سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

باب-

صفحو : 29

 

 

حديقة الصفاء في اسماء المصطفيٰ

هن رسالي ۾ 35 صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه ڇهه انچ ۽ ويڪر چار انچ آهي. هر صفحي ۾ 13 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 7 لفظ آهن. هن رسالي جو قلمي نسخو تمام پراڻو آهي، پر صحيح سلامت آهي. اکرن جي بيهڪ، سهڻي سٽاءَ ۽ ڪتابت مان معلوم ٿئي ٿو، ته هيءُ قلمي نسخو خود مخدوم صاحب جي دور جو يادگار ۽ سندس هٿ جو لکيل آهي. اسان وٽ مخدوم صاحب جا تصديق شده هٿ اکر ۽ مهر به محفوظ آهي انهن اکرن جي ڀيٽڻ سان گمان غالب ٿئي ٿو، ته هيءُ رسالو به خود مصنف جو دستخط قلمي نسخو آهي. محفوظ اکرن ۽ مهر جي تصديق علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن ڪئي آهي. بهرحال، هيءُ ناياب قلمي نسخو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي لائبريري، ڄام شوري ۾ محفوظ آهي.

هن رسالي جي خاص خوبي هيءَ آهي ته مخدوم صاحب توريت، زبور ۽ ٻين صحيفن سان گڏ انجيل جو حوالو به ڏنو آهي. عيسائي پادري انجيل جي تحريف ۽ دلائل جي حوالي سان مسلمانن سان مناظرو ڪندا ۽ رد ڪد ڏيندا رهيا آهن. مخدوم صاحب جي علمي ۽ ديني حيثيت ته مڃيل آهي، پر صحيفن ۽ انجيل تي سندس مهارت حيرات ڪن آهي. پاڻ نه صرف انجيل جو ڄاڻو هو پر عيسائين سان مناظرا به ڪندو رهندو هو. جنهن جي تصديق رچرڊ برٽن به ڪئي آهي.(1)

راقم وٽ سنڌالاجي واري قلمي نسخي جو عڪس موجود آهي. سنڌ ۾ هن رسالي جو ٻيو قلمي نسخو سرهندي لائبريري، ٽنڊي سائينداد ۾ آهي.

مواد جو وچور:

مخدوم صاحب عاشقِ رسول ۽ سنت نبويءَ جو پابند ۽ دين اسلام جي اجراء لاءِ هميشھ ڪوشان رهندو هو. سيرت النبي، سوانح، مديني منوره ۽ اسماء النبي جي موضوعن تي سندس ڳچ ڪتاب لکيل آهن، مثلاً: بذل القوة، فتح القوي، زاد السفينھ ، قوة العاشقين، روضة الصفاء ، حديقة الصفاء ۽ وسيلة الفقير وغيره.

مخدوم صاحب هيءُ ڪتاب حضور جي نالن مبارڪن بابت نهايت تحقيقي ۽ جديد انداز ۾ لکيو آهي. عام طور حضور جن جا 99 نالا مشهور آهن، پر مخدوم صاحب قرآن، حديث، اصحابن ۽ تابعين جا آثار ۽ آسماني صحيفن - توريت، زبور ۽ انجيل جي حوالن سان حضور جن جا نالا مبارڪ ميڙي چونڊي، الف - بي وار ترتيب ڏيئي مرتب ڪيا آهن. انهن نبوي نالن مبارڪن جو تعداد 1185 آهي. نبي سائين جي نالن مبارڪن پڙهڻ جو فائدو ۽ طريقو به تحرير ٿيل آهي. مخدوم صاحب اڳتي هلي ”حديقة الصفاء “ ۾ آيل 1185 نالن مبارڪن جي معنيٰ، مطلب، سمجهاڻي ۽ شرح ۾ ”وسيلة الفقير في شرح اسماء الرسول البشير“ نالي ضخيم ڪتاب فارسي ۾ به لکيو.

مخدوم صاحب جي تحقيق موجب حضور جن جا نالا مبارڪ ٻن هزارن کان وڌيڪ آهن. تحقيق ڪندي کيس 1185 نالا دستياب ٿيا، جن جي لسٽ ”حديقة الصفاء “ جي آخر ۾ شامل آهي.

مخدوم صاحب ڪتاب جو پس منظر، حوالي طور آيل ڪتابن جي تحقيق ۽ ترتيب بيان ڪندي مڪمل تفصيل پيش ڪيو آهي. هتي ”حديقة الصفاء “ جي مقدمي جو ترجمو ڏجي ٿو، ته جيئن پوري ڪتاب جو تعارف سامهون اچي ۽ امت نبوي جا نيڻ ٺرن:

 ”حمد ۽ صلواة کان پوءِ عاجزي ۽ نيستي مڃيندڙ، الله تعاليٰ جي رحمت ۾ اميدوار محمد هاشم پٽ عبدالغفور سنڌي (الله ڪريم ٻنهي جا گناهه بخشي ۽ عيب ڍڪي!) عرض گذاري ٿو، ته ڪتاب ’سـُـبل الهدايٰ والرشاد في سيرة خيرالعباد‘مشهور ’سيرت شاميھ‘ ۾ قاضي ابوبڪر بن عربي (المتوفي: 543هه) کان نقل ڪيو آهي، ته ڪن مشائخ صوفين فرمايو آهي: ’الله تعاليٰ جا هزار نالا مبارڪ آهن. اهڙيءَ طرح الله جي پياري پيغمبر جا به هزار نالا آهن.‘

