪثر ڪري خانگي طرح پنهنجي ناپسنديءَ جي  اظهار کان نه رهندي هئي. انهيءَ کي نظر ۾ رکندي، مون کي خوشي ٿيندي هئي ته آءُ حاجي صاحب جي انهن خوش قسمت دوستن مان هوس، جنهن لاءِ بيگم صاحبه وٽ هميشھ عزت ۽ چڱا لفظ هئا.

حاجي صاحب جي وفات کان پوءِ، آل انڊيا مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان منهنجا نظرياتي اختلاف پيدا ٿي پيا ۽ آءُ مسلم ليگ کان ٻاهر هليو ويس ۽ بيگم صاحبه ۽ سندس لائق پٽ ۽ ٻيا ان ۾ رهيا. باوجود سياسي علحدگيءَ جي، بيگم صاحب طرفان مون سان ڪڏهين به برادرانه سلوڪ ۾ ڪمي ظاهر نه ٿي آهي. آءُ تنهن ڪري، سندس حياتيءَ جو هيءُ احوال لکي ڄڻ پنهنجو فرض ادا پيو ڪريان.

جيتوڻيڪ بيگم نصرت هارون ظاهري علم ۾  ٻين تعليم  يافته عورتن کان گهٽ هئي، پر سندس تجربو، پخته راءِ ۽ سياسي شعور ڪيترين تعليم يافته عورتن کان گهڻو مٿي پئي رهيو آهي، کيس هيٺيون اولاد آهي:

فرزند: (1) يوسف هارون، (2) محمود هارون، ۽  (3) سعيد هارون: ۽ نياڻيون: (1) دولت، (2) شوڪت، (3) زينت، (4) افسر، ۽ (5) ليلا. خدا جي لطف ۽ بيگم صاحبه جي تربيت سان سڀ صالح آهن. اڪثر ائين ڏٺو ويندو آهي ته سياسي دنيا ۾ ڪيترن پيئرن کان پوءِ سندن فرزند ڪنهن اتفاق سان والد جو نالو روشن ڪندا آهن،  پر بيگم صاحبه ۽ حاجي صاحب خوش قسمت آهن، جو سندن فرزند سياست، واپار، سماجي ڪمن ۽ قابليت ۾ والدين جو نالو زندهه رکيو اچن. انهيءَ ۾ بيگم صاحبه جي تربيت ۽ رهبريءَ کي وڏو دخل آهي.

بيگم صاحه کي سنڌي سماج ۽ مسلم عورتن ۾ نمايان جڳهه حاصل آهي. سندس خدمات ۽ سرگرمين جي فهرست تمام ڊگهي آهي، پر ان مان ڪن جو بيان هيٺ ڏجي ٿو:

سياسي زندگي:

1918ع ۾ جڏهن خلافت تحريڪ شروع ٿي ۽ حاجي صاحب ان ۾ حصو وٺن شروع ڪيو، ته مولانا شوڪت علي ۽ محمد علي ان ۾ نمايان حصو وٺڻ لڳا. ساڻن گڏ سندن والده به گڏجاڻين ۾ ويندي هئي. اهي ڪراچيءَ اچڻ وقت اڪثر ڪري حاجي صاحب وٽ ترسندا هئا. بي امان جي اثر هيٺ بيگم هارون به ڪانفرنسن ۽ گڏجاڻين ۾ وڃڻ لڳي. ان کان پوءِ جڏهن مسلم ليگ تحريڪ زور ورتو ۽ حاجي صاحب آل انڊيا مسلم ليگ ڪانفرنسن ۾ ويندو هو، ته ڪيترين ڪانفرنسن ۾ هن به ساڻس گڏ شرڪت ڪئي هئي – جهڙوڪ لاهور، الهه آباد، مدراس ۽ ڪراچيءَ جي اجلاسن ۾ هوءَ شامل ٿي. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ جڏهن، گهڻي تعداد ۾ هندستان جا مسلمان اُتان هجرت ڪري هتي اچڻ لڳا، ته هن انهن جي اممداد لاءِ ڪم ڪيو. ابتدا ۾ هتان کاڌو تيار ڪرائي دهليءَ جي ڪئمپن ۾ موڪليندي هئي. ان کان پوءِ ڪشمير جي پناهگيرن جي امداد لاءِ به ڪم ڪيائين. کيس جناح صاحب آل انڊيا وومينس مسلم ليگ جو چيئرمين مقرر ڪيو هو، جنهن کي منظم ڪرڻ ۾ هن گهڻي ڪوشش ڪئي، هيءِ آل پاڪستان وومينس ائسوسيئيشن جي وائيس پريزيڊنٽ، 1948ع کان ڇهن سالن تائين رهي آهي.

