سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

باب-

صفحو : 28

 

جمع اليواقيت في تحقيق المواقيت

هيءُ چئن صفحن جو ننڍڙو رسالو 1148 هجري ۾ تحرير ٿيو. صفحي جي ڊيگهه ساڍا ست انچ ۽ ويڪر ساڍا ڇهه انچ آهي. هر صفحي ۾ 16 سٽون آهن ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 15 لفظ آهن. هيءُ موجوده نسخو ڪنهن جهوني رسالي جو اتارو آهي، جو مولوي انور حسين ميمڻ، پيش امام، جديد هاشمي مسجد، اگر محله، ٺٽي واري وٽ موجود آهي. سندس مهرباني سان انهيءَ نسخي جو عڪس مليو. هن رسالي جا قلمي نسخا مدرسھ مجدديھ نعيميھ - ملير ڪراچي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي لائبريري - حيدرآباد ۽ ڪتبخانه ڳڙهي ياسين ۾ موجود آهن. هيءُ رسالو اڃا تائين اڻ ڇپيل آهي. راقم انهيءَ ڪتاب جو سنڌي ترجمو پڻ ڪيو آهي.

مواد جو وچور:

هن رسالي ۾ نماز جي وقتن جو بيان ۽ تحقيق آيل آهي. مخدوم صاحب هن کان اڳ ۾، نماز جي وقتن خاص ڪري سنڌ ۾ ٻپهري نماز جي اصلي پاڇي سڃاڻڻ بابت ”رشف الزلال“ فارسي ۽ ”سايھ نامھ “ سنڌيءَ نالي رسالا لکيا آهن. هيءُ رسالو ”جمع اليواقيت“ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

مخدوم صاحب رسالي جي مقدمي ۾ نماز جي وقتن ۽ ڪتاب لکڻ جو احوال هن ريت ڄاڻايو آهي:

 ”حمد ۽ صلواة کان پوءِ محمد هاشم بن عبدالغفور سنڌي ٺٽوي چوي ٿو، ته هيءُ مختصر رسالو سنڌ ملڪ ۾ پنجن نمازن جي وقتن جون جيڪي هلندڙ گهڙيون پل آهن، انهن جي تحقيق خاطر لکيو ويو آهي. هن رسالي کي سن 1148هه ۾ مرتب ڪيو ويو ۽ هن رسالي جو نالو آهي ’جمع اليواقيت في تحقيق المواقيت’  يعني وقتن جي تحقيق ڪرڻ ۾ ياقوت گڏ ڪرڻ.“

------
 

تحفة السالڪين اليٰ جناب الامين

هن ننڍڙي رسالي ۾ 11 صفحا آهن ۽ 14 شعبان المعظم 1158هه جو لکيل آهي. صفحي جي ڊيگهه نوَ انچ ۽ ويڪر پنج انچ آهي. صفحي ۾ 14 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 15 لفظ آهن. ڪاغذ ميرانجهڙو ۽ ڇڊي ڪاري مس استعمال ٿيل آهي.

مخدوم صاحب هيءُ رسالو حرمين شريفين جي زيارت 1135هه کان 22 سال پوءِ سن 1158 هجري ۾ لکيو. رسالي تي جيتوڻيڪ ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جي تاريخ لکيل ڪانهي، پر قلمي نسخو تمام جهونو ۽ ڪرم خورده پروڻ وانگر صفا پرزا پرزا ٿيل آهي. اهڙيءَ صورتحال جي پيش نظر هيءُ قلمي نسخو خود مخدوم صاحب جي دور جو معلوم ٿئي ٿو. جيئن ته هيءُ رسالو آخر ۾ ناقص آهي، ان ڪري ڪاتب ۽ ڪتابت جو سن وغيره معلوم ڪونه ٿو ٿئي. هن رسالي جو واحد دستياب قلمي نسخو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي، جتان راقم کي ان جو عڪس مليو.

مواد جو وچور:

هن رسالي جو باريڪ بينيءَ ۽ گهڻي مٿاڪـُـٽ ڪرڻ سان مطالعي بعد معلوم ٿئي ٿو، ته هيءُ رسالو حج جي مسئلن تي مشتمل آهي. مخدوم صاحب پهريائين سن 1135هه ۾ مناسڪ حج ۽ حضور جن جي زيارت جي باري ۾ فارسي زبان ۾ هڪ تفصيلي ڪتاب ”حيات القلوب اليٰ زيارت المحبوب“ لکيو. جيئن ته اهو ڪتاب تمام تفصيل سان، جامع ۽ اهلِ علم واسطي ڪارآمد هو، تنهنڪري مخدوم صاحب پاڻ هن ڪتاب جو خلاصو فارسي ۾ ”سفينة السالکين اليٰ بلد الله الامين“ نالي سان لکيو. اڳتي هلي عام ماڻهن، حاجين ۽ طالبن جي سهولت خاطر ”سفينة السالکين“ جو به اختصار ۽ نچوڙ ”تحفة السالکين اليٰ جناب الامين“ نالي فارسيءَ ۾ لکيائين، جنهن جو پيشِ نظر ناقص نسخو اسان جي سامهون آهي.

