سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو  جيون چرتر

باب: پندرهون

صفحو : 26

ٻين ستوترن جا سرا ڏسجن ته ايڪهه آپ انيڪهه ڀات، ٻه پر، مورت سڦل تنهن جي پيارا، ڪثرت ۾ وحدت، سرشٽي، سج ۾ اڻو وغيره.

انهن مان ته ڪيترن ۾ اهڙو اونهو گيان ڀريل آهي جو ساڌارن ماڻهو ته ڇڏ پر ڪي خاص ودوان به سمجهي نه سگهن؛ جيئن ته 124 سوتر آهي ڳڻت وديا جي مهماتي. انهيءَ ۾ ڳڻت  جا جيڪي روپ، ڀاڳه ۽ وڌيون ڏنيون اٿس سي ته ڪي جن ايم- اي تائين ڳڻت پڙهي هجي سي سمجهن. مشڪل مشڪل انگريزي لفظن جي برابر سنسڪرت شبد ۽ هندي شبد ڏنا اٿس، جنهن مان خبر پوي ٿي ته ڳڻت جي ڪيتري نه گهري خبر کيس هئي. ٻن ٻولن ۾ ئي سچ چيو اٿس:-

ڳوڙهو ڀاري تنهنجو ڳڻت شاستر،

ورلي ڪو انهيءَ وديا جو پائر.

جڏهن مان يونيورسٽي لئِبرري ۾ لئبريرين ۾ هوس، تڏهن ڳڻت جي اصولن جا ڳوڙهي کان ڳوڙها ڪتاب ڏيارام گهرائيندو هو. ايترو سندس شوق هو ڳڻت سان ۽ اهڙوئي وگيان سان، جيئن هيٺ ڏسنداسون. وري 148 داخلا واري ستوتر کي کڻي پڙهجي ته ڪيئن دوست ۽ دشمن، پاپ ۽ پڃ، دئوي ۽ آسري سمپد، سرگه نرگه، جي پروليءَ جي خبر پئجو وڃي ته سڀني ۾ هڪ ئي ايشور نظر ٿو اچيس. پر عجب ۾ عجب ته آهي سندس آرتي گارين جي 174 داخلا. انهيءَ ۾ پنهنجي پريتم کي، ڇورو، نگرو، ٺڳه ۽ ظالم ڪوٺيو اٿس ۽ لکيو اٿس ڪري آرتي گارين جي هاڻي ڪريان ٿو ننڊ، من ننڊ ۾ ڪو درسن ڏين، سد بيدار، اکنڊ، اپنڊ. ڪيئن نه پنهنجي رام سان انگل ٿو ڪري! واه، ڏيارام واه!

جيڪي پرارٿنائن جو شوق رکندا هجن تن کي وري جيڪڏهن پرارٿنائن جون داخلائون جدا ڪٺيون ڪري ڏجن ته تمام آنند ايندو. اندر لاءِ تمام اتم اشارا ڏنل آهن ۽ سچيون پرارٿنائون نام دان لاءِ، پرگهٽ ٿيڻ لاءِ، امرت پيارڻ، واڳون وارڻ لاءِ، سچيون پرارٿنائون ڏنل آهن پت رکڻ لاءِ، پنجن دشمنن کي مارڻ لاءِ، دوجا ڀاوَ نوارڻ لاءِ. ڪهڙا نه امولڪ وچن! بي شڪر نه ٿيان، جڏهن دکه جي چپاٽ لڳيم. سائين نه وساريان جڏهن اِڇا ابتر ڪجهه ٿئيم. يا ته جتي چوي ٿو:-

انڌ ڌنڌ مان ڪڍي ڪر يار، منهنجي جيوت طلب نوار. پرارٿنائون به 26 کن آهن؛ ڪڍ سڀ ڪوڙ، جوت جڳاءِ، سيکار مونکي، ڏي ڏات نروان. ڪنهن کي اتم پرارٿنائون سکڻيون هجن ته اهي پڙهي ڏسي سنت ڏيارام جون پرارٿنائون چابڪ ۽ رهاڻ ۾. نه فقط ڀڳتي ڀاو وارن لاءِ سندر ستوتر ۽ پريم ڀريون پرارٿنائون موجود آهن. پر ويچاروان ودوائن لاءِ به تمام سٺو مانسڪ ڀوڄن موجود آهي. ڌارمڪ ويچار وانن لاءِ، گرواڻيءَ مان اتپن ٿيل ويچار ۽ اتهاسڪ ويچار.