سماجي زندگي:

بيگم صاحبه  ليڊيز ايمپائر ائسوسيئيشن جي بانين مان هڪ آهي، جا 1916ع ۾ ڪراچيءَ ۾ زالن جي ثقافتي ۽ سماجي خدمتن لاءِ جوڙي ويئي هئي، ڪراچي گرلس گائيڊ تحريڪ ۾ پڻ گهڻي دلچسپي ورتائين، جنهن لاءِ گهڻي خرچ سان انهن کي مرڪزي آفيس ٺهرائي ڏنانئين، جا سندس نالي سان اڃا تائين قائم آهي. 1930ع ۾ انجمن اصلاح الخواتين برپا ڪيائين، جنهن ۾ شروع ۾ 150 کن ميمبر عورتون داخل ٿيون، ۽ ان انجمن پوءِ به ڪافي تعداد ۾ غريب ۽ پٺتي پيل عورتن جي اصلاح ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوششون جاري رکيون، بيگم صاحبه، ليڊي ڊفرن اسپتال ۽ سول اسپتال جي ميمبر ٿي رهي آهي. ڪراچي ليڊيز ائسوسيئيشن جي پريزيڊنٽ رهي آهي. عورتن جي تعليم۾ خاص دلچسپي پئي ورتي اٿس ۽ غريب ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي پڙهائڻ لاءِ هر وقت اسڪالرشپون پيئي ڏنيون اٿس، ۽ ٻيو به هر طرح انهن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ هر وقت ۽ هميشه مختلف طريقن سان مدد پئي ڪئي اٿس. سنڌ جي عورتن جي سجاڳيءَ واري تحريڪ ۾ بيگم صاحبه جو وڏو هٿ پئي رهيو آهي.

3- مسز گل بانو ڪي. مينوالا

(نائونمل روڊ، ڪراچي)

هي مائي صاحبه پارسي قوم مان آهي، پهرين مئي 1913ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائي هئي. سندس والد جو نالو بهرامجي پي. پرڊي ۽ والده جو پروجا نالو اٿس. اصل پرڊي ڪٽنب مان آهي،  ماما پارسي گرلز هاءِ اسڪول ۾ انگريزي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، ڊاڪٽر مانٽيسوريءَ وٽ نئين نموني  ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي هنر مان واقفيت حاصل ڪئي. ان کان پوءِ هن ماستريءَ جو ڌنڌو اختيار ڪيو.

هيءَ انهن عورتن، مان آهي، جن مسٽر جمشيد نسروانجيءَ جي اثر هيٺ سماجي خدمتن ۾ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي، مسٽر جمشِد وانگر هن انهن خدمتن جي شروعات ٿياسافيڪل سوسائٽي جي مرڪز کان ڪئي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو سندس مذهبي نقطه نگاهه ڪثرت مذاهب جي پويان بنيادي وحدت سڃاڻن طرف وسعت وٺندو ويو. انهيءَ  صحبت ۽ وسيع النظريءَ هن کي انسانذات جو، بنا فرق، مذهب، ذات ۽ نسل جي هڪ بي بها خادم بنائي ڇڏيو. اسان مان ڪيترا مسٽر جمشيد جي صحبت، تربيت ۽ تعليم مان فائدي وٺڻ جا  دعويدار آهن. پر، جي غور سان ڏسبو ته هيءَ سندن  اولين شاگرد رشيد طور قطار جي شروع ۾ بيهڻ جي حقدار آهي.

پاڪستان بنجڻ بعد، اسلام جهڙي عالمگير مذهب جي حڪمران طبقي ۽ ان جي حواري مولوين طرفان جنهن نفرت، تعصب ۽ تنگدليءَ جو مظاهرو هر  غير مسلم يا سندن نقطه نگاهه سان اختلاف ڪرڻ وارن مسلمانن سان ڪيو، انهيءَ مسز گل منوالا جي اڻٿڪ ۽ بي انتها ڪار گذارين ۾ گهڻي  رڪاوٽ وڌي؛ پر هن پنهنجي خدا داد لياقت، جذبه رواداري، قوت برداشت ۽ زمانه شناسيءَ جي صفتن سان انهن پهاڙن کي ٽاڪي، هڻي وڃي، نئين سوسائٽيءَ ۾ هنڌ ڪيو، جنهن ڪري کيس ڪيترن ئي ادارن ۽ جماعتن ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ويو، جي انهن جي فهرست تفصيل سان بيان ڪبي، ته مضمون ڊگهو ٿي ويندو. ان ڪري  يڪ مشت نمونه خروار وانگر ڪجهه هيٺ پيش ڪندس، جنهن مان سندس خدمت جي دائري ۽ وسعت جو پتو پئجي سگهندو،

(1) سرڪاري ادرا:

- نيشنل ڪائونسل، سوشل ويلفيئر آف پاڪستان جي چيئرمين.

- ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جي گورننگ باڊيءَ جي ميمبر.

- ڏوهن گهٽ ڪرائڻ ۽ ڏوهارين سان سٺي سلوڪ اختيار ڪرڻ بابت يونائيٽيڊ نيشنس ڪميشن تي پاڪستان سرڪار طرفان ستن سالن لاءِ نامه نگار ٿي ڪم ڪيائين.

- پاڪستان جي ريڊيو مشاورتي ڪميٽيءَ جي ميمبر.

- پاڪستان قومي نمائش جي ڪميٽيءَ جي ميمبر.

- پاڪستان ريڊ ڪراس سوسائٽيءَ جي ميمبر.

- ڪراچي يونيورسٽي ڪميٽيءَ جي سينيٽ تي سرڪار طرفان نامزد ميمبر.

- سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن تي سرڪار طرفان نامزد ميمبر

- ڪوڙهين جي جماعت تي سرڪار طرفان  ٿاڦيل ميمبر.

ان کانسواءِ ٻين هيٺين ادارن ۽ جماعتن ۾ به ڪم پئي ڪيو اٿس:

- پاڪستان سوشل ورڪ ڪانفرنس جي جائنٽ سيڪريٽري.

- سوشل سروس ڪوآرڊينيٽنگ ڪائونسل جي پنجن سالن تائين پريزيڊنٽ.

- آل پاڪستان وومينس ائسوسيئيشن جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جي ميمبر.

- انڌن جي جماعت جي جنرل سيڪريٽري.

- غريب مريضن جي مدد ڪرڻ لاءِ مختلف  جماعتن جي ميمبر.

- ڪراچي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي ڪيترن سالن کان پريزيڊنٽ.

- مانٽيسوري تعليمي سرشتي جي بين الاقوامي جماعت تي پاڪستان طرفان ميمبر.

- پاڪستان ۾ ڪتبخانن کي ترقيءَ ڏيارڻ جي جماعت جي ميمبر.

- اقوام متحده جي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۾ پڻ ڪم ڪيو اٿس.

- اقوام متحده جي يونيسيف ۾ ڪمڪيو اٿس.

- سوشل ورڪ انٽرنيشنل ڪانفرنس، منعقده مدراس ۽ ٽورنٽو، ۾ پاڪستان طرفان عيوضي ٿي ويئي آهي.

- ڏوهن گهٽائڻ لاءِ اقوام متحده طرفان جنيوا ۾ سڏايل ڪانفرنس تي پاڪستان طرفان عيوضي ٿي ويئي.

- روم ۾ انڌن جي ڀلائيءَ جي ڪانفرنس ۾ پاڪستان طرفان عيوضي ٿي ويئي.

-  فارموسا ۾ جنگي اڳرائيءَ خلاف تحريڪ جي ڪانفرنس ۾ پاڪستان طرفان عيوضي ٿي ويئي.

- ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي ورلڊ ڪانفرنس، سڊني (آسٽريليا)، ۾ پاڪستان طرفان عيوضي ٿي ويئي.

- اقوام متحده جي سيڪريٽريٽ ۾ اٺ هفتا تربيت حاصل ڪئي اٿس،

- آمريڪا ۾ تعليم جي سلسلي ۾ نَوَ هفتا سير ڪيو اٿس.

هيءَ هڪ بااخلاق، بنا لالچ جي خلق خدا جي خدمت ڪندڙ، پيار جو پرچار ڪندڙ، معصوميت جو پتلو، سماجي ڪارڪن عورت آهي، جنهن جهڙيون پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ عورتون ڇِٽيون ملي سگهنديون. سندس تقرير ۽ تحرير نهايت مؤثر آهن.

آءُ جڏهن 1927ع ڌاري ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر ٿيس، ته ان وقت اسڪول ۾ پڙهندڙ هيءَ نامعلوم ڇوڪري،  ٻين ڪيترين ڇوڪرين سان  ڪڏهن ڪڏهن ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۾ شايد ايندي هئي. ان وقت ڪنهن کي وهم گمان به نه هو ته اڳتي هلي، هيءَ پاڪستان جي سماجي ڪارڪنن ۾ هڪ درخشنده ستارو ٿي چڪندي!

خدا کيس شل وڏي حياتي ڏئي ۽ حاسدن جي حسد کان محفوظ رکي، ۽ ملڪ ۽ ماڻهن جي خدمت جو اڃا به کيس وڌيڪ موقعو نصيب ٿيندو رهي.

هن 17 ڊسمبر 1931ع تي مسٽر مينوالا سان شادي ڪئي. کيس هيٺيون اولاد آهي:

(1) منوچهر، (2) زربن، (3) فرامرز، (4) فرهاد، ۽ (5) جمشيد.