مخدوم صاحب اها سڄي وضاحت رسالي جي مقدمي ۾ آندي آهي. هيءُ رسالو هڪ مقدمي ۽ ٽن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ حج جي فرضيت، ڀلائي، حج ادا ڪرڻ جو طريقو ۽ رسول الله جن جي روضي مبارڪ جي زيارت ۽ آداب جو تمام مختصر ۽ عام فهم بيان آهي.


 

 

وسيلة الغريب اليٰ جناب الحبيب

فضائل اهلِ بيت ۾ هيءُ رسالو 29 شعبان المعظم 1164هه ۾ لکيو ويو. هن رسالي ۾ 29 صفحا آهن، ۽ هر صفحي جي ڊيگهه ٻارهن انچ ۽ ويڪر اٺ انچ آهي. هر صفحي ۾ 32 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 24 لفظ آهن. ڪاتب ۽ سال ڪتابت نامعلوم. شانِ اهل بيت ۾ شاندار رسالو جڙيل آهي. راقم کي انهيءَ ڪتاب جو عڪس، عزيز دوست بشير احمد هيسباڻيءَ جي ذريعي قاسميھ لائبريري - ڪنڊياري مان مليو. هن رسالي جا قلمي نسخا ڪتبخانه ڳڙهي ياسين، سنڌالاجي لائبريري - ڄام شوري، مدرسھ مجدديھ نعيميھ - ملير ڪراچي، ڪتبخانه پير جهنڊي واري ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جي لائبريري - حيدراباد ۾ موجود آهن. راقم هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.

مواد جو وچور:

هن رسالي ۾ حضرت نبي جن جي اهل بيت سڳورن جو شان، فضائل، مناقب ۽ تاريخ بيان ٿيل آهي. هيءُ ڪتاب مقدمي ۽ ڇهن بابن م ورهايل آهي، جنهن ۾ مخدوم صاحب علمي پالوٽ جا واهڙ وهايا آهن. 29 صفحن جي هن رسالي ۾ قرآن، حديث، فقھ ۽ تاريخ جي 86 ڪتابن جا حوالا موجود آهن. مخدوم صاحب مقدمي ۾ هن ڪتاب تاليف ڪرڻ جو مقصد بيان ڪندي لکي ٿو:

 ”جڏهن مون اصحابن سڳورن، خلفاءِ راشدين ۽ خلافت جي ترتيب ۽ فضيلت جي باري م ٽي ڪتاب (عربيءَ ۾) وڏو، وچون ۽ ننڍو لکي پورا ڪيا، ته دل ۾ خيال آيو، ته حضرت نبي جن جي اهل بيت سڳورن جي عاشقن کي شوق ڏيارڻ ۽ حضور جن کي راضي ڪرڻ خاطر سندن باري ۾ ڳچ فضيلتون ۽ احوال گڏ ڪري، اهل بيتن جي شان ۽ ڀلائيءَ ۾ ڪتاب لکان. ڇو ته نبي جن جي آل اصحابن سڳورن مان هرهڪ اسان جي لاءِ اکين جون ماڻڪيون ۽ نيڻن جو نـُـور آهن.

جيئن ته حضرت نبي پاڪ جن پنهنجي اهل بيت کي حضرت نوح عليھ السلام جي ٻيڙيءَ سان تشبيهه ڏني آهي ته جيڪو ان ۾ چڙهندو، اهو ڇوٽڪارو لهندو. جيڪو ان کان پوئتي رهيو، اهو غرق ٿيو. حضور نبي جن پنهنجن اصحابن سڳورن کي به تارن سان تشبيهه ڏني آهي ۽ فرمايو، ته منهنجا اصحاب تارن وانگر روشن آهن. توهان انهن جي پيروي ڪندؤ، ته هدايت وارا ٿيندؤ. اهڙيءَ ريت، آخرت واسطي سالڪ ۽ سفر ڪرڻ واري لاءِ حضور جن جي آل اصحاب جي رعايت ضروري آهي، ته جيئن هلاڪت کان بچي وڃي. مقصود حاصل ڪري گمراهيءَ کان امن ۾ رهي.“

هر هڪ بابت جو تعارف هن ريت آهي:

باب پهريون: هن بابت ۾ قرآن مجيد جي انهن آيتن جو بيان آهي، جيڪي اهل بيت سڳورن جي شان ۾ آيل آهن. مخدوم صاحب اهي ڇهه آيتون آڻي، انهن جو شان نزول ۽ شرح مشهور وڏن تفسيرن، جهڙوڪ: تفسير بيضاوي، تفسير خازن، تفسير ڪشاف، ثعلبي - صحيح بخاري، صحيح مسلم، مستدرڪ حاڪم، مسند احمد بن حنبل، معجم طبراني ۽ ڪتاب نواقص جي حوالي سان بيان ڪري ثابت ڪيو آهي، ته اهل بيت سڳورن جو شان وڏو آهي ۽ کين پنجتن پاڪ چوڻ به صحيح آهي.