گرواڻيءَ سان ديوان ڏيارام جو اتينت پيار هو. هي ڪتاب سمورا گرو گرنٿ صاحب کي ارپيل آهن. داخلا نمبر 72 مان ڏيارام جي شرڌا معلوم پوي ٿي. لکيو اٿس:-

گرنٿ صاحب هن وقت ۾ گرو،

گرنٿ صاحب ساڌ سنگت ڌرو.

گرنٿ صاحب ۾ آهي اُها ڪنجي،

جا ڏئي ٿي سڀ اڌياتمڪ پنجي.

مٺي نماڻي منوهر پريمي واڻي،

رس، گيان، ڌيان جي راڻي.

وَس هن داس جي هردي ۾،

ٻار ڏيئو شبد جو اندر ۾.

پهرئين ڀاڱي ۾ اٽڪل 30 داخلائون گرواڻيءَ جون اچن ٿيون. سندن سرن مان ڪجهه قدر خبر پوندي ڀوميون ڀومڪائون، نانتو ۾ ايڪتو، پرتيبنب جو ڪوٽ جيتڻ، ڪچا ۽ ڦڪا، اندر جي اکه، ڪرم ۽ شرم، ڪچا ۽ پڪا، گرمت کانسواءِ اونده، آتم شڪتي، آتما ۽ پرماتما، قدرت، دنيا دورنگي، اتم نيچ، بن ٻوجهي سڀ مٿيا ڀئي، سهاڳه ۽ ڀاڳه، اگن، ٻن قسمن جو پاپ ۽ تپ، ايڪتا، هوميء، مهارس اڌڪار، گيان، جنهن لاءِ چيل آهي:-

ڀوڄن گيان مها رس ميٺا،

جن چاکيا تن درسن ڏيٺا.

 

ميٺارام هاسٽل

نولراءِ هيرانند ائڪيڊمي حيدرآباد سنڌ

اُنهن ۾ ڪيترو وگيان ۽ انڀؤ ڀريل آهي ۽ ڪهڙي نه سٺي راهه ڏيکاريل آهي، تنهنجو تخمينو ڪجهه داخلائن پڙهڻ مان پئجي سگهندو، جيئن ته داخلا 40 جنهن ۾ يوگه شاستر موجب درجا ڏيکاريل آهن يا 149 اَدتي ۽ دتي، جتي هومِيء جو عجب رنگ ڏيکاريل آهي، يا 214 داخلا ٻج شڪتين بابت جن مان ٿئي سارو وڪاس. جيڪڏهن گرواڻي پريمين لاءِ اهي گرواڻيءَ مان اُتپن ٿيل ويچار ڪٺا ڪري رکجن، ته تمام آنند اچين. تيئين ئي شاگردن لاءِ وگيان جا عام ڪتاب پڙهائڻ بدران جيڪڏهن وگيان ويچار وارا شعر ڪٺا ڪري ڇپائجن، ته تمام سٺيءَ طرح سنسار جي اڌ ڀت شڪتين جي خبر پئجي سگهندي. وگيان جون اٽڪل 36 داخلائون آهن ۽ اُنهن منجهه اڄ ڪلهه جي مغربي وگيان جون حيرت انگيز کوجنائون ۽ خبرون بيتن ۾ پوتل آهن؛ جيئن انهيءَ سچ جي ڀنڊار کي ڏسي به پڙهندڙ سچي سائينءَ تائين پهچي سگهن. عام طرح چوندا آهن ته سائينس يا وگيان ماڻهوءَ کي ناستڪ بڻائي ٿو؛ پر ڏيارام جي درشٽيءَ ۾ وگيان نه فقط ايشور ڏانهن رجوع ڪرڻ جو سڀ کان سٺو ساڌن آهي؛ پر وگيان جي رستي ڏيارام ويدانت تائين به ٿو پهچائڻ گهري. داخلائن جي نالن مان خبر ٿي پوي ته نه فقط ڀوتڪ، رسائنڪ، جيون شاستر، پر من وگيان ۽ آتم گيان جون ڳالهيون به ڏيارام درج ڪيون آهن. جيئن ته ڪجهه داخلائون آهن اديت اڻو، جوت جو ويگه، وديت ۽ چنبڪ، پريم شڪتي، ترورا ۽ آواز؛ ڪهڙو ڌاڳو پايان ڌيان لاءِ، سرشٽي ۾ گُڙتوَ آهي آڪرشڻ.