4- مسٽر ڊنشا پيسٽنجي ڊي. دستور

(ڪراچي)

هي خانبهادر پيسٽنجي ڊي. دستور جو فرزند آهي. 25 ڊسمبر 1894ع تي ڪراچيءَ جي شهر ۾ ڄائو هو، کيس مانڪ دستور، منوچهر دستور، فريدون دستور ٽي ڀائر هئا. کيس هڪ فرزند نوروز دستور آهي، جو 22 نومبر 1924ع ۾ ڄائو هو. سندس والد خانبهادر پيسٽنجي ڪراچي ۽ بمبئي جي  خزاني آفيس ۾ خزانچي ٿي رهيو هو، جنهن ڪري سرڪار طرفان کيس خانبهادريءَ جو خطاب مليو هو. هو ڪرڪيٽ جو وڏو رانديگر هو. ڪراچي پارسي ڪرڪيٽ ائسوسيئيشن جو چاليهه سالن تائين ڪئپٽن ٿي رهيو هو. هو 1886ع ۾ آل انڊيا ڪرڪيٽ ٽيم جو ميمبر ٿي انگلينڊ ويو هو، جا ساري ٽيم پارسي فردن تي ٻڌل هئي. هن نومبر 1926ع ۾ انتقال ڪيو.

خانبهادر پيسٽنجيءَ جي فرزند، ڊنشا دستور، ابتدائي تعليم سوپاريوالا  ڇوڪرن جي اسڪول، ڪراچيءَ ۾ ورتي هئي ۽ ثانوي تعليم نارائڻ جڳنٿات (اين. جي وي) هاءِ اسڪول ۾ ورتائين. 1911ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1916ع ۾ گرئجويٽ ٿيو، ۽ 1918ع ۾ ايل.  ايل. بي پاس ڪيائين.

ابتدا ۾ هي بمبئيءَ ۾ ميشرس  پين ۽ ڪمپني، ساليسيٽرس، وٽ 1916ع کان 1919ع تائين ڪم ڪندو رهيو. اتان 1920ع ۾ سينٽرل بئنڪ آف انڊيا بمبئيءَ جي هيڊ آفيس ۾ جونيئر آفيسر جي عهدي تي نوڪري ڪرڻ لڳو، جتان 1922ع ۾ ڪراچي برانچ، سينٽرل بئنڪ آف انڊيا ۾ بدلي ٿي آيو، ۽ 1930ع تائين سينٽرل بئنڪ ۾ مختلف جاين تي نوڪري ڪيائين، اتان کيس 1930 ع ۾ گهڻيءَ مخالفت جي باوجود سنڌ  سينٽرل ڪوآپريٽوَ  بئنڪ (پوءِ سنڌ پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ) ۾ آندو سون، جتي 1944ع تائين جنرل مئنيجر ٿي رهيو. اتان استعيفا ڏيڻ بعد وري سينٽرل بئنڪ آف انڊيا ڪراچي برانچ جو 1955ع تائين مئنيجر ٿي رهيو، جتان پنجٽيهه سالن جي بئنڪنگ سروس کان پوءِ رٽائر ڪيائين.

هي جوانيءَ ۾ ڪرڪيٽ، فٽبال، هاڪيءَ ۾ 1909ع کان 1916ع تائين دلچسپي وٺندڙ هو. ٽي سال ڊي. جي. سنڌ ڪاليج جي فٽبال ٽيم جو ڪئپٽن ٿي رهيو.

هن بايرس ۽ شيرس چيئمبر ڪراچيءَ جي مئنيجنگ ڪميٽيءَ تي ڪم ڪيو آهي. ڪجهه وقت پاڪستان چيمبر آف ڪامرس جو ميمبر ٿي رهيو آهي. 1956ع کان ڪپهه ۽ پشم جو واپار ڪندو آهي.

ساڻس منهنجي واقفيت، سندس 1930ع ۾ سينٽرل ڪوآپريٽو بئنڪ ڪراچيءَ ۾ جنرل مئنيجر ٿيڻ بعد ٿي. هي يار ويس، خاموش ڪارڪن ۽ محنتي ماڻهو رهيو آهي.

قومي خيالن رکڻ ڪري ”باءِ انڊين“ تحريڪ ۾ حصو ورتائين. ڪوآپريٽو تحريڪ ۾ جڏهن خانبهادر عظيم خان جي چوڻ تي مون ۽ ڪيترن دوستن دلچسپي ورتي، ته هي اسان جو ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪرڻ لڳو، تنهن ڪري جتي خانبهادر عظيم خان ۽ پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ ۽ ان ۾ اسان جي ڪم ڪرڻ جو ذڪر ايندو، ته اُتي ان سلسلي ۾ مسٽر دستور جي نمايان حصي کي ڪڏهن به نظرانداز ڪري ڪين سگهبو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org