شيخ عبدالرؤف مناوي ’شرح انموذج اللبيب‘ ۾ آندو آهي ته امام ابن فارس چيو: ’پياري نبي جا ٻه هزار ويهه (2020) نالا مبارڪ آهن.‘

جيتوڻيڪ انهن پيارن نبوي نالن مبارڪن جي تعداد جو تعين ۽ تفصيل ڪنهن ڪتاب ۾ يڪجاءِ نه ٿو ملي. پوءِ هن ڪمزور (محمد هاشم) کي دل ۾ خيال آيو، ته نبي جا نالا مبارڪ جيڪي به هٿ لڳن يا ملي سگهن، انهن کي هڪ لڙهيءَ ۾ پوئي هار ٺاهجي ته جيئن رسول الله جي عاشقن کي ورد ۽ پڙهڻ ۾ آساني ٿئي. پوءِ انهن نبوي نالن مبارڪن کي قرآن شريف، حديث شريف، اصحابن ۽ تابعين جي آثارن مان ميڙي چونڊي سهيڙيو ويو آهي. هن رسالي ۾ ڪي اهڙا نالا مبارڪ به ذڪر ڪيل آهن، جن کي اڳوڻن عالمن بيان ڪيو آهي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته نبي جن جي انهن نالن مبارڪن پڙهڻ ۽ ورد وظيفو ڪرڻ سان الله تعاليٰ ۽ سندس رسول جو راضپو حاصل ٿئي ٿو. قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ جي زيارت ۽ ديدار جو وسيلو ٿيندو. ان شاء الله تعاليٰ! هن رسالي جو نالو ’حديقة الصفاء في اسماء المصطفيٰ ، رکيو ويو آهي. هن رسالي ۾ مقدمو آهي، جيڪو ٽن فائدن تي مشتمل آهي. (۽ آخر ۾ نبي پاڪ جا 1185 نالا مبارڪ درج آهن)“

هن رسالي جو اُردو ترجمو مفتي محمد جان نعيمي، مدرسھ مجدديه نعيميھ - ملير، ڪراچي طرفان 1997ع ۾ ڇپرايو آهي. راقم ان جو اڳواٽ سنڌي ترجمو تحقيق دوران ڪيو هو. تازو هن بابرڪت ڪتاب ”حديقته الصفاء “ جو منهنجو ڪيل سنڌي ترجمو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور طرفان 2003ع ۾ شايع ٿيو آهي.

 

------

 

وسيلة الفقير في شرح اسماء

الرسول البشير

هن ضخيم ڪتاب جي فهرست 12 ورق ۽ ۽ متن 270 ورق، جملي 562 صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه نوَ انچ ۽ ويڪر ست انچ آهي. هر صفحي ۾ 21 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 15 لفظ آهن.

هيءُ قلمي نسخو ويجهڙائيءَ واري دور جو لکيل معلوم ٿئي ٿو. ان کان سواءِ آخري صفحو کٽل هئڻ ڪري، هن ضخيم ۽ ناياب ڪتاب جي تاليف جي تاريخ ۽ ڪاتب جي نالي وغيره جي پروڙ ڪانه ٿي پوي. مخدوم صاحب حضور جي نالن مبارڪن بابت هڪ الڳ هڪ رسالو ”حديقة الصفاء في اسماء المصطفيٰ“ مرتب ڪيو هو. هيءُ ڪتاب ”وسيلة الفقير“ انهن نبوي نالن مبارڪن يعني ”حديقة الصفا“ جو شرح آهي. اسان جو غالب گمان آهي ته ”وسيلة الفقير“ انهيءَ ننڍي رسالي ”حديقة الصفاءِ“ کان پوءِ لکيو ويو هوندو. افسوس آهي ته ”حديقة الصفا“ جي تصنيف جو سال به معلوم ٿي نه سگهيو آهي، البت، مخدوم صاحب ”وسيلة الفقير“ ۾ (198 ورق تي) پنهنجي هڪ ٻئي فارسي ڪتاب ”فتح القوي“ (سن تاليف 1133 هجري) جو حوالو ڏنو آهي. انهيءَ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ”وسيلة الفقير“ ضرور سن 1133هه کان بعد ۾ لکيو ويو هوندو. هي ڪتاب قلمي صورت ۾ آهي. راقم جي ڪتب خاني ۾ سينٽرل لائبريري، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري جي نسخي جو عڪس محفوظ آهي. ان کان سواءِ انهيءَ رسالي جا درگاهه پير جهنڊي ۽ مدرسھ مجدديه نعيميھ - ملير، ڪراچي ۾ به قلمي نسخا موجود آهن.

