سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

باب-6

صفحو : 30

 

 

باب ڇهون

(هه) مخدوم صاحب عالمن ۽ اديبن جي نظر ۾

مخدوم صاحب رباني عالم ۽ محقق فقيه هو. عالمِ اسلام، عرب عجم ۽ پوري هند ۽ سنڌ ۾ سندس مقبوليت هئي. ان ڪري سندس همعصر دور جي عالمن، صالحن ۽ شاعرن توڙي پوءِ جي عالمن ۽ اديبن سندس علمي ۽ ديني خدمتن ۽ ڪارنامن جي دل کولي تعريف ڪئي آهي ۽ سندس ساراهه جا سرس ڍڪ ڀريا آهن. مخدوم صاحب کي جن اهلِ قلم شخصيتن نيڪيءَ ۽ دعائن سان ياد ڪيو آهي، بيشڪ هو ان تعريف جو لائق ۽ فائق هو.

ڪن اهلِ قلم کيس وقت جو مجدد ۽ مجتهد لکيو آهي، ته ڪن وري برک عالم، محقق، مفسر، محدث ۽ فقيه سڏيو آهي. کيس سنتِ نبويءَ جو جياريندڙ، مرشد ۽ بدعتن جي پاڙ پٽيندڙ، حق جي اگهاڙي تلوار تسليم ڪيو ويو آهي. ڪن کيس قاضي القضاة، مناظر، مصنف، امام ۽ پنهنجي وقت ۾ نفاذِ اسلام جو محرڪ ڪوٺيو آهي. بهرحال، مخدوم صاحب ۾ الله تعاليٰ جي عنايت ۽ رسول الله جي رحمت سان اهي سڀ خوبيون موجود هيون.

هتي انهن اهلِ قلم عالمن، اديبن ۽ شاعرن جا دلي جذبات ۽ قيمتي تاثرات ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن مان ميڙي مرتب ڪيا ويا آهن. شروعات مخدوم صاحب جي دور جي ولي الله، نقشبندي سلسلي جي روحاني رهبر، ابوالقاسم نقشبندي ٺٽوي ”آفتابِ مڪلي“ جي قول سان ڪجي ٿي:

1. ابوالقاسم نقشبندي:

ابوالقاسم ته گهڻا آهن، پر هيءُ مرد مجاهد هڪ ئي آهي. انهيءَ ماءُ کي آفرين هجي، جنهن مخدوم محمد هاشم کي ڄڻيو. هن زماني ۾ ان جي برابر ڪوبه ڪونهي.(1)

2. مخدوم عبدالرحمان (مخدوم صاحب جو وڏو فرزند)

هاڻي هي رسالو مون جوڙئو ڪڍي سنڌي واء
ڪنا رسالن فارسي، جن ۾ مسائل حج سندا
سي آهين تصنيف منهنجي والد جي محمد هاشم جنهنجو نانءُ
جو استاد مرشد منهنجو ۽ زياده منجهه علما
پڻ رحمت ڪر رحيم تون تنهن تي راتين روز مرا
ساڻ اولاد تنهنجي ۽ محب جي تنهنجا.(2)

3. مخدوم عبداللطيف (مخدوم صاحب جو ننڍو فرزند)

قطب العارفين، محقق فقيه، محدث مرشد، ٻارهين صدي هجريءَ جو مجدد، عالمِ رباني، نعمانِ ثاني، حاجي الحرمين مرحوم مغفور مخدوم محمد هاشم جو هر هڪ ڪتاب عجيب فائدن ۽ ديني معلومات سان ڀرپور آهي. جيڪو به انهن ڪتابن جو مطالعو ڪندو، ته ان کي گلستانِ شريعت جي هٻڪار حاصل ٿيندي.(3)

4. مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي

مخدوم حاجي (محمد) هاشم ولد عبدالغفور وڏي شان وارو بزرگ ، زماني جي عالمن جو سرتاج آهي. هو دين جي قانون جي ترويج ۽ اسلام جي بنيادي حڪمن جي ڪوشش ۾ بيحد مصروف رهندو هو. ڄڻ ته سندس زماني م دين اسلام جي تجديد واقع ٿي، يعني مجددِ اسلام هو... هند سنڌ ۽ عرب و عجم ۾ پاڻ مشهور هو. انهن سهڻين صفتن جي ڪري پاڻ ماڻهن ۾ عزت احترام وارا هئا.(1)

5. شاهه عبداللطيف ڀٽائي:

ميين محمد اسحاق ملاڪاتيار واري بزرگ روايت ڪئي، ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ڪنهن علمي اختلاف ۽ مسئلي واسطي ٺٽي جي مشهور عالم ۽ شاهه ڀٽائي جي يار مخدوم محمد معين وٽ آيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اڳ ۾ اتي مخدوم محمد معين وٽ ويٺو هو. جڏهن مخدوم محمد هاشم اتي پهتو، ته شاهه ڀٽائيءَ پنهنجي دوست مخدوم محمد معين کي چيو:

 ”خبردار! جو هن شخص (محمد هاشم) سان ڪو بحث ڪيو اٿئي، مان سندس چهري تي رسول الله جي رحمت جو سايو ڏسي رهيو آهيان.“