هڪ داسي تنهن جي گڙتو آڪرشڻ

سڀ ڪم ڪري اڻ ڏٺي پورن.

ڇايا، موٽرگتي، ٻوچ، مکه، آڪاش، هم يگه، (برفن جو زمانو) انش، اتڪرانتي، ابابيل، نيل ندي، ڌرتي ڪمپ، وستول، ٻل ۽ شڪتي، پتڪرا جيوڙا، جيوڙن وشيء، ڊاهڻ ۽ ٺاهڻ، اڻو، سرشٽي، موتيءَ جي اُتپتي، واسنائون ۽ ڪامنائون، نئين من وديا، گرمکه ٿيڻ.

اَهم ڪيندري نه ٿيءُ، ڪڏهن جي اِڇين پنهنجو اُڌار.

ٿيءُ تون پرڀ ڪيندري، سچي سان ٿيءُ سچار.

ٿيءُ پنگت ڪيندري، لوڪ هت جو ڪر تون ڌيان.

معلوم ٿيندو ته ڪيترو نه گيان جو ڀنڊار ڏيارام سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ مؤجود ڪيو آهي. وگيان وشيء تي سنڌيءَ ۾ ٻي ڪا اهڙي ڪوتا ڪيل مشڪل ملندي. اسڪولن ۾ سرشٽي سکيا لاءِ هي وگيان ويچار واريون داخلائون جدا جدا ڇپائجن ته تمام فائدي واريون ٿينديون ۽ پڙهندڙن ۾ ويگيانڪ ۽ ڌارمڪ درشٽي ٻئي اُتپن ڪنديون.

وري اهڙائي اُتم آهن اتهاسڪ ويچار. پهرئين جلد جي پهرئين ڀاڱي ۾ ڪل ٽي داخلائون اتهاسڪ ويچارن جون آهن؛ پر اُهي به تمام ڏاڍي ويچار جي گهرائي ڏيکارين ٿيون. پهرين داخلا آهي 101 ڪروڌ جي پراجيء نه ڪروڌ سان، يعنيٰ تواريخ جو سبق آهي ته جنگه، جنگه سان نه هٽائي سگهبي.

ٻي داخلا آهي 105، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته درڪار، دشمن، دکه، ٽي موٽا گرو منکه، يعنيٰ گهرج، ويري ۽ تڪليفون اهي سڀ اسانکي وڪاس لاءِ موڪليل آهن، جي اهي نه هجن ها ته ماڻهو هوند سڌري ڪين سگهي ها.

اُنهن گرن جو هٿ ٿئي نه پالهو-

جيستائين ماڻهو منمکه، مد، متوالو.

اهي سيکارين هڪ حاضران حضور،

جن رکيو پاڻ ستگروءَ کان دور.

اهي سيکارين آتم تت ويچار،

اهي سيکارين سنسار جو سار.

۽ ٽين داخلا آهي 175 ۽ سندس سرو آهي:-

جن غلام ڪيا، سي غلام ٿيا؛

تن ظلم سٺا، جن ظلم ڪيا.

اتهاس جي هيءَ شاهدي – دل هنڊاءِ ڪر نه بدي.

ڀڳتي ڀاوَ وارن لاءِ ستوتر ۽ پرارٿنائون، ويچار وانن لاءِ گرواڻي ويچار، ويگيان ويچار ۽ اتهاس ويچار؛ فقط اهي داخلائون چابڪ ۽ رهاڻ ۾ مؤجود نه آهن؛ انهن کانسواءِ انڀؤ پريمين ۽ سکيا پريمين لاءِ ڏيارام پنهنجا سنسارڪ ۽ آتمڪ انڀؤ ۽ سڌيءَ طرح سکيا جون داخلائون به ڪيون آهن؛ ڪن يوگين لاءِ اهي تمام ڪمائتيون آهن؛ گرمکن لاءِ اهي اندر جو پٿ ٿيون ڏيکارين. پهرئين جلد جي پهرئين ڀاڱي ۾ 33 داخلائون اهڙيون آهن جي انڀؤ جي خاني ۾ داخل ٿيون ڪري سگهجن، جيئن ته سندس اُتم انڀؤ آهي.

