سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 12

 

 

قومي ڪارڪن

رئيس اعظم ميان غلام محمد خان ولد رئيس ميان ولي محمد خان ڀرڳڙي

(ڊينگاڻ، تعلقو جيمس آباد: حيدرآباد)

رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي سنڌ جي انهن معزز ترين هستين مان آهي، جي آزاديءَ جي تحريڪ جا علمبردار ۽ مخلص قومي ڪارڪن هئا. اهڙن بزرگن تي ملڪ ۽ قوم کي بجا طور فخر ٿي سگهي ٿو. سندس نالو تاريخ  ۾ سونهري اکرن ۾ لکڻ جي لائق آهي.

مولانا عبيدالله سنڌي ۽ ٻين انهيءَ پايي جي انقلابي ليڊرن کان سواءِ،  آئيني جدوجهد ذريعي آزادي حاصل ڪرڻ جو جيڪڏهن ڪو سنڌي مسلمان صحيح اڳواڻ سڏائڻ جو حقدار آهي ته انهن مان پهريون رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي ٿي سگهي ٿو. هندن کي درڪنار رکي، سنڌي مسلمان سياستدانن جي زندگين تي نظر ڊوڙائبي ته رئيس صاحب هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ”ڪانگريس“ اندر انهيءَ وقت شريڪ ٿيو، جڏهن سنڌ جا اڪثر مسلمان زميندار حڪومت جي خوف کان ان جي نالي کان به پيا ڇرڪندا هئا. ان کان اڳ جيڪڏهن مسلمانن ڪنهن سياسي جماعت ۾ دلچسپي ورتي هئي ته اها ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ هئي، جنهن جو مقصد سرڪار جي خوشامد ڪري چند مسلمانن جي سوال کي ڪامورن وٽ پيش ڪرڻ تائين محدود هو. ان وقت ٻهراڙيءَ جي رهاڪو زميندارن لاءِ ڪانگريس جهڙي ترقي پسند جماعت ۾ شامل ٿيڻ ڪا رواجي ڳالهه ڪا نه هئي. رئيس صاحب جي حيثيت سنڌ جي سياستدانن ۾ ان ڪري ممتاز رهي ٿي، جو سنڌ ۾ سندس پايي ۽ شهرت جو قومي ڪارڪن ان وقت ٺهيو، پر اڄ تائين به ڇڊو پيدا ٿيو آهي. هن وقت به اڪثر زميندار ۽ ٻيا مسلمان سياستدان، شخصي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ خانه جنگي ۽ قوم فروشيءَ جي ڪاررواين ۾ مشغول آهن ۽ سدائين طاقت  ۾ آيل گروهه جا سلامي پيا رهن.انهن جي مقابلي ۾، رئيس صاحب جي سياسي زندگيءَ تي نظر ڪبي ته زمين آسمان جو تفاوت نظر ايندو.

رئيس غلام محمد خان ڀڳڙيءَ جا وڏا اصل ديري غازي خان طرف جا ويٺل، بلوچ قوم  جا هئا ۽ ڀرڳڙهه جي طرف کان لڏي، ميرن جي صاحبيءَ ۾ اچي سنڌ ۾ رهڻ ڪري ”ڀرڳڙي“ سڏجڻ لڳا هئا.سندن وڏو ڏاڏو، رئيس علي خان، ڀرڳڙي ضلعي ديري غازي خان کان ڪلهوڙن جي آخري وقت ڌاري سنڌ ۾ آيل هو. ان کان پوءِ هيٺئين احوال موجب انهيءَ قبيلي جا بزرگ ٿي گذريا آهن: رئيس علي خان کي فرنزد ڏاتو خان ٿيو. ان کي فرنزد رئيس حيدر خان ٿيو، جنهن کي چار فرزند ٿيا: 1. جمال خان، 2. خيرو خان، 3. صوڀو خان، ۽ 4 سلطان خان، انهن مان چار پاڙا، هر هڪ جمالاڻي، خيراڻي، صوڀاڻي ۽ سلطاني ٿيا، جي اڃا تائين انهن نالن سان سڏجن ٿا.

رئيس جمال خان کي فرزند ولي محمد خان ٿيو، جنهن ڀرڳڙين ۾ خاص نالو ڪڍيو. ان کي فرنزد رئيس غلام محمد خان ٿيو، جنهن کي  فرزند ميان ولي محمد خان دوئم ٿيو.

رئيس ميان غلام محمد خان جو والد رئيس ميان ولي محمد خان، ڊينگاڻ تعلقي جيمس آباد جو ويٺل هو، جتي محنت، ڪفايت شعاري ۽ انتظامي لياقت سان پنهنجي زمين ۽ ملڪيت وڌائي ويو هو. انهيءَ حد ۾ هو مکيه ۽ بااثر زميندار ٿي گذريو آهي.

رئيس ولي محمد خان دوم، ٻه شاديون ڪيون هيون. هڪ رئيس مسو خان ڀرڳڙيءَ جي نياڻيءَ سان، جنهن مان رئيس غلام محمد خان مرحوم پيدا ٿيو، جنهن جي حياتيءَ ۾ هي احوال لکيل آهي، ٻي شادي، سوڍن مان ٺَڪر رتن سنگهه جي نياڻيءَ ۽ ٺڪر اکجي، سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ ٺڪر ڪلجيءَ جي همشيره سان ٿي، جنهن مان رئيس جان محمد خان، رئيس غلام حسين خان ۽ رئيس دين محمد خان پيدا ٿيا. رئيس جان محمد خان کي نياڻي پيدا ٿي ؛ باقي ٻه لاولد وفات ڪري ويا. رئيس غلام محمد خان کي ٽي فرزند ٿيا: 1.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org