باب ٻيو: هن باب ۾ مخدوم صاحب اهي چاليهه حديثون آنديون آهن، جن ۾ ڪنهن خاص نالي کان سواءِ، سڀني اهل بيت سڳورن جو گڏيل شان ۽ فضيلت بيان ٿيل آهي. مثال طور چاليهين حديث ۾ آهي:

 ”ديلمي فردوس اعليٰ ۾ حضرت علي رضي الله عنھ کان روايت ڪئي، ته نبي جن فرمايو ته قيامت جي ڏينهن چئن ماڻهن لاءِ شفاعت ڪندس:

1. اهو جيڪو منهنجي اولاد جي عزت ڪري.

2. اهل بيت جي حاجت پوري ڪرڻ وارو.

3. اهل بيت جي پريشانيءَ جي وقت مدد ڪرڻ وارو.

4. پنهنجي دل ۽ زبان سان انهن کي دوست رکڻ وارو.“

امام شافعي رحمة الله عليھ اهل بيت جي محبت کي فرض قرار ڏنو آهي:

يا اهلبيت رسول الله حبکم،
فرض من الله في القرآن انزلھ .
کفاکم من عظيم القدر انکم،
من لم يصل عليکم لاصلواة لھ .

مطلب ته اي رسول الله جا اهل بيتو! قرآن ۾ الله تعاليٰ توهان جي محبت فرض بيان ڪئي آهي. اوهان جي لاءِ هيءَ عزت ۽ رتبو ڪافي آهي ته جنهن اوهان تي صلواة نه پڙهي، ته ان جي نماز نه ٿيندي.

باب ٽيون: هن باب ۾ مخدوم صاحب اهي 64 حديثون آنديون آهن، جن ۾ اهل بيت جي نالن سان الڳ الڳ فضيلت ۽ ڀلائي بيان ڪيل آهي. جيئن حضرت علي رضي الله عنھ جي شان ۾ 24 حديثون، حضرت بيبي فاطمھ رضي الله عنها جي شان ۾ 14 حديثون ۽ حضرت امام حسن ۽ امام حسين عليـها السلام جي شان ۾ 26 حديثون.

باب چوٿون: هن باب ۾ تاريخي واقعا ۽ احوال بيان ٿيل آهن ۽ مخدوم صاحب اهل بيت جون ڳچ اهي فضيلتون ۽ صفتون آنديون آهن، جيڪي تاريخ ۽ سيرت جي هيٺين ڪتابن ۾ آيل آهن، جيئن ته: طبقات ابن سعد، الکوکب الدريھ في طبقات الصوفيھ ، سيرت شامي، فتح الباري، علامھ قرطبي، زرڪشي، خيفري، مقريزي، سيوطي، طحاوي، شيخ الاسلام ابو زرعھ ۽ الشفا قاضي عياض وغيره.

باب پنجون: هن باب ۾ مخدوم صاحب محنت ڪري تاريخي لحاظ سان حضرت علي، حضرت فاطمھ ، حضرت حسن ۽ حضرت حسين رضي الله عنهم جي ولادت، وفات ۽ انهن جي حياتيءَ جي مدت جو بيان، سندن وفات جو هنڌ، سندن مقبرن جي ذڪر سان گڏ سندن اولاد جو به تفصيلي احوال ڏنو آهي. هيءُ باب تاريخي لحاظ کان معلومات سان ڀرپور ۽ وڏيءَ اهميت وارو آهي.

انهيءَ ساڳئي بابت ۾ مخدوم صاحب ابن ڪثير جي تاريخي ڪتاب ”البداية والنهايھ “ جي حوالي سان لکيو آهي، ته امام زين العابدين جي والده سڳوري ”سلامھ “ سنڌي عورت هئي.

باب ڇهون: هن باب ۾ مخدوم صاحب رسول الله جن جي فرزندن ۽ نياڻين جو تفصيلي احوال بيان ڪيو آهي.

مخدوم صاحب آخر ۾ وضاحت طور لکيو آهي ته مون نبي جن جي بيبي خديجة الڪبريٰ ۽ ٻين گهر وارين جي بيان ۾ الڳ ڪتاب ”الباقيات الصالحات“ نالي فارسيءَ ۾ لکيو آهي. وڌيڪ احوال ان رسالي ۾ ڏسڻ گهرجي.

هن ڪتاب جو اردو ترجمو مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ”الولي“ رسالي (80 - 1979ع) ۾ قسط وار شايع ڪيو. تازو محمد صالح کهڙي جو سنڌي ترجمو، راقم جي تعارف سان روشني پبليڪيشن ڪنڊياري ۽ حيدرآباد مان 2005ع ۾ شايع ڪيو آهي.

 

تحفة المسلمين في تقدير

مهور اُمهات المومنين

هيءُ ٽن صفحن جو نهايت ننڍڙو رسالو تاريخ 6 رجب المرجب 1171هه ۾ لکيو ويو. ڪاتب ۽ ڪتابت جو سال نامعلوم آهي. صفحي جي ڊيگهه تيرهن انچ ۽ ويڪر اٺ انچ آهي. هر صفحي ۾ 35 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 17 لفظ آهن.

ڪاتب رسالي جي مٿان منڍ ۾ لکيو آهي، ته هيءُ مواد اصل مصنف جي نسخي تان ڀيٽي اُتاريو ويو آهي. هن رسالي جي مـُـنڍ ۾ ڪاتب طرفان ”زبدة العلماء “ جو لقب به تحرير ٿيل آهي، جنهن مان مخدوم صاحب جي همعصر ۽ اهلِ علم ڪاتبن ۾ سندس علمي عظمت جو به پتو پوي ٿو. راقم کي هن رسالي جو عڪس، محترم بشير احمد هيسباڻيءَ جي ذريعي قاسميھ لائبريري ڪنڊياري مان مليو. هن رسالي جو قلمي نسخو ڪتبخانه ڳڙهي ياسين ۾ موجود آهي. (1)

مواد جو وچور:

مخدوم صاحب هن رسالي ۾ ٻنهي جهانن جي سردار، حضرت محمد رسول الله جن جي ازواج مطهرات يعني پاڪ گهر وارين جي باري ۾ مختصر احوال ۽ انهن کي جيڪو نبي جن کان نڪاح ۽ پرڻي مهل حق مهر يا ڪابينو مليو، ان جو تفصيل درج ڪيو آهي. انهيءَ ڪري مخدوم صاحب ان مناسبت سان هن رسالي جو نالو ”تحفة المسلمين في تقدير مهور امهات المومنين“ رکيو آهي. ان وقت عرب ملڪ جي رائج سڪي جي برابر پنهنجي ملڪ سنڌ جي سڪي جو حساب به ڏنو ويو آهي. مخدوم صاحب لکي ٿو:

 ”سڀني عالمن جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي، ته نبي جن جون پاڪ گهر واريون يارهن آهن. زياده تعداد ۾ ٿورو گهڻو کڻي اختلاف به آهي. مون هتي نبي جن جي انهن يارهن پاڪ بيبين سڳورين جي مهر يا ڪابيني جو مختصر احوال آندو آهي. البت نبي جي سڀني گهر وارين جو تفصيلي احوال مون پنهنجي لکيل ٻئي فارسي ڪتاب ’الباقيات الصالحات في ذکر الازواج الطاهرات’ ۾ آندو آهي.“

مخدوم صاحب هن رسالي جي شروع ۾ حضور جن جي حرمن سڳورن جو نمبروار ذڪر ۽ مهر جو احوال ڏاڍي تحقيق ۽ وڏن ڪتابن جي حوالي سان لکيو آهي. هر هڪ بيبي سڳوريءَ جو نالو سندن پيءُ جي نالي سان گڏ آندو آهي. نالن جي ترتيب کان پوءِ مخدوم صاحب هڪ محقق جي حيثيت ۾ پاڻ ئي سوال ڪري ٿو، ته جيڪڏهن توکان ڪو پڇي ته نبي جن پنهنجي گهر وارين کي مهر يا ڪابينو ڏنو هو يا نه؟ جي مهر ڏنو هو، ته گهڻو ۽ ڪيترو ڏنو هو؟ ان سوال جي جواب ۾ مخدوم صاحب قرآن مجيد جي هيءَ آيت دليل طور آندي آهي: ”يا ايها النبي انا احللنالڪ ازواجڪ التي اتيت اجورهن“ (پارو 22، سورت احزاب، آيت 5) ترجمو: اي نبي! بيشڪ اسان تو لاءِ اهي زالون حلال ڪيون آهن، جن کي تو سندن مهر ڏنو.

هتي ”اجورهن“ مان مراد ”مهورهن“ آهي. هن آيت مبارڪ مان دليل ڏيندي مخدوم صاحب تفسير بيضاوي، علامه حلبي ۽ علامه شهاب الدين خفاجي جي حوالي سان لکي ٿو ته، ”هن آيت مان ظاهر آهي نبي جن پنهنجن گهر وارين کي شاديءَ کان اڳ ۾ مهر ادا ڪيو هو. البت تفسير ڪشاف جو بيان آهي، ته حضور جن شايد مهر مقرر ڪيو هجي، يا زبانيءَ چيو هجي ۽ ڏنو نه هجي.“ مخدوم صاحب ان کي رد ڪندي چوي ٿو ته، ”اهو احتمال مجازي ۽ غير ظاهري آهي.“ وڌيڪ تفسير ثعلبي جي حوالي سان آڻي ٿو ته، ”نبي جن بيبين سڳورين کي شادي ڪرڻ مهل اڳ ۾ مهر يا ڪابينو ڏنو هو.“ هينئر به شاديءَ کان اڳ ۾ مهر ڏيڻ افضل ۽ بهتر آهي. ان کان پوءِ مخدوم صاحب هر هڪ بيبي سڳوريءَ ۽ سندس مهر جو الڳ الڳ بيان ڪيو آهي. ان جو نچوڙ هيءُ آهي:

1. حضرت بيبي خديجة ڌيءَ خويلد رضي الله عنها: هن بيبي سڳوريءَ کي ساڍا ٻارهن اوقيھ مهر ڏنو ويو هو. هر اوقيھ چانديءَ جا چاليهه درهم آهي. ”مواهب اللدنيھ “ ۾ آهي ته بيبي سڳوريءَ جو جملي مهر پنج سؤ درهم چاندي هو. ان مهر جو سنڌ ملڪ جي حساب سان اندازو هڪ سؤ چاليهه روپيا ٿيندو. ”صحيح مسلم“ جي حديث ۽ ٻين روايتن مان ظاهر آهي ته بيبي سڳوريءَ جو مهر ويهه اُٺ هو ۽ ويهن اُٺن جي قيمت پنج سؤ درهم چاندي ٿيندي. ان ڪري پنج سؤ درهم چاندي ۽ ويهن اُٺن جي الڳ الڳ روايت جي تطبيق هيئن ٿيندي، ته ويهن اُٺن جي قيمت پنج سؤ درهم چاندي هئي ۽ ٻئي روايت جو ظاهر الڳ ۽ مقصد هڪ آهي. هيئن به ٿي سگهي ٿو، ته پنج سؤ درهم چانديءَ سان گڏ ويهه اُٺ زياده ڏنا ويا هجن.

 ”سيرت شامي“ ۾ ٻئي هنڌ اچي ٿو، ته بيبي خديجة رضي الله عنها جو مهر يا ڪابينو بيبي فاطمة الزهريٰ رضي الله عنها جيترو يعني چار سؤ مثقال چاندي هو. بيبي فاطمة جي مهر جو وضاحتي احوال، ضميمي طور هن رسالي جي آخر ۾ ايندو.

2. حضرت سودي ڌيءَ زمعھ رضي الله عنها: ”سيرت شاميھ “ ۾ آهي ته هن بيبي سڳوريءَ جو مهر چار سؤ درهم چاندي هو، جيڪو سنڌ ملڪ جي حساب سان هڪ سؤ ٻارهن روپيا ٿيندو.

3. حضرت عائشھ ڌيءَ ابوبڪر صديق رضي الله عنها: صحيح قول موجب هن بيبي سڳوريءَ جو مهر به حضرت خديجة رضي الله عنها وانگر پنج سؤ درهم چاندي هو. ابن اسحاق جي روايت ۾ چار سؤ درهم چاندي آيو آهي. ابن اسحاق جي اها روايت، صحيح روايت جي خلاف آهي. اهڙي وضاحت زرقانيءَ ”مواهب اللدنيھ “ جي شرح ۾ لکي آهي.

4. حضرت حفصھ ڌيءَ عمر فاروق رضي الله عنها: هن بيبي سڳوريءَ جي مهر جي باري ۾ پوريءَ طرح معلوم نه آهي، پر صحيح مسلم ۾ حضرت عائشھ رضي الله عنـها جي حديث ۾ آيو آهي ته نبي جن جو پنهنجي گهر وارين لاءِ مهر ساڍا ٻارهن اوقيھ سونُ هو. ساڍا ٻارهن اوقيھ برابر پنج سؤ درهم جي آهن. پوءِ هن حديث مان ظاهر آهي ته هن بيببي سڳوريءَ جو مهر به پنج سؤ درهم هو.

5. حضرت ام سلمھ ڌيءَ ابي اميھ رضي الله عنها: هن بيبي سڳوريءَ جو مهر هڪ هنڌُ، هڪ ننڍو پيالو، هڪ وڏو پيالو ۽ هڪ جنڊُ هو. انهن سڀني شين جي قيمت ڏهه درهم چاندي آهي. ٻيءَ روايت ۾ آيو آهي ته انهن شين جي قيمت چاليهه درهم چاندي آهي.

6. حضرت ام حبيبھ ڌيءَ ابو سفيان رضي الله عنها: صحيح قول موجب هن بيبي سڳوريءَ جو مهر چار سؤ دينار سونُ هو. ٻيءَ روايت ۾ آهي ته ٻه سؤ دينا سونُ هو. ٽينءَ روايت ۾ آهي ته نوَ سؤ درهم چاندي هو. چوٿينءَ روايت ۾ چار هزار درهم چاندي هو. پر سڀني روايتن ۾ پهرئين روايت وڌيڪ صحيح آهي.

نوٽ: ياد رهي ته هن بيبي سڳوريءَ جو مهر پاڻ سڳورن جن جي رضامنديءَ سان حبش جي بادشاهه نجاشيءَ از خود ام حبيبھ سان گڏ موڪليو هو. ان ڪري ئي ام حبيبھ جو مهر سڀني بيبين سڳورن کان وڌيڪ آهي.

7. حضرت زينب ڌيءَ جحش رضي الله عنها: هن بيبي سڳوريءَ جو مهر چار سؤ درهم چاندي هو.

8. حضرت زينب ڌيءَ خزيمھ رضي الله عنها: هن بيبي سڳوريءَ جو مهر چار سؤ درهم چاندي هو. ٻيءَ روايت ۾ پنج سؤ درهم به آيو آهي.

9. حضرت ميمونھ ڌيءَ حارث رضي الله عنها: هن بيبي سڳوريءَ جو مهر چار سؤ درهم چاندي هو. ٻيءَ روايت ۾ پنج سؤ درهم چاندي به آيو آهي.

10. حضرت جويريھ ڌيءَ حارث رضي الله عنها: هن بيبي سڳوريءَ جو مهر نـَـوَ اوقيھ سونُ هو. ياد رهي ته هيءُ بيبي سڳوري جنگ مريسيع (بني المصطلق) ۾ مالِ غنيمت ۾ حضرت ثابت بن قيس بن شماس انصاري رضي الله عنھ جي حصي ۾ آئي هئي. حضرت ثابت پوءِ بيبي سڳوريءَ کي نـَـوَن اوقين تي مڪاتب* ڪيو.

حضرت نبي جن بيبي جويريھ پاران نـَـوَ اوقيھ ڏئي، حضرت ثابت کان بيبي سڳوريءَ کي آزاد ڪرايو ۽ پاڻ سڳورن جن ان سان نڪاح ڪيو ۽ اهو مال مڪاتب نـَـوَ اوقيھ سندس مهر ٿيو. ٻيءَ روايت ۾ آهي ته نبي جن حضرت جويريھ کي حضرت ثابت کان سونَ جي نـَـوَن اوقين ۾ خريد ڪري آجو ڪيو ۽ پاڻ سڳورن جن ان سان نڪاح ڪيو. سونَ جي نـَـوَ اوقين ۾ 360 درهم چاندي ٿين ٿا ۽ سنڌ ملڪ جي حساب سان 98 روپيا ٿيندا.

11. حضرت صفيھ ڌيءَ حي رضي الله عنها: هيءَ بيبي سڳوري پهريائين خبير جي جنگ ۾ حضرت دحية بن خليفه ڪلبي جي حصي ۾ آئي. نبي جن حضرت دحية کان بيبي سڳوريءَ کي ستن غلامن جي عيوض خريد ڪري آجو ڪيو ۽ پنهنجي نڪاح ۾ آندو. ان ڪري شافعي علماء چون ٿا، ته بيبي سڳوريءَ جي آزادي ئي سندس مهر هو. ڪن چيو آهي ته بيبي سڳوريءَ جي آزاديءَ لاءِ جيڪي سـَـتَ ماڻهو بدلي ۾ ڏنا ويا هئا، اهي ئي مهر برابر هئا. ڪي چون ٿا ته هن بيبي سڳوريءَ جو مهر مقرر ڪونه هو ۽ سندس آزادي ئي مهر مثل هـُـئي ۽ هيءُ نڪاح مهر کان سواءِ حضرت نبي جن جو خاصو آهي. اهو قول حنيفين، مالڪين ۽ حنبيلين جو آهي. البت، امام احمد بن حنبل هن ڳالهه جو قائل آهي، ته هر مؤمن جو نڪاح مهر کان سواءِ به ٿي سگهي ٿو.

پڄاڻي (ضميمو)

حضرت بيبي فاطمة الزهريٰ جي مهر جو بيان: ڄاڻڻ گهرجي ته ”مواهب اللدنيھ “ لکيو آهي ته نبي جن جي نياڻي حضرت بيبي فاطمة الزهريٰ جو مهر چار سؤ مثقال چاندي هو. اهڙيءَ ريت سيرت شاميھ ، رياض العارفين ۽ خزانة الروايات ۾ به آيل آهي. انهيءَ مان معلوم ٿيو ته اهو مهر سنڌ ملڪ جي حساب سان هڪ سؤ سٺ روپين جي برابر آهي.

هن کان اڳ ۾ به گذري آيو آهي، ته حضور جن جي پهرئين گهر واريءَ حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ جو مهر هڪ روايت موجب چار سؤ مثقال چاندي هو. ان ڪري سنڌ ملڪ جا اڪثر ماڻهو نبي جن جي سنت ۽ طريقي موجب ”هڪ سؤ سٺ رپيا“ مهر مقرر ڪندا آهن.

 ------

 

اصلاح مقدمة الصلواة

هن رسالي جو نالو ڪاتب هن ريت لکيو آهي: ”اصلاح مقدمة الصلواة - سيدنا و مولانا الخير النحري الشيخ محمد هاشم التتوي زيد عمره ودام...“ انهيءَ عبارت جي لفظ ”زيد عمره“ مان اهو معلوم ٿئي ٿو، ته هيءُ رسالو خود مخدوم صاحب جي حال حيات دور جو لکيل آهي، جو کيس ڊگهي عمر جي دعا ڪيل آهي.

رسالي ۾ 24 صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه نوَ انچ ۽ ويڪر ڇهه انچ آهي. هر صفحي ۾ 16 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 9 کان 13 لفظ آهن. هن رسالي جو قلمي نسخو، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لائبريريءَ ۾ آهي. ان جو عڪس راقم وٽ محفوظ آهي. هن نسخي کان علاوه مولوي حامد الله آگري، پيش امام - درگاهه سعدي موساڻي، تعلقي ميهڙ وٽان به اصلاح مقدمة الصلواة جو هڪ قلمي نسخو تحفي طور مليو، جو پڻ راقم وٽ محفوظ آهي. البت، صحت جي لحاظ کان پهريون قلمي نسخو بهتر آهي. مخدوم صاحب هن 12 ورقن جي ننڍي رسالي ۾ 62 ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن. هن رسالي جا قلمي نسخا مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڳڙهي ياسين، ڪنڊياري ۽ مدرسھ ملير ڪراچي جي لائبررين ۾ موجود آهن. راقم هن ڪتاب جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي.

مواد جو وچور:

مخدوم صاحب هيءُ رسالو مشهور ٺٽوي بزرگ ميين ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب ”مقدمة الصلواة“ منظوم جي اصلاح خاطر لکيو آهي. مخدوم صاحب پاڻ ”اصلاح“ جي مقدمي ۾ وضاحت ڪندي لکي ٿو:

 ”حمد ۽ صلواة کان پوءِ حقير ٻانهو گهڻو گنهگار محمد هاشم پٽ عبدالغفور جو چوي ٿو ته، هن رسالي لکڻ جو سبب منهنجا ڪي ڀلارا دوست آهن. الله تعاليٰ کين سلامت رکي! جن توجھ ڇڪايو ته وڏي عارف ۽ مشهور صالح شيخ ابوالحسن پٽ مرحوم عبدالعزيز سنڌي (الله تعاليٰ سندس قبر کي روشن ڪري!) جو لکيل سنڌي ڪتاب ”مقدمة الصلواة“ سنڌ جي شهرن ۾ گهڻو مشهور آهي. خاص ۽ عام ماڻهن جي گهڻائيءَ لاءِ نماز جي مسئلن ۾ دستور العمل بنجي چڪو آهي. جيتوڻيڪ ان ۾ ڪن جاين تي ڪي مسئلا شڪ شبهي کان خالي ناهن. پوءِ جڳائي ته حق جي اظهار ۽ خلق جي رهبريءَ خاطر انهن جاين ۽ مسئلن تي روشني وڌي وڃي، پر باوجود سڄڻن جي انهيءَ صلاح جي هن فقير (محمد هاشم ٺٽوي) مؤلف (ميين ابوالحسن ٺٽوي) جي صلاحيت ۽ ڪمال جي ڪري ڳچ مدت تائين انهن مسئلن جي اپٽار کان پاڻ کي روڪيو ۽ انهن مسئلن تي قلم کڻڻ جي جرئت نه ٿي ڪئي. نيٺ ڳچ عرصي کان پوءِ منهنجي دل ۾ غيب جي خزاني مان الله تعاليٰ طرفان القاء ٿيو، يعني روح ريلو ڏنو ته هي خير جو ڪم آهي ۽ مؤلف (ميون ابوالحسن ٺٽوي) جو روح به راضي آهي. ڇو ته نيڪ ۽ صالح، حق ٻڌڻ سان خوش دل ٿيندا آهن، جيتوڻيڪ اهو حق چوڻ کڻي ننڍن کان ئي ظاهر ٿيو هجي. اهڙيءَ ريت حديث شريف ۾ به علم لڪائڻ جي مذمت آيل آهي. پوءِ ان ضرورت کي تنبيھ طور پورو ڪيو ويو. جڏهن رسالو پورو ٿيو، ته ان جو نالو ”اصلاح مقدمة الصلواة“ رکيو ويو. جيڪو به منهنجي اصلاح ۾ ڪا غلطي يا سهو ڏسي، ته خدا ڪارڻ ان جي اصلاح ۽ تصحيح ڪري. بيشڪ الله تعاليٰ محسنن جو اجر ضايع نه ٿو ڪري!“

مخدوم صاحب هن رسالي ۾ ”مقدمة الصلواة“ جي عبارت ۾ مسئلن جي اصلاح خاطر 28 سوال ڪيا ۽ انهن جا جواب فارسيءَ ۾ ڏنا آهن ۽ اصل اصلاح طلب سنڌي بيت به حوالي طور ڏنا آهن. ”اصلاح مقدمة الصلواة“ جو وڌيڪ تفصيل سوانح حيات جي اٺين باب ۾ آيل آهي.

 ------

نتيجة الفکرفي تحقيق صدقة الفطر

هن رسالي جو نالو مخدوم صاحب جي ڪتابن جي فهرست ۾ ته موجود هو، پر اهو ڪٿان به دستياب ٿي نه پئي سگهيو. نيٺ گهڻي ڳولا کان پوءِ خوش قسمتي سان ”بياض هاشمي“ اندر اهو الڳ صورت ۾ لکيل ميلو. وڏي سائيز جي پنجن صفحن تي فارسي ۾ لکيل هيءُ ناياب رسالو آهي.

مخدوم صاحب صدقه فطر ۽ نبوي ٽويي جي باري ۾ هڪ رسالو سن 1137هجري ۾ لکيو هو. ان جا ٻه نالا آهن. هڪ ”فيض الغني“ ۽ ٻيو ”کشف السر“ .

هيءُ رسالو ”نتيجة الفڪر“ انهن ٻنهي رسالن کان پوءِ جو لکيل آهي ۽ انهي ئي سلسلي ۽ مسئلي جي هڪ ڪڙي آهي. رمضان المبارڪ مهيني ۾ روزن پوري ڪرڻ کان پوءِ، عيد جي ڏينهن صبح جو عيد نماز تي وڃڻ کان اڳ ۾ ڪڻڪ جو اڌ ٽويو هر مسلمان کي فطرو ڏيڻو هوندو آهي. هيءُ رسالو ”صدقة الفطر“ جي تحقيق ۾ لکيل آهي. ان ۾ سوال جواب به ڏنل آهن. عراقي ٽويي ۾ اٺ رطل پوندا آهن ۽ حجازي ٽويي ۾ پنجن رطلن کان ڪجهه وڌيڪ ٿيندو آهي.

مخدوم صاحب هن رسالي ۾ تحقيق دوران سنڌ جي عالمن: مخدوم محمد جعفر بوبڪائي، مخدوم ظهير الدين ٺٽوي ۽ قاضي فريد ٺٽوي جا نالا به حوالي طور آندا آهن. آخر ۾ مخدوم صاحب پنهنجو نالو تحرير جي نموني هن ريت لکيو آهي:

 ”هذا ماحققھ الفقير الراجي اليٰ رحمة الصبور محمد هاشم عفي عنھ “

------


(1) مخدوم صاحب هن ننڍي رسالي ”تحفة المسلمين“ ۾ تيرنهن ڪتابن جا حوالا آندا آهن. راقم الحروف هن رسالي جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي، جو مولانا محمد ادريس ڏاهري شاهه پور جهانيان واري سن 1999ع ۾ مخدوم ٺٽويءَ جي ڪتاب ”الباقات الصالحات“ سان گڏ ڇپرايو آهي.

* ٻانهو جيڪڏهن پنهنجي آقا کي خوش ڪري ڪجهه رقم مقرر ڪري ادا ڪري سگهي ٿو، ته پوءِ اهو آزاد ٿي سگهي ٿو. ان کي ”مڪاتب“ چئبو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org