جا لوڪ چون تنهنجي نا مهرباني،

سا مون پسي سچي مهرباني.

دويشي آهن دوست جو روپ،

دکه آهي امرت انوپ.

پنجه ڀوت؛ ڀوت پريت؛ مايا، ديو، ٿي اڪ من اڪ ڀاءُ؛ مايا جو منتر، هڪ ترويڻي، ديا، دعا ۽ دوا؛ خودياريءَ مان خدياوري؛ نه ٿيءُ پاڻ سان ڪوڙو، اتم گيان وان ڪير؟ ڌيان ۽ ڌن، بندو ۽ ساگر، دکه جي ڪيميا، ڪلون ۽ ڪلايون، منهنجو ڪرم ۽ تنهنجو ڪرم، جيوت ڌاران نه ڌرم نه ڪرم، اڪل جون ڪلون، جڳت سپنو، سکه دکه، خوشي رنج، ٻه روپ ايشور جا، اوزار ٻڌ جو، سرن پوڻ، آتم درشي، سوسم درشي، مايا، آتم گهاتي، درلڀ، شرڌا، ٻڙي. انهن مان پوين ٻن مان ڪجهه وچن مثال طور ڏجن ٿا؛ دليل ڊوڙائڻ سان ڪنهن نه انت لڌو، شرڌا اتينت ضروري، جي شرڌا پونجي ثابت، ته ساٿ ملامت، پونجي لاڀ به ڪروڙي. پنڊت ڀلي دليل ڊوڙائن، مان ته ٻالڪڙو پرڀ پرائن، عقل طوفانن ۾ ٿين گهڻا غلطان مون ٻالڪ لاءِ آهي شرڌا ومان.

لکي آيا آهيون ته ڏيارام جو تخلص هو ٻڙي. تنهنڪري ٻڙيءَ جو مطلب جو خود لکيو اٿس سو جاچڻ ضرور آهي.

ٻڙيءَ جي قيمت ڪهي گڻت وديا،

تڇ انگه ڪري اننت اميا.

هؤمِيء مارڻ آهي ٻڙي ٿيڻ،

هؤمِيء مارڻ آهي اننت ٿيڻ.

يعني مري جيءُ؛ ڪجهه نه ٿيءُ، ته سڀڪجهه ٿئين.

هاڻي اچو ته سندس سڀ کان سٺيون داخلائون سالڪيءَ لاءِ جاچيون. اهي آهن سکيا سنٻنڌي داخلائون جتي سنوان سڌا امر ٿو ڪم آڻي ۽ پاڻ کي به ٻين کي به سکيا ٿو ڏئي. اهڙيون به 45 کن داخلائون جلد پهرئين جي پهرئين ڀاڱي ۾ آهن. انهن جو به جدا سنگره، ڪن خاص قسم جي منورتي وارن ماڻهن لاءِ تمام ڪمائتو ٿيندو. منجهن عجيب پرٻوڌ آهن جيئن نالن پڙهڻ مان ئي معلوم ٿيندو: آسا ۾ نراس رھ، خودياريءَ مان خداياوري، نه ٿيءُ پاڻ سان ڪوڙو، سنچت ڪرم، ڦل اِڇا ۽ اهمتا ڇڏ، نيتر سڌار ۽ انڌ نوار، اندر ۾ ڏس ڌڻي، پير کان ويساهه وڏو، ٿيءُ پهلوان، ٿيءَ پرواڻ، ٿيءُ سجاڳه، عضوا گهڻا پر ايڪ ساهه، ويراڳه، حيوان اندر ۾. پهريون ڏاڪو اٿيئي سڪرت، مر مر جيئي، زهر ۾ دارون، ڏهاڳه ۽ سهاڳه، جهڙي پريت تهڙي ريت، پاپ ۽ اگيان، انت نه پاتو ڪنهن به، سخت پريکشائون، هڪ نه وسار، واجهاءِ درسن لاءِ، ڪرڪڻ ڪنجهڻ، مورکه يار، سچو پاڻ سچو داتار، من روڪ، ياد ڪر ري بار بار.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org