مواد جو چور:

مخدوم صاحب هن رسالي ۾ ٻنهي جهانن جي سردار جي 1185 نوراني نالن مبارڪن جو سليس فارسيءَ ۾ شرح لکيو آهي. مخدوم صاحب نبوي نالا مبارڪ الف - بي وار ترتيب سان آڻي، ان کان پوءِ هر هڪ نبوي نالي مبارڪ جي لفظي معنيٰ، اهو نالو مبارڪ قرآن، حديث يا ڪنهن ٻي ماخذ ۾ آيل آهي، ان جي نشاندهي ۽ حوالو، نالي مبارڪ پڙهڻ جا فضائل ۽ برڪتون لکيون آهن. آخر ۾ ويو آهي هر هڪ نالي مبارڪ جي سليس فارسي ۾ سمجهاڻي ڏيندو. ان ڏس ۾ اڄ تائين فارسيءَ ۾ اهڙو جامع ڪتاب ۽ شرح نه لکيو ويو آهي. سندس قلم مان عشقِ رسول جا سرچشما ڦٽي نڪتا آهن. گويا هيءُ ڪتاب علمي خزانو ۽ ساهه سان سانڍڻ جهڙو تحفو آهي ۽ تحقيقي دنيا ۾ مخدوم صاحب جو هڪ وڏو علمي ڪارنامو آهي.

مخدوم صاحب ”وسيلة الفقير“ جو مواد هن ريت ورهايو آهي: ڪتاب جي شروعات ۾ نالي کان پوءِ سڄي مواد جي 24 صفحن ۾ فهرست آيل آهي. ان کان پوءِ ڪتاب لکڻ جو سبب، مقصد، جامع مقدمو، چار باب، بابن ۾ مختلف فصل، قسم، فائدا ۽ آخر ۾ خاتمو آهي.

راقم کي ويجهر ۾ سنڌالاجي لائبريري ڄام شوري مان ”وسيلة الفقير“ فارسي جي مڪمل قلمي نسخي جو عڪس مليو آهي. اهو قلمي نسخو وڏي سائيز جي 396 صفحن تي مشتمل، وچولي ڪتابت سان آهي. ڪاتب جو نالو فتح محمد نظاماڻي ۽ ڪتابت جي تاريخ هي آهي: يوم الجمعھ 18 محرم 1334هه. هينئر هن مڪمل نسخي جو عڪس قاسميھ لائبريري ڪنڊياري ۽ قادريھ لائبريري دڙي مگسي سڪرنڊ ۾ موجود آهي.

 

------

 

النفحات الباهرة في جواز القول

بالخمسة الطاهرة

هن رسالي ۾ 8 صفحا آهن، جنهن ۾ 19 وڏن ڪتابن جا حوالا ڏنل آهن. صفحي جي ڊيگهه ساڍا ست انچ ۽ ويڪر ساڍا ڇهه انچ آهي. هر صفحي ۾ 16 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 16 لفظ آهن. هن رسالي جا قلمي نسخا ڳڙهي ياسين، سنڌالاجي، پير جهنڊي ۽ وليدي ڪتب خانه - لاڙڪاڻي ۾ موجود آهن. راقم وٽ ڳڙهي ياسين واري قلمي نسخي جو عڪس آهي.

مواد جو وچور:

مخدوم صاحب جي وقت ۾ ڪن متعصب ماڻهن ائين چيو ۽ اها ڳالهه مخدوم صاحب جي ڪن تي به پئي ته، ”جيڪو شخص پاڪ پنجن سڳورن کي ’پنجتن پاڪ‘ چوندو ته اهو رافضي آهي ۽ جيڪو ماڻهو اهل بيت جي مشهور ٻارهن امامن سڳورن کي ’ٻارهن امام ‘ چوندو ته اهو ڪافر آهي.“

مخدوم صاحب هن رسالي ۾ حديثن ۽ حوالن سان اهو ثابت ڪيو آهي، ته پنجتن پاڪ لفظ مان مراد حضرت محمد حضرت علي، حضرت حسن، حضرت حسين ۽ حضرت فاطمة الزهريٰ رضي الله عنهم آهن. انهن پنجن سڳورن کي ”پنجتن پاڪ“ چوڻ جائز آهي. هن جو اصل ”صحيح مسلم“ جي حوالي سان ام المؤمنين عائشھ رضي الله عنها جي حديث مان صحيح ۽ ثابت آهي. انهن پنجن ڀلارن کي پنجتن پاڪ چوڻ جائز آهي ۽ ان جو انڪار ڪندڙ جاهل آهي.

ٻارهن امامن سڳورن کي ”ٻارهن امام“ چوڻ وارو به ڪافر نه آهي ۽ ائين ڪافر چوڻ حق کان تجاوز ڪرڻ آهي. مشهور ٻارهن امام هي آهن: حضرت علي، حضرت حسن، حضرت حسين، حضرت زين العابدين، حضرت محمد باقر، حضرت جعفر صادق، حضرت موسيٰ رضا، حضرت موسيٰ ڪاظم، حضرت محمد نقي، حضرت علي نقي، حضرت حسن عسڪري ۽ حضرت محمد مهدي رضي الله عنهم.

ٻارهن امامن سڳورن جي باري ۾ مخدوم صاحب جي تحقيق هيءَ آٰهي، ته غزت ۽ احترام طور انهن ڀلارن کي ’ٻارهن امام ‘ چوڻ ۾ حرج ڪونهي. البت، انهن کي نبين سڳورن وانگر معصوم سمجهڻ ۽ خلافت رڳو انهن ۾ منحصر ڄاڻڻ صحيح ناهي ۽ ائين چوڻ اهلِ سنت جي عقيدي جي ابتڙ آهي. ائين چوڻ وارو بدعتين ۾ ڳڻيو ويندو، پر ان تي ڪفر جو حڪم لڳائڻ حق کان تجاوز ڪرڻ آهي.