اهو ٻڌي مخدم محمد معين هڪدم اٿي بيٺو ۽ مخدوم محمد هاشم کي ٻانهون ٻڌي چيائين ته، ”سائين! مون کي اوهان سان ڪوبه بحث ڪرڻو ڪونهي“ .(2)

6. محمد پناه ”رجا“ ٺٽوي:

افسوس ارمان جو خلق جو مخدوم اوچتو هليو ويو! هو سڄي جهان جو مخدوم، سنڌ جو جيد عالم، دين نبويءَ جو دليل ۽ راهه جو رهبر هو. تفسير، حديث ۽ فقه ۾ ان جو ڪوبه مٽ نه هو ۽ علم قراء ت ۾ به بينظير عالم هو. جڏهن غسل جي تختي تي توکي رکيو ويو، ته تنهنجيءَ دل مان الله جو ذڪر جاري هو. اهو ڏسي حاضرين حيران ٿي، سبحان الله چوڻ لڳا.(1)

7. غلام علي ”مداح“ ٺٽوي:

مخدوم صاحب، محمد عربي جي دين جو مددگار آهي. بدعت ۽ ضلالت جي پاڙ پٽيندڙ هو. محمد هاشم جون ڪرامتون روشن آهن. سندس دل علم جي نور سان مالا مال هئي.(2)

8. محمد رفيع ٺٽوي:

مخدوم صاحب شريعت جو روشن برج ۽ ڪفر جي اونداهيءَ کي ميٽيندڙ هو. حقيقت جي راز کان واقف ۽ بااصول عالم هو. جڏهن سندس وفات جو سال ڳوليم، ته هاتف چيو: رسول جي دين جي مشعل اجهامي وئي.(3)

9. مرزا غلام علي بيگ ٺٽوي:

مخدوم صاحب فقيه عالم، امر ۽ نهي جو حاڪم هو، شريعت ۽ دين جو خادم هو. هاتف چيو ته، جهان جي گلستان مان محمد هاشم جي روح جو پکي فردوس ۾ اڏامي ويو.(4)

10. محمد رحيم ٺٽوي:

مخدوم صاحب زماني جو امام ابو حنيفه، اهلِ ڪفر کي رسوا ڪندڙ، پنهنجو سامان جنت جي طرف ٻڌڻ وارو هو. جڏهن مون سندس وفات جو سال ڳوليو، ته هاتف چيو: مصطفيٰ جي جوار ۾ پنهنجي جاءِ لڌائين.(5)

11. محمد احسن خان ٺٽوي:

علومِ ربانيءَ جو اڳواڻ هن فاني جهان مان موڪلائي ويو. ان تي سندس وفات جو سال هاتف هن ريت چيو: الله تعاليٰ ان جي جاءِ جنت ۾ جوڙي.(1)

12. مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“ ٺٽوي:

مخدوم محمد هاشم علم ۾ شهره آفاق، تقويٰ ۾ يگانو ۽ طاق، مسئلن جي تحقيق ۾ ڪو به ماڻهو سندس همسر نه هو. عالمن ۾ مشهور هو. سندس گهڻيون تصنيفون آهن... حق هيءُ آهي ته هي سڀ ڪجهه ازلي فيض، الله تعاليٰ جي مهرباني ۽ ڪرامت سان ٿيو آهي.(2)

13. امين بن هارون ڇتڙائي:

مخدوم صاحب رباني آيتن جو مظهر، حقاني اسرار جو سرچشمو، ظاهري باطني علمن جو جامع، نبوي اخلاق سان سينگاريل آهي. جيئن سندس علم ۽ ڪمال، حسن اخلاق، جاه و جلال جو ڌاڪو عرب ۽ سنڌ، لاڙ ڪڇ ۾ روشن آهي. هر جاءِ ۽ هر خاص عام جي زبان تي سندس نالو جاري ۽ مشهور آهي.(3)

14. رچرڊ برٽن:

مخدوم صاحب هندستان ۽ عربستان جو سير ڪيو هو. عربي ۽ فارسي ٻوليون ۽ فقه چڱيءَ طرح سکيو هو. چون ٿا ته مسافريءَ دوران هن عيسائي پادرين سان ڪيترا مناظرا ڪيا... هن عربيءَ ۾ ڪتاب لکيا ۽ عام ماڻهن لاءِ انهن جو سنڌيءَ ۾ عام فهم ترجمو به ڪيو.(4)

15. مولوي رحمان علي:

مخدوم صاحب ناميارو ۽ مشهور عالم هو. گهڻن ئي عالمن جي مقابلي ۾ ڀاڳ وارو ۽ شرعي پابنديءَ جي اعتبار کان مٿانهون هو.(5)

16. مرزا قليچ بيگ:

مخدوم صاحب شريعت تي بلڪل مستقل هو ۽ اسلام جي ديني ڪمن ۾ گهڻي مدد ڪيائين ۽ دين جي برخلاف ڳالهائيندڙن سان چڱيون چوٽون کاڌائين.(1)

17. مولوي محمد صادق کڏي وارو:

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سنڌ جي محقق فقهاء ۽ رباني علماء جو سرڪرده ۽ هڪ سؤ کان وڌيڪ ضخيم ڪتابن جو مصنف آهي. پاڻ ڪيترن مشائخ سلاسل جا استاد ۽ شيخ آهن. پاڻ رسول الله طرفان سنڌ جو قاضي ۽ فتاويٰ بياض هاشمي جو مصنف آهي.(2)

18. الوحيد- سنڌ آزاد نمبر:

سنڌ جي انهن هستين مان جن تي اسان جو وطن بجاء ناز ڪري سگهي، مخدوم محمد هاشم عليھ الرحمته به هڪ آهي... مخدوم صاحب جا 24 ڪلاڪ ڪمن لاءِ ورهايل هوندا هئا. درس تدريس کان سواءِ ڪتابن جي تاليف لاءِ خاص وقت مقرر هو. عبادت ۽ ياد الاهيءَ لاءِ جدا وقت هو.(3)

19. مولانا عبيدالله سنڌي:

مخدوم صاحب جي مجموعه بياض (هاشمي) جي مطالعي مان (حديث ۽ اصول حديث) جي فن ۾ مون کي ڪمال حاصل ٿيو.(4)

20. خانبهادر محمد صديق ميمڻ:

مخدوم صاحب جو علمي ۽ ديني فيض اڍائي سؤ ورهين کان سنڌ ۾ جاري آهي ۽ تا قيامت جاري رهندو... سندس سنڌي توڙي عربي شعر سنڌ ۽ عرب ۾ هڪ ممتاز درجو حاصل ڪيو آهي. سنڌ جو مشهور شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي عليه الرحمته اسلامي تصوف جو صاحب ۽ ولي،
حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي علمي مجلس ۾ ٺٽي ۾ شامل ٿيندا هئا ۽ ساڻن رهاڻيون ڪندا هئا.(1)

21. مولانا دين محمد وفائي:

عالم، عارف، قاري، حاجي، صوفي مولانا مخدوم محمد هاشم... حرمين جي سفر کان پوءِ هڪ نئون رنگ حاصل ڪري واپس ٿيو. علم حديث جو شغل اڳي کان وڌيڪ جاري رکيو ويو ۽ بدعات جي انڪار ۽ بيخ ڪنيءَ تي وڌيڪ زور ڏيڻ لڳو.(2)

22. جي. ايم. سيد سنائي:

مخدوم صاحب ٺٽي جي شهر ۾ مشهور عالم ۽ شريعت جو پائبند ۽ پرهيزگار هو. سندس فتوائون مشهور آهن.(3)

23. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو:

زبان اعليٰ صاف ۽ سليس اهي سڀيئي گڻ ۽ وصفون وري مخدوم محمد هاشم جي سنڌيءَ ۾ آهن، جو پنهنجيءَ پر ۾ بي مثل آهي. ساڳيو ئي سوز ۽ گداز اٿس، جهڙو شاهه جي ڪلام ۾، اگرچه ان کان بلڪل نيارو آهي... عم سيپاري جي تفسير ۽ ”قوت العاشقين“ جي تمهيد ۾، جنهن ۾ سندس روح، الله جي ساراهه ۽ رسول جي سڪ ۽ چئن يارن جي مدح ۾ ريلا پيو ڏئي. منجهس اهو جذبو، ميٺاج ۽ رواني آهي. جو پڙهندڙن جو قلب جهڄيو پوي ۽ بي اختيار اکين مان ڳوڙها ڳلن تي ڳڙيو پون.(1)

24. الله بچايو يار محمد سمون:

مخدوم محمد هاشم وڏو عالم، زاهد ۽ وقت جو اديب ٿي گذريو آهي... مخدوم صاحب جو شعر صوفياڻو اصلاحي ۽ ديني واٽن جي سمجهاڻيءَ تي آهي.(2)

25. لطف الله بدوي:

مخدوم صاحب دين جي خدمت لاءِ جي ڪوششون ورتيون، سي ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجي... اسان هن چوڻ لاءِ مجبور ٿيون ٿا ته سنڌي شاعري جي هن صف ۾ سندس ڪلام بلند مقام رکي ٿو. سندس شعر ۾ وڏي رواني ۽ سادگي موجود آهي.(3)

26. مخدوم امير احمد:

مخدوم صاحب سهڻي سيرت سان سينگاريل ۽ پرهيزگار هو. عام خاص ۾ هڪ جيترو مڃيل ۽ مقبول هو. سندس اڪثر زندگي سنتِ نبويءَ جي زنده رکڻ ۽ بدعت جون پاڙون پٽڻ ۾ گذري. ان ڏس ۾ ڪنهن به وڏي ننڍي جو رک رکاء نه ڪندو هو. پاڻ صبر حيا جو صاحب، توڪل، بردباري، تقويٰ ۽ استقامت جو عملي نمونو هو. فخر وڏائي ۽ رياء کان نفرت ڪندڙ هو.(4)

27. ڪريم بخش چنه:

سر زمين سنڌ ۾ احياء ملت جو علمبردار مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هو. سندس علمي شهرت ۽ فضيلت جو آواز دور دراز هنڌن تي پهچڻ لڳو. هزارين شاگرد ۽ تحقيق جا طالب سندن خدمت ۾ پهتا. سندس علم ۽ فيض جي ڪمال جو پڙلاءُ آخر سنڌ جي نامياري حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڪنن تائين پهتو ۽ هو سندس مريد ٿي ويو.(1)

