سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر

 

صفحو :1

راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر

پروفيسر شيوارام نرسنگهه ڦيرواڻي

 

ارپڻ پتر

 

 

ارپڻ ٿو ڪريان

شرڌا، سنمان ۽ نمرتا سان

راج رشي ديوان ڏيارام گدومل

ايشور پراپتي ۽ جڳت هت جي اتساهڪ، گرو جن جي چرن ڪملن ۾.

---------------

 

شل سندس جيون چرتر مان

ڪا

جيوت لاءِ سچي جوت پرايون!

----------------

 

آشيرواد اڀلاشي

شيوارام نرسنگهداس ڦيرواڻي.

 

 

ديوان ڏيارام گدومل 1915
 

 

مهاڳ

 

راج رشي ديوان ڏياراج گدومل جو نالو هند، سنڌ ۾ مشهور آهي؛ پر سندس جيون چرتر جي حقيقتن جي ڪن ٿورن کي سڌ آهي. انهيءَ ڳالهه جي گهڻي ضرورت ڏسي، مون پنهنجون اونهاري جون ٻه موڪلون سندس حياتيءَ جي احوال گڏ ڪرڻ ۾ صرف ڪيون ۽ جيڪي حقيقتون هٿ آيون اٿم، سي هن پستڪ ۾ پيش ڪيون اٿم. مان انهن سڀني سڄڻن جو شڪر گذار آهيان، جن پنهنجو قيمتي وقت ڏيئي ديوان صاحب بابت مونکي خبر چار ڏني آهي. خاص ٿورائتو آهيان ديوان صاحب جي ڀائٽئي سرڳواسي ديوان شيرومل چئَنراءِ جو ۽ ديوان صاحب جي پٽ ديوان ڪيولرام جو ۽ ديوان صاحب جي ناٺيءَ ديوان ٺاڪر داس جو، جن اها وڏي ڀلائي ڪئي جو جيڪي گهربل ڪتاب ۽ ڪاغذ وٽن هئا، سي سڀ ڪي مهينا منهنجي حوالي ڪيا. انهيءَ وقت ۽ پوءِ به جيڪي مون کانئن پئي پڇيو، تنهن جو جواب خوشيءَ سان پئي ڏنائون. سرڳواسي ديوان شيرومل ته ڏينهن جا ڏينهن سموريون حقيقتون ۽ احوال مونکي لکائيندو رهيو. انهن ٽنهي صاحبن جي مدد کانسواءِ آءٌ هيءُ ڪتاب لکي ڪين سگهان ها.

”جيوت مها پرشن جي اسان سيکاري ايُ،

جيوت ڪجي سڦلي، ڀلو وهائجي ويُ.“ (غريب)

من جي اسٿرنا، سڌاري ۽ آنند لاءِ مهاپرشن جا جيون چرتر تمام سٺو اپاءُ آهن. پنهنجي گروءَ راج رشي ديوان ڏيارام جي جيون چرتر لکڻ ۽ ويچارڻ ڪري منهنجي چت کي پرسنتا ۽ آتما کي آنند ۽ جهجهو لاڀ پهتو آهي. مان گروجن جي چرن ڪملن ۾ هيءَ سندن جنم ساکي ۽ مختصر سکيا ارپن ٿو ڪريان. جيڪڏهن پاٺڪن کي به پرسنتائي ۽ ڪو لاڀ حاصل ٿيو، ته مان پنهنجو سوڀاڳيه سمجهندس.

هيءُ پستڪ مون 22- جولاءِ 1932ع ۾ لکي پورو ڪيو هو. درستيءَ، سمتيءَ ۽ سڌارن لاءِ اشارا لاڀ ڪرڻ جي ويچار کان ڪيترن سڄڻن وٽ هيءُ مسودو موڪليو ويو. مان انهن سڀني دوستن جو شڪر گذار آهيان، جن هن پستڪ جي لکڻ، نظر مان ڪڍڻ، يا سڌارڻ يا پروفن ڏسڻ ۾ مونکي مدد ڪئي آهي. خاص طرح  پروفيسر ڀيرومل جو شڪرگذار آهيان جو سندس نوٽ ڪيترن هنڌن تي ڏسان ٿو ۽ مسٽر واڌومل مولچند رٽائرڊ ماستر جو، جنهن مسؤدو ۽ پروف گهڻي تڪليف وٺي باريڪ نظر مان ڪڍيا آهن. تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪي چوڪون هِت هُتِ رهجي ويئون هجن ته انهن لاءِ پڙهندڙ کميا ڪندا ۽ مهرباني ڪري ڪچه ڇڏي سچ مان سکيا پرائڻ جي ڪوشش ڪندا.

پروفيسر شيوا رام ڦيرواڻي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org