راقم هن ڪتاب جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. تازو مولانا محمد ادريس ڏاهري شاهه پور جهانيان واري انهيءَ ڪتاب جي فارسي متن جو سنڌي ۾ خلاصو سال 2000ع ۾ شايع ڪيو آهي. انهيءَ خلاصي جو تعارف به راقم جو لکيل آهي.

 

------

 


 

 

فضائل نماز و دعاء عاشوره

هيءُ رسالو مخدوم صاحب جي وفات کان 27 سال پوءِ سن 1201 هجري جو ڪتابت ٿيل آهي. ڪاتب قاضي محمد حسن ولد حافظ محمد عابد فاروقي سونڊوي آهي. رسالي م 12 صفحا آهن ۽ هر صفحي جي ڊيگهه اٺ انچ ۽ ويڪر ڇهه انچ آهي. هر صفحي ۾ 14 سٽون ۽ هر صفحي ۾ سراسري طور 12 لفظ آهن. هيءُ رسالو ٺٽي جي ويجهو ”سونڊن“ جي شهر ۾، قاضي محمد موسيٰ وٽ محفوظ آهي. رسالي جي منڍ ۾ ڪاتب لکيو آهي: ”نقل از رساله مولانا مرحوم مخدوم حاجي محمد هاشم غفرالله عنھ “ . قاضي محمد موسيٰ جي خانداني روايت موجب هيءُ رسالو مخدوم صاحب جي تصنيف آهي. البت، ان جو ڪنهن به فهرست ۾ نالو آيل نه آهي. هيءُ رسالو بلڪل نئون دستياب ٿيو آهي. راقم کي انهيءَ رسالي جو عڪس قاضي محمد موسيٰ سونڊوي کان مليو، جو سنڌ م واحد قلمي نسخو آهي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي.

مواد جو وچور:

هيءُ رسالو به وقت جي اهم ضرورت ۽ هڪ علمي مسئلي بابت تحرير ٿيل آهي. مخدوم صاحب جي دور ۾ سنڌ ۾ خاص طرح سان ٺٽي شهر ۾ اسلامي هجري سال جي پهرئين مهيني محرم الحرام عاشوري جي ڏينهن ۾ ناجائز ڪم ٿيندا هئا. مخدوم صاحب عام ماڻهن جي رهنمائيءَ ۽ سنتِ نبوي جي طريقي موجب عاشوري جي ڏينهن ۾ صحيح ۽ جائز ثواب جي ڪمن ڪرڻ لاءِ هيءُ رسالو جڙيو، ته جيئن عام ماڻهو اجاين ريتن رسمن کان بچن. نماز ۽ دعائون پڙهي ثواب دارين حاصل ڪن.

مخدوم صاحب حمد ۽ صلواة کان پوءِ وضاحت سان لکي ٿو:

 ”هيءُ رسالو آهي منجهه بيان نماز ۽ دعائن جي، جيڪي عاشوري جي ڏينهن ۽ رات ۾ پڙهجن.

نماز عاشوري جو بيان: نبي فرمايو آهي ته جيڪو عاشوري جي رات سؤ رڪعتون نماز پڙهي، هر رڪعت ۾ سورت فاتحھ کان پوءِ ٽي ٽي ڀيرا سورت اخلاص پڙهي، سلام وارائڻ کان پوءِ ستر ڀيرا تسبيح ”سبحان الله وبحمده - سبحان الله العظيم“ پڙهي، ته الله تعاليٰ ان جا سمورا گناهه بخشيندو ۽ سڄو سال سندس ڪم خير خوبيءَ سان پورا ٿيندا رهندا.“

اهڙيءَ ريت سڄي رسالي م مختلف نفل نمازن پڙهڻ جا طريقا ۽ دعائن پڙهڻ جا نمونا بيان ٿيل آهن. جنهنڪري اسلامي هجري سال جي پهرئين مهيني محرم الحرام جي اهميت پڻ اجاگر ٿئي ٿي ۽ اهل بيت رسول جي عملي ۽ حقيقي محبت نصيب ٿئي ٿي. مخدوم صاحب سنتِ نبوي جو پيروڪار هو، ان ڪري عام بدعتن کان بچڻ ۽ محرم الحرام ۾ صحيح عمل ڪرڻ بابت هيءُ رسالو جوڙي مسلمانن جي رهنمائي ڪئي آهي.

 

 

------

 

حاشيه شيخ الاسلام بر سراجي

علم فرائض - فقه ۽ حسابن جي انهن قاعدن ڄاڻڻ جو نالو آهي، جنهن جي ذريعي ميت جي ڇڏيل مال ملڪيت کي وارثن ۾ ورهائڻ جي ڪيفيت ۽ انهن جا درجي وار حق ۽ وارثيءَ جا طريقا بيان ڪيا ويندا آهن. علم فرائض کي اڌ علم چيو ويو آهي. انساني زندگي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي: هڪ حياتي، ۽ ٻيو مماتي.

حياتيءَ جو حساب ته هر هڪ ڄاڻي سگهي ٿو، پر ڪنهن شخص جي وفات کان پوءِ، شرعي قانون موجب سندس مال ملڪيت حصي رستي حقدارن ۽ پونيرن ۾ ورهائڻ لاءِ علم فرائض جي مڪمل ڄاڻ ضروري آهي.