28. غلام رسول مهر:

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پنهنجي دور جو ممتاز عالم هو. فقه، حديث، رجال، ڪلام معقول ۽ تفسير وغيره جي علمن ۾ کيس دسترس حاصل هئي. لڳ ڀڳ ساڍن ٽن سون ڪتابن جي تصنيفات ڇڏيائين.(2)

29. رحميداد خان مولائي شيدائي:

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو ٺٽي ۾ اچڻ کان پوءِ علمي شهرت ۽ فضيلت جو آواز ديسان ديس پهچڻ لڳو... ميان غلام شاهه کيس قاضي القضاة جو عهدو ڏنو... مخدوم صاحب اٽڪل ڏيڍ سؤ ڪتاب تاليف ڪري، سنڌ وارن تي هڪ ناقابل فراموش احسان فرمايو.(3)

30. شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ :

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جيتوڻيڪ هڪ فقيه ۽ ظاهر شريعت جو ڏاڍو پابند هو، پر سندس تصنيف ”قوت العاشقين“ مان ظاهر ٿئي ٿو، ته هو به هڪ وڏو صوفي شهودي صوفي هو.(4)

31. اعجاز الحق قدوسي:

مخدوم صاحب علم ۽ عمل ۾ بي مثال هو. ساري حياتي دين جي تبليغ، سنت جيارڻ ۽ شريعت جي واڌاري لاءِ ڪوشان رهيو. جيئن ته سندس زبان ۾ تاثير ۽ قلم ۾ زور هو، ان ڪري سندس تبليغ جي ڪري گهڻا ذمي مسلمان ٿيا. مخدوم صاحب جا مختلف علمن ۾ گهڻا ڪتاب لکيل آهن. انهن سندس نالي کي عرب و عجم ۾ روشن ڪري ڇڏيو.(1)

32. سيد حسام الدين راشدي:

هن دور جو مشهور ديني عالم ۽ پنهنجي فن ۾ وقت جو امام هو. سندس شخصيت جو اثر نه صرف عوام تي هو، بلڪ وقت جي حڪومت به کانئس متاثر هئي. فارسي، عربي ۽ سنڌي ۾ ٽن سون جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکيائين، جن مان ڪيترا ٺوس ۽ لاثاني علمي ڪتاب آهن. سيپاري تبارڪ ۽ عم جو تفسير، فرائض الاسلام، راحت المومنين، زاد الفقير وغيره سندس ڪتاب آهن. ”فرائض الاسلام“ - ابوالحسن جي ڪتاب کان متاثر ٿي لکيائين. ابوالحسن فقط 30 مسئلا کنيا آهن، پر هن 1262 مسئلن جو احاطو ڪيو آهي.(2)

33. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي:

مخدوم صاحب قرآن، حديث، فقه ۽ ٻين علمن ۾ زماني ۾ بي مثال عالم هو. سندس شاگردن جو حلقو يمن، عرب ۽ مغرب اقصيٰ تائين پکڙيل هو. سندس ڪتب خانو به اسلامي دنيا ۾ مشهور هو. پاڻ اسلام جا ڪئين ڪتاب لکيائين. ان سان گڏ اسلام جي اشاعت ۾ وڏي ڪوشش ورتائين. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي - سنڌ جي حاڪم طرفان کيس پروانو مليل هو. اڄڪلهه هي جيڪي ميمڻ لکن جي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهي سڀ حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي ديني تبليغ ۽ ڪوشش جو نتيجو آهن ۽ مخدوم صاحب انهن نون مسلمانن لاءِ سنڌي زبان ۾ اسلامي ڪتاب به لکيا.(3)

34. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:

سنڌ جي سرزمين جيڪي چوٽي جا عالم پيدا ڪيا، تن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هڪ نهايت ئي ناميارو عالم هو. سندس شخصيت ۽ علميت سنڌ لاءِ باعثِ فخر آهي... مخدوم محمد هاشم جون ديني ۽ علمي خدمتون ايتريون ته اهم ۽ وسيع آهن، جو انهن تي مسلسل تحقيق جي ضرورت آهي. ديني علمن - تفسير، حديث، فقه وغيره تي کيس عبور حاصل هو ۽ انهن بابت ڪيترائي ڪتاب لکيائين. عربي ۽ فارسيءَ کان سواءِ سندس سنڌي تصنيفن جومعيار علميت توڙي ٻوليءَ ۽ لغت جي لحاظ سان ايترو ته بلند آهي، جو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ پڻ مخدوم صاحب جو مقام نهايت بلند آهي.(1)

35. شيخ محمد سومار:

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي دين اسلام جو وڏو مبلغ هو. هو هر ڪنهن ڳالهه جو ڇوٽڪارو اسلام کان سمجهندو هو. ٻئي هر ڪنهن مذهب کي گمراهي ۽ ڪفر سان تعبير ڪندو هو.(2)

36. محمد اسماعيل ڪنڀار ٺٽوي:

الله جي عاشقن مان حضرت مخدوم محمد هاشم سنڌ جو مشهور عالم، مفتي، ڪامل ولي، عاشق رسول مشهور آهي. سندس تصنيف ڪيل ڪتاب سنڌ جي ديندار مسلمانن لاءِ مشعل راه آهن.(3)

37. مولانا محمد يوسف لڌيانوي:

شيخ علامه مولانا محمد هاشم ٺٽوي - شاهه ولي الله دهلويءَ جو همعصر ۽ خطئه سنڌ جو گويا شاهه ولي الله ثاني هو. اسلامي علوم تفسير ۽ حديث، فقه ۽ اصول فقه، ڪلام ۽ تصوف، سيرت ۽ تاريخ، شعر و ادب ۾ پنهنجي دور جو امام هو. علم ۽ فضيلت، زهد ۽ تقويٰ ۾ بي مثال هو. سموري حياتي تعليم ۽ تدريس، تصنيف ۽ تاليف، وعظ ۽ ارشاد، احياء سنت، ترويج سنت ۽ بدعتن جي پاڙ پٽڻ ۾ گذاريائين. سندس وقت ۾ برڪت ۽ قلم ۾ رواني هئي. عربي، فارسي ۽ سنڌي ٽئي ٻوليون بنا تڪليف جي لکندو ۽ ڳالهائيندو هو. اسلامي علوم ۾ ڪو به اهڙو شعبو ۽ وقت جو ڪم اهم مسئلو اهڙو نه هوندو، جنهن تي پاڻ قلم نه هلايو هجي. سندس تصنيفون موضوع جي اعتبار، قلم جي تيز رفتاري، موضوع جي گهڻائيءَ ڪري، متانت، صحيح تحقيق ۽ مٿانهين معيار واريون آهن.(1)

38. مولانا محمد اسحاق ڀٽي:

ولايتِ سنڌ جي مردم خيز خطي ۾ جن فيض ۽ برڪت وارن بزرگن درس تدريس ۾ نالو روشن ڪيو ۽ تصنيف و تاليف ۾ جهنڊا کوڙيا، انهن ۾ مولانا محمد هاشم سنڌيءَ جو نالو مبارڪ برصغير جي تاريخ جي صفحن ۾ هميشه ياد رهندو... هو پنهنجي دور جو جليل القدر عالمِ دين هو. ان جي معلومات ۽ مطالعي جو دامن تمام وسيع هو. فقھ ۾ کيس وڏو عبور هو.(2)

39. ڊاڪٽر محمد مسعود احمد مظهري:

مخدوم صاحب سنڌ جو مشهور محدث، فقيه ۽ وقت جو مجدد هو. سندس ٽن سون کان وڌيڪ ڪتاب لکيل آهن. انهن مان ڪجهه عرب ۽ پاڪستان ۾ ڇپيا آهن.(3)

40. ڊاڪٽر قاضي يار محمد:

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پنهنجي وقت جو ممتاز ديني عالم ٿي گذريو آهي. پاڻ فقه، حديث، رجال، ڪلام، معقول ۽ تفسير وغيره علمن ۾ ڪامل دسترس رکندڙ هو. علم ۾ شهره آفاق هو ته تقويٰ ۾ يگانه ۽ طاق. مسائل جي تحقيقي ۾ سنڌ ملڪ ۾ سندس ڪو ثاني ڪونه هو.(1)

41. ڊاڪٽر ظهور احمد اظهر:

حاجي (محمد) هاشم بن عبدالغفور سنڌي انهن رباني عالمن مان هو، جن دين اسلام جي تبليغ ۽ سنت جي اشاعت خاطر عظيم خدمتون سرانجام ڏنيون. پنهنجي زماني جو ممتاز عالم هو.(2)

42. محمد يوسف ”شاڪر“ ابڙو:

حق پرست بزرگن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به هڪڙو تمام مشهور اهل الله ٿي گذريو آهي، جيئن هندستان ۾ امام رباني مجدد الف ثاني ۽ شاهه ولي الله پنهنجي وقت ۾ اسلام جي صحيح فڪر پکيڙڻ لاءِ پنهنجي حياتي وقف ڪري ڇڏي هئي.(3)

43. ڊاڪٽر مدد علي قادري:

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کي جيڪڏهن اسين ”سنڌ جو سيوطي“ سڏيون، ته ان ۾ ڪو به وڌاء نه آهي. علامه جلال الدين وانگر واديءِ مهراڻ جي هن عظيم عالم ۽ مفڪر مختلف اسلامي علوم ۽ ادبي صنفن جي ماٿريءَ ۾ پنهنجي قلم جي رخش کي ڇڏي ڏنو آهي.(4)

44. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي:

مخدوم صاحب علم ۽ عمل جو مجسمو هو. اسلامي دنيا جو تمام وڏو عالم به هو، ته وڏو مصلح به هو. اعليٰ پايي جو مقرر به هو، ته بيشمار ڪتابن جو مصنف به هو.(1)

45. ڊاڪٽر اينيمري شمل:

مخدوم صاحب ٺٽي جو وڏو جج هو. سندس دور ۾ جيڪي حڪمران آيا، سي سڀ کيس چاهيندا هئا. مولوي محمد هاشم سنڌي توڙي عربيءَ ۾ تمام گهڻو لکيو آهي. اندازو آهي ته هن ٽي سؤ کن مختلف شيون لکيون آهن.(2)

46. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي:

مخدوم صاحب عالم رباني، زاهد الزمان، ساده طبيعت، تڪلف ۽ تصنع کان عاري، علم جو ڀنڊار هئا.(3)

47. مفتي عبدالرحمان ٺٽوي:

شيخ الاسلام حضرت علامه مخدوم محمد هاشم سنڌي ٺٽوي علم معقول ۽ منقول ۾ وڏي دسترس رکندو هو. جنهن جي علمي وسعت جو اندازو سندس لکيل ڪتابن مان لڳائي سگهجي ٿو. جيڪي هڪ اندازي موجب ٽن سون جي لڳ ڀڳ آهن.(4)

48. مولوي محمد طفيل احمد نقشبندي:

تصوف جي سلسلي ۾ بلند پايه جو مرشد نظر اچي ٿو. پاڻ هڪ بي مثال مرشد ۽ پيرِ طريقت هو. جنهن کي نه رڳو چئن سلسلن: نقشبندي، قادري، چشتي ۽ سهرورديءَ ۾ اجازت حاصل هئي، پر شطاريه، قشيريه، شاذليه ۽ ان دور جي ڪيترن طريقت جي هلندر سلسلن ۾ به کين اجازت مليل هئي.(5)

49. پروفيسر اسد الله ڀٽو:

حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو شمار اسلام جي انهن متبحر علماءِ دين مان آهي، جن جو علمي مقام ۽ فضيلت هڪ تسليم شده حقيقت ۽ روز روشن وانگر عيان آهي.(1)

50. مدير سه ماهي ”دانش“ :

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سنڌ جي تاريخ سرزمين جو فخر آهي. جنهن جي علمي ديني خدمتن کي اسلامي دنيا ۾ هميشه احترام سان ڏٺو وڃي ٿو. مخدوم صاحب عربي، فارسي ۽ سنڌي ٽنهي ٻولين ۾ شعر به چيو آهي.(2)

51. مولانا محمد ادريس ڏاهري:

مخدوم صاحب زاهد عابد، ذڪر ڪندڙ سالڪ، شريعت جو صاحب ۽ حبيب ڪريم رؤف رحيم جو سچو عاشق هو. ان ڪري مٿس محبوب عليه السلام جي خاص نگاهه ۽ مهرباني هئي. پاڻ پنهنجي شعرن ۾ جيڪي عشق ۽ الفت وارا نوراني الفاظ استعمال ڪيا اٿس، انهن مان سندس عقيدو ۽ مسلڪ صاف صاف ظاهر ۽ سج وانگر روشن آهن. پاڻ عقيدي ۾ پڪا سني هئا. سنيت ۾ پهاڙ وانگر مضبوط ۽ محبت ۾ راسخ هئا.(3)

52. مولوي عبيدالله پنهور:

شمس الملت والدين علامه مخدوم صاحب جي تعريف کان زمانو قاصر آهي. علامه موصوف وقت جو هڪ وڏو محقق عالم ۽ مجتهد هو. سندس گهڻائي ڪتاب آهن، جيڪي جدا جدا فنن تي وڏي محققانه ۽ عالمانه انداز ۾ لکيل آهن.(1)

53. غلام محمد لاکو:

مرزا (قليچ بيگ) کان اڳ ۾ سنڌ ۾ صرف مخدوم محمد هاشم ٺٽوي اهڙو مصنف ٿي گذريو، جنهن عربي فارسي ۽ سنڌي ٻولين ۾ سوين ڪتاب لکيا هئا. هو ڪلهوڙن جي دور جو وڏو عالم هو.(2)

54. ڊاڪٽر محمد اشرف سمون:

سندن نالو محمد هاشم لقب شمس الملت و الدين ۽ مخدوم خطاب آهي. پاڻ پنهنجي زماني جا بي بدل محدث ۽ بي مثل فقيه ٿي گذريل آهن.(3)

55. حافظ حبيب سنڌي:

سرزمين ٺٽو هميشه عالمن ۽ اديبن جي بستي رهي آهي. جنهن مخدوم العلماء مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عليه الرحمته جهڙين عظيم العظمت شخصيتن کي جنم ڏيئي دنيا تي اهو ثابت ڪري ڇڏيو، ته ٺٽو ڪڏهن به علم و ادب جي ميدان ۾ پوئتي پيل علائقو نه آهي.(4)

56. اسلم سنديلو:

اسين سچل سرمست جي (وڏن) همعصرن ۾ نظر وجهنداسون ته اسان کي ڪافي تعداد ۾ وڏا اديب، عالم فاضل ۽ ديني مڪتبه فڪر جا ڄاڻو ملندا، جن ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي - جنهن مديني منوره ۽ مڪي پاڪ مان بلند پايه عالمن کان مختلف علمن ۾ سـَـندُون ۽ اجازتون حاصل ڪيون، پوءِ ٺٽي ۾ مقيم ٿيو (به هڪ آهي).(1)

57. محمد ابراهيم ترڪ ۽ اشتياق حسين شاهه:

مخدوم صاحب باڪمال عالم ۽ ڀلو بزرگ ٿي گذريو آهي. اسلامي دنيا جو وڏو مصلح ۽ عالم هو. اعليٰ پايي جو مقرر به هو ته بيشمار ڪتابن جو مصنف به هو. مخدوم صاحب طبيعت جو حليم، مزاج جو خليق از حد پرهيزگار هو. هر ڪم ۾ خواه ادائي انداز ۾ شريعت جي حڪمن جي پوري تعميل ڪندو هو ۽ سموري زندگي سيرت پاڪ جي نموني تي بسر ڪيائين.(2)

58. عبدالله گندرو:

ٺٽي جي بزرگن عالمن، جن خلق خدا کي فيض ڏنو، تن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هڪ هئا...مخدوم عاشقِ رسول هئا. حضور جن سان ايتري محبت هئس، جو يارهن حج پنڌ ڪيا هئائين.(3)

59. حافظ ارشد انڍڙ:

مخدوم صاحب حق لاءِ اگهاڙي تلوار هئا. حق چوڻ ۾ ڪنهن جي به دشمني جو خيال دل ۾ نه آڻنيدا هئا. عابد، زاهد، متقي، ساري رات جاڳي عبادت ڪندڙ ۽ ڏينهن جو روزا رکندڙ هئا. فقيه، محدث ۽ مجتهد هجڻ سا گڏ وڏي درجي جا اهلِ دل پڻ هئا.(4)

60. رسول بخش تميمي:

سنڌ محدثن، مجددن، جيد علمائن ۽ مخدومن جو ساڻيهه آهي. اهڙن بي بها موتين مان هڪڙو موتي هو شمس العلماء قمر المنير مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، جنهن پنهنجي علمي کستوريءَ سان ولايت واسي ڇڏي. وڏو بخت ان وقت جو جنهن وقت ۾ هيءُ شمس العلم پيدا ٿيو.(1)

61. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو:

تقرير، تحرير توڙي درس ۽ تدريس جي لحاظ کان مخدوم صاحب هڪ وڏو عالم هو... سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جي علمي حلقن ۾ هيءُ عالم سدا جيئرو آهي.(2)

------


(1) مخدوم عبداللطيف: ”مناقب مخدوم محمد هاشم“ (قلمي فارسي)، ص 11

(2) مخدم عبدالرحمان: ”حيات العاشقين“ (سنڌي) ص 336

(3) مخدوم عبداللطيف: ”مناقب مخدوم محمد هاشم“ (قلمي)، ص 9

(1) مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي: ”مقالات الشعراء “ (فارسي)، ص 842

(2) غلام رباني آگرو: ”جهڙا گل گلاب جا“ ، جلد-1، ص 199

(1) مولانا دين محمد وفائي: ”تذڪره مشاهير سنڌ“ ، جلد -2، ص 59-261

(2) ايضاً، ص 262

(3) ايضاً، ص 262

(4) ايضاً، ص 263

(5) مولانا دين محمد وفائي: ”تذڪره مشاهير سنڌ“ ، جلد -2، ص 263

(1) ايضاً، ص 263

(2) ابراهيم ”خليل“ ٺٽوي: ”تڪملھ مقالات الشعراء “ ص 43

(3) امين بن هارون ڇتڙائي: ”مناقب مخدومين معظمين“ (قلمي فارسي)، ص 2

(4) برٽن: ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ (مترجم سنڌي)، ص 77، 78

(5) مولوي رحمان علي: ”تذڪره علماء هند“ (فارسي)، ص 253

(1) مرزا قليچ بيگ: ”قديم سنڌ“ - ”قديم سنڌ جا ستارا“ ، ص 349

(2) روئداد مدرسه مظهر العلوم، کڏو - ڪراچي، سال 28-1930ع، بحواله ماهوار ”شريعت“ سکر سنڌ، مارچ 1983ع، ص 7-10

(3) ”الوحيد“ - سنڌ آزاد نمبر، 1936ع، ڇاپو ٻيو، ص 32، 33

(4) علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي: ”هاشميه لائبريري“ (مقالو)، ”نئين زندگي“ ڪراچي سنڌ، جولاءِ 1959ع، ص 17

(1) ”قوت العاشقين“ ، مرتب: محمد صديق ميمڻ، ڏسو مقدمو، ص 1

(2) مولانا دين محمد وفائي: ”تذڪره مشاهير سنڌ“ ، جلد -2، ص 54-255

(3) سيد، جي. ايم سنائي: ”پيغامِ لطيف“ ، 1974ع، ص 7

(1) ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، ”مضمون ۽ مقالا“ ، ص 8

(2) الله بچايو يار محمد سمون: ”لاڙ جو سير“ ، ص 45، 46

(3) لطف الله بدوي: ”تذڪره لطفي“ ، جلد - 1، ص 43 -65

(4) ”بذل القوة “ (عربي)، ڏسو مقدمو: مخدوم امير احمد عباسي، ص 10

(1) ڪرم بخش چنه: ”ملت اسلاميه جي احياء جي تحريڪ“ (مقالو)، ٽماهي ”الرحيم“ سنڌي، سرء ، 1965ع، ص 94

(2) غلام رسول مهر: ”تاريخ سنڌ - عهد ڪلهوڙا“ (اردو) جلد -2، ص 993

(3) مولائي شيدائي: ”جنت السنڌ“ ، ص 64-565

(4) ڊاڪٽر ابراهيم خليل شيخ: ”تصوف جي حقيقت ۽ سنڌ جا صوفي شاعر“ (مقالو) ماهوار ”نئين زندگي“ (15 صدي هجري نمبر)، آگسٽ - سيپٽمبر 1980ع، ص 136

(1) اعجاز الحق قدوسي: ”تاريخ سنڌ“ ، (اردو)، جلد -2، ص 558

(2) سيد حسام الدين راشدي: ”سنڌي ادب“ (اردو)، مترجم: غلام محمد لاکو، ص 107

(3) علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي: ”اشاعت اسلام سنڌ ۾“ (مقالو)، ماهوار ”الولي“ حيدرآباد سنڌ، اپريل 1972ع، ص 44

(1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”مخدوم محمد هاشم جي سوانح حيات ۽ علميت بابت ويچار“ (مقالو)، ٽماهي ”مهراڻ“ حيدرآباد سنڌ، 4-1985ع، ص 131

(2) محمد سومار شيخ: ”لطيف سائينءَ جا لاڙ تان ڀيرا“ ، ص 23

(3) ”بناء الاسلام سنڌي“ ، ڏسو مقدمو - از: فقير محمد اسماعيل ڪنڀار ٺٽوي، ص 5

(1) مخدوم محمد هاشم: ”عهدِ نبوت ڪي ماه و سال“ (اردو)، مترجم: مولوي محمد يوسف لڌيانوي، مقدمو ص 3

(2) محمد اسحاق ڀٽي: ”فقهاءِ هند“ (اردو) جلد -5، حصو 2، ص 250

(3) محمد مسعود احمد مظهري، ڊاڪٽر: ”جانِ جانان“ ، (اردو)، ص 166

(1) ڊاڪٽر يار محمد قاضي: ”سنڌ ۾ فقهي ادب جو ارتقا“ ص 65

(2) ظهور احمد اظهر، ڊاڪٽر: ”تاريخ ادبياتِ مسلمانانِ پاڪ وهند“ ، (اردو) جلد 2 (عربي ادب)،

ص 240، 241

(3) ”بناء الاسلام سنڌي“ ، ڏسو مقدمو از: محمد يوسف شاڪر ابڙو، ص 5

(4) مدد علي قادري: ”مخدوم محمد هاشم جون سنڌي تصنيفات“ (مقالو)، ٽماهي ”مهراڻ“ حيدرآباد سنڌ، 1 -2، 1981ع، ص 145

(1) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ، ص 76

(2) ڊاڪٽر اينيمري شمل: سنڌي ادب جي ارتقا“ ، مترجم: غلام حيدر ٻرڙو، ص 59، 60

(3) ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ،ص 157

(4) مولانا محمد طفيل احمد نقشبندي: ”تحفته الزائرين“ (اردو)، ڏسو تقريظ از: مفتي عبدالرحمان ٺٽوي، ص 243

(5) ”تحفته الزائرين“ (اردو) ص 389

(1) پروفيسر اسد الله ڀٽو: ”مولانا مخدوم محمد هاشم ٺٽوي“ (مقالو)، ٽماهي ”سنڌ“ ، سيارو 1983ع، ص 241

(2) ايڊيٽر سه ماهي ”دانش“ (فارسي)، اسلام آباد، 16، زمستان 1367، ص 158

(3) ”مدح نامه سنڌ“ ، (مترجم سنڌي) از: مولانا محمد ادريس ڏاهري، ص 22-34

(1) ”فرائض الاسلام“ (اردو) ڏسو مقدمو از: مولانا عبدالعليم ندوي، ص 3، 4

(2) پروفيسر غلام محمد لاکو: ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ“ (مقالو)، ماهوار ”السنڌ“ اسلام آباد، سيپٽمبر 1993ع، ص 37

(3) ڊاڪٽر محمد اشرف سمون: ”ٻارهين صدي هجريءَ جي سنڌي محدثن جون علمي خدمتون“ پي. ايڇ .ڊي لاءِ تحقيقي مقالو، 1989ع، تلخيص 290

(4) حافظ حبيب سنڌي: ”مخدوم محمد هاشم جون علمي ۽ ادبي خدمتون“ (مقالو) ڇهه ماهي ”سنڌي ادب“ ، سنڌالاجي، 1-2، 85-1986ع، ص 14

(1) اسلم سنديلو: ”سچل سرمست“ ، ثقافت کاتو، ص 13

(2) ”اخبار تعليم“ (مقالو) 1-2، 1991ع، ص 41-45 تلخيص

(3) عبدالله گندرو: ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي“ (مضمون)، روزانه ”مهراڻ“ ، 7 جون 1968ع

(4) حافظ ارشد انڍڙ: ”علامه محدث محمد هاشم ٺٽوي“ (مقالو)، ماهوار ”نئين زندگي“ ، جون 1979ع، ص 6

(1) رسول بخش تميمي: ”مخدوم محمد هاشم جا همعصر علماء ۽ فضلاء “ (مقالو)، ڇهه ماهي ”سنڌي ادب“ ، سنڌالاجي، 1-2، 1983ع، ص 90

(2) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ، ص 114

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org