ان ڏس ۾، علم فرائض ۽ ورثي ترڪي بابت ”سراجي“ نالي عربي زبان ۾ آڳاٽي وقت جو مشهور ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب امام سراج الدين محمد بن محمود بن عبدالرشيد سجاوندي حنفي جو لکيل آهي. اهو بزرگ غالباً ڇهين ستين صدي هجريءَ ۾ ٿي گذريو آهي. سندس ڪتاب ”سراجي“ فرائض جي فن ۾ واحد ڪتاب آهي، جيڪو هر طبقي جي ديني مدرسن ۾ نصاب طور پڙهايو وڃي ٿو. انهيءَ ڪتاب جا ڪيترن ئي محققن نثر خواه نظم ۾ شرح لکيا آهن، پر شرح شيخ الاسلام سيف الدين احمد بن يحييٰ بن محمد مهروي (وفات 916هه) سرِ فهرست آهي.

مخدوم صاحب پڻ انهيءَ شرح شيخ الاسلام جو به حاشيو لکيو اهي. اهو حاشيو فارسي ٻولي ۾ تحرير ڪيل آهي. خوش قسمتيءَ سان اهو حاشيو مخدوم صاحب جي هڪ ٻئي ڪتاب ”حاشيه خلاصته الحساب“ جي ساڳئي جلد جي آخر ۾ شامل ٿيل آهي. هيءُ حاشيو نئون دستياب ٿيو آهي. مخدوم صاحب هن ۾ پهريان علم فرائض جي اهميت ۽ تفصيل ڏنو آهي. ان بعد ورثي ترڪي ۾ شامل حقدار وارثن جي جدول به ڏني آهي.

افسوس آهي ته اسان کي انهيءَ ناياب ”حاشيي شيخ الاسلام بر سراجي“ جو فقط چار ورقي مواد ملي سگهيو آهي. ۽ اهو آخر ۾ اڻ پورو آهي. بهرحال، ڪـُـل نه ملڻ سان جز جو ملڻ به غنيمت آهي.

جيتوڻيڪ هن حاشيي تي تصنيف جو سال، ڪتابت ۽ ڪاتب جو نالو ته لکيل ڪونهي، البت پهرئين صفحي تي ڪاتب طرفان هيٺيون نوٽ لڳل آهي:

 ”حواشي اين ڪتاب شيخ الاسلام و خلاصته الحساب و اين مقطع بمعه تصحيح جدول از دست مخدوم محمد هاشم رحمه ربه الرحم... تصحيح و مقابله و الله المؤفق...“

انهيءَ مٿئين عبارت مان اهو ظاهر آهي ته هيءُ رسالو به حاشيه خلاصته الحساب وانگر ناياب آهي. خود مخدوم صاحب طرفان تصحيح به ڪيل آهي ۽ مخدوم صاحب جي اصل نسخي تان ڀيٽي اتاريو ويو آهي.

هن رسالي جو اصل قلمي نسخو علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي ڪتب خاني ۾ آهي ۽ راقم وٽ ان جو عڪس موجود آهي.

 

------

 

باب پنجون

(د) مخدوم صاحب جي علمي عظمت

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي علمي عظمت پڻ انهيءَ مان صاف ظاهر آهي، ته سندس دور کان وٺي هن موجوده وقت تائين اهلِ علم عالمن ۽ اهلِ قلم فاضلن پنهنجي علمي تصنيفات ۾ مخدوم صاحب جي ڪتابن جا حوالا سـَـند ۽ دليل طور وٺي، پنهنجن ڪتابن ۾ شامل ڪندا پئي آيا آهن. سندس ڪتابن جا سنڌي ترجما به ڪيا ويا آهن. سندس علمي عظمت هن موجوده دور تائين قائم ۽ دائم آهي. هر مڪتبئه فڪر جا عالم سڳورا، مخدوم صاحب جي تحقيقي حوالن ۽ ڪتابن جي عظمت ۽ مڃتا جا قائل آهن.

برصغير هند و پاڪ جي ورهاڱي کان اڳ ۾، سنڌ جي عالمن کي ٻن نالن سان ياد ڪيو ويندو هو. هڪ همايوني ۽ ٻيو امروٽي. اهي ٻئي گروهه مخدوم صاحب جي علمي عظمت جا قائل هئا. ڪنهن مسئلي ۾ اختلاف ٿيندو هو ۽ بحث نه نبرندو هو، ته جيڪڏهن ڪا ڌر مخدوم صاحب جي ڪنهن ڪتاب جو دليل طور حوالو پيش ڪندي هئي، ته ٻئي ڌريون آمنا صدقنا چئي حق کي تسليم ڪنديون هيون ۽ مخدوم صاحب جي علمي عظمت آڏو سر تسليم خم ڪنديون هيون. ان ڏس ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جو چوڻ آهي، ته هڪ دفعي همايون شريف ۾ (همايوني ۽ امروٽي) عالمن جو ڪنهن فقهي مسئلي تي مناظرو ٿيو. جڏهن همايوني ڌر طرفان مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسين واري مخدوم صاحب جي ”بياض هاشمي“ جي هڪ جزئي ڏيکاري، ته سڀ خاموش ٿي ويا.(1)

انهيءَ مٿئين هڪ ئي مثال مان مخدوم صاحب جي علمي عظمت ۽ سندس تصنيف ”بياض هاشمي“ جي تحقيقي اهميت معلوم ٿئي ٿي، ته مختلف فڪر ۽ راءِ رکندڙ عالمن جي سامهون جڏهن مخدوم صاحب جو نالو ۽ تحقيقي حوالو اچي ٿو، ته سڀ ڌريون اختلاف ڦٽو ڪري، بنا هٻڪ جي پنهنجي علم، انا ۽ تحقيق کي ڇڏي، مخدوم صاحب جي بيان ڪيل حق طرف رجوع ڪن ٿيون.

مخدوم صاحب جي وقت کان وٺي، سندس علمي ۽ تحقيقي ڪتابن جا حوالا ٻيا مصنف پنهنجي ڳالهه کي پڪو پختو ڪرڻ ۽ دليل طور پنهنجن ڪتابن ۾ ڏيندا آيا آهن. مخدوم صاحب جي همعصر عالمن کان وٺي هن وقت تائين، جن مصنفن مخدوم صاحب جي ڪتابن جا حوالا ورتا آهن، تن مان جيڪي مطالعي دوران دستياب ٿي سگهيا آهن، انهن جو وچور هن ريت آهي:

ابوالحسن ڏاهري:

هيءُ ڀلارو بزرگ مخدوم صاحب جو همعصر ۽ وڏو صوفي عالم ٿي گذريو آهي. سندس ڪتاب ”ينابيع“ کي تصوف ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. ان ڏس ۾ مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو:

 ”ابوالحسن ڏاهري پنهنجي مشهور ڪتاب ’ينابيع‘ ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ڪتاب ”بناء الاسلام“ جا جاءِ بجاءِ حوالا ڏنا آهن.“ (1)

ان کان علاوه، ابوالحسن ڏاهري پنهنجي هڪ ٻئي منظوم فارسي تصنيف ”سراج المصلي“ ۾ مخدوم صاحب جو ٽن مختلف هنڌن هنڌن تي نالو ۽ حوالو آندو آهي، جيئن چوي ٿو:

ولي گفت مخدوم هاشم مرا
که در شرح منيه بکرده خطا

مطلب ته مون کي مخدوم محمد هاشم چيو، ته هن مسئلي ۾ ”شرح منيه“ ڪتاب ۾ غلطي آهي.

باين طور مخدوم هاشم فقيه
نوشته ميان کتب اي نبيھ

اهڙيءَ ريت مخدوم هاشم پنهنجن ڪتابن ۾ لکيو آهي. هو وڏو فقيھ آهي.

ز تصنيف مخدوم هاشم فقيھ
شفا نام ديدم کتابي نبيھ .
(2)

مخدوم محمد هاشم فقيه جي تصنيف ”شفاء “ نالي هڪ ڪتاب ڏٺم.

 ”سراج المصلي“ جي انهن مٿين شعرن مان هيٺيون ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون:

1. ابوالحسن ڏاهري، مخدوم صاحب سان مليو هو. مخدوم صاحب سندس ڪنهن پڇيل مسئلي يا مونجهاري جي باري ۾ چيو، ته ”شرح منيته“ ڪتاب واري کان هن مسئلي ۾ خطا ٿي آهي.

2. ابوالحسن ڏاهريءَ مخدوم صاحب کي ”فقيه“ ڪري لکيو آهي.

3. مخدوم صاحب جي ڪتاب ”شفاء “ جو نالو حوالي طور آيل آهي.

اهڙيءَ ريت ابوالحسن ڏاهريءَ ”ينابيع“ ۽ ”سراج المصلي“ ۾ مخدوم صاحب جي ڪتابن ”بناء الاسلام“ ۽ ”شفاء “ جا نالا حوالي ۽ سنـَـد طور شامل ڪيا آهن. سندس همعصر صوفي عالم وٽ اها علمي مڃتا مخدوم صاحب جي علمي عظمت جو دليل آهي.

مخدوم عبدالله نرئي وارو:

هيءُ بزرگ مخدوم صاحب کان پوءِ، ان دور ۾ سنڌي ڪتابن جو وڏو مصنف ٿي گذريو آهي. مخدوم صاحب جو شاگرد پڻ هو. هن پنهنجي مشهور منظوم سنڌي ڪتاب ”ڪنز العبرت“ ۾ مخدوم صاحب جي ڪتابن ”بذل القوة“ (عربي) ۽ ”حيات القلوب“ (فارسي) جا حوالا آندا آهن. جيئن پاڻ لکي ٿو:

”خلاصته السير“ ۽ ”بذل القوة“ ۾ ئي آهي مذڪورا
جو ”بذل القوة“ تصنيف مخدوم هاشم جي رحمت ڪريس خدا
آهي ”حيات القلوب“ ۾ ان پر مذڪورا
جو تصنيف مخدوم هاشم جي رحمت ڪريس خدا.
(1)

اهڙيءَ طرح مخدوم عبدالله نرئي واري پنهنجي رسالي ”وفات نامه“ منظوم سنڌي ۾ پڻ مخدوم صاحب جي ٻنهي ڪتابن ”بذل القوة“ ۽ ”حيات القلوب“ جا حوالا درج ڪيا آهن.(2)

مخدوم عبدالواحدسيوستاني:

مخدوم صاحب جو ننڍو همعصر ۽ وڏو فقيه ٿي گذريو آهي. سندس تصنيف ”بياض واحدي“ چئن جلدن ۾ علمي حلقن ۾ مشهور آهي. سيوستاني بزرگ پنهنجي انهيءَ ڪتاب ۾ مخدوم صاحب جي مشهور علمي ڪتاب ”بياش هاشمي“ جا حوالا آندا آهن.(3)

سيد علي محمد شاهه دائري وارو:

هن بزرگ جو ڪتاب ”مصلح المفتاح“ (1277هه - 1861ع) نماز بابت هڪ اهم سنڌي ڪتاب آهي. دائرائي بزرگ پنهنجي انهيءَ مذڪوره ڪتاب ۾ مخدوم صاحب جي 22 ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن. رڳو ”بياض هاشمي“ جو 16 ڀيرا حوالو ڏنو ويو آهي. ”مصلح المفتاح“ سنڌيءَ ۾ مخدوم صاحب جي هيٺين ڪتابن جا حوالا ڏنل آهن:

(1) فرائض الاسلام (2) حيات الصائمين (3) جنته النعيم (4) بياض هاشمي (5) اصلاح مقدمته الصلواة (6) فاڪهته البستان (7) ذبح ۽ شڪار (8) تحفته الاخوان (9) الحجته الجلي (10) زاد الفقير (11) نتيجته الفڪر (12) رشف الزلال (13) مفتاح الجنان (14) شفاء الدائم (15) درهم الصرة (16) ذريعته الوصول (17) شرح دلائل الخيرات (18) تحفته المرغوبته (19) وسيلته القلوب (20) شرح شمائل (21) تفسير هاشمي (22) حيات القلوب.(1)

مخدوم عبدالصمد:

مخدوم فتح محمد پاٽائي برهان پوريءَ جو فارسيءَ ۾ نماز بابت هڪ ڪتاب لکيل آهي. مخدوم عبدالصمد ان ڪتاب جو سن 1288هه/1871ع ۾ سنڌي ترجمو ڪيو. ترجمي ۾ مسئلن کي سمجهائڻ لاءِ ڪي اضافا به ڪيائين ۽ انهن ۾ مخدوم صاحب جي ڪتابن جا حوالا سند طور ڏنائين. ”شين جو پاڪ ڪرڻ“ ۽ ”نماز جو وقت سڃاڻڻ“ وارن بابن ۾ مخدوم صاحب جي ڪتابن ”فرائض الاسلام“ ۽ ”رشف الزلال“ جا حوالا درج ڪيل آهن.(2)

قاري عبدالرحمان:

هن بزرگ تيرهين صدي هجري جي اوائل ۾ الله جي پاڪ ڪتاب قرآن شريف جي قاعدن بابت ”قواعد القرآن“ نالي منظوم سنڌيءَ ۾ رسالو لکيو. ان پنهنجي رسالي ۾ مخدوم صاحب جو نالو ۽ حوالو هن ريت آندو ويو آهي:

 ”تحرير ۾ مخدوم محمد هاشم جي آهي هنپر تفصيلا“ (1)

مولوي عبدالغفور همايوني:

هيءُ بزرگ چوڏهين صدي هجريءَ جو وڏو عالم، شاعر، فقيه، عاشق رسول ۽ سنڌ جو مشهور مفتي ٿي گذريو آهي. سندس فتوائون سنڌ کان علاوه بلوچستان تائين مقبول هيون. سندس فتوائن جو بهترين ڪتاب فارسيءَ ۾ ”فتاويٰ همايوني“ نالي ڇپيل آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ مخدوم صاحب جي ڪتاب ”موهبته العظيم“ جو حوالو آيل آهي.(2)

محمد اسماعيل:

هن بزرگ سنڌي ۾ ”عقيقي جو رسالو“ لکيو. ان ۾ مخدوم صاحب جي ”بياض هاشمي“ جو حوالو شامل ڪيو ويو آهي.(3)

مولوي محمد قاسم ڳڙهي ياسين وارو:

هن بزرگ جو ”فتاويٰ قاسميه“ نالي فارسي ۾ بهترين ڪتاب ڇپيل آهي. ان ۾ مخدوم صاحب جي ڪتاب ”فاڪهته البستان“ جا حوالا موجود آهن.(4)

مولوي محمد ابراهيم ڳڙهي ياسين وارو:

هي بزرگ ناظم جمعيت احناف صوبه سنڌ، وڏو عالم ۽ شاعر هو. فارسي نثر ۽ نظم ۾ سندس رسالو ”النظم المقبول في آداب الرسول“ ڇپيل آهي. هن رسالي ۾ آداب الرسول جي حوالي سان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم محمد عابد سيوستاني جا نالا درج آهن.(5)

مولوي محمد عثمان نورنگ زادو:

هي ڀلارو عالم سنڌ مدرسته الاسلام، ڪراچيءَ ۾ فقه جو استاد هو. سندس سنڌيءَ ۾ ”تفسير تنوير الايمان“ مشهور آهي. هن پنهنجي ڪتاب ”تحفته الاسلام“ ۾ مخدوم صاحب جو حوالو آندو آهي.(1)

مولوي عبدالڪريم ديروي:

مولوي صاحب ميهڙ جو وڏو عالم، قراء ت تجويد جو ماهر ۽ گهڻن ڪتابن جو مصنف ٿي گذريو آهي. تجويد بابت سنڌيءَ ۾ سندس بنيادي رسالا ڇپيل آهن، جن ۾ هن مخدوم صاحب جي تصنيف ”فرائض الاسلام“ جو حوالو شامل ڪيو آهي.(2)

مولوي محمد موسيٰ:

چوڏهين صدي هجريءَ جي عالمن مان مولوي صاحب ساڪن راڌڻ تعلقي سيوهڻ جو مشهور فقيه ٿي گذريو آهي. سندس ڪتاب ”فتاويٰ فقه“ سنڌيءَ ۾ مشهور آهي، جنهن ۾ مخدوم صاحب جي هيٺين ڪتابن جا حوالا موجود آهن: (1) بياض هاشمي (2) حيات القلوب (3) ذبح ۽ شڪار (4) زادالفقير (5) فتح القوي.(3)

شاهه آغا سرهندي:

سنڌ ۾ ٽنڊي سائينداد ۾ سرهندي بزرگن جي درگاهه علم ۽ فيض جو مرڪز رهي آهي. حضرت شاهه آغا سرهندي وڏو عالم، فيضور صوفي ۽ حڪيم هو. ان بزرگ به پنهنجن ڪتابن ۾ مخدوم صاحب جا حوالا شامل ڪيا آهن.(4)

مفتي عبدالله نعيمي:

مفتي صاحب هن ويجهي دور جو هڪ وڏو عالم، مدرس ۽ ڪتابن جو عاشق ٿي گذريو آهي. سندس مدرسو ۽ فتاويٰ يادگار آهن. هن وقت سندس فرزند مفتي محمد جان نعيمي ملير ڪراچي ۾ انهيءَ مدرسي کي مچايو ويٺو آهي. مفتي عبدالله نعيمي پنهنجي فتاويٰ ۾ مخدوم صاحب جي هيٺين ڪتابن جا حوالا شامل ڪيا آهن: (1) بياض هاشمي (2) قصيده هاشميه (3) حيات القلوب (4) فاڪهته البستان (5) فتح الڪلام.(1)

مفتي عبدالرحمان ٺٽوي:

مفتي صاحب هن وقت ٺتي شهر جو هڪ وڏو عالم فاضل، مدرس ۽ مصنف آهي. سندس ديني مدرسو ۽ ڪتب خانو مشهور آهي. پاڻ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه جو عاشق آهي. هن پنهنجي مشهور ڪتاب ”ارشاد الفقه“ ۾ مخدوم صاحب جي ڪتابن جا جاءِ بجاءِ حوالا ڏنا آهن.(2)


(1) رچرڊ برٽن: ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ ، (مترجم سنڌي)، ص 77

(1) علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي: ”سنڌ م فتويٰ جو فن“ (مقالو)، ماهوار ”شريعت“ سکر سنڌ، 1-2، 1978ع، تلخيص ص 15

(1) دين محمد وفائي: ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد - 1، ص 124

(2) ابولحسن ڏاهري: ”سراج المصلي“ (فارسي قلمي) ص 53، 288، 317

(1) مخدوم عبدالله نرئي وارو: ”ڪنز العبرت“ جلد -2، ص 130، 132

(2) مخدوم عبدالله نرئي وارو: ”وفات نامو“ (_سنڌي)، ص 41، 44

(3) مخدوم عبدالواحد سيوستاني: ”بياض واحدي“ جلد - 1، ص 227، 228، 323، 326

(1) سيد علي محمد شاهه دائري وارو: ”مصلح المفتاح“ (منظوم سنڌي)، ص 81-583

(2) مخدوم عبدالصمد: ”مفتاح الصلواة“ (سنڌي)، ص 52، 87، 89

(1) قاري عبدالرحمان: ”قواعد القرآن“ (سنڌي)، ص 8

(2) مولوي عبدالغفور همايوني: ”فتاويٰ همايوني“ (فارسي)، جلد -1، ص 310

(3) محمد اسماعيل: ”عقيقي جو رسالو“ ، بحواله ”سنڌ ۾ فقهي ادب جو ارتقاء “ ، ص 79

(4) مولوي محمد قاسم ڳڙهي ياسين: ”فتاويٰ قاسميه“ (فارسي)، ص 136 - 139

(5) مولوي محمد ابراهيم ڳڙهي ياسين: ”النظم المقبول“ (فارسي)، ص 6

(1) مولوي محمد عثمان نورنگ زادو: ”تحفة الاسلام“ ، حصو 5، ص 198

(2) مولوي عبدالڪريم ديروي: ”تعليم القرآن“ (سنڌي)، ص 2

(3) مولوي محمد موسيٰ: ”فتاويٰ فقه“ (سنڌي)، ص 8، 11، 86، 305

(4) آغا شاهه سرهندي: ”مخزن العلوم“ - حصو فقه ص 8، حصو قراءة ص 16، ”احسن الوسائل“ ص 20

(1) مفتي محمد عبدالله نعيمي: ”فتاويٰ مجدديھ نعيميھ “ ، (اردو)،جلد -1، ص 83، 97، 180، 201، 243، 244، 245، 250، 283، 296، 417

(2) مفتي عبدالرحمان ٺٽوي: ”ارشاد الفقھ “ (سنڌي)،ص 1